الطاف شيخ ڪارنر

جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

الطاف شيخ جپان بابت کوڙ سفرناما لکيا آھن. ھي سفرنامو 25 سالن کانپوءِ سندس جپان گهمڻ کانپوءِ جو لکيل آھي. مزاحيہ مھاڳ ۾ امتياز ابڙو لکي ٿو: ”الطاف شيخ جپان جو ملڪ ايترو گهميو آهي، جو جپانين بہ ايترو ڪون گهميو هوندو. خود جڏهن ڪو جپاني ڪنھن گهٽيءَ يا روڊ جي معاملي ۾ مُنجهي پوندو آهي ته، يڪدم پھرين پنھنجي پاسي واري کيسي مان الطاف شيخ جو سفرنامو ڪڍي پڙهندو آهي ۽ پوءِ ان گهٽيءَ جي خبر چار وٺي اڳيان وڌندو آهي. جپان جي باري ۾ الطاف شيخ جا سفرناما ايترا تہ لکيل آهن، جو هڪڙي جپانيءَ تہ باقاعدہ الطاف کي خط لکيو تہ ”اسان آخر توهان جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آهي... يوگنڊا تي سفرنامو ڇو نٿا لکو؟“

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپان پنجويھن ورھين کانپوءِ

ٽوڪيو ۾ چوڏهين جي چنڊ کي...

ملائيشيا جي پيٽروناس جھاز ران ڪمپنيءَ جا ڪيترائي جھازي آفيسر اڄڪلهه ٽوڪيو جي برانچ آفيس ۾ ويھي، هن علائقي ۾ سندن هلندڙ جھازن تي نظر رکن ٿا. هي سڀ آفيسر ڪنھن زماني ۾، خاص ڪري اسي جي آخر اڌ ڏهاڪي ۾، ميريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۾ منھنجا شاگرد هئا. هنن جي ڪم جي ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ هنن مون کي فڪوڪا کان پاڻ وٽ ٽوڪيو گهرايو.
ٽوڪيو ۾ رهائش دوران هڪ ڏينھن ڪئپٽن علي ۽ ڪئپٽن ذاڪر سان گڏ اَساڪوسا علائقي جو هڪ پراڻو مندر Sensoji نالي ڏسڻ وياسين. اسان اولھه واري علائقي شِيبويا (Shibuya) کان، جتي سندن آفيس هئي، ڪار ۾ نڪتاسين ۽ آئوياما، روپونگي، شمباشي ۽ اڪيھابارا کان ٿيندا اساڪوسا (Asakusa) پھتاسين. رستي تان ويندي کين اهو ٻڌائيندو هليس ته چوٿو صدي کن اڳ، اهي علائقا ڪيئن هئا، جڏهن اسان جو جھاز هتي ايندو هو يا نئون جھاز ٺھرائڻ دوران گِنزا ۽ تسوڪجي جي وچ علائقي ۾ سال کن پيئنگ گيسٽ هائوس ۾ اچي رهيو هوس. شِيبويا، روپنگي ۽ شمباشي ۾ پاڪستان ايمبسي، ظفر شيخ جو گهر ۽ PIA جي مئنيجر اقبال جو گهر هو. جان محمد ڪيريو ۽ اقبال سولنگي به اتي ئي اوسي پاسي ۾ رهندا هئا. اڄ جي ماڊرن علائقي ’شنجوڪو‘ جو ته نالو نِشان به نه هو. ڪھڙا سٺا ڏينھن هئا! ڪھڙو سانت ڀريو ماحول هو. ٿي سگهي ٿو ماحول ۾ ڪا گهڻي تبديلي نه آئي هجي. تبديلي اسان ۾ آئي هجي، يعني هاڻ پوڙهو ٿيڻ ڪري گاڏين لارين جو گوڙ ۽ ماڻهن جي پيھه پيھان مُنجهائي ٿي. اساڪوسا کين آئون وٺي آيو هوس، مشھور ’سينسوجي مندر‘ ڏيکارڻ لاءِ جيڪو مندر ٽوڪيو جو پراڻي ۾ پراڻو مندر آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته اهو سن 628ع ۾ ٺاهيو ويو هو. هتي جي ماڻهنجي عقيدي مطابق ٻن مڪاني مھاڻن کي هڪ ڏينھن ڄار ۾ مڇين سان گڏ ’ڪانون‘ ديويءَ جو پتلو سمنڊ مان مليو هو، جنھن بعد هنن هي مندر ٺاهي، ان ۾ اهو پتلو رکيو. Kan-non جپانين جي ’رحم جي ديويءَ‘ جو نالو آهي. مندر ڏسڻ بعد ’هوزومن گيٽ‘ وٽان ڦرندا اسان ناڪاميسي شاپنگ اسٽريٽ ۾ آياسين، جتان پنڌ ڪندا اساڪوسا اسٽريٽ ۾ پھتاسين. ساڄي پاسي ڪَاڪُوسائي (Kakusai) اسٽريٽ هئي. پوءِ اسين کاٻي پاسي ”اساڪوسا“ اسٽيشن ڏي روانا ٿياسين. جهڙالو ڏينھن هو ۽ ٿڌڪار لڳو پيو هو. منھنجي ملئي دوستن جي خبر نه اٿم پر مون کي واڪ ۾ ڏاڍو مزو پئي آيو. اساڪوسا ريلوي اسٽيشن تي پھچي منھنجي نظر ازوما پل تي پيئي ته مون پنھنجن ملئي دوستن کان موڪلايو. .
”توهان ڀلي پارڪنگ لاٽ مان ڪار ڪڍي گهر روانا ٿيو، آئون شام ڌاري باءِ ٽرين يا باءِ بس پھچي ويندس.“
ازوما پُل(Azuma Bridge) ٽوڪيو جي سُميدا نديءَ مٿان ٺھيل ڪيترين ئي پلين مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ ٽوڪيو جي ڪمرشل سينٽر وٽان گذرندڙ هن ندي (Sumida-gawa) ۽ لنڊن جي ٿيمس نديءَ ۾ وڏو فرق چئي سگهجي ٿو، پر هي نديون مون کي هميشه هڪٻئي جي ياد ڏيارين ٿيون. لنڊن ۾ IMO آفيس ويندي يا ٽوڪيو ۾ گنزا ايندي من کي هنن ندين جي ڪناري تي هلندي ڏاڍو مزو ايندو آهي. هڪ پينگهه ۾ لڏندي ۽ هڪ هنن ندين جي ڪپر تي واڪ ڪندي مھل لکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون دماغ ۾ Pour ٿيڻ لڳنديون آهن. پنھنجي يا پرائي گهر ۾ پينگهو ڏسي منهنجي دل ان ۾ لُڏڻ لاءِ مجبور ٿي ويندي آهي. اهو ئي حال هينئر ٽوڪيو جي هن نديءَ تي نظر پوڻ سان واڪ ڪرڻ تي ٿيو. مون کي پڪ هئي ته چرين وانگر واڪ ڪرڻ يا ڪٿي ڪنھن بئنچ يا پٿر تي ويھي ساهه پٽڻ ۽ سوچڻ ۾ منھنجا ملئي شاگرد دوست ساٿ نه ڏيندا، سو آئون اڪيلو ئي ازوما پُل ٽپي تسوڪودا جيما (Tsukuda Jima) پاسي وڃڻ بدران مٿي ’ريو گوڪو‘ ڏي وڌڻ لڳس.
ٽوڪيو ۾ رهڻ دوران مون کي روزانو گنزا سب وي اسٽيشن تي ٽرين ۾ اچڻو پوندو هو ۽ پوءِ چُوئو (Chuo) اسٽريٽ تي متسوڪوشي ۽ ماتسويا ڊپارٽمينٽل اسٽورن وٽان ٿيندو سُميدا نديءَ تي پھچندو هوس، جنھن جي هيءَ پل Azuma يا ان کان پوءِ واري ڪوتو توئي يا ان کان اڳ واري ڪوماگاتا تان ندي ٽپي ٽوڪيو جي بندرگاهه ۾ هارومي (Harumi-Pier) پاسي ايندو هوس، جتي اسان جي نئين ٺھندڙ جھاز جو منھن (Bow) اهڙي ڪنڊ کان هو جو پري کان ئي ان تي اڪريل نالو پڙهڻ ۾ آيو ٿي.
ايڊو (Edo) دؤر کان هن نديءَ (Sumida) سُميدا عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ اهم رول ادا ڪيو آهي. هن نديءَ جي پس منظر ۾ جپاني ادب جا ڪيترائي ناول ۽ خوبصورت افسانا ۽ ڪھاڻيون آهن جن مان هڪ ڪھاڻي ”جپان رس“ ڪتاب ۾ به ڏني اٿم. اڄڪلهه هن نديءَ تي 27 کن پليون آهن، جن مان تيرهن تان بسون ۽ گاڏيون پڻ هلن ٿيون. هن نديءَ جي ڪپر تي مون آخري دفعو واڪ 1981ع ۾ پاڻ سان گڏ جھاز هلائيندڙ اليڪٽريڪل انجنيئر اڪبر سان ڪئي هئي. اڪبر جو ذڪر مون ”جپان جن جي جيءَ سان“ ۾ پڻ ڪيوآهي، جيڪو انهن ڏينھن جو سفر نامو آهي. اڪبر وڏي عمر جو ٿي ويو هو پر شادي نه ٿي ڪيائين. پڇڻ تي نٽائي ويندو هو. هڪ دفعي گنزا مان بصر پٽاٽا وٺي شپ يارڊ واري هوٽل نما مسافرخاني (Tokyo Ryo) ڏي موٽندي هن پل وٽ اچي ويٺا هئاسين. هُن هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندي سندس شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻڌايو:
”چيف صاحب اسان ڀائر ڀينر ننڍا هئاسين ته اسان جو والد گذاري ويو. ظاهر آهي گهر جي خرچ جو بار مون تي اچي ويو. الله جي فضل سان سڀني ڀيڻن ۽ ننڍڙي ڀاءُ کي جيڪي تڪليفون سھي مون پڙهايو، اها مون کي خبر آهي. هاڻ منھنجيون ڀيڻيون نوڪريون به ڪن پيون ۽ گهر جي خرچ ۾ مدد به ڪن ٿيون. گهر مسواڙ جو ئي سھي پر سک سھنج جي هن ۾ هر شيءِ موجود آهي. ٽي وي ۽ ڊيڪ، فرج ۽ واشنگ مشين، وغيره وغيره ۽ هن دفعي سنگاپور مان ايئرڪنڊيشنر به وٺي ويندس. منھنجي شادي ڪرڻ تي دل چوي ٿي پر سمجهان ٿو ته ان بعد منھنجيون ڀيڻيون رلي وينديون.ان ڪري پھرين انهن کي گهر وسائيندو ڏسڻ چاهيان ٿو...“
ڪجهه سالن بعد پاڪستان ۾هوس ته انهن ئي ڏينھن ۾ اڪبر پنھنجين ٻن ڀيڻين جي شاديءَ جو دعوت نامو اچي ڏنو ۽ پوءِ ملائيشيا وڃي رهيس ته ڪجهه سالن بعد اڪبر جي پنھنجي شاديءَ جو دعوت نامو مليو، جيڪو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. ٻن ٽن مھينن کان پوءِ سندس جھاز ملائيشيا جي پينانگ بندرگاهه ۾ آيو ته آئون ملاڪا کان هَلي مَلي ساڻس ملڻ پينگانگ ويو هوس. ٽوڪيو ۾ اسان ٽن جھازين (ٽيون اسلم زبيري) جي ماني هو ٺاهيندو هو. سندس رڌل ٻوڙ واقعي سوادي هوندو هو يا شايد سڄو هفتو جپاني ريسٽورنٽن تان کائي کائي تبديلي خاطر اڪبر جو پاڪستاني اسٽائيل جو جھڙو تھڙو رڌل ٻوڙ به ”پريان سندي پار جي مٺائي“ لڳندو هو. اسان جڏهن شپ يارڊ کان بس ۾ نڪرڻ بدران سُميدا نديءَ جو ڪنارو وٺي گنزا جي متوسزاڪايا هئنڪيو ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ ڇنڇر ڏينھن لڳل Sale مان مڇيون، گانگٽ ۽ کنڊ، لوڻ، ڪيچپ، گوبي، مرچن جھڙو رڌ پچاءُ جو سامان وٺڻ لاءِ نڪرندا هئاسين ته سُميدا نديءَ تي ٺھيل هن پل ازوما وٽ ڪجهه دير ويھي فرحت وٺندا هئاسين. اڪبر سگريٽ دکائي ان جا ننڍا ڪش هڻندو هو. آئون هن جي معصوم چھري ۽ دونھين مان ڇڏيل سڄن ۽ ڀڳل ڇلن کي غور سان ڏسندو هوس.
”ڇا پيا سوچيو؟“ هڪ دفعي اڪبر پڇيو.
”ڪجهه به نه. ۽ تون؟“ مون کانئس پڇيو.
”آئون به ڪجهه نه، سواءِ ان جي ته شايد توهان سوچي رهيا هجو ته هيءَ دنيا به سگريٽ جي ڇلن وانگر فاني آهي. هڪ گهڙيءَ ۾ آهن ته ٻيءَ ۾ هن ٿڌي هير ۾ غائب ٿيو وڃن، يا شايد پنھنجو وجود وڃايو ڇڏين...“ هن چيو هو.
۽ هن وقت مون کي اڪبر ياد اچي رهيو هو. اچڻ به گهرجي خاص ڪري هن هنڌ تي ته ضرور اچڻ کپي. هو محنت ۽ پورهئي جي علامت هو، هو نمي کمي نھارڻ ۽ قربانيون ڏيڻ جي نشاني هو. هڪ ڏينھن اڳ اوساڪا کان ٽوڪيو ايندي وقت گل احمد پاور پلانٽ ڪراچيءَ کان اسلم زبيريءَ جو فون آيو ته مون يڪدم کيس ٽوڪيو وڃڻ جو ٻڌايو.
”ڪاش تون ۽ اڪبر به هجو ها.“ مون اسلم کي چيو.
”اڪبر جي توکي خبر ناهي؟“
”نه ڇو؟ خير ته آهي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”اڪبر ڪڏهوڪو گذاري ويو. کيس سال کن اچي ٿيو آهي. هن کي ڪولمبو ۾، يا شايد ڪنھن ٻئي پورٽ ۾، هارٽ اٽيڪ ٿي پيو ۽ پوءِ باءِ ايئر لاش هتي ڪراچيءَ پھتو هو...“
آئون سُميدا نديءَ جو ساڳيو ڪپر وٺي اڳيان وڌان ٿو. هتي ئي هن ندي جي ڪناري تي، ڪنھن هنڌ جپان جي مشھور شاعر، عالم، پير درويش ماتسوئو باشو (Matsuo Basho) جو گهر هو. پاڻ 1644ع ۾ ڄائو هو. هن هڪ مشھور هائيڪو هِن سُميدا نديءَ جي ڪناري واري هن گهر مان ئي لکيو هو.
ٽڙيل گلن جو ڪڪر
شام جو وڄندڙ گهنڊ
ائينو ؟ اساڪسا؟

Hana no kumo
Kane wa
Uneo ka Asaksua ka
ائينو (Uneo) ٽوڪيو جو هڪ ٻيو مشھور علائقو آهي، جيڪو اساڪُسا سان مليو پيو آهي ۽ هتان سُميدا ندي جي هن ڪناري کان ميل کن جي فاصلي تي آهي. در اصل اڄ اسان گهران نڪرڻ وقت اساڪسا جي ”سينسوجي“ مندر ڏسڻ بدران ائينو ۾ ٽوڪيو جو چڙيا گهر ۽ ڪانئيجي (Kaneiji) مندر ڏسڻ جو ارادو ڪيو هو، پر پوءِ اساڪُسا جي سينسوجي اوتيرا (Temple) ۾ هليا وياسين.
ائينو جو هي مشھور ’ڪانئيجي‘ مندر هڪ ٻڌ ڌرم جي جپاني ٻائي سن 1625ع ۾ ٺھرايو هو. مٿئين هائيڪو جو شاعر باشو هن مندر ٺھڻ کان ويھه سال کن پوءِ ڄائو هو. هن پنھنجي هائيڪو ۾ جن گهنڊن (Kane wa) جو ذڪر ڪيو آهي، اهي ائينو جي هن مندر ”ڪانئيجي“ جا آهن يا شايد ڀر واري علائقي اساڪوسا جي مندر ”سينسوجي“ جا آهن. جن جي بھرحال کيس به خبر نٿي پوي، تڏهن ته هو اساڪُسا ۽ ائينو جي پويان Ka لڳائي ٿو. جپانيءَ ٻوليءَ ۾ سوال پڇڻ لاءِ سوال جي نشاني ڏيڻ بدران، اسم جي پويان ’ڪا‘(KA) لڳايو وڃي ٿو، جيئن Ueno ka۽ Asakusa ka يعني Ueno يا Asakusa ؟
ظاهر آهي سُميدا نديءَ جي ڪناري تي بيھڻ واري کي ٻنهي مندرن جي گهنڊ جو آواز_ هلڪو ئي سھي ساڳي ليول ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو، جو سميدانديءَ کان سينسوجي مندر ۽ ڪانئيجي مندر مختلف درن ڏي پر هڪ ئي فاصلي تي آهن.
جپاني ٽن سٽن جو شعر_ هائيڪو هڪ مختصر شعر ٿئي ٿو، جنھن ۾ عام وڏي شعر وانگر هر ڳالهه واضح نٿي ٿئي. هونءَ ئي نثر جي مقابلي ۾ نظم هڪ مختصر شيءِ آهي ۽ هائيڪو ته وري هيڪاندو مختصر ٿيو! ان ڪري جپاني ڪلچر ۾ هائيڪو نه فقط لکڻ آرٽ آهي، پر پڙهڻ ۽ سمجهڻ پڻ هڪ وڏو آرٽ آهي. هائيڪو (شايد سنڌيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي هائڪو سڏجي ٿو، پر صحيح جپاني لفظ ٽن اکرن تي ٻڌل آهي: ها_ ئي_ ڪُو.هائڪو هڪ مختصر شعر هجڻ ڪري، هو ڪڏهن به ڪنهن شيءِ جي تصوير تفصيل سان پيش ڪري نٿو سگهي. هائيڪو ۾ اصل ڳالهه يا قصي جون فقط ٻاهريون لائينون ۽ اهم حصا ڏنا وڃن ٿا_ سمجهو ته منور ابڙو يا بڪيرائي شاهه جو ٺھيل اسڪيچ ورڪ هجي، جنھن کي غور سان ڏسي اندازو لڳائڻ ته ڪھڙي سياستدان جو ٿي سگهي ٿو يا هن ۾ ڪھڙو طنز و مزاح آهي، اهو ڏسندڙ جي معلومات ۽ ذهن تي مدار رکي ٿو. اهو ئي حال هائيڪو جو آهي ۽ ان لاءِ هائيڪو جي عظيم استاد باشو جو مٿيون هائيڪو بھترين مثال آهي. چي:
ٽڙيل گلن جو هڪ ڪڪر
شام جو وڄندڙ گهنڊ
ائينو؟ اساڪُسا؟
شعر مان لڳي ٿو ته بھار جي مند آهي جو چوڌاري چيري بلاسم جا گل آهن. هائيڪو ۾ صرف Hana (بلاسم) يا ٽڙيل گل لکيل آهن معنيٰ چيريءَ جا_ ۽ جپان ۾ بھار جي رُت دنيا جي بھترين مندن مان سمجهي وڃي ٿي. توهان ڪنھن جپاني دوست کي چوندؤ ته آئون اونهاري ۾ (يا سياري ۾) جپان ايندس ته يڪدم چوندو ته بھار ۾ اچ_ ۽ پوءِ يڪدم چوندو ته جڏهن چيريءَ جا گل کڙن ٿا. مٿين هائيڪو جي پھرين سٽ ۾ فقط ٽي لفظ آهن:
هنا نو ڪُومو Hana No Kumo (هنا جو ڪڪر ) لکيل آهي، يعني کڙيل گلن جو جهڳٽو ۽ هر جپانيءَ کي خبر آهي ته گهنڊن جو آواز شام جو اچي ٿو ۽ ڪنھن مندر مان ئي اچي ٿو. هتي نه اسڪول ۾ موڪل جو بيل وڄي ۽ نه ڍڳي جي ڳچيءَ ۾ بيل ٻڌل ...سو بيل جي آواز تي ڪنھن جو مندر کان علاوه ڪنھن ٻئي طرف ڌيان وڃي. ۽ اهي شام جي وقت ئي وڄن ٿا، جنھن جي هر جپانيءَ کي ڄاڻ آهي. هتي ”شام جو وڄندڙ“ لفظن جو واڌارو به مون ڪيو آهي، نه ته اصل جپاني هائيڪو ۾ فقط Kane Wa معنيٰ ’گهنڊ‘ لکيل آهي. اهو گهنڊ جو آواز ائينو کان ڪانئيجي مندر مان اچي رهيو آهي يا اساڪسا جي مندر سينسوجيءَ کان، پر ٻنهي طرف چيري بلاسم جي گلن جا ڪڪر ڇانيا پيا آهن ۽ شاعر آواز جو طرف نه سڃاڻي پڇي ٿو ته اهي ائينو علائقي واري مندر جا گهنڊ آهن يا اسڪاسا علائقي واري مندر جا؟
ان ئي ڪري جپان ۾ هائيڪو پڙهڻ يعني سمجهڻ به آرٽ ۾ شمار آهي. لکڻ ته آهي ئي آهي.
جيئن هڪ ٻيو مزيدار هائيڪو موري تاڪي نالي هڪ شنتو ڌرم جي ٻائي جو آهي، جيڪو 1452ع ۾ ڄائو ۽ 97 سالن جي عمر ۾ سن 1549ع ۾ وفات ڪيائين.
Rakka eda ni
Keru to mireba
Kochokana
گلن جون ڪرندڙ پتيون مٿي وڃن پيون
واپس وڻ جي ٽاريءَ ڏي. آئون ڏسان پيو
اوه! هي ته پوپت آهن!
پاڻ وٽ چوندا آهن ته ڇٽل تير وري نه موٽي يا ڏڌل کير وري ٿڻن ۾ نه وڃي. تنھن وانگر جپانيءَ ۾ اها چوڻي عام آهي جيڪا سوال طور پڇي ويندي آهي ته ڪڏهن چيري گل جون ڇڻيل پتيون واپس ٽارين ۾ لڳيون؟ هن هائيڪو جو شاعر، جيڪو پوپٽن کي پٽ تان اڏري مٿي وڻ جي ٽارين ڏي ويندو ڏسي رهيو هو، اهو پھرين سٽ ۾ چوي ٿو ته ها” گلن جون ڪرندڙ پتيون واپس ٽارين ڏي وڃن پيون، آئون پنھنجي اکين سان ويٺو ڏسان... پر پوءِ حقيقت جي خبر پوڻ سان يڪدم چوي ٿو ”اوه! هي ته پوپٽ آهن!“
جپان ۾ اونهاري ۾، سنڌ جھڙي نه ته به چڱي خاصي گرمي ٿئي ٿي. خاص ڪري اهو ملڪ جتي سيارو بيحد سخت ٿڌو، طوفاني ۽ بارشن وارو آهي، اتي اونهاري جي هھڙي گرمي ماڻهن جو سِر ٿي ڪڍي، ۽ پوءِ آفيسن توري بس اسٽاپن تي ماڻهن کي پلاسٽڪ جي ڳن وارا گول پکا ٿين. جيڪڏهن توهان اهو جپاني وِڃڻو ڏٺو آهي يا ذهن ۾ آڻي سگهو ٿا ته پوءِ پنڌرهين صديءَ جي هن جپاني شاعر ’سوڪان‘ جي سوچ کي ضرور داد ڏيندائو:
جيڪڏهن چوڏهين جي چنڊ کي
ڪو هٿو وجهي ڏئي.
ته ڇا خوبصورت وڃڻو ٿي پوي.
منھنجي خيال ۾ هتي ڪجهه وڌيڪ ئي شعر و شاعري ٿي وئي آهي پر سنڌو نديءَ وانگر هيءَ سُميدا ندي هر ماڻهوءَ کي ڪجهه زياده ئي شاعر ۽ رومانٽڪ بنايو ڇڏي. ٽوڪيو ۽ گنزا جي گوڙ ۾ هيءَ هڪ سُميدا ئي سانت واري شيءِ آهي.
منجهند جا ٻه ٿي رهيا هئا. دوستن جي آفيس ۾ مون لاءِ رکيل منجهند جي ماني رات جو کائڻ جو سوچي آئون سوتو بوري اسٽريٽ ڏي وڌيس. رستي تي هڪ پارڪ جي ٽڪريءَ ۾ ڪجهه ايراني دڪاندار اوبينتو (لنچ باڪس) ٺاهي وڪڻندا هئا. پر اها 81_1980ع جي ڳالهه آهي. هينئر مون کين گهڻو ئي ڳوليو خاص ڪري نِي چومي (2-Chome) گهٽيءَ وٽ، پر نه مليا. آخر هڪ افغاني شڪل جي همراهه کان پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هنن جا غير قانوني دڪان هجڻ ڪري سرڪار کين ڪڏهوڪو اٿاري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته هنن مان ڪجهه ۽ ڪجهه ٻين ايرانين هاڻ هارا جوڪو يا ڪاسو ميگاسيڪي ڏي وڃي پڪا دڪان ورتا آهن. هارا جوڪو ۽ ڪاسوميگاسيڪي پڻ ٽوڪيو جي وچ وارا علائقا آهن، جن جي ڀرسان روپونگي ۽ شمباشي آهي.
آئون هڪ عام جپاني دڪان تان ميري بسڪيٽن جو پئڪيٽ ۽ گرم ڪافيءَ جو گلاس وٺي گنزا سب وي اسٽيشن ۾ اچي کائڻ ۽ مارنوئچي ريل گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳس، جيڪا مون کي دوستن جي گهر شنجوڪو وٺي هلڻي هئي.