ٽوڪيو تنھنجا ٽيٽيھه رنگ
ٽوڪيو بندرگاهه تي قدرت ايڏي مھربان آهي، جو اهو بندرگاهه اصل خليج اندر خليج ۾ آهي. خليج ٽوڪيو کان اڳ هڪ ٻيو خليج ساگامي (Sagami Bay) ۾ گهڙڻو پوي ٿو. بھرحال ٽوڪيو شھر آباد ڪرڻ مھل ڪنھن ان اهميت کي نظر ۾ رکي ٽوڪيو ۾ ڳوٺ نه ٻڌو هو. اهو ته بعد ۾ جيئن ئي ٽوڪيو جي آدمشماري، اهميت ۽ شان شوڪت وڌندو ويو ته جپانين کي ٽوڪيو جي بچاءَ لاءِ گهڻي محنت نه ڪرڻي پيئي. ائين نه هو ته ڪو گرو گنجو بندرگاهه ۾ ڪاهي اچي. بندرگاهه جي چوڌاري ڌرتيءَ جي آڏ هجڻ ڪري هن خليج ۾ گهڙڻ واري هر جھاز تي، خليج جي منھن وٽ ئي نظر رکي وئي ٿي ۽ ساڳي وقت پنھنجن جھازن خليج جي بندرگاهن ۾ طوفاني راتين ۾ به سڪون سان سفر پئي ڪيو. جپانين هونءَ ئي ڪنھن ڌارئين کي پنھنجي ڌرتيءَ تي قدم نٿي رکڻ ڏنو. يورپ ۽ اسان جي پاسي جي ايشيا جي ڪنھن ملڪ جي ته همٿ نٿي ٿي پر اوسي پاسي جي ملڪن چين ۽ ڪوريا جو به ڪو پھلوان جپان ۾ نٿي پھچي سگهيو. تن ڏينھن ۾ هوائي جھاز ته ايجاد نه ٿيا هئا، پاڻيءَ جا جھاز هئا پر اهي به چَپُن ۽ سڙهن تي هلندا هئا. ڪو چيني يا پاڙي جو ڪورين ڀلجي هتي ’ٽوڪيو بي‘ وٽ يا جپان جي ڪنھن ٻئي بندرگاهه وٽ اچي نڪرندو هو ته جپانين جا موچڙا کائي موٽندو هو. يورپ وارن توڙي آمريڪا وارن جپانين کي سندن ملڪ ۾ اچڻ ۽ واپار وڙي شروع ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪيون پر جپاني سڀني کي آڱوٺو ڏيکاريندا رهيا. ڏاڍا مڙس جو ٿيا_ ۽ سندن پنھنجي پاڻ ۾ ٻڌي به هئي.
۽ پوءِ اتي ڪَل جا آگبوٽ (ٻاڦ وارا جھاز) ايجاد ٿيا پر فقط آمريڪا ۾. اڃا ٻين کي ته ڪا خبر ئي نه هئي جپاني جيڪي کوهه جا ڏيڏر ٿيو ويٺا هئا، انهن جي ته خواب خيال ۾ به نه هو. آمريڪا کان ڪموڊور پيري اهڙي هڪ ڪل واري جھاز ۾ جپان تائين نه رڳو ڪھي آيو پر بنا ڪنھن موڪل جي ٽوڪيو بي ۾ گهڙي پيو ۽ اچي ٽوڪيو جي بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائين. جپاني انجڻ واري جهاز ۽ جهاز جي هلڻ جا هي آواز، هي رفتار ۽ رعب تاب ڏسي حيرتزده ٿي آمريڪن جي هر ڳالهه مڃڻ لڳا (اها ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ آمريڪن کان جھاز سازيءَ جو هنر سکي هنن کان به ٻه رتيون اڳيان نڪري ويا.)
اوائلي دؤر ۾ ٽوڪيو شھر ۾ رهائش لاءِ جڏهن ماڻهو آيا ٿي ته اهو سنگاپور ۽ پينانگ وانگر مھاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. ٻي ڳالهه ته ان وقت سندس نالو ٽوڪيو نه هو. اهو ته پوءِ رکيو ويو. شروع شروع ۾ هي ڳوٺ جيڪو پوءِ هلي شھر ٿيو Edoنالي هو.
تاريخي رڪارڊ موجب 1180ع جي ڳالهه آهي (يعني محمود غزنوي سومناٿ مندر فتح ڪري، ان کان به ڏيڍ سؤ سال پوءِ ۽ Exactly انهن سالن ۾ جڏهن صلاح الدين ايوبي فاطمي خلافت جو اختتام آڻي شام ۽ مصر ۾ ايوبيه گهراڻو قائم ڪري)، مناموتو نالي پھرين ڪاماڪورا جي شوگن، ٽوڪيو جي علائقي اساڪوسا واري مندر جي چوڌري نوي ايڪڙ زمين حاصل ڪئي. هي اڄ جي وچ ٽوڪيو وارو علائقو آهي، جنھن جي مندر بابت پھرين لکي چڪو آهيان. ان کان پوءِ هن گمنام ڳوٺڙي بابت اڍائي صدين تائين ڪو خاص احوال تاريخ ۾ نه آهي. هتي جي سامونڊي ڪناري تي مھاڻا رهيا ٿي جن پنھنجو گذر سفر مڇيءَ تي ڪيو ٿي. هي ڳوٺ (يعني اڄ وارو ٽوڪيو) جيڪو ”ايڊو“ جي نالي سان سڏيو ويو ٿي، معنيٰ درياهه جو ڇوڙ. دراصل هن ’ٽوڪيو بي‘ ۾ ڪيتريون ئي چڱيون موچاريون نديون اچيو ٿيون ڇوڙ ڪن، جن مان ڪجهه نالي چڱيون هي آهن:
توني، ناڪامو آرا، تاما (جنھن مان مليل لڌڙو تاماچان اڄڪلهه جو عام چرچو آهي ۽ جنھن جو احوال ٻئي ڪنھن باب ۾ ڪيو ويو آهي)، ساگامي وغيره.
ٽوڪيو جي هن اصلي شھر Edoجو هڪ واقعو 1456ع جو آهي جڏهن هتي ايڊو جو قلعو (Edo Castle)ان هنڌ تي ٺاهيو ويو جتي اڄ شھنشاھي محل آهي. اهو ”اوتا ڊوڪو ان“ نالي همراهه ٺھرايو. اوتا ٽيھن سالن بعد قتل ٿي ويو ۽ ايڊو جيڪو مشھور ٿي ويو هو، اهو وري خاموشين ڏي هليو ويو.
ٻين شھرن جي مقابلي ۾ ايڊو ۾ يڪي ڏيڍ صدي ماٺ ۽ ڌيرج وارو واڌارو رهيو. ٻين شھرن مان منھنجو مطلب ڪيوٽو شھر آهي، جيڪو ان وقت جپان جي گاديءَ جو هنڌ هو. ان وقت ڪيوٽو بلي بلي شھرهو جن ڏينھن جا مندر، درگاهون، خانقاه ۽ اوتارا اڄ به ان وقت جي شان جي شاهدي ڏين ٿا.
سترهين صديءَ جي شروع ٿيڻ تي اهو ايڊو شھر آهستي آهستي وڌڻ لڳو. سمجهو ته هي اهي ڏينھن هئا، جڏهن هندستان ۾ مغل بادشاهه اڪبر جي وفات ٿي ۽ جھانگير تخت تي ويٺو. يعني حساب لڳايو ته جڏهن ننڍي کنڊ جا شھر ان وقت جا پئرس ۽ روم هئا ته هي اڄ وارو ٽوڪيو چوهڙ جمالي ۽ ڌڱاڻو بوزدار هو.
1868ع ۾ ايڊو جو نالو بدلائي ٽوڪيو رکيو ويو. ٽوڪيو لفظ جي معنيٰ آهي اوڀر وارو علائقو_ گاديءَ وارو هنڌ. يعني هي ڳالهه ننڍي کنڊ ۾ 1857ع واري بلوي کان ڏهه سال پوءِ جي آهي. ايڊو جيڪو هاڻي ٽوڪيو هو، اوڻھين صديءَ جي آخر ۾ تمام جلدي جلدي وڌيو ويجهيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٽوڪيو جي آدمشماري پنج لکن مان ويھه لک ٿي وئي، يعني لنڊن بعد ٽوڪيو ٻئي نمبر تي دنيا جو وڏو شھر ٿي ويو.
ٽوڪيو جي آدمشماري رڳو وڌندي ئي نه رهي، سڄي جپان سان گڏ ٽوڪيو ۾ به مصيبتون اينديون رهيون. هونءِ به جپان جي حصي ۾ قدرت طرفان طوفان، زلزلا، ڦاٽندڙ جبل، باهيون ڪجهه وڌيڪ مليون آهن.
1885ع _ سڄي علائقي ۾ وڏو زلزلو آيو.
1889ع_ هڪ ٻيو وڏو زلزلو، جنھن ۾ پڻ هزارين ماڻهو مري ويا.
1917ع _ سخت قسم جو ٽائيفون (سامونڊي طوفان)، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ته مري به ويا.
1923ع_ تمام وڏو زلزلو جنھن جو مرڪز يوڪوهاما هو. هن زلزلي لاءِ چون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک جانيون ختم ٿي ويون.
بھرحال پراڻيون ڳالهيون ڇڏي اچون اڄ جي ٽوڪيو تي_ دنيا جي سڀ کان گهڻي آدمشماريءَ وارو شھر جنھن جو پٽ سڀ کان مھانگي ۾ مھانگو وڪامي ٿو. دنيا جو ماڊرن ۽ سھڻو شھر_ ڪٿي ڪٿي صاف کڻي نه هجي پر سھڻو ضرور آهي. سالن جا سال هن شھر جي گهٽين ۾ ڦرڻ بعد به لڳي ٿو ته اڃا ڪيتريون ئي ڪھاڻيون اڌوريون رهيل آهن، اڃا ڪئين گهٽيون گهميل نه آهن، اڃا ڪئين ماڻهن سان ملاقاتون ۽ نئين ۽ جهونين عمارتن جو ديدار رهيل آهي.
ٽوڪيو ڪو اهڙو شھر ناهي جنھن لاءِ ڪو کيسي مان خرچ ڪري گهمڻ لاءِ اچي. هن ڏورانھين ۽ مھانگي ملڪ جي، مھانگي ترين شھر ۾ ائين اچڻ وارو وڏو بيوقوف ئي هوندو ۽ هو گهمڻ لاءِ اچي اچي به ڪيترن ڏينھن لاءِ رهي سگهي ٿو. جپاني زبان کان غير واقف هن ملڪ جو فقط مٿاڇرو ئي View وٺي سگهي ٿو. باقي جپان ۾ تعليم لاءِ ايندڙ هزارين وطني شاگردن ۽ هتي نوڪريون ۽ بزنيس ڪرڻ وارن لاءِ جپان ۾ جيترو معلومات ۽ ڏسڻ وائسڻ جو موقعو آهي، اوترو ڪنھن به ملڪ ۾ نه آهي، ڪنھن ۾ به نه! هتي جو ڪلچر، رسم و رواج، پراڻيون ريتون ۽ نيون ڳالهيون، شاندار عمارتون ۽ مانوارا ماڻهو ۽ انهن جون دوستيون، هتي جو ادب ۽ هتي جي شاعري، هتي جي اٿڻي ويھڻي ۽ وڏن لاءِ عزت، مونو ريل ۽ بليٽ ٽرين جي دنيا ۾ هڪ پوڙهي گوتم ٻڌ جي مورتي اڳيان اگربتي ٻاري رهي آهي، روبوٽن ۽ ڪمپيوٽرن جي دنيا ۾ هڪ ناري جوتشيءَ کي هٿ ڏيکاري رهي آهي، سومو ۽ جوڊي ڪراٽي جي دنيا، اڪيبانا ۽ اوريگامي جي دنيا، پاچنڪو، اونسين ۽ ٻرندڙ جبلن جي هن دنيا کي پسڻ لاءِ جنھن کي جيترو به وقت آهي، اهو گهٽ آهي.
اساڪسا، شيبويا (Shibuya) ۽ شنجوڪو ٽوڪيو جا مرڪزي علائقا آهن، جن لاءِ آمريڪن ڊائون ٽائون جو لفظ استعمال ڪن ٿا ۽ مزي جي ڳالهه ته جپاني به اهو ئي لفظ Shitamachi استعمال ڪن ٿا. شيتا معنيٰ هيٺ (Down) ۽ ماچي معنيٰ شھر! ٽوڪيو جو مغرب جي حساب سان صحيح معنيٰ ۾ ڊائون ٽائون گنزا هجڻ کپي پر اسان ڌاريان گنزا کي وري Up-town سڏيون ٿا.
اساڪسا ۽ ائينو علائقن لاءِ ٻئي هنڌ لکي چڪو آهيان، جتي جا مندر، چڙياگهر (Ueno Zoo)، ميوزيم اڄ کان ٽيھاررو سال اڳ پھريون دفعو ڏٺا هئم. ٽوڪيو ۾ رهندڙ هم وطني دوستن ۽ سڃاڻن کي هيڏانھن هوڏانھنوقت وڃائڻ بدران، اهي ڏسڻ لاءِ چوندو آهيان.
ائينو جي اسٽيشن کان سڏ پنڌ تي ٽوڪيو يونيورسٽي آهي، جنھن جي ڀر واري گهٽي هونگو سان چومي (Hongo 3- Chome) لاءِ چون ٿا ته ٽوڪيو جي پراڻي نالي ايڊو جو حصو آهي. ٽوڪيو جي هيءَ يونيورسٽي يورپ جي هيڊل برگ يا ايڊنبرو جھڙي ناهي جتي ملڪ جا شھزادا ۽ شاهي خاندان جا ٻار نظر اچن. جپان جي شھنشاهي خاندان جا ٻار ميجيرو جي Gakushuin ۾ پڙهڻ لاءِ وڃن ٿا. بھرحال ملڪ جا ڪيترائي ناميارا سياستدان ۽ ڪجهه سابق وزيراعظم تودائي جا شاگرد رهيا آهن. ٽوڪيو يونيورسٽيءَ لاءِ شارٽ فارم تودائي استعمال ٿئي ٿو. هيءَ يونيورسٽي Meiji Restoration جي ڏينھن ۾ ٺھي هئي. تن ڏينھن ۾ اها ”ٽوڪيو امپيريل يونيورسٽي“ سڏبي هئي.
ٽوڪيو جي ڪنھن علائقي کي ان جي دل چئجي ته اهو گنزا آهي جتي هن ملڪ جي هر وڏي ڊپارٽمينٽ اسٽور ۽ سپر مارڪيٽ جي برانچ آهي، جتي دنيا جا سڀ کان وڏا فئشن وارا دڪان آهن ۽ سڀ کان مھانگيون هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون آهن جيڪي ڏسڻ، گهمڻ ۽ جن جي لابي ۾ ويھڻ مفت آهي ۽ اسان به گنزا هميشه ائين ڪندا رهيا آهيون. وڌ ۾ وڌ مئڪڊونالڊ جو ملڪ شيڪ پي پنھنجي جھاز تي يا ٽوڪيو ۾ رهائش وارن ڏينھن ۾ پنھنجي شپ يارڊ واري هوٽل ۾ ماني کائي خوش ٿي سمهي رهندا هئاسين. گنزا جون هي شيون وڏن وڏن خرچائو پٽن ۽ هالي ووڊ جي فلمي ائڪٽرن جي ٽڪر جي ماڻهن لاءِ آهن.
گنزا جي ڀر ۾ ئي ’مارونو اُچي‘ علائقو آهي، جيڪو نيويارڪ جي وال اسٽريٽ يا ڪراچي جي ميڪلوڊ روڊ (چندريگر روڊ) سمجهو ۽ اتي ئي ٽوڪيو جو شھنشاھي محل آهي. هن محل ۾ 2 جنوري ۽ 23 اپريل تي اندر وڃي سگهجي ٿو جيڪي نئين سال ۽ شھنشاهه جي جنم جي ڏينھن جون تاريخون آهن.
ٽوڪيو جو شنجوڪو وارو علائقو وڏين عمارتن وارو نئون ۽ خوبصورت علائقو آهي، جيئن ڪراچيءَ جو ڪلفٽن. روپونگي وارو علائقو راندين جي ميدان کان مشھور آهي ۽ ٽي وي ۽ فلمي دنيا کان پڻ. هتي ڪيترائي ڳائڻ وڄائڻ جا ڊسڪو هال، بار ۽ هر قسم جون ريسٽورنٽون پڻ آهن، جن ۾ شاگردن کان وٺي ڪروڙ پتي ماڻهو پنھنجي حيثيت آهر نظر اچن ٿا. يعني روپونگي امير توڙي غريب ماڻهن جو علائقو آهي.
روپونگي (Roppongi) شھر ۾ هلندڙ ”هيبايا ريل ڪمپنيءَ“ جي گاڏي اچي ٿي. هي سڀ گاڏيون گهڻو ڪري زمين دوز (Subway) آهن. يعني زمين جي هيٺان ٺھيل سرنگن مان هلن ٿيون ۽ ريلوي اسٽيشنون به زمين هيٺ آهن. ڪٿان ڪٿان اهي زمين تي به هلن ٿيون ته زمين مٿان پلين ۽ ٿنڀن تي ٺھيل پٽن (Rails) تان به لنگهن ٿيون. Roppongi جپاني لفظ جي معنيٰ آهي ’ڇھه وڻ‘. خبر ناهي هن علائقي جو اهو نالو ڪيئن پيو! شايد ان وقت هتي جي ڪنھن گهٽيءَ ۾ ڇھه وڻ هجن، پر گهڻي مشھور اها ڳالهه آهي ته اهو نالو هتي جي ڇھه طاقتور ساموري گهراڻن تان پيو، جن جون هن علائقي ۾ ڪيتريون ئي جايون جڳھيون هيون. اهي گهراڻا هي چيا وڃن ٿا: ائي سوگي، ڪوتسوڪي، تاڪاگي، آئوڪي، ڪاٽاگيري ۽ اچيريو_ هنن سڀني جي نالن ۾ وڻ جي ڪانجي اچي ٿي. ڪانجي ٽن جپاني لکڻين مان هڪ آهي، جنھن ۾ شين جا نالا اچارن ۾ نه (جيئن اسان اڙدو، سنڌي، انگريزي يا عربي ۾ لکون ٿا) پر شڪلين ذريعي لکيا وڃن ٿا. پوءِ مٿين ڇھن ذاتين مان ڪنھن نالي ۾ ٻه شڪليون ته ڪنھن ۾ ٽي شڪليون آهن، پر انهن مان هرهڪ ۾ هڪ شڪل اهڙي به اچي ٿي جيڪا اڪيلي ٺاهي ڪنھن جپانيءَ کان پڇ ته هيءَ ڇا آهي ته هو چوندو ته تو ’وڻ‘ لکيو آهي. جيئن ڪنھن جي ”ياماگچي“ ذات لکڻ لاءِ ٻه شڪليون ٺاهيون وڃن ٿيون. هڪ جبل جي ۽ ٻي وات جي. ٻئي شڪليون گڏ ٺاهڻ سان يعني هڪ ٻئي جي ويجهو ٺاهڻ سان ڪو به جپاني ان کي ’ياماگچي‘ پڙهندو. ان شڪلين واري لکڻِيءَ کي ڪانجي يا (کانجي) سڏجي ٿو جيڪا ٽن چئن ڪلاسن بعد ٻارن کي سيکاري وڃي ٿي. بلڪ هيئن چئجي ته ٻارن کان ٿوريون ٿوريون ڪري شڪليون ٺاهڻ جي پرئڪٽس ڪرائي وڃي ٿي. نه ته شروع وارا سال هو هراگانا ۽ ڪاٽا ڪانا ۾ لکن ٿا_ جيڪي جپاني لکڻيون دنيا جي ٻين ملڪن جي لکڻين سان ڪافي ملن ٿيون جو اهي اچارن واريون آهن.
ٽوڪيو جو هڪ علائقو آهي اوچانو مِيزو (Ochanomizu) ! هتي 1884ع ۾ روس جي عيسائين جي هڪ ڪليسا گهر (چرچ) ٺھرايو هو جنھن جو بصر جي ڳنڍ جھڙو گنبذ پري کان پڌرو آهي. هن علائقي جو به هي لالوکيت ۽ شانتي نگر وانگر عجيب نالو آهي جتي هينئر نه ڪو کيت (باغ بستان) آهي ۽ نه شانت (خاموشي). اوچانو ميزو در اصل ٽي لفظ آهن، اوچا (چانھه)، نو (جو) ميزو (پاڻي)، يعني چانھن جو پاڻي! پر هتي جو پاڻي ته چانھه ٺاهڻ جھڙو ناهي. چون ٿا ته پراڻي زماني ۾ شوگنن (Shoguns) جي محلات ۾ ٿيندڙ چانھه جي دعوت لاءِ پاڻي هن علائقي مان ڇڪيو ويندو هو. اوچانو ميزو هڪ اهڙو علائقو ناهي جنھن کي ڏسڻ لاءِ توهان گنزا، اساڪسا، ناڪانو يا شنجوڪو کان هلي اچو. بس جيڪڏهن ڀرپاسي ۾ رهو ٿا ته هي Nikolaido (روسي چرچ) ڏسي سگهو ٿا. هن علائقي ۾ ڪيترا ننڍا ننڍا ڪافي شاپ آهن جن ۾ ۽ جن جي ٻاهران توهان کي ميئجي، هوسيئي ۽ ٻين ڀرپاسي وارين يونيورسٽين جا جپاني شاگرد نظر ايندا، جيڪي پنھنجي انگريزي ۽ فرينچ سڌارڻ لاءِ توهان سان زوري زوريءَ پيا ڳالهائيندا ۽ مٿو هڻندا.
اوچانو ميزو (Ocha No Mizu) ريلوي اسٽيشن جي ويجهو Kanda Jinjaنالي ٽوڪيو جي بھترين درگاهن (Shrine) مان هڪ آهي، جيڪا هتي جي باغي جرنيل Tairo no Masakado (تائيرو جي مساڪادو) لاءِ وقف آهي. (جپاني لفظ No جي معنيٰ ’نه‘ ناهي پر ’جو‘ يا ’جي‘ آهي.) پاڻ 947ع ۾ وفات ڪيائين. هو هتي جي عوام جي حقن لاءِ شھنشاهي سپاهين سان ويڙهاند ڪندو رهيو ۽ هتي جي ماڻهن لاءِ انگريزيءَ جو مشھور ڪردار رابن هڊ هو. هو هڪ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو ۽ سندس سر ڪيوٽو (تن ڏينھن جي گاديءَ جو هنڌ) درٻار ۾ پھچايو ويو. ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو سر ڪيوٽو مان پنھنجي طاقت تي اڏامي واپس پنھنجي مڙهه سان اچي مليو. مساڪادو جي نالي سان هن مندر ۾ هڪ ڊرم وڄائڻ واري بئنڊ پڻ آهي، جيڪا مساڪادو دائيڪو سڏجي ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته هن بئنڊ ۾ سڀ عورتون آهن ۽ هنن ٻه ٽي رڪارڊ به ڀريا آهن جن جو چڱو وڪرو ٿيو آهي.
گنزا بعد جپان جو ڪو علائقو هلي ملي ڏسڻوآهي ته، منھنجي نظرن ۾ اهو اڪي هابارا (Akihabara) آهي جيڪو اسان ڌارين لاءِ ائين آهي جيئن پاڪستان جي ڳوٺاڻن لاءِ ڪراچيءَ جو صدر، بلڪ صدر جو به ڪو آپريٽو مارڪيٽ وارو حصو، جتان اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ جو سامان ملي ٿو. اڪيھابارا (يا ڪي هن کي اخيھابارا به چون ٿا) ۾ ڇا ٽي وي، وڊيو، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ جي سامان جا دڪان آهن! سوين نه پر هزارين آهن ۽ ڪي وڏا ته ڪي ڀت ۾ جھڙا ڳڙکا ٿيا پيا آهن. ڪن دڪانن ۾ اليڪٽرانڪ جي هر شيءِ مليٿي ته ڪي فقط ٽرانسفارمر، اسٽيبلائيزر، ميٽر... وغيره جھڙي ڪنھن هڪ شيءِ جو وڪرو ڪن ٿا. دنيا جي مختلف ملڪن، رنگن ۽ زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهن توڙي مڪاني جپاني خريدارن جا هتي انبوهه نظر ايندا. دڪانن ٻاهران ۽ اندر جڳ مڳ ڪندر اشتھاري بتيون ۽ پوسٽرن سان گڏ ٽي وي ۽ وڊيو گيمن مان نڪرندڙ آواز ۽ ڪڙڪا هوندا. چاهي توهان کي اليڪٽرڪ يا اليڪٽرانڪ جو ڪو سامان وٺڻو هجي يا نه پر ”اڪيھابارا“ جو هڪ دفعو چڪر ڏيڻ لاءِ آئون ضرور صلاح ڏيندس. اڪيھا بارا وڃڻ لاءِ توهان Akihabara جي ريلوي اسٽيشن تي لھي سگهو ٿا.
ٽوڪيو جو هڪ ٻيو علائقو آهي ايڪي بُوڪُورو!(Ikebukuro).. توهان جي ٽوڪيو ۾ رهو ٿا ۽ يامانوتي ريل ۾ سفر ڪريو ٿا ته پوءِ توهان جو هن علائقي مان ضرور گذر ٿيندو هوندو، جيڪو سٺ ماڙ سن شائين بلڊنگ ۽ ايشيا جي ٻين وڏين عمارتن کان مشھور آهي، جيڪي ضرور توهان جو ڌيان ڇڪائينديون. ايڪي بوڪورو جو اسٽاپ شنجوڪو کان ٻن ٽن اسٽاپن بعد آهي. هي علائقو ٿيٽرن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن کان به مشھور آهي. دنيا جو وڏي ۾ وڏو اسٽور Ikebukuro-Seibu پڻ هتي آهي.
مٿين سٺ ماڙ ’سن شائين‘ عمارت هتي جي سوگامو جبل (جيڪو پھرين ٽوڪيو جبل به سڏيو ويو) واري سائيٽ تي آهي جتي ٻي وڏي لڙائيءَ بعد آمريڪن فوجين توڙي ’توجو هيڊيڪي‘ ۽ ٻين جپاني جنگي ڏوهارين جو ڪورٽ مارشل ڪيو ۽ کين هتي ئي ڦاهي ڏني ويئي.
هميشه وانگر آئون پنھنجن دوستن کي آفيس مان موٽڻ وقت مون سان ملڻ لاءِ شيبويا ريلوي اسٽيشن جو چوان ٿو. پر ٽوڪيو جي هن خوبصورت علائقي شيبويا (Shibuya) ، جتي ڪنھن زماني ۾ (اڄ کان 28_29 سال کن اڳ، 1970 واري ڏهاڪي ۾) اسان جو پيارو دوست ۽ پاڪستاني ايمبيسيءَ جو ٿرڊ سيڪريٽري (۽ هاڻي سفير صاحب) ظفر شيخ رهيو ٿي. ان جي ريلوي اسٽيشن Shibuya تي ڪھڙي هنڌ بيھي انتظار ڪجي؟
”هاچيڪو (Hachiko)وٽ“
هاچيڪو هڪ ميٽنگ جي جاءِ آهي، جتي مون جھڙا ڪيترائي پنھنجن دوستن ۽ عزيزن سان ملڻ لاءِ اچي انتظار ڪن ٿا. ٽوڪيو جي پيھه پيھان واري شھر ۾ ملڻ لاءِ ڪو هنڌ مقرر ڪرڻ به مٿي جو سور آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ٽوڪيو جي هن علائقي ۾ نه. اتي هاچيڪو وٽ ئي هر هڪ اچيو انتظار ڪري.
هاچيڪو ڇا آهي؟ هاچيڪو هڪ وفادار ڪتي جو براس جو Statue (مجسمو) آهي جيڪو شيبويا اسٽيشن وٽ کتل آهي. هي ڪتو هڪ تودائي (ٽوڪيو يونيورسٽي) جي پروفيسر جو هو. پروفيسر صاحب يونيورسٽيءَ کان موٽندو هو ته هاچيڪو نالي، هن جو وفادار ڪتو پنھنجي مالڪ جي انتظار ۾ شيبويا جي ريلوي اسٽيشن تي اچي بيھندو هو. هڪ ڏينھن پروفيسر صاحب کي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر دوران هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ مري ويو. هو ان ڏينھن ريلوي اسٽيشن تي نه پھتو. ڪتو مايوس ٿي موٽي ويو پر چون ٿا ته هو پنھنجي مالڪ لاءِ روز ان وقت هن ريلوي (Shibuya) تي ايندو رهيو. ڪي مھينن لاءِ چون ٿا ۽ ڪي ته ست سالن لاءِ چون ٿا (بھرحال يقين نٿو اچي. ڪھاڻي ٺاهڻ وارا به ته وڏا فنڪار ٿين ٿا.) هاچيڪو جي وفاداري هتي جي ماڻهن لاءِ Legend (روايت) ٿي وئي. جڏهن هي ڪتو پاڻ 1935ع ۾ مئو ته ماڻهن چندا گڏ ڪري هن ڪتي هاچيڪو جي ياد ۾ Bronze جو Statue ٺھرائي هتي لڳرايو.
هن علائقي شيبويا جي آئويا اسپتال، آئوياما گائو ڪوئن يونيورسٽيءَ ۾ آئوياما بوچي (ٽوڪيو جو پراڻو قبرستان)هن علائقي جون اهم شيون آهن.
بھرحال ٽوڪيو جو شھر فقط خوبصورت ٿيٽرن ۽ هوٽلن، ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۽ ڊسڪو ڪلبن کان مشھور ناهي. ٽوڪيو مندرن ۽ مسجدن کان به مشھور آهي، جن جو احوال ڪنھن ٻئي هنڌ ڪيو اٿم. اهڙين ڪجهه جاين ۾ ٿيندڙ عبادت جا وقت ۽ ائڊريسون هتي جي اخبارن ۾ هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا ايندا رهن ٿا.