ڪوڪورا ۽ موجي کان شمونو سيڪي
ڪراچي يا واٽ تان ڪولمبو، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) يا ڪنھن ٻئي بندرگاهه مان موجيءَ لاءِ کنيل سامان، آخر ۾ موجيءَ ۾ لاهي جھاز کي خالي ڪري، پوءِ ورندڙ سفر لاءِ شمونوسيڪي ويندا هئاسين، جتي جھاز جي مرمت جا وڏا ڪارخانا (شپ يارڊ) آهن. اتي جھاز جي ضرورت مطابق مرمت ڪرائيندا هئاسين، يعني اها Repair جيڪا پوءِ سمنڊ تي ٿي نه سگهي يا مشين جا اهي حصا بدلرائيندا هئاسين، جن ۾ خطرو هوندو هو ته متان وڏي سفر تي ٽٽي پون ۽ ڪنھن وڏي حادثي جو سبب بڻجن.
شمونوسيڪيءَ جي بندرگاهه ۾ هفتو ڏيڍ مرمت مطابق ترسي پوءِ پنھنجي وطن ورڻ لاءِ جپان کي ڇڏڻ کان اڳ جپان جي ڪجهه بندرگاهن، ڪوبي، نگويا، ساسيبو، ٽوڪيو، يوڪوهاما وغيره مان ڪراچي لاءِ ۽ ڪڏهن ته واٽ جي بندرگاهن: هانگ ڪانگ، چين، سنگاپور وغيره لاءِ پڻ سامان کڻندا هئاسين. ڪڏهن ته شمونوسيڪي ۾ جھاز جي مرمت بعد سامان کڻڻ لاءِ جپان جي ٻين بندرگاهن ۾ وڃڻ کان اڳ ڏکڻ ڪوريا جي مشھور بندرگاهن: پُوسان ۽ اِنچان مان پھرين سامان کڻندا هئاسين جو ڏکڻ ڪوريا جا اهي بندرگاهه شمونوسيڪي ۽ موجي بندرگاهن کان سڏ پنڌ تي آهن. موجي جيڪڏهن مورو سمجهيو وڃي ته شمونو سيڪي دادو ٿيو ۽ شمونو سيڪي کان ڏکڻ ڪوريا جا مٿيان بندرگاهه پوسان ۽ انچان، سيوهڻ ۽ سَن جيترو پري آهن، باقي شمونوسيڪي کان جپان جا ٻيا بندرگاهه: هيروشيما، اوڪاياما، ڪوبي ۽ اوساڪا، نگويا، شيزوڪا، يوڪوهاما ۽ ٽوڪيو، سيندائي، هاچي نوحي ۽ هڪوداتي وغيره ائين آهن جيئن دادوءَ کان لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ اڃا به مٿي بھاولپور ۽ ملتان وغيره آهن.
جپان جو سڀ کان وڏو ٻيٽ ’هونشو‘ جتي ختم ٿئي ٿو، اتي جپان جو ٽيون نمبر وڏو ٻيٽ ڪيوشو جو اتراهون حصو آهي. شمونوسيڪي هونشو ٻيٽ جو بندرگاهه آهي ۽ موجي ڪيوشو ٻيٽ جو. شروع ۾ بليٽ ٽرين وغيره فقط هونشو ٻيٽ تائين هئي. ماڻهو فيرين (پاڻيءَ جي ننڍن جھازن) ۾ سمنڊ جو هي درياهه جھڙو حصو ٽپي، هن ڪيوشو ٻيٽ تي ايندا هئا. اسان جو جھاز به موجي ۾ هوندو هو ته شمونوسيڪي فيريءَ يا ڪنھن ٻيڙيءَ ذريعي ويندا هئاسين يا شمونوسيڪي ۾ جھاز هوندو هو ته موجي به ايئن ايندا هئاسين. ٻنهي پاسي جھاز ويندو هو سو ٻنهي پاسي دوستيون ياريون ۽ سڃاڻپ هوندي هئي. پنھنجي ذاتي يا گهر جي خريداريءَ لاءِ پڻ ڪاشيءِ موجي بندرگاهه جي مارڪيٽن مان وٺندا هئاسين ته ڪا شيءِ شمونوسيڪيءَ جي جي شاپنگ سينٽرن مان. پر هاڻ حڪومت طرفان ڪانمون (Kan-Mon) پل ٺھڻ ڪري ڪنھن وقت به بس، ٽئڪسي يا ٽرين ذريعي پل ٽپي ٻئي شھر ۾ وڃي سگهجي ٿو. ٻنهي شھرن جي وچ ۾ سمنڊ جي سوڙهي پٽي (ڳچي سمنڊ)هجڻ ڪري هيءَ پل ڄامشوري واري پل جيڏي ٿيندي پر ڪراچي ايندڙ جھاز مٿي روهڙي ملتان نٿا وڃن جو ڄامشورو جي پل هيٺين (زميني) ليول تي آهي جنھن جي هيٺان فقط پاڻي ۽ ننڍيون ٻيڙيون لنگهي سگهن ٿيون پر هيءَ ”ڪان مون“ پل جيڪا شمونو سيڪيءَ ۾ موجي بندرگاهه کي ڳنڍي ٿي آرچ (ڪمان) وانگر تمام مٿاهين آهي جو ٻنهي پاسي ٿورو اڳيان هلي سمنڊ تمام ويڪرو ۽ اونهو ٿيو وڃي ۽ هن جي هيٺان هر قسم ۽ سائيز جا جھاز لنگهي سگهن ٿا.
اسان صبح جو نيرن ڪري گهمڻ لاءِ نڪتاسين. نيرن ۾ نتسومي وارن گهڻو ئي ڪجهه رکيو پر چانھه نه هئي. هنن جي حساب سان ته هنن بھترين نيرن سجائي رکي هئي، پر سڀ ڪجهه جپاني اسٽائيل جو هو. ڪاش رڳو فراءِ يا آمليٽ بيضي سان گڏ ٻه ٽي ڊبل روٽيءَ جون سلائيس رکي ها ته پاڻ به وڏي خرچ کان بچي وڃي ها ۽ اسان به کائي خوش ٿيون ها. گذريل ڏينھن کان چانھه جو ته نالو ئي نه هو. بھرحال ميزبان جو پئسو سجايو ڪرڻ ۽ منجهند تائين بک مرڻ کان بچڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه کائڻو پيو. ڳاڙهي رنگ جي مڇي (Sakana) هئي، جيڪا هتي ساڪي ٿي سڏجي. هتي جي چانورن مان ٺھيل شراب پڻ ساڪي سڏجي ٿو. يعني ڪيترن ئي جپاني لفظن وانگر هنن جا اُچار ساڳيا آهن پر ڪانجيون (شڪل واريون لکڻيون) مختلف آهن. ٻيو صبح ساڻ گوهان (ڀت) کائڻ اسان مڊل ايسٽ ۽ اولھه ايشيا (ايران، پاڪستان) وارن لاءِ ڪيڏو عجيب آهي! جيتوڻيڪ بنگلاديش، برما کان وٺي ڪمبوڊيا، ويٽنام ۽ هانگ ڪانگ، ڪوريا تائين نيرن تي ڀت ۽ مڇي عام ڳالهه آهي.
نيرن ۾ ان کان علاوه تماگو (بيضو)، توفو (پنير جھڙي شيءِ جيڪا سويابين مان ٺھي ٿي)، ڪابيتسو (سلاد جا پن) هئا. جپاني نيرن تي چانھه يا ڪافي بدران مِيسو شيرو (ڳڙ ۽ ٻين شين مان ٺھيل سُوپ) پيئن ۽ هن ۾ ڪَدو (Pumpkin) جا ٽڪر به پيل هئا. ڪدو جپان ۾ اوچي ۽ مان واري ڀاڄي سمجهي وڃي ٿي (۽ تمام مھانگي پڻ). مون کي ته ڀت تي ئي گذارو ڪرڻو پيو.
نتسومي مختلف لڪ ۽ لنگهه، هاءِ وي ۽ ٽنل پار ڪندي موجي شھر کان اچي نڪتي. جپان سڄو جبل آهي. اهو ڪھڙو طرف آهي، اهو ڪھڙو هنڌ آهي، جتي جبل نظر نٿا اچن. هڪ ٻئي جپاني دوست ياماناڪا سان هڪ ڏينھن وڏي سفر تي نڪتس (ان جو احوال ڪٿي ٻئي هنڌ ڪنداسين) صبح کان شام تائين اسان اٽڪل ڇھه سؤ ميل سفر ڪيو. فقط هڪ هنڌ ڪجهه ميل اهڙا آيا جو پٽ لسو ئي لسو هو، جيئن پاڻ وٽ ٿئي. اهو ٽڪرو مون کي به عجيب لڳو ۽ آئون ڪجهه چوان ان کان اڳ ياماناڪا چيو ”مسٽر الطاف، هتي پھچي لڳندو اٿم ڄڻ يورپ ۾ اچي ويو آهيان.“ آئون سندس ڳالهه جو مطلب سمجهي ويس ته يورپ مان هن جو مطلب سئٽزرلئنڊ، ناروي يا سئيڊن جھڙو جابلو ملڪ نه پر فرانس۽ اسپين (جتي هو گهمڻ لاءِ ويو هو) آهي ۽ اتي جي جن شھرن ۾ رهي آيو آهي اتي جا چراگاهه ۽ لسا پٽ هن کي ياد ٿا اچن. بھرحال ڪن رستن تان مفت ۾ ته ڪن رستن ۽ جبلن مان کوٽيل سرنگن مان ٽپڻ لاءِ مقرر ٿيل في (ٽال ٽيڪس) ڏيندا موجي ۾ پھچي وياسين.
ڊچ (هالينڊ جا رهاڪو) سمنڊ ڀرڻ جا هوشيار آهن ته جپاني جبلن مان لنگهڻ لاءِ سرنگهون ٺاهڻ ۾. جپان ۾ اهڙين سرنگهن (Tunnels) جو ڪو ڪاٿو ئي نه آهي. سعودي عرب ۾ به ڪيتريون ئي جابلو سرنگهون جپانين جون ٺھيل آهن. ٻڌو اٿم ته تازو يجهڙائيءَ ۾ جپانين (شايد ڪوهاٽ ۾) هڪ جابلو سرنگاسان کي دوستيءَ ۾ ٺاهي ڏني آهي.
موجي شھر جي وچ مان لنگهندي ڪجهه پراڻا رستا ۽ عمارتون ياد آيون. هانسن دوري اوينيو، تائشيو اوينيو، ”موجي“ جي ريلوي اسٽيشن، جيڪا 1914ع جي ٺھيل آهي. O.S.Kشپنگ ڪمپنيءَ جي عمارت، جيڪا ڪنھن زماني ۾ جھاز ۾ سفر ڪرڻ وارن مسافرن لاءِ انتظار گاهه لاءِ استعمال ٿيندي هئي ۽ ڪسٽم هائوس طور پڻ استعمال ٿي. اسان ياماشيرويا نالي هڪ ڊپارٽمينٽ اسٽور وٽ گاڏي بيھاري ڪجهه کائڻ لاءِ شيون ورتيون ۽ پوءِ جيئن ’ڪان مون‘ پل اُڪرياسين ته ٻئي طرف شمونوسيڪي هو.
”پھرين ڪٿي هلون؟“ اسان جي ميزبان نتسوميءَ پڇيو.
”پھرين هيڏانھن کاٻي پاسي هل ته هتي جو بندرگاهه وارو علائقو ڏسون، جتي بيھي سمنڊ جي هن سوڙهي گهٽيءَ مان لنگهندڙ جھازن کي ۽ پريان موجي جي شھر ۽ بندرگاهه کي ڏسون.“ مون چيو.
”اتي مڇيءَ جي وڏي مارڪيٽ به آهي، اها به توهان کي ڏيکاريان ٿي. اتان مون کي گهر لاءِ مڇي به وٺڻي آهي.“ نتسوميءَ چيو.
سمنڊ جي ڪناري تي ٺھيل هيءَ مڇي مارڪيٽ جيڪا هاڻ ڪجهه سال اڳ ئي نئين ڪئي وئي آهي، ڪافي وقت کان مشھور آهي. اڳ ۾ ڪاٺ جي ڪامن، ٿنڀن ۽ ڪکن جي ڇتين جي ٺھيل هئي. بندرگاهه يا شپ يارڊ مان نڪري شھر ڏي وڃبو هو ته هتان لنگهه ٿيندو هو. صبح هجي يا شام_ مھاڻن ۽ خريدارن جو گوڙ متو پيو هوندو هو. هينئر انهن سان گڏڪاسائين ۽ هوٽل وارن جو به ميڙو متل هو. هونءَ مھاڻا ٻيڙين مان مڇيون لاهي ڊئريڪٽ گراهڪن کي وڪڻي ڏيندا هئا، هاڻ ڪاسائي انهن کان سڄيون مڇيون وٺي انهن کي ڪَٽي صاف ڪري، مختلف Shapes ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري پلاسٽڪ جي ننڍڙن Trays ۾ پئڪ ڪري، گراهڪن کي وڪڻي رهيا هئا. هتي مڇي معنيٰ رڳو پاڻ واري شڪل جو پلو، ڏنڀرو، سرمائي، هيرو، پامفريٽ يا ڪرڙو مڇي نه پر ڪيترن ئي قسمن جي مڇي، جنھن کي اسان جي ملڪ جي سامونڊي ڪنارن تي رهڻ وارن به ڪڏهن کاڌو ته ڇا پر ڏٺو به نه هوندو_اها هتي جپان ۾ عام طرح دڪانن ۽ هوٽلن ۾ وڪامي ٿي. ڪيتريون مڇيو ن ته اسان وٽ عام نه هجڻ ڪري انهن جا سنڌيءَ ۾ ڪھڙا نالا ويھي لکجن. آڪٽوپس (جنھن کي جپاني Takoمڇي سڏين)، اسڪڊ مڇي (Eka) کان گانگٽ ۽ کيکڙن جا ڪيترائي قسم، جن جون شڪليون ئي وڇن ۽ ڪوريئڙن جھڙيون خطرناڪ ٿين ٿيون، هتي عام طرح کاڌيون وڃن ٿيون. ٻيون مڇيون ته ٺھيو پر ’پفر مڇي‘ جنھن کي جپاني فوگو (Fugo) سڏين، جيڪا ايڏي زهريلي ٿئي جو ان مڇيءَ کي ڪٽڻ ۾ ڪاسائي کان ٿوري به غلطي ٿي وڃي ۽ زهر رهجي وڃي ته ان جو هڪڙو ڀور به ماڻهوءَ کي اڦٽ مارڻ لاءِ ڪافي آهي. اها مڇي به هتي جپان ۾ شوق سان کاڌي وڃي ٿي ۽ اها مڇي سڀ ۾ گهڻي مھانگي به ٿئي ٿي. هن مارڪيٽ ۾ ان قسم جون ڪيتريون ئي مڇيون وڪامي رهيون هيون.
هونءَ هن مارڪيٽ واري جاءِ تي اڄ کان ٽيھارو سال کن اڳ تائين ايندو هوس ته هڪ پوڙهي مائي ڪڻڇي رکي ننڍڙا گانگٽ ۽ مڇيون فراءِ ڪري وڪڻندي هئي ۽ اسان جھاز تان لھي واڪ ڪرڻ مھل يا شھر مان موٽڻ مھل هن کان اهي گرم گرم تريل مڇيون وٺي، ڊبل روٽي يا بن ۾ وجهي کائيندا هئاسين. هاڻ ته هن نئين مارڪيٽ ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ريسٽورنٽون ٺھي ويون هيون، جتي گانگٽن ۽ مڇين جا ڪيترائي قسم ترجي رهيا هئا ۽ گراهڪ اهي پئڪ ڪرائي گهر لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا يا اتي ئي رکيل ٽيبل ڪرسين تي ويھي کائي رهيا هئا. دڪاندار ڇوڪريون هر لنگهندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پنھنجي مال جو هوڪو ڏئي سڏي رهيون هيون. نتسوميءَ گهڻو ئي چاهيو ته اسان هتي جي مڇي کائون، پر آئون پڙ ڪڍي بيٺس ته ان کان پٽئٽو چپس يا ڪو ڪيڪ بسڪيٽ کارائي پر مڇي نه. بھرحال پوءِ پاڻ ۽ ٻيا _ ويندي احسن ۽ ايمان وارا مڇي کائڻ لاءِ ويھي رهيا. آئون برف ۽ شربت جو ڳنڍو وٺي اچي ٻاهر سمنڊ جي ڪناري واري روڊ تي رکيل بئنچن مان هڪ تي ويٺس. جهڙالو ڏينھن هو پر درياهه جي هن پار يعني ڪان مون ڳچي سمنڊ جي ٻي پار موجي شھر ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل جھاز چٽي طرح نظر اچي رهيا هئا. مون هڪ هڪ ڪري جھازن جون چمنيون (Funnel) ڏٺيون، جن تي جھازن جي ڪمپنين جا نشان (Logo) ٺھيل ٿين ٿا. انهن نشانن ۾ مون پاڪستان ۽ ملائيشيا جي سڃاتل جھاز ران ڪمپنين جا نشان ڏسڻ چاهيا ٿي جن جھازن تي منھنجا دوست يا شاگرد ٿي سگهن ها، پر ان وقت ڪو به اهڙو جھاز نه هو.
منھنجي کاٻي پاسي ’ڪان مون‘ پل هئي، جنھن ذريعي اسان هُن پار (موجي شھر) کان هِن پار شمونوسيڪي پھتا هئاسين. هن پل جو نالو سمنڊ جي هن ڳچي سمنڊ (Kanmon Straits) تان رکيو ويو آهي. پل مٿان ڪارون، بسون ۽ وڏا وڏا ٽرالر لنگهي رهيا هئا۽ پل هيٺان موجي يا شمونوسيڪي جي بندرگاهه مان نڪرندڙ جھاز ۽ اهي جھاز لنگهي رهيا هئا جيڪي چين ۽ ڪوريا کان جپان جي اندرين بندرگاهن ڏي وڃڻا هئا. ساڄي پاسي شمونوسيڪي جي شپ يارڊ جون وڏيون وڏيون ڪرينون نظر اچي رهيون هيون. اتي اسان جا جھاز رپيئر ٿيندا هئا. منجهانئن وڏيون وڏيون مشينون هنن ڪرينن ذريعي جھاز مان ٻاهر ڪڍي شپ يارڊ ۾ ٺھڻ لاءِ کڄي وينديون هيون ۽ پوءِ ٺھي اچڻ بعد وري انهن ڪرينن ذريعي جھاز جي اندر مقرر هنڌ تي پھچائي، فِٽ ڪيون وينديون هيون.
آئون اٿي بيٺس ۽ باقي بچيل اڌ ٻُڪ جيڏو ڳنڍو ڪچري جي دٻي ۾ اڇلي، واڪ ڪرڻ لڳس. عمر سٺ سالن جي ويجهو، شگر ليول بارڊر تي ۽ آفت جيڏو ڳنڍو، نج کنڊ جي شربت سان کائي رهيو هوس. شمونوسيڪيءَ جو سڄو علائقو ڀڃ ڊاهه بعد نئون ۽ ماڊرن ٿي چڪو هو. ٻاويهه سال وڏو عرصو آهي، جپان جھڙي Dynamic ملڪ لاءِ، جيڪو چڙهندڙ سج جو ملڪ هجي يا نه پر تمام گهڻو چڙهندڙ يين (ناڻي) جو ملڪ ضرور آهي. هتي جي محنتي ماڻهن، گهڻي ڀاڱي وطن لاءِ پيار رکندڙ سياستدانن ۽ ملڪ جي ناڻي يين جي وڏي ساک هجڻ ڪري هي ملڪ (جپان) قدرتي طرح نه برابر سھولتن ملڻ جي باوجود سکيو ستابو ٿيو آهي. واڪ ڪرڻ دوران آئون غور سان رستي جي ڪپرن تي ٺھيل گدام، آفيسون، ڊپارٽمينٽل اسٽور ڏسڻ لڳس. هر شيءِ مون کي نئين نظر اچي رهي هئي. يعني منھنجي 25 سالن جي غير موجودگيءَ ۾ هر شيءِ بدلجي وئي، پر نه بدليو آهي ته هڪ ڪاٺ چيرڻ جو ڪارخانو جنھن کي در اصل ڳولڻ لاءِ آئون واجهائي رهيو هوس. ان ڪارخاني کي ڏسي مون کي خوشي محسوس ٿئي ٿي ۽ آئون چيلهه تي هٿ رکي ڪارخاني جي ٻاهرين شٽرن (لوهي دروازن) ۽ شھتيرن مٿان ۽ پاسي تي غور سان ڏسان ٿو ۽ ڏسندو ئي رهان ٿو. منھنجي پويان نتسومي وارا به اچي پھچن ٿا.
”ڇا ڏسي رهيو آهين؟“
”Atsuibame“ (آتسمو بامي)، آئون چپن تي آڱر رکي کين ماٺ ڪرايان ٿو.
نتسومي کلندي چيو، ”مون سمجهيو ته هتي ڪنھن سان پراڻيون يادون وابسته اٿئي، ان کي ليئا پائي ڏسي رهيو آهين.“
”ها صحيح سمجهيو تو.“ مون چيومانس.
منھنجو جھاز جڏهن شمونوسيڪي ايندو هو ته آئون هتان هن رستي تان لنگهندي هن ڪارخاني وٽ بيھي رهندو هوس ۽ ڪا دير هنن آتسو بامي پکين کي ڏسندو هوس. هو ڪارخاني جي مين گيٽ جي ڪامن مٿان ۽ ڪاٺ جي ڇت ۾ ٺھيل آکيرن مان نڪري ٻاهر آسمان ڏي اڏامي وري ان ئي گهڙي اچي پنھنجي گهرڙن ۾ ويھندا هئا.
نتسومي ۽ ٻار غور سان انهن پکين کي ڏسڻ لڳا. احسن انهن جو سنڌيءَ ۾ نالو پڇيو.
”ابابيل.“ مون ٻڌايومانس. ”آئون ۽ تنھنجي ڏاڏي (يعني منھنجي ڀيڻ نجمه) جڏهن توکان به ننڍا هئاسين ته پنھنجي ڳوٺ هالا ۾ شام جي وقت انهن پکين کي آسمان ڏي اڏامندو ڏسندا هئاسين ۽ پوءِ ڪجهه پکي لُوهه پائي اسان جي گهر سيراٽيل ڪامن ۽ ڪکن واري ڇت ۾ اچي لڪندا هئا.“
انهن ڏينھن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ نه بجلي هئي ۽ نه ڪار يا ريڊيو. ڪيڏو سانت ڀريو ڳوٺ هو، جنھن ۾ سج لھڻ سان اوندهه ٿي ويندي هئي ۽ ماني کائڻ بعد ننڊ اچڻ تائين اڱڻ ۾ کٽ تي ليٽي ليٽي رڳو آسمان ۾ تارا۽ ڪَتيون ڏسبيون هيون. اسان جي مرحوم ڏاڏي سمهڻ مھل توڙي صبح جو سوير اٿي، مختلف مندن ۾ تارن جي چرپر ۽ انهن جا نالا ٻڌائيندي هئي ۽ اهي خيالي شڪليون پڻ جيڪي تارن جا گروپ ٿا ٺاهين. نيول (ميرين) اڪيڊميءَ ۾ سيکاريل (Astronomy) جو اڌ سبجيڪٽ ته ڄڻ ننڍي هوندي ئي اسان کي ڏاڏيءَ پڙهائي ڇڏيو هو. منھنجي ضد ڪرڻ تي مون کي ڀر واري گهٽيءَ ۾ خليفن (سُرهين) جي گهر وٺي هلندي هئي، جتي ڪنڊ واري ماسي ڏِنل جي گهر ۾ پڃري ۾ پاليل ابابيل ڏسڻ منھنجو وڏو انگل هوندو هو ۽ پوءِ شمونوسيڪيءَ ۾ پھرين دفعي ئي مون کي هرهنڌ ابابيل نظر اچي ويا جن کي ڏسڻ سان مون کي پنھنجي مرحوم ڏاڏي ياداچي وئي هئي ۽ پوءِ آئون هر دفعي هن هنڌ ابابيل ڏسي دل خوش ڪندو هوس، جن جي اڏام سان، منھنجي ڏاڏي چوندي هئي، ڪو به پکي پڄي نٿو سگهي. آءٌ ان ڳالهه تي کلندو هوس. ٿي سگهي ٿو هوءِ مون کي خوش ڪرڻ لاءِ ائين چوندي هجي، جو هن کي خبر هئي ته ابابيل مون کي وڻن ٿا ۽ پوءِ ڪيترن سالن بعد جڏهن جپان ”بليٽ ٽرين“ ٺاهي ته شايد ٽي ويءَ تي هڪ سائنسي پروگرام ۾ ڪنھن چيو ته هيءَ بليٽ ٽرين، هر جانور ۽ پکيءَ کان تکو ڊوڙي ٿي،ته هتي جي هڪ جپاني زولاجسٽ چيو ”ها. سواءِ هڪ پکي_ آتسوبامي جي!“ اهو ٻڌي مون کي ڏاڍو تعجب لڳو هو.
”هاڻ هلڻ کپي.“ نتسومي جي آواز مون کي ماضيءَ مان ڪڍي وري حال ۾ ”ڪان مون“ پل وٽ شمونوسيڪي جي هن ميرين ڊرائيو واري روڊ تي آڻي بيھاريو.
”بلڪل هلڻ کپي.“ اسان ورڻ لڳاسين.
”معاف ڪجو! جي اڃا ڏسڻ چاهيو ته به توهان جي مرضي.“ نتسوميءَ چيو.
”نه. نتسومي سانَ (مئڊم نتسومي) هاڻ ابابيل آهن ئي ڪٿي. هيتري دير ۾ ڪي ٻه ٽي نظر آيا نه ته اڳ ۾ سوين هوندا هئا.“
”هيءَ سندن لڏي وڃڻ جي متان موسم هجي ۽ هتان ڪجهه وقت لاءِ هليا ويا هجن.“ نتسومي چيو.
”نه اها ڳالهه ناهي. هو هتان هميشه لاءِ هليا ويا آهن. هر ملڪ ۾ اسين انسان ايترو ماڊرن ٿيندا وڃون_ ان سان گڏ گاڏين، موٽرن، جھازن، ڪارخانن جو گوڙ ايڏو وڌندو وڃي، جو اسان ڏينھون ڏينھن وڃون نئچر کان ڏور ٿيندا. ڀلا هھڙي گوڙ گهمسان ۾ ڪھڙو پکي رهي سگهندو. رڳو هن ڪارخاني جو ئي گوڙ ايڏو آهي جو هتي ڪو رهي نه سگهي. هن سڄي قطار ۾ فقط هن ڪارخاني جي عمارت اها ساڳي آهي پر اڳ ۾ هتي گهڻو تڻو ڪم هٿ سان ٿيندو هو. هاڻ هر ڪم مشينن سان!“
جپان جو هي بندرگاهه شمونوسيڪي تمام گهڻي تاريخي اهميت رکي ٿو. جپان جي سڀ کان وڏي ٻيٽ ”هونشو“ جي بلڪل آخري ڪنڊ تي آهي جيڪو حصو باقي دنيا (ڪوريا، چين) وغيره جي بلڪل ويجهو آهي. سڄو جپان دنيا کان الڳ ٿلڳ ۽ پري رهيو، ڪجهه جاگرافي بيھڪ ڪري ڪجهه عوام ۽ حڪومتن جي مرضي ڪري به. پر جيڪي ڪجهه سندن ٻين ملڪن سانلاڳاپو رهيو ته سندس گهڻي ڀاڱي Contactهتان شمونوسيڪي واري پاسي کان رهيو، جيڪو ڏکڻ ڪوريا سان ته ڄڻ ڳنڍيو پيو آهي. اڄ به روزانو هڪ فيري جپان مان هِن بندرگاهه ’شمونوسيڪي‘ کان ڪورياجي ويجهي بندرگاهه ’پوسان‘ ڏي وڃي ۽ موٽي ٿي. ڪيترائي جپاني روزانو ڪوريا_ ڪجهه گهمڻ، ڪجهه عياشيءَ لاءِ ۽ ڪجهه سستي خريداريءَ لاءِ وڃن ٿا ۽ ڪوريا جا ماڻهو جپان ۾ نوڪري ۽ بزنيس لاءِ اچن ٿا. بلڪ ائين چئجي ته جپان جو بندرگاهه شمونوسيڪي ۽ ڏکڻ ڪوريا جو بندرگاهه پوسان ان جاگرافڪ پوزيشن ڪري وڌيا ويجهيا ۽ امير ٿيا آهن ۽ صدين کان هتي جپانين ۽ ڌارين جي اچ وڃ لڳي رهي آهي.
“هتي جو مشھور جِنجا (درگاهه) ’اڪاماجنگو جنجا‘ ڏسڻ هلون؟“ نتسوميءَ پڇيو.
جپان سڄو مندرن (جن کي جپانيءَ ۾ اوتيرا ۽ انگريزيءَ ۾ Temple چئجي ٿو) ۽ جنجا (Jinja) سان ڀريو پيو آهي. جنجا کي انگريزيءَ ۾ (Strine) سڏجي ٿو ۽ آئون في الحال درگاهه لکندو اچان، جيسين ڪو سنڌيءَ جو ماهر ان لاءِ ڪو لفظ ڳولي يا جيسين ڪو پڙهندڙ مون کي صحيح لفظ ٻڌائي، تيسين ستر جي شروع وارن سالن کان وٺي درگاهه لکندو اچان جو هتي جي جنجائن تي ڇوڪرا ڇوڪريون، پوڙها پوڙهيون وڻن ۾ اڳڙيون ٻڌي سُکائون ڪنديون، ننڍڙي ٺھيل کوهه ۾ خواهش پوري ٿيڻ لاءِ سِڪا اڇلينديون، جنجائن جي مجاورن ۽ انهن جي خوبصورت مددگار ڇوڪرين کان رولڊ گولڊ جا مھانگا مھانگا تعويذ خريد ڪنديون، چپل جتي لاهي هٿ ۾ جهلينديون، ان ۾ دفن ڌرمي رهنمائن ۽ ”سومورائي“ جنگجوئن جي قبرن تي وڻن جون ٽاريون رکنديون.... اهي حال ڏسي اسان جھازي دوست جنجا کي درگاهه سڏڻ لڳاسين ۽ اوتيرا کي مندر_ جيڪو ٻڌ ڌرم جو مندر به ٿي سگهي ٿو (جنھن ۾ رڳو گوتم جي مورتي ٿئي ٿي) ته شنتو ڌرم جو مندر به،(جنھن ۾ ٻاوا ۽ انهن جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ’مائڪو‘ ڇوڪريون ٿين) ۽ مندر کان وڌيڪ انهن خوبصورت جوان مائڪو ڇوڪرين کي ڏسي زائرين جي دل خوش ٿي ويندي هوندي. بھرحال جنجا ۽ اوتيرا ۾ اهو فرق آهي، جيتوڻيڪ ٿوري وقت لاءِ آيل هڪ ٽُوئرسٽ کي اهي سڀ هڪجھڙا مندر لڳندا.
شمونوسيڪيءَ ۾ به جپان جي ٻين شھرن وانگر ڪيترائي جنجا ۽ اوتيرا آهن. نتسومي اسان کي اڪوما جنگو جنجا (درگاهه) ۾ وٺي آئي جيڪو No Doubt خوبصورت هنڌ تي، سھڻي آرڪيٽڪٽ ۽ رنگن جو آهي. خوبصورت يا سھڻو هنڌ ته نه فقط هن مندر لاءِ چئي سگهجي ٿو پر هن قسم جا آڳاٽا مندر جبلن تي، جبلن جي غارن ۽ قدمن ۾ بيحد رومانوي هنڌن تي آهن جتي قدرتي باغ باغيچا ويندي آبشار وغيره آهن.
شمونوسيڪي جپان جي ياما گچي ضلعي ۾ آهي. انتظاميه جي لحاظ سان (جاگرافيڪلي ۽ ڪلچرلي) سڄي جپان کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنھن کي پاڻ صوبا يا ملائيشيا وانگر رياستون ته نٿا چئي سگهون، پر کڻي ضلعا سمجهون. جيتوڻيڪ پنھنجي حيدرآباد، نوابشاهه جھڙي ضلعي کان به وڏا ٿيندا. جپاني ان کي Kenسڏين ۽ انگريزيءَ ۾ Prefecture . هتي جپاني اڪثر پڇندا آهن ته تون ڪھڙي پريفيڪچر (Ken) کان آهين؟ ان مان ماڻهوءَ جي رسم رواج ۽ ڪلچر جي ڪافي خبرپوي ٿي. هونءَ کڻي جپان Homogenous ملڪ آهي، پر تڏهن به زبان جي لھجي ۽ رسم رواج ۾ هر ضلعي (Ken) مطابق فرق اچي ٿو. جيئن سنڌ ۾ هڪ ئي سنڌي زبان ڳالهائي وڃي ٿي، پر تڏهن به ٿر، شڪارپور، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي زبان ۾ ڪجهه فرق رهي ٿو.
جپان جي وڏي ۾ وڏي ٻيٽ هونشو (جنھن ۾ ٽوڪيو، يوڪوهاما، ڪوبي ۽ اوساڪا جھڙا شھر آهن) جو آخري پُڇڙي وارو پريفيڪچر (Ken)”ياما گچي“ آهي، جنھن جي آخري ڪنڊ تي هي بندرگاهه شمونوسيڪي آهي. ياما گچي ڪين جي ڀرسان شماني، يروشيما، اوڪاياما جھڙا پريفيڪچر آهن. ڪيترن ئي پريفيڪچرن جا نالا اتي جي وڏي شھر جا به نالا آهن. جيئن هيروشيما پريفيڪچر جو نالو آهي ته ان ضلعي جي وڏي شھر جو به. جيئن پاڻ وٽ دادو، ٺٽو ۽ ٻيا ضلعا به آهن ته شھر به، جيتوڻيڪ ڪي فقط ضلعن جا نالا آهن، جيئن پاڻ وٽ ٿرپارڪر ضلعو.
نتسوميءَ جو پيءُ جيتوڻيڪ ڪوڪورا شھر (فڪوئوڪا پريفيڪچر) جو آهي پر سندس ماءُ ياما گچي پريفيڪچر جي آهي. فڪوئوڪا جپان جي ٽي نمبر وڏي ٻيٽ ڪيوشو جو آخري ضلعو آهي، جنھن جي پڇڙيءَ وارو بندرگاهه ’موجي‘، شمونوسيڪي بندرگاهه جي آمهون سامهون آهي. نتسوميءَ ٻڌايو ته سندس ڏاڏي Yamaguchi ياماگچيءَ ۾ دفن ٿيل آهي ۽ هوءَ ٿورو وقت اتي به هلندي. ڏاڏيءَ جي قبر تي رکڻ لاءِ وڻن جون ٽاريون هن ان ئي وقت هڪ گلن واري جي دڪان تان ورتيون جنهن وقت مون ابابيل پئي ڏٺا.
جپاني مري ويلن جي لاش کي ساڙي پوءِ راک کي زمين ۾ دفن ڪن. ان جي مٿان ٻه يا ٽي فوٽ کن چورس يا مستطيل ڪٽ ورڪ جي مختلف جيوميٽريڪل Shapes جا پٿر رکن. اهي پٿر ان مري ويل جي پونئيرن جي سماجي ۽ معاشي پوزيشن ظاهر ڪن ٿا. قبرن مٿان رکڻ لاءِ انهن ڪٽ ورڪ وارن پٿرن جو اخبار ۾ ڪالهه ئي هڪ اشتهار پڙهي رهيو هوس، جن جي قيمت لکين يين ٿئي ٿي. اخبار ۾ جيڪي مختلف قبرن جا پٿر ڏنل هئا انهن ۾ هڪ اسي مَانَ يين جو آهي، يعني 800000 يين جو (هڪ ’مَانَ‘ ۾ ڏهه هزار يين ٿين)، هڪ 135 مانَ جو (يعني ساڍن تيرهن لک يين جو_ جيڪو پاڪستاني ست لک رپين جو ٿيو) ۽ هڪ ته 250 مانَ جوبه آهي، يعني پنجويھه لک يين (يعني ساڍن ٻارهن لک رپين) جو. هونءَ جپاني ماڻهو پئسي خرچڻ جي معاملي ۾ سياڻا آهن، پر مرڻي پرڻي جھڙين ٻن ٽن رسمن ۾ مار کايو وڃن ۽ جي ائين نٿا ڪن ته دوست يار کين ٿُڪون بُجا ٿا هڻن ۽ پاڻ به ٻين کي هڻندا رهنٿا. هو پنھنجو پاڻ کي اهڙين رسمن کان آجو ڪري نه سگهيا آهن ،جو يورپين وانگر هيڏانھن هوڏانھن به شفٽ نٿا ٿين. جپان ۾ رهائش جو مسئلو آهي ۽ سالن کان سڀ اتي ئي انهن گهٽين ۽ گهرن ۾ آچار ٿي رهيا پيا آهن. وڌ ۾ وڌ گهر ڊاهي يعني Horizontal جايون ختم ڪري Vertical (فليٽ) ٺاهيا اٿن ۽ سڀ اتي ئي ويٺا هڪ ٻئي جي غمين خوشين جا معرڪا اٽينڊ ڪن ۽ هڪ ٻئي تي ٽوڪون چٿرون ڪن.
ٻي ڳالهه ته جپاني پنھنجي مري ويل مائٽن جي قبرن تي گل رکڻ بدران هڪ خاص وڻ جون ٽاريون رکن، جيڪو هتي جي جابلو علائقن ۾ تمام گهڻو ٿئي ٿو.
اسان کي نتسومي شمونوسيڪي شھر جي مختلف هنڌن تان ڦيرائي اڪاما جنگو جنجا تي وٺي آئي، جيڪو ٿورو مٿاهين Altitude تي آهي جتان پري پري تائين سمنڊ ۽ ان ۾ هلندڙ جھاز ۽ ٻيڙيون نظر اچي رهيون هيون. سال ۾ هڪ دفعو هن درگاهه کي چڱيءَ طرح صاف ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو ڏينھن صفائيءَ جو هو. شھر جا ڪافي والنٽيئر مرد ۽ عورتون صفائي لاءِ پھچي ويا هئا، جن مان ڪيترن بانس جا وڻ پٽي انهن جي ٽارين سان ٻھاري ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. هڪ انهن ۾ تمام پوڙهي عورت پڻ هئي. پوڙهيون ته ٻيون به ڪيتريون ئي هيون پر انهن پوڙهين ۾ هيءَ تمام جهور پوڙهي هئي. مون هن کان عمر نه پر اهو پڇيو ته هوءَ ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جڏهن آمريڪا هيروشيما تي بم ڪيرايو هو ته ڪيترن سالن جي هئي.
”چاليھه سالن جي هونديس.“ هن وراڻيو. تنھن جي معنيٰ ته هيءَ نوي سالن کان وڏي عمر جي چئبي. شاباس هجيس جو هن عمر ۾ اهڙي کڙي تڙي آهي، جو گهران هتي آرام لاءِ نه پر هن جنجا (Shrine) جي صفائي لاءِ آئي آهي. سندس هٿ ۾ ٻھارو هو. مون کيس فوٽو لاءِ منٿون ڪيون پر هوءَ شرمائيندي رهي. هن سان گڏٻيون (هن کان گهٽ پوڙهيون) فوٽو لاءِ پاڻهي ئي پئي آيون پر هيءَ نه مون سان گڏ ڪڍائڻ لاءِ راضي هئي ۽ نه اڪيلي سِر. پر پوءِ نتسوميءَ الائي ڪھڙو ڪن ۾ ڦسڪو هنيس جو هوءَ يڪدم راضي ٿي وئي. شايد اهو ئي چيو هوندائينس ته گائيجن (ڌاريون) آهي. هي فوٽو پنھنجي ملڪ وڃي ڏيکاريندو يا خبر نه آهي ڇا چيائينس.
اهڙي طرح هڪ فوٽو هن درگاهه جي وڏن مجاورن جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ وارين ڇوڪرين (جيڪي مائيڪو سڏجن ٿيون) مان هڪ سان ڪڍائڻ چاهيم ٿي. منھنجي ڀرسان لنگهندڙ هڪ کي چيم، پر هوءَ پير سڙيل ٻليءَ وانگر هيڏانھن هوڏانھن پئي وئي، ڄڻ سڄي مندر ۽ قبرستان جي صفائيءَ جو ڪم هن جي مٿي تي اچي ويو هجي. ان بعد وري نتسوميءَ خبر ناهي ڪھڙا Magic words چئي هڪ ٻي مائڪو کي مندر مان گھلي آئي ۽ منھنجي چوڻ تي مندر اڳيان روايتي رکيل پٿرن جي ڪتن مان هڪ جي اڳيان ٿي بيٺي ۽ نتسوميءَ فوٽو ڪڍيو. ڪُتن بابت شروع جي مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته شنتو ڌرم جي مندر اڳيان ٻه ڪتا بيٺل هوندا آهن.
بھرحال هي تکي ڳاڙهي ۽ نارنگي رنگ جي جنجا (جپاني درگاهه) شھنشاهه انتوڪُو (Antoku) جي نالي وقف ٿيل آهي، جيڪو 1185ع ۾ Dan no Ura نالي نيول جنگ ۾ مارجي ويو هو. اها لڙائي اتي ئي سامهون ’ڪان مون‘ ڳچي سمنڊ ۾ لڳي هئي... اتي موجود هڪ ٻائوهي سڄو قصو ٻڌائي رهيو هو، پر مون ٻڌڻ ۾ گهڻي دلچسپي نه ڏيکاري.
اسان کي ته نتسومي پنھنجي ڪار ۾ هتي وٺي آئي پر هن پاسي بس ۾ به اچي سگهجي ٿو. هيءَ جنجا شمونوسيڪي جي ريلوي اسٽيشن کان ٽي ميل پري اوڀر ۾ آهي ۽ اتان هيءَ هينو اما جبل ڏي ويندڙ بس جي روٽ تي آهي۽ ”اڪاماجنگو مائي“ بس اسٽاپ تي لھي پئجي. ريلوي اسٽاپ کان ايندي رستي تي ياما گچي بئنڪ، هوٽل ٿرٽي ايٽ (جي ها! هن هوٽل جو نالو انگريزيءَ جو 38 آهي)، گرين هوٽل ۽ ڪائيڪيو يُومي نالي ٽاور نظر اچن ٿا. رستي تي گرانڊ هوٽل ۽ ڪاراٽو نالي بس اسٽاپ وٽ هن شھر جو ميوزيم (City Art Museumhino) آهي، جيڪو سومر کان علاوه باقي ڏينھن تي صبح جو ساڍي نائين کان شام جو ساڍي چئين تائين کلي ٿو. ميوزيم واري هيءَ عمارت ميئيجي دور ۾ برٽش قونصليٽ بلڊنگ هئي، جيڪا 1906ع ۾ کلي هئي.
مٿيون اڪاماجنگو درگاهه ۽ مندر ”اڪاماجنگو_مائي“ بس اسٽاپ کان ڪجهه وکون سامهون آهي. هڪ ٻي جنجا (درگاهه) سُمي يوشي (Sumy Yoshi- Jinja) نالي پڻ اتي ئي شھر ۾ شن شمونوسيڪي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان هينو ياما جبل جي اتر ۾ آهي، جيڪا 1370ع جي آهي. هي جڳھيون جڏهن اسان جو جھاز هتي ايندو هو ته اسان جي جھاز ران ڪمپنيءَ جي مقامي آفيس جو جپاني مئنيجر جھاز جي خلاصين ۽ آفيسرن کي گهمائڻ لاءِ مائڪرو بس کڻي ايندو هو. پر انهن ڏينھن ۾ ههڙين تاريخي شين ڏسڻ لاءِ اسان کي نه دلچسپي هئي ۽ نه توفيق.
”اڪاما جنگو“ جنجا ڏيکارڻ بعد اسان جي ميزبان نتسومي اسان کي هن ياماگچي ضلي (پريفيڪچر) جي هڪ جهوني ۽ تاريخي شھر چوفو (Chofu)۾ وٺي آئي. گهران نڪرڻ مھل نتسوميءَ جي سھري تونيجيءَ نتسوميءَ کيچوفو شھر وٺي وڃڻ ۽ ”چوفو موري“ سمورائي جنگجوئن جو پراڻو جپاني اسٽائيل گهر ڏيکارڻ لاءِ چيو هو. سو هوءَ اسان کي چوفو وٺي آئي. هونءَ به چوندا آهن ته ڪو هن شھر_شمونوسيڪي ۾ اچي ته هن کي کپي ته چوفو جي گهٽين جو ضرور چڪر ڏئي ۽ هاڻ اسين هن تمام جهوني قلعي واري شھر جي پراڻي علائقي جوڪا ماچي (Joka Machi) جا چڪر هڻي رهيا هئاسين. هن سامونڊي ڪناري واري شھر جو قلعو ته سڄو ڀڄي ڀري ويو آهي، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ان جون نشانيون رهجي ويون آهن. ڪجهه ڪچين ڀتين وارا ۽ سامورائي دروازا اڃا تائين ياد گار طور ڇڏيل آهن. ان کان علاوه ميوزيم ۽ ڪجهه پراڻا مندر (اوتيرا) ۽ درگاهون (جنجا) پڻ هتي آهن. جيئن ته ”ڪوازن_جي“ جو مندر جتي اسان اچي ڪجهه فوٽو پڻ ڪڍيا ۽ ان ڏينھن چوفو ۾ رهندڙ ٻارن ۽ وڏن جي ڪراس ڪنٽري ڊوڙ ٿي رهيهئي جنھن جي شروعات هن Ko-zan-Ji مندر کان شروع ٿي رهي هئي. هڪ همراهه سمورائي (جنگجو جوڌي) جي ڊريس پائي هٿ ۾ تلوار کڻي آيو هو جنھن سان اتي جي جپاني ماڻهن فوٽو پئي ڪڍرايا. مون به ساڻس فوٽو ڪڍرايو. هي مندر 1327ع جو آهي ۽ جنھن سمورائي جوڌي جي ياد ۾ هي مندرآهي، ان جي براس جي ٺھيل چڱي وڏي مورتي اڱڻ ۾ رکيل آهي.
هن مندر کان علاوه ٻيا جيڪي ڏسڻ لائق آهن، اهي هي آهن:
ڪاڪُوئان_ جي(Kakuoan- Ji)جو مندر، امِينو ميا_جنجا (Iminomiya) جي درگاهه ۽ نَوگي_جنجا (Nogi_Jinja)جي درگاهه. شمونوسيڪي جي اسٽيشن کان هر وقت چوفو بس ايندي رهي ٿي، جنهن جي ٽڪيٽ 450 يين آهي. چوفو شھر ۾ ماتسوبارا (Matsubara) يا جوشيتا ماچي (Joshita Machi) بس اسٽاپ تي لھجي.
اسان ”ڪوزان جي“ مندر مان نڪري ٿورو اڳيان هلياسين ته هتي جي مشھور ”چوفو موري“ حويلي (Chofu Mori residence ) نظر آئي، پر ڪار پارڪنگ ڀريل هجڻ ڪري ڪافي پري پارڪ ڪري هتي آياسين. هي ڏهاڪو کن ڪمرن جو هڪ سؤ سال کن اڳ جو ٺھيل گهر آهي. تاريخي طرح هن خوبصورت ڪکاڻي حويليءَ جي وڏي اهميت آهي. هي گهر چوفو موري قبيلي جي چوڏهين سردار ٺھرايو. شھنشاهه ميئيجي هن حويليءَ کي ڪماموتو اچڻ وارن ڏينھن ۾ عارضي طرح محل طور استعمال ڪيو. وزير موتو توشي موري جي پوٽي مسز هنساڪو، جيڪا شھزادي هاناڪو جي ماءُ جي حيثيت سان وڌيڪ مشھور آهي، پنھنجي ننڍپڻ جا ڏينھن هتي گذاريا هئا وغيره وغيره. چوفو ۾ ڪنھن گائيڊ کان پڇڻ تي يا هن حويليءَ طرفان مليل بروشر پڙهڻ سان ان قسم جي ڪيترن ئي سامورائي قبيلن جي اهم ماڻهن ۽ هتي جي انيڪ جنگجو سردارن مان ڪيترن جي مٽن مائيٽن جي خبر پوي ٿي، جن هن حويليءَ تي قدم رکيا. جپان جي هرهڪ پريفيڪچر (ضلعي) بلڪ ڳوٺ ڳوٺ جي جنگي جوڌن ۽ سامورائي پھلوانن ۽ ڌرمي پئنچن_ يعني هتي جي جاگيردارن، نوابن ۽ ”سيدن پيرن“ جي ايڏي پيچيده ۽ مُنجهيل هسٽري آهي، جو هتي جا ماڻهو به انهن کوندن کان پري ڀڄن ٿا ۽ اسان جاهلن ۽ سست ماڻهن کي ته مغلن جي تاريخ ته پري پر ميرن ڪلهوڙن جي تاريخ جي ئي چڱي طرح خبرناهي. سو هن حويليءَ ۾ ڪھڙو سامورائي سردار يا ڪنھن جي پوٽي ڏوهٽي رهي وئي، ان سان ڪھڙي دلچسپي. اهو آهي ته هيءَ حويلي ڏسڻ سانجپانين جي دماغ جو قدر ڪرڻو پوي ٿو ته هنن ڪکن ۽ ڪاٺ مان ڪيئن خوبصورت گهر ٺاهيو آهي، جيڪوسياري ۾ گرم ۽ اونهاري ۾ هوادار آهي ۽ گهر جي ڪنھن به پاسي جو سلائڊنگ دروازو گسڪاءِ ته سامهون خوبصورت وڻن، ٻوٽن ۽ وڏن پٿرن وارو باغ نظر اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اسان وٽ به ايترا وڻ ۽ ڪاٺ هجن ها ته سنڌ ۾ ان کان به خوبصورت ڪاٺ جا گهر هجن ها. پر سنڌ ۾ شروع کان ئي پاڻيءَ جو مسئلو رهيو آهي، جيڪو ماڻهن ۽ وهٽن جي پيئڻ لاءِ ئي حل نٿو ٿئي، اتي هڙين ۽ ٻيلن لاءِ پاڻي ڪٿان اچي. انگريز سرڪار بئراجون ٺھرائي رستن جي ڪناري تي وڻن جون جيڪي ڪجهه قطارون پوکرايون، آزادي ملڻ بعد اهي وڻ به اسان جي ڏاڍن مڙسن ڪٽرائي ڇڏيا، سو ڪٿان ڪاٺ اچي جنھن مان هھڙا گهر ٺھن. بس اهوئي شڪر آهي جو ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ڪجهه لاٽون ۽ اٽي ڏڪر ٺھيو پيا وڃن.
جپاني آرٽ جي هيءَ خوبصورت حويلي ۽ چوڌاري سھڻو ۽ سانت ڀريو باغ، جنھن ۾ چؤطرف ڀنڀوريون ۽ پوپٽ پئي ڦريا ۽ سھڻن ۽ رنگين پکين لاتيون پئي لنئيون، ڏسي دل خوش ضرور ٿيو وڃي، بشرطيڪ هتي اچڻ جون ڳريون ٽڪيٽون ۽ گاڏيءَ جي پيٽرول تي خرچ نتسوميءَ جھڙو ڪو سخي ماڻهو ڀري نه ته جپان يا سئيڊن جھڙا ملڪ ڀاڙا ڀري ڪي گهمڻ لائق نه آهن. ماٺ ڪري ٽوڪيو مان ئي موٽي وڃجي ’متان ڪا مري اڃ، ڏئي پاراتو پنهل کي‘ وارو حساب آهي. منجهند جو هڪ اچي ٿيو هو. رستي تان ۽ گهران کنيل بسڪيٽن، پٽاٽو چپس ۽ ٻين شين جا پاڪيٽ کولي کائيندا رهياسين، سو بک نه لڳي هئي. پر نتسوميءَ چيو ته هلو ته توهان کي هتي جي خاص ماني کارايان.
اسان کيس گهڻو ئي چيو ته مانيءَ جي ضرورت ناهي جو هاڻ سڀ ڪجهه ڏسي ڇيھه ڪيوسين ۽ مانيءَ لاءِ وري شمونوسيڪي شھر جي وچ ڏيهلجي ان کان بھتر آهي ته هتان ئي هيءَ Kanmon پل ٽپي موجيءَ هليو هلجي، جنھن کان پوءِ ڪوڪورا آهي _ جتي اسان رهيل هئاسين. پر نتسومي ذهني طرح اسان کي هتي جا ڪي خاص ڊش کارائڻ لاءِ آتي هئي، جيئن ڪنھن کي اڏيرو لعل گهمائي ٽنڊو آدم ۾ پڪل ران کارائجي.
”نوڊل توهان کي وڻن؟“ نتسوميءَ پڇيو.
نتسومي چڱيءَ طرح واقف آهي ته اسان لاءِ ڇا حلال آهي ۽ ڇا حرام. ان ڪري هوءَ اهو نه پڇندي ته هيءَ شيءِ توهان کي کائڻي آهي يا نه. هوءَ نئين شيءِ لاءِ فقط پڇندي آهي ته اها توهان کاڌي آهي؟ يا توهان کي پسند آهي؟
هونءَ جپاني دوست يا سڃاڻو پڇي ته توهان کي جپاني کاڌو پسند آهي يا نه ته يڪدم ”ها“ نه ڪجي. ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته هن جي گهر وڃڻ تي هو توهان لاءِ ڪا اهڙي شيءِ تيار ڪرائي يا هوٽل تان گهرائي وٺي، جيڪا حلال نه هجڻ ڪري توهان کائڻ کان انڪار ڪريو ۽ هن جو پئسو هڪ طرف ضايع ٿئي ۽ Embarassment ٻئي طرف ٿئي.
بھرحال نتسوميءَ هتي نوڊلز جو پڇيو، جنھن لاءِ ڪنھن جي به پڇڻ تي ها ڪري سگهجي ٿي جو هر قسم جون نوڊلز يا اسپا گهيٽي وغيره ڪڻڪ يا چانورن جي اٽي مان ٺھن ٿيون. اهي ٻئي ٿلهي قسم جون سَويون ٿين، جھڙيون پاڻ وٽ عيد لاءِ هٿ جي مشين سان ٺاهين. ٻيون ان کان ٿورو ٿلهيون ٿين، انهن کي جپاني اودون چون. ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ پاسي بلڪ سڄي ڏور اوڀر ۾ (جپان ڪوريا سميت) هڪڙيون بيحد سنهيون سويون به عام طرح کاڌيون وڃن ٿيون، جن کي جپاني Soba سڏين ۽ ملائيشيا ۽ ان جي اوسي پاسي وارا ملڪ ان کي ”مِي“ سڏين جيڪو چيني لفظ آهي. بھرحال سَوِين واري شيءِ اهڙي آهي جيڪا رڌل، اوٻاريل يا تريل ملائيشيا، هتي جپان ۾ ۽ ٻين ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ کائڻ ڪري اسان مان ڪنھن به نتسوميءَ سان ضد نه ڪيو ۽ نتسومي ٽنڊو آدم جي اها ران کارائڻ لاءِ جنھن خاص ريسٽورنٽ جي ڳولا ۾ هئي، اها نه پئي ملي. هوءَ ڪڏهن نقشو ڏسي ڪڏهن ڪنھن واٽھڙوءَ کان پڇي ته ڪڏهن پوليس واري کان. آخر اها ريسٽورنٽ ملي وئي، جيڪا پاڻ ايڏي وڏي نه هئي، جيڏو منجهس خدمتگار ڇوڪرين جو تعداد ۽ آداب هو. قصو مختصر ته هن ريسٽورنٽ جي هر شيءِ بيحد مھانگي هئي ۽ نتسومي پنھنجي سخاوت ۽ مھمان نوازيءَ جو مظاهرو ڪري رهي هئي پر افسوس جو جڏهن انهن نوڊلز جا ٽي ٽي پيالا هر هڪ جي اڳيان رکيا ويا ته خبر ناهي هڪ هڪ پيالي مان ٻه ٻه ٽي ٽي چمچا ڪيئن زهر مار ڪياسين. آئون ته ٺھيو پر احسن ۽ ايمان جيڪي اٺن سالن کان هتي جي کاڌن سان هريل آهن اهي به نه کائي سگهيا.
اسان جا هي حال ڏسي نتسومي ڏاڍو پريشان ٿي وئي. هاڻ کيس ڇا ٻڌايون ته اسين پاڪستاني گرم ماني ۽ گرم چانھه پيئندا آهيون ۽ هن اسان لاءِ هڪ ته ٿڌو ڊش گهرايو ۽ ٻيو انهن ٽنهي ٿڌن ڊشن ۾ عجيب چٽڻيون ۽ Sauces پيل هيون، جن جي هِڱ جھڙي اُگري ڌپ اسان لاءِ بلڪل اوپري هئي، جيتوڻيڪ نتسوميءَ چٽ چٽ ۽ سُڙڪ سُڙڪ جا آواز ڪڍي پنھنجا ٽئي پيالا خالي ڪري وئي جيئن هالا جا ماڻهو صبح جو هوٽل ۾ ويھي پيالا (نان پاوا) کائين. اسان پوءِ ڀت ۽ پٽاٽا گهرائي کاڌا. اٿڻ مھل پنو گهرائي هوٽل جو نالو ”هاتو هانا“(Hatu Hana) لکيم ۽ نتسوميءَ کي چيم ته ان تو واري خاص ڊش جو نالو لکي ڏي جيڪو اڄ اسان کاڌو آهي (بلڪ نه کاڌو آهي).
”Zarusoba“ (زارو سوبا) نتسوميءَ لکيو ۽ اسان کان هڪ دفعو وري معافي ورتي ته هن اسان کي هڪ اهڙي شيءِ کارائي جيڪا اسان جي پسند جي نه هئي.
”نتسومي تون اجايو پريشان نه ٿي... آئون نالو ان ڪري ٿو لکان ته متان اسان جي ملڪ جو ڪو ڀلجي اچي نڪري ته هن ريسٽورنٽ جي (يعني ٽنڊي آدم جي هيءَ ران) يعني ’زارو سوبا‘ نه کائي.“
ٻاهر نڪري هن هوٽل ”هاتو هانا“ جي اڳيان فوٽو ڪڍرايوسين جو حق جي ڳالهه ڪبي ته جپاني گلن جي جوڙجڪ (Ikebana) وانگر خوبصورت لڳي رهي هئي. ان بعد گهر موٽڻ کان اڳ نتسومي پنھنجي ڏاڏيءَ جي قبرستان ۾ وٺي هلي. در وٽ ئي هٿ جي ڌمڻ جو نل هو جيڪو پنھنجي پٽ يوجيءَ کان ڌمرائي اتي رکيل پلاسٽڪ جي باردي ڀري ۽ ان سان گڏ بانس جي لڪڻ ۾ ٻڌل ڪاٺجي ڪَري کڻي هِتان هُتان ٻين قبرن جي قطارن مان ٿيندي پنھنجي ڏاڏيءَ جي قبر تي آئي. ان مٿان لڳل پٿر جو سھڻو ڪتبو ڏسي سمجهي ويس ته سندس ڏاڏي، بلڪ سندس پيءَ ڪافي مالدار ٿو لڳي. جيئن شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته انهن قبرن جي مٿان رکيل ڪٽ ورڪ جي ڪم وارن پٿرن جي لکن ۾ قيمت ٿئي ٿي. نتسومي، سندس پٽ ۽ اسان جي احسن ۽ ايمان گڏجي قبرن کي پاڻيءَ سان ڌوتو ۽ پوءِ ان ڪتبي ۾ لڳل لوهي گلاسن مان پراڻيون سڪل ٽاريون ڪڍي تازيون خريد ڪري آيل ٽاريون وڌيون ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ نتسوميءَ پنھنجي زبان ۾ يا شايد سنسڪرت ۾ گوتم ٻڌ کان (ٻڌ ڌرم جا جپاني ان کي ”ڪامي“ يعني ديوتا سڏين) يا پنھنجي مري ويل وڏن جي روح کان (جو جپان ۾ شنتو ڌرم جا پوڄاري روحن جي پوڄا ڪن)، يا ٿي سگهي ٿو پنھجي حقيقي اپائڻھار، جيڪو عالمن جو رب آهي دعا گهري. ان بعد اسان اچي سندس گاڏيءَ ۾ ويٺاسين ۽ پنھنجي شھر ڪوڪورا جو رخ ڪيوسين.