ياماني ساتوشي هاڻ عبدالواحد آهي
عبدالواحد سان منھنجي پھريون دفعو هتي ملاقات ٿي. هن جي اچڻ کان اڳ منھنجي تصور ۾ اهو هو ته هو هڪ ڏاڙهيءَ سان پوڙهو ماڻهو هوندو. گهر ۾ ٻن ٽن ڏينھن کان ڳالهه هلي پئي ته هڪ جپاني مسلمان جوڙوعبدالواحد ۽ سندس زال حِڪمه اچي رهيون آهن. انهن بابت وڌيڪ پڇي نه سگهيس. اهو ئي سوچيم ته جڏهن ايندا ته ڏسندس ۽ معلوم ڪندس ته ڪير آهن ۽ ڪيئن مسلمان ٿيا. هاڻ عبدالواحد جي سامهون اچڻ تي معلوم ٿيو ته مشتاق کان به گهڻو ننڍو آهي. پاڻ ٻڌائين ته سندس ڄم جي تاريخ 15 مارچ 1975ع آهي، يعني هو 29 سالن کن جو ٿيو ۽ مسلمان ته اڃا به ننڍي عمر ۾ اڄ کان پنج سال اڳ ٿيو، جيڪا ڳالهه وڌيڪ Credit واري آهي. هڪ اعليٰ تعليم يافته، سھڻي نوجوان جو جپان جھڙي ملڪ ۾ رهي ڪري پنھنجي آسپاس جي ظاهري عياشي کي ڇڏي هڪ اهڙي مذهب کي پنھنجو ڪرڻ، جيڪو نماز روزي جھڙين شين جي پابندي مڙهڻ ڪري، ماڻهن جو Life style بدلايو ڇڏي، ان مذهب ۾ عبدالواحد ساتوشيءَ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڏٺو هوندو جو هو مسلمان ٿيو آهي.
عبدالواحد جي جپاني ذات ’ساتوشي‘ آهي، جيڪا هتي جا جپاني، مسلمان ٿيڻ بعد به سڃاڻپ لاءِ قائم رکن ٿا جيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪرسچن يا يھودي مسلمان ٿيڻ بعد پنھنجي ڪٽنب جو نالو يعني ذات ساڳي رهڻ ڏين ٿا. جيئن محمد مارماڊيوڪ پڪٿال (جنھن قرآن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي) جي ذات اهائي آهي، جيڪا پھرين هئي.
عبدالواحد ساتوشيءَ جو اصل جپاني نالو ياماني ساتوشي (Yamane Satoshi) ۽ سندس زال حِڪمه جو جپاني نالو چڪاڪو (Chikako) آهي. سندس زال اسان وٽ اچي نه سگهي جو عبدالواحد ٻڌايو ته مٿيان مھينا پيٽ سان هجڻ ڪري هن جي طبيعت خراب ٿي پئي ۽ هوءَ ڏينھن ٻن تي ٻار ڄڻڻ واري آهي، جيڪو سندن ٽي سال اڳ رچايل شاديءَ بعد پھريون ٻار ٿيندو. حِڪمه پڻ پنھنجي منھن شاديءَ کان اڳ ئي مسلمان ٿي چڪي هئي.
عبدالواحد پڻ آمنا وانگر (”نگويا“ جپان جي جپاني ڇوڪري، جيڪا مون کي دبئي ايئرپورٽ تي ملي ۽ دبئيءَ کان اوساڪا تائين ساڳئي جھاز ۾ سفر ڪري) عربيءَ جا صاف لفظ استعمال ڪري رهيو هو. اچڻ سان السلام عليڪم چوڻ ۽ ڳالهه ڳالهه ۾ الحمد الله چوڻ يا ڪا شيءِ_ چانھه وغيره سندس اڳيان رکڻ تي ’ٿئنڪ يو‘ يا جپانيءَ ۾ ’اري گاتو گوذائي ماشتا‘ چوڻ بدران ’جزاڪ الله‘ چوڻ وغيره_ هڪ جپانيءَ جي واتان اهي لفظ جن سان اسان مانوس آهيون، ٻڌي عجيب ٿي لڳو.
اڄڪلهه هتي ساڍي ستين وڳي سج لھي ٿو ۽ نماز لاءِ آئون اٿيس ته پاڻ وضوءَ جو پڇي نل ڏي ويو ۽ وضوءَ جو لفظ اسان کان به بھتر لھجي_عربي اسٽائيل ۾ چيائين. وضو ڪري، منھنجي ڀر سان ٻيو مصلو وڇائي نماز لاءِ بيٺو ته آئون ٽي رڪعتون فرض پڙهي چڪو هوس. هن نماز شروع ڪرڻ کان اڳ تڪبير زور سان پڙهي ۽ آئون سندس لفظ لفظ غور سان ٻڌندو رهيس ۽ اهو ئي سوچيندو رهيس ته انگريزي ڳالهائڻ وارن کان جپانين لاءِ عربي اُچارڻ ڏکيوآهي پر تنھن هوندي به هنن ماڻهن کي شاباش هجي ۽ کين داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي. جنھن محنت ۽ لڳاءُ سان هي عربيءَ جا لفظ سکن ۽ پڙهن ٿا، جيئن قرآن ۽ نماز وغيره پڙهي سگهن.
مانيءَ دوران آئون عبدالواحد (يامانيساتوشي) سان سندس مسلمان ٿيڻ جون خبرون پڇندو رهيس.
”آئون هڪ ٻئي مسلمان جپاني ڊاڪٽر حسن ڪوناڪاٽاجي ڳالهين مان متاثر ٿي مسلمان ٿيس.“ عبدالواحد ٻڌايو. ”ڊاڪٽر حسن ’ياماگچي يونيورسٽيءَ‘ ۾ پروفيسر هو، جتي مون فلاسافي پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي هئي.“
”هو ڪڏهن مسلمان ٿيو هو؟“ مون پڇيو.
”اها مون کي خبر ناهي، آئون يونيورسٽي آيس ته هو گهڻو اڳ مسلمان ٿي چڪو هو ۽ سندس جپاني زال جنھن جو جپاني نالو ڪائوري ناڪاتا هو ۽ هاڻ اسلامي نالو حبيبه آهي، اها سندس شاديءَ کان ڪجهه سال اڳ 1995ع ۾ مسلمان ٿي هئي.“
”ڊاڪٽر حسن توهان کي ڇا پڙهائيندو هو؟“ مون پڇيومانس.
”هو ياماگچي يونيورسٽيءَ ۾ اسلامڪ پوليٽڪس پڙهائيندو هو پر هو منھنجو پروفيسر نه هو. آئون هن وٽ فرصت جي گهڙين ۾ سياست ۽ مذهب تي بحث ڪرڻ لاءِ ويندو هوس. هن جو خيال هو ته:
”Politics & Religion can not be separated.“
پر آئون جپان جي حوالي سان اهو ئي چوندو هوس ته جپان ۾ ائين ڪري نٿو سگهجي. جپان ۾ سياست الڳ ئي رهندي. جيتوڻيڪ جپان جي ميئيجي دؤر کان اڳ هتي به سياست ۽ مذهب گڏ هئا.“ عبدالواحد ٻڌايو.
”پوءِ توهان اسلام ڪڏهن قبول ڪيو؟“ مون پڇيومانس.
”آئون مسلمان قاهره جي مسجدالاظھر ۾ ٿيس.“
“ اتي پڙهڻ لاءِ يا نوڪريءَ لاءَ توهان جو وڃڻ ٿيو يا گهمڻ لاءِ”
” در اصل انهن ڳالهين ڪري آئون مصر نه ويس، پر مون کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر حسن اتي گهرايو. ڊاڪٽر حسن 1997ع ۾ هڪ سال جي ريسرچ ورڪ لاءِ قاهره (Cairo) مصر روانو ٿيو. هن جي وڃڻ بعد آئون اٻاڻڪو ٿي پيس. اسلام تي هن جي ٻڌايل ڳالهين منھنجي دل تي وڏو اثر ڪيو. آئون سمجهندو هوس ته انسان جي اتم ٿيڻ لاءِ هن لاءِ وڏي نوڪري ضروري آهي، پر پوءِ مون محسوس ڪيو ته پورهيو يا نوڪري انسان پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿو ڪري. جسم جي Nourishment لاءِ ٿو ڪري. روحاني ترقي ۽ سڪون لاءِ عبادت ضروري آهي_ ان هڪ رب جي جيڪو اسان جو اپائڻھار آهي ۽ جنھن وٽ اسان کي موٽڻو آهي. انهن سڀني ڳالهين جا دليلي جواب مون کي اسلام ۾ نظر آيا. مون نيٺ اسلام قبول ڪرڻ جو پڪو پھه ڪيو ۽ ڊاڪٽر حسن کي فون تي ٻڌايو. هن مون کي سمر وئڪيشن ۾ قاهره ۾ مسلمان ٿيڻ لاءِ گهرايو. اهڙيءَ طرح منھنجو قاهره (مصر) وڃڻ ٿيو۽ اتي جي مشھور مسجد الاظھر ۾ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيس.“
مون کلندي عبدالواحد کي چيو ته ”جپانين لاءِ مسلمان ٿيڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي. اسلام جيڪي چوي ٿو ان جي ڪيترن ئي ڳالهين تي هو پھرين ئي فٽ آهي. هو نه چوري ڪن، نه ڪوڙ ڳالهائين، نه جوا کيڏن (Pachinko پَچنڪو کان سواءِ، جيڪڏهن پچنڪو جوا آهي ته) نه پاڙي وارن کي رنجائين، ايمانداري سان ڊيوٽي ڏين، صبح جو سوير اٿن، رات جو سوير سمهن. بس رڳو ڪلمو پڙهڻ جي دير اٿن ۽ بُوتا (سوئر) ۽ ساڪي (جپاني چانورن جو شراب) پيئڻ ڇڏي ڏين.
”ڪيتراجپاني هوندا جيڪي ساڪي پيئڻ افورڊڪري سگهن ٿا؟ مھانگي ايڏي ٿي وئي آهي جو پاڻيءَ جي بوتل به هڪ سؤ يين ٿي وئي آهي. ڏسڻا وائسڻا ميونسپالٽيءَ جي نلن تي وات رکي پاڻي پيا پيئن.“ عبدالواحد به کلندي منھنجي ڳالهه جو سر وٺرايو ۽ پوءِ سنجيده ٿي چيو: ”اسلام جي سڀ کان اهم ڳالهه/ پرچار ڇا آهي؟“
”توهان ئي ٻڌائڻ چاهيندؤ؟“ مون چيومانس.
”توحيد_الله کي هڪ مڃڻ ۽ ڪنھن کي به هن سان شريڪ نه ڪرڻ. ڊاڪٽر حسن مون کي توحيد تي گهڻا ليڪچر ڏيندو هو. ڪو به جپاني ڊاڪٽر حسن کان پڇندو هو يا پاڻ مون کان پڇي ته آخر اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ ڪھڙو فرق آهي ته اسين کين توحيد بابت ئي ٻڌايون ٿا. اسان ٻئي جي ديوتا ۾ فرق تڏهن نه آڻيون جڏهن هو رب پاڪ طرفان مقرر ٿيل Paramater تي پورو اچي ۽ اها ساهمي آهي ”قل هو الله احد..“ جي سورت، جنھن مطابق فقط الله ئي آهي، جيڪو اسان جو اپائڻھار ۽ مالڪ آهي.“
عبدالواحد 1998ع ۾ ياماگچي يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪري سال کن ”ڪيوٽو يونيورسٽيءَ“ ۾ ريسرچ ورڪ ڪيو. ان بعد هتي جي مقابلي وارن امتحانن لاءِ تياري ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. هي امتحان اسان جي سِول سروس CSS ٽائيپ امتحان وانگر ٿين، جنھن بعد کين مڪاني، پروونشل ۽ ملڪي حڪومت ۾ نوڪريون ملن. عبدالواحد اڄڪلهه فڪوئوڪا پريفيڪچر (صوبائي ٽائيپ) حڪومت (Fukuoka Kencho) ۾ سي ايس پي ٽائيپ آفيسر آهي.
عبدالواحد ٻڌايو ته جپان جي هن ٻيٽ ڪيوشو تي (ياد رهي ته جپان چئن وڏن ٻيٽن، هوڪئدو، هونشو، شڪاڪو ۽ ڪيوشو ۽ هزارين ننڍن ٻيٽن جو گلدستو آهي) اٽڪل ڏهه هزار جپاني مسلمان آهن. سڀ کان گهڻا هونشو ۾ آهن. صرف فڪوئڪا شھر ۾ جپاني مسلمانن جون ٽيھه کن فئمليون آهن. ”اسان وٽ هر مھيني جي ٽي آچر تي جپاني مسلمانن جون گڏجاڻيون ٿين ٿيون جن ۾ ڌارين ملڪن جا هتي رهندڙ مسلمان پڻ اچن. هن مھيني جي ويھين تاريخ تي ٿيندڙ Get_Together ۾ توهان ضرور اچجو.“ عبدالواحد چيو.
”عبدالواحد ڪجهه اهم جپاني مسلمانن جي اِي ميل ائڊريس يا فون نمبر ملي سگهندو جيئن ساڻن ڪڏهن خبر چار ڪري سگهجي.“ مون پڇيو.
”مون وٽ ٻن ٽن جون ائڊريسون گهر تي آهن پر ٻئي کي ڏيڻ لاءِ مون کي تڪلف طور هنن کان پڇڻو پوندو. بھتر ٿيندو ويھين تاريخ توهان ئي اچي کانئن وٺو..“
”اها به صحيح ڳالهه آهي.“
هڪ جپاني نو مسلم عورت پنھنجي ويب سائيٽ Hirunnisa جي نالي سان ٺاهي آهي. صحيح طرح مون کي انگريزيءَ ۾ Spellings نٿيون اچن، جو اها جپانيءَ ۾ آهي، جنھن ذريعي هوءَ جپانين کي اسلام بابت ڄاڻ مھيا ڪري ٿي.“
عبدالواحد اسان وٽ ٽي چار ڪلاڪ هو. ان وچ ۾ سندس زال جا ٻه دفعا فون به آيو، جنھن هڪ دفعو سندس لاءِ ٻوڙ آڻڻ لاءِ چيس. دال ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ رڌو هئوسين، جيڪو هن کي سندس زال حڪمه لاءِ ٻارن جي لنچ باڪس (O-Bento) ۾ وجهي ڏنوسين.
اٿڻ مھل سندس دوست پروفيسر جو پڇيومانس ته ڊاڪٽر حسن ڪونا ڪاٽا اڃا مصر ۾ آهي يا ياماگچي يونيورسٽي (جپان) ۾.
”هو اڄڪلهه ڪيوٽو جي Dshi Isha يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي.“
ڪيوٽو شهر _ڪوبي، اوساڪا۽ نارا شھرن جي ڀرسان، هونشو ٻيٽ تي آهي. ڪيوٽو مندرن، پراڻين عمارتن ۽ تعليمي ادارن کان مشھور آهي.