الطاف شيخ ڪارنر

آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس

ھن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ 72 مضمون شامل آهن، جن ۾ دنيا جھان جا سؤ کان مٿي موضوع بحث هيٺ آندا ويا آهن. ڪتاب جو وڏو حصو ”آرڪٽڪ سرڪل“ وارن ملڪن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ سوَين دلچسپ ڳالھيون پڙهڻ لاءِ موجود آهن. اتي جون ريتون، رسمون، سمھڻ، کائڻ پيئڻ، مرڻ، سواري ڪرڻ جا انوکا مثال ڏنا ويا آهن، انھن جي وچ ۾ الطاف شيخ پنھنجي Social Science بابت حاصل ڪيل ڄاڻ بہ ڏيندو ويو آهي. ساڳي وقت  الطاف شيخ ايران، خراسان، افغانستان، اُزبڪستان، آذربائيجان، ترڪمنستان ۽ ٻين وچ ايشيائي رياستن جي علم ادب، مذهب، ماڻهن، حاڪمن، ويڙهاڪ ٽولن جو جھڙي ربط ۽ ضبط سان ذڪر ڪيو آهي. ان مان سندس تاريخ، جاگرافي، مذهب ۽ سماجي رَوين بابت مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ مسجدن بابت مضمونن سان گڏ اتر قطب جي ملڪن ۽ دنيا جي آڳاٽن شھرن بابت ھڪ اھم مضمون پڻ شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس
ليکڪ: الطاف شيخ
ڇاپو پهريون: مارچ 2021ع
تعداد: 1000 ڪاپيون
لي آئوٽ: ظفر آفتاب
ٽائيٽل: وسيم الدين
قيمت: 500 رُپيا
ڇپيندڙ
ايڇ اينڊ آر پرنٽرس، ڪراچي، سنڌ

ڇپائيندڙ
پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي سنڌ
peacockpublishers@gmail.com

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ڪتاب ملڻ جو هنڌ
پيڪاڪ ڪتاب گهر
ڪراچي: 404 رفيق سينٽر، عبدالله هارون روڊ، صدر ڪراچي- سنڌ
فون نمبر: 0341-2570527، peacockbookhouse@gmail.com
حيدرآباد: دڪان نمبر 07 ويجهو ڪلو پڪوڙائي، عبرت پريس واري گهٽي،
حيدر چوڪ رابطي لاءِ: دلشاد گوپانگ فون: 0304-3018400
لاڙڪاڻو: ويجهو لياقت ميڊيڪل اسٽور لاهوري محلو لاڙڪاڻو.
رابطي لاءِ: مهراڻ ڌامراهو فون: 0333-7503426

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ڪتاب ”آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس“ اوهان اڳيان پيش آهي.
ھن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ 72 مضمون شامل آهن، جن ۾ دنيا جھان جا سؤ کان مٿي موضوع بحث هيٺ آندا ويا آهن. ڪتاب جو وڏو حصو ”آرڪٽڪ سرڪل“ وارن ملڪن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ سوَين دلچسپ ڳالھيون پڙهڻ لاءِ موجود آهن. اتي جون ريتون، رسمون، سمھڻ، کائڻ پيئڻ، مرڻ، سواري ڪرڻ جا انوکا مثال ڏنا ويا آهن، انھن جي وچ ۾ الطاف شيخ پنھنجي Social Science بابت حاصل ڪيل ڄاڻ بہ ڏيندو ويو آهي. ساڳي وقت الطاف شيخ ايران، خراسان، افغانستان، اُزبڪستان، آذربائيجان، ترڪمنستان ۽ ٻين وچ ايشيائي رياستن جي علم ادب، مذهب، ماڻهن، حاڪمن، ويڙهاڪ ٽولن جو جھڙي ربط ۽ ضبط سان ذڪر ڪيو آهي. ان مان سندس تاريخ، جاگرافي، مذهب ۽ سماجي رَوين بابت مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ مسجدن بابت مضمونن سان گڏ اتر قطب جي ملڪن ۽ دنيا جي آڳاٽن شھرن بابت ھڪ اھم مضمون پڻ شامل آھي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ ۽ پيڪاڪ پبلشرز جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

مانواري سائين الطاف شيخ جو تازو سفر نامو ”آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس” منهنجي سامهون پيو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 72 مضمون شامل آهن، جن ۾ دنيا جهان جا سؤ کان مٿي موضوع بحث هيٺ آندا ويا آهن. جن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه مواد موجود آهي.
انهن مضمونن ۾ ‘جديد ۽ آڳاٽن شهرن جو سفر’ جي عنوان سان هڪ مضمون شامل آهي، جيڪو اصل ۾ سائين ڪامريڊ شبير شر ايڊووڪيٽ جي سفرنامي “جيش جبل ۽ ڪوهه ڪاف جا سفر” هڪ ڪتاب ۾ ٻه سفرناما شامل آهن. هڪ جديد ۽ اڀرندڙ شهر “دبئي” ٻيو ازبڪستان ۽ آذر بائيجان بابت آهن. شيخ صاحب جو مضمون ڪتاب جي مهڙ ۾ شامل آهي. سائين شبير شر جو ڪتاب منهنجي سامهون نه آهي، جو ٻڌائي سگهان ته اصل ۾ ڇا لکيل آهي، البت ايترو چئي سگهان ٿو ته فني لحاظ کان اهو “مهاڳ” ٿيڻ گهرجي، نه پيش لفظ يا ٻه اکر. اسان مان جي سائين شر صاحب کي سڃاڻن ٿا يا جن سندس مضمون پڙهيا آهن. اهي چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا ته انهن ڪتابن ۾، ڪهڙن دلچسپ موضوعن تي لکيو ويو هوندو ۽ انهن ۾ سنڌ بابت ڪيترو ذڪر هوندو!
پر آءٌ سلام ٿو پيش ڪريان سائين الطاف شيخ صاحب جي مطالعي کي، جنهن ڪتاب ۾ ذڪر ٿيل اسمن جي وضاحت انتهائي شاندار ۽ بامقصد انداز ۾ بيان ڪئي آهي. انهن ملڪن جي ترقيءَ پويان جيڪي راز آهن، انهن تان پردو کنيون اٿائين ته ساڳئي وقت سنڌ جي ماڻهن جي ذهن ۽ ضمير کي به جنجهوڙيو اٿائين ته جي هو همٿ ڪري، زميندارن، وڏيرن ۽ پيرن جي پيڪڙن مان ٻاهر نڪري اچن ته دنيا جي ڪابه طاقت سندن ترقيءَ آڏو اچي نه ٿي سگهي.
عرب رياستن جي ترقيءَ جو آڌار صرف تيل تي نه آهي، ان جي پويان سندن وطني جذبو، سٺو نظام ۽ مستقبل جو فڪر به شامل آهي. شيخ صاحب ملائيشيا جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ان ڪهڙي ريت ترقي ڪئي، ان جي ڀرسان انڊونيشيا آهي، جتي تيل به نڪري ٿو، پر انهن اها ترقي ڪانه ڪئي آهي، جيڪا کين ڪرڻ گهرجي ها!
سائين الطاف ايران، خراسان، افغانستان، اُزبڪستان، آذربائيجان، ترڪمنستان ۽ ٻين وچ ايشيائي رياستن جي علم ادب، مذهب، ماڻهن، حاڪمن، ويڙهاڪ ٽولن جو جهڙي ربط ۽ ضبط سان ذڪر ڪيو آهي. ان مان سندس تاريخ، جاگرافي، مذهب ۽ سماجي رَوين بابت مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هو جڏهن ايران جي قومي شاعر حڪيم ابوالقاسم فردوسي جو ذڪر ڪري ٿو ته ان بابت چڱي معلومات مهيا ڪري ٿو. ان جي شاهڪار “شاهه نامي فردوسي” جو پڻ ذڪر ڪري ٿو، جنهن ۾ ايران جي شاندار ماضي، تهذيب ۽ تمدن کي وطني محبت سان پيش ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ فردوسي پورا ٽيهه سال ايران جي مختلف خطن جو سفر ڪيو معلومات گڏ ڪئي، پوءِ سن 400 هجري ۾ اهو مرتب ڪيو. ايران مٿان عربن جي قبضي کي شاهنامي ۾ نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي. ٻين لفظن ۾ عام پڙهندڙ کي فردوسي جي باري ۾ مناسب ڄاڻ ملي وڃي ٿي ته ايران جي تهذيب جي باري ۾ به کيس سٺي معلومات ملي وڃي ٿي.
ساڳي ريت ‘ثمرقند’ ۽ ‘بخارا’ جو ذڪر ڪندي شيخ صاحب ‘صحيح بخاري’، ان جي اهميت ۽ مسلڪن جو به ذڪر ڪيو آهي. اڄ جو نوجوان، جيڪو تاريخ، فلسفي، انساني ارتقا، (Anthropology) حڪمراني جا گڻ، سياست، رياست جهڙن اهم موضوعن کان ونءُ پيو وڃي، انهن کي شيخ صاحب اهي مضمون شربت جي گلاس ۾ ٺاهي کين پيش ڪري ٿو. روايت مطابق سندس لکڻ جو مکيه موضوع آهي: سماجي سجاڳي ۽ سنڌ سان پيار.
هن ڪتاب جو مکيه موضوع آهي خود ترسي (Self-Pity) يعني پاڻ تي رحم کائڻ، ٻين تي ڀاڙڻ، همٿ مان هٿ ڪڍڻ ۽ سڀ ڪجهه حالتن يا قسمت تي ڇڏڻ. اهي اسان جا اَوگڻ آهن. جيئن ته اسي سيڪڙو (80%) کان به وڌيڪ آبادي ان مرض ۾ مبتلا آهي. ان ڪري ان کي مجموعي صورتحال سمجهي سڀ ڪو ڪن لاٽار پيو ڪري! ڀلا ان خود ترسي مان ڪيئن نڪرون: ڪي واٽون، ڪي رستا، ڪو فلسفو، ڪا حڪمت ڪا سياسي پارٽي جيڪا انهن اوگڻن کي اجاگر ڪري، عام ماڻهن ۾ پاڻ تي ويساهه آڻڻ لاءِ ڪو دڳ ٻڌائي؟ جواب انڪار ۾ آهي. ڪي چند فرد يا گهراڻا آهن، جن پنهنجي مڙسي ڪري، چوندن چيو وساري. ڪا منزل متعين ڪري ان پويان هليا، اڄ سنڌ ۾ انهن گهراڻن کي عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو.
آءٌ پاڻ جڏهن ويهي ويچار ڪريان ٿو ته مون سميت، هزارين نوجوان 70 واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ڪهي آيا، ڏک ڏٺائون، کين رهڻ لاءِ مسواڙ تي جايون نه ٿي مليون ]مون خود ٻن دوستن سان گڏ نئين ڪراچيءَ ۾ پورا ٽي سال شٽر واري هڪ دڪان ۾ گذاريا. اسان جي لنچ هوندي هئي، پاڻي سان ٻه پاپا يا اوڌر تي کٽاڻ سان ماني[. جن دوستن محنت ڪئي، ڪا منزل من ۾ رکي، گهڻا انهي کي رسي ويا. منهنجو اهو به پڪو ويساهه آهي ته اسان جي نوجوانن ۾ فطري شعور آهي، لوڪ ڏاهپ آهي، اڳتي وڌڻ جي صلاحيت آهي، صرف موقعا ملڻ جي دير آهي. پر اهي موقعا به پاڻ کي تلاش ڪرڻا پوندا. اها ساڳي ڪراچي 1970ع کان اڳ عام سنڌين لاءِ ممنوع هئي. هاڻي ڏسو ڪيترا ماڻهو ڪيترين اهم سرگرمين ۾ مشغول آهن. شاندار گهرن ۾ رهن ٿا، زندگيءَ جون سڀ آسائشون کين مهيا آهن. فرق صرف ايترو آهي ته انفرادي ڪوششون- ڪاميابيون فردن تائين محدود رهن ٿيون. انهن ۾ اسان پنهنجي ماڻهن کي شامل نه ٿا ڪريون، جيئن ٻيون قومون ڪن ٿيون. اهي تيزي سان مارڪيٽ ۾ پکڙجي وڃن ٿيون. اسان اڃا تائين هنرن، ڌنڌن، ڪاروبار طرف نه پيا سوچون. سڀاويڪ ان خلا کي ٻيون قومون والاري وينديون.
سائين الطاف شيخ ان رحم جوڳي حالت مان نڪرڻ لاءِ ڪن فردن ۽ خاندانن جا مثال ڏنا آهن. جن همٿ ڪري پڙهي، مقابلي جا امتحان پاس ڪري، سٺو نالو پيدا ڪيو آهي. جن ۾ سرفهرست هن آپا ممتاز لاڙڪ جو ذڪر ڪيو آهي، بلڪ هي ڪتاب به ان جي نالي ڪيو آهي. جنهن هڪ ٽيچر ٿي ڪري، 1986ع ۾ مڙس جي وفات بعد به پنهنجي ٻارن کي پڙهايو. هنن جي تمام سٺي تربيت ڪئي ۽ کين اعلى آفيسر بنايو. جنهن ۾، ذوالفقار لاڙڪ CSS جو امتحان ڏئي پوليس کاتي ۾ آيو ۽ هن وقت ڪراچي ۾ DIG جي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ٻيو پٽ جاويد لاڙڪ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي مان پڙهي. انگلينڊ جي يونيورسٽي آف ليڊس مان پنهنجي سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪئي. هن وقت مهراڻ يونيورسٽي ۾ پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ (Head) آهي. سندس ٽئين پٽ نويد لاڙڪ سنڌ يونيورسٽي مان BSC اليڪٽرانڪس ۽ ماسٽرس ايڪنامڪس ۾ ڪئي. هن PCS جو امتحان پاس ڪيو. هن وقت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور طور ڪم ڪري رهيو آهي.
شيخ صاحب ٻيو مثال ماستر محمد يعقوب ميمڻ جو ڏنو آهي، جنهن ٻارن خاص طور نياڻين جي تعليم خاطر ٽنڊو ڄام ڇڏي اچي حيدرآباد وسائي. ٻه ٻه نوڪريون ڪري، ٻارن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏني. سندس ٻارن ۾ سراج الحق، فهميده حسين، مصباح الحق، انيسا ميمڻ ۽ ٻيا ٻار شامل آهن، جن سنڌي سماج، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي مالا مال ڪيو. سڀ خوشحال زندگي گذارين پيا. ساڳي پاڙي (گاڏي کاتي) ۾ رهندڙ امداد صديقي جهڙو به مثالي ماڻهو رهندڙ هو، جنهن پنهنجي ڏهن ٻارن مظهر الحق صديقي، ڊاڪٽر قمر، آپا سلطانه صديقي، جهانگير صديقي وغيره. جي تعليم تربيت تي پوري توجهه ڏني. اڄ سندن ملڪي سطح تي نالو آهي. شيخ صاحب چوٿون مثال سائين اسماعيل ميمڻ جو ڏنو آهي، جنهن جا ٻار: منان، غفران، سلام کان سبحان، رخسانا ۽ ٻين ٻارن کي اعلى تعليم يافته بڻايو. جيڪي اهم عهدن تي رسيا ۽ بيوروڪريسي ۾ نالو پيدا ڪيو.
شيخ صاحب خود ترسيءَ کي واضح ڪرڻ لاءِ جڳ مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنگي جي هڪ چوڻي به ڏني آهي، جنهن جو مطلب آهي ته “خود ترسي اسان جي دشمن آهي. جيڪڏهن ان کي ذهن ۾ جاءِ ڏينداسين ته اسين دنيا ۾ ڪوبه چڱو ڪم ڪري ڪونه سگهنداسين.”
ان ڏس ۾، وڌيڪ لکي ٿو ته، “غربت جو بهانو ڪندڙ ڪيترن ئي مردن کي هميشه ٽنڊي آدم جي هڪ ٻئي شخص سائين قبول ساند جو مثال ڏيندو آهيان ته توهان جون ڪيتريون به حالتون خراب هونديون پر تڏهن به قبول ساند جهڙيون نه هونديون.... هن پورهيو ڪري ٻارن کي پڙهايو. سندس چئن پٽن مان ٽي انجنيئر ۽ هڪ ڊينٽل سرجن ٿيو. انهن وري پنهنجي اولاد کي پڙهايو.
اهڙي نموني ڪتاب جي، ٻين ڀاڱن ۾ پڻ موزون جاين تي اهڙا قصا آندا اٿائين.” ناروي ويندڙن لاءِ منهنجي خواهش هوندي آهي ته هتان ويندڙ جيڪر شائسته عالماڻي سان به ملن، جيڪا مصيبت ماريل سنڌ ڇڏي ناروي ۾ پنهنجي فيملي سان سڪون سان رهي ٿي.” هڪ ٻئي هنڌ وري ‘صنم پيچوهو’ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪا يورپ جي مختلف ملڪن مان تعليم حاصل ڪري ٿي. ڳوٺ سيهڙ لاڙڪاڻي، جي مس رخسانا ڪانڌڙو فنلينڊ ۾...
ڪتاب جي هڪ مضمون جو عنوان آهي: “فنلينڊ جو شهر يووسڪولا قمبر جو اعجاز شيخ، دادؤ جو عباس خشڪ ۽ لاڙڪاڻي جو منصور جوڻيجو” جن محنت سان دنيا ۾ عزت ماڻڻ جا ڪيئي بهترين مثال پيش ڪيا آهن.
سائين الطاف شيخ صاحب کي شايد خبر نه آهي ته ميڊم ڊاڪٽر فهميده حسين جي نياڻي ‘ارونا’ به سائوٿ ايشيا جي ملڪن تي مشتمل هڪ ڪمپنيءَ ۾ CEO طور ڪم ڪري ٿي، جيڪا اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.
ڪتاب جو وڏو حصو “آرڪٽڪ سرڪل” وارن ملڪن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سوَين دلچسپ ڳالهيون پڙهڻ لاءِ موجود آهن. اتي جون ريتون، رسمون، سمهڻ، کائڻ پيئڻ، مرڻ، سواري ڪرڻ جا انوکا مثال ڏنا ويا آهن، انهن جي وچ ۾ شيخ صاحب پنهنجي Social Science بابت حاصل ڪيل ڄاڻ به ڏيندو ويو آهي، جنهن ڪتاب کي لاجواب بڻائي ڇڏيو آهي. ڪيترن ئي ملڪن جي انوکن واقعن جو ذڪر ڪيو آهي. مثلاً سياري جا سخت سيءَ ۽ اوندهه جا اٺ مهينا، اسڪول ماسترياڻين لاءِ بندوق هلائڻ لازمي آهي. دڪان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بوٽ ۽ بندوق ٻاهر رکو، اتر قطب ۾ ڪتا ڌارڻ ڇو ضروري آهن، ميوو وٺي فرج ۾ رکو ٻاهر رکڻ سان پٿر ٿيو وڃي، ٻڪر ڪهي فرج ۾ رکڻ بجاءِ زمين ۾ کڏ کوٽي ان ۾ رکون ته اهو ٽي سال سالم رهي ٿو. وغيره.
شيخ صاحب آرڪٽڪ وارن ملڪن جي دلچسپ ڳالهين سان گڏ، “ايسٽونيا” بابت حيرت ڪندڙن مثال ڏنا آهن، جيڪي ڳاڻيٽي ۾ جهجها آهن. ان ڪري پڙهندڙن کي پاڻ اُهي دلچسپي سان پڙهڻ گهرجن.
آخر ۾ ايترو عرض ڪرڻ گهران ٿو ته سائين الطاف شيخ صاحب سان منهنجي پراڻي نيازمندي آهي، جڏهن هو 1982ع ۾ پنهنجي ڳوٺائي سائين الهه بچائي ميمڻ سان ملڻ ايندو هو. هر ڀيري سائين سان سٺي ڪچهري ٿيندي هئي. پوءِ سائين ملائيشيا هليو ويو اتان به خط لکندو هو، جيڪي مون وٽ اڄ سانڍيا پيا آهن. سائين منهنجي سنڌي ٻولي سان دلچسپي واري جذبي کي ساراهيندو هو. اهو سلسلو اڃا به جاري ساري آهي. وچ ۾ ڪافي وٿي اچي وئي هئي.
ڪافي ورهين کانپوءِ سائين شيخ صاحب جو فون آيو، جنهن ۾ هن منهنجي اداري “پيڪاڪ” جي ڪافي واکاڻ ڪئي ۽ ٻڌايو ته پاڻ فيصلو ڪيو اٿائين ته باقي سڀ ڪتاب “پيڪاڪ پبلشرس” کان شايع ڪرائبا. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته جڳ مشهور اسڪالر اسان جي ننڍڙي اداري کي ايڏو مانُ بخشي رهيو آهي. سائين هڪ نصيحت به ڪئي “Aftab be a professional Person” بابا اداري کي وڌائڻو اٿئي ته پوءِ ڪاروبار کي ڪاروباري طريقن سان هلاءِ. ياري باشي نه هلندي.” سائين اوهان جون صلاحون اکين تي، ائين ئي ٿيندو، مون کيس موٽ ۾ چيو.
ويجهڙ ۾، سائين شيخ صاحب ميار ڏني ته قمر ڪم ۾ تاخير پيو ڪري! کيس سمجهاءِ. مون وٽ اڃا کوڙ ڪتاب پيا آهن، جيڪي کيس ڇاپڻا آهن.... هاڻي ڇا ڪجي؟ قمر ٿو چئي ته بابا، الطاف شيخ صاحب جا ڪتاب ڌڙا ڌڙ هلي رهيا آهن، هڪ ڪتاب نڪري ته ٻيو آڻيون! جي ٻن مهينن جي وٿي سان ڪتاب آڻينداسين ته مارڪيٽ ۾ ڌڪ کائي وينداسين؛ ڇاڪاڻ ته سائين جو نئون ڪتاب اچي ٿو ته ماڻهن جو رجحان ان ڏانهن وڃي ٿو. ٻين اديبن جي ڪتاب نيڪالي ۾ ٻه ٽي سال لڳي وڃن ٿا. هن سوشل ميڊيا واري دور ۾، جنهن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي هيرَ کي ڌڪ لڳو آهي. ان ۾ به الطاف شيخ صاحب جا ڪتاب پنجن ڇهن مهينن ۾ کپي وڃن ٿا. سو هاڻي ڪهڙي واٽ وٺجي. پڙهندڙ پاڻ ٻڌائين.


ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
چيئرمين
پيڪاڪ پبلشرس

انتساب: ڀٽ شاهه جي آپا ممتاز لاڙڪ نالي

ڏهه ٻارهن سال اڳ سنڌي چئنل KTN جي مشهور ائنڪر پرسن، ڪالم نويس ۽ سرڪاري آفيسرياڻي انيتا شاهه جو خود ترسي (Self- Pity) تي هڪ مضمون آيو هو ته اسان سنڌي ڏاڍو خود ترس آهيون. منهنجي نظرن ۾ هن حقيقت کان ڪم وٺي واه جو مضمون لکيو هو. واهه جو ان ڪري جو بقول انيتا جي اسين سنڌي ماڻهو جيسين پنهنجيون ڪمزوريون identify نه ڪنداسين، انهن کي قبول نه ڪنداسين ته پوءِ انهن کي دور ڪيئن ڪنداسين؟ پر مون ڏٺو ته اهو مضمون پڙهي ڪجهه ڪجهه ماڻهن ماڳهين دل ۾ ڪيو. تڏهن ته پنهنجي منهن ويٺا هوندا آهيون ته امر جليل ٿڌو ساهه کڻي چوندو آهي ته يار لکڻ ۽ ڪرڻ لاءِ ته ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن پر ڇا ڪجي پنهنجا يار ئي دل ۾ ڪندا.
مون ڏٺو آهي ته اهو ملڪ ۽ قومون جيڪي پنهنجيون غلطيون ۽ ڪمزوريون قبول ڪن ٿيون اهي ئي تڪڙي ترقي ڪن ٿيون. ملائيشيا جهڙو ملڪ جنهن ۾ رهندڙ ملئي ماڻهن جون ڪيتريون ڪمزوريون، خاص ڪري سستيءَ جهڙيون اسان جي ماڻهن سان ڪافي مليون ٿي. ملائيشيا ۾ مون کي ڏهه سال کن پڙهائڻ جو موقعو مليو. مون سان گڏ ٻين ملڪن جي جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن به هئا. ماهانه ي ميٽنگ ۾ اڪيڊمڪ ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن بعد هر دفعي اسانجو ملئي باس ڪمانڊنٽ اسان ڌارين کان پنهنجن ماڻهن ۽ شاگردن جي ڪمزورين جو پڇندو هو. اسان مهمان ٿي ميزبانن جي ڪيئن گلا ڪريون يا اهڙي ڳالهه ڪريون جنهن جي ٻڌڻ سان هنن کي ڏک ٿئي. پر پوءِ مون ڏٺو ته هن پهرين ميٽنگ ۾ ئي اسان تي ايڏو زور ڀريو جو اسان مان ڪن چئي ڏنو ته توهان جا ملئي (مسلمان) کائڻ مهل چشڪا ٿا ڏين يا چانهه پيئڻ مهل سرڙ سرڙ جو آواز ڪن ٿا..... توهان جا ملئي وڏا توڙي شاگرد باقي ملائيشيا جي ٻن قومن: چيني ۽ انڊين جي مقابلي ۾ سست آهن.... ويندي اهو به ته ملئي پنهنجي پگهار يا پاڪيٽ منيءَ مان پورت ڪرڻ بدران هٿ ڦاڙ آهن ۽ پوءِ ٻين کان اوڌر وٺي موٽائڻ کان آڱوٺو ڪڍن ٿا.... يا توهانجا ملئي نه سٺي انگريزي ڳالهائين ٿا ۽ نه ان لاءِ محنت ڪن ٿا.... وغيره وغيره.
مون ڏٺو ته اسانجو ڪمانڊنٽ دل ۾ ڪرڻ بدران، سندن ڪمزوريون ٻڌائڻ وارن ڌارين جا دل سان ٿورا مڃيندو رهيو ۽ پوءِ ملائيشيا ۾ ڏه سال رهڻ تي خبر پئي ته اهو سلسلو هتي جي هر ان اداري ۾ عام آهي جتي ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڪم ڪن ٿا ۽ انهن کان هو پنهنجيون ڪمزوريون معلوم ڪري اُهي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اڄ آئون ملائيشيا کي ٿو ڏسان ته جپان ۽ يورپ جهڙو ملڪ ٿي ويو آهي ۽ انهن جا سست ۽ “بي افعالا” ملئي به ڇا مان ڇا ٿي ويا آهن. هو هر فيلڊ ۾ نالو پيدا ڪري رهيا آهن. ويندي ڳوٺن ۽ جهنگلن جون رهواسي ڇوڪريون به ميڊيڪل، انجنيئرنگ، آءِ ٽي، شپنگ ۽ فوج ۾ وڏين پوسٽن تي پهچي ويون آهن. ان سان گڏ فضيلت، اخلاق ۽ Etiquette ۾ به هو هاڻ جپاني ڇوڪرين جو مقابلو ڪرڻ لڳيون آهن.
بهرحال اسان وٽ ٻيون ڪمزوريون پنهنجي جاءِ تي، هن وقت آئون “خود ترسي” يعني Self- Pity لاءِ ضرور چوندس ته اهو مرض اسان وٽ گهڻن ۾ آهي ۽ خود ترسي اهڙي شيءِ آهي جيڪا انسان جي اندر کي ئي جهوريو رکي ۽ هن کي اڳتي وڌڻ بدران ڀوريو ڇڏي. ڪنهن سچ چيو آهي ته:
Self- Pity lie to you about who you are and steals from you who you can be.
مون کان منهنجا پڙهندڙ شاگرد پنهنجي تعليم يا نوڪري بابت اڪثر صلاح مشورو پڇندا رهن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترا اهو ئي چوندا آهن ته “سائين اسان B.A ڪئي آهي ڪا نوڪري نٿي ملي ان ڪري جو اسان غريب آهيون.... يا اسان جو ڪو مائٽ مٽ وزير، مشير يا ايم پي اي، ايم اين اي ڪونهي” اسان وٽ واقعي ميرٽ ناهي. حاڪم پنهنجن کي ورسائين ٿا پر سوال آهي ته اڄ به اعليٰ تعليم يافته نوجوان نوڪريون حاصل ڪريو وڃن - ويندي اهي اوڏ، ڀيل، مينگهواڙ جن جو ڪو مائٽ تپيدار ۽ داروغو به نه آهي. ٻي ڳالهه ته سرڪاري نوڪرين جي ته ٻين ملڪن ۾ به کوٽ آهي ۽ نوجوان تعليم علم ۽ ڄاڻ خاطر حاصل ڪن ٿا. هو روزگار لاءِ ڪو هنر ئي سکن ٿا. مون ڪيترن اهڙن انٽر ۽ بي اي پاس وارن کي جڏهن صلاح ڏني ته هو سانگهڙ، کپرو، ٽنڊو آدم يا شهدادپور جهڙن شهرن ۾ رهي ڪري، اتي ڇو نٿا ڪو ڪارمڪينڪ، ويلڊنگ، پلمبنگ، اليڪٽرڪ يا واڍڪو ڌنڌو سکن؟ ته هو ماڳهين دل ۾ ڪرڻ لڳا ته اسانجي خاندان ۾ اسان پهريان آهيون جن تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ توهان اسان کي واڍو، ويلڊر، مستري ٿيڻ جي صلاح ٿا ڏيو. سوال آهي ته ويندي سرڪاري آفيسري به مزوري آهي ۽ هڪ حق حلال جي روزي ڪمائڻ وارو واڍو، رازو هڪ رشوت خور ۽ صحيح ڊيوٽي نه ڪرڻ واري ڊاڪٽر ۽ ڪاموري کان بهتر آهي. پر ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي عجيب سوچ آهي!
ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن پڙهائڻ بعد منهنجي پوسٽنگ ڪراچيءَ ۾ ٿي ته اتي امتحانن جي ڏينهن ۾ مون وٽ هڪ شاگرد آيو ته “سائين مهرباني ڪري مون کي پاس ڪريو”.
“خير ۾؟” مون حيرت مان پڇيومانس.
“سائين آئون غريب آهيان”. هن وراڻيو.
مون هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيڪڏهن تنهنجي ڪلاس جا شاگرد لاهور گهمڻ وڃي رهيا آهن ۽ تون چئين ته تون غريب آهين ته توکي ڪجهه پئسا ڏيڻ کپن. هتي ته امير توڙي غريب شاگرد ساڳين ڪمرن ۾ رهن ٿا، ساڳي ماني کائين ٿا، ساڳيا ڪلاس اٽينڊ ڪن ٿا ۽ ساڳيو يونيفارم پائين ٿا. پوءِ تون ڇو نٿو ڌيان سان ليڪچر ٻڌين ۽ هاسٽل ۾ ڇو نٿو چڱي طرح پڙهين. بلڪه غريب هجڻ ڪري توکي ته وڌيڪ غيرت اچڻ کپي ۽ وڌيڪ محنت ڪرڻ کپي. بنا معلومات ۽ ڄاڻ جي ڪنهن کي به پاس ڪري جهاز هلائڻ لاءِ موڪلڻ معنيٰ جهاز ۽ جهاز تي ٻين سوار جهازرانن ۽ مسافرن کي ٻوڙڻ ٿيو.
بهرحال هي هڪ مثال ڏنو اٿم. اهڙا مثال توهان کي به ڪيترائي نظر ايندا. خاص ڪري اسان جا ماڻهو غربت جو روئڻ روئي همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندا. ڳالهه اها آهي ته جيڪي محنتي ۽ همت وارا آهن اهي ڏکين حالتن ۾ به چڙهي وڃيو پار پون. ان جا ڪيترائي مثال ملندا. ڪٿي پيرن، ميرن، وڏيرن جا پٽ سئو سکن هوندي به تعليم حاصل ڪرڻ بدران لوفر ٿي پيا هلندا. ڪٿي معمولي ماسترن، ڪلارڪن ۽ گهٽ پگهار وارن - جن جو حال “آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا” وارو هوندو، انهن جا ٻار محنت ڪري ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتا. منهنجا ناناڻا حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ رهيا ٿي. هو سڄي محلي ۾ امير ترين ماڻهو هئا پر افسوس جو انهن کي شايد تعليم جي اهميت جو احساس نه رهيو ۽ هنن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري نه سگهيا جيئن اڄڪلهه اسان جي ڪيترن پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن، ڀوتار جي ٻارن جو حال آهي ۽ اسان جي ناني جي ئي پاڙي ۾ رهندڙ چاچي يعقوب ميمڻ کي ڏسو جيڪو هڪ ماستر ماڻهو هو. وڏي عيال گهٽ پگهار وارو پر هن ڏکين حالتن هوندي به پنهنجي ٻارن سراج ميمڻ ۽ فهميده حسين کان مصباح الحق ۽ انيسا ميمڻ ۽ ٻين ٻارن کي نه رڳو اعليٰ تعليم ڏياري پر اخلاق جي زيور سان به نوازيو. اهڙي طرح ٽنڊوڄام جي چاچي اسماعيل ميمڻ پنهنجن سڀني ٻارن منان، غفران، سلام کان سبحان رخسانا ۽ ٻين کي اعليٰ تعليم يافته بڻايو. ساڳي پاڙي ۾ چاچي امداد صديقي جهڙو به مثالي ماڻهو هو جنهن پنهنجي ڏهن ئي ٻارن کي ادا مظهر صديقي ۽ ڊاڪٽر قمر کان آپا سلطانا صديقي ۽ جهانگير صديقي تائين اعليٰ تعليم يافته بنائي ڇڏيائين. اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن جا مثال آئون پنهنجي سفرنامن ۾ ڏيندو رهان ٿو جن ڏکين حالتن جي باوجود، خود ترسيءَ کان ڪم وٺڻ بدران همت، محنت، جذبي ۽ الله تي ڀروسو رکي پنهنجن ٻارن کي تعليم ذريعي اعليٰ عهدن تي پهچائي ڇڏيو. هنن ڪڏهن به پنهنجي غربت يا ٻين تڪليفن جو روئڻ نه رنو يا يتيم هجڻ جو احساس ڏياري همدردي حاصل نه ڪئي. هنن احساس خود ترسي Self- Pity کي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿي سمجهيو. ڊيل ڪارنگيءَ جي چوڻي آهي ته:
Self-Pity is our worst enemy and if we yield to it, we can never do anything good in the world.
غربت جو بهانو ڪندڙ ڪيترن مردن کي هميشه ٽنڊو آدم جي هڪ شخص سائين قبول ساند جو مثال ڏيندو آهيان ته توهان جون خراب حالتون هونديون پر تڏهن به قبول ساند جهڙيون ته نه هونديون .... ۽ عورتن کي ڀٽ شاهه جي آپا ممتاز لاڙڪ جو ڏيندو آهيان ته هن عورت جنهن همت جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي گهر کي هڪ منزل تي پهچائڻ لاءِ سڄي عمر جدوجهد ڪئي ان مان اتساهه (Inspiration) حاصل ڪرڻ کپي.
سائين قبول ساند ۽ انهن جي ٻارن جو احوال آئون ملائيشيا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن هڪ شخص روزگار خاطر ۽ پنهنجي خواهش جي پورائي لاءِ ته منهنجا ٻار پڙهيل ڳڙهيل ٿين سالن جا سال سخت پورهيو ڪيو. هو اڏيري لعل جي ڀرسان ڳوٺ هاشم سانڌ ۾ رهيو ٿي جتان ڪاٺيون ۽ انهن مان ڪوئلو ٺاهي ميلن جا ميل پنڌ ڪري ٽنڊو آدم ريلوي اسٽيشن وٽ جامع مسجد اڳيان وڪرو ڪيو ٿي. واپسي تي ٻه سير اٽو، کنڊ، چانهه جي پتي مٿي تي رکي رات جو اڍائي ميل پنڌ ڪري پنهنجي ڳوٺ هاشم ساند پنهنجي ٻچن وٽ پهتو ٿي. هن ٽيهارو سال اهو پورهيو ڪيو ۽ سندس چئن پٽن مان ٽي انجنيئر ۽ هڪ ڊينٽل سرجن ٿيو ۽ هن جي ٻارن به پيءُ وانگر محنتون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. منهنجي هن فئملي بابت ڄاڻ سڃاڻ تڏهن ٿي جڏهن ملائيشيا ۾ مون کي ٻڌايو ويو ته اسان جي ملڪ جي هڪ انجنيئر عبدالله سانڌ پي ايڇ ڊي ساڍن ٽن سالن جي رڪارڊ وقت ۾ مڪمل ڪئي آهي. ڪجهه سالن بعد سندس هڪ ٻئي ڀاءَ ڊاڪٽر عبدالستار سانڌ به انجنيئرنگ ۾ Ph.D. ملائيشيا مان اچي ڪئي. هو ٻئي ۽ ٽيون ڀاءُ انجنيئر خدا بخش سانڌ نواب شاهه جي انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهن ۽ عبدالوقار ڏندن جو ڊاڪٽر آهي. ڊاڪٽر عبدالستار سانڌ ليکڪ به آهي ۽ سندس ملائيشيا مان لکيل چوڻين (Quotations) جي انگريزي ڪتاب “With Deep Sense of Inspiration” تي مهاڳ لکڻ جو موقعو مون کي ڏنو ويو هو.
بهرحال هتي جيئن ته هي ڪتاب آئون آپا ممتاز لاڙڪ، جهڙي هڪ عظيم ۽ منهنجي پاڙي جي ڳوٺ ڀٽ شاهه جي رهواسڻ کي منسوب ڪري رهيو آهيان ان ڪري هتي هن جي زندگيءَ بابت ٻه چار سٽون لکندس، جيئن هن جي زندگي، هن جي جدوجهد، هن جي محنت ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ مان اڄ جون عورتون Motivation حاصل ڪري سگهن ۽ آپا ممتاز وانگر پنهنجي ڪٽنب ۽ اولاد جي بقا ۽ تربيت لاءِ هن جي مثال کي فالو ڪري سگهن .... هو پنهنجي اولاد کي نه فقط اعليٰ تعليم پر اخلاق جهڙي جوهر سان به مالامال ڪري سگهن. آپا ممتاز لاڙڪ پاڻ ته سڄي عمر ٻاهر نه نڪتي پر مون هن کان اڳ فقط ڪجهه انگريز عورتن بابت پڙهيو هو جن ان Magnitude جي ڏکين حالتن ۾ خود ترسي (Self- Pity) بدران محنت ۽ جدوجهد سان ڪاميابيءَ جي منزل حاصل ڪري ورتي. آپا ممتاز لاڙڪ وانگر هنن جو به اهوئي چوڻ هو ته:
Self- Pity is the enemy of progress.
يعني خود ترسي هميشه ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿي. انسان کي الله تي ڀروسو ڪرڻ کپي، هن کي الله جي رحمتن مان نااميد نه ٿيڻ کپي ۽ نه ئي دل شڪستو ٿيڻ کپي. اسلام اسان کي اهائي تلقين ڪري ٿو ته پاڻ کي بدنصيب يا نڀاڳو سمجهڻ بدران انهن ماڻهن کي ڏسڻ کپي جن کي اسانجهڙا به سک ۽ سهولتون نه آهن. ان ڪري آئون هتي آپا ممتاز لاڙڪ جهڙي عظيم عورت بابت لکي رهيو آهيان جيئن منهنجي سنڌ جون اهي عورتون جن کي سوين سک هجڻ جي باوجود هنن کي هر وقت شڪايت رهي ٿي ته هو ڏکيون آهن، هنن کي هيءَ به پريشاني آهي ته هوءَ به پريشاني.... ته اهڙين عورتن کي کپي ته هو آپا ممتاز جي ڪهاڻيءَ مان اتساهه حاصل ڪري پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جو پاڻ ۾ جذبو پيدا ڪن. هنن کي چوڌاري نظر ڦيرڻ تي نه فقط آپا ممتاز لاڙڪ پر ٻيون به اهڙيون انيڪ عورتون ملي وينديون جن مشڪلاتن سان جنگ جوٽي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ هو ٻين لاءِ مثالي عورتون بڻيون.
ائين ته مون کي پنهنجي مرحومه ڏاڏي به ياد ٿي اچي جنهن پنهنجي اڪيلي پٽ (يعني منهنجي والد) کي نپائڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ وسئون نه گهٽايو. هن جا ڏک به ڪي گهٽ ڏک نه هئا. هن جو مڙس يعني منهنجو ڏاڏو ننڍي عمر ۾ گذاري ويو جڏهن منهنجو پيءُ ٻئي درجي ۾ هو ۽ ان بعد سگهو ئي هن جو ننڍو پٽ (يعني منهنجو چاچو) گذاري ويو. هوءَ پڙهيل ڳڙهيل صفا نه هئي. ڳوٺ ۾ انگريزي پڙهڻ جو رجحان صفا نه هو بلڪه ان وقت جا مولوي اها ئي فتوا ڏيندا رهيا ته انگريزن جي جاري ڪيل تعليم حاصل ڪرڻ ڪفر آهي. اهڙين حالتن ۾ اسان جي ڏاڏِي جيڪڏهن منهنجي والد کي نه پڙهائي ها ته ان تي ڪا ميار نه اچي ها. غربت هئي ۽ ٻين به نٿي پڙهايو. پر مون کي منهنجي ڏاڏيءَ جي عزم ۽ همت تي حيرت ٿي ٿئي جو هن ٿوري گهڻي بچت ۽ ڀرت مان هن جي نيپاج ۽ پڙهائي جي خرچ جو بندوبست ڪيو ۽ هو هالا جي ٽن ڇوڪرن مان هڪ ٿيو جن سڀ کان اڳ مئٽرڪ ڪئي. مڙس ۽ هڪ پٽ جي وڇڙي وڃڻ جي باوجود هن باقي اڪيلي پٽ کي وڌيڪ تعليم لاءِ پوني (مهاراشٽرا) ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc. ڪرڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو جنهن تي گهڻو خرچ ٿيڻ تي منهنجي والد هڪ ويلو کائي به ماءُ جي خواهش يعني تعليم مڪمل ڪئي ۽ پوزيشن حاصل ڪئي. سوچيان ٿو ته منهنجي ڏاڏيءَ ۾ اهڙي همت ڪيئن آئي! هوءَ غربت ۽ ڪانڌ جي نه هجڻ جو روئڻ روئي ويهي رهي ها ۽ منهنجو والد به پڙهائي جي ڏکئي ڪم بدران ننڍپڻ گهٽين ۾ رلندي خوش ٿئي ها. پر اسان جي ڏاڏيءَ خود ترسي (Self- Pity) جهڙي شيءِ کي خراب سمجهيو هوندو ۽ هن جي نظرن ۾ آپا ممتاز لاڙڪ جهڙي ڪا عورت ضرور هوندي جنهن جا ڏک ۽ غم پاڻ کان وڌيڪ ڏسي هن پاڻ کي وري به خوش نصيب سمجهو هوندو ۽ الله جا شڪر ادا ڪيا هوندا. هونءَ به تڪليف ۽ ڏک ۾ انهن کي ڏسجي جيڪي اسان کان وڌيڪ تڪليف ۾ آهن، جيڪي اسان کان گهٽ Fortunate آهن. انهن ڏي هرگز نظر نه ڪجي جيڪي اسان کان بهتر آهن، امير آهن، عياشيءَ جي زندگي گذارين ٿا.
سامونڊي زندگيءَ جي شروع جي ڏينهن ۾ خليجِ بنگال، Bay of Biscay يا ڪيپ آف گڊ هوپ جهڙن خراب سمنڊن تان لنگهندي منهنجي حالت خراب ٿي ويندي هئي. مايوسي سان گڏ خود ترسي جو شڪار ٿي پيس ته آئون وڏي ظلم ۾ آهيان. هر وقت اهو چاهيندو هوس ته ٻيا مون سان همدردي ڪن پر منهنجا سينيئر صبح توڙي شام، جهاز هلائڻ جي ٽائيم تي مون کي دڙڪا ڏئي انجڻ روم ۾ وٺي هلندا هئا. ڊيوٽي بعد ڪمري ۾ اچي بستر تي ليٽي اهو سوچيندو هوس ته منهنجا ڪلاس ميٽ جيڪي هوائي جهازن جا پائليٽ يا فلائيٽ انجنيئر ٿيا اهي ڪراچي کان نيويارڪ 24 ڪلاڪن ۾ پهچيو وڃن، اسان ان سفر لاءِ مهينو مهينو سمنڊ تي پيا لوڙهيون. شل نه ڪو سمنڊ تي هوائي جهاز اڏامندو نظر اچي. آلي ڀولي شڪل ٺاهي ان ڏي ڏسندو هوس .... ڄڻ جهاز جو پائليٽ مون کي ڏسي رهيو هجي ۽ هو منهنجو غم محسوس ڪري مون کي جهاز جي ڊيڪ تان ڀڄائي ويندو ۽ مون کي هن بدنصيب زندگيءَ کان، بقول منهنجي بنگالي ڪلاس ميٽن جي “مڪتي” ملندي.
پر ڏٺم ته مون کي نه ڪنهن هن زندگي کان بچايو ۽ نه مون سان همدردي ڪئي. پوءِ اوچتو طوفاني راتين ۽ سمنڊ جي ڇتين ڇولين ۾ جڏهن جهاز جي هيٺ مٿي ٿيڻ تي ڄڻ آنڊا ٿي وات ۾ آيا، پنهنجي چوڌاري پنهنجي جهاز کان ننڍن جهازن ۽ ڪاٺ جي ٻيڙين کي سَٽون کائيندو ڏسي مون کي يڪدم خيال آيو ته آخر انهن ۾ سوار به ته انسان آهن. آئون ته وري به خوش نصيب آهيان جو هڪ وڏي ۽ ماڊرن جهاز تي آهيان، جنهن کي سمنڊ جون ڇوليون، طوفاني هوائون ائين نٿيون ڦٿڪائين جيئن ٻين ننڍن جهازن ۽ ڪاٺ جي ٻيڙين کي. مون ڏٺو ته ائين سوچڻ سان آئون بهتر ٿيندو رهيس ۽ مون رب جا شڪر ادا ڪيا ۽ پوءِ همت ڪرڻ سان ۽ تڪليف ۾ به خوش رهڻ ڪري ٻين کي به وڻڻ لڳس ۽ ٻن ٽن سالن اندر سمنڊ تي ٿيندڙ ان Sea Sickness تي به حاوي ٿي ويس ۽ حاوي به اهڙو جو ڪو نئون آيل جهازي سي سڪنيس جي شڪايت ڪندو هو ته دڙڪو ڏئي چوندو هوسانس ته:
“There is nothing like sea sickness.
بيڊ تي سمهڻ بدران، سڌو ٿي هلي جهاز هلاءِ.“
بهرحال هتي پاڻ آپا ممتاز لاڙڪ جي غمن ۽ ڏکن جي ڳالهه ڪنداسين ته اهي غم به غمن جهڙا هئا. ڪي ڇوڪريون هونديون آهن جن جو ننڍپڻ مائٽن وٽ سکيو ۽ بي فڪري وارو گذرندو آهي. شاديءَ بعد هنن لاءِ ڏکيون حالتون پيدا ٿي پونديون آهن. پر آپا ممتاز جي زندگيءَ جو تجزيو ٿو ڪجي ته هن سڄي زندگي محنت، پورهئي ۽ جدوجهد ۾ گذاريو. گهر جي معاشي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هن تيرهن چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ پرائمري اسڪول ۾ پڙهائڻ جو جاب شروع ڪيو ته هوءَ 1989ع ۾ وفات تائين، پورهيو ڪندي رهي.
آپا ممتاز لاڙڪ 1947ع ۾ شڪارپور جي تعلقي خانپور جي “ڳوٺ رستم” ۾ محمد جعفر لاڙڪ جي گهر ۾ ڄائي سندس والده زيبل بروهي به اتي جي ئي هئي. انهن ڏينهن ۾ جڏهن ڇوڪرن کي ئي تعليم ڏيارڻ جو رجحان نه هو - خاص ڪري ڳوٺن ۾، اتي آپا ممتاز کي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو ۽ جتي هن جي ٻين ڀينرن چار پنج درجا مس پڙهيا اتي ممتاز ست درجا پڙهي سنڌي فائنل جو امتحان ڏنو. هي امتحان انگريزن جي ڏينهن کان هلندو آيو ٿي. اسان جي ڏينهن ۾ اسان جي پرائمري اسڪول جا ماستر توڙي هيڊ ماستر “فائنل” پاس هوندا هئا. هي امتحان ڪو آسان نه هوندو هو. سنڌي گرامر، مضمون نويسي، شاعري ۽ گهڻو ڪجهه ٻيو پڙهڻو پوندو هو ۽ فائنل امتحان ڏيڻ وارا پڙهائيءَ ۾ ڏينهن رات ائين مشغول هوندا هئا جيئن اڄڪلهه CSS جي امتحان وارن کي ڏسو ٿا.
آپا ممتاز پاڻ ۾ ٽي ڀينرون ۽ ٽي ڀائر هئا. هن جنهن سال سنڌي فائنل جو امتحان ڏنو ته هن جو والد محمد جعفر لاڙڪ گذاري ويو ۽ گهر هلائڻ جو سڄو بار هن جي والده تي اچي ويو. گهر جو خرچ هلائڻ لاءِ آپا ممتاز نوڪريءَ جو سوچيو ۽ سال ڏيڍ بعد، فائنل پاس جي آڌار تي هن کي پنهنجي ”ڳوٺ رستم“ جي پرائمري اسڪول ۾ ماستري ملي وئي ۽ هن جي درس تدريس جو سفر شروع ٿيو. سترهن سالن جي ڄمار ۾ ممتاز جي 1964ع ۾ ڀٽ شاهه جي عبدالرحمان لاڙڪ صاحب سان شادي ٿي پر آپا پنهنجي ڳوٺ رستم ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏني، جيڪا هن جي مجبوري به هئي جو سڀني ڀائر ڀينرن ۾ هن ئي نوڪري ڪئي ٿي ۽ هن پنهنجي ماءُ جي گذر سفر ۾ مدد ڪرڻ چاهي ٿي. سندس مڙس عبدالرحمان به ان معاملي ۾ ڪافي Supportive هو. هو پوليس کاتي ۾ هو، بعد ۾ هن سرڪاري نوڪري ڇڏي ڀٽ شاهه ۾ هڪ سيڌي جو هٽ کوليو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو. تيسين ممتاز به ڀٽ شاهه اچ وڃ ڪرڻ بدران 1980ع ۾ هميشه لاءِ ڀٽ شاهه اچي رهي ۽ ڀٽ شاهه جي گرلس اسڪول ۾ بدلي ڪرائي. کيس ٻه ٻار: وڏو ذوالفقار 1968ع ۾ ۽ ٻيو نمبر جاويد 1974ع ۾ ڳوٺ رستم (خانپور) ۾ ئي ٿيا. ٽيون ٻار، يعني سڀ ۾ ننڍو نويد 1982ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ٿيو.
آپا ممتاز جو ننڍو پٽ نويد چئن سالن جو هو ته 1986ع ۾ سندس والد يعني آپا ممتاز جو گهر وارو عبدالرحمان لاڙڪ گذاري ويو ۽ هڪ دفعو وري آپا ممتاز تي اڪيلي سر پنهنجن ننڍن ٻارن جي پڙهائڻ ۽ پالڻ جي جوابداري آئي. پر شاباس هجي هن باهمت ۽ بهادر عورت کي جنهن نه فقط پنهنجن ٻارن جي تعليم تي نظر رکي پر هنن کي سٺي اخلاق سان به مالا مال ڪيو. آئون سندس ٻارن جي ٻين جي واتان تعريف ٻڌي بيحد خوش ٿيندو آهيان ۽ پنهنجن پراون کي آپا ممتاز جو مثال ڏيندو آهيان. هينئر به ڪراچي يونيورسٽي ۽ ڪراچي جي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر دوران شاگردن کي آپا ممتاز ۽ انهن جي ٻارن جو مثال ڏنو ته هو جيتوڻيڪ ڳوٺ جي عام اسڪولن مان پڙهيا پر هن جي والده جي مٿن مستقل نظر (Monitoring) هجڻ ڪري هنن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ هو اعليٰ عهدن تي آهن.
ذوالفقار لاڙڪ 1984ع ۾ ڀٽ شاهه مان مئٽرڪ ۽ هالا جي سروري اسلاميه ڪاليج مان 1986ع ۾ انٽر ڪئي. ان بعد هن سنڌ يونيورسٽي مان MBA ڪئي ۽ ڪجهه عرصو بئنڪنگ سروس ۾ رهيو. ان بعد CSS جو امتحان ڏئي هو پوليس کاتي ۾ آيو. اڄڪلهه هو ڪراچيءَ ۾ ڊي آءِ جي آهي. آپا ممتاز جي ٻئي نمبر پٽ جاويد لاڙڪ به ڀٽ شاهه مان (1989ع ۾) مئٽرڪ ۽ 1991ع ۾ هالا مان انٽر ڪئي ان بعد مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي. هن پنهنجي سبجيڪٽ ۾ Ph.D. انگلنڊ جي يونيورسٽي آف ليڊس مان ڪئي. هو شروع کان پنهنجي والده جي پيشي درس و تدريس سان وابسته آهي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر آهي. ائين ته ڏٺو وڃي ته آپا جي وڏي پٽ ذوالفقار لاڙڪ به CSS جو امتحان ڏئي پوليس ۾ اچڻ کان اڳ ڪجهه عرصو ڀٽ شاهه جي ڀر واري ڳوٺ بائوديرو ۾ پڙهايو.
مون کي جڏهن پروفيسر جاويد لاڙڪ جنهن سان اسان جي مائٽي به ٿئي، پهريون دفعو ٻڌايو ته سندس والد ڀٽ شاهه جو ضرور آهي پر هنن جي والده ڀٽ شاهه جي نه پر هڪ ڏورانهين ڳوٺ “رستم ڳوٺ” (تعلقو خانپور، ضلع شڪارپور) جي آهي ته مون کي حيرت ٿي هئي ۽ مون کلندي چرچي طور چيس ته انهن ڏينهن ۾ نه فيس بڪ هو ۽ نه انٽرنيٽ پوءِ تنهنجي والدين جي ڄاڻ سڃاڻ ڪيئن ٿي. ان تي هن ٻڌايو ته هنن جو هڪ ئي لاڙڪ فيملي سان تعلق آهي ۽ هو پاڻ ۾ ڪزن هئا.
پروفيسر جاويد جي شادي منهنجي هڪ ڪزن هالا جي وڪيل بشير احمد ابڙو جي ڌيءَ ائني (اصل نالو: نائره Naira) سان 1998ع ۾ ٿي. ائني M.Ed. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ڀٽ شاهه جي گرلس اسڪول ۾ پڙهائي ٿي. ايني (نائره) جو والد ۽ نانو کڻي وڪيل آهن پر سندس سَسُ (آپا ممتاز) وانگر هن جي والده (مسز اقبال ابڙو) به درس تدريس جو ڪم ڪيو ۽ ٻه سال اڳ هيڊ مسٽريس جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿي آهي. جاويد جن کين چار ٻار آهن: وڏو پٽ وصي حيدر جيڪو مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ اليڪٽرڪ انجينئرنگ ۾ B.E ڪري رهيو آهي. هن سال سندن ٻيو نمبر ٻار ڌيءَ اِنسيا (Insia) به مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي آهي. هوءَ ڪمپيوٽر سائنس ۾ B.E ڪرڻ چاهي ٿي. سندن ٽيون ۽ چوٿون ٻار: وردا ۽ انيقا اسڪول ليول ۾ آهن. نائره ٻڌائي ٿي ته هن جي جڏهن شادي ٿي ته هن جي سَسُ آپا ممتاز جي وفات ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ کيس ڏسي نه سگهي هئي، پر کيس حيرت آهي ته اڄ به اوسي پاسي جون ڪيتريون ئي عورتون آپا ممتاز جو پڇائي اچن ٿيون ۽ هو ٻڌائين ٿيون ته آپا هڪ لاجواب عورت هئي جنهن پاڻ ڏکين حالتن ۾ هوندي به هميشه هنن جي مدد ڪئي ٿي.
آپا ممتاز جو ننڍو پٽ نويد 1982ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ڄائو 1997ع ۾ هن ڀٽ شاهه مان مئٽرڪ ڪئي. هالا جي ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان B.Sc. اليڪٽرانڪس ۽ ماسٽرس ايڪانامڪس ۾ ڪئي. جنهن بعد هن ڪجهه عرصو هالا جي سروري اسلاميه ڪاليج ۾ ٽيچنگ سان گڏ PCS جي امتحان جي به تياري ڪئي. PCS ۾ پاس ٿيڻ بعد هن جي پهرين پوسٽنگ اسسٽنٽ ڪمشنر مانجهند ۾ ٿي، ان بعد ميهڙ ۾ ۽ پوءِ سعيدآباد ۾ - جتي منهنجي ساڻس پهريون دفعو ملاقات ٿي جو اسانجون زمينون “گل فارم” نالي اتي سعيدآباد تعلقي ۾ ٻاروچي باغ ۽ ونجهيريءَ وٽ آهن.
مون کي ان ڳالهه جي به خوشي آهي ته ٽنهي ڀائرن جون شريڪ حيات جيتوڻيڪ سنڌ جي ڳوٺن جون آهن جتي اڄ به گهڻي تعليم حاصل ڪرڻ جو نه رجحان آهي ۽ نه سهولت، پر ان هوندي به هو بيحد پڙهيل ڳڙهيل آهن. ذوالفقار جي گهرواري مسز شهلا جيڪا حيدرآباد جي ڀر واري ڳوٺ ڀينڍو شريف (راهوڪي) جي آهي، سنڌ يونيورسٽي مان اردو ۾ ماسٽر ڊگري ڪئي آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ پڙهائي ٿي. ذوالفقار عمر ۾ نويد کان 14 سال کن وڏو آهي ۽ ان جا ٻار به باقي ڀائرن جي ٻارن کان وڏا آهن ۽ ماشاالله وڏو پٽ شهريار آغا خان يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريءَ جي تعليم مڪمل ڪرڻ وارو آهي ۽ باقي ٻارَ ڪاليج ليول تي آهن.
آپا ممتاز لاڙڪ جهڙي سنڌ جي مثالي عورت، جنهن کي پنهنجو هي ڪتاب منسوب ڪري جتي خوشي ٿو محسوس ڪريان اتي اهو به ڏک اٿم ته هوءَ چاليهه ٻائيتاليهه سالن جي ننڍي عمر ۾ گذاري وئي. ڪاش اڄ هوءَ حيات هجي ها ۽ پنهنجي پٽن ۽ پوٽاڻ کي ڏسي ها ته هنن تعليم ۾ نالو روشن ڪري هن کي فالو ڪيو آهي ۽ هنن اڄ جيڪي ڪجهه Achieve ڪيو آهي سو سفارش تي نه پر پنهنجي نج قابليت ۽ محنت (Merit) تي. اڄ جي نوجوانن توڙي والدين کي به آپا ممتاز لاڙڪ جهڙي هڪ مخلص، محنتياڻي ۽ مثالي عورت جي عزم، جذبي ۽ هر شيءِ مخالف هجڻ جي باوجود، رب پاڪ تي ڀروسو رکي ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري هن عورت کي فالو ڪرڻ کپي. اڄ جي مائرن کي مرحومه آپا ممتاز وانگر پنهنجي اولاد کي نه فقط تعليم ڏيڻ کپي پر هنن کي ديندار ۽ بااخلاق به بڻائڻ کپي.

الطاف شيخ
ڪراچي؛ 22 جنوري 2020

دنيا جا عجيب علائقا ۽ عجيب قانون

---

بيحد گهڻي ٿڌ ۽ ڊگهين راتين وارا ملڪ

هاڻ ڊسمبر جو مهينو شروع ٿيو آهي. اٽلي، فرانس، جرمني، آسٽريا، يونان .... اهي يورپ جا ملڪ آهن جتي سخت ٿڌ شروع ٿي وئي هوندي. پر ڊئنمارڪ، ناروي، سئيڊن، فنلنڊ ۽ آئس لئنڊ جهڙن يورپي ملڪن جو ٿو سوچجي ته جسم ۾ سيوڪاري ٿي پئدا ٿئي جو اهي ملڪ وڌيڪ اتر ۾ هجڻ ڪري، اتي ايتري ته گهڻي ٿڌ ٿئي ٿي جو سياري جي مهينن ۾ انهن ملڪن جا ماڻهو توڙي پکي اسپين، پورچوگال، اٽلي ۽ ٻين ڏکڻ يورپ جي ملڪن جو رخ رکن ٿا. مٿي بيان ڪيل اتر يورپ جي ملڪن: ناروي، سئيڊن، فنلنڊ وغيره (جيڪي اسڪئنڊينيوين ملڪ به سڏجن ٿا)، جي موسم اونهاري ۾ به ڪافي ٿڌي رهي ٿي. سياري جهڙو سيءُ کڻي نٿو پوي ته به جون جولاءِ ۾ به منجهند جو سئيٽر يا ڪوٽ پائڻو پوي ٿو. فقط قميص ۾ ٻاهر نڪرڻ جي حسرت ئي رهجيو وڃي. هي ائين آهي جيئن ملائيشيا، انڊونيشيا يا سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ سال ۾ ڪو هڪ ڏينهن به سيءُ نٿو پوي ۽ عام ماڻهوءَ کي سڄي زندگي ڪوٽ يا سئيٽر پائڻ جي ضرورت ئي نٿي پوي. اسان اتي نوڪري ڪندا هئاسين ۽ “سو ڪالڊ” آفيسر هئاسين سو سال ۾ هڪ دفعو سالياني ڊنر تي فائو اسٽار هوٽل ۾ ڪوٽ ٽائي پائي ويندا هئاسين، فقط گروپ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ! بلڪل اهڙي طرح تعليم ۽ نوڪريءَ دوران سئيڊن، فنلئنڊ ۽ ناروي جي بندرگاهن ڏي اونهاري ۾ جهاز ڪاهي ويندا هئاسين ته به هڪ ڏينهن به گرميءَ جو نه ملندو هوسين جو کڻي فئن جي ضَرورت پوي. انهن قطبي ملڪن جي گهرن، هوٽلن يا بسين ۾ پنکا ٿين ئي ڪو نه. بسين جا شيشا به اسان جي ملڪ وانگر گِهرڪندڙ (Sliding) نه ٿين جيڪي ريڙهي ٻاهر جي هوا کائي سگهجي. اهي فِڪس ٿين. انهن ملڪن جي ماڻهن ٽيبل فئن يا ڇت وارا پنکا فلمن ئي ڏٺا هوندا يا جڏهن موڪلن تي ايشيا، آفريڪا يا ڏکڻ يورپ جي ملڪن ۾ گهمڻ ويندا هوندا ته اتي جي هوٽلن ۽ گهرن ۾ ڏٺا هوندا.
سئيڊن، فنلئنڊ ۽ ناروي جي ته گهرن، هاسٽلن، آفيسن ۽ تعليمي ادارن جون دريون به فقط 15 ڊگريون کلي سگهن ۽ بيڊروم جي درين کي ڊبل شيشا ٿين. سوچڻ جي ڳالهه آهي.... سياري ۾ رات جو جڏهن ٻاهر جي ٿڌ جو پَد منفي 20 ڊگرين کان به گهٽ ٿيو وڃي ۽ سمهڻ مهل دريءَ جو اڪيلو شيشو ٽٽي پوي ته ننڊ ۾ بيهوش ماڻهو ته برف ٿي مري وڃي. ڇو جو دري ڀڄڻ ڪري بيڊ روم جي ٿڌاڻ ڊيپ فريزر کان به وڌيڪ ٿڌي ٿيو وڃي.
ڳالهه اها آهي ته سياري ۾ رات جو سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ به سخت سيءُ ٿئي ٿو پر اهو سيءُ ڪو هفتو ٻه مس هلي ٿو. ان ڪري وڻن ۾ پن ۽ ميوو به سلامت رهي ٿو. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ ڏينهن وڏا ٿين ٿا ۽ سج به نظر اچي ٿو ان ڪري اُس ۾ جسم سيڪي سگهجي ٿو ۽ ڌرتي ايتري ٿڌي نٿي رهي. وڏي ڏينهن سان منهنجو مطلب آهي ته سياري ۾ رات کان ڏينهن ننڍو ضرور ٿئي ٿو پر يورپ ۽ خاص ڪري اتر يورپ جي ڏينهن کان اسانجو ڏينهن ڪافي وڏو ٿئي ٿو. مثال طور اڄ ستين ڊسمبر تي اسان وٽ سج صبح جو ساڍي ڇهين بجي اڀريو آهي ۽ شام جو ساڍي پنجين بجي ڌاري لهي ويندو. يعني اسان وٽ اڄ ڪلهه ڏينهن 11 ڪلاڪن جو ٿيو. جنهن جي مقابلي ۾ رات 13 ڪلاڪن جي ٿي. يعني وڏي ٿي. ان جي مقابلي ۾ ڏٺو وڃي ته سئيڊن ناروي پاسي اڄڪلهه ڏينهن ڪو پنج ڇهه ڪلاڪن جو مس ٿو ٿئي. يعني سج نائين ساڍي نائين بجي اڀري ٿو ۽ اڍائي بجي ڌاري لهيو وڃي .... سو به اسٽاڪهوم ۽ اوسلو جهڙن شهرن ۾ جيڪي سئيڊن ۽ ناروي جا شهر ائين آهن جيئن پاڪستان جو ملتان. پر جيئن اسلام آباد يا چترال وغيره مٿي اتر ۾ آهن تيئن سئيڊن، ناروي يا فنلئنڊ جي اتراهن شهرن ۾ سياري ۾ ڏينهن اڃا به ننڍو ٿيو وڃي. اهڙي طرح اونهاري ۾ رات بنهه ننڍي ٿئي ٿي. انهن ملڪن ۾ سياري ۾ ته تقريبن سڀ بندرگاهه بند رهن ٿا جو سمنڊ جو پاڻي ڄميو برف ٿيو وڃي ان ڪري اسان جڏهن به جهاز کي انهن ملڪن ڏي وٺي وياسين ته هميشه اونهاري ۾. هڪ دفعي ناروي جي هڪ اتراهين بندرگاهه ٽرنڍهام ۾ اناج جو جهاز ڀري پهتاسين جو هنن ملڪن ۾ سيءَ ڪري پوک نه برابر ٿئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ رمضان جو مهينو هو ۽ روزو 22 ڪلاڪن جو ٿيو ٿي. هينئر سيارو آهي سو برف ڄميل هجڻ ڪري جهاز نٿو وڃي سگهي. سج ساڍي ڏهين بجي ڌاري اڀري ٿو ۽ اڍائي بجي لهي ٿو. سئيڊن ۾ تعليم دوران مون کي فيلڊ ورڪ لاءِ ناروي جي بندرگاهه ”الي سنڍ“ موڪليو هئائون. جيڪو پڻ ساڳي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي. آئون هوائي جهاز ذريعي پهتس. ڊيوٽي ته واچ جي ڪانٽن مطابق هلي ٿي جو سمورو ٽائيم رات جو سمو رهيو ٿي.
اسٽاڪهوم ۽ اوسلو 60 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. الي سنڍ ۽ ٽرنڊهام 63 ڊگرين تي آهي. ٽرنڍهام کان اڃان به مٿي اتر قطب ڏي وڃبو ته ناروي جو ”بودو“ نالي هڪ شهر ٿو اچي جيڪو 67 ڊگرين تي آهي. يعني آرڪٽڪ سرڪل کان به مٿي ٿيو ۽ اتي لاءِ جي توهان پڇندائو ته اڄ سج ڪنهن وقت اڀريو هوندو ۽ ڪنهن وقت لهندو ته توهان کي اهو ٻڌي تعجب ٿيندو ته بودو 67 ڊگرين تي هجڻ ڪري ايترو ته اتر ۾ آهي جو ڪجهه ڏينهن کان بودو ۾ سج اڀري ئي ڪونه ٿو. سال جو هي سوا مهينو مڪمل رات رهي ٿي. اهڙي طرح بودو ۾ اونهاري ۾ 2 جون کان 10 جولاءِ تائين مڪمل ڏينهن رهي. 10 جولاءِ کان پوءِ ٿوري ٿوري دير لاءِ سج لهي وري اڀرڻ شروع ڪري ٿو. اهو ئي حال سئيڊن جي شهر ڪرونا جو آهي. ناروي جو هڪ ٻيو شهر آهي ٽرومسو (Tromso) . اهو ته اڃان به مٿي اتر ۾ 70 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. اتي اونهاري ۾ اڍائي مهينا ڏينهن رهي ٿو ۽ سياري ۾ اڍائي مهينا لڳا تار رات.
ناروي جو اتراهون حصو سئيڊن کان به مٿي اتر قطب ويجهو آهي ۽ ناروي جو سڀ کان گهڻو اتر ۾ شهر “لانگ ييئر بائن” (Longyear byen) آهي جيڪو 81 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. دنيا جي گولي جي مٿين چوٽي 90 ڊگريون آهن. سو هي شهر لانگ ييئر بائن سمجهو ته اتر قطب کان فقط 9 ڊگريون هيٺ ڏکڻ ۾ آهي جتي اونهاري ۾ به برف باري لڳي رهي ٿي. هن شهر ۾ سياري ۾ ساڍا چار مهينا رات (اونداهه) رهي ٿي جنهن کي Polar Night سڏجي ٿو ۽ اهڙا ساڍا چار مهينا 15 اپريل کان 23 آگسٽ تائين لڳاتارڏينهن رهي ٿو جنهن ڪري هن ڌرتيءَ کي Mid Night Sun به سڏجي ٿو، جو آڌي رات واري ٽائيم تي به سج بيٺو آهي. سياري ۾ جڏهن لڳاتار رات رهي ٿي ته اونداهه ڪانڀار بدران ٿوري گهڻي روشني رهي ٿي جيڪا چنڊ جي برف تي سهائي پوڻ ڪري محسوس ٿئي ٿي. ان کان علاوه اتر ۽ ڏکڻ قطبن ۾ Aurora جي روشني پڻ پوي ٿي جيڪا Aurora Borealis يعني Northern Light به سڏجي ٿي. هيءَ روشني فارسيءَ ۾ شفق قطبي ۽ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ انوار قطبي يا اروره (Aurora) ئي سڏجي ٿي. هيءَ هڪ قدرتي مختلف رنگن جي روشني ٿئي ٿي جيڪا لانگ ييئر بائن جهڙن قطبي شهرن ۾ نظر اچي ٿي. اها ڪيئن ٿي ٿئي. اهو سائنس جا شاگرد ئي سمجهي سگهن ٿا. هڪ عام پڙهندڙ لاءِ اهو ئي لکندس ته هن روشنيءَ جو بنيادي سبب Solar wind ۽ Magnetosphere جو هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ آهي.

ويڪرائي ڦاڪ (Latitudes) ڇا آهن؟

هتي، اڳتي وڌڻ کان اڳ، عام پڙهندڙ لاءِ ڪجهه جاگرافيءَ جو سبق آسان نموني سان ڏيڻ چاهيان ٿو، جيئن هو ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) ۽ ڊگهائي ڦاڪ (longitude) سمجهي سگهن. اسان جو دنيا جو گولو سمجهو ته هڪ گدري مثل آهي. گدري کي توهان ٽيبل تي رکي ڏسو. سندس مٿيون حصو جتان ول مان ڇنو ويو آهي اهو ٿيو دنيا جو اتر قطب ۽ ان جي مخالف بلڪل هيٺ وارو نقطو ٿيو ڏکڻ قطب. هونءَ به ڪنهن به نقشي کي ڏسبو ته ان جو مٿيون حصو اتر آهي ۽ هيٺيون ڏکڻ. توهانجي ساڄي پاسي اوڀر آهي ۽ کاٻي پاسي اولهه، جيئن انڊيا اسان جي اوڀر ۾ آهي ۽ ايران اولهه ۾. هاڻ ان گدري کي جڏهن ڇريءَ سان مٿان کان هيٺ ڪٽيون ٿا، يعني ڦارون ڪيون ٿا ته اهي ڌرتيءَ جا ڊگهائي ڦاڪ آهن. يعني Longitudes آهن. هر هڪ Longitude اتر قطب کان ڏکڻ قطب ڏي ليڪ آهي. گدري کي ڪٽڻ جو اهوئي عام طريقو آهي. پر جي ان جون انناس وانگر ڦارون ڪنداسين جيئن سائي مرچ يا پتائي گجر کي ڳترا ڳترا ڪجي ٿو ته اهي ٿيا Latitudes . انناس، سائو مرچ يا گجر ته هڪ جهڙو ڊگهو آهي جنهن جو پهريون ۽ آخري هڪ ٻه ڳترو کڻي ننڍو وڏو هجي پر وچ وارا ڳترا يا ڦارون هڪ جيڏيون ٿينديون. پر گدرو جيئن ته گول آهي ان جي وچ واري horizontal ليڪ سڀ ۾ وڏي ٿيندي ان بعد جيئن جيئن اتر قطب يا ڏکڻ قطب ڏي وڃبو ته ننڍا ڳترا يا ننڍيون ليڪون ٿينديون وينديون. انهن Horizontal ليڪن مان، جيڪا گدري جي بلڪل وچ مان ٿي گذري، ساڳي طرح جيڪا ڌرتيءَ جي وچ مان، اها بيحد اهم آهي. دنيا جي اها وچ واري ”خيالي ليڪ“ خط استوا (Equator) سڏجي ٿي. گدري جي مٿان کان جيڪڏهن هيٺ تري (ڏکڻ) ڏي سوئو لنگهائجي ته اها اُڀي لِيڪ Axis سڏجي ٿي. دنيا جي ان Axis تي Equator (وچ وارو ڇلو) زيرو ڊگري ٺاهي ٿو. ان بعد ڌرتيءَ جي گولي جي وچ واري ڇلي کان جيئن جيئن مٿي ڇلا ٺاهبا وڃبا ته انهن جي ڊگرين جو نمبر وڌندو ويندو تان جا اتر قطب ۾ جيڪو ٽٻڪي جهڙو ڇلو ٿيو اهو 90 ڊگريون نارٿ ٿيو. اهڙي طرح خط استوا جي هيٺين حصي يعني ڏکڻ اڌ گول ۾ بلڪل آخري هيٺيون ڇلو 90 ڊگريون سائوٿ ٿيو.
هاڻ ڇا هي جو خط استوا (Equator) واري ليڪ تي سڄوسال سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ان ڪري ٻارهوئي اتي اس ۽ گرمي رهي ٿي ۽ ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين ٿا. دنيا جي ان خيالي لِيڪ (خط استوا) تي جيڪي به ملڪ آهن انهن ۾ ٻارهوئي سج نظر اچي ٿو. گرمي رهي ٿي ۽ ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين ٿا. خاص ڪري انهن شهرن ۾ جيڪي بلڪل Equator تي آهن، جيئن ته: يوگنڊا جا شهر ڪمپالا ۽ اينتيبي، سوماليا جو ڪِسمايا، برازيل جو مڪاپا، اڪيڊار جو ڪئٽو، انڊونيشيا جو پاڊانگ ۽ پيڪان بارو وغيره. ڏٺو وڃي ته سنگاپور ۽ ڪئالالمپور جو به اهو حال آهي جيڪي خط استوا کان ٿورو پري هڪ ۽ ٽن ڊگرين تي آهن ان ڪري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ ٻارهوئي نه رڳو روز جي نمازن جا پر عيد نمازن جا وقت به ساڳيا ٿين ٿا. ڀلي عيد نومبر ڊسمبر ۾ ٿئي يا جون جولاءِ ۾! خط استوا وارن ملڪن ۾ سيارو ته ٿئي ڪو نه. ملائيشيا جا ماڻهو اهو احساس حاصل ڪرڻ لاءِ ته سيءُ ڇا ٿو ٿئي، گنتنگ هاءِ لئنڊ جهڙي ڪنهن پهاڙي اسٽيشن تي ويندا آهن. سچ پڇو ته ملائيشيا ۾ ڏهه سال رهڻ دوران مون کي ۽ منهنجي ٻين هم وطنين کي سيارو ڏاڍو ياد ايندو هو ته ڇا ته قدرت جي نعمت آهي ۽ سئيڊن ۽ ناروي ۾ وري پنهنجي ملڪ جي بهار، جو انهن ملڪن ۾ ٻارهوئي سخت سيءَ ڪري ڏڪبو هو.
ڪولمبو 7 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ ته آهي جتي مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن ڊسمبر ۾ ، سو به مينهوڳيءَ وارا ڪجهه ڏينهن، ٿڌڪار محسوس ٿئي ٿو. ممبئيءَ ۾ هلڪو سيارو ٿئي ٿو هفتي ٻن لاءِ، پر ڪولمبو کان وري به ٿڌو ٿئي ٿو جو ممبئي ڪولمبو کان 12 ڊگريون مٿي يعني 19 ڊگريون Latitude تي آهي. انگريز راڄ ۾ انگريز گرميءَ جي موسم ۾ پنهنجي آفيسن جي ماڻهن ۽ فائيلن سميت ڀروارن شهرن پوني ۽ شملا هليا ويندا هئا جيڪي مٿاهين ليول تي هجڻ ڪري ملائيشيا جي گنتنگ هاءِ لئنڊ وانگر ٿڌا رهن ٿا. بهرحال اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪا به جاءِ مٿاهينءَ تي (يعني جبل تي) هجڻ ڪري ٿڌي رهي ٿي ، جيئن آفريڪا جو هڪ وڏو ۽ مشهور جبل ڪِيليمنجارو جيڪو تنزانيا ۾ آهي ۽ هي جبل سنگاپور وانگر بلڪل خط استوا وٽ 3 ڊگريون Latitude تي آهي پر 16000 فوٽ اتاهون هجڻ ڪري هن جون چوٽيون اونهاري ۾ به برف سان ڍڪيل رهن ٿيون. هونءَ ناولن جا شوقين هن جبل جي نالي کان چڱي طرح واقف هوندا جو انگريزيءَ جي مشهور ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي جي هڪ سفرنامي نما ناول جو نالو Under Kilimanjaro آهي. هيمنگوي جي هڪ شارٽ اسٽوري جو نالو به، هن جبل سان منسوب آهي. جنهن نالي The Snows of Kilimanjaro تي 1952ع جي فلم به آهي.
اهڙي طرح اسان وٽ دادو ضلعي ۾ گورک هِل آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي جون جولاءِ ۾ به سيءُ رهي ٿو. سو ڪا جاءِ اتاهين آهي ته اتي ٿڌڪار رهي ٿي، ڀلي کڻي خط استوا (Equator) جي ويجهو هجي. نه ته اصول مطابق جيترو خط استوا جي ويجهو اوتري گرمي ۽ سج جي گهڻي تپش ۽ جيترو خط استوا کان پري يعني زيرو ڊگري کان قطبن (ڏکڻ يا اتر) ڏي، يعني 90 ڊگرين جي جيئن جيئن ويجهو ٿبو ته ٿڌڪارو وڌندي رهندي ۽ سياري ۾ راتيون ۽ اونهاري ۾ ڏينهن وڏا ٿيندا نظر ايندا. اها ئي ڳالهه مٿي بيان ڪئي اٿم ته ڪولمبو (سري لنڪا) کان ممبئيءَ ۾ وڌيڪ ٿڌ ٿئي ٿي ۽ ممبئيءَ کان ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي ڇاڪاڻ جو ڪولمبو 7 ڊگرين تي آهي، ممبئي 19 ڊگرين تي ۽ ڪراچي اڃان به مٿي 25 ڊگرين تي. ڪراچيءَ کان وڌيڪ سيارو ۽ سياري ۾ وڏيون راتيون پشاور ۽ چترال ۾ آهن جو پشاور 34 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ۽ چترال اڃان به ٻه ڊگريون مٿي اتر ۾ 36 ڊگرين تي آهي. اڃان به جي مٿي جي وڃبو، مثال طور ماسڪو ۾ ته اتي سياري ۾ اڃان به وڌيڪ سيءُ ٿئي ٿو. مهيني ڏيڍ بدران ٽي چار مهينا ٺيڪ ٺاڪ سيءُ هلي ٿو جو ماسڪو 56 ڊگريون Latitude تي آهي. اڃان وڌيڪ اتر ۾ وڃبو ته فنلئند، ناروي، سئيڊن جهڙا ملڪ اچن ٿا. ناروي ۽ سئيڊن جا گاديءَ وارا شهر اوسلو ۽ اسٽاڪهوم جيڪي 60 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهن انهن ۾ روس جي ماسڪو شهر کان وڌيڪ سيءُ رهي ٿو. اڄ ڪلهه ڊسمبر جو مهينو هجڻ ڪري انهن شهرن ۾ سج صبح جو نائين بجي اڀري ٿو ۽ منجهند جو ٽي بجي کان اڳ لهيو وڃي يعني ڏينهن ڇهه ڪلاڪ مس ٿئي ٿو ۽ رات ارڙهن ڪلاڪ رهي ٿي. سئيڊن ۾ تعليم دوران اسان جي يونيورسٽي جو وقت صبح جو 8 کان 5 تائين هوندو هو. هاسٽل ۾ نيرن 7 بجي ملندي هئي جنهن بعد يونيورسٽي وڃڻ لاءِ بس جهلڻ لاءِ روڊ تي اچي بيهبو هو. يعني اهو سڀ ڪم اوندهه ۾ هلندو هو. پهرين پيرڊ ۾ به رات هوندي هئي. ٻئي پيرڊ ۾ روشني ٿيندي هئي ۽ يونيورسٽي جي هڪ ڪمري واري مسجد ۾ فجر ٿيندي هئي. اهڙي طرح باقي نمازون عشا تائين يونيورسٽي ٽائيم ۾ ئي ٿينديون هيون، جو مغرب نماز 3 بجي ٿيندي هئي ان بعد عشا. يونيورسٽي شام جو پنجين بجي بند ٿيندي هئي يعني رات جي نماز (عِشا) بعد موڪل کان پوءِ اونداه ۾ شهر جو چڪر ڏئي هاسٽل پهچندا هئاسين.

اوسلو ۽ اسٽاڪهوم کان مٿي جي شهرن جي ٿڌ

پر ڳالهه اها آهي ته اوسلو ۽ اسٽاڪهوم يا ويندي فنلئند جي گاديءَ واري شهر هيلسنڪي (جيڪو پڻ 60 ڊگرين تي آهي) ۾ وري به اسان چوندا هئاسين ته سُک آهي ۽ ٻين کي صلاحون ڏيندا هئاسون ته اتي جي يونيورسٽين ۾ ضرور داخلا وٺو جو سيءَ جو پد منفي 20 ڊگرين کان هيٺ نٿو ڪِري. پر ٿورو مٿي اتر ۾ اٽڪل 63 ڊگرين تي جتي ناروي جو بندرگاهه ٽرانڍهام آهي، جتي سياري ۾ ته سمنڊ ڄميل رهي ٿو سو اونهاري ۾ جهاز هاڪاري ايندا هئاسين ته اونهاري ۾ به سيءُ هوندو هو. آسمان ڏينهن رات ڪڪرن سان ڇانيل هجڻ ڪري هتي سج جو نظر اچڻ به مشڪل آهي. اس تي پاڻ سيڪڻ جون سَڌون ئي رهجي وينديون هيون. پر يارو! ٽرنڍهام ۾ 1760ع جي ٺهيل نارويجن يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي جو جواب ناهي. علم جا عاشق ههڙي ڏکي موسم واري شهر ۾ به تعليم حاصل ڪندي ڏٺم. جن مان هڪ مون کان ٻه سال جونيئر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو مرحوم عاشق حسين شاهه به هو. مرحوم سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري به رهيو. ننڍي ڄمار ۾ هو هوائي جهاز جي حادثي ۾ اسان کان جدا ٿي ويو.
مٿين يونيورسٽي جو ڪئمپس ناروي جي هڪ ٻئي شهر “الي سنڍ” ۾ به آهي جيڪو پڻ ساڳي ويڪرائي ڦاڪ 63 ڊگرين تي آهي. سئيڊن جي يونيورسٽي “ورلڊ ميريٽائيم” ۾ تعليم دوران، فيلڊ ورڪ لاءِ مون کي اڪثر الي سنڍ موڪليو ويو ٿي جنهن جو احوال مون اسڪينڊي نيوين ملڪن جي سفرنامن (اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، جت برف پوي ٿي جام، ملير کان مالمو، وغيره) ۾ ڪيو آهي.
ٽرنڍهام ۽ الي سنڍ جي ماڻهن سان جڏهن سخت سيءَ ۽ ڏينهن رات جي ننڍ وڏائيءَ جي سلسلي ۾ همدردي ڪندو هوس ته سکر جي مٿئين مرحوم عاشق حسين شاهه جهڙا الله جا نيڪ ٻانها اهو ئي چوندا هئا ته شڪر آهي ته اسان آرڪٽڪ علائقي جي ٽرمسو، ڪِيرونا يا بودو جهڙي ڪنهن شهر ۾ نه آهيون.
آرڪٽڪ وارو علائقو ڪهڙو آهي؟ دنيا جي اتر قطب ڏي ويندي 66 هين ويڪرائي ڦاڪ کان مٿي وارو علائقو ”آرڪٽڪ“ سڏجي ٿو ۽ اهو ويڪرائي ڦاڪ آرڪٽڪ سرڪل سڏجي ٿو. اوسلو ۽ ٽرنڍهام جهڙا ناروي جا شهر 60 ۽ 63 ڊگرين تي هجڻ ڪري آرڪٽڪ ۾ نٿا اچن. جيتوڻيڪ انهن ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو ۽ سياري ۾ راتيون وڏيون ۽ ڏينهن ننڍا ٿين ٿا پر وري به ٻن ٽن ڪلاڪن جو ڏينهن ته ٿئي ٿو ۽ جيتوڻيڪ آسمان گهاٽن ڪڪرن سان ڇانئيل هجڻ ڪري نه سج نظر اچي ٿو ۽ نه اس پر گهٽ ۾ گهٽ روشني ته رهي ٿي. پر ناروي جي بوڊو (Bodo) ۽ ٽرومسو (Tromso) ۽ سئيڊن جي ڪِرونا (Kiruna) جهڙا شهر جيڪي 67، 70 ۽ 67 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهن يعني آرڪٽڪ جي علائقي ۾ آهن، انهن ۾ هڪ ته سيءُ تمام گهڻو پوي ٿو ۽ ٻيو ته اتي چار چار مهينا سياري ۾ ڏينهن ٿئي ڪو نه ۽ اهڙي طرح اونهاري ۾ رات ٿئي ڪا نه. ٽرومسو ۾ سج 27 نومبر تي آخري دفعو صبح جو ساڍي يارهين ڌاري اڀري ٿو جيڪو 15 منٽن بعد يعني پوڻي ٻارهين بجي لهيو وڃي. ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن 28 نومبر کان سج اُڀري ئي نٿو ۽ مستقل رات هلي ٿي. اهو ڪم 4 جنوريءَ تائين رهي ٿو، ان کانپوءِ سج اڀرڻ ۽ لهڻ شروع ٿئي ٿو. پر وري به ٽروسمو ايترو اتر ۾ نه آهي. سڀ کان گهڻو اتر ۾ ناروي جو شهر لانگ ييئر بائن (Longyear byen) آهي جيڪو 78 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. لانگ ييئر بائن ۾ سال جو آخري سج 26 آڪٽوبر تي ڪلاڪ کن لاءِ رهي ٿي ان بعد 27 آڪٽوبر کان 14 فيبروريءَ تائين چار مهينا کن سج جو نالو نشان نٿو رهي. لڳاتار اونداهه يعني رات رهي ٿي. ان کان مٿاهن اتراهن علائقن ۾ جتي ٻارهوئي برف رهي ٿي ميدانن تي برف جي ڇپن مان گهر (Igloo) ٺاهي جيڪي ماڻهو رهن ٿا، اهي ايسڪيموز سڏجن ٿا.
تعليم دوران جڏهن ناروي جي بندرگاهه الي سنڍ ۾ اچبو هو يا سامونڊي نوڪري دوران جهاز کي هاڪاري ٽرنڍهام بندرگاهه ۾ اچبو هو ته اتي جا مقامي ماڻهو توڙي اتي رهندڙ هم وطني دنيا جي مٿاهين اتراهين شهر لانگ ييئر بائن جو چڪر ڏيڻ لاءِ چوندا هئا. سئيڊن جي ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو عرب ڪلاس ميٽ صالح اشعاري نيٺ الي سنڍ مان باءِ ايئر لانگ ييئربائن وٺي آيو ۽ مون کي سمجهايو ته حج ۽ هن شهر لانگ ييئر بائن جو ديدار جوانيءَ ۾ ئي ڪرڻ کپي.
“ڇو ڀلا؟” مون سبب پڇيومانس. ايترو ته ضرور واقف هوس ته حج جو سفر ڏکيو ٿو ٿئي جو هڪ ئي وقت سڀني حاجين کي منا، عرفات، مذدلفه پهچڻو پوي ٿو. طواف ۽ سعي جهڙيون شيون مڪمل ڪرڻيون پون ٿيون جن کي هڪ جوان ماڻهو وڌيڪ همت سان منهن ڏئي سگهي ٿو پر ناروي جي هن اتراهين شهر لانگ ييئر بائن ۾ ڪهڙو طواف ۽ سعي ڪرڻو پوي ٿو جنهن لاءِ وڏي عمر ۾ نه اچجي؟.
“بابا ان ڪري جو توهان ٿر جي بيابان جا ۽ اسان عربستان جي ريگستان جا ماڻهو پِيريءَ ۾ ههڙي سيءَ جي دٻ جهلي سگهنداسين؟” صالح چيو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي چيو، “پنهنجي ملڪ جي ڪنهن پوڙهي کي جلد راهه رباني وٺرائڻي هجي ته ان کي ڪلاڪ کن جي چڪر لاءِ ناروي جي هن شهر ’لانگ ييئر بائن‘ ۾ وٺي اچجي.”
“واقعي!” مون چيومانس.
صالح سچ ٿي چيو. اتر قطب جي ويجهو جيڪي ٽي چار شهر آهن انهن ۾ هي شهر “لانگ ييئر بائن” وڏي ۾ وڏو شهر آهي. آهي ته وڏي ۾ وڏو شهر جنهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا شوقين ٽوئرسٽ خواهش رکن ٿا ۽ جيڪو گهمي ٿو وڃي اهو پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهي، ان جي آدم شماري فقط ٻه هزار ماڻهو آهن. آئون ته چوندس ته اهي وڏي دل وارا ۽ پهلوان آهن جيڪي ههڙي ٿڌ ۽ ٻين مصيبتن ۾ رهن ٿا. هونءَ ته ”ناروي“ سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ وانگر Scandinavian ملڪ آهي جتي جي ماڻهن جو حڪومت وڏو خيال ڪري ٿي .... بس سمجهو ته ٻار جيئن ئي ماءُ جي پيءُ ۾ سِرجي ٿو ته حڪومت ان جو خرچ پکو ڏيڻ شروع ڪري ٿي جيڪو 18 سالن تائين عمر مطابق وڌندو رهي ٿو. نوڪري نٿي ملي ته بيروزگاري الائونس به ڏنو وڃي ٿو. رهائش جو بندوبست سرڪار ڪري ٿي. ميڊيڪل ۽ صحت سرڪار جي مٿان آهي ويندي مرڻ تي ڪفن دفن جو بندوبست سرڪار جي مٿي تي آهي. مسلمان آهي ته اسلام مطابق، عيسائي يا يهودي آهي ته انهن کي انهن جي مذهب ۽ عقيدي موجب دفن ڪيو وڃي ٿو. يعني هي ملڪَ (اسڪئنڊي نيويا جا) صحيح معنيٰ ۾ فلاحي سوسائٽيءَ وارا ملڪ آهن جن لاءِ اها چوڻي مشهور آهي ته حڪومت سڄي عمر بار کڻي ٿي.
From womb to tomb

اتر قطب جو وڏو شهر ’لانگ ييئر بائن‘

پر ناروي جي هن اتر قطبي شهر لانگ ييئربائن ۾ ڪا اهڙي ڪهاڻي ناهي. بلڪ رهندڙن کي ٻار پيدا ڪرڻ کان جهليو وڃي ٿو ڪا اسپتال ئي ناهي ته ڊليوري ڪٿي ٿئي. ويم لاءِ يا ڪنهن جي ٽنگ ٻانهن ڀڄي پوي ته هن کي هوائي جهاز ۾ چاڙهي 2000 ڪلو ميٽر پري ناروي جي گاديءَ واري شهر اوسلو موڪليو وڃي ٿو. حڪومت طرفان شهرين کي سالن کان چتاءُ ڏنو پيو وڃي ته لانگ ييئر بائن شهر ۾ ٻار پيدا ڪرڻ کان گريز ڪيو. پر ٻار ٿي ٿو وڃي ته ڄم کان مهينو ٻه اڳ هتان نڪري ڏکڻ ڏي هليا وڃو. اوسلو نه ته ٽرنڍهام ئي سهي، جيڪو اوسلو کان وري به ويجهو آهي. يعني لانگ ييئر بائن 73 ڊگريون اتر ۾ آهي ته ٽرنڍهام وري به آرڪٽڪ سرڪل کان ڪجهه هيٺ 63 ڊگرين تي آهي ۽ اوسلو 60 ڊگرين تي آهي. يقين ڪريو اتر ۾ ٿڌ جو اهو حال آهي جو ويڪرائي ڦاڪ جي هڪ هڪ ڊگري وڏي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. اوسلو کان ٽرنڍهام فقط 3 ڊگريون مٿي آهي. هڪ ڊگريءَ ۾ 60 منٽ آهن ۽ هڪ منٽ هڪ ناٽيڪل ميل برابر ٿئي ٿو، جيڪو اسان جي زمين جي ميل (Statue Mile) کان ڪجهه وڏو آهي. سمجهو ته 3 ڊگريون معنيٰ 180 ناٽيڪل ميل ۽ پنهنجا هاءِ وي وارا کڻي 250 ميل سمجهو. يعني 400 ڪلوميٽر. سو اوسلو کان 400 ڪلوميٽر (3 ڊگريون) مٿي ٽرنڍهام شهر ۾ اچ ته ان ۾ ئي اهو محسوس ٿو ٿئي ڄڻ ماڻهو فرج جي هيٺين خاني مان مٿين فريزر ۾ بند ٿي ويو. اتي سوچيو ته لانگ ييئر بائن شهر ۾ ڇا ٿڌ جو عالم هوندو جيڪو ٽرنڍهام کان به 10 ڊگريون، يعني 1300 کن ڪلوميٽر اتر ۾ 73 ڊگرين تي آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته يورپ ۾ يا کڻي سکر لاڙڪاڻي ۾ توهان ڏسندائو ته سيءُ ضرور جهوري ٿو پر سيءَ سان گڏ جيڪڏهن هوا به لڳي ٿي ته جسم ڄڻ ته چيري ٿي ۽ کي تمام گهڻو سيءُ محسوس ٿئي ٿو پوءِ ڀلي ٿرماميٽر ٿڌ جو ساڳيو پد ڏيکاري جيڪو هڪ ڏينهن اڳ بنا هوا جي ڏيکاريو هئائين.
يورپ ۾ يا سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران صبح جو هاسٽل کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ موسم آهر گرم ڪپڙا پائي نڪربو هو ان ڪري ٽي ويءَ تي ٿڌ جو ٽيمپريچر ته ڏسبو هو پر هوا جي اسپيڊ پڻ. جيڪڏهن سيءَ سان گڏ تکي هوا به لڳندي هئي ته پوءِ ته مٿي تي ڪنٽوپ، ڳچيءَ ۾ ٿلهو مفلر ۽ هٿن تي دستانا چاڙهڻ به ضروري ٿي پوندا هئا. ڇو جو هوا وارو سيءُ جسم کي ڄڻ ته ڪپي ٿو ۽ جيترو توهان اتر ڏي ويندائو اوتريون وڌيڪ هوائون آهن. لانگ ييئر بائن جهڙي شهر ۾ ته هوا کي روڪڻ لاءِ نه ڊگهيون عمارتون آهن ۽ نه وڻ ٽڻ. ههڙي ٿڌ ۾ ڪٿان ٿا ٿي سگهن وڻ ٽڻ! اوسلو، هيلسنڪي يا اسٽاڪهوم جهڙن اتراهان شهرن ۾ جيڪي جيتوڻيڪ 60 ڊگرين تي آهن پر وري به سج جي روشني ۽ نارمل زمين هجڻ ڪري اونهاري ۾ ته ساوڪ ٿئي ٿي پوءِ ڀلي سيارو شروع ٿيڻ سان پن ڪومائجي ڇڻي پون ۽ هر وڻ ٺوڙهو لڳي، پکي پکڻ ڏکڻ ڏي اسپين، اٽلي يا آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ڏي هليو وڃي، پر آرڪٽڪ سرڪل واري ويڪرائي ڦاڪ (66 ڊگرين) کان مٿي ته اونهارو به ايڏو سخت ٿڌو آهي جهڙو فرانس، انگلينڊ، جرمني، پولينڊ جو سيارو. ٻي ڳالهه ته وڻن يا فصلن لاءِ اس به ته ضروري آهي. لانگ ييئر بائن جهڙي شهر ۾ جتي ٽي چار مهينا لڳاتار رات آهي اتي ڇا پوک ٿيندي. اونهاري ۾ جيتوڻيڪ ٽي چار مهينا لڳاتار سج رهي ٿو، يعني اڀري ٿو ته لهڻ جو نالو نٿو وٺي پر ان ۾ نه اها اس ٿي ٿئي ۽ نه گرمائش.
اهي پڙهندڙ جيڪي اتر قطب جي ملڪن ۾ نه ويا آهن انهن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته قطبن ۾ (اتر قطب توڙي ڏکڻ قطب ۾) سج اسان وانگر ائين چوٽ نٿو کڻي جيئن اسان وٽ ظهر نماز مهل يعني ٽاڪ منجهند جو اسان جي مٿان رهي ٿو ۽ ٽِڪڻ تپايو ڇڏيو. خاص ڪري خط استوائي ملڪن ۾ ته بلڪل اسان جي ٽِڪڻ جي مٿان هوندو آهي ۽ سج جا ڪرڻا سڌا پوڻ ڪري اس جي ايڏي ته تپش رهي ٿي جو اهڙن ملڪن ملائيشيا، يوگنڊا وغيره ۾ ته ماڻهو مٿي تي پٽڪو يا ٽوپي، يا وري ڌوپ ڇٽي رکي هلن ٿا پر اسان وٽ سنڌ، پنجاب، راجستان ۾ به مٿي تي بوڇڻ رکي هلن ٿا.
مٿي اتر ۾ سج ڪيئن اڀري ۽ لهي ٿو ۽ ان ۾ تپش ڇو نٿي رهي اهو ملائيشيا جا ماڻهو کڻي نه سمجهي سگهن پر اسان جا ماڻهو سمجهي سگهندا. ملائيشيا ۾ ٻارهوئي سج اسان جي اونهاري وانگر اوڀر کان اڀري چوٽ کڻي پوءِ اولهه طرف لهيو وڃي. پر توهان ڏسندا ئو ته اسان وٽ پاڪستان يا اتر انڊيا وغيره ۾ سياري جي ڏينهن ۾ سج اوڀر کان اڀري ضرور ٿو پر مٿان لنگهڻ بدران ٿورو هيٺڀرو ڏکڻ وارو پاسو وٺي اولهه ۾ لهي ٿو. اهو انڪري جو اسان جي ڌرتي ٿوري (23 ڊگريون کن) tilted يعني جُهڪيل آهي. سج جي پاسو ڏئي گذرڻ تي سج جا ڪرڻا پاسيرا پون ٿا جنهن ڪري انهن ۾ تپش هلڪي ٿئي ٿي.
هاڻ جي توهان مٿي ايندائو. خاص ڪري لانگ ييئر بائن جهڙي اترادي شهر ۾ ته اتي اونهاري وارا ٽي چار مهينا سج اوڀر کان اولهه ڏي ضرور وڃي ٿو پر مٿي چڙهي تپش ڪرڻ بدران افق (Horizon) وٽ ئي ڦرندو رهي ٿو. ان ڪري تپش نٿي ٿئي۽ اونهاري ۾ به سخت سيءُ رهي ٿو ۽ سياري ۾ ته ٽي چار مهينا لڳاتار اوندهه ٿئي ٿي سو اهڙو ته سيءُ پوي ٿو جو ڳالهه ئي نه پڇو. دنيا جي بيحد اتراهين شهر لانگ ييئر بائن ۾ رهندڙ ٻه هزار کن ماڻهن لاءِ اسپتال کڻي ناهي پر ٻارن لاءِ اسڪول ضرور آهي. ان کان علاوه ريسرچ لاءِ يونيورسٽي طرفان تعليمي ادارا پڻ آهن.
دنيا جي بلڪل اتر ۾ هن انسانن جي آبادي واري شهر لانگ ييئر بائن تي هي نالو هڪ آمريڪن تاجر جان منرو لانگ ييئر (John Munro Longyear) تان پيو جنهن کي خبر پئي ته هتان ڪوئلو ملي سگهي ٿو سو هن 1906ع ۾ ڪجهه مزورن جا جٿا وٺي “آرڪٽڪ ڪول ڪمپني” ٺاهي، ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي شروع ڪئي ۽ هن شهر جو نالو سندس ذات Longyear تان ’لانگ ييئر سٽي‘ يعني لانگ ييئر صاحب جو شهر پيو. شهر کي نارويجن ٻوليءَ ۾ بائن (Byen) سڏجي ٿو ان ڪري مڪاني ماڻهو هن شهر کي “لانگ ييئر بائن” سڏين ٿا جيئن اسان وٽ جيڪب يا جيمس جهڙن انگريزن جي ٻڌرايل شهرن کي جيڪب آباد ۽ جيمس آباد سڏيون ٿا.
هن شهر ۾ اڄڪلهه ڪوئلي جو ڪم ته نٿو هلي. ڪڏهن کان ڊيزل ۽ پيٽرول انجڻين جي ايجاد ڪري ڪوئلي جي اها اهميت نه رهي آهي. اڄ ڪلهه هن شهر جي وڏي ڪمائي ٽوئرزم مان آهي. دنيا جا سياح هن آڌي رات جي سج (Mid night sun) جي ڌرتيءَ جا نظارا پسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ جيتوڻيڪ هتي سخت سيءُ رهي ٿو ته به ڪيترائي امير هڪ دفعو اچڻ بعد واپس وڃڻ جو نالو نٿا وٺن. بس بيمار يا بيروزگار ٿيڻ تي هي شهر يڪدم ڇڏجي جو هتي نه اسپتالون آهن ۽ نه روزگار جا ذريعا ٻين لفظن ۾ امير ماڻهو ئي هتي رهي سگهن ٿا جن وٽ خرچڻ لاءِ پئسو جام هجي.

اتر قطب جي شهرن جون نراليون ڳالهيون

اتر قطب جي هنن شهرن جون پنهنجيون دلچسپ، ڏکيون ۽ نراليون ڳالهيون آهن. سخت سيءَ ڪري هتي انساني جسم جي گهڻي چرپر نٿي ٿئي. سياري جا سخت سيءَ ۽ اونداهه وارا ست اٺ مهينا ته ننڍو وڏو سوڙ جهڙن سئيٽرن ۽ ڪوٽن ۾ ڍڪيل رهي ٿو ۽ گڏهن جي ڳرن آٿرن سان ويڙهيل ماڻهو ڪهڙو ڊوڙي سگهندو يا ورزش ڪري سگهندو. پر ان هوندي به ننڍن ٻارن کان وٺي هتي جي وڏن کي اهو سمجهايو وڃي ٿو ته هڪ هنڌ ليلهڙ ٿي رهڻ بدران پنهنجا هٿ پير چوريندا رهو، جيئن هوائي جهاز جي ڊگهي سفر ۾ مسافرن لاءِ ضروري آهي ته هو سيٽ تي ويٺي ويٺي پنهنجن هٿن پيرن جي آڱرين کي گهمائيندا رهن جيئن جسم جون رتوبتون هڪ هنڌ ڄمي سوڄ پئدا نه ڪن.
اسڪول جي ٻارن کي به ڏينهن ۾ هڪ ٻه دفعا ماسترياڻيون اسڪول جي عمارت ٻاهران چڪر ڏيارين ٿيون. هتي اها به ته مصيبت آهي ته ڪو به اڪيلو گهر کان ٻاهر نڪري نٿو سگهي خاص ڪري سياري وارن مهينن ۾ جڏهن چوڌاري مستقل اونداهه جو راڄ رهي ٿو. جيتونيڪ هتي امن امان جي صورت بهترين آهي، قاعدا قانون سخت آهن ۽ سزائون ڳريون هجڻ ڪري ڪنهن چوري، ڌاڙي يا اغوا جهڙو ڪيس نٿو ٿئي پر هتي جا رهاڪو هر وقت هتي جي بکايل پولر بيئر (سفيد قطبي رڇن) کان ڊڄن ٿا. هونءَ ته هنن جو پيٽ گذر سامونڊي ساهوارن تي آهي، خاص ڪري سيل (Seal) مڇيءَ تي پر سياري ۾ جڏهن آرڪٽڪ سمنڊ سخت برف ٿيو وڃي ته پوءِ هو ڏينهن جا ڏينهن بکايل رهن ٿا ۽ وجهه لڳڻ تي ننڍي توڙي وڏي کي کايو وڃن. اهي شهر جي گهٽين بازارين ۾ به پيا هلن. ان ڪري هر هڪ ماڻهو پاڻ سان بندوق کڻي هلي ٿو. اسڪول جي ڀتين تي به بندوقون ٽنگيل نظر اچن ٿيون. اسڪول جي هر مِس (ماسترياڻي) کي بندوق هلائڻ جي سکيا مليل آهي. هن جي ڊيوٽي آهي ته ٻارن کي چڪر لاءِ اسڪول کان ٻاهر وٺي وڃي ته پاڻ سان بندوق کڻي جو شهر ۾ چوڌاري ڪيترن ڏينهن جا بکايل رڇ پيا هلن. خاص ڪري سياري جي موسم ۾ جڏهن رات لڳاتار چار مهينا کن هلي ٿي ۽ روزانو 24 ئي ڪلاڪ اوندهه ڇانيل آهي ۽ سخت سيءَ ڪري ڪا کائڻ جي شيءِ ناهي.
’لانگ ييئر بائن‘ ۾ جيڪي ٽوئرسٽ اچن ٿا انهن کي پهريون ڪم مسواڙ تي بندوق وٺي ان کي هلائڻ سيکاريو وڃي ٿو جيئن مٿن ڪو رڇ حملو ڪري ته ان کي نشانو بنائي سگهن ۽ کين اهو پڻ ٻڌايو وڃي ٿو ته رڇ جي ڇاتيءَ جو نشانو وٺو ۽ نه منهن جو. ڇو جو مٿي جو ٽارگيٽ ننڍو هجڻ ڪري نشانو خطا ٿي سگهي ٿو. ٻي ڳالهه ته ٽوئرسٽ، اسڪول جي ماسترياڻي، يا ڪو شهري، رڇ کي گولي هڻي ماري ٿو ته ان بعد هن جو فرض آهي ته هو ان جو اطلاع يڪدم لانگ ييئر بائن ۾ رهندڙ گورنر کي ڪري ته هن پنهنجي بچاءَ خاطر رڇ کي ماريو آهي ڇو جو هتي ڪنهن به جانور يا پکيءَ کي مارڻ ڏوهه آهي. قطبي رڇ هنج جهڙو سفيد ۽ خوبصورت جانور، جيڪو اڳهين تعداد ۾ گهٽجي رهيو آهي ان کي اجايو سجايو مارڻ تي هن جو نسل ئي برباد ٿي سگهي ٿو.
هتي جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن کي پهرين ڏينهن ئي بندوق هلائڻ سيکاري وڃي ٿي. پر جي ڪڏهن توهان جي سامهون ڪو رڇ اچي ٿو وڃي ۽ توهان هٿيار بنا آهيو ته پنهنجي هٿ جا دستانا (Mittens) لاهي برف تي اڇلايو. ٿي سگهي ٿو رڇ جو ڌيان اوڏانهن هليو وڃي ۽ توهان کي ڀڄڻ جو موقعو ملي وڃي. پر جي توهان ڏسو ٿا ته رڇ ڏند ڪرٽي آواز پيو ڪڍي معنيٰ هن جي نيت خراب آهي.
ملائيشيا ۽ جپان وانگر هتي به گهر ۾ يا دڪان ۽ آفيس ۾ پنهنجو بوٽ لاهي اندر اچڻو ٿو پوي. بوٽ کان علاوه هتي هڪ ٻي شيءِ به ٻاهر رکڻي ٿي پوي. پنهنجي ٽوپي يا هئٽ نه پر بندوقچي! ڪنهن به بلڊنگ اندر بندوق کڻي گهڙڻ جي اجازت نه آهي. اها ڳالهه “اقدام قتل” Attempt to murder ۾ اچي سگهي ٿي. ماڻهن کي ان ڳالهه جي ياد ڏيارڻ لاءِ جيئن مسجدن جي ٻاهران اسٽڪر لڳل ٿين ٿا ته “پنهنجو موبائيل فون بند رکو”، تيئن هتي جي دڪانن ٻاهران هن قسم جو دلچسپ اسٽڪر لڳل آهي ته All the polar bears in this shop are already dead, please leave your weapon with the staff. (هن دڪان ۾ جيڪي قطبي رڇ هئا سي مري چڪا آهن، ان ڪري پنهنجا هٿيار ٻاهر رکي پوءِ اندر گهڙو.”
هونءَ هتي جا سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته لانگ ييئر بائن شهر جي آسپاس ٽن هزارن کان به مٿي قطبي رڇ رلندي نظر اچن ٿا.
لانگ ييئر بائن ۽ ڀر وارن ٻيٽن جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ توهان کي وڻ ٽڻ يا ڀاڄيون ڀتيون يا ڪا ٻي پوک نظر نه ايندي باقي بدڪن جهڙا قسمين قسمين گهاٽن کنڀن وارا پکي جام نظر ايندا. هن پاسي ايندڙ ٽوئرسٽ هڪ ته هتي جي موسم ۽ قدرتي نظارن جو لطف حاصل ڪن ٿا ۽ ٻيو هتي جي رنگين پکين کي ڏسڻ اچن ٿا. هتي جي شهرين توڙي سياحن (ٽوئرسٽن) کي سختيءَ سان منع ٿيل آهي ته هو ڪنهن به پکيءَ کي ڊسٽرب نه ڪن ۽ نه فلئش واري ڪئميرا سان فوٽو ڪڍن جنهن سان هو ڇرڪجيو وڃن. اهو ئي سبب آهي جو هنن ملڪن ۾ پکي بي ڊپا ٿيو پيا هلن ۽ ماڻهن جي پيرن ۾ به اچيو چڳن جن بابت آئون پنهنجي سئيڊن وارن سفرنامن ۾ به لکي چڪو آهيان. پر هتي هن قطبي شهر لانگ ييئر بائن ۾ ايڏي ته سختي آهي جو ڪنهن کي ٻلي ڌارڻ جي به اجازت ناهي. توهان کي سڄي شهر ۾ هڪ به ٻلي نظر نه ايندي جو اها هتي جي پکين کي ڊيڄارڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

اتر قطب ۾ ڪتن جي ڪهڙي ضرورت؟

توهان هن ننڍڙي شهر جي گهٽين مان لنگهندائو ته توهان کي جتي ڪٿي ڪتن جا گهر ڏسڻ ۾ ايندا جن ۾ ڏٽا مٽا ڪتا ويٺل نظر ايندا. توهان جي دل ۾ اهو سوال ضرور پيدا ٿيندو ته هتي جڏهن ٻلو رکڻ جي اجازت ناهي اتي ايترا ڪتا، ماڻهن جي آدمشماريءَ کان به ٻيڻا ٽيڻا ڇو آهن؟ جڏهن ته ٻلو وري به ڪتي کان گهٽ خوفناڪ آهي!.
ڳالهه اها آهي ته ڪتا پالڻ هتي جي ماڻهن جي مجبوري آهي. هتي اسان وانگر ڏامر يا سيمينٽ جا روڊ رستا ته آهن ئي ڪو نه ۽ نه موٽر ڪارون ۽ بسيون. اونهاري ۾ به ايڏي ٿڌ آهي جو چوڌاري تازي وسيل برف جو چورو نظر اچي ٿو يا پهرين جي وسيل ۽ ڄمي ويل برف آهي. هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ سليجون (Sledges) استعمال ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ ڦيٿا نه ٿين پر برف تي ترڪن ٿيون. انهن کي هي ڪتا ڇڪين ٿا. پوءِ سائيز مطابق ان سليج (گاڏيءَ) جي اڳيان هڪ، ٻه يا ٽي چار ڪتا ٻڌا وڃن ٿا. انهن ڪتن کي بکيو نٿو رکي سگهجي. ڪتن جا مالڪ هنن جي کاڌي خوراڪ جو هر وقت جوڳو بندوبست ڪن ٿا. هتي رڍون ٻڪريون ته آهن ڪو نه جن جا هڏا يا ڇيڇڙا ڪاسائيءَ کان وٺي اچجن. هتي Seal مڇيون، لڌڙا جام ٿين ٿا. ڪتن پالڻ وارن جا مهاڻن وٽ آرڊر هوندا آهن جيڪي هنن جي ضرورت مطابق روزانو سيل (Seal) جو گوشت ڪتن لاءِ پهچايو وڃن چاهي اونهارو هجي يا سخت سيءَ ۽ اونده وارو سيارو. ان ڪري ڪتن جو پيٽ ڀريل رهي ٿو ۽ اهي هيڏانهن هوڏانهن وات نٿا هڻن. ٻي ڳالهه ته ڪتن کي سندن گهرن ۾ رکي ٻڌو وڃي ٿو. ڪيڏانهن وڃڻ وقت هنن کي کولي سليج (Sledge) ۾ جوٽيو وڃي ٿو. بهرحال هتي جا پکي پنهنجو پاڻ کي ڪتن کان نه فقط سلامت محسوس ڪن ٿا پر ڪيترن ئي قسمن جون بدڪون اتي رهڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون جتي ڪتن جا گهر آهن ڇو جو انهن جي آس پاس رهڻ ۾ هو پنهنجو پاڻ کي قطبي رڇن کان سلامت محسوس ڪن ٿيون.
سليج کي ڪتا ته ڇڪين ٿا پر گهوڙا پڻ. بلڪه ڏٺو وڃي ته هڪ وڏي سليج کي ڇڪڻ لاءِ هڪ گهوڙو ئي ڪافي آهي. يوڪرين ۽ روس جي ڪجهه علائقن ۾ سليجن کي گهوڙا بهتر نموني سان ڇڪين ٿا. پوءِ سوال آهي ته لانگ ييئر بائن شهر ۾ سليجن کي ڇڪڻ لاءِ گهوڙا ڇو نٿا رکيا وڃن. منهنجي خيال ۾ ته اهو ان ڪري جو لانگ ييئر بائن تمام گهڻو مٿي اتر ۾ آهي جتي ٿڌ ايتري آهي جو زمين (Soil) به فروزن رهي ٿو يعني Permafrost آهي. هتي کاڌي جو مسئلو آهي. ڪتن کي ته وري به لڌڙي (Seal) جو گوشت کارائي سگهجي ٿو. گهوڙن کي ڇا کارائجي؟ گهوڙو مڇي، لڌڙو، وهيل، رڍ ٻڪري ته نه کائيندو. اهو ته گاهه يا وڻن جا پن ئي کائڻ چاهيندو. ۽ پوک جهڙي ڪا به شيءِ ايترو گهڻو اتر ۾ ٿي نٿي سگهي جيترو ’لانگ ييئر بائن‘ جهڙو شهر آهي. ڇو جو هتي ايڏي ته ٿڌ آهي جو ٽيهه چاليهه ميٽرن تائين هيٺ زمين فروزن رهي ٿي. جيئن سمجهو ته گهر ۾ رکيل فريزر اندر ڪنهن ڪونڍيءَ ۾ ٻوٽو هڻي رکجي ته اهو وڌي سگهندو؟ ٻن ڏينهن ۾ سڙي ويندو. ڪنهن ڪونڍيءَ ۾ ٻج هڻي فريزر ۾ رکو. اهو ڦٽي گاهه يا وڻ ٿيندو؟ هرگز نه. هڪ سال بعد به اهو ٻج توهان کي ان ئي حالت ۾ ملندو. فريزر جي ٿڌ ته وري به ڪاٽو ڏهن کان ڪاٽو پنڌرهن ڊگريون آهي ۽ هتي لانگ ييئر بائن جي ڌرتي (Soil) چاليهه کن ميٽرن تائين هيٺ، فريزر کان به ٻيڻي ٿڌي رهي ٿي. ان ۾ توهان کڻي ٻج ڇٽيو يا وڻ پوکيو، وڌي نه سگهندو. هڪ سائنس جو شاگرد سمجهي سگهي ٿو ته اهڙي حالت ۾ برف جو ڳنڍو توهان کي پَٽَ تان کنيل پٿر يا سر کان گرم محسوس ٿيندو جو برف وڌ ۾ وڌ ڪاٽو 4 ڊگريون ٿڌي ٿي سگهي ٿي پر پٿر ڪاٽو ٽيهه ڊگرين تائين رهي ٿو. اونهاري ۾ به ان جي ٿڌڪار برف کان وڌيڪ آهي. سو اهڙي ڌرتيءَ کي جيڪا ڪافي هيٺ تائين ٿڌي رهي ٿي پرمافراسٽ (Permafrost) سڏجي ٿو. يعني ڌرتي سڄو سال، هميشه لاءِ فروزن رهي ٿي. اهڙن ٿڌن ملڪن ۾ ميوو وٺي ايندا آهيون ته يڪدم فرج ۾ رکندا آهيون ٻاهر وسري وڃڻ تي پٿر ٿيو وڃي. ڇو جو ريفريجريٽر جي هيٺين حصي ۾ ٿڌ جو پڌ واڌو 5 کن آهي، جنهن ۾ پاڻي برف نٿو ٿئي پر اوسلو يا اسٽاڪهوم جهڙن شهرن ۾ به ٻاهر بالڪنيءَ ۾ به سياري ۾ ٿڌڪار جو پڌ ڪاٽو ويهه تائين پهچيو وڃي جنهن ۾ گدري، انب، انگورن، موسمين جهڙو ميوو (سواءِ کجور جي) برف ٿيو وڃي ۽ پوءِ نارمل ٽيمپريچر تي آڻڻ تي فقط کجور ساڳي رهي ٿي ٻيا پاڻي ٿيو وڃن يا سڙيو وڃن.
لانگ ييئر جهڙن قطبي شهرن ۾ هڪ ٻيو به مسئلو آهي. مينهن جو پاڻي يا برف گهڻي ٿڌ ڪري ڄمي برف ٿيو وڃي ٿي جيڪا پٿر وانگر سخت رهي ٿي. اونهارو جڏهن ٿئي ٿو ته ڪجهه ڏينهن اهڙا به اچيو وڃن جن ۾ ٿوري گرمائش هجڻ ڪري ڌرتيءَ جو مٿيون هلڪو تهه وٽڙيو پوي ۽ برف پاڻيءَ جي صورت اختيار ڪري چڪڻ ڪري ٿي. ان ڪري ههڙن شهرن ۾ هڪ ته گهر ڪاٺ جا ٺاهيا وڃن ٿا ۽ ٻيو ته اهي پيل پاين (Stilts) ذريعي ڌرتيءَ کان مٿي کنيا وڃن ٿا جيئن ڌرتيءَ جو مٿيون تهه ڀلي ڪڏهن پاڻي پيو ٿئي ته ڪڏهن پٿر پر گهر اندر وڇايل غاليچا ۽ فرنيچر سلامت رهن. ڌرتيءَ جو اهو مٿيون تهه فوٽ ڏيڊ وٽڙي ٿو سو به ڪنهن ڪنهن اونهاري ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ. نه ته وڌيڪ هيٺ ٻارهوئي ڊيپ فريزر لڳو پيو آهي. ان جو اندازو توهان ان مان لڳائي سگهو ٿا ته توهان کي جيڪڏهن قربانيءَ جي عيد تي سڄي ٻڪري فريز ڪرڻي آهي ته ٽڪرا ٽڪرا ڪري فريزر ۾ رکڻ بدران زمين ۾ کڏ کوٽي سڄي ٻڪري ان ۾ وجهي ڇڏيو. ٽن سالن کانپوءِ کڏ کوٽي ان کي ٻاهر ڪڍندائو ته فريزر ۾ رکيل گوشت کان به هيءُ کڏ وارو گوشت، يعني سڄي ٻڪري، وڌيڪ پٿر لڳندي ڇو جو فريزر جي ٿڌ وڌ ۾ وڌ ڪاٽو پنڌرهن آهي پر هتي جي زمين پرمافراسٽ هجڻ ڪري تمام گهڻي ٿڌي آهي.

’لانگ ييئر بائن‘ قطبي شهر ۾ عرب دوست سان اچڻ

اميد ته منهنجا پڙهندڙ ٿڌ بابت لکيل مٿيون احوال سمجهي ويا هوندا. هڪ ٻي ڳالهه به پڙهندڙن لاءِ هتي لکان ٿو ته جراثيمن لاءِ اڪثر ڊاڪٽر ۽ سائنسدان اهوئي چون ٿا ته اهي گرمي يا گرم پاڻيءَ ۾ ته مريو وڃن پر ٿڌ ۾ اهي (جراثيم، بئڪٽيريا، وائرس وغيره) زندهه رهن ٿا. اهي ڳالهيون دل سان هنڊائڻ بعد توهان هن شهر لانگ ييئر بائن بابت اڄڪلهه جي تازي خبر جيڪا اڳيان هلي لکان ٿو، نه رڳو سمجهي سگهندائو پر هن ملڪ جي حڪومت طرفان کنيل سخت قدم کي سارهائي به سگهندائو.
اتر قطب جي هن مشهور سياحتي شهر “لانگ ييئر بائن” ۾ منهنجو اچڻ، سعودي عرب جي ڪلاس ميٽ ڪمانڊر صالح اشعريءَ سان، اڄ کان 25 سال کن اڳ ٿيو جڏهن اسان سئيڊن جي شهر مالمو جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ رهيل هئاسون. دراصل هن کي اهو شوق هو ته دنيا جي بلڪل اتر جي ڪنهن شهر مان ٿي اچجي. منهنجو ان کان اڳ جهاز هلائڻ دوران، ”ٽريڊهام” جهڙن اتراهن بندرگاهن ۾، 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن کان وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي. سئيڊن يا ناروي جا اهي بندرگاهه آرڪٽڪ سرڪل کان هيٺ ٿا اچن جن ۾ اونهاري جي ڪجهه مهنن ۾ هتي جي سمنڊ جو پاڻي اڻ ڄميل يا گهٽ ڄميل هجڻ ڪري اسان جهازن کي ڪاهي آياسين ٿي يا ڪٿي ڪٿي “آئس ڪٽر” جهاز جي مدد حاصل ڪئي ٿي جنهن برف کي ڪَٽي اسان جي جهاز لاءِ رستو ٺاهيو ٿي. انهن بندرگاهن ۾ اونهاري ۾ ڏينهن وڏو ٿيو ٿي پر ڪلاڪ ٻه رات به ٿي ٿي. پر آرڪٽڪ سرڪل، يعني 66 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ کان مٿي اتر ۾، جيئن 73 ڊگرين تي “لانگ ييئر بائن” بندرگاهه آهي، اونهاري ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ ڏينهن رهي ٿو ۽ اهو سلسلو لڳاتار چار مهينا هلي ٿو. اهڙي طرح سياري ۾ چار مهينا لڳاتار رات يعني اونداهه رهي ٿي. اسان واري عرب دوست اهڙو شهر ڏسڻ ٿي چاهيو جيڪو اتر قطب کي ويجهو هجي ۽ اهو “لانگ ييئر بائن” ئي آهي. هن اهو مشاهدو ٿي ماڻڻ چاهيو ته لڳاتار ڏينهن يا لڳاتار رات هجڻ ۾ ڇا ٿو محسوس ٿئي. هي ائين ئي آهي جيئن ڪو ڪنهن سياسي قيديءَ لاءِ چوي ته هو ته جيل ۾ به ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۾ رهي ٿو ۽ هن لاءِ روز گهر جي يا اعليٰ هوٽل جي ماني اچي ٿي، سو هن کي جيل ۾ ڪهڙي تڪليف؟ پر نه ائين ناهي. جيڪو جيل ۾ رهي ٿو اُهو اِهوئي چاهي ٿو ته ڀلي دال روٽي ملي پر آزادي هجي. اهڙي طرح اسپتال ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ داخل مريض جڏهن گهر موٽي ٿو ته هن کي ٻاهر جي دنيا رنگين لڳي ٿي. جيئن اسان ملائيشيا ۾ هوندا هئاسين ته هر وقت سيءَ لاءِ سِڪندا هئاسين. سال ڏيڍ بعد ڪنهن هل اسٽيشن تي وڃڻ تي سيءَ جو مزو وٺي چوندا هئاسين ته جيڪر پنهنجي ملڪ ۾ هليو وڃجي. اهڙي طرح ”لانگ ييئر بائن” جي ڪنڊرگارٽن اسڪول جي مِس چيو ته سيارو شروع ٿيڻ سان جڏهن لڳاتار رات رهي ٿي ته ٻار هر وقت سج کي ياد ڪندا رهن ٿا. هنن کي اسان جڏهن چونديون آهيون ته ڪا ڊرائنگ ٺاهيو ته نوي سيڪڙو ٻار سج جي ئي تصوير ٺاهيندا آهن. هتي سج هر سال، آڪٽوبر جو مهينو شروع ٿيڻ سان اڀرڻ واري وقت ۾ گهٽتائي آڻي 25 آڪٽوبر تي بنهه غائب ٿيو وڃي. يعني اڀرندو ئي ناهي. پوءِ جا رات شروع ٿئي ٿي ته يڪا ساڍا چار مهينا لڳاتار اوندهه ۾ رهڻ بعد 8 مارچ تي سج ڪلاڪ کن لاءِ اُفق (Horizon) کان ايترو مٿي اچي ٿو جو ان ڏينهن هن شهر جي هڪ پراڻي اسپتال جي فقط ڏاڪن تي اس اچي ٿي. ماڻهو خوشيءَ مان جشن ملهائين ٿا ۽ شهر جا ماڻهو هن اسپتال وٽ اچيو گڏ ٿين ۽ سج جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا. هي جشن جيڪو Solfestuka سڏجي ٿو هفتو هلندو رهي ٿو. پهرين ڏينهن تي يعني هر سال 8 مارچ تي سوا ٻارهين بجي سج اڀري ٿو، يعني افق وٽ منهن کڻي ٿو ۽ مني ڪلاڪ بعد غروب ٿيو وڃي ۽ پوءِ هر روز ان وقت ۾ واڌارو ايندو رهي ٿو ۽ رات ننڍي ٿيندي رهي ٿي. ڏيڍ ٻن مهينن بعد ڏينهن چوويهه ڪلاڪ ٿيو وڃي ۽ رات ڪجهه به نه ۽ پوءِ يڪا ساڍا چار مهينا ڏينهن رهي ٿو. يعني لڳاتار روشني رهي ٿي. هتي هر ڪم گهڙيال جي سُين مطابق هلندو رهي ٿو. ڪمري ۾ سمهڻ وقت ٿلهي ڪپڙي جا ٻٽا پڙدا درين کي ڏئي، اوندهه ڪرڻي پوي ٿي.
اسان جي عرب دوست جي شوق تي ۽ هن جي خرچ پکي تي اسان اونهاري جي موسم ۾ جڏهن لڳاتار ڏينهن هلي رهيو هو ته باءِ ايئر “لانگ ييئر بائن” ۾ آياسين. اونهاري جا اهي ٻه ٽي مهينا لانگ ييئر بائن جو بندرگاهه به کليل رهي ٿو ۽ ڪيترا ٽوئرسٽ هتي جي برفاني سمنڊ جو مزو وٺڻ لاءِ پاڻيءَ جي جهاز ۾ پهچن ٿا. مون کي ياد آهي ته صالح کي اتر قطبي هن شهر کي ڏسڻ جو ايڏو ته شوق هو جو مون جڏهن کيس چيو ته هينئر نٿا هلون جڏهن پوڙها ٿينداسين، يعني سٺ سالن بعد رٽائرڊ ٿينداسين ته پوءِ ٻئي هيڏانهن جي ٽوئر تي اينداسين. آئون تو وٽ جدي ايندس جتان پوءِ لنڊن مان ٿيندا ناروي جي هن شهر ۾ اينداسين. پر صالح کي “لانگ ييئر بائن” شهر ڏسڻ جو ايڏو ته شوق هو جو مون کي نصيحت ڪرڻ لڳو. جنهن ۾ سچائي به هئي....... ته چاليهه سالن جي هن ڄمار ۾ ئي پاڻ ريگستاني ملڪن جي اٺن جون ٽنگون پيون ٿڙڪن سو سٺ سالن جي ڄمار ۾ ڇا گهمي سگهنداسين ۽ پوءِ مون کي وڏڙن وانگر نصيحت ڪرڻ لڳو، جيڪا مٿي به لکي چڪو آهيان ته “مسٽر الطاف! حج ۽ قطبي شهر جي سياحت لاءِ هميشه جوانيءَ واري عمر بهتر آهي. پيريءَ ۾ ڪهڙو طواف ٿي سگهندو ڪهڙو ٿڌ ۾ هلي سگهبو.” سندس ان ڳالهه تي مالمو سئيڊن ۾ باقي رهائش وارا ٻه سال مٿس چرچا ڪندو رهيس.

لانگ ييئر بائن جي علائقي ۾ مرڻ تي پابندي

ڪيترن ئي سالن بعد، جڏهن هاڻ آئون 75 هين سال ۾ داخل ٿي چڪو آهيان ته گذريل هفتي اسان واري هن عرب ساٿيءَ جو فون آيو. پهرين ته کلندو رهيو پوءِ نيٺ پڇيائين ته ”ناروي جي ڪا خبر پڙهي اٿئي؟“
منهنجي ”نه“ چوڻ تي چيائين: “هُنن اسان جهڙن پوڙهن کي سندن قطبي شهر ’لانگ ييئر بائن‘ ۾ اچڻ کان سختي سان منع ڪئي آهي. چڃو جو جوانيءَ ۾ ئي ٿي آياسين.”
“اوه! سو نائيس آف ديم” مون وراڻيومانس. “هنن کي اسان جو خيال ٿو ٿئي ته ٿڌ وگهي مري نه وڃون”.
“نه. نه. اسان جو خيال نٿو ٿئين پر پنهنجي بهتريءَ لاءِ اهو قانون ڪڍيو اٿن ۽ اهو نه فقط اسان ڌارين لاءِ آهي پر اتي رهندڙ مقامي ماڻهن لاءِ به آهي. اهو قانون هن ريت آهي ته ڪنهن کي به “لانگ ييئر بائن ۾ مرڻ جي اجازت ناهي. جيئن ئي هو سمجهي ته مران ٿو ته هي شهر ڇڏي ٻي پاسي ڏکڻ ڏي هليو وڃي.”
اسان ٻئي نارويجن جي ان قانون تي چٿرون ڪندا رهياسين ته عجيب ماڻهو آهن. صالح عرب ٻڌايو ته قانون ته ڪو پراڻو آهي پر هاڻ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ چاهين ٿا.
ناروي جي قطبي علائقي واري هن شهر “لانگ ييئر بائن” ۾ مرڻ تي پابندي واري قانون بابت مون به ٻئي ڏينهن آن لائين نيويارڪ جي اخبار “دي وال اسٽريٽ جرنل” ۽ سعودي عرب جي انگريزي اخبار “دي عرب نيوز” ۾ پڙهيو ته ناروي جي حڪومت هي قانون پاس ڪيو آهي جنهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري ڏوهاريءَ جي ساٿين يا پونيئرن تي وڏو ڏنڊ مڙهيو ويندو. خبر ڪجهه هن ريت هئي:
“ناروي جي اتراهين علائقي ۾ مرڻ تي سخت ڏنڊ” (بيمار ۽ مرڻ ويجهو ماڻهن کي علائقي مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي. “لانگ ييئر بائن” ۾ ٿڌ جو سراسري پد منفي 20 ڊگريون رهڻ ڪري دفن ڪيل لاش سئو سال گذرڻ بعد به ڳري خاڪ نٿا ٿين. قبرستان تي جهنگلي جانورن جي يلغار ڪري دفن تي پابندي، مقصد وبائي بيمارين کان بچاءُ آهي.....)
ناروي جي سرد ترين جابلو ۽ اتراهين علائقي Longyear Byen (لانگ ييئر بائن) جي انتظاميا پنهنجي علائقي جي حدن ۾ ماڻهن جي مرڻ تي پابندي وجهي ڇڏي آهي. قريب المرگ ۽ بيمار ماڻهن ۽ انهن جي مائٽن دوستن کي اطلاع ڪيو ويو آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي مرڻ جي لاءِ ڪنهن ٻئي علائقي ۾ هليا وڃو. جيڪڏهن هو ان چتاءَ جي باوجود هتي مري پيا ته حڪومت مري ويلن جي وارثن تي سخت ڏنڊ وجهندي. ان کان علاوه لاش کي هن علائقي جي آسپاس دفن ڪرڻ تي به سختيءَ سان پابندي هڻي ڇڏي آهي. مقامي سرڪار جو چوڻ آهي ته جيئن ته هن علائقي ۾ اونهاري ۾ به زمين منفي 20 ڊگرين کان ٿڌي رهي ٿي ان ڪري دفن ڪيل لاش سئو سالن ۾ به سڙي خاڪ نٿا ٿين. (ظاهر آهي اهو ائين آهي جيئن فريزر ۾ رکيل گوشت ٻن سالن بعد به ساڳيو رهي ٿو. ڪراچيءَ جي زم زما علائقي جي هڪ هوٽل تي پوليس ڇاپي ۾ ان هوٽل جي ڏهه کن فريزرن مان چار سال پراڻو گوشت مليو جيڪو ماڻهن کي کارايو پئي ويو. ٻه معصوم ٻار نه مرن ها ته ڪنهن کي به خبر نه پوي ها.) ناروي جي قطبي شهرن ۾ ته فريزر کان به گهڻي ٿڌ رهي ٿي اهو ئي سبب آهي جو سالن جا سال پراڻا “تازي حالت وارا“ لاش کائڻ لاءِ جهنگلي جانور اڪثر مقامي قبرستان تي حملو ڪريو ڏين. پنهنجو پيٽ ڀرڻ بعد لاشن جا باقي حصا نه فقط وبائي مرض پکيڙين ٿا پر ڏسڻ وارن تي هن علائقي جو خراب اثر وهارين ٿا ، خاص ڪري آيل ٽوئرسٽ اهو ئي سوچين ٿا ته هي ڪهڙو شهر آهي جتي انسانن جي جسمن جا عضوا گهٽين ۾ پکڙيا پيا آهن. سڄي دنيا مڃي ٿي ته ناروي جو هي شهر “لانگ ييئر بائن” قدرتي نظارن ۾ هڪ بهترين، صاف سٿرو ۽ سهڻو شهر آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ناروي ۽ دنيا جا ٽوئرسٽ ٻارهوئي ايندا رهن ٿا. بلڪه هن شهر جي ماڻهن جو روزگار ئي ٽوئرسٽن تي آهي. سو اهي ٽوئرسٽ جيڪڏهن گهٽين يا پارڪن ۾ انسانن جا هڏا، هٿ پير ۽ آنڊا ڏسندا ته ڊڄي ويندا ۽ اچڻ ڇڏي ڏيندا. ان ڪري هتي جي سرڪار نه فقط هتي جي رهندڙن کي پر ايندڙ ٽوئرسٽن کي به چتاءُ ڏنو آهي ته خبردار جو هتي مئا آهيو. هن خوبصورت علائقي ۾ نه فقط مرڻ وارن جي مائٽن کي سزا طور ڳري ڏنڊ جي ادائيگي ڪرڻي پوندي پر هتي دفن به نه ڪرڻ ڏنو ويندو.
ڏٺو وڃي ته سيءَ ۾ هونءَ به ڇتي بک لڳي ٿي. ويتر هيڏانهن ڪا پوک يا رڍ ٻڪري نه هئڻ ڪري هتي جا رڇ، بگهڙ ۽ ٻيا جانور خوراڪ لاءِ پريشان رهن ٿا ۽ ڪيترن ڏينهن جا بکايل جانور، هلندڙ چلندڙ انسانن تي به حملو ڪن ٿا ۽ هاڻ ته گذريل ڪجهه سالن کان هنن قبرستان جو منهن ڏسي ڇڏيو آهي جنهن جي کوٽائي ڪري لاشن کي ٻاهر ڇڪيو وٺن جيڪي ٿڌ ۽ ويتر پلاسٽڪ ۾ ويڙهيل هجڻ ڪري هر وقت تازا رهن ٿا. سائنسدانن اها به کوجنا ڪئي آهي ته انهن لاشن ۾ موجود ”اسپينش وائرس“ ۽ ٻي بئڪٽيريا جيڪا دفن وقت Dormant رهي ٿي اها لاش جي ٻاهر نڪرڻ ۽ ان جي چير ڦاڙ بعد وري زندهه ٿيو پوي ۽ هتي جي ماڻهن جي صحت لاءِ خطرو ثابت ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو مقامي انتظاميا هاڻ هتي ڪنهن کي به دفن ڪرڻ کان منع ڪري ٿي. خبر ۾ اهو به ڏنل آهي ته “لانگ ييئر بائن” شهر ۾ رهندڙ ٻه اڍائي هزار باشندن جي رکي رکي سروي ڪئي وڃي ٿي ۽ وڏي عمر ۽ بيمار ماڻهن کي هتان لڏڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. هتي جا رهواسي جيڪي زندگيءَ جا آخري ڏينهن هتي پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ گذارڻ جا خواهشمند آهن انهن کان ڪورٽ جي ڪاغذ تي قسم نامو لکرايو وڃي ٿو ته مري وڃڻ تي سندن وارث لاش کي هتان ڪڍي ڏکڻ ڏي وڃي دفن ڪندا جتي ايڏي ٿڌ ناهي ۽ سج به ٿورو گهڻو روزانو اڀري ٿو.

مرڻ تي پابنديءَ جو سبب

پڙهندڙن لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ، فنلئند وغيره جيتوڻيڪ سڀ اتر قطبي ملڪ آهن (جيڪي Scandinavian ملڪ پڻ سڏجن ٿا) پر ناروي ٻين ملڪن کان ڪجهه نرالو ان ڪري آهي جو ناروي جپان وانگر جابلو ملڪ آهي جنهن ۾ ماڻهن جي رهڻ ڪهڻ لاءِ تمام گهٽ ڌرتي آهي. ان ڪري جپان وانگر ناروي ۾ به قبرستان جو مسئلو آهي. اهڙي طرح يورپ جي ٻين ملڪن هالينڊ، بيلجم وغيره ۾ پڻ زمين جي کوٽ جو مسئلو آهي پر اتي ناروي جهڙي سخت ٿڌ ناهي. زمين ۾ پوريل لاش ڪجهه سالن ۾ ڳري، سڙي خاڪ ٿيو وڃن. زمين اندر موجود قسمين قسمين ماڪوڙيون، ماڪوڙا ۽ ٻيا اڏوهيءَ جهڙا ڪيڙا مڪوڙا لاش کي کائي هڏيون بچايو ڇڏين ۽ ڪجهه عرصي بعد انهن هنڌن تي وري ٻيا لاش دفن ڪيا وڃن ٿا. پر ناروي جهڙي ملڪ ۾ قبرستان لاءِ موجود زمين تمام گهٽ آهي ٻيو ته سخت ٿڌ ڪري لاش Decompose نٿو ٿئي. يعني سڙي نٿو ۽ نه وري زمين اندر يا ٻاهر جيت جڻيا آهن جيڪي لاش کي کائين. هڪ ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلينڊ جهڙا ملڪ آهن جتي ٽيبل تي چمچو کن کنڊ هارجي پوي ته شام تائين گهر ۾ رهندڙ توڙي ٻاهران قسمين قسمين ماڪوڙين جو قطارون نازل ٿي وڃن. پر ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ نه مڇر آهي نه مک. هجن به ڪيئن جڏهن سياري جي رات ۾ هڪ انسان به گهر کان ٻاهر رهي نٿو سگهي سو اهڙا ننڍڙا جيت ڪٿي ٿا زنده رهي سگهن. پکي ته وري به هزارين ميل اڏاميو ڪينجهر ۽ منڇر کان وڃيو نڪرن. سو هنن ٿڌن ملڪن ۾ ڪيڙا مڪوڙا، ماڪوڙيون، مکيون، ٽنڊڻ چيلاٽا ٿين ئي ڪو نه. انهن جيتن جي Study لاءِ هتي جا گورا اسانجي ملڪ جو رخ رکن ٿا. باقي انسان ۾ موجود جراثيم، بئڪٽيريا وغيره ٿڌ ۾ مرن نٿا، گهيرٽ ۾ ضرور رهن ٿا. ناروي جي سائنسدانن لانگ ييئر بائن جي قبرستان مان نڪتل هڪ سئو سال پراڻي لاش جي Tissues جي چڪاس ڪئي ته هن مان انفلوئنزا وائرس جي ڄاڻ ٿي جنهن 1917ع ۾ وبا جي صورت ۾ ڪيترن کي ماري وڌو هو. ان لاءِ ڊاڪٽر ۽ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته:
The bitter cold prevailing in the Svalbord Archipelago region simply conserves virus, making them functional again, after periods of dormancy
اهو ئي سبب آهي جو هتي جي ماڻهن کي ڊپ آهي ته هتي جا جهنگلي جانور جيڪي اڌ کاڌل لاش کي شهر جي گهٽين ۾ ڦٽو ڪريو ڇڏين انهن لاشن مان هي پراڻي زماني جا جراثيم اڄ جي دنيا ۾ بيماريون نه پکيڙين جيڪي هتي ڪڏهوڪو ختم ڪيون ويون هيون. ان ڪري هاڻ سوالبارد (Svalbard) ٻيٽن جي جهڳٽي جي هن گادي واري شهر لانگ ييئر بائن ۾ مرڻ ۽ دفن تي پابندي وڌي وئي آهي.
هونءَ ناروي جي ٻين ڪجهه ڏاکڻن شهرن جي قبرستان ۾ هڪ لاش مٿان ٻيو لاش به دفن ڪيو وڃي ٿو پر ڪو چاهي ته هن جو عزيز قبر ۾ ڪنهن ٻئي جو پارٽنر نه ٿئي ته هن کي نئين قبر جي وڌيڪ Payment ڪرڻي پوي ٿي. ناروي ۽ هن پاسي جي ملڪن ۾ شروع کان دفن ڪرڻ جو اهو طريقو رهيو آهي ته لاش کي ڌوئي صاف ڪري پوءِ پلاسٽڪ ۾ ويڙهيو وڃي ٿو جيئن گهر ۾ گوشت يا ڀاڄين کي پلاسٽڪ Wrapper ۾ ويڙهي پوءِ فرج ۾ رکيو وڃي ٿو جيئن انهن ۾ تازگي رهي. سو لاش کي به اهڙي طرح پلاسٽڪ ۾ ويڙهي پوءِ ڪاٺ جي تابوت ۾ بند ڪري دفن ڪيو وڃي ٿو. بقول سائنسدانن جي اهڙي طرح سان دفن ڪرڻ جيتوڻيڪ هڪ بهترين Sanitary ڪم آهي پر سخت ٿڌ ڪري ۽ ويتر پلاسٽڪ ۾ ويڙهيل هجڻ ڪري اهو لاش ڪٿي ٿو Decompose ٿئي! سئو سالن کان پوءِ به اهو اهڙو ئي تازو نظر اچي ٿو جهڙي حالت ۾ دفن ڪيو ويو هو.
گذريل دفعي جڏهن آئون سئيڊن ويو هوس ته ٻڌو هوم ته هڪ نارويجن همراهه Kjell Larsen Ostbye، جيڪو دفنائڻ جو ڪم ڪندو هو تنهن لاش کي ڳارڻ جو سائنسي طريقو ڪڍيو آهي. هو ڊرل مشين ذريعي قبر جي مٿان ڌرتيءَ ۾ سوراخ ڪري ٿو، جنهن جي ڊگهي ڊرل (برمُو) قبر ۾ موجود ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ داخل ٿي مردي کي ويڙهيل پلاسٽڪ اندر تائين وڃي ٿي. پوءِ ان سوراخ ذريعي هو چُنَ (Lime) جي سالوشن Inject ڪري ٿو جنهن سان لاش سال اندر ڳريو کپيو وڃي. کوٽائي (ڊرل ڪرڻ) ۽ چن جي داخلا ڪرڻ ۾ هن کي ڏهه منٽ مس لڳن ٿا جنهن جا هو 670 ڊالر چارج ڪري ٿو يعني اسانجا منو لک کن رپيا. هيستائين هو 17000 کن قبرن جي Treatment ڪري چڪو آهي جن ۾ نوان لاش دفن ٿي رهيا آهن. جپان وارا جيڪي اڳ ۾ لاشن کي دفن ڪندا هئا هاڻ لاش کي ساڙي ان جو ڪجهه ڦلهير ڌرتيءَ اندر داخل ڪن ٿا ڪجهه برنيءَ ۾ وجهي پوڄا پاٺ لاءِ گهر جي ننڍڙي مندر ۾ رکن ٿا.
سئيڊن جي شهر مالمو ۾ هوس ته اتي قبرستان لاءِ ڪافي زمين هئي ۽ مالمو ۾ رهندڙ عرب، ايراني ترڪ مسلمانن لاءِ وڏو قبرستان هو جتي کين اسلامي طريقي سان دفن ڪيو ويو ٿي. هڪ ڳالهه ضرور نوٽ ڪيم ته اسانجا پارسي (آتش پرست) جيڪي ممبئي ۽ ڪراچي پاسي ته جام نظر اچن ٿا ويندي انگلينڊ ۾ به آهن پر اتر قطب جي هنن ملڪن ۾ ڪٿي به نظر نٿا اچن. شايد ان ڪري جو هنن جي مذهب مطابق سندن پيارن جي لاش کي ساڙڻ يا زمين ۾ دفن ڪرڻ بدران پکين کي کارايو وڃي ٿو ۽ ناروي سئيڊن پاسي کنڀن جي ڊبل تهن واريون بدڪون ۽ ڪبوتر ته نظر اچن ٿا پر انسان جو لاش کائڻ واريون نه سرڻيون ۽ ڪانگ آهن ۽ نه کُٿل ڳچيءَ واريون ڳجهون.

دنيا جي ڇيڙي تي پير حماد الله جو پهچڻ

گهڻن ڏينهن کان پوءِ بلڪه مهينن کان پوءِ اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي هڪ ساٿي غلام محمد سومرو جو سندس ڳوٺان (شاهه پنجو سلطان کان) اوچتو فون آيو. مختصر خوش خير عافيت بعد يڪدم چيائين ”يار هڪ ڪم ڪرڻو اٿئي.“ غلام محمد سومرو ڪاليج جي ڏينهن ۾ مون کان هڪ سال جونيئر هو. هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو ٿي ڪري (شاهه پنجو سلطان، ٻيٽو يا جهانگارا باجاره هاڻ کڻي ٽائون يا شهر ٿا سڏجن پر 1958-69 ۾ يعني اڄ کان 60 سال اڳ اهي ڳوٺ ته هئا) هو مئٿس ۾ بيحد هوشيار هو جنهن جو قدر ڪاليج جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس به ڪندو هو. ايتري قدر جو اسان جڏهن انٽر ۾ هئاسين ته پورٽ قاسم جو مرحوم انجنيئر خالد مخدوم ۽ آئون، لاگ ردم جا ڪيترا سوال غلام محمد کان ڪرائيندا هئاسين جيتوڻيڪ هو فرسٽ ييئر ۾ هو. غلام محمد سومرو جنهن کي ريلوي جي سرڪاري نوڪريءَ ۾ ”جي. ايم. سومرو“ سڏيو ويو ٿي ۽ اسان کيس پيار مان گُلو سڏيندا هئاسين پهريون سنڌي گولڊ ميڊلسٽ شاگرد آهي جنهن B.E انجنيئرنگ ۾ NED مان ٽاپ ڪيو. پاڻ هڪ نيڪ انسان، سٺو دوست ۽ ذهين ۽ ايماندار انجنيئر ٿي رهيو آهي. منهنجو هڪ سفرنامو ”وايون وڻجارن جو“ هن کي منسوب ٿيل آهي. سڄي عمر غلام محمد ڪڏهن ڪو ڪم نه چيو، ڪا تڪليف نه ڏني. هاڻ جڏهن 80 جي انگ ڏي وڌي رهيا آهيون خبر ناهي هو ڪنهن ڏوهٽي يا پوٽي جي شاديءَ جي دعوت لاءِ شاهه پنجو ٿو گهرائي، مون دل ۾ سوچيو.
”ڪر خبر گلو، ڪرڻ جهڙو هوندو ته ضرور ڪندس.“
”يار اسانجي هڪ همراهه سفرنامو لکيو آهي. ان جي پيش لفظ لکي ڏي.“
”سائين ضرور! اهو ڪم ضروري ڪري سگهندس.“ مون بنا سوچڻ جي جواب ڏنومانس.
ٻه ٽي مهينا اڳ ڪارڊيولاجسٽ (دل جي ماهر ڊاڪٽر) مختلف ٽيسٽ (اينجيو گرافي سميت) وٺي چيو ته دير ڪري آيو آهين يار! تبا اسپتال ۾ داخل ٿي تنهنجو علاج اوپن هارٽ سرجري ئي آهي. اتي جو سرجن جيڪو منهنجي لکڻين جو پرستار نڪري پيو تنهن ۽ سندس ساٿي ڊاڪٽرن تپاس بعد اهائي صلاح ڏني ته آپريشن ڪامياب ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن ان ڪري زندگيءَ جا باقي ڏينهن دوائن تي رهڻ بهتر آهي. هنن هوائي جهاز يا پاڻيءَ جي جهاز جون ڏاڪڻيون لهڻ چڙهڻ، ليڪچر ڏيڻ يا ٻي ان قسم جي Exertion کان پرهيز ڪرڻ لاءِ چيو.
مٿين ڊاڪٽرن مان هڪمونکي ٻئي ڏينهن فون ڪري چيو ته ”توهان بيماري ۽ پرهيز جو ٻڌي پريشان ته ٿي ويا هوندائو؟“
”ٿي سگهي ٿو ٿوري دير لاءِ ٿيو هجان،“ وراڻيومانس، ”پر غمگين نه آهيان. مون کي جي لکڻ پڙهڻ کان منع ڪيو ها ته پوءِ آئون پريشان ٿي وڃان ها. ڇو جو هڪ عادي نشئي وانگر لکڻ پڙهڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهان.“
سو غلام محمد کي پَڪ ڏنم ته ”انشاءَالله ضرور لکندس. توهان لکڻ واري کي چئو ته پنهنجو ڪمپوز ٿيل سفر نامو مون کي اِي ميل ڪري ڇڏي.“
”سائين هو پاڻ توهان وٽ کڻي ايندو.“ غلام محمد چيو ”اها تڪليف ڀلي نه ڪري. ڇو جو ڪراچيءَ ۾ ڪنهن جو گهر ڳولڻ وڏي تڪليف آهي. ٻيو ته منهنجي سمهڻ ۽ جاڳڻ جا روز ٿا ٽائيم بدلجن. سو ائين نه ٿئي جو آئون ستل هجان ۽ فون آف هجي.” مون غلام محمد کي حقيقت کان آگاهه ڪيو.
”تون فڪر ئي نه ڪر.“ غلام محمد چيو، ”ننڍو آهي، پاڻ کان به 20 سال کن - گهر ڳولهڻ ۾ ٿوري تڪليف ٿيس ته مڙيئي خير آهي.“
ڪجهه ڏينهن بعد سفرنامي جي ليکڪ پير حمادالله خياريءَ سان ملاقات ٿي. هو ڪمپوز ٿيل سندس سفرنامو منهنجي حوالي ڪري ويو. فون بند ڪرڻ کان اڳ منهنجي دوست غلام محمد سومري حمادالله صاحب (ليکڪ) لاءِ اهو ٻڌايو هو ته هو خياري درگاهه جو گادي نشين پير آهي. اهو ٻڌي ۽ پير حمادالله جي وڏي ڏاڙهي ۽ اڇي رنگ جي پوشاڪ ۽ ٽوپي ۽ ڳالهائڻ جي اخلاق کي پَسي پڪ ٿي ته هي سفرنامو جيڪو سائين منهنجي حوالي ڪري ويو آهي اهو پڪ عربستان جو هوندو، عراق ۽ شام جو هوندو يا وري ايران ۽ انڊيا جي اجمير (معين الدين چشتي، دهلي (نظام الدين اولياءَ)، سري ننگر (درگاهه حضرت بال)، ممبئي (درگاه حاجي علي) شهرن جو هوندو. يعني خبرداريءَ سان لفظن جي چونڊ ڪرڻي پوندي. پير صاحب ته انگريزيءَ کان واقف نه هوندو جو انگلينڊ يا يورپ هليو ويو هجي. يا ملائيشيا ۽ سنگاپور مان ٿي آيو هجي ۽ اتي جو سفرنامو لکيو هجيس.
پر پوءِ آرام سان ويهي حمادالله پير صاحب جو سفرنامو پڙهيم ته حيرت ٿي ته هي اسان جي روايتي خليفن، پيرن، گادي نشينن کان بلڪل نرالو آهي. هن کي نه فقط انگريزي اچي ٿو پر هن ته انگريزي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس ڪئي آهي سا به انهن ڏينهن ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ وارا: مئڊم خالده فاروقي، قلندر شاهه لڪياري، محمد حسن بودلو زرداري ۽ اسدالله لاڙڪ جهڙا قابل پروفيسر هئا جن جا پڙهايل شاگرد ڊاڪٽر فريده پنهور جهڙا اڄ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهن. عبدالعزيز مگسي، اقبال مگسي ۽ ڊاڪٽر رفيق ميمڻ جهڙا حمادالله جا ڪلاس ميٽ وڏين پوسٽن تي آهن. مون پئي سوچيو ته اسانجو هي پير صاحب ليکڪ انگريزي نه اچڻ ڪري انگلينڊ، آمريڪا يا يورپ نه ويو هوندو پر هاڻ اهو سوچي رهيو آهيان ته جنهن دور ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ MA ڪئي، هي ته چاهي ها ته انگلينڊ جي ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ انگريزي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي ها. آخر يورپ، انگلينڊ آمريڪا کان ايرن، ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائي جي تعليمي درسگاهن ۾ اسانجا پاڪستاني ۽ انڊين ئي ته انگريزي پڙهائي رهيا آهن.
پير حماد جي لکڻ جي اسٽائيل ۽ ٻوليءَ مان يڪدم سمجهي ويس ته هيءَ ڪا سندس پهرين لکڻي نه آهي. کيس لکڻ جي ڏات به آهي ته ڏانءُ به. فون ڪري پڇڻ ته معلوم ٿيو ته هي ڪو سندس پهريون ڪتاب ناهي. پاڻ عرصي کان مختلف اخبارن ۾ لکندو اچي ۽ ”ڄامشوري جو الوداعي ڀاڪر“ 570 کن صفحن جو سندس پهريون ڪتاب ته بيحد مشهور ٿيو هو.
ان کان اڳ، مون کي ان ڳالهه جي به حيرت ٿي ته هي سفرنامو رڳو يورپ جي ڏاکڻن ملڪن (فرانس، اٽلي، اسپين) جو ناهي جيڏانهن هر ڪو ڀڳو بيٺو آهي پر هي اسڪينڊينيوين ملڪن يعني يورپ جي اتراهن ملڪن (قطبي ملڪن) جو آهي. اسان ناروي، سئيڊن جهڙن ملڪن کي قطبي ملڪ ان ڪري ٿا چئون جو انهن جا اتراهان ڇيڙا (جيئن اسان جو چترال، گلگت، اسڪردو اسان جي ملڪ جي اتر ۾ آهن) تيئن هي ملڪَ اتر قطب کان سڏ پنڌ تي آهن. ”آرڪٽڪ سرڪل“ کان مٿي هجڻ ڪري اتي ڪجهه مهينن لاءِ لڳاتار ڏينهن ۽ ڪجهه مهينن لاءِ لڳاتار رات رهي ٿي.
هر مسافر جو ڪنهن ملڪ ڏي روانو ٿيڻ جو پنهنجو مقصد هوندو آهي. اسان جو ٽنڊو محمد خان جو يار مير مشتاق علي ٽالپر سوڊان ۽ تنزانيا جهڙن آفريڪي ملڪن ڏي وڏن جانورن جي شڪار لاءِ پيو ويندو آهي، پير جهنڊي ڳوٺ جو عبيد راشدي ٻارن سان ملڻ لاءِ دنيا جي ٻي ڪنڊ شڪاگو ۽ لاس اينجلس کان وڃي نڪرندو آهي، ڪي شاپنگ لاءِ سنگاپور ۽ دبئيءَ کان وڃي نڪرندا آهن. ڪي قدرتي نظارا ۽ دنيا جي ترقي ڏسڻ لاءِ ملائيشيا ۽ جپان هليا ويندا آهن. ڪي شراب ۽ شباب لاءِ مساج پارلرن کان مشهور ملڪ ٿائلينڊ پهچي ويندا آهن. ڪي تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ ايران ۽ انڊيا روانا ٿيندا آهن. پر اسانجي هن اديب پير حمادالله جو هن سفر مان مقصد بيحد نرالو ۽ تعجب خيز آهي. هُن ههڙي ڏکي سفر جون صعوبتون ۽ خرچ فقط ان شوق لاءِ ڪيا ته هو ان منزل تائين پهچي جتي دنيا دنگ ٿي ڪري. جتي دنيا جو آخري ڳوٺ ۽ ماڻهو ڇيڻو نظر اچي ٿو. ان لاءِ هن ناروي ملڪ جو ميگرويا (Megeroya) ٻيٽ انتخاب ڪيو جيڪو ٻيٽ ناروي جي بلڪل اتر ۾ ۽ آهن ۽ ان ٻيٽ جي به بلڪل اتر ۾ آخري ڳوٺ اسڪارس ويگ (Skarsvag) آهي. ان بعد ڪو ڳوٺ ناهي. بس 14 ڪلوميٽر اڳتي، جبل جي چوٽي (Plateau) تي هڪ هال ٺهيل آهي جتي هڪ ننڍڙي ڪيفي آهي، پوسٽ آفيس آهي، يادگار سوکڙيون (Souvenir) خريد ڪرڻ جو هڪ دڪان، ميوزيم ۽ وڊيو شاپ آهي. سياح هتي پهچي سامهون ”بئرنٽس سمنڊ“ جو نظارو ڪن ٿا ۽ آڌيءَ رات جو سڄ کي ڏسن ٿا. هيءَ جاءِ نارٿ ڪيپ سڏجي ٿي جتي اسان جو ليکڪ حمادالله پهتو. هڪ عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ لاءِ هتي لکندو هلان ته ناروي ۽ سئيڊن جي اتر ۾ هي بئرنٽس سمنڊ آهي. اهو آرڪٽڪ وڏي سمنڊ (Arctic Ocean) جو هڪ ننڍڙو حصو آهي جيئن اسان جي ملڪ پاڪستان جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آهي جيڪو هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جو هڪ ننڍڙو حصو آهي. بئرنٽس سمنڊ وانگر عربي سمنڊ به ننڍڙو ننڍڙو پر ايڏو وڏو آهي جو پسني گوادر کان ممبئي سريلنڪا تائين هلي ٿو ۽ هندي وڏي سمنڊ جو ڇوليون هڪ طرف آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري کي ڇُهن ٿيون ته ٻئي طرف بنگلاديش، برما (ميانمار) ۽ انڊونيشيا تائين پهچن ٿيون. آرڪٽڪ وڏو سمنڊ (اوشن) دنيا جي وڏن سمنڊن مان هڪ آهي جيڪو دنيا جي مٿاهين (اتر قطب واري) حصي ۾ ڦهليل آهي ۽ سندس وڏو حصو سڄو سال ڄميل رهي ٿو.
نارٿ ڪيپ جو اتر وارو بئرنٽس سمنڊ کاٻي پاسي (يعني اولهه ۾) نارويجن سمنڊ سان ملي ٿو جيڪو وري اتر ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ (Ocean) جو هڪ حصو آهي. اسان جڏهن به جهاز کي هاڪاري ناروي وٺي ايندا آهيون ته ڪراچيءَ مان نڪري پهرين آفريڪا جي هيٺين حصي ڪيپ آف گڊ هوپ“ ڏي رخ ڪندا آهيون جنهن تائين (يعني ڪراچيءَ کان ڪيپ ٽائون/ ڪيپ آف گڊ هوپ تائين) هندي وڏو سمنڊ آهي. ان بعد ”ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ“ جو ڏاکڻو حصو شروع ٿئي ٿو جيڪو وٺي اسان اتر طرف ويندا آهيون. خط استوا (Equator) جي خيالي ليڪ تائين پهچي ان بعد مٿي اتر ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي اڳتي هلندا وڃون ٿا تان جو اتر ائٽلائنٽڪ اوشن جي اتراهين حصي ”نارويجن سمنڊ“ ۾ پهچون ٿا جنهن ۾ اسٽئونجر، برگن، اليسنڊ، بودو ٽرنڍهام جهڙا ناروي جا بندرگاهه آهن. اسان ڪراچيءَ مان اڪثر ڪڻڪ ۽ چانور ۽ ڍورن جي کاڌي جو سامان گوار، گاهه کڻي ٽرنڍهام جهڙن بندرگاهن ۾ ويندا هئاسين جو ناروي پاسي تمام گهڻي ٿڌ هجڻ ڪري پوک بنهه نه برابر ٿئي ٿي.
سئينڊن ۾تعليم دوران فيلڊ ورڪ جي سلسلي ۾ اسان کي پاڻي واري جهاز ۾ نارويجن سمنڊ مان وٺي بئرنٽس سمنڊ ۾ وٺي ايندا هئا جيڪو نارٿ ڪيپ جي چوٽيءَ تان اتر طرف نظر اچي ٿو. نارٿ ڪيپ (North Cape) دراصل انگريزي نالو آهي. مقامي ٻولي (نارويجن) ۾ ان کي Nordkapp سڏين ٿا. پير حمادالله کي شاباس هجي جو نارٿ ڪيپ پهچڻ جي شوق ۾ هن هيڏو اڻانگو سفر ڪيو ۽ يورپ جا مختلف ملڪ لتاڙي پنهنجي منزل تي پهتو. سو به اڪيلي سر! ٻيو ڪو مڃي يا نه مڃي پر اسانجا اهي ماڻهو جييڪي سئيڊن يا ناروي جي اتراهن شهرن ۾ رهيا آهن انهن کي احساس هوندو ته حمادالله وڏي دل گردي جو ماڻهو آهي جنهن هي سفر ڪيو آهي. هي اهي ملڪ آهن جن ۾ سياحن کي سخت سيءَ کان علاوه ٻوليءَ جو به مسئلو ٿئي. ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سُئيڊن ۾ سندن ئي ٻولي هلي ٿي. انهن ٽنهي ملڪن جون ٻوليون: نارويجئن، ڊئنش ۽ سئيڊش جيتوڻيڪ الڳ الڳ ٻوليون آهن پر اهي سنڌي ۽ سرائيڪي يا پنجابي ۽ سرائيڪي وانگر ايترو ملن ٿيون جو ڪو ناروي جو همراهه نارويجين ۾ ڳالهائي ٿو ته سندس ڊئنمارڪ ۽ سُئيڊن جا دوست سمجهيو وڃن ۽ هو جواب پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏين ٿا. سو اهڙي حالت ۾ انهن ملڪن جا ماڻهو اسان وانگر انگريزي ڳالهائڻ جي پرئڪٽس ڇو ڪن؟ انهن ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويندڙ اسانجي شاگردن کي کڻي تڪليف نٿي ٿئي جو اهي انهن يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا جتي انگريزيءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو پر اسان جي سياح کي وڏي تڪليف ٿئي ٿي. حمادالله جي سفرنامي ۾ به ڏسندائون ته هن کي ڪنهن کاڌي پيتي جي شيءِ معلوم ڪرڻ لاءِ يا هوٽل جو ڏَسُ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪيڏي دقت ٿي آهي. اڃان به ٻه ٽي ساٿي آهن ته کل خوشيءَ ۾ وقت گذريو وڃي ۽ هڪ ٻئي جو ڏڍُ ٿئي ٿو. اڪيلو ماڻهو اهڙي پرديس ۾ پريشان ٿيو وڃي ۽ سوچي ٿو ته پئسو ۽ وقت وڃائي هتي ڇو آيس. پر حمادالله پختو پهه ڪيو ته هن کي ضرور ان منزل تي پهچڻو آهي – جتي دنيا ختم ٿئي ٿي.
سفر جو مزو تڏهن آهي جڏهن موسم خوشگوار هجي. اسان جيئن جيئن دنيا جي گولي جي وچئين ليڪ خط استوا (Equator) کان مٿي يعني اتر ڏي وڃون ٿا تيئن تيئن ٿڌ وڌندي رهي ٿي ۽ هڪ اهڙو هنڌ اچي ٿو جيڪو ويڪرائي ڦاڪ ”آرڪٽڪ سرڪل“ سڏجي ٿو جنهن کي ٽپڻ بعد الله امان! سيءُ هڪ طرف ته ڊگها ڏينهن رات ٻئي طرف اونهاري ۾ ٿڌ جو پَدُ منفي (ڪاٽو) رهي ٿو. اونهاري ۾ سج ٽي ٽي مهينا لڳاتار اُڀريل رهي ٿو پر اهو چوٽ چڙهڻ بدران افق وٽ ئي ڦرندو رهي ٿو. ڪڪرن، برف بارين ۽ تيز لڳندڙ هوائن ڪري اونهاري ۾ به ٿڌ کان انسان جو جسم ڄڻ ته ڪَپجي ٿو. سُئيڊن توڙي ناروي جي شهرن جا بس اسٽاپ جيتوڻيڪ ٽن طرفان کان ڍڪيل ٿين ٿا پر ان هوندي به قانون مطابق بس کي ڏهن منٽن اندر اچڻو پوي ٿو جو اهڙي ٿڌ ۾ ڏهن منٽن کان وڌيڪ بنا هيٽر جي بس اسٽاپ تي انتظار ڪرڻ عذاب ٿيو پوي. يعني اهو حال مالمو (جتان مون تعليم حاصل ڪئي)، هيلسنڪي، اوسلو ۽ اسٽاڪهوم جهڙن شهرن جو آهي جيڪي ويڪرائي ڦاڪ 60 کن ڊگرين تي آهن اتي نارٿ ڪيپ جي ڀروارن شهرن هوننگس ويگ، هئمرفيسٽ، اسڪارس ويگ جيڪي اتر قطب جي بلڪل ويجهو آهن اتي ٿڌ جي ڇا حالت هوندي! نارٿ ڪيپ تان موٽي پير حماد رات هوننگس وئگ جي هوٽل ۾ ٿو اچي گذاري هي ننڍڙو ڳوٺ جنهن جي آدمشمار 60 ماڻهو مس آهن نارٿ ڪيپ کان 33 ڪلوميٽر آهي پر سياحن لاءِ ايئر پورٽ آهي جتان روز شام جو اوسلو ڏي اڏام وڃي ٿي جنهن ذريعي ٻئي ڏينهن حماد کي اوسلو موٽڻو هو. ايئرپورٽ جيتوڻيڪ پنجن منٽن جي پنڌ تي آهي پر جيئن ڊپ ٿيندو آهي ته متان اڏام نه نڪري وڃي حماد اڌ ڪلاڪ اڳ ٽئڪسي گهرائي. هوٽل جي رسيپشنسٽ ڇوڪريءَ کيس سمجهايو ته ايڏو جلدي نه وڃ. حماد جڏهن ايئرپورٽ تي پهتو ته ايئرپورٽ ۾ اندر داخل ٿيڻ جو دروازو اڃان نه کليو هو ۽ حماد جيڪي ويهه منٽ کن کلئي آسمان هيٺان گذاريا ان جو هن جيڪو احوال لکيو آهي اهو بلڪل صحيح آهي ته سخت سيءُ ۽ ٿڌي هوا جي سيسراٽ ۽ سامونڊي پکين جي ڪيڪن کان علاوه ڪنهن بني بشر جو آواز نه پئي آيو. هتي اهو لکندو هلان ته هن پاسي هڪ ته سمنڊن ۾ مڇي جام هجڻ ڪري سامونڊي پکي (قسمين قسمين Sea gull) جام ٿين ٿا. ان کان علاوه زميني پکي به جام نظر اچن ٿا. لکن جي حساب سان اهي ننڍين ننڍين ٽڪرين (پهاڙين) کي چهٽيا پيا هوندا جن جي سوراخن ۾ سندن ماديون آنن تي ويٺل ٿين. ان قسم جو احوال آئون پنهنجي اسڪئنڊينيوين ملڪن جي ڪنهن سفرنامي، شايد ”جت برف پوي ٿي جام“ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان.
سو يارو! هن پاسي جي ملڪن جي ٿڌ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! بس ائين سمجهو ته ناروي يا سئيڊن جي ڪنهن ڇوڪريءَ کي جون يا جولاءِ جي مهيني ۾ جيڪب آباد يا گهوٽڪيءَ موڪلجي. سفر جو خرچ ڏيڻ تي به هوءَ شايد نه وڃي ۽ هتي پير حماد پنهنجي خرچ تي هيءَ مهم سرانجام ڏني.
ليکڪ جي همت کي ان ڳالهه جو به داد ڏيان ٿو جو هن هي سڄو پروگرام نه رڳو اڳواٽ (گهر کان نڪرڻ کان اڳ) پختو ڪيو پر انهن جاين (شهرن، ڳوٺن) جا نالا به ياد رکيا. خاص ڪري ناروي پاسي جي شهرن جا نالا، انهن جي ٻوليءَ وانگر اچارڻ ۽ ياد رکڻ ڏاڍا ڏکيا آهن جيئن ته: Megeroya ٻيٽ جنهن تي Nordkapp (نارٿ ڪيپ) دنيا جو ڇيڙو آهي. ڀر وارو هڪ ٻيو ڇيڙو Knivskjelladden (جتي ماڻهو يا گهر ناهن) رات رهڻ لاءِ ڀر وارو ڳوٺ Skarsvag (جيڪو نارٿ ڪيپ کان 14 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي) يا Honningsvag جيڪو نارٿ ڪيپ کان 33 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ اوسلوا ايندي رستي تي Hammerfest شهر ۾ هوائي جهاز ترسي ٿو جيڪو نارٿ ڪيپ کان 205 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. اچارڻ ڪو سولو ڪم ناهي پر مسافر لاءِ مجبورن ياد رکڻ ضروري ٿيو پون. مقامي ماڻهن لاءِ ته اهڙا ڏکيا نالا کير ڀت آهن. جيئن اسان لاءِ پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جا .... پر تصور ڪريو يورپ جي ماڻهن لاءِ ڍينگاڻو بوزدار، کسياڻي موري ڪڙيو گهنور، ميرواهه گورچاڻي، يا گاجي کهاوڙ اچارڻ ۽ ياد رکڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي.
بهرحال اسانجي ليکڪ پير حماد شاهه هڪ ڏکيو سفر طئي ڪري اسان لاءِ ان جو دلچسپ احوال مهيا ڪيو آهي. پير حماد جي هن سفر کي ڏکيو ان ڪري ٿو چوان جو ان جا سبب آهن. پڙهندڙ شايد اهو به چون ته ان کان به گهڻا ۽ وڏا سفر آفريڪا جي گرم ملڪن کان يورپ جي ٿڌن ملڪن تائين مون به ته ڪيا آهن. پر سچ پڇو ته انهن ۾ تڪليف، مونجهارو ۽ پريشاني نه هوندي هئي جيڪا حماد الله جي هن سفر ۾ آهي. مون وانگر جيڪي سفر ڪن ٿا ان ۾ رهائش جو فڪر نٿو رهي. جهاز ساڻ آهي جنهن تي رهائش ۽ کاڌي پيتي جي سهوليت آهي. اڪيلائي ناهي. ڪنهن بندرگاهه ۾ گم ٿي وڃڻ تي اسان کان وڌيڪ جهازران ڪمپنيءَ کي فڪر ٿئي ٿو جو جيسين سڀ ماڻهو نه پهچن جهاز بندرگاهه کان ٻاهر نڪري نٿو سگهي. بيماري يا حادثي جي صورت ۾ ڪمپنيءَ طرفان انشورنس هجڻ ڪري ڇهه مهينا به اسپتال ۾ داخل رهي سگهجي ٿو ۽ خرچ پکو جهاز وارن جي مٿي تي هجي ٿو. اسپين جي ٻيٽ لاس پاماس ۾ مونکي نمونيا ٿي پيئي ته جهازران ڪمپنيءَ طرفان مون کي اتي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ مون پاران ٻئي انجنيئر جو بندوبست ڪري جهاز تي رکي، جهاز کي اڳتي روانو ڪيو ويو. هفتي ٻن بعد جڏهن صحيح ٿيس ته ان ٻيٽ تي موجود اسانجي آفيس وارن، هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڏئي انگلينڊ جي بندرگاهه ڊنڊيءَ موڪليو جتي ايئرپورٽ تان ان بندرگاهه جي آفيس واري مون کي ايئرپرٽ تان پنهنجي جهاز تي پهچايو. پر هڪ سياح کي هر شيءِ جو خيال پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. ماني ٽڪيءَ کان وٺي رهائش ڳولڻ ۽ ان جي خرچ جو بندوبست ڪرڻ. هو هر وقت ان خوف ۾ رهي ٿو ته خدا نه خواسته بيمار ٿي پوي يا هن جو ڪو پير به مڙي پوي ته هو پرديس ۾ ڇا ڪندو؟ وري به جنهن سفر ۾ ٽي چار ڄڻا گڏ آهن ته انهن جي دل بهادر رهي ٿي، هن سفر ۾ پير حماد الله آخر تائين اڪيلو آهي. اوسلو، اسٽاڪهوم يا ٻين هڪ ٻن شهرن ۾ سندس واقفڪار دوست عبدالله مورائي ۽ قادر بخش جتوئي جهڙا آهن جيڪي فون تي هن کي ٿوري گهڻي گائيڊ ڪن ٿا پر سندن اها مدد فقط اخلاقي آهي. يورپ جهڙي پرديس ۾ اها به غنيمت ئي سمجهڻ کپي ۽ حمادالله حاضر دماغ لڳي ٿو جو يڪدم انهن جي ڳالهه سمجهيو وڃي ۽ ڪجهه عقل جي ڊوڙ ڪري صحيح هنڌ تي پهچيو وڃي. پڙهندڙ ليکڪ جي انهن دوستن بابت ضرور وڌيڪ ڄاڻ رکڻ چاهيندا هوندا. منهنجو انهن ملڪن سان واسطو هجڻ ڪري جن هم وطنين کان واقف آهيان انهن مان اهي ٻه دلچسپ شخصيتون به آهن جن مان هڪ عبدالله سومرو مورائي جي لکڻين کان ڪيترائي واقف هوندا جو هو گذريل ٻن سالن کان عبرت اخبار ۾ پرديس جو دلچسپ احوال لکندو اچي.
عبدالله سومرو (قلمي نالو عبدالله مورائي) موري شهر جي هڪ واپاري محمد عثمان سومري صاحب جو فرزند گذريل ڏهاڪو کن سالن کان سئيڊن ۾ رهي ٿو. پاڻ پهرين مئي 1978ع تي مورو ۾ جنم ورتو ۽ اتان ئي مئٽرڪ ۽ 1995ع ۾ انٽر ڪئي. ان بعد ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ 2000ع ۾ B.E ائگريڪلچر انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد نوشهروفيروز ۽ موري جهڙن شهرن ۾ 2008 تائين واٽر مئنيجمينٽ ۾ ڪم ڪيو. ان بعد اسڪالر شپ ملڻ تي سئيڊن هليو آيو ۽ اسٽاڪهوم جي رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مان ”واٽر سسٽم ٽيڪنالاجي“ ۾ 2013 ۾ ME ڪئي. عبدالله ٻين به مختلف سبجيڪٽن ۾ مختلف تعليم حاصل ڪئي جيئن ته اسٽاڪهوم يونيورسٽي مان Management، يونان مان Water Management in Time and Space، اسڪاٽلينڊ جي ڊنڊي يونيورسٽي مان Water Law وغيره وغيره. هاڻ هو سئيڊن جي گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم ۾ رهي ٿو ۽ اتي ئي نوڪري ڪري ٿو. اسان جي ليکڪ پير حمادالله جو ساڻس سڄي سفر ۾ رابطو رهيو ۽ عبدالله سومرو ۽ سندس سنڌي ۽ سئيڊش دوست حماد جي ڪافي رهنمائي ڪندا رهيا.
هن سفر ۾ پير حمادالله جي جنهن ٻئي دوست گهڻي مدد ۽ رهنمائي ڪئي آهي- زباني ئي صحيح، اهو اسٽاڪهوم سئڊن ۾ ٽيهارو کن سالن کان رهندڙ قادر بخش جتوئي آهي. پاڻ پهرين فيبروري 1953ع تي لاڙڪاڻي کان 9 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ”مٺو جتوئيءَ“ ۾ محمد پريل جتوئي صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو.
ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڦاهيءَ بعد جنرل ضياءَ جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ ڪافي بي چيني رهي ۽ سنڌ جا شاگرد، سياستدان ۽ ٻيا احتجاج ڪندا رهيا جن کي خاموش ڪرڻ لاءِ هنن کي جيلن ۾ وڌو ويو. قادر بخش سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ ماسٽرس ڪري رهيو هو ته هن کي به 1978ع ۾ حيدرآباد ۽ ان بعد سکر جيل ۾ رکيو ويو. 1981ع ۾ جيڪو الذوالفقار ناليتنظيم طرفان جنهن PIA هوائي جهاز جي هاءِ جئڪنگ جو قصو ٿيو هو ۽ جنهن جي بدلي ۾ ڪجهه قيدي جيلن مان آزاد ڪري افغانستان موڪليا ويا هئا انهن ۾ قادر بخش به هڪ هو.
قادر بخش جتوئيءَ ٻڌايو ته هنن کي پاڪستان کان پهرين شام پهچايو ويو هو، جتان پوءِ هو افغانستان اچي رهيا. افغانستان جو حالتون صحيح نه هجڻ ڪري هو اڍائي سالن بعد 1983ع ۾ بلغاريا هليو آيو. جتي جي صوفيا يونيورسٽيءَ ۾ اسڪالر ملڻ تي هن MA ۽ Ph.D ڪئي. ڏٺو وڃي ته بلغاريا کڻي يورپ جو ملڪ آهي پر اتي جون حالتون ڪي خوشحال نه آهن. جتي پنهنجن لاءِ ئي ڪو پورو پنو آهي اتي ٻين ملڪن کان پناهه وٺڻ لاءِ آيل ڇا حاصل ڪري سگهن ٿا. ايتري قدر جو تعليم جي آخري سال ۾ بلغاريا وارن قادربخش جي اسڪالر به بند ڪري ڇڏي. موقعو ملڻ تي هو سئيڊن هليو آيو. هيءَ سال 1990ع جي آخري مهينن جي ڳالهه آهي. قادر بخش کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏيڻ کان اڳ سئيڊن جي حڪومت هن کي سئيڊن جي اتراهين شهر ڪيرونا ۾ 3 مهينا کن رکيو جتي جي ٿڌ ۽ اڪيلائي وڏن وڏن پهلوانن کي به توبهه ڪرايو ڇڏي ۽ ٻئي ملڪ جي شهريت (پاسپورٽ) حاصل ڪرڻ جو شوق اڏاميو وڃي. پر قادر بخش لاءِ پنهنجي ملڪ موٽڻ ۾ به خطرو هو جو هن ٻڌو ته سندس ساٿي جيڪي پرديس کان تنگ ٿي وطن موٽيا ته هنن کي مختلف طريقن سان سختيون ڏنيون ويون. بهرحال 3 مهينا ڪرونا ۾ رهڻ بعد هن کي سئينڊن جو پاسپورٽ ڏنو ويو جنهن بعد هو سال کن سنڊس وال (Sunds vall) شهر ۾ رهيو ان بعد هن کي اسٽاڪهوم ۾ نوڪري ملي وئي. اڄڪلهه هو 64 سالن جو آهي ۽ سئيڊن ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري ٿو. پاڻ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ جيلن، پرديس ۽ دربدر جي زندگي گذاري اٿس ان ڪري هن کي هر ڏکويل ۽ پريشان انسان جو احساس ٿئي ٿو ۽ ٻئي جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو. نه ته ڏٺو وڃي ته ولايت ۾ هرڪو اهڙو مشغول آهي جو هن کي پنهنجا به ياد نٿا اچن سو جتوئي ۽ سومري جهڙا نيڪ انسان پرديس ۾ رحمت جا فرشتا ئي سمجهيا وڃن ٿا. هنن جي رهنمائي ۽ پير حمادالله جي پنهنجي همٿ، شوق ۽ جذبي کيس دنيا جي آخري ڇيڙي واري ڳوٺ تائين پهچايو. منهنجي خيال ۾ جتي انوشڪا پهرين سنڌي ڇوڪري آهي جيڪا اتر قطب ۾ پهتي اتي پير حمادالله پهريون سنڌي آهي جيڪو هن اتراهين ڳوٺ نارٿ ڪيپ (اسڪارس ويگ) پهتو.
انوشڪا (Anoushka) اسانجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪلاس ميٽ مرحوم محمد رفيع ڪاڇيلو جي ڌيءَ آهي. رفيع ڪوٽ غلام محمد جي ڪاڇييلو فروٽ فارم کان مشهور رهيو آهي ۽ انبن جو شهنشاهه (King of Manges) مڃيو وڃي ٿو. سندس جرمن زال مان ٻه ٻار ٿيا انوشڪا ۽ فيصل. پُٽ فيصل اباڻي ڌنڌي - انبن جي پوک سان وابسته آهي، انوشڪا لنڊن ۾ وڪيل آهي پر سندس مشهوري اتر قطب جي آخري ڇيڙي تي 24 سالن جي ننڍي عمر ۾ پهچڻ ڪري آهي. پاڻ پهرين پاڪستاني عورت آهي جيڪا منفي 22 ڊگرين ٿڌ ۾ برف سان ڍڪيل ميدانن تان هلي. هُن 50 ميلن جو هي سفر 8 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو. هن کي 55 ڪلو وزني سامان جي ريڙهي (Sledge) به ڇڪڻي پئي ٿي. هن هي ڪارنامو 24 اپريل 2004 تي سرانجام ڏنو. هن ٻڌايو ته هوءَ روزانو 12 ڪلاڪ ٿڌي برف تان ٿڌي هوا ۾ هلندي هئي. اتر قطب ۾ پهچڻ تي هن پاڻ سان آندل پاڪستاني جهنڊو کوڙيو. انوشڪا ٻڌايو ته هِن مهم جوئيءَ کي شروع ڪرڻ کان اڳ هُن ڪيترا ئي مهينا هن سفر جي پرئڪٽس ڪئي جنهن ۾ هن کي روزانو ميلن جا ميل هلڻو پيو ٿي.
مٿي سائين قادر بخش جي ڪهاڻيءَ ۾ سئيڊن جي شهر ڪرونا (Kriuna) جو ذڪر ڪيو اٿم جتي هن کي پهرين رکيو ويو هو. سئيڊن جي اتر ۾ هجڻ ڪري اتي ظالم قسم جي ٿڌ ٿئي ٿي جنهن بابت اسان جي ايشيا يا آفريڪا جا ماڻهو سوچي به نٿا سگهن. سئيڊن جي اتر واري صوبي لئپلئنڊ (Lapland) جي هن شهر جي آدم شماري 18000 ماڻهو آهن. اسان سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺندا هئاسين ته سياري ۾ سيءَ ۽ ٿڌين هوائن جي شڪايت ڪندا هئاسين ته اونهاري ڊگهن روزن جي ڇو جو اونهاري ۾ اتي ڏينهن سورهن سترهن ڪلاڪن جو ٿيندو هو. اسان جون ڳالهيون ٻڌي اسان جا هم وطن جيڪي سئينڊن جي اتراهن شهرن ۾ رهيا ٿي اهي اسان کي دلداري ڏيندا هئا ۽ چونڊ هئا ته ”توهان خوش نصيب آهيو. توهان ڪڏهن ڪِرونَا يا لُوولِيو (Lulea) شهرن جي رهاڪن جو به سوچيو جن کي 22 ڪلاڪن جو روزو رکڻو پوي ٿو جتي ٿڌ جو پَڌُ اونهاري ۾ به منفي رهي ٿو؟“
لُووُليو (Luvleo) شهر سمنڊ جي ڪناري تي، ڪِرونا شهر کان ڪجهه (ٻه ڊگريون کن) هيٺ 66 ڊگرين ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ۽ ڪِرونا 68 ڊگرين تي. دنيا جي گولي تي هڪ ڊگري معنيٰ 60 منٽ ۽ هڪ منٽ معنيٰ هڪ ناٽيڪل ميل جيڪو اسان جي زميني ميل کان ٿورو وڏو ٿئي ٿو. ٿلهي ليکي سمجهو ته هڪ هڪ ناٽيڪل ميل معنيٰ ڏيڍ ڪلوميٽر. سو سمجهو ته لووليو کان ڪِرونا ڏيڍ سئوڪلوميٽر مٿي اتر ۾ آهي. اسٽاڪهوم 60 کن ڊگرين تي آهي ۽ اسان وارو مالمو Malmo شهر 56 ڊگرين تي آهي ۽ جڏهن اسان جو ئي هيڻو حال ٿي رهيو ته انهن سان ڇا ويڌن هوندي جيڪي ڪِرونا ۽ لووليو ۾ رهيا ٿي. خاص ڪري اسانجي سنڌ ملڪ جا ماڻهو جيڪي لوڊشيڊنگ ڪري اونهاري جي ٽاڪ منجهند ۾ به بنا پکي جي گذارو ڪن ٿا. منهنجي خيال ۾ هينئر به نوشهروفيروز جو هڪ نوجوان پروفيسر رياض حسين ڀنڀرو لووليو ۾ پنج سال رهي اتي جي لووليا يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجيءَ مان ڊاڪٽوريٽ ڪري موٽيو آهي ۽ ان کان ڪجهه سال اڳ نواب شاهه جي قائد عوام يونيورسٽيءَ جو هڪ ٻيو پروفيسر ڊاڪٽر آچر زرداري پنج ڇهه سال اتي رهي ان ساڳي يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي هئي.
پروفيسر آچر زرداري سنڌ جي مشهور سرندو نواز شخصيت علي شير زرداريءَ جو فرزند آهي. پروفيسر صاحب جا وڏا روزگار خاطر جيتوڻيڪ پنهنجو اباڻو ڌنڌو کيتي ٻاري ڪندا هئا پر هو سرندو وڄائڻ جا به ماهر هئا. پروفيسر صاحب جو ڏاڏو پير بخش زرداري به سرندو وڄائڻ کان مشهور آهي. جيئن سندن ڀرواري ڳوٺ جو مٺو خان زرداري مٽ/ دلو وڄائڻ جو ماهر هو يعني گهڙا نواز هو. چون ٿا ته گهڙا نواز/ مٽڪا نواز خميسو خان جمالي به هن جو شاگرد هو. سندس فرزند ڊاڪٽر انور زرداري جيڪو لنڊن ۾ آرٿو پيڊڪ سرجن آهي اهو به ننڍپڻ کان دلو وڄائڻ جو ماهر آهي. مون کيس تڏهن به ٻڌو هو جڏهن لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻ LUMS) ۾ هو ٿرڊييئر ۾ هو ۽ النفيس (يا شايد السينا) نالي هاسٽل ۾ رهيو ٿي. ويجهڙائيءَ ۾ سندس مٽڪي وڄائڻ جي وڊيو ڏاڍي وائرل ٿي هئي.... هو ڪمپليٽ سوٽ ۾ پٽ تي ويهي دلو وڄائي رهيو هو.
اسان واري پروفيسر آچر زرداري صاحب قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ گلڻ زرداريءَ ۾ 17 جنوري 1978ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ گلڻ زرداريءَ مان وٺڻ بعد نائين ڪلاس تائين بچل پور ۾ پڙهيو ۽ پوءِ مئٽرڪ ۽ انٽر نواب شاهه مان ڪئي ۽ 1997ع ۾ قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. 2002ع ۾ سِول انجنيئرنگ ۾ BE ڪرڻ بعد هن ٽي سال کن حيدرآباد جي تعميراتي ڪمپنين ۾ نوڪري ڪئي ان بعد پوڻا ٻه سال کن سترهين گريڊ ۾ ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪيو جنهن چونڊ ۾ هن ٽاپ ڪيو هو. هونءَ به پڙهائي جي معاملي ۾ آچر زرداري هميشه نمايان پوزيشن کڻندو رهيو آهي. ان بعد واپڊا ۾ جونيئر انجنيئر (سول) لاءِ چونڊن بعد هن ائگريڪلچر کاتي مان 6-2005ع ۾ استعيفا ڏني. ٻه ٽي سال هيءَ نئين نوڪري ڪيائين ته 2008ع ۾ قائدِ عوامي يونيورسٽيءَ طرفان کيس اعليٰ تعليم لاءِ سئيڊن جي هن يونيورسٽي Lulea University of Technology. موڪليو ويو. هو 2008 کان جون 2013 تائين هن يونيورسٽيءَ ۾ رهيو. سندس پي ايڇ ڊي جو سبجيڪٽ Geo Technical انجنيئرنگ هو. سئيڊن ۾ ساڻس گڏ فئملي به رهي ٿي. سندس زال ۽ ٻار اڄ به سٺي سئيڊش ٻولي ڳالهائين ٿا. تعليم بعد ڊاڪٽر آچر پنهنجي يونيورسٽي قائد عوام Join ڪئي جتي اڄڪلهه هو اسسٽنٽ پروفيسر آهي.
هونءَ اسانجو ليکڪ پير حمادالله سئيڊن جي مٿئين شهر ڪِرونا تائين وڃي ها ته سندس اهو سفر به حيرت جوڳو لڳي آهي پر ڳالهه اها آهي ته ڪرونا سئينڊن جو ڇيڙي وارو شهر ضرور آهي پر اتر قطب کي ويجهو ناروي جو ڳوٺ اسڪارس وئگ (Skars vag) ئي آهي جنهن کان اتر قطب وارو نقطو 2100 ڪلوميٽر آهي جتي اسان جي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ محمد رفيع ڪاڇيلو جي ڌيءَ انوشڪا پهچي پاڪستان جو جهنڊو لڳائي رڪارڊ قائم ڪيو. دنيا جي نقشي ۾ توهان ڏسندائون ته فنلئنڊ، سئيڊن ۽ ناروي دنيا جا اتراهان ملڪ آهن پر ناروي جو مٿيون حصو سئيڊن ۽ فنلئنڊ کان به مٿي هليو ٿو وڃي. ناروي جي ان اتراهين مٿاهين حصي جو آخر ۾ مئگرويا (Mageroya) ٻيٽ آهي جنهن جي اتر ۾ هي آخري شهر اسڪارس وئگ آهي جتان سڏ پنڌ تي اهو هال آهي جيڪو ”نارٿ ڪيپ“ ٿو سڏجي. اتي دنيا جو گولو به ٺهيل آهي جنهن جو حمادالله پنهنجي سفرنامي ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهو هنڌ اٽڪل 71 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) آهي. ان کان اڳيان سمنڊ شروع ٿئي ٿو جيڪو دنيا جي مٿاهين حصي کي وڪوڙي ٿو. اهو آرڪٽڪ سمنڊ سڏجي ٿو. ڪئناڊا جي اتر ۾ هليو وڃبو ته به ان آرڪٽڪ سمنڊ کان وڃي نڪربو. روس جي اتر ۾ هليو وڃبو ته به ان سمنڊ ۾ وڃي نڪربو جنهن جو وڏو حصو ته فريز (برف) ٿيل آهي ۽ ان برف جا وڏا حصا (Icebergs) باقي برف کان ڇڄي ڌار ٿي ڏکڻ ڏي گرم پاڻيءَ جا رخ ڪن ٿا. هڪ اهڙي ئي ترندڙ ڇپ (Iceberg) دنيا جي ان وقت جي طاقتور ۽ ماڊرن جهاز ٽائٽانڪ جي پاسي کي رهڙو ڏئي تباه ڪري ڇڏيو.
هتي اهو به لکندو هلان ته ناروي جي ان اتراهين ۽ آخري ڇيڙي واري ٻيٽ تي پهرين ته فيريءَ (پاڻيءَ جي مسافر جهاز) ذريعي پهچبو هو پر پوءِ 1999ع ۾ ناروي جي مين لئنڊ ۽ مئگرو يا ٻيٽ جي وچ ۾ سمنڊ (Magerosundet Strait) هيٺان سرنگهه (Tunnal) ٺهڻ تي هن ٻيٽ تي باءِ روڊ پهچي سگهجي ٿو. هيءَ زيرِ سمنڊ سرنگهه سمنڊ جي تري کان 212 ميٽر هيٺ ٺاهي وئي آهي جنهن جي ڊيگهه 7 ڪلوميٽر آهي. هيءَ سرنگهه پنهنجي وقت ۾ دنيا جي ڊگهي ۽ اونهي سرنگهه هئي. ان بعد جپان جي سرنگهه (Seikan Tunnal) ۽ هاڻ سئٽزرلئنڊ جي سرنگهه (Gotthard Base Tunnael) سڀ ۾ وڏي اٽڪل 15 ڪلوميٽر آهي.
بهرحال آهي هن سفر ۾ پير حمادالله اسان کي نه فقط دنيا جا اتراهان (قطبي) ملڪ ۽ انهن جا شهر گهمايا آهن پر يورپ جا ٻيا ملڪ ۽ شهر به گهمايا آهن، مثال طور لنڊن، برائيٽن، آڪسفورڊ (انگلينڊ)، بون، ڪولون ووپرتال، ڊسلڊورف (جرمني)، ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ)، مالمو، اسٽاڪهوم (سئيڊن)، ريگا (لئٽويا)، ٽالن (ايسٽونيا) هيلسنڪي (فنلئنڊ)، اوسلو ۽ آئيس لئنڊ جو به سير ڪرايو آهي. هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي (۽ پڪ اٿم ته لکندڙ جي ان خصوصيت ڪري هن جا سفرناما وڌيڪ پسند ڪيا وڃن ٿا) ته مولانا صاحب، يعني پير حمادالله جيڪي ڪجهه لکيو آهي اهو حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺي لکيو آهي. جتي هن کي گورن (انگريزن ۽ يورپين) جي ڪا ڳالهه موچاري لڳي آهي ته هنن جي تعريف به ڪئي آهي نه ته اسان جي گهڻن مسلمانن کي گورن جي هر ڳالهه ۾ وِڏون نظر اينديون آهن. هو اسانجي ملڪ جي خراب معاشي حالتن کان ڪريل اخلاق جو الزام به گهمائي ڦيرائي گورن (يعني مغرب) تي هڻندا آهن ۽ هنن کي يورپ جي هر ڳالهه ۾ Negativity نظر ايندي آهي. پر حمادالله هر سٺي ڳالهه کي سٺو ئي مڃيو آهي ۽ ان کي داد ڏيڻ ۾ ڪنجوسي نه ڪئي آهي جيئن انگريزي چوڻي آهي Give devil its due يعني شيطان جي به سٺي ڪم جي واکاڻ ڪجي. ان ڳالهه جا مثال توهان کي هن سفرنامي ۾ ڪيترائي ملندا. اسٽاڪهوم جي هڪ هوٽل ۾ اسان جو ليکڪ ماني کائي رهيو هو ته هوٽل جي ويٽريس کي احساس ٿيو ته ڇت واري هڪ دريءَ جو شيشو رڙهي وڃڻ ڪري اتان ٿڌي هوا اچي رهي آهي. هن يڪدم ڪرسيءَ تي چڙهي اها دري بند ڪئي. يورپي عورت جي ان عمل تي پير حماد لکي ٿو ته ”يورپ جي ماڻهن کي ڪا اهڙي تعليم ڏين ٿا جو دنيا ۾ پنهنجي آسپاس موجود هر شيءِ جو خيال رکن ٿا پوءِ ڀلي اهو انسان هجي، جانور، وڻ ٽڻ هجي، سمنڊ، درياءَ يا آثارِ قديمه جي ڪا جاءِ هجي – هو هر شيءِ جو خيال رکن ٿا.
آئيسلئنڊ جي هڪ هوٽل ۾ هن جڏهن ويٽر کان پڇيو ته مسلمان جي حيثيت ۾ هو ڪهڙيون ڪهڙيون شيون کائي سگهي ٿو ته ويٽر يڪدم ڪچن ۾ ويو ۽ بورچيءَ کي وٺي آيو جنهن اچي هن کي ٻڌايو ته فلاڻين فلاڻين شين ۾ چرٻي يا جلوٽن آهي ۽ فلاڻيون شيون هڪ مسلمان کائي سگهي ٿو. هن سفرنامي جو ليکڪ لکي ٿو ته... ”دل ۾ چيم ته بلي بلي! مسلمان ته هي آهن. اسان ڪٿي! ايڏي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ويٽر کي خبر نه هئي ته ڪچن مان بورچيءَ کي وٺي آيو. ٻئي طرف اسان جي ملڪ ۾ ڇا پيو ٿئي، تنهن جي اسان وٽ هاڻ هر ماڻهوءَ کي خبر آهي.
ناروي ويندڙ لاءِ منهنجي خواهش هوندي آهي ته هتان ويندڙ جيڪر شائسته عالماڻي سان به ملي ان جو احوال لکي. هن ڳوٺاڻي غريب ڇوڪريءَ جي ڌارئين ذات ۾ شادي ٿيڻ تي سنڌ ۾ وڏو وڳوڙ متو هو ۽ سندس ۽ سندس مڙس جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو هو. هيءَ خبر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪ ۾ عام ٿي وئي هئي ته هڪ نوجوان جوڙي کي پيار جو پرڻو ڪرڻ تان قتل ڪيو پيو وڃي. ڪيترن ئي ملڪن هن جوڙي کي پاڻ وٽ رهڻ جي اجازت ڏني. سنڌ جي گرم ڌرتيءَ جي هيءَ نياڻي اڄ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان ناروي جي برفاني ۽ ٿڌي ملڪ ۾ سڪون جي زندگي گذاري رهي آهي. ان کي به ڏهه سالن کان مٿي ٿي ويا آهن. مون ان بابت پنهنجي سفرنامي ”ڏيهه پرڏيهه جو سفر“ ۾ پڻ لکيو آهي.
پير حمادالله پنهنجي سفرنامي ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي نياڻي صنم نور جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا اعليٰ تعليم لاءِ ناروي مان رهي وئي آهي. صنم نور شڪارپور (همايون شريف) جي مرحوم نور احمد پيچوهو صاحب جي ڌيءَ آهي. هن 2001 ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشن (IR) ۾ ٿرڊ پوزيشن حاصل ڪئي. ان بعد ڇهه سال کن ”پاڪستان انسٽيٽيوٽ انٽرنيشنل افيئرس“ ۾ ريسرچ آفيسر ٿي رهي. بعد ۾ اسلام آباد ۾ آمريڪن سفارتخاني ۾ 2009ع کان 2014 تائين پوليٽيڪل اسپيشلسٽ ٿي رهي.
2014 ۾ صنم نور پيچوهو کي Human Rights Policy & Practice ۾ ماسٽر ڪرڻ لاءِ اراسمس مندس (Erasmus Mundas) اسڪالر شپ ملي. هي ٻن سالن جو ڊگري ڪورس هو جنهن مان پهريون سيمسٽر آگسٽ 2014 کان ڊسمبر تائين صنم کي سئيڊن جي گوٿنبرگ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻو پيو. ٻيو ڇهن مهينن جو سيمسٽر لنڊن جي Roehamppontion يونيورسٽيءَ مان، ٽي سيمسٽر لاءِ هن کي هتي ناروي اچڻو پيو ۽ ٽرومسو شهر جي آرڪٽڪ يونيورسٽي آف ناروي مان تعليم حاصل ڪرڻي پئي ۽ چوٿون سيمسٽر وري لنڊن جي يونيورسٽي مان جنوري 2016ع کان جون 2016ع تائين ڪرڻو پيو. سندس گرئجوئيشن اسپين جي بلبائو (Bilbao) يونيورسٽي ۾ ٿي هئي.
ناروي جو ٽرومسو (Tromso) شهر ڪافي اتر ۾ آهي اسانجو ليکڪ پير حمادالله دنيا جي آخري ڇيڙي نارٿ ڪيپ کي هٿ لاهڻ بعد ڀر واري شهر هوننگس وئگ تائين ته ٽئڪسيءَ ۾ آيو ان بعد اتان هوائي جهاز ذريعي هيمرفسٽ مان ٿيندو ٽرومسو پهتو ۽ ٻي اڏام ۾ اوسلو پهچي اتان پوءِ ريڪياويڪ (آئسلينڊ) آيو. ناروي جو شهر ٽرومسو کڻي نارٿ ڪيپ وانگر دنيا جي ڇيڙي تي ناهي ته به ڪافي اتر ۾ 69.5 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي يعني آرڪٽڪ سرڪل کان به 300 ڪلوميٽر مٿي آهي يعني هتي سال جو ڪجهه عرصو سياري ۾ لڳاتار رات ۽ اونهاري ۾ لڳاتار ڏينهن رهي ٿو. صنم پيچوهو آگسٽ کان ڊسمبر تائين ٽرومسو ۾ هئي جتي 21 نومبر کان 21 جنوري تائين ٻه مهينا سج بنهه نظر نه ايندو آهي. لڳاتار رات رهي ٿي. ان کان اڳ وارا مهينا سج نڪري ٿو پر تمام ٿوري وقت لاءِ يعني صنم کي اهو هڪ عجيب تجربو حاصل ٿيو هوندو ته هن سڄو سيمسٽر اهڙن مهينن ۾ ٽرومسو ۾ گذاريو جن جون راتيون ته اونداهيون هيون پر ڏينهن به. هر شيءِ واچ جي ڪانٽن کي ڏسي ڪئي وئي ٿي. ان جي ابتڙ وارو تجربو پير حماد کي ٿيو هوندو جو اونهاري ۾ وڃڻ ڪري لڳاتار ڏينهن رهيو ٿي آڌي رات جو (يعني 12 بجي) به اٿڻ تي سج نظر آيو ٿي. ان ڪري هن ڌرتيءَ کي Land of Midnight Sun به سڏجي ٿو.
مون کي پڪ آهي ته پير حمادالله جو هي سفرنامو پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ پاڻ ٻيا به گهڻيئي لکندو.

جديد ۽ آڳاٽن شهرن جو سفر

سکر جي وڪيل صاحب شبير شر جو نئون سفرنامو ”جيش جبل ۽ ڪوه قاف جا سفر“ منهنجي هٿن ۾ آهي ۽ پڙهي بس ڪيو اٿم. شبير جي لکڻ جي اسٽائيل مان متاثر آهيان جو هن جون ڳالهيون کريون ۽ حقيقت پسند ٿين ٿيون. ڪو ٽون ڦانءَ ۽ اجائي لئه رکڻ جي نٿو ڪري، ڪٿي نه ڪٿي ڪا اهڙي به ڳالهه لکيو وڃي جو کِل نڪريو وڃي. هن ڪتاب ۾ شبير شر جا ٻه سفرناما موجود آهن، هڪ سڏ پنڌ تي نئون ۽ جديد اڀرندڙ ملڪ دبئيءَ جو، ته ٻيو ڪوه قاف پاسي جي آڳاٽن ملڪن جو، يعني ازبڪستان ۽ آذربائيجان پاسي جو. ٻنهي پاسي اسان جا ماڻهو عام جام ويندا رهن ٿا، پر ڏٺو وڃي ته هر هڪ جي اندر جي اک مختلف نموني سان ڏسي ٿي. شبير جي دل بيحد حساس آهي ۽ هن کان ٻئي تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم برداشت نٿو ٿئي. سندس ڪي ڪي جملا پڙهندڙ کي گهري سوچ ۾ وجهيو ڇڏين. اسان وٽ جديد عرب جو اميج اهو ئي آهي ته هو ظالم، عياش ۽ بي رحم آهي، خاص ڪري ٺٽي جي نياڻين بابت ظلم جو اخبارن ۾ پڙهي يا اسان جهڙن غريب ملڪن جي غريب ٻارن کي اُٺن سان ٻَڌي هنن جي رڙين ڪيهن مان لطف حاصل ڪرڻ يا اسان جي ماڻهن کان سخت پورهيو وٺي گهٽ پگهار ڏيڻ - ۽ ان گهٽ پگهار مان به ويزا جي في ۽ ڪفيل جي ڪميشن ڪٽڻ نسورو ظلم ناهي ته ٻيو ڇاهي. شبر شر کي جڏهن سندس دوست ساگر سميجو دبئي گهمڻ لاءِ چوي ٿو ته هن جي دماغ ۾ اهو ئي اچي ٿو ته يورپ ته گهڻو ئي گهميس پر ان بي رحم عرب دنيا کي ضرور ڏسان ته اهي ڪيئن آهن. هنن ۾ انسانيت ڇو نه آهي، قدرت هنن تي جيترو مهربان ٿئي ٿي، هو ايترو ئي مغرور ۽ ظالم ڇو آهن؟ تيل جي ذخيرن کين ويتر بي رحم ڇو بڻائي ڇڏيو آهي. شبير کي دبئيءَ ۾ چند روپين جي عيوض مزورن کي سخت گرميءَ ۾ مزوري ڪندو ڏسي ڏک ٿو ٿئي - ۽ ٿيڻ به کپي. هڪ حساس دل وارو دبئي يا ٻين عرب ملڪن ۾ پنهنجي وطن جي ماڻهن کي ايئن پيڙبو ۽ عربن جون گاريون کائيندو ڏسي، سخت ڏکوئجي ٿو. سچ ڳالهه اها آهي ته اسان جا عرب يورپ جي گورن ۽ گورين کي ته خوب پگهار ڏين ٿا پر اسان جي غريب ماڻهن کي حق حلال جي ڪمائي ڏيندي به ڪيٻائين ٿا. عربن کي اهو سوچڻ کپي ته هيءَ دولت کين قدرت طرفان بنا محنت جي ملي آهي. ان مان جي وڏي دل ڪري پنهنجي غريب مسلمان پاڙيسري ملڪن جي ماڻهن کي ڏيندا ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. آئون عربن جي جاهليت ۽ سستيءَ کي ڏسي سوچيندو آهيان ته رب پاڪ جا ڪرم آهن جو پيٽرول جا درياهه عربن کي ڏئي هنن کي بچائي ورتو پر اهو ساڳيو تيل ٿورو هن پاسي يعني اسان پاسي پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش ۽ سري لنڪا مان نڪري ها ته عرب ته رلي وڃن ها. اسان جا ماڻهو ته وري به محنت جا عادي ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهن، جن عربن وٽ اچي پورهيو ۽ نوڪري ڪئي پر جي عرب دنيا مان تيل نه نڪري ها ۽ هو غريب حالت ۾ هجن ها ته هو ته اسان وٽ اچي پورهيو به نه ڪري سگهن ها؟ منهنجي خيال ۾ رب پاڪ طرفان عربن تي اها به وڏي ٻاجهه ٿي جو هنن کي روزگار لاءِ ٻين اڳيان هٿ ٽنگڻو نه پيو ۽ نه ئي پورهئي خاطر دربدر ٿيڻو پيو.
ڏٺو وڃي ته شبير شر هڪ محبِ وطن انسان آهي هن کي هر وقت پنهنجي وطن ۽ ان جي ماڻهن سان همدردي آهي. هنن جو ڏک يا هنن سان ٿيندڙ ناانصافيون هن کان برداشت نٿيون ٿين. تڏهن ته هتي جي هڪ روڏي جبل جيش وٽ حڪومت طرفان ٿيل پڪنڪ جا بندوبست ۽ ٽوئرسٽ ڏسي هن کي پنهنجو ديس ٿو ياد اچي ۽ هن کي احساس ٿو ٿئي ته اسان وٽ ايئن ڇو نه آهي ۽ چوي ٿو ته اسان جو ٿر ڪيترو نه سرسبز آهي. اتي هڪ به پڪنڪ پوائنٽ ناهي! ماڻهو ٿاٻا کائي موٽي ايندا آهن، چانهه به نه ملندي. پر هتي برگر شاپ ۽ موبائيل هوٽلون به نظر اچن ٿيون. ڏٺو وڃي ته اهڙو ئي ويران حال گورک هل جو آهي جيڪا ڄڻ ته قدرت طرفان مسڪين سنڌين لاءِ هڪ نعمت آهي، پر سال ٿي ويا آهن اڃان develope ئي نٿي ٿئي. وڌ ۾ وڌ سرڪاري ڪامورا، سرڪاري گاڏين ۾ اتي گهمڻ لاءِ وڃن ٿا يا وڏيرا ڀوتار پنهنجن خانگي گارڊن سان اتي پهچن ٿا. غريب جي وندر يا گهمڻ ڦرڻ جو ڪٿي به آسرو ناهي، پر ان جو جواب به شبير شر پاڻ ئي سمجهي ٿو ۽ ڏئي ٿو ته “اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو اسان جي حڪمرانن ۾ حال ناهي“. هو لکي ٿو ته ”اسان جو ملڪ ڪيڏو نه سرسبز ۽ وڻڪار وارو آهي. بس رڳو حڪمران عربن جي بنجر زمين جهڙا ۽ ڪمينا مليا آهن.“
ڳالهه اها آهي ته اسان جا حڪمران پاڻ ته ٻارن ٻچن سان ولايتن جا سير ڪندا وتن، ڇا غريبن کي دل ناهي؟ هو به چاهين ٿا ته هو به پنهنجن ٻارن کي گهمائين ڦيرائين؟ توهان غريبن جو پئسو لٽي ٻاهر وڃيو ٿا عيش ڪريو. ان کان ان پئسي سان پنهنجو ملڪ ڇو نٿا ٺاهيو، جيئن توهان به عيش ڪريو ۽ غريب عوام به.
مونکي ياد آهي ته 1970 تائين به ملائيشيا ۾ ڪجهه نه هو. ڀر واري ٻيٽ سنگارپور جي حڪومت سنگاپور ۾ هڪ عاليشان قسم جو چڙيا گهر ٺاهيو، سائنسي پارڪ ٺاهيو، پکين جي Aviary ٺاهي وغيره. انهن جو هر جمعي تي اشتهار اچڻ تي ملائيشيا جا امير ماڻهو ڇنڇر يا آچر ڏينهن ٻارن کي گهمائڻ لاءِ سنگاپور وٺي ويندا هئا. مهاتير ان تي اهو ئي چيو ته اسان کي پنهنجو ملڪ ٺاهڻ کپي ۽ ان ۾ سنگاپور جهڙيون شيون ٺاهي خود به هتي گهمڻ کپي ۽ غريبن کي به Enjoy ڪرڻ کپي. پوءِ دنيا ڏٺو ته ملائيشيا ۾ ڇا ڇا نه ٺهي ويو. هڪ جنگل جهڙو ملڪ يورپ جي ماڊرن ملڪن جهڙو ٿي ويو. اڄ ملائيشيا جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ نوڪري ملي ٿي ته هو خوش ٿيڻ بدران بيزاريءَ جو اظهار ڪري ٿو، جو هن لاءِ هن جو ملڪ سڀ ۾ بهتر آهي. پر سچي ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي بهتر ملڪ جي ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي. ڪراچيءَ جهڙو وڏو شهر به گندگي جو ڍير ۽ بنيادي سهولتن کان خالي نظر اچي ٿو. آئون ته پنهنجي جهازران دوستن کي به اهو چوندو آهيان ته سڄي دنيا ۾ گھهمو ڦِرو ٿا، مون کي آفريڪا جو ئي ڪو اهڙو شهر ٻڌايو، جيڪو ڪراچي، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻي جيان گند جو ڍير هجي، جتي نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي هجي ۽ نه امن امان! نه تعليم هجي نه صحت جو بندوبست ۽ نه وري ڪو گهمڻ ڦرڻ جو بندوبست! عربن به پنهنجي ملڪن کي سڌاري ڇڏيو. اهو چوڻ اجايو آهي ته هنن کي پيٽرول مليو، ان ڪري دبئي، ڪويت، سعودي عرب ٺهي پيو. هرگز نه. ايئن جي توهان سمجهو ٿا ته پوءِ انڊونيشيا، ملائيشيا وانگر خوشحال ڇو نه آهي؟ جيتوڻيڪ انڊونيشيا ۾ پيٽرول ۽ سون به آهي. اهڙي طرح آفريڪا کنڊ جي سوڊان ۽ نائيجيريا ۾ پيٽرول آهي، پر انهن ملڪن جي حالت ڏسو! حاڪم پئسو ڦرڻ ۽ لٽي ٻاهر لڪائڻ ۾ لڳا رهن ٿا، عوام غريب ٿيندي وڃي!
شبير جيتوڻيڪ اهو صحيح لکيو آهي ته عربن ٻاهرين مخلوق کي شهريت نه ڏئي سڀ کان بهتر ڪم ڪيو آهي، نه ته هنن جو حال سنڌين ۽ بلوچن کان به خراب ٿئي ها، پر ڳالهه اها آهي ته اسان جا ماڻهو اسان جا حاڪم 70 سال گذرڻ بعد به تاريخ مان ته سبق نٿا حاصل ڪن. اڄ به افغاني، بنگالي، برمي، خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون قومون اسان وٽ اينديون رهن ٿيون، سنڌي بلوچ بنا پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ سان ملي ويندا پر هو ڌاريان اسان جي رشوتخور آفيسرن کي پئسو کارائي هر ڪاغذ پٽ پڪو ٺهرائي ويٺا آهن. ٻي ڳالهه اها ته اسان ڪهڙا ماڻهو آهيون جو جيڪي هتي جا ماڻهو هئا جيڪي معاشي حالت سنڀاليو ويٺا هئا، انهن کي ڀڄائيندا وتون. سٺ واري ڏهاڪي ۾ به اسان وٽ يهودي هئا ۽ انهن جا عبادت گهر هئا. انهن کي ڀڄايوسين ۽ سندن عبادت گهر ڊاٺاياسين. عيسائين ۽ سکن کي ڀڄايوسين، پارسين ۽ بَهَائِي واپارين کي ڀڄايوسين. قاديانين کي ڪڍيوسين، ٻيا ته ٺهيو پر هندو سنڌي جن جو ايامن کان هي ديس رهيو، انهن لاءِ جيئڻ جنجال ڪيو ويٺا آهيون. نتيجي ۾ هر ڪو پنهنجو پئسو ڪڍي ڀڄي ويو آهي يا وڃي رهيو آهي. ڇا دبئي، ايران، ملائيشيا اسلامي ملڪ نه آهن؟ اتي ته هندو، سک، قادياني سڀ سڪون سان رهيا پيا آهن. پئسو ڪمائي پاڻ به خوشحال پيا ٿين ته ان ملڪ ۽ ان جي ماڻهن لاءِ به خوشحالي پيا پيدا ڪن. بهرحال شبير شر دنيا گهمڻ بعد اهو سمجهي ٿو ته اسانجو ملڪ ڪو غريب ناهي، ان ۾ ڇا ڇا نه آهي _ مختلف ڌاتوئن کان اناج، ميوا، ڀاڄيون - قدرت اسان کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي. شبير لکي ٿو ته:”بس اسان وٽ سڀ ڪجهه آهي، رڳو قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ وارا حڪمران اچن ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. اسان به يورپ ۽ وچ اوڀر کان مٿي نه ٿياسين ته ان جهڙا ضرور ٿي وينداسين...“
هڪ ٻئي هنڌ شبير حقيقت بيان ڪري ٿو ته:“عربن عقل کان ڪم وٺي پنهنجو پئسو ته ٻاهر نه ڪڍيو پر دنيا جي ملڪن جي واپارين کي چقمق وانگر ڇڪي هتي آندو، جيئن هو به مال ۽ ملڪيت ٺاهين ۽ دبئيءَ کي به خوشحال ڪن. صحيح رٿابنديءَ ڪري هنن ڪراچي شهر کان به ننڍڙي ملڪ کي دنيا جو نمبر ون ملڪ بنائي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ اسان جو ملڪ تباهيءَ ڪناري اسان جي حڪمرانن پهچايو آهي. اسانجا حاڪم کربين ڊالر ميڙي ٻاهر کڻي ويا، هُو اها ملڪيت پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپ ڪاريءَ تي خرچ ڪن ها ته پاڻ به خوشحال ٿين ها ۽ ملڪ به مالا مال ٿي وڃي ها.
شبير شر جو جتي ولايت سان واسطو رهيو آهي، اتي نه فقط پنهنجي ملڪ جي شهرن سان پر ٻهراڙيءَ سان پڻ آهي. هن جي ڪيترين ڳالهين، چوڻين ۽ مثالن مان نج ٻهراڙيءَ جي سڳنڌ اچي ٿي. سندس بيان ڪيل ڪيترا لفظ ۽ محاورا، آئون نٿو سمجهان ته ڪنهن شهر جي ماڻهوءَ ٻڌا هوندا يا اهي جملا جنهن خاص وقت تي هُو چوي ٿو، اهي پڙهي پڙهندڙ کي کل اچيو وڃي. پاڻ لکي ٿو:
”فلاءِ ود دبئي” جو چنڊو عملو ٽراليون گهليندو وتي پر ڪنهن کي نيرن پاڪيٽ نه پيا ڏين. اسان جو سيٽون الڳ الڳ ۽ پري هجڻ ڪري منهنجي سفر جي ساٿي ساگر جي معلومات به نه پئي ملي سگهي، ڇو جو هو اهڙين ڳالهين کي سنگهي معلوم ڪري وٺندو آهي. مان ڪال بتي ٻاري ته هڪ تيونسڻ ايئر هوسٽس آئي، تنهن چيو ته موسم خراب آهي، صحيح ٿيڻ تي ماني ملندي پر پئسن سان....
- اميگريشن آفيسر اسان کي ڏسي چيو:”توهان ڀائر آهيو؟“ اسان چيو:”نه، اسان دوست آهيون“ هن چيو:”هڪ جهڙا ٿا لڳو“. مون وراڻيومانس ته:”گهڻو گڏ رهندا آهيون، ان ڪري گدرا ٿي ويا آهيون.... يعني رنگ مٽايو اٿئون“.
- اسان هڪ فروٽ جي دڪان تي لٿاسون، جتان ساگر نارنگيون ورتيون. نارنگيون ڇا هيون، بس اٺ جي ليڏڻن جيتريون مس هيون، اُهي به کٽيون.
- الله سائين ڪيڏو راضي آهي جو هن ڪاري جبل ۾ ڳوهه کائيندڙن کي مالا مال ڪري ڇڏيو اٿائين“. شبير شر ايراني شاعر فردوسيءَ ڏي اشارو ڪيو آهي، ايراني شاعر فردوسي (سڄو نالو حڪيم ابوالقاسم فردوسي الطوسي) 940ع ۾ مشهد ڀرسان طوس شهر ۾ ڄائو. انهن ڏينهن ۾ ايران تي سامانيان (Samanid) جي سلطنت هئي، فردوسيءَ 1020ع ۾ جڏهن وفات ڪئي ته ان وقت ايران تي غزنوي گهراڻي جي حڪومت هئي. فردوسيءَ سلطان محمود غزنويءَ جي چوڻ تي شاهنامو لکڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هن ’عظيم فارس‘ جي تهذيبي و ثقافتي تاريخ تي روشني وڌي آهي. شعرن جي هن مجموعي ۾ پنجاهه هزار کان مٿي شعر آهن. شاهنامو لکڻ ۾ فردوسيءَ کي ٽيهارو کن سال لڳي ويا ۽ چون ٿا ته هيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي رزميه شاعري (epic) آهي. هي مجموعو (فارسي شاعريءَ جو شاهنامو – بادشاهن جو ڪتاب) 1010ع ۾ مڪمل ٿيو. ان جو انگريزي پهريون ڇاپو 1832ع ۾ آيو. شاهنامي جو نه فقط انگريزيءَ ۾ پر ٻين به ڪيترن ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، انگريزيءَ ۾ ته ڪيترن ئي ڪيو آهي. هن ۾ ڪيترن ئي ايراني شهنشاهن جون ڪهاڻيون ۽ تعريفون آهن _ شروع جي آتش پرست، يوناني ۽ آخر ۾ ايران تي عربن جي سوڀ تائين.
فردوسي پاڻ مسلمان هو پر هن پنهنجي وطن فارس (ايران) جي ۽ ان جي آتش پرست بادشاهن جي به تعريف ڪئي آهي، جيئن اسان وٽ ڪيترا عربن کي ڌاريون سمجهي، هو سنڌ جي حملي ۾ راجا ڏاهر جو پاسو کڻن ٿا، تيئن فردوسيءَ عربن جي حملي ۾ ايران جي آتش پرست رستم جو بيان لکيو آهي. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ايران فتح ٿيڻ کان اڳ ايران جي سلطنت، رومن سلطنت وانگر دنيا جي هڪ طاقتور سلطنت هئي. تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي خيال کان ايراني بيحد مٿانهان هئا. انهن جي مقابلي ۾ عرب قوم ته ڪجهه به نه هئي، پر پوءِ اسلام اچڻ بعد عرب هڪ اهڙي طاقتور قوم ٿي وئي جو دنيا جون وايون بتال ٿي ويون.
عربن ايران تي حملو ڪيو، رستم ۽ هن جي لشڪر عربن سان آخري لمحي تائين مقابلو ڪيو. آخر ۾ رستم کان سندس خنجر به ڇڏائي ويو. هو هٿين خالي، هڪ هٿ ۾ ڍال جهلي عربن سان وڙهندو رهيو. رستم ۽ هن جي ٽولي ان حالت ۾ به ڪيترائي عرب ماري رکيا، پر پوءِ آخر ۾، فردوسي لکي ٿو، اسانجي هيرو جي تقدير ۾ هار لکيل هئي ۽ هن کي پنهنجي وطن ايران لاءِ قربان ٿيڻو هو. عرب هن کي چوڌاري ورائي ويا ۽ اسانجي ايران جي عظيم هيرو کي قتل ڪري ڇڏيائون.
فردوسي پنهنجي شعرن جي مجموعي شاهنامي ۾ لکي ٿو ته جڏهن ايرانين جي کٽڻ جي اميد نه رهي، ته عرب جنرل سعيد ابن ابي وقاص ايراني هيرو رستم کي آڻ مڃڻ جو حڪم ڏنو پر جواب ۾ هن وراڻيو:
”ز شير شتر خوردن و سوسمار
عرب را بـهه جايي رسيد است کار
کـهه تخت کيان را کند آرزو
تفو بر تو اي چرخ گردون تفو“
(اٺ جو کير پيئندڙ ۽ ڳوهه جو گوشت کائيندڙ عربن کي ڪهڙي مجال ٿي جو انهن ايراني شهنشاهه ڪياني جي تخت هٿ ڪرڻ جي جرئت ڪئي. اي آسمان ٿڪ ٿي، اي آسمان ٿڪ ٿي)
فردوسيءَ جي شاهنامي جو اهو مٿيون شعر ڏاڍو مشهور آهي. مون فقط انگريزيءَ ۾ ئي ڪيترا ترجما پڙهيا هوندا. هڪ آهي.
From eating camel milk & lizard,
Arab got so bold, that now,
They dream of capturing the kiani crown,
Fie on you, o fate! Fie on you.
سائين ڇا ٿو چئي سگهجي! قدرت هنن اُٺ جو کير ۽ ڳوهه کائڻ وارن جا ڀاڳ ڀلا ڪيا ته ايران (فارس) ۽ روم ته ڇا – هُو موراڪو، فرانس، اسپين ۽ پورچوگال جا حاڪم ٿي ويا. انگريزن ته انڊيا تي 300 کن سال حڪومت مس ڪئي، عربن ته آئيبيريا، جبرالٽر، غرناطا ۽ قرطبا تي 700 سال حڪومت ڪئي! مٿئين فارسي شعر جي هڪ ٻئي انگريز هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
From drinking camel milk & eating desert lizard,
The Arabs fortune has reached the point,
That he wishes for the Persian Crown
عربن کي ڪو چريو کريو ڀلي کڻي سمجهي پر عربن پنهنجي ملڪن کي، ويندي دبئي جهڙن رڻ پٽن کي هنن يورپ جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي – سونهن سوڀيا ۾ به ته امن امان ۾ به. اها ڳالهه اسان جي ليکڪ شبير شر کي به حيرت ۾ وجهيو ٿي ڇڏي ته ايئن ڀلا ڇو آهي.... پر پوءِ پاڻ ئي ان جو جواب ٿو ڏئي ته اهو ان ڪري آهي جو ”هتي قانون جي حڪمراني آهي“ ۽ هڪ ٻئي هنڌ يورپ جي ٿڌن ملڪن، عرب دنيا جي گرم ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ڪندي لکي ٿو ته:”يورپ به ڏٺو جيڪو رنگا رنگ گلن ۽ وڻن واري سڳنڌ ڀري دنيا هئي، هاڻ وري هي رڻ پٽ دوزخ جهڙا گرم ملڪ پيا ڏسون ته ڇا ته مزيدار ۽ پرسڪون دنيا جا ٽڪرا آهن.... بس اسان وٽ سڀ ڪجهه آهي، رڳو قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ وارا حڪمران اچن ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. اسان به يورپ ۽ وچ اوڀر کان مٿي نه ٿياسون ته انهن جهڙا ضرور ٿي وينداسون...“ ۽ پوءِ حسرت ڪري ٿو:”ڪاش! اسان وٽ شيخ محمد راشد جهڙا حڪمران اچن. جاهل، مفاد پرست ۽ ڪرپٽ حڪمرانن مان قدرت الائي جي ڪڏهن اسان جي جان ڇڏائيندي...“ ان قسم جون خواهشون، سڌون ۽ دعائون اسان جا ٽوئرسٽ ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ به گهمي ڪن ٿا ته اسان کي ڪو ”مهاتير محمد“ يا ”لي ڪئان يو“ جهڙو ليڊر ملي وڃي. اها حقيقت آهي ته ملڪن کي انهن جا حاڪم، ليڊر، سياستدان ٺاهين ٿا، آئون به سڄي زندگي اهو ئي ڏسندو اچان. ڪنهن زماني ۾ ٺڳ، چور ۽ دو نمبري ملڪ سنگاپور ڪيئن ”لي ڪئان يو“ جهڙي ليڊر جي اچڻ سان ٺيڪ ٿي ويو. ڪيئن مائوزي تنگ چين جهڙي نشئي موالي ملڪ کي دنيا جو هڪ طاقتور معاشي ملڪ بڻائي ڇڏيو.
منهنجي اکين اڳيان 1960 واري ڏهاڪي جو دبئي ٿو ڦري، جڏهن اسان جو جهاز لبنان مان سامان کڻي دبئي پهتو هو. اهو ڀٽ شاهه ۾ لڳندڙ ميلي وارن ڏينهن جي عارضي بازارن جو ملڪ هو. دڪاندار قطار ۾ پٽ تي بوڇڻ وڇائي ان تي قيمتي واچون، ڪئميرائون، ڪپڙا وڪڻي رهيا هئا. نماز جي ٽائيم تي سامان جيئن جو تيئن ڇڏي ويا ٿي. ڪجهه مهينن بعد جڏهن وري جهاز دبئي وٺي آيس ته مون پنهنجي حيرت جو اظهار مڪاني عرب سرڪاري آفيسر سان ڪيو. هن ٻڌايو ته ان جو سبب اهو آهي جو اسان کي انگريزن کان آزادي ته ملي وئي آهي ۽ سڀ ادارا اسان جا عرب هلائين پيا پر پوليس ۽ جوڊيشري ۾ اسان اڃان انگريزن کي ئي رکيو ويٺا آهيون ته اهي قائم رکن ۽ ساڳي سختي ۽ امن برقرار رکن _ جيئن اسان مان ڪو ڇڙواڳيءَ ڏي مائل نه ٿئي _ جيسين اسان آزاديءَ کي سمجهون ۽ سڌرون.
منهنجو والد گل محمد شيخ جيڪو انهن ڏينهن ۾ ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ مون وٽ ملائيشيا گهمڻ لاءِ آيو هو. ان اها ئي ڳالهه ملائيشيا جي رٽائرڊ پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان کان پڇي هئي ته ملائيشيا هڪ جهنگلن جو ملڪ آهي، جتي توهان وٽ آزادي ملڻ وقت چيني ڏوهاري ۽ ڪميونسٽ ٺڳن جو واسو هو، اتي توهان هن ملڪ کي ههڙو امن امان وارو ملڪ ڪيئن بڻائي ڇڏيو؟ تنڪو صاحب جو اهو ئي جواب هو ته:”وزيراعظم ٿيڻ سان مون ملڪ جي هر اداري کي مضبوط رکيو پر ٻن ادارن تي وڌيڪ ڌيان ڏنم، هڪ پوليس کاتو جنهن ۾ هر ماڻهو سختي سان ميرٽ تي رکيم ۽ انهن کي بهترين سهولتون ڏنم، جيئن هن کي ڪو وڏيرو، جاگيردار، ڪارخانيدار وغيره متاثر ڪري خريد ڪري نه سگهي. ۽ ٻيو تعليم جو کاتو. هڪ هڪ استاد ميرٽ تي رکرايم ۽ جهنگلن ۾ به اسڪول کولرائي انهن مان هر هڪ تي نظر رکيم ته اسانجو هر ٻار تعليم حاصل ڪري رهيو آهي يا نه. ڏوهن جي معاملي ۾ ڪنهن کي به ڇوٽ نه ڏنم، چاهي امير هجي يا غريب. ڪنهن هاريءَ جو پٽ هجي يا وڏيري، پير سلطان جو. نتيجو اهو نڪتو جو اڄ هر هڪ سمجهي ٿو ته هن ملڪ ۾ رهڻو آهي ته فضيلت سان رهڻو پوندو، ڪا نوڪري حاصل ڪرڻي آهي ته صحيح طرح تعليم حاصل ڪري پوءِ اها ماڻي سگهجي ٿي، هن ملڪ ۾ دنگو، فساد، گارگند ڪرڻ واري لاءِ ڪا جاءِ ناهي، ڀلي هُو ڪنهن وزير، سياستدان، فوجي جنرل يا ٽائڪون (دولتمند) جو پٽ هجي.
دراصل ٻين ملڪن جي سڌريل هجڻ پٺيان به ساڳي فلاسافي آهي، اسان جي ملڪ جا چور سياستدان، رشوتي ڪامورا ۽ ڊاڪو لٽيرا ملڪ کي ڦري ان دولت سان هو انگلينڊ، ڪئناڊا، ملائيشيا، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ محل ماڙيون اڏيو وٺن پر هنن کي ان هوندي به اتي مزو نٿو اچي، جو اتي قاعدي قانون جي سختي آهي. هو هر وقت پنهنجي ملڪ جو رُخ اختيار ڪندا رهن ٿا، ڇو جو هِتي پوليس هنن جي کيسي ۾ رهي ٿي، جيئن جنهن کي وڻين تنهن کي هو اغوا ڪرائين، قتل ڪرائين، جنهن جي وڻين ان جي نياڻي ڀڄائين... هنن جو ڪو نالو وٺڻ وارو ناهي. پئسو ڏئي هر ڏوهه ۾ ڇٽيو وڃن ٿا پر ٻاهرن ملڪن ۾ هنن کي معمولي ڏوهه جي به سزا ڀوڳڻي پوي ٿي. ملائيشيا ۾ پنهنجي ملڪ جي هڪ رئيسزادي کي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ڏٺم، جنهن، شايد نشي جي حالت ۾، رات جو ٻارهين بجي پنهنجي فلئٽ جي در وٽ زور زور سان مهمانن سان ڳالهائي ٻين فلئٽ وارن کي ڊسٽرب ڪيو هو. خون جي ڪيس مان به ڇٽندڙ اسان جي جاهل وڏيرن جي کريل ٻارن وانگر هي به آخر تائين اهو سمجهندو رهيو ته زور زور سان ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي. پر پوءِ جج جڏهن هن کي ڌارئين ملڪ جو سمجهي هن کي 15 ڏينهن جيل ۾ رهڻ جي گهٽ سزا ڏني ته پوءِ هن جي ۽ هن جي ٻين لوفر دوستن جي اک کلي ته اهي ٽِٽَ مستيون، هُو فقط پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪري سگهن ٿا.
اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي هڪ ڪتي جي تصوير ڏاڍي وائرل آهي، جيڪو سڄو سونن ڳهن سان جهنجهيل آهي. سندس ڳچي ۾ ته ڳرا ڳرا هار آهن پر پيرن ۽ ٽنگن ۾ به سون جون ٿلهيون پوئنچيون اٿس. هُو ٻڌائي ٿو ته هُو دبئيءَ کان آيو آهي. اسان جي ديس جا غريب ڪتا هن امير ڪتي کي حسرت وارين نگاهن سان ڏسن ٿا ته هُو دبئي کان ڇو آيو آهي. پڇڻ تي دبئيءَ جو ڪتو کين ٻڌائي ٿو ته:”اتي صاف سٿري هوا ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي هو، ٽي وقت ماني ۽ ٻيو سک هو. پر ...“ ”پر ڇا؟“ پاڪستاني ڪتا حيرت مان هن کان پڇن ٿا. جنهن جي جواب ۾ دبئيءَ کان موٽي آيل ڪتو ٻڌائي ٿو ته...”پر اتي ڀونڪڻ جي آزادي نه هئي، جيڪا هتي آهي“.
سو اسانجا سياستدان، ڪامورا وغيره جيڪي هتان غريبن جون پئسو لٽي ٻاهر وڃي بنگلا، محل ماڙيون اڏين ٿا انهن کي اتي به مزو نٿو اچي جو هنن کي اتي ڀونڪڻ جي – يعني ڪڌا ڪم ڪرڻ جي آزادي نٿي ملي. اهو اسانجو ملڪ آهي، جتي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪرڻ تي پوليس کين جهلي ٿي ته به وڪٽري (سوڀ) جي نشاني ٺاهين ٿا. هنن کي پڪ آهي ته هنن جو پئسي وارو يا سياستدان پيءُ پئسي يا طاقت جي زور تي هنن کي بچائي وٺندو ۽ جيڪي چند ڏينهن جيل جي کوليءَ ۾ رهڻو پوندو، ان ۾ به ايئرڪنڊيشن ۽ ٽي وي هوندي. ويلي ويلي تي مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي تان ماني ايندي... مطلب ته جيل ۾ به هنن لاءِ گهر جهڙو عيش هوندو.
بهرحال اهي ته ٿيون ڏکويل ڏکويل دل جون ڳالهيون، جيڪي شبير شر جهڙو هر محب وطن ٽوئرسٽ پرديس ۾ محسوس ڪري غمگين ٿيو وڃي ۽ پڙهندڙ به ڊپريشن ۾ هليو وڃي. پر وري به شاباس هجي ٻروچ کي جو رکي رکي ڪا اهڙي ڳالهه ڪريو وجهي، جنهن سان هُو پنهنجي مغموم دل کي به بهاري ڏيارو ڇڏي ته اسان پڙهندڙن کي به کلايو وجهي. سندس هيءَ ڳالهه، مونکي پڪ آهي ته سالن تائين پڙهندڙن کي ياد رهندي ۽ کلائيندي رهندي.
” .....اسان ڪافي شاپ ۾ اچي ويٺاسين. ساگر جي چوڻ ته ڪافي شاپ جي نوجوان شيدياڻي اسان لاءِ بِنا ڪِريم جي ڪاري ڪافي کڻي آئي. ساگر مزي سان پيئڻ لڳو. مون ٽوهه جهڙي ڪڙي ڪافيءَ جو ڍڪ ڀريو، هُوءَ به مٿان بيٺي هئي. چيومانس:’تون ته اهڙي نٿي لڳين‘ ... چيائين: ’هُن تنهنجي دوست مون جهڙي نه پر منهنجي رنگ جهڙي چئي‘. پاڻ سان گڏ آندل بسڪٽ رکي چيائين: ’هي کاءُ! هي بلڪل مون جهڙا آهن‘. بسڪٽن جو رنگ به ڪافيءَ جهڙو ڪارو هو. چيومانس: ’تو جهڙي ڪافيءَ ئي سر وڃائي ڇڏيو آهي‘. کلي چيائين: ’ڪافي منهنجي صرف رنگ جهڙي آهي، هي بلڪل مون جهڙا آهن.... ٻاهران ڪارا، اندران ماکي‘. مون هڪ بسڪٽ کاڌو ته ان ۾ ڪِريم ۽ ڪسٽرڊ جو مزو هو ۽ ڏاڍا مٺا هئا. مون چيو: ’چئبو ته تون اهڙي مِٺي آهين...!‘ ان تي هن وڏو ٽهڪ ڏنو. ڏاڍي خوش مزاج مائي هئي. شيخ اياز يا امداد حسيني هجي ها ته ڇا ته قهر جو نظم يا غزل لکي ها....“
شيخ اياز لکي ها يا نه، پر پڪ اٿم ته امداد حسيني ۽ تاج بلوچ جهڙا عاشق مزاج شاعر ضرور لکن ها.
شبير شر جي هن سفرنامي جو ٻيو حصو ”ڪوه قاف جو سفر“ آهي، ننڍي هوندي اسان ڏاڏين نانين کان اهو ضرور ٻڌندا هئاسين ته ڪوه قاف خطرناڪ جبل آهي، جتي جن ۽ پريون رهن ٿيون ۽ هنن کان اڪثر هن قسم جي ڪهاڻي ٻڌبي هئي ته هڪ بادشاهه جي ڌيءَ پنهنجي محل جي ڇت تي چهل قدمي ڪري ٿي يا شايد وهنجڻ بعد وار سڪائي ٿي (جو انهن ڏينهن ۾ نه هئي اليڪٽرسٽي ۽ نه هيئر ڊرائر) ته هڪ ديوَ جي هن تي نظر پوي ٿي، جيڪو هن تي عاشق ٿي پوي ٿو ۽ کيس کڻي ڪوه قاف تي قيد ڪري ڇڏي ٿو. بادشاهه سلامت مختلف ملڪن جي شهزادن کي ان مهم تي لڳائي ٿو ته جيڪو ڪوه قاف تان هن جي ڌيءَ کي ديوَ کان آزاد ڪرائي ايندو، ان سان هُو پنهنجي شهزاديءَ جي شادي ڪرائيندو ۽ مال ملڪيت جو اڌ حصو هن حوالي ڪندو.
هڪ نيڪدل شهزادو به ان مهم تي روانو ٿئي ٿو، رستي تي هن جي ملاقات هڪ بزرگ سان ٿئي ٿي، جيڪو هن جي نيڪدليءَ ڪري هن کي هڪ مُنڊي ڏئي ٿو، جنهن جي طاقت ذريعي هُو يڪدم ڪوه قاف جبل تي پهچي هن ظالم ديوَ کي قتل ڪري ٿو ۽ هن جي قيد مان شهزاديءَ کي آزاد ڪري واپس وطن وٺي اچي ٿو. اهڙي طرح شهزاديءَ جي شادي هن شهزادي سان ٿي وڃي ٿي. ان قسم جون ڪهاڻيون توهان پڪ سان ڪجهه وڏا ٿي ٻارن جي ڪتابن ۽ رسالن ۾ به پڙهيون هونديون پر توهان کي به مون وانگر ان عمر ۾ اها خبر نه هجي ته اهو ڪوه قاف ڪٿي آهي. ڪيترن کي ته شايد اڄ به خبر نه هجي ته ڪوه قاف يعني قاف نالي جبل حقيقت به رکي ٿو يا نه. اهو فقط هڪ خيالي جبل آهي، جتي پهچڻ لاءِ ڪنهن درويش کان جادوءَ جي منڊي حاصل ڪرڻ ضروري آهي. پر شبير شر جي هن سفرنامي مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو جبل نه فقط هن ڌرتيءَ جي گولي تي موجود آهي پر اتي جادوءَ جي منڊيءَ بنا به پهچي سگهجي ٿو – گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ليکڪ شبير شر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سندس ڪليگ وڪيل جاويد مير شيخ کي هڪ لک ويهه هزار روپيا موڪلي ڪوه قاف جي ايئر ٽڪيٽ بڪ ڪرائي، جنهن ۾ اتي هفتو ڏيڍ رهائش ۽ ماني ٽڪيءَ جو خرچ پڻ شامل هو. جاويد مير جو نالو پڙهي سندس والد مير محمد شيخ وڪيل ۽ ايڊيوڪيشن سان تعلق رکندڙ سندس چاچو نيڪ محمد ياد اچي ويو، جيڪي ننڍي عمر ۾ اسان کان جدا ٿي ويا. نيڪ محمد سان منهنجي ۽ تاج بلوچ جي ملاقات شيخ اياز جي فلئٽ تي يا منهنجي جهاز تي ٿيندي هئي. کيس سنڌ جي تعليمي نظام جو وڏو فڪر رهيو ٿي ۽ اسان جي ڪچهرين جو موضوع به اهو ئي هوندو هو. مير محمد صاحب سان سندن گهر تي، ملڪ جي سياست تي خبرچار ٿيندي هئي. هُو ذوالفقار ڀٽو صاحب جي تمام ويجهو هو. سندس گهر هڪ دعوت ۾ - ٿي سگهي ٿو جاويد مير جي شادي هجي يا ڪو ٻيو ڪاڄ، منهنجي ان دعوت ۾ آيل بيگم نصرت ڀٽو سان به تفصيلي خبرچار ٿي هئي.
بهرحال هتي پاڻ ڪوه قاف جبل جي ڳالهه پئي ڪئي، منهنجي خيال ۾ هتي مونکي ’جبل‘ لکڻ نه کپي جو ڪوه قاف ۾ ڪوه لفظ جي معنيٰ ئي جبل آهي، پر ٺهيو. اسان ڪڏهن ڪڏهن ”آبِ زم زم“ جو پاڻي يا ”سنگِ مر مر“ جو پٿر به چئي ويندا آهيون. ڪوه قاف کي لوڪ ڪهاڻي ۾ پريستان (Fairy land) به سڏين ٿا. عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ هي جيل قفقاز جبل سڏيا وڃن ٿا ۽ انگريزي ۾ Caucasus Mountains. هي جبل ڪٿي آهن يا ڪهڙي ملڪ ۾ آهن؟ هي ڪو جپان جي فيوچي جبل جيڏو ناهي جو هڪ هنڌ بيهي هن جي اڳيان فوٽو ڪڍرائي وٺجي. ڪوه قاف يعني قفقاز جبلن جي قطار آهي جيڪا Greater Caucasus Mountain Range به سڏجي ٿي. هيءَ يورپ پاسي بحراسود (Black Sea) تائين 1200 ڪلوميٽر آهي ۽ ويڪر ۾ 160 ڪلوميٽر تائين به وڃي ٿي. ياد رهي ته اها جبلن جي قطار آهي ان ۾ ڪيترائي ناليرا جبل آهن، جيئن اسان وٽ هماليا جبلن جي قطار آهي، جنهن جي جبل ايوريسٽ جي سڀ ۾ اتاهين چوٽي آهي، تيئن هن ڪوه قاف جبلن جي قطار ۾ البروس (Elbrus) جبل جيڪو يورپ کنڊ ۾ اچي ٿو، اهو سڀ ۾ اتاهون 5642 ميٽر آهي. ياد رهي ته دنيا ۾ جيڪي ست سڀ کان اتاهان جبل آهن انهن ۾ هي پنجين نمبر تي آهي. پهرين نمبر تي ايوريسٽ جبل جي چوٽي 8850 ميٽر آهي، جنهن جي هڪ پاسي نيپال آهي ته ٻئي پاسي چين آهي. تيئن البروس جبل جي ٻنهي پاسي روس آهي. البروس جبل ذري گهٽ تنزانيه جي ڪِلِيمنجارو (Kilimanjaro) جبل جيڏو آهي، جيڪو 5895 ميٽر آهي ۽ جنهن جبل نالي ارنيسٽ هيمنگوي جو مشهور ناول پڻ آهي.
ڪوه قاف جبلن جي هڪ قطار روس ۾ اچي ٿي، جيڪا اتر قفقاز سڏجي ٿي ٻي ان جي سڌائيءَ ۾ ڏکڻ قفقاز آهي، جيڪا جارجيا، آرمينيا ۽ آذر بائيجان ملڪن مان لنگهي ٿي. يعني ڪوه قاف جبلن کي ڏسڻ لاءِ توهان انهن مٿين ملڪن مان ڪنهن به هڪ ملڪ ۾ وڃي سگهو ٿا. اسانجو ليکڪ شبير شر ڪوه قاف لاءِ ازبڪستان جي گاديءَ واري شهر تاشقند مان ٿي آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪوءَ ۾ اچي ٿو. باڪو جو شهر گهمڻ بعد هو وري ازبڪستان اچي ٿو، جتي جا ٻه ٻيا تاريخي ۽ مشهور شهر ثمر قند ۽ بخارا به گهمي ٿو. اڄ ڪلهه اسان جنهن ملڪ چيچنيا جون خبرون پڙهون ٿا، اهو به هن جبلن جي قدمن ۾ روس پاسي آهي ۽ هو صدين کان روس کان پنهنجي الڳ شناخت رکيو ويٺو آهي. هنن جبلن Caucasus Mountain جو ”ڪوه قاف“ نالو اسان وٽ ڏکڻ ايشيا ۽ ايران عربستان ۾، يارهين صديءَ جي شروع ۾ ايران جي شاعر فردوسيءَ مشهور ڪيو، جنهن هنن جبلن قفقاز (Causcasus) کي پنهنجي شاهنامي ۾ ڪوه قاف بيان ڪيو آهي.
هي علائقو جيڪو بحراسود کان ڪئسپين سمنڊ تائين وارو آهي – يعني آذربائيجان، جارجيا، آرمينيا، چيچنيا، روس جو حصو، ويندي ”داغستان“ قفقاز Causcasia سڏجي ٿو ۽ ان ۾ ڪئين يورپ ۽ ايشيا جون سهڻيون سهڻيون قومون رهن ٿيون. ڪوه قاف جبلن جي قطار به عن علائقي ۾ آهي. ڪوه قاف جبلن تي پريون هجن يا نه پر هنن جبلن جي قدمن ۽ ماٿرين ۾ رهندڙ پرين جهڙيون سهڻيون عورتون اڄ به دنيا جي ماڻهن کي موهيو رکن. اڄ کان صديون اڳ ايندڙ اسان جا سنڌ ورڪي به هن پاسي جي هنڌن بلخ، بخارا ۽ ثمرقند جي جاوا، لنڪا، بنگال ۽ چين کان وڌيڪ تعريف ڪن ٿا. وچ ۾ USSR ٿيڻ ڪري سياحت تي سختي ٿي وئي هئي، پر روس جي ٽٽڻ بعد سڄي دنيا جي ماڻهن هن پاسي جو رخ رکڻ شروع ڪيو آهي. خاص ڪري آذربائيجان ڏي! سو اسان جي ليکڪ شبير شر کي به سندس گائيڊ صحيح جاءِ تي وٺي آيو هو.
آذربائيجان جيتوڻيڪ ڪو وڏو ملڪ ناهي، پکيڙ ۾ سنڌ صوبي جي اڌ کان ٿورو کڻي وڏو ٿيندو. سنڌ جي ايراضي 141000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آذربائيجان سڄي ملڪ جي 86،600 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ سڄي ملڪ جي آدم شماري فقط هڪ ڪروڙ آهي – يعني ڪراچي شهر جي آدم شماريءَ جي اڌ جيتري ... پر بيحد خوشحال ملڪ آهي. ڳوٺ جو ماڻهو به اڇو اجرو ۽ اوچي پوشاڪ ۾ نظر ايندو. هن ملڪ جي خوشنصيبي چئجي جو شروع ۾ واپار وڙي مان خوب ڪمائيندو هو. سڄي دنيا جا واپاري اچي هتي گڏ ٿيندا هئا. اسان جي سنڌي هندو سنڌ ورڪين جون به باڪوءَ ۾ صدين کان واپاري ڪوٺيون هيون. ايتري قدر جو هنن جو هڪ آڳاٽو مندر پڻ آهي جو 1745ع کان به اڳ ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي هنن ۽ ٻين انڊين واپارين جو ٺهرايل چيو وڃي ٿو. هن کي مقامي ماڻهو ”آتشگاهه“ سڏين ٿا اهو ائين آهي جيئن ڪو انگريز جنهن کي خبر نه هجي ته مسلمانن جي عبادت گهر کي ڇا سڏبو آهي. اهو اسان جي مسجد کي مسلمانن جو چرچ يا ٽيمپل سڏيندو. سو هن پاسي جڏهن اڃان اسلام يا عيسائيت نه آئي هئي ته مڪاني ماڻهو آتش پرست هئا، جيڪي پنهنجي عبادتگاهه کي آتشڪده سڏيندا هئا. سو جڏهن انڊين هتي عبادت گهر (مندر) ٺهرايو ته مڪاني ماڻهو ان کي به آتش گاهه Atashgah سڏڻ لڳا – يعني انڊين جو آتش گاهه. اسانجي ليکڪ شبير شر کان اهو مندر ۽ باڪوءَ جو مشهور بندرگاهه ڏسڻ رهجي ويل ٿو لڳي. باڪوءَ جو بندرگاهه ڏسڻ وٽان آهي. بنا ڪنهن شڪ جي باڪو نه فقط آذربائيجان جو وڏو ۽ سهڻو بندرگاهه آهي پر هن سمنڊ Caspian جي ڪناري تي جيڪي به ايران، قزاقستان، روس، آذربائيجان ۽ ترڪمنستان ملڪ آهن انهن جي سڀني بندرگاهن کان گهڻو گهڻو سهڻو ۽ رونق وارو آهي. توهان کي جي انهن ملڪن جي عورتن جي سونهن ۽ ويس وڳا ڏسڻا آهن ته باڪو بندرگاهه ۾ آيل مسافر بردار جهاز مان لهندڙ ٽوئرسٽن کي ڏسو. باقي ملڪن جا ماڻهو هوائي اڏي تي ئي ڏسي سگهو ٿا. اهو ان ڪري جو آذربائيجان جي بندرگاهه ۾ مٿين ملڪن کان علاوه ٻين ملڪن جو جهاز اچي نٿو سگهي. مٿين ملڪن جي به فقط انهن بندرگاهن جو جيڪي هن سمنڊ ڪئسپين (بحر قزوين) جي ڪناري تي آهن، جيئن ته ايران جو راشت، قزاقستان جو آق تاو (Aktaw)، روس جو مخاچ قلعهه (Makhach Kala) يا ترڪمنستان ملڪ جو بندرگاهه ترڪمن باشي (Turkmanbasy) . بندرگاهن جي نالن مان توهان کي پنهنجائي محسوس ٿيندي، جو روس هجي يا ترڪمنستان – ڪئسپين سمنڊ جي چوڌاري علائقن ۾ فارسي ۽ ترڪي ٻولي هلي ٿي. ان ڪري روس جي بندرگاهه جو نالو نه فقط مٿين ٻولين جو مڪسچر لڳي ٿو پر هن بندرگاهه مخاچ قلعي ۾ نوي سيڪڙو مسلمان رهن ٿا ۽ هي روس جي صوبي داغستان جي گاديءَ جو شهر آهي. حج ۽ عمري دوران توهان کي ڪيترائي داغستان جا روسي مسلمان مڪي، مديني ۽ مِنا جي رستن تي تسبيون، رومال، ٽوپيون ۽ ٻيون شيون وڪڻندي نظر ايندا. مخاچ قلعي شهر جي ”مخاچ قلعه جامع مسجد“ هن تر جي مشهور ۽ وڏي مسجد آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت 17000 ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. هن بندرگاهه کان ٿورو اڳتي يورپ جي وولگا ندي ڇوڙ ٿي ڪري ۽ ان جي ڇوڙ کان ٿورو پهرين، جيئن سمجهو ته ڪيٽي بندر يا سجاول وٽ روس جو هڪ ٻيو واپار کان مشهور ۽ آڳاٽو دريائي بندرگاهه استراخان (Astrakhan) آهي جيڪو سکر روهڙي وانگر وولگا نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي آهي. هونءَ شبير شر جي پڙهندڙن مان ڪنهن کي وقت ۽ همت ٿئي ته آذربائيجان (باڪو) وڃڻ وقت ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن جي ويزا پڻ وٺي وڃن ۽ باڪوءَ مان پاڻي واري جهاز ذريعي انهن ملڪن جي مٿين بندرگاهن کي ضرور ڏسن. ايران کي بندرگاهه ته گهڻييئي آهن، جيئن ته:ابادان، احواز، بندر عباس، بشير، بندر امام خميني، ڇابهار، خرم شهر وغيره پر باڪو بندرگاهه مان فقط ايران جي راشت بندرگاهه وڃي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ايران جي ٻن ٻين ننڍن بندرگاهن: بندر انزلي (جيڪو امام خمينيءَ جي انقلاب کان اڳ بندر پهلوي سڏيو ويو ٿي) ۽ بندرگاهه ترڪمن ۾ به وڃي سگهجي ٿو، جيڪي پڻ ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهن. باقي ڪو چاهي ته باڪو بندرگاهه کان پاڻي واري جهاز ذريعي بندر عباس وڃان يا ڪراچي ... يا ممبئي ۽ عدن کان جهاز رستي باڪو پهچان، اها ناممڪن ڳالهه آهي. ڇو جو ڪئسپين سمنڊ ۾ فقط اهي جهاز هلي سگهن ٿا، جيڪي اتي ٺهن ٿا. اهي اتي جي ئي بندرگاهن جي وچ ۾ هلي هلي مريو کپيو وڃن. يعني جهونا ٿيڻ تي انهن کي اتي ئي اسڪرئپ ڪيو وڃي ٿو يعني ٽڪرا ٽڪرا ڪري باڪو، راشت، آق تاو جهڙن شهرن جي لوهه جي ڪارخانن جي بٺين ۾ ڳاريو وڃي ٿو. ڀلي ڪراچي يا ممبئي جي اسڪريپ يارڊن ۾ پراڻن جهازن جو اگهه وڌيڪ هجي.
ڪيترا پڙهندڙ جيڪي ڪئسپين سمنڊ (بحر قزوين) کان اڻ واقف آهن. اهي حيرت کائيندا هوندا ته ايئن ڀلا ڇو آهي. اهو ان ڪري جو ڪئسپين سمنڊ هڪ کاري پاڻيءَ جي وڏي ڍنڍ مثل آهي – يعني ڍنڍ وانگر هن سمنڊ جي چوڌاري زمين آهي، ان ڪري ان مان نڪري نٿو سگهجي. دنيا ۾ پنج وڏا سمنڊ (Ocean) ۽ سوين ننڍا سمنڊ (Sea) آهن. انهن مان ڪيترا ته هڪ ٻئي سان ايئن مليا پيا آهن جو خبر ئي نٿي پوي ته ڪهڙو ڪٿي ختم ٿيو ۽ ڪٿان شروع ٿيو. مثال طور اسان وارو عربي سمنڊ جيڪو ڪئسپين سمنڊ جي تقريبن ڏهوڻ جيڏو آهي (عربي سمنڊ 3،862،000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڪئسپين سمنڊ 371،000 چورس ڪلوميٽر آهي) ۽ پاڪستان ايران کان انڊيا جي اولهه واري ڪناري تائين ۽ ٻئي پاسي ”لکديپ ٻيٽن“ ۽ سوماليا تائين آهي، اهو سوين ڪلوميٽرن تائين هندي وڏي سمنڊ سان مليل رهي ٿو. اهڙي طرح هندي وڏو سمنڊ ميلن تائين ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان مليل رهي ٿو. ڪي سمنڊ ڪئسپين سمنڊ وانگر ٽپ يا کڻي چئجي ته تغاريءَ مثل ضرور آهن پر اهي به ڪنهن هڪ هنڌ يا ٻن هنڌن تي سوڙهي گهٽيءَ ذريعي ٻين سمنڊن سان ملن ٿا. جيئن ميڊيٽرينين سمنڊ (ڀؤنچ سمنڊ) جو پاڻي جبرالٽر ڳچي سمنڊ (strait) وٽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ سندس ليول ۽ کاراڻ برابر ٿيندي رهي ٿي. اهڙي طرح بحر اسود (ڪارو سمنڊ) به بلڪل حوض مثل آهي پر باسفورس واري سامونڊي گهٽِيءَ ذريعي نه فقط ڀؤنچ (Mediterranean) سمنڊ جو پاڻي پر انهن سمنڊن جا جهاز به ايندا ويندا رهن ٿا پر ڪئسپين سمنڊ جي بيهڪ مختلف آهي. سندس ڀر ۾ نه ڪو ٻيو سمنڊ آهي ۽ نه ان کي ملائڻ واري ڪا سامونڊي گهٽي. سندس چوڌاري مختلف ندين مان – خاص ڪري يورپ پاسي واري روس ۾ ڇوڙ ڪندڙ وولگا نديءَ ۾ ستر سيڪڙو ۽ ٻين اورال ندي، ڪورا ندي ۽ تيريڪ نديءَ مان ٿورو گهڻو پاڻي هن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ ڪري ڪئسپين سمنڊ ۾ پاڻي رهي ٿو پر هاڻ ڏينهون ڏينهن جتي ڪٿي آدم شماري وڌڻ ۽ ان سان گڏ پوک جو ڪم وڌڻ ڪري ڪئسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ نديون وڃن سُڪنديون، جيئن اسان وٽ سنڌو نديءَ جو حال آهي. سمنڊ جو پاڻي ٻاڦ ٿيڻ تي ان جي ليول ته گهٽبي وڃي پر کاراڻ وڌندي وڃي، جو گرمائش ڪري فقط نج پاڻي (H2O) ٻاڦ (evaporate) ٿئي ٿو. سوڊيم ڪلورائيڊ جهڙا لوڻ رهجيو وڃن. نتيجي ۾ ڪئسپين سمنڊ جو پاڻي زهر جهڙو کارو آهي. عام پاڻيءَ کان ٽيڻو کارو آهي ۽ ٻيو ته اهو عام پاڻيءَ کان تمام گهاٽو آهي. هونءَ به عام سمنڊن جي پاڻيءَ جي کاراڻ ڪري ان جي مٺي پاڻيءَ کان Density وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ هڪ ماڻهو جنهن کي سئمنگ پول ۾ ترڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، اهو سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ سولائيءَ سان تريو وڃي ۽ ڪئسپين سمنڊ ۾ ته هن کي هٿ پير هڻڻ جي به ضرورت ناهي. ان ڪري توهان باڪوءَ جي بِيچن (سامونڊي ڪنارن) تي ڪيترن ماڻهن کي فلوٽ ڪندي ڏسندائو. ڪيترا ته سمنڊ جي مٿاڇري تي پٺيءَ ڀر ليٽي اخبار پڙهندا نظر ايندا.
ڪنهن زماني ۾ جڏهن ندين جو فل ڇوڙ هو، هن سمنڊ جي پکيڙ تمام گهڻي هئي پر هاڻ ڏينهون ڏينهن سمنڊ جي ايراضي گهٽبي وڃي. ايتريقدر جو سؤ سال کن اڳ ڪناري تي لادعوا ڪيل جهاز اڄ خشڪيءَ تي بيٺا آهن. مون وٽ هڪ تصوير آهي، جنهن ۾ زمين ۾ ڦاٿل جهاز جي ڇانو ۾ ڪجهه اُٺ ويٺا آهن. هڪ ٻي ڳالهه ته سمنڊ جي چوڌاري جتي پاڻيءَ جي ليول ختم ٿيندي وڃي ۽ پاڻيءَ بدران گپ لڳي پئي آهي، اتي توهان کي ڪيتريون ئي بيوٽي ڪلنڪس يا بيوٽي پارلر نظر ايندا. چون ٿا ته ڪئسپين سمنڊ ۾ مختلف لوڻ ۽ ڪيميڪل هجڻ ڪري اها گپ انسان جي سونهن وڌائي ٿي. سو ڪيتريون عورتون – ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن کان به وڌيڪ يورپ جون، هنن سهڻو ۽ صحتمند ڪرڻ وارين ڪلنڪس ۾ علاج لاءِ اچن ٿيون. ڪي ته پاڻ ئي گپ جا لپا پنهنجي مُنهن کي يا سڄي جسم کي هڻي اتي ڪناري تي ڦرنديون رهن ٿيون، جيئن بئنڪاڪ مان وهندڙ چائو فريا نديءَ جي ڪناري تي ٿائي عورتون پنهنجي مُنهن کي چانورن جي اٽي يا ميٽ سان لپي، پاڻ پيون سُڪائينيديون آهن.
باڪوءَ ۾ توهان کي ڪيتريون بيوٽي ڪريمون ملنديون، جيڪي ڪئسپين سمنڊ جي گپ مان ٺاهيون ويون آهن. بلڪ خوشبو مليل نج گپ ئي هوندي آهي. بس اهي ئي شيون يا ڳالهيون آهن جن لاءِ شبير شر پنهنجي دبئي واري سفرنامي ۾ به لکيو آهي ته:”ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو“. هنن ملڪن جي خوش نصيبي آهي جتي جي گپ به انهن جو غير ملڪي ناڻو وڌائي ٿي. ڪو زمانو هو جو باڪو واپار وڙي کان خوشحال هو، اوسي پاسي جي دنيا جا- ويندي اسان جا سنڌي هندو واپار لاءِ هتي اچي رهيا ٿي. هاڻ ته پيٽرول ئي ايڏو نڪري ٿو جو ڳالهه ئي نه پڇو. دنيا جي تيل جو پنجون حصو آذربائيجان ٿو سپلاءِ ڪري. خاص ڪري باڪو شهر وارو علائقو جيڪو تيل جي ڪارخانن سان ڀريو پيو آهي. باڪو شهر ۾ توهان کي هر شيءِ مان پيٽرول جي بوءِ ايندي، هوا ۾ اها بوءِ، وهنجڻ جي پاڻيءَ ۾، ويندي هوٽل جي ڪمري ۾ وڇايل چادر مان به پيٽرول جي بوءِ اچي ٿي. اسان جي درويش ليکڪ شبير شر خبر ناهي ان ڳالهه جي دانهن ڇو نه ڪئي آهي! لڳي ٿو ٻروچ سڄو ڏينهن رلي پني، باڪوءَ جي ناچڻين جا ناچ ڏسي اهڙو ته ٿڪجي پيو ٿي، جو هن کي بستر تي ليٽڻ سان ننڊ کڻي وئي ٿي، نه ته هو اهڙو ڇڏڻ وارو ناهي. بهرحال اها ڳالهه آهي ته پيئڻ جي پاڻيءَ مان پيٽرول جي بوءِ نٿي اچي، جو پيئڻ جو پاڻي ٻهراڙيءَ مان ڪوه قاف جبلن جي چشمن جو، بوتلن ۾ بند ٿيل پاڻي استعمال ٿئي ٿو ۽ ڏٺو وڃي ته اهو ئي صحيح معنا ۾ ”مِنرل واٽر“ آهي.
ناچڻين جي ڳالهه تان اهو ياد آيو ته آذربائيجان 95 سيڪڙو مسلمان ملڪ آهي پر باڪوءَ جي نائيٽ لائيف دنيا جي ڏهن شهرن مان هڪ آهي. تڏهن ته ٻروچ هر هر دانهون پيو ڪري ته ڇو هتي ڪو ملون مولوي ڪونهي ڇا؟ هتي ڪو فتوائون ڏيڻ وارو ڪونهي ڇا؟
هونءَ آذربائيجان ۽ ازبڪستان ملڪ اسان کان ڪي ڏورانهان يا اسان لاءِ ڌاريان نه آهن. ڪجهه عرصي لاءِ يعني گذريل صديءَ ۾ ان تي روس جي قبضي ڪري انهن جي ماڻهن کي مذهب يا سماجي ڳالهين جي آزاديءَ جي سان گڏ کين ٻاهر نڪرڻ کان به روڪيو ويو ٿي. ساڳي وقت ڌارين کي انهن ملڪن ۾ گهڙڻ يا گهمڻ کان روس جي ڪميونسٽ حڪومت دل شڪستو ٿي ڪيو پر هاڻ روس USSR جي رياستن جي ٽٽڻ ڪري ڌارين ملڪن جي ماڻهن جي انهن ملڪن ۾ اهائي اچ وڃ شروع ٿي ويئي آهي، جيڪا روس جي قبضي کان اڳ هئي. اسان جي سنڌي هندو واپاريءَ لاءِ بلخ، بخارا، باڪو وغيره پهچڻ ممباسا، زنجبار يا بنگال کان به آسان هو. ان ڪري سنڌ کان ٻاهر سڀ کان گهڻيون سنڌي واپاري ڪوٺيون ازبڪستان ۽ آذر بائيجان پاسي هيون. پڇڻ تي هو چوندا هئا ته اهي ولايتون سڏ پنڌ تي ته آهن. هتان اتر طرف افغانستان پهچ ته پوءِ باقي پنڌ ئي ڪيترو آهي. دراصل هنن جي ڳالهه صحيح هوندي هئي. هوائي جهاز ته هاڻ نڪتا آهن نه ته انهن ڏينهن ۾ جتي ڪٿي سفر خشڪي رستي يا پاڻيءَ رستي ٿيو ٿي. بنگلاديش، پاڪستان، ڀارت سڀ هڪ ”انڊيا“ هو ۽ افغانستان به ڄڻ انڊيا جو حصو هو. اڄ به ڪيترن ئي سنڌي هندن، گجراتين ۽ سکن جو اتي واپار آهي. افغانستان پهچڻ تي ماڻهو ڄڻ تاجڪستان، ازبڪستان ۽ ترڪمنستان پهچي ويو ٿي، جو اهي ٽئي ملڪ افغانستان جي اتر واري بارڊر سان مليا پيا آهن. ازبڪستان ڪئسپين سمنڊ جي اوڀر ۾ آهي ته آذربائيجان اولهه ۾ آهي. ماڻهو ٻيڙين رستي باڪو پهچي ويا ٿي يا جن جو واپار وڙو ئي آذربائيجان ۾ هو ته اهي افغانستان به نٿي ويا. ڪوئٽيا وٽان ايران وڃي اتان آذربائيجان پهچي ويا ٿي جو اهو ايران جي اتر واري بارڊر سان مليل آهي.
1960 واري ڏهاڪي ۾ مون جڏهن جهازن جي نوڪريءَ ڪري، ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ شروع ڪيو ته انهن ڏينهن ۾ پينانگ، سُوربايا، جاوا، هانگ ڪانگ يا ممباسا، زنجبار وغيره ۾ سنڌي هندن جا گهڻا دڪان ڏسي آئون حيرت کائيندو هوس ته اتي رهندڙ هندو مون کي چوندا هئا ته هِتي، يعني انهن هنڌن تي، ته ڪجهه به دڪان نه آهن. ”سنڌين جو واپار ڏسڻو اٿئي ته ڪابل، قنڌار، هرات، بلخ، بخارا ۽ ثمرقند ڏي هليو وڃ جيڪو علائقو خراسان سڏجي ٿو.“ خاص ڪري بخارا ۾ ته شڪارپور جا ايترا سنڌي رهن ٿا جو شڪارپور کي ”خراسان جو دروازو“ سڏيو ويو ٿي. وچ ايشيائي ملڪن ۾ جوکائتن رستن هجڻ ڪري شڪارپور جي هندو واپارين هُنڊي سسٽم ايجاد ڪيو يعني واپارين پاڻ سان ڪئش کڻي هلڻ بدران هنن اها شڪارپور ۾ ڪنهن معتبر جي حوالي ڪئي ٿي ۽ ان جي بدران هن ڪنهن پني تي پنهنجي صحيح يا نشان سان ٻه اکر لکي ڏنا ٿي جيڪي ”حَوالي“ طور مشهد، هرات، ثمرقند يا بخاري جي شڪارپوري واپاريءَ کي ڏيکاري ان کان اوتري ڪئش ورتي وئي ٿي.
سر اليگزينڊر برنس جيڪو Explorer کان علاوه برطانيا طرفان ڊپلوميٽ به هو ۽ جنهن انگريزن پاران بخارا ۾ روسين خلاف ڪم ڪيو ٿي ۽ بخارا بابت وڏي ڄاڻ مهيا ڪئي ٿي، ليکڪ پڻ هو. هو 1805ع ۾ اسڪاٽلينڊ ۾ ڄائو هو. 1835ع ۾ هن جي يادگيرين جو ڪتاب Travels in to Bokhara نالي ڇپيو هو. ايتري قدر جو ڪيترا ته هن کي “بخارا برنس” سڏيندا هئا. هي اهوئي شخص آهي جيڪو سنڌو نديءَ جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ 1831ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه ”وليم چوٿين“ طرفان مهاراجا رنجيت سنگهه کي گهوڙن جو تحفو پهچائڻ لاءِ موهن لال ڪشميريءَ سان گڏ سنڌو نديءَ ذريعي لاهور پهتو هو. بهرحال هتي آئون اها ڳالهه لکڻ ٿو چاهيان ته هي انگريز اليگزينڊر برنس لکي ٿو ته ”آئون جڏهن ڪابل ۾ هوس، ته اتي جي هڪ شڪارپوري سراف هُنڊي ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا بخارا، استراخان يا سينٽ ميڪائير شهرن ۾ به ادائيگي جوڳي هئي. يعني اتي موجود ڪنهن سنڌي هندو واپاريءَ کي ڏيکاري پئسا وٺي سگهيس ٿي.“
هڪ انگريز J.Wolff نالي پنهنجي سفرنامي A Mission to Bukhara ۾ لکي ٿو ته “بخارا ۾ شڪارپور جا ٽي سئو واپاري واپار ۾ رڌل آهن.” هن اهو به لکيو ته تاشقند جي جهوني علائقي ۾ 93 ۽ ثمرقند ۾ 100 سنڌي هندو واپار سانگي رهيل آهن، جتي سندن قافلن جي ڍاٻي لاءِ ٽي سرايون پڻ قائم آهن.”
جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته ان ڪوهه قاف يا وچ ايشيا وارن علائقن ۾ ترڪن جي وڏي اڪثريت آهي. بخارا ۾ ڪم ڪندڙ هڪ سنڌي هندو جي اتي وفات ٿيڻ تي شڪارپور ۾ رهندڙ هن جي زال شريمتي رڪمن ٻائي جي سکر جي ڪليڪٽر کي 15 مارچ 1915ع تي ڏنل درخواست ۾ هن جي لکيل اها ڳالهه به رڪارڊ تي قائم آهي ته شڪارپورين ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته “ترڪ پنهنجيون بقايائون پنجاهه سالن کان پوءِ به موٽائي ڏين ٿا.”
جيئن پٺاڻ واپارين بابت اڄ تائين انڊيا، برما، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ جاوا سماترا پاسي اها چوڻي مشهور آهي ته “پٺاڻ پنهنجي اوڌر قبر ۾ دفن ٿيل مردي کان به اوڳاڙي ٿو.” يعني پٺاڻ کي ياد رهي ٿو ته هن گذريل سال ڪنهن ڪنهن کي اوڌر ڏني.
اڄ به برما ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ڳوٺن ۾ پٺاڻ سائيڪلن تي خشڪ ميوو، ڪپڙو يا ڇريون، ڪئنچيون، رومال، منڊيون، عطر جهڙيون شيون کڻي ڳوٺاڻن کي اوڌر تي ڏين ٿا.
شبير شر جي سنگت باءِ ايئر پهرين ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند پهتي، جتان پوءِ باءِ ايئر باڪو (آذربائيجان) ويا آهن. اهو پاسو گهمي پوءِ هو وري تاشقند موٽيا آهن ۽ تاشقند کان علاوه ازبڪستان جا تاريخي شهر ثمرقند، بخارا وغيره پڻ گهميا آهن. هتي مونکي اهو به ڌيان ۾ ٿو اچي جو اسان جي سنڌ جي ماڻهن جو ازبڪستان وارن سان ايترو ته واپاري واسطو ۽ اچ وڃ هئي جو اسان وٽ اهو اصطلاح عام ٿيو ته ڪو ابتي سبتي ڳالهه ڪندو هو ته هن کي چيو ويندو هو ته:”يار ڪهڙيون ويٺو ازبڪيون بَڪين؟“ يعني ڌارئين ملڪ جي ازبڪ پيو ڳالهائين ڇا؟ جيئن ڪنهن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻ تي انگريزيءَ ۾ چئبو آهي ته يار مونکي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، It was all Greek for me.
ازبڪستان پڻ افغانستان وانگر Land Locked ملڪ آهي يعني ڪو به سمنڊ هن کي نٿو ڇهي ۽ جتي آذربائيجان ڪوه قاف وارو ملڪ سڏجي ٿو. ۽ جتي ازبڪستان ايشيا ۽ يورپ جي ملڻ واري هنڌ تي هجڻ ڪري اهميت رکي ٿو اتي ازبڪستان وچ ايشيا جو ملڪ سڏجي ٿو، جنهن جي چوڌاري ملڪ يعني پاڙي جا ملڪن آهن: قزاقستان، ڪرغيزستان، تاجڪستان، افغانستان ۽ ترڪمنستان آهن، جيڪي مزي جي ڳالهه اها ته اهي سڀ ملڪ به Land Locked آهن، يعني ازبڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو ڊبل لئنڊ لاڪڊ آهي. هونءَ ازبڪستان ۾ ايتريون ته تاريخي جايون آهن جو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ کي اهي ڏسڻ سان بيحد مزو اچڻ کپي – خاص ڪري فرغانا جتي مغل بادشاهه بابر ڄائو، نپنيو ۽ وڏو ٿيو. ان کان به وڌيڪ ثمر قند ۽ بخارا شهر آهن جيڪي اسان لاءِ تاريخي ۽ مذهبي حيثيت رکن ٿا، جتي جا عالم ۽ دين سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان اسان مسلمانن جو واسطو رهيو آهي ۽ اسان جي ليکڪ ٻنهي شهرن ۾ وڃي سٺو ڪيو. هن کي هنن شهرن ۾ گهاريل گهڙيون ۽ انهن سان وابسته يادگيريون سڄي زندگي ميٺاج جو احساس ڏيارينديون.
بخارا ۽ ثمرقند دنيا جا اهي آڳاٽا شهر آهن جيڪي هندوستان جي بنارس شهر وانگر صدين کان لڳاتار زنده آهن. ائين ته بابل جهڙا به آڳاٽا شهر ٿي گذريا آهن، ويندي موهن جو دڙو به، پر اهي هڪ عرصي بعد ويران ٿي ويا يا تباهه ٿي ويا. ثمر قند ۽ بخارا شهر جن مان اسانجو ليکڪ ٿي آيو آهي، انهن جي اهميت ان ڪري به رهي آهي جو اهي ملڪ سلڪ روٽ تي آهن. اڳئين زماني ۾ جڏهن اڃان هوائي جهاز ته ڇا پر اگبوٽ (ڪَلَ تي هلندڙ پاڻيءَ جا جهاز) به ايجاد نه ٿيا هئا ۽ نه وري ماڻهن کي خبر هئي ته يورپ جي ملڪن کي ڇهندڙ سمنڊَ ميڊيٽرينين (ڀؤنچ)، ائٽلانٽڪ يا بحراسود ۽ اتر سمنڊ (North Sea) اڳيان وڃي هندي وڏي سمنڊ، عربي سمنڊ، ايراني نار يا ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ ٻين سمنڊن سان به ملن ٿا، جن جي ڪنارن تي انڊيا، ملايا، چين، ڪوريا، سيام (ٿائلينڊ)، ٽانگانيڪا (تنزانيا) ۽ سوماليا جهڙا به ملڪ آهن. ان ڪري يورپ جي ملڪن جو چين ۽ انڊيا سان واپار خشڪي رستي هلندو هو. ماڻهو قافلن ذريعي پيرين پنڌ، اُٺن، گڏهن، خچرن ۽ پوءِ بيل گاڏين جهڙين سوارين ذريعي نڪرندا هئا. پوءِ اتان مٿي ترڪي، ايران، افغانستان پاسن کان ٿيندا، انڊيا ۽ چين کان اچي نڪرندا هئا. ايران اڄ وارو ايران نه هو پر اهو پرشيا سڏبو هو، جنهن ۾ اڄ وارا ملڪ ازبڪستان، آذربائيجان، ترڪمنستان، تاجڪستان، عراق ۽ افغانستان جا حصا – ويندي سنڌو ماٿري تائين اچي ويا ٿي. ازبڪستان ۽ افغانستان جا شهر هرات، مرو (Merv)، ثمرقند، بخارا، فرغانا وغيره اڄ جي ايران واري صوبي خراسان جا حصا هئا، جنهن جا شهر مشهد (امام علي رضا جي روضي مبارڪ وارو) نيشاپور، توس اڄ به ايران ۾ آهن. ايران (پرشيا) تي مختلف سلطنتن جي حڪومت رهي، جن مان ڪن پنهنجي گاديءَ جو شهر مشهد رکيو ته ڪن اصفهان، هرات، ثمرقند، بخارا، مرو، وغيره. ثمرقند ۽ بخارا شهر بلڪل Silk Route تي هئا، جنهن کي اسان شاهراهه ريشم يا فارسيءَ ۾ جادهه ابريشم ۽ عربيءَ ۾ طريق الحرير سڏيون ٿا، ويندي ملئي ۾ به ان روٽ (روڊ) جو نالو لالوئان سُوتيرا (Laluan Sutera) معنا ريشم گهٽي چون ٿا، ڇو جو چين جي هَن (Han) سلطنت جي ڏينهن ۾ يعني 200 کن سال قبل مسيح جڏهن هي رستو واپار خاطر استعمال شروع ٿيڻ لڳو ته خاص وکر جنهن جو واپار هليو ٿي اهو ريشم هو جيڪو چين کان يورپ ڏي ويو ٿي. جيتوڻيڪ ظاهري ظرح هن روٽ تي ريشم هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ويو ٿي پر هن روٽ ذريعي هڪ ٻئي جي ملڪن ڏي ڇا ڇا نه ويو ٿي – ويندي مذهب، سوچون، عقيدا، فلاسافيون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهتي ٿي. ٻيو ته ٺهيو ويندي ڪيتريون ئي بيماريون خاص ڪري پليگ هن رستي ذريعي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏي پهتي ٿي. اڄ ته رڳو ڪو مسافر پاڪستان کان پاڙي واري ملڪ ايران وڃي ٿو ته هن کي ڪيترا ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻا پون ٿا، ته هن کي ڪا اهڙي سلهه، هئپيٽائٽس جهڙي بيماري ناهي، تڏهن هن کي ايران ۾ داخل ٿيڻ جي ويزا ملي ٿي. پر انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هئا اهڙا بندوبست؟ هڪ ملڪ ۾ ڪا وچڙندڙ بيماري پئدا ٿيندي هئي ته اها واپاري قافلن ذريعي ٻين ملڪن ۾ پهچي ويندي هئي. شاهراهه ريشم ذريعي هڪ ملڪ جو ڪلچر ۽ ثقافت پڻ ٻين ملڪن ڏي پهتي. سو ثمر قند ۽ بخارا جهڙا خراسان (پرشيا) جا شهر جيڪي هاڻ ازبڪستان ملڪ ۾ اچن ٿا، سلڪ روٽ تي هجڻ ڪري ٻين کان خوشحال ۽ ماڊرن رهيا. اهي وچڙندڙ بيمارين ۽ ٻاهرن حاڪمن جي حملن جو به شڪار رهيا. بهرحال جيئن حيدرآباد کان ڪراچي سپر هاءِ وي ٺهڻ کان اڳ (يعني 1960 واري ڏهاڪي شروع ٿيڻ کان اڳ) ڪراچي کان حيدرآباد يا حيدرآباد کان ڪراچي پهچڻ لاءِ ٺٽي مان گذر ٿيڻ ضروري هو تيئن يورپ ۽ آفريڪا جي ماڻهن کي چين وڃڻ لاءِ هيءَ ريشم روٽ اختيار ڪرڻ لاءِ سمجهو ته بخارا ۽ ثمرقند مان گذرڻ ضروري هوندو هو. اسانجي ليکڪ شبير شر ثمرقند ۽ بخارا جي جهوني حصي مان لنگهندي خبر ناهي اهو سوچيو به يا نه، ته هن ڌرتيءَ جي حصي تي جتي هو پير گهمائي رهيو آهي، اتي تاريخ جي اهم شخصيتن سڪندراعظم کان چنگيز خان تائين ۽ ابن بطوطا کان مارڪوپلو تائين جا پيرا ملن ٿا. ثمر قند ۽ بخارا جي خوشحالي، سونهن، جديد پڻي ڪري هر ڦورو ۽ هر حاڪم جي ڪاهه هنن شهرن تي هئي ۽ اهي حاصل ڪرڻ بعد هنن انهن شهرن مان ڪنهن هڪ کي پنهنجي نئين حاصل ڪيل سلطنت جو گاديءَ جو شهر بڻايو ٿي.
پرشيا (يعني ايران) جي هخامنشي (Achaemenid) سلطنت جي ڏينهن ۾ سغداد (Sogdiana) علائقي جي گاديءَ جو هنڌ ثمر قند هو، جيڪو ان دور ۾ (سن 329 ق. م ۾) سڪندر اعظم هن شهر تي حملو ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. ڪو گهر يا زمين جو جريب ڏيڍ ٿو خريد ڪري ته اهو، حاصل ڪرڻ وارو ڪجهه ڏينهن ڪيڏي شوق مان ان تي چڪر هڻي ٿو ۽ ڏسي ٿو. سو ثمر قند حاصل ڪرڻ بعد سڪندر اعظم انهن جي ڪجهه گهٽين ۾ ته ضرور چڪر هنيا هوندا. ان ڪري شبير شر جهڙو ڪو انهن شهرن ۾ وڃي ٿو ته ان کي آئون اهو ئي چوان ٿو ته بابا اهڙن شهرن جي گهٽين ۾ نه فقط اسانجهڙا فقير پر سڪندر اعظم ۽ چنگيز خان جهڙا پهلوان ۽ ظالم حاڪم به گذري چڪا آهن. سڪندراعظم جي ڏينهن ۾ به ثمرقند بخارا جي هاڪ سندس ملڪ يونان تائين هئي ۽ جيئن اسان جرمنيءَ کي المانيا سڏيون ٿا، تيئن يوناني ثمر قند کي ماراڪندا (Maracanda) سڏيندا هئا. سڪندر جي حملي ۾ ثمرقند جي تباهي ضرور آئي پر پوءِ يڪدم بهتري اچي وئي ۽ ڪيترين ئي يوناني شين ويندي تهذيب، جنم ورتو. سڪندراعظم جي موت بعد ثمر قند تي سلوقيو (Seleucid) سلطنت، يوناني باختر (Greco Bactrian) سلطنت، ڪوشان (Kushan) سلطنت جو راڄ رهيو. ان بعد 260ع ۾ ثمر قند ساسانين جي قبضي ۾ آيو. ان بعد ثمرقند ترڪن جي قبضي ۾ آيو. 710ع ۾ اميه خلافت قطيبه ابن مسلم جي اڳواڻيءَ ۾ ثمرقند فتح ڪيو. مسلمانن جي حڪومت ۽ هن شهر ۾ اسلام به آيو، نه ته ان کان اڳ ثمرقند ۾ گهڻائي آتش پرستن (Zoroastrian) جي هئي جن کي اسان ”پارسي“ ٿا سڏيون، جو اهي ايران جي پارس (فارس) شهر کان لڏي انڊيا جي بندرگاهه ”سورت“ ۽ بعد ۾ ممبئي ۽ ڪراچي شهرن ۾ آيا. اهي زرتشتيت به سڏجن ٿا. انهن باهه جي پوڄارين کان علاوه ثمرقند ۾ ٻوڌي، هندو، ايين ماني (Manichaei) جيڪو ڌرم ساساني سلطنت جي ڏينهن ۾ هنن جي نبي مانيءَ (217ع – 216ع) ۾ ايجاد ڪيو، يهودي ۽ عيسائين جو فرقو نسطوري (Nestorian) رهيا ٿي.
توهانکي حيرت ٿيندي ته يورپ ۾ ڪاغذ جي ايجاد ثمرقند مان آئي. عباسي خلافت جي ڏينهن ۾ 751ع ۾ چينين ۽ عربن جي وچ ۾ جيڪا طلاس جي لڙائي (معرکـهه نهر طلاس) لڳي ان جي چيني قيدين ۾ ثمرقند ۾ ٻه اهڙا قيدي هئا جن کي ڪاغذ ٺاهڻ جو آرٽ آيو ٿي، جن ذريعي اسلامي دنيا ۾ هن شهر ثمرقند ۾ پهرين ڪاغذ جي مِل لڳائي وئي. ان بعد هن ايجاد جي ڄاڻ يورپ ۾ عام ٿي.
1220ع ۾ منگولن ثمرقند فتح ڪيو، تاريخدانن جو چوڻ آهي ته چنگيز خان ثمرقند جي ماڻهن کي گهڻو تنگ نه ڪيو، باقي سڄي شهر جي ڦرلٽ ڪري ڀينگ ڪري ڇڏي ۽ ماڻهن فقط انهن جو قتل ڪيائين جن مسجدن ۽ گرجا گهرن ۾ وڃي پناهه ورتي. ان کان علاوه هن شهر جي 30 هزار نوجوانن کي اڳتي جي لڙائيءَ لاءِ فوج ۾ ڀرتي ڪيو ۽ اهڙن 30 هزار کن هنرمندن، رازن، واڍن، لوهارن کي پنهنجي ڪم ڪارين ۾ لڳايو.
بهرحال ثمرقند به بغداد وانگر ڌارين جي حملن ڪري ڊهندو رهيو ته ٺهندو به رهيو. 1220ع ۾ چنگيز خان جي حملي بعد هو اڌ صديءَ بعد اهڙو سهڻو ٿي ويو جو 1280 ڌاري جڏهن مارڪوپولو چين ويندي هن شهر ۾ ترسيو ته هن کي هي شهر بيحد پسند آيو ۽ هن پنهنجي سفرنامي ۾ ثمرقند لاءِ لکيو آهي ته:
“It is a very large & splendid city”
ياد رهي ته يورپ يا آفريڪا کان انڊيا يا چين ويندڙ هر مسافر کي ثمرقند ۽ بخارا مان لنگهڻو پيو ٿي ۽ هنن شهرن ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي سفر جو ٿڪ ڀڳو ٿي ۽ اڳتي جي ڏکئي سفر جي تياري ڪئي ٿي. ابنِ بطوطا به انڊيا ۽ چين ويندي هنن شهرن مان ٿيندو ويو. ابن بطوطا مارڪوپولو کان پنجاهه سالن کن ننڍو هو. مارڪوپولو 1254ع ۾ ڄائو ۽ 1324ع ۾ وفات ڪيائين. ابن بطوطا موراڪو جي شهر طنج ۾ 1304ع ۾ ڄائو ۽ 1368ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ثمرقند ۾ 1333ع ۾ آيو هو. هُن هِن شهر کي ”عظيم ۽ نفيس شهر سڏيو آهي، جنهن جي سونهن جو ڪو مَٽُ ناهي“. هن اهو به نوٽ ڪيو ته ”سڄو شهر باغن سان ڀريل آهي، جن کي نارن ذريعي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. انهن نارن کي جانورن هلايو ٿي.“
سو هن شهر جي آڳاٽي حصي ۾ گهمندي توهانکي اهو احساس هجڻ کپي ته هينئر جتي توهان جي قدمن جا نشان لڳي رهيا آهن، اتي ماضيءَ جي مختلف دورن ۾ دنيا جي ڪيترن اهم شخصيتن واڪ ڪيو. ڪي ته اتي ئي دفن ٿيل آهن. انهن مان هڪ اهو به آهي جيڪو ماهر فلڪيات (Astronomer) ۽ حسابدان (Mathematician) به هو ۽ حسابدان به ٽرگناميٽري ۽ اِسفيريڪل (Spherical) جاميٽريءَ جو! جيڪا هوائي جهاز ۽ پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ وارا نيويگيٽر پڙهن ٿا ۽ مثال طور توهان کي جي اهو ٻڌايو وڃي ته ڌاڙيل پَرو چانڊئي يا نظرو ناريجو جي پوٽي جا لکيل زولاجي يا باٽني تي ڪتاب نه فقط سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پر يورپ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ به ماسٽرس ڪرڻ وارا شاگرد پڙهن ٿا ته توهان کي ضرور حيرت ٿيندي. ذڪر ۾ آيل مئٿيمئٽيشن مرزا محمد طارق جيڪو الغ بيگ Ulugh Beg جي نالي سان مشهور آهي، اهو تيمور سلطنت جي منگول باني تيمور لنگ جو پوٽو هو. الغ بيگ 1394ع ۾ ڄائو ۽ 53 سالن جي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سائنس ۽ مئٿس جهڙن ڪمن ۾ قابل شخص هو، جيئن اسانجو عمران خان ڪرڪيٽ ۽ خيراتي اسڪول ۽ اسپتالون هلائڻ ۾، پر افسوس جو هي درويش حڪومت هلائي نه سگهيو ۽ سندس پٽ ئي هن جي پٺيان لڳي ويو ۽ آخرڪار ٻن سالن اندر هن کي ختم ڪري ڇڏيائين. کيس حج تي موڪلڻ جي بهاني سان رستي تي مارائي ڇڏيائين. سندس مقبرو ثمر قند جي قبرستان ”گورِ امير“ ۾ آهي، جتي سندس والد شاهه رخ مرزا ۽ ڏاڏو تيمور لنگ به دفن آهن. اسان جا ماڻهو الغ بيگ جي والد شاهه رخ کان کڻي گهڻو واقف نه هجن، جيڪو 1377ع ۾ ثمرقند ۾ ڄائو ۽ 1405 کان 1447 تائين 42 سال حڪومت ڪيائين، پر هن جي زال راڻي گوهر شاد بيگم کان گهٽ ۾ گهٽ اسان جا اهي شيعا حضرات واقف هوندا، جيڪي امام علي رضا جي روضي تي مشهد وڃن ٿا. روضي مبارڪ سان گڏ ئي هن عورت جي ٺهرايل سندس نالي واري ”مسجد گوهرشاد“ آهي، جيڪا هن 1418ع ۾ ٺهرائي. سندس نالي افغانستان وارن ڪابل ۾ 2003ع ۾ ”وومين يونيورسٽي“ ٺهرائي آهي، افغانستان جو اهو ڪابل وارو حصو پڻ ايران جي خراسان صوبي ۾ آيو ٿي، جنهن تي سندس مڙس شاهه رخ جي حڪومت هئي. گوهر شاد وڏي قابل ۽ زماني جي عورت هئي، جيڪا پنهنجي مڙس شاهه رخ کي ڪنٽرول ۾ رکندي آئي ۽ کانئس علاوه هن کي فقط پنج ٻيون زالون هيون، باقي خذمتگار ڇوڪرين ۽ ڪنيزائن جو ته ڪو ليکو ئي نه هو _ اسان جي مسلمان بادشاهن لاءِ! ايتري قدر جو سندس درويش پٽ الغ بيگ جيڪو سڄو ڏينهن مئٿس ۾ ۽ رات علم فلڪيات ۾ غرق هو، تنهن کي به نڪاح واريون يعني قانوني 13 زالون هيون، جن کان رعيت واقف هئي. بيگي بيگم، بادالملڪ بيگم، سلطان خانقا، حسن نگار، شُڪربي، رقيه سلطان، مهر سلطان، سادات بخت، دولت سلطان، بختي بي، دولت بخت، سلطانم آغا ۽ سلطان ملڪ آغا!
انهن ڏينهن ۾ اڄ جي افغانستان وارو شهر ۽ صوبو هرات به خراسان ۾ هو، جنهن جو حاڪم شاهه رخ هو. سندس زال گوهر شاد جتي ٻين شهرن ۾ مسجدون ۽ مدرسا ٺهرايا، اتي هرات ۾ به هڪ مسجد ۽ مدرسو ٺهرايو، جتي پاڻ پڻ دفن ٿيل آهي. مدرسي ۾ ٻه اڍائي سؤ خٿابين (شاگردن) جي رهائش جو به بندوبست رکيل هو. هوءَ هڪ دفعي پنهنجي محل يعني مڙس جي 200 کن ڪنيزائن سان گڏ مشهد کان هرات ان مدرسي جي انسپيڪشن لاءِ نڪتي، اتي پهچڻ تي هن مدرسي ۾ موجود سڀني خٿابين کي ٻاهر ڪڍرايو، پوءِ عورتن جو هي سڄو اٽالو مدرسي اندر داخل ٿيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڦرنديون رهيون. انهن مان هڪ ٻانهي هڪ اهڙي ڪمري ۾ وڃي پهتي جنهن ۾ رهندڙ خٿابي ننڊ ۾ هجڻ ڪري ٻاهر نه نڪتو هو. هيءَ ٻانهي موقعو سٺو ڏسي هن کي چهٽي وئي. بعد ۾ گوهرشاد کي جڏهن هنن جي هم بستريءَ جي خبر پيئي ته ڪاوڙ ڪرڻ بدران محل جي ٻه سؤ ڪنيزائن جي خٿابين سان شادي ڪرائي ڇڏي. ان ڳالهه تي سندس مڙس به چپ ئي رهيو. گوهرشاد سمجهي وئي ته هي بادشاهه پڄن پنهنجن پنجن ڇهن زالن سان ئي ڪونه ٿا، سو سوين ڪنيزائن کي ايئن پالڻ هنن کي ڇتو ڪرڻ آهي، تباهه ڪرڻ آهي، ان ڪري شينهن ڪلهي تي چڙهي وڃن ته بهتر آهي.
بهرحال گوهر شاد جو پٽ الغ بيگ کڻي حڪومت صحيح طرح ڪري نه سگهيو پر هن جو مئٿس، سائنس ۽ ائسٽرونامي جي دنيا ۾ اڄ تائين نالو آهي. ايتري قدر جو چنڊ ۾ موجود هڪ گهٻ Crater جو نالو الغ بيگ ڪريٽر آهي، جيڪو سال 1830ع ۾ ٺهيل چنڊ جي نئين نقشي کان هر نقشي ۾ موجود آهي. ان کان علاوه يوڪرين جي هڪ سائنسدان 1977ع ۾ جيڪو هڪ ننڍو سيارچو Asteriod خلا ۾ ڳولي لڌو، ان جو نالو Ulugbek Asteroid رکيو ويو. هن کان وڌي ٻي ڪهڙي عزت ٿي سگهي ٿي!
ثمرقند شهر ۾ الغ بيگ Observatory پڻ دنيا ۾ مشهور آهي، جيڪا الغ بيگ 1424ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪئي ۽ پنج سال لڳي ويا. ان کان علاوه ثمر قند ۽ بلخ شهرن ۾ الغ بيگ مدرسا به مشهور آهن، جيڪي هن 1420ع ۾ ٺهرايا يعني اڄ هن کي ڇهه صديون گذري چڪيون آهن. بهرحال هن پاسي تيمور گهراڻي جو بنياد تيمور لنگ 1370ع ۾ ثمرقند ۽ بخارا فتح ڪري رکيو. تيمور لنگ 1336ع ۾ اڄ جي ازبڪستان ملڪ جي شهر بار:س ۾ جنم ورتو. چوٽيهن سالن جي ڄمار ۾ بادشاهه ٿيو ۽ 69 ورهين جي ڄمار ۾ ثمرقند ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو ثمر قند جي قبرستان ”گور امير“ ۾ آهي. سندس وفات بعد سندس پٽ شاهه رخ ۽ ان بعد ان جو سائنسدان پٽ الغ بيگ تخت تي ويٺو.
جنهن تاريخي شهر ثمر قند ۽ بخارا کي ڏسڻ لاءِ اڄ اسان ازبڪستان وڃون ٿا، اهو صدين تائين ايران جو حصو هو، جتان ايرانين حڪومت ڪئي ٿي ۽ خراسان صوبي جا اهي شهر ايشيا جي علم و ادب، ايراني ڪلچر ۽ ثقافت جي کاڻ سمجهيا ويا ٿي. فارسي جي هڪ مشهور شاعر روميءَ جو هڪ شعر آهي:
آن بخارا معدن دانش بود
پس بخارا اييست هرک آنش بود
(بخارا ڄاڻ جي کاڻ آهي
اهو ماڻهو بخارا جوئي آهي جنهن کي علم آهي)
تن ڏينهن جي ايراني شهر روداق (جيڪو هاڻ تاجڪستان ۾ اچي ٿو) جي نائين صدي جي فارسي شاعر ۽ ڏاهي عبدالله جعفر بن محمد ’روداڪي‘ جو بخارا بابت هڪ شعر آهي:
اي بخارا شاد باش و دير زي
شاهه زي تو ميهمان آيد همي
(اي بخارا شاد هجين سدائين آباد هجين
تنهنجو بادشاهه تنهنجي جشن ۾ آيو آ.)
آڳاٽي دور ۾ يورپ پاسي ماڊرن شهر روم ۽ قسطنطنيه (استنبول) هئا ته مشرق پاسي بلخ ۽ بخارا. پرديس ۾ رهندڙ پنهنجي گهر کي ياد ڪري پنهنجي وطن جي جهوپي جي سک ۽ آرام کي دنيا جي هنن بهترين شهرن سان ڀيٽيندا هئا. چي:
جو سک اپني چوباري ۾
سو نهين بلخ بخاري ۾
فارسي ادب ۽ شاعريءَ ۾ ازبڪستان جي انهن جرڪندڙ شهرن بخارا ۽ ثمرقند جو تمام گهڻو ذڪر ٿيل آهي. اڄ ڪلهه جو هڪ انڊين گانو جيڪو اڀيجيت ڳايو آهي:ايڪ چمه تو مجهه کو ادهار ديدي
اور بدلي ۾ تو يوپي، بِهار ليلي...
ان جو مرڪزي خيال چوڏهين صديءَ جي شاعر خواجا شمس الدين محمد حافظ شيرازيءَ جي هن شعر تان ورتل آهي:
اگر آن ترک شيرازي بـهه دست آرد دل مارا
بـهه خال هندويش بخشم سمر قند و بخارا را
(جيڪڏهن اهو شيرزاي ترڪ معشوق منهنجو دلبر ٿي پوي ته هن جي ڳل جي تر جي بدلي ۾ هيرن جهڙا شهر ثمر قند ۽ بخارا کيس بخشي ڇڏيان)
سو اهي هيرن جهڙا شهر ثمر قند ۽ بخارا جن مان اسانجو سکر جو ٻروچ وڪيل ٿي آيو آهي، انهن ڏينهن ۾ خراسان ۾ هئا جنهن تي مٿي بيان ڪيل الغ بيگ جو ڏاڏو (مئڊم گوهر شاد جو سهرو) منگول حاڪم تيمور لنگ هو. اڄ ڪلهه خراسان جو فقط هڪ ننڍڙو حصو ايران ۾ اچي ٿو، جنهن جا به هنن ٽي صوبا ڪيا آهن، باقي خراسان، افغانستان ،ازبڪستان، ترڪمنستان ۾ اچي ٿو. حافظ شيرازيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا جي ٽن وڏن شاعرن مان هڪ آهي. سندس مٿئين شعر تان ان وقت جو بادشاهه تيمور لنگ باهه ٿي ويو هو، هن يڪدم حافظ کي پنهنجي درٻار ۾ گهرائي چيو:”نڀاڳا! توکي خبر ناهي ته مون ڪيڏا ڪشالا ڪڍي هي شهر پنهنجي قبضي ۾ ڪيا آهن ۽ تون آهين جو هڪ ڇوري جي تِرَ جي عيوض انهن جي سخاوت ڪندو وتين؟“، ”هائو سرڪار“، حافظ وراڻيس:“شاهه خرچين ۽ سخاوتن مونکي اهڙو کٽل ۽ مسڪين بنائي ڇڏيو آهي جو وتان ٻين جو مال قربان ڪندو“.
چون ٿا ته تيمور لنگ اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس انعام اڪرام ڏئي روانو ڪيو.
تيمورلنگ بابت هن سفرنامي جي ليکڪ شبير شر مون کي ٻڌايو ته هو قرآن جو حافظ پڻ هو ۽ تلوار بازيءَ ۾ هو نه فقط هوشيار هو پر هن کي ٻنهي هٿن سان تلوار هلائڻ آئي ٿي. صحيح آهي. تيمور لاءِ اهو به پڙهيو اٿم ته هن کي ان وقت جي هر هٿيار جي واقفيت هئي ته ڪيئن استعمال ڪجي. خراسان تي حملو ڪرڻ وقت هن اهو به اعلان ڪيو هو ته ڪنهن به شاعر اديب جو قتل نه ڪجي ... وغيره. اهي ڳالهيون ٻڌڻ سان في الحال هر ڪو متاثر ٿئي ٿو پر ڇا فقط ان ڪري ته هو قرآن جو حافظ هو ان ڪري هن جي هر Action کي اسان صحيح ۽ عين اسلامي سمجهون؟ ان ماڻهو کي ديندار چئون جنهن ان وقت جي دنيا جي عوام جو سک چين چٽ ڪري ڇڏيو ۽ ايڏي وڏي Killing ڪئي؟ جتي ڪٿي ماڻهن جي کوپڙين جا مينار اڏي ڇڏيا. مذهب جي نالي ۾ حڪومت ۽ پاور هٿ ڪيو ۽ معصوم ماڻهو ماريا جن جو ڪو ڏوهه نه هو. ان سلسلي ۾ ڏٺو وڃي ته هن ڇڏيو ته پنهنجي مسلمانن کي به نٿي. 1383ع ۾ هن هرات تي قبضو ڪري پرشيا (ايران) ۾ فتح حاصل ڪئي ته ان وقت اتي ته مسلمان رهيا ٿي جن جو هن قتل عام ڪرايو. 1383ع ۽ 1385ع جي وچ ۾ هن خراسان ڦٻائي ورتو ته 1386ع ۽ 1394ع جي وچ ۾ عراق، آذربائيجان، آرمينيا ۽ جارجيا تي قبضو ڪري ورتو. سندس حملن ۽ خونريزين ڪري سوچيو ته ڇا مقامي ماڻهن ۾ خوف رهيو ٿي ان جو احساس سنڌ جي ماڻهن کي ته هئڻ کپي ته دهشتگردن ڇا حالت ڪئي هئي. روزانو ڪيترا درجن ماڻهن جو قتل فقط ڪراچيءَ ۾ ٿيو ٿي. ڳوڻين ۾ لاش مليا ٿي جن جي جسمن ۾ ڊرل مشينن سان سوراخ ٿيل هوندا هئا. عام ماڻهو ته ڇا پر پوليس به ڊپ ۾ رهي ٿي. ٽي وي جا وڏا وڏا ائنڪر به رڦندا رهندا هئا. ويندي اسان جي ٻيلن جا پهلوان سڏائڻ وارا ڌاڙيل جيڪي پنهنجي سنڌين کي ته اغوا ڪندا وتندا هئا پر ڪراچيءَ يا سنڌ جي شهري آبادي جي ڪنهن دهشتگرد ۾ هٿ وجهڻ تي ڪانچ ۾ مُٽ وهندو هون. اهو هو حال خراسان، فارس، عراق، آذربائيجان، سڄي ميسو پوٽاميا جي علائقي جي ماڻهن جو. هو تيمورلنگ ۽ هن جي منگول لشڪر جو نالو ٻڌي ڏڪندا رهيا ٿي. هيڏي خدا جي ڌرتيءَ تي حڪومت حاصل ڪرڻ بعد به هن جو پيٽ نٿي ڀريو. 1398ع ۾ هن انڊيا تي حملو ڪيو ۽ ان حملي جو بهانو ڪهڙو ته دهليءَ جا مسلمان سلطان هندو عوام جي هر ڳالهه مڃن ٿا. دهلي تي حملي لاءِ هن 24 سيپٽمبر 1398 تي سنڌوندي اُڪري ۽ پوءِ دهليءَ تائين سڄي واٽ هن ڇا ته قتل جي بازار گرم رکي. ڇا سنڌ ۽ هند ۾ رستي تي يا سلطان محمود تغلق سان 17 ڊسمبر تي پاڻيپٽ ۾ ڪيل لڙائيءَ ۾ هن فقط هندو ماريا؟ پر جي هن فقط کڻي هندو به ماريا ته ڇو؟ ٻئي جي گهر، ٻئي جي وطن ۾ ڪاهي اچڻ ۽ ائين خونريزي ڪرڻ جي ڪهڙو مذهب، ڪهڙو اخلاق اجازت ڏئي ٿو؟ هن دهليءَ کي اهڙو کنڊهر بنائي ڇڏيو جو هن شهر کي ساهه پٽڻ ۾ هڪ صديءَ کان مٿي عرصو لڳو ۽ تيمور جيڪا دهليءَ ۾ ڦرلٽ ڪري 80 هاٿين تي سامان رکرائي ثمرقند روانو ٿيو ان جو احوال دهليءَ ۾ موجود مئڊرڊ (اسپين) جي ڊپلوميٽ گونزاليز (Roy Gonzalez de Clavijo) جي ڪتاب “ايمبسي ٽو تيمورلين” ۾ پڙهي سگهجي ٿو. ڇا قرآن جو حافظ هجڻ ڪري هن جي ڪڌن ڪمن کي به ڀلو سمجهيو وڃي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ اڄ به اها سوچ آهي ته اسان جو حاڪم مسلمان آهي يا اسانجو پنهنجو سنڌي آهي ان ڪري هن کي بخش ڪيو وڃي ٿو پوءِ ڀلي هو ملڪ ۽ عوام جي ڀينگ ڪري ڇڏي.
منهنجي خيال ۾ ڪنهن ڪتاب جي مهاڳ يا پيش لفظ جي حساب سان ڪجهه وڌيڪ ئي لکي ويٺو آهيان. ڇا ڪجي! ڪجهه اهڙين پراڻن ماڳن جو ٻڌي انهن بابت پراڻيون يادون دماغ ۾ اچڻ سان اسان يخي هڻڻ ۾ شروع ٿيو وڃون. خاص ڪري ثمرقند، بخارا يا ڪنهن زماني جي خراسان کي ڏسڻ لاءِ به وقت کپي ته لکڻ لاءِ به. ههڙين تاريخي ۽ آڳاٽين جاين بابت ڇا لکي ڇا لکجي؟ هن سفر بعدشبير شر ۽ سندس ساٿي هنن شهرن جو نالو ٻڌي فخر سان چئي سگهن ٿا ته ها ادا! سڪندراعظم، تيمور لنگ، مرزا الغ بيگ، ابو علي ابن سينا، بهاءُ الدين نقشبند، حضرت سيد جلال الدين سرخ پوش جنهن ان وقت سنڌ (۽ هاڻ ڏکڻ پنجاب) جي شهر اُچ شريف جي ماڻهن کي دين جي تعليم ڏني، ڏهين صديءَ جي تاريخ نويس ابوبڪر نرسخي (جنهن جو انگريزي ۾ ترجمو (History of Bukhara) دنيا ۾ مشهور آهي، ابن بطوطا، مورڪو پولو ۽ اسان وڪيل انهن شهرن ثمرقند ۽ بخارا ۾ رهي چڪا آهيون!
سفرنامو پڙهڻ شروع ڪرڻ مهل مون سوچيو ته انهي طرف وڃڻ کان اڳ شبير مونکان پڇي ها ته آئون کيس هڪ دين جي عالم ۽ بزرگ شخص محمد بن اسماعيل جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ ضرور چوان ها. خبر ناهي ٻروچ کي يا سندس لوڪل گائيڊ کي اتي وٺي وڃڻ جو خيال آيو يا نه. لطيفو مشهورآهي ته هڪ ٻروچ جو گڏهه مسجد ۾ گهڙي ويو. مسجد جي امام وٺي گوڙ ڪيو. ٻروچ سمجهايس ته بي زبان گگدام آهي ڀُلَ ۾ تنهنجي مسجد ۾ گهڙي آيو آهي، آئون ته ڪو تنهنجي مسجد ۾ اچان؟ سفرنامو اڳتي پڙهيم ته خوشي ٿي ته اسان جو ”ڪميونسٽ ٻروچ“ نه فقط هن بزرگ، جيڪو دنيا ۾ ”امام بخاري“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو – ان جي مقبري تي وڃي دعا گهري پر هن جي زندگيءَ بابت احوال پڻ لکيو آهي. امام بخاري (سڄو نالو ابو عبدالله محمد بن اسماعيل الجعفي البخاري) 810ع ۾ بخارا ۾ ڄائو ۽ هتي ئي سن 870ع ۾ وفات ڪيائين. هو عام طرح عرب يا ٻاهرين دنيا ۾ امام البخاري يا ٺلهو ”امام بخاري“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ حديثن جو ڪتاب ”صحيح بخاري“ مرتب ڪيائين، جنهن کي دنيا جا سني مسلمان سڀ کان وڌيڪ Authentic سمجهن ٿا. سندن هڪ ٻيو ڪتاب ”الادب المفراد“ پڻ آهي، سندن والد صاحب اسماعيل بن ابراهيم پڻ حديثن جو اسڪالر هو، جنهن جي گهڻي سنگت ۽ واسطو پنهنجي همعصر امام مالڪ بن انس سان هو. امام مالڪ سني مسلمانن جي چئن امامن مان هڪ آهي ۽ ان جا فالوئر ”مالڪي“ سڏجن ٿا ۽ ٻيا ٽي مڪتب مذهب آهن: شافعي، حنفي ۽ حنبلي. اتر آفريڪا، اندلسيه، مصر، شام، يمن، سوڊان، عراق ۽ خراسان پاسي جا سني مسلمان مالڪي آهن. اسان وٽ پاڪستان، هندوستان ۾ حنفي آهن ۽ ملائيشيا ۾ شافعي رهن ٿا.
آخر ۾ هن سفر جي ليکڪ مسافر ۽ سندس ساٿي مسافرن کي اها ئي صلاح ڏيندس ته سفر ۾ ڪنهن جو ساٿ هجڻ سٺي ڳالهه پر وڌ ۾ وڌ ٻن ڄڻن جو هجڻ بهتر آهي. مونکي به اها صلاح هڪ ڏاهي سياح ڏني هئي ته: ”ٽو از ڪمپني، ويندي ٿري از ڪرائوڊ“. بهرحال آخر ۾ ليکڪ لاءِ wish ڪندس ته هو اڃان وڌيڪ سفر ڪري ۽ سفرناما لکي.

الطاف شيخ - ڪراچي
20 – اپريل 2019

آرڪٽڪ سرڪل جي آسپاس

---

عيد جهڙي ڀلاري ڏينهن تان اسان جي قوم ورهائجيو وڃي

افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جهڙي ملڪ ۾ جتي نه يورپ وارو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو آهي ۽ نه ملائيشيا جهڙو جهڙ ۽ مينهن، ان هوندي به هن ماڊرن دور ۾ هر سال عيد جهڙي ڀلاري ڏينهن تان قوم ورهائجيو وڃي. هڪڙن کي هلال جو چنڊ نه هوندي به نظر اچيو وڃي ۽ ٻيا ٻئي ڏينهن تي چنڊ جي موجودگيءَ جي پڪ هوندي به دوربينين اڳيان بيٺا آهن ۽ چنڊ نظر اچڻ جو يڪدم اعلان ڪرڻ بدران تمهيدي تقريرن ذريعي، پاڻ پڏائي قوم کي بيزار ٿا ڪن. اسلام ٻَڌي ۽ Unity جو سبق ٿو ڏئي ۽ هتي اسان کان هڪ ڏينهن تي عيد به نٿي ٿئي. هن ڀيري ته چنڊ ڏسڻ وارن مولوين جي سردار ۽ هڪ حڪومت جي وزير جي وچ ۾ چنڊ ڏسڻ تي ضد ٿي پيو.
اڄ کان سٺ ستر سال اڳ جڏهن اسان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته عيد جي چنڊ تي بحث هلندو هو ته خبر ناهي چنڊ ڏٺو ۽ سڀان عيد آهي يا نه؟ ٻنهي صورتن ۾ يعني جي ٻئي ڏينهن عيد ڪبي هئي ته خبر پوندي هئي ته ملڪ جي ڪجهه شهرن ۾ روزو آهي ۽ جي چنڊ نه ڏسڻ ڪري ٻئي ڏينهن روزو رکبو هو ته ٻئي ڏينهن منجهند ڌاري شهر ۾ پڙهو گهمايو ويندو هو ته ”رات ڪيترن ئي شهرن ۾ چنڊ نظر اچي ويو هو ان ڪري اڄ عيد آهي سو عيد واري ڏينهن تي روزو رکڻ شيطان جو ڪم آهي. روزو ٽوڙيو ۽ عيد ڪريو.“ هي ڪم يا هي ڳالهيون 1954ع ۽ 1955ع وارن سالن جون پيو لکان جڏهن مون چار درجا سنڌيءَ جا يعني پرائمري اسڪول جا، پڙهي انگريزي اسڪول (هاءِ اسڪول) ۾ داخلا ورتي هئي. انهن ڏينهن ۾ ٽي وي يا انٽرنيٽ ته نه هئا پر PTCL جا فون به ڳوٺن ۾ نه هئا. سو اطلاع رساڻيءَ ۾ وڏي دقت ٿيندي هئي ۽ اڄ جڏهن دنيا خبر ناهي ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتي آهي جنهن ۾ جدت، نواڻ ۽ سائنسي ترقيءَ ڪري سهوليت پيدا ٿي آهي پر چنڊ ڏسڻ جي معاملي ۾ اسان وٽ اهي ئي ڦڏا ۽ ضد! لڳي ٿو دنيا ۾ مسلمانن جو فقط اسان جو ئي ملڪ آهي! اگر نه ته پوءِ ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور کان ايران، ترڪي، سعودي عرب، لبيا ۽ موراڪو تائين مسلمان ملڪن ۾ ته ڪو به اهڙو ضد فساد نٿو ٿئي. اهي ملڪ هڪڙي ئي ڏينهن تي عيد ملهائي خوش ٿين ٿا. ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي جهڙا ملڪ ته اهڙا آهن جتي ٻارهوئي جهڙ لڳو پيو آهي ۽ بارشون پيون هلن ته به اتي ڪو مسئلو نٿو ٿئي. اسان وٽ ته ان ڪم لاءِ، نه فقط ڏهاڪو کن مولوين جي ڪميٽي ٺهيل آهي پر هن ڀيري اهو انڪشاف ٻڌي حيرت ٿي ته ٻه ڏينهن روزانو اڌ ڪلاڪ لاءِ دوربين اڳيان بيهي، هو جيڪا رٺل چنڊ کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ان لاءِ سرڪار جو هنن جي ماني ٽڪي ۽ ڀاڙي ڀتي T.A ۽ D.A تي پنجاهه کان سٺ لک رپيا خرچ ٿئي ٿو. هڪ غريب ۽ قرضي ٿيل قوم تي ڇا ته بار پئجيو وڃي! ان بعد به نتيجو اهو ته هڪ سڄي صوبي (KPK) ۾ هڪ ڏينهن اڳ عيد ملهائي وئي- يعني سڄي ملڪ ۽ قوم ٻڌي ڪري هڪ ڏينهن تي نه عيد نماز پڙهي ۽ نه هڪ ڏينهن تي عيد ملهائي. مزي جي ڳالهه اها ته سرڪاري چنڊ ڏسڻ واري ڪميٽي جي مخالفت ۾ هڪ ڏينهن اڳ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪرڻ وارو به اسانجي مولوين جو ٽولو هو.
ڏک ٿو ٿئي ته ائٽمي طاقت رکندڙ اسانجو ملڪ جنهن پرويز هودڀائي، عبدالقدير خان ۽ نوبل انعام ماڻڻ وارا سائنسدان عبدالسلام جهڙا پيدا ڪيا ان جي ماڻهن کي ايتري به سائنسي قابليت ناهي ته هو چنڊ تارن جي چرپر کي سمجهي سگهن. ناروي جو اتراهون شهر بودو (Bodo) جتي اڄڪلهه اونهاري جي موسم هجڻ ڪري چوويهه ئي ڪلاڪ ڏينهن ٿو رهي اتي به خير خوبيءَ سان رمضان جو مهينو گذري ويو ۽ نه فقط بودو پر ان جي پسگردائي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ مسلمانن هڪ ئي ڏينهن تي عيد ملهائي. اونهاري يعني جون جي گرم مهيني جي باوجود هن اتر قطبي شهر بودو ۾ سخت سيءُ هجڻ ڪري نماز مسجد کان ٻاهر پڙهڻ ڏکيو ڪم آهي ۽ مسجد ايڏي وڏي نه هجڻ ڪري مسجد جي امام ڊاڪٽر وليد حڪيم عيد نماز ٻن وارن ۾ پڙهڻ جو اعلان ڪيو. هڪ سوا نائين بجي انهن مسلمانن لاءِ جيڪي بودو شهر ۾ رهن ٿا ۽ ٻيو دفعو ڏهين بجي انهن مسلمانن عيد نماز ادا ڪئي جيڪي بودو شهر جي آسپاس ڳوٺن ۾ رهن ٿا. ”بودو“ شهر جيڪو آرڪٽڪ سرڪل جي مٿان آهي، ان جي اهم چوراهي وٽ جتي Dronningensgat روڊ ۽ Sjogata روڊ جي وچ ۾ هيءَ مسجد آهي جيڪا مڪاني ٻولي جي نالي Islamsk Kultursentr Nordland سان سڏجي ٿي يعني ”اسلامي ڪلچرل سينٽر ناروي، سندس سامهون Ronvikgata روڊ وٽ چرچ آف جيسز (عيسائين جو گرجا گهر) آهي ۽ پٺيان هن شهر بودو جي وڏي پوليس اسٽيشن، جنهن جا سپاهي، نيوزيلينڊ واري مسجد جي حملي بعد، هن مسجد جي سيڪيورٽي ۽ ايندڙ مسلمانن جي حفاظت لاءِ تيار رهن ٿا. هن مسجد جي امام ڊاڪٽر وليد حڪيم، ڪنهن به ملڪ ۾، خاص ڪري اسان جي ملڪ ۾، هڪ ئي ڏينهن تي عيد ڪري ٻڌيءَ جو اظهار ڪرڻ بدران مختلف ڏينهن تي عيد ڪرڻ ۽ چنڊ جي نظر اچڻ يا نه اچڻ تي ضد ڪرڻ تي واهه جي ڳالهه ڪئي ته ”اهو مسئلو اسان وٽ ان ڪري درپيش اچي ٿو جو اسان وٽ مولوين کي سائنس جي ڄاڻ جي کوٽ آهي ۽ سائنسدانن ۽ حڪومت ۾ موجود سياستدانن کي فقهي (دين) جي چڱي طرح ڄاڻ ناهي.“ ان جو مثال هن ڀيري عيد کان هفتو ٻه اڳ عيد جي چنڊ بابت مولوين ۽ هڪ وزير صاحب جي وچ ۾ هليو، جيڪو شايد وزارت ٽيڪنالاجي جو وزير آهي. وزير صاحب اهو ئي چوندو رهيو ته ”اسان عيد جي چنڊ جا ڏينهن اڳواٽ سائنس ذريعي معلوم ڪنداسين ڇو جو رويت ڪميٽي جا مولوي ميمبر ملڪ جي خزاني کي هرو ڀرو هر چنڊ ڏسڻ تي 50 لک روپين جي ڊز هڻن ٿا.“ مولوي اهو ئي چوندا رهيا ته ”اسلامي طريقو اهو ئي آهي ته اسان کي دوربين ذريعي چنڊ ڏسي ان جي خاطريءَ جي فتوا ڏيڻ کپي.“ ڏٺو وڃي ته ٻئي صحيح به آهن ته غلط به. عيد جو چنڊ بلڪل اکين سان ڏسڻ کپي ڇو جو اسلام ۾ نئين چنڊ ڄمڻ تي عيد نٿي ٿئي جيئن ڪجهه قومن ٻڌن، چينين، منگولن ۽ ٻين ۾ نئين چنڊ جي جنم وٺڻ تي مهيني جي پهرين تاريخ ٿئي ٿي ۽ ڪي قومون- خاص ڪري مون سريلنڪا ۾ ڏٺو ته اتي جا سنهالي ٻڌ، چنڊ جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ جو تهوار ملهائين ٿا جنهن ۾ سمجهو ته چنڊ جي پوزيشن اسان مسلمانن جي پهرين تاريخ واري هلال چنڊ نه پر چنڊ جي جنم واري پهرين تاريخ جي مخالف طرف ۾ ٿئي ٿي. يعني چنڊ جي جنم واري وقت نئون چنڊ- يعني ”بيبي چنڊ“ بلڪل بلڪل نظر نٿو اچي- دور بينن سان به نظر نٿو اچي، ان ڪري ان نئين ڄاول چنڊ کي Invisible چنڊ به سڏيو وڃي ٿو. اهو چنڊ جڏهن چوڏهن ڏينهن بعد اڌ ڦيرو ڪري بلڪل مخالف طرف ۾ پهچي ٿو ته سڄو نظر اچي ٿو. هر مهيني جي نئين چنڊ جي ڄم جو وقت ۽ پوءِ ظاهر آهي چوڏهين جي چنڊ جي تاريخ ته سج جي اڀرڻ لهڻ جي وقتن وانگر Calculate ڪري سگهجي ٿي ۽ توهان ٻڌن، چينين، منگولن يا ٻين قومن ۽ ڌرمن جي ڪئلينڊرن ۾، جيڪي چنڊ جي ڄم موجب مهينو شروع ڪن ٿا، انهن جون تاريخون لکيل نظر اينديون جو اهو ڪم انسان جي هٿ ۾ آهي ته اڳواٽ Calculate ڪري وٺي پر نئين ڄاول چنڊ جو نظر اچڻ جو اڳواٽ حساب ڪرڻ اڃان تائين ته ناممڪن آهي. آئون ان بابت ڪيترائي اڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ مضمون لکي چڪو آهيان بلڪه سنڌيءَ جو هڪ ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ته چنڊ، تارن ۽ سيارن جي معلومات سان ڀريو پيو آهي- خاص ڪري اهي تارا ۽ سيارا جن ذريعي اسان سمنڊ تي رستو ڳوليون ٿا يعني Navigation (جهازراني) ڪيون ٿا. ان ۾ مون اها سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته نئون ڄاول چنڊ- جنهن جي ڄم جو وقت ۽ جاءِ جو اعلان ته اڳواٽ ٿيو وڃي- جيئن هن عيد جي چنڊ بابت اعلان ٿي ويو ته پاڪستان ۾ جڏهن پهچندو ته اٺن ڪلاڪن جو هوندو- يعني ان جو ڄم نيوزيلينڊ واري ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي ٿيو هوندو.

هلال (نئون) چنڊ ارڙهن ڪلاڪن کان پوءِ نظر اچي ٿو

نئون ڄاول چنڊ تڏهن ٿو نظر اچي جڏهن اهو گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو... بلڪه 18 کان 23 ڪلاڪن جو ٿيڻ تي اهو چنڊ سج ۽ ڌرتي واري سڌي ليڪ کان ايتريون ڊگريون پاسيرو ٿئي ٿو جو پوءِ ان چنڊ تي، سج جي پوندڙ روشنيءَ وارو هڪ حصو، گدري جي سنهي ڦار وانگر اسان جي ڌرتيءَ ڏي ٿئي ٿو جنهن کي اسان هلال چنڊ يعني پهرين تاريخ جو چنڊ سڏيون ٿا. سو هن ڀيري جڏهن پاڪستان ۾ نئون ڄاول چنڊ پهتو ته اهو 8 ڪلاڪن جو هو. رويت ڪميٽيءَ جا مولوي دوربينن کي گهمائيندا رهيا. ائسٽراناميءَ کان واقف هڪ ٻار به چئي سگهيو ٿي ته چنڊ هرگز هرگز نظر نه ايندو. اهو تڏهن نظر ايندو يعني دنيا جي گولي تي ان ملڪ کان تڏهن نظر اچڻ شروع ٿيندو جڏهن اهو گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلاڪن جو ٿيندو.
پاڪستان ۾ ٻئي ڏينهن اهو چنڊ لنگهڻ وقت ان جي عمر 8 واڌو 24 يعني 32 ڪلاڪ هئي ۽ 32 ڪلاڪن وارو چنڊ چڱو ٿلهو ٿئي ٿو ۽ ڪجهه وڌيڪ وقت نظر اچي ٿو. مولوين کي دوربينن ذريعي ته نظر اچي ويو پر گهرن ۾ موجود ڏاڏين نانين کي به بنا دوربين نظر اچي ويو. چنڊ نظر اچڻ تي اسان مسلمانن لاءِ پهرين تاريخ شوال جي ٿي ۽ عيد جو اعلان ٿيو. بلڪل صحيح ڪم ٿيو جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ ۾ يا دنيا ۾ رهندڙ ٻڌن لاءِ ٻي تاريخ ٿي جو هنن جي پهرين تاريخ هڪ ڏينهن اڳ ئي ٿي وئي جڏهن چنڊ نيوزيلينڊ ۾ جنم ورتو پوءِ توڙي اهو ان ڏينهن اڌ کان مٿي دنيا ۾ نظر نه آيو. اسان وٽ پاڪستان ۾ به اهو 8 ڪلاڪ عمر وارو چنڊ نظر نه آيو ۽ نه اچڻ کپي- توهان ڪنهن به جهاز جي پائلٽ، بحري جهاز جي نيويگيٽر، جاگرافي يا ائسٽراناميءَ جي شاگرد کان پڇي سگهو ٿا. هو توهان کي اهو ئي ٻڌائيندو ته چنڊ جي ڄمڻ جي حساب ڪتاب ذريعي خبر پئجي سگهي ٿي ته ان ڪهڙي وقت تي جنم ورتو پر اگهاڙين اکين يا دوربين سان اهو نظر فقط ۽ فقط تڏهن ايندو جڏهن اهو گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلاڪن جو ٿيندو. ڪڏهن به اٺن يا ڏهن ڪلاڪن جي عمر جو ”بيبي چنڊ“ نظر نٿو اچي سگهي. اهي قدرت جا قانون آهن. هاڻ هيستائين جيڪڏهن توهان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته پوءِ سوچيو ته رويت ڪميٽي جي مولوين کي دوربينن سان به چنڊ نظر نه آيو ته اهو بلڪل صحيح هو. نظر به نه اچڻ کپي پر اسان جي ملڪ جي مٿئين حصي خيبرپختونخواه جي ڪجهه مولوين چنڊ نظر اچڻ جي فتوا ڏئي ٻئي ڏينهن عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن اسان ڏٺو ته ساڳي ملڪ پاڪستان ۾ ڪي روزا رکي پيا هلن ته ڪي عيد نمازون پڙهي عيد پيا ملهائين! جيڪڏهن توهان کي سائنس يا کڻي چئجي ته قدرت جي قانون جي خبر آهي ته پوءِ توهان کي ضرور حيرت ٿيندي ۽ کل ايندي ته ان ننڍي عمر يعني 8 ڪلاڪ جو نئون چنڊ ڪجهه ماڻهن کي ڪيئن نظر آيو! اهو ئي چنڊ ساڳي ڊگهائي ڦاڪ مالديپ ٻيٽ، افغانستان، تاجڪستان، ڪرغستان، ڪذاخستان ۽ روس ۾ به ته نظر نه آيو، ۽ مثال طور پاڪستان ۾ جيڪڏهن چنڊ واقعي نظر اچي ها ته پوءِ هڪ ٻن ڪلاڪن بعد مغرب پاسي يعني ايران، ترڪمنستان، ازبڪستان، سوماليا، اٿوپيا ۽ ڪينيا وغيره ۾ ته ضرور نظر اچي ها جو اهو چنڊ اتي پهچڻ سان نو ڏهه ڪلاڪن جو ٿي ويو. جڏهن پاڪستان ۾ اٺ ڪلاڪ عمر وارو چنڊ نظر اچي ويو ته مٿين مسلمان ملڪن ۾ ڏهه ڪلاڪن وارو چنڊ ڇو نه نظر آيو. اهو ان ڪري جو انسان صدين کان ڏسندو اچي ۽ سائنس (ائسٽرانامي) کان معمولي واقفيت رکندڙ شاگرد ڄاڻن ٿا ته نئون ڄاول چنڊ گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلاڪن بعد نظر اچي ٿو، پر چنڊ نظر اچڻ جو اعلان هن سال سعودي عرب وارن به ڪيو! حيرت آهي ته هنن کي هي چنڊ ڪيئن نظر آيو جڏهن ته اهو سندن ملڪ ۾ پهچڻ تي ڏهه يارهن ڪلاڪن جو مس هو! آهي ڪو اهڙو سائنسي ڄاڻ رکندڙ ڪافر يا مسلمان جو ٻڌائي سگهي ته ان عمر جو چنڊ نظر اچي سگهي ٿو؟ جي ان عمر جو چنڊ سعودي عرب ۾ نظر اچي سگهي ٿو ته پوءِ اڳتي مغرب جي ملڪن ترڪي، مصر ۾ ته اڃان به چٽو نظر اچڻ لڳي جو انهن ملڪن تائين پهچڻ ۾ چنڊ جي عمر ڪلاڪ ٻه اڃان به وڌيڪ ٿيو وڃي. پر انهن کي قدرتي اصول مطابق نه چنڊ نظر آيو ۽ نه عيد ملهائيائون. هنن عيد ٻئي ڏينهن تي ملهائي جيئن اسان ٻئي ڏينهن تي چنڊ ڏسڻ بعد ملهائي. پر هڪ ڳالهه آهي ته سعودي عرب پنهنجي خيال سان، ضرور نيڪ نيتيءَ سان ۽ مولوي مفتين کان فتوا وٺي عيد جو اعلان ڪري ٿو ته هنن جو سڄو ملڪ لبيڪ چئي سرڪاري طرح اعلان ڪيل ڏينهن تي سڄي قوم هڪ ٿي عيد ملهائي ٿي. اها هڪ بهتر ڳالهه آهي ۽ ڪيترا عالم دين اهو ئي چون ٿا ته عوام ٻن طبقن ۾ ورهائجي ٻن مختلف ڏينهن تي عيد ملهائڻ کان بهتر آهي ته ٻڌيءَ ۾ رهي سڄي قوم هڪ ئي وقت عيد ملهائي. اهڙي طرح عرب امارتن جي ملڪن دبئي، قطر، يمن، عمان وغيره ۾ به عيد تي ڪو ڦڏو آهي ئي ڪونه ۽ نه وري انهن چنڊ ڏسڻ جو ڪنهن کي ٺيڪو ڏنو آهي. هو هر سال چپ چاپ سعودي عرب کي فالو ڪن ٿا. سعودي عرب رمضان جي چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪري ٿو ته هي ڀر وارا عرب ملڪ سعودي عرب جي ماڻهن سان گڏ روزا رکڻ شروع ڪن ٿا ۽ هنن سان گڏ، شوال جي چنڊ نظر اچڻ جي اعلان تي عيد ملهائين ٿا. اسان وٽ ڪن ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته هر سال بحث مباحثا ۽ ڦڏا ڪرڻ بدران ته چنڊ نظر آيو يا نه، ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته اسان سعودي عرب کي فالو ڪريون ۽ هڪ ڏينهن ئي عيد ملهايون.
اسان جي رويت ڪميٽي جا مولوي چنڊ جي نظر اچڻ جي بلڪل صحيح ڄاڻ ٿا ڏين پر سندن هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ شڪ ٿو ٿئي ته هو سائنسي علم کان بنهه ڪي ڪورا آهن ڇا! نه ته جڏهن چنڊ بالغ ناهي جيئن هن سال چنڊ کي ڄمڻ بعد اسان جي ملڪ مان لنگهڻو هو ته ان جي عمر 8 ڪلاڪ هئي ته پوءِ مولوين جو ٽولو هڪ هڪ ٿي دوربين مان ڇا ڏسي رهيو هو ۽ غريب عوام اهي نظارا ٽي ويءَ تي ڏسي انتظار پئي ڪري ته شايد اجهو ڪي مولوين کي چنڊ نظر آيو ۽ عيد جو ٿا اعلان ڪن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ان ننڍي عمر جو چنڊ ڪيئن نظر ايندو جو هو عيد جو اعلان ڪن ۽ سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪلاڪن جا منهن دوربين اڳيان بيهڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ مولوين کي ڏينهن جو ئي اعلان ڪري ڇڏڻ کتو ٿي ته ننڍي عمر ڪري چنڊ جو اڄ رات نظر اچڻ ناممڪن آهي ۽ ساڳي وقت هر هڪ سمجهي ٿو ته اهو چنڊ ٻئي ڏينهن 32 ڪلاڪن جو ٿيندو ۽ چٽو نظر ايندو. ڳالهه ختم. اسان وٽ ٻئي ڏينهن سانجهي نماز بعد ساڍي ستين بجي مسجد مان نڪرڻ تي سڀني چنڊ ڏٺو ۽ چنڊ جي نظر اچڻ جي دعا گهري گهر پهتا ۽ پوءِ ٽي وي کولين ته مولوي صاحب اڃان دوربين اڳيان بيٺا آهن، اڃان هنن جون ميٽنگون پيون ٿين. پوءِ چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو پر ان اعلان کان اڳ هميشه وانگر تقرير ڪئي وئي ته ڪهڙا ڪهڙا مولوي هن ڪميٽيءَ جا ميمبر هئا جن مان هڪ هڪ چنڊ ڏٺو ۽ هاڻ سڀ ان تي متفق آهن ته سڀاڻي عيد ملهائي وڃي. ڳالهه اها آهي ته اڄ جي دور ۾ ڪنهن کي ايترو وقت آهي؟ ملائيشيا انڊونيشيا ٻين ملڪن ۾ ته اهڙا ڪم نٿا ڏيکارين، چنڊ نظر آيو يا نه آيو سج لٿي کان پوءِ يڪدم هڪ سٽ ۾ ڪنهن ائنڪر طرفان ئي اها بريڪنگ نيوز ڏئي ڇڏجي ته مبارڪون چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ سڀاڻي عيد آهي. يا اڄ چنڊ نظر نه آيو.
چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو تجسس فقط تڏهن ٿو ٿئي جڏهن چنڊ سترهن ارڙهن يا اوڻيهه ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. اهڙي صورت ۾ پڪ ڪرڻ ضروري رهي ٿي ته چنڊ نظر آيو يا نه. باقي جي اسان جي ملڪ ۾ مهيني جو نئون ڄاول چنڊ ٻن اڍائي يا چئن پنجن ڪلاڪن جو هوندو ته ماڻهن کي اجايو Suspense ۾ رکڻ بدران منجهند جو ئي اعلان ڪري ڇڏڻ کپي ته نئون چنڊ جڏهن سج لٿي مهل اسان جي ملڪ مان لنگهندو ته هن جي عمر گهٽ هوندي ۽ اهو هرگز هرگز نظر نه ايندو ان ڪري عيد سڀاڻي نه پر پرئين ٿيندي، ڳالهه ختم.
ساڳي وقت اسان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزير کي به بي بنياد اعلان ڪرڻ کان گريز ڪرڻ کپي. اسان مسلمانن جي عيد مهيني جي نئين چنڊ ڄمڻ تي نه پر چنڊ نظر اچڻ تي ٿئي ٿي ۽ اڄ تائين ڪا اهڙي مشين ايجاد نه ٿي آهي جيڪا چنڊ نظر اچڻ جي Exact تاريخ ٻڌائي سگهي؟ ڪڏهن ڪڏهن ته چنڊ 18 ڪلاڪن بعد 19 يا 20 جو ٿيڻ تي نظر اچي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پهرين ڏينهن ساڳي ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي خط استوا وٽ ته نظر اچيو وڃي پر مٿڀرو ٽراپڪس وٽ يعني اسلام آباد، ڪابل ۽ اڃان به مٿي باڪو وغيره ۾ ان رات نظر نٿو اچي جو چنڊ جي نظر اچڻ جو مدار نماشام (Twilight) تي به آهي جيڪا خط استوا وٽ گهٽ عرصو رهي ٿي ۽ يڪدم اونداهه ٿيڻ تي چنڊ نظر اچيو وڃي پر دنيا جي مٿاهن (اتراهن) ملڪن ۾ سج لهڻ بعد واري روشني (شفق) گهڻو وقت رهڻ ڪري چنڊ نظر نٿو اچي جو پهرين جو چنڊ ٿوري دير لاءِ ٿو اڀري ۽ تيسين نظر نه ايندو جيسين Twilight (ٽنهي قسمن جي شفق- يعني روشني) ختم نٿي ٿئي.

مولوي ڪجهه سائنس ۽ سائنسدان دين (فقهي) جي ڄاڻ رکن

پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته چنڊ جي عمر جڏهن ارڙهن ڪلاڪ يا مٿي وڌي ٿي ته پوءِ اهو جنهن جي ملڪ مان لنگهڻ شروع ڪري ٿو اتي جا ماڻهو ان جي ڦار (هلال چنڊ) کي ڏسڻ لڳن ٿا ۽ پوءِ وقت سان گڏ اهو ٿلهو به ٿيندو وڃي ته گهڻي دير به نظر اچي ٿو. مثال طور پهرين جو چنڊ تمام سنهو ٿئي ٿو ۽ آسمان ۾ ٿوري دير نظر اچي ٿو. ان بعد غروب ٿيو وڃي. ٻئي ڏينهن سندس ٿولهه ۽ نظر اچڻ جي Duration (مدي) ۾ واڌ اچي ٿي. ٽئي ڏينهن اڃان گهڻي... تان جو چوڏهين تاريخ ته سڄو ٿالهه وانگر نظر اچي ٿو. اسان جي ناروي (بوڊو شهر) جي مسجد جي امام ڊاڪٽر وليد حڪيم جو اهو چوڻ آهي ته امن جي عيد ڪرڻ لاءِ بهتر آهي ته مولوي ڪجهه سائنس (Astronomy) پڙهن ۽ ملڪ جا سائنسدان دين (فقهي) جي ڄاڻ رکن ۽ پوءِ هڪ ٻئي جي مدد ڪن. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر وليد صحيح ٿو چوي. هن جو مطلب اهو آهي ته سائنس جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ تي مولوي ان بحث ۾ ئي نه پوندا ۽ نه دور بينين کي هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي گم ٿيل ڍور جي ڳولا وانگر چنڊ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا- جيڪڏهن هو پندرهن سورهن ڪلاڪن کان ننڍي عمر جو آهي. پر جي چنڊ جي عمر اڃان به ارڙهن ڪلاڪن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ توهان جي ملڪ مان گذري رهيو آهي ته پوءِ ان کي سج لٿي مهل ڳولهڻ ۾ عقلمندي آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ارڙهن ڪلاڪن کان ڪلاڪ اڌ ننڍو چنڊ به نظر اچي ويو آهي پر ڪيترا دفعا ته ارڙهن اوڻهين ويهن ڪلاڪن وارو چنڊ به ڪٿي ڪٿي نظر نه آيو آهي- پر اهو ڪڏهن ڪڏهن ٿئي ٿو. ٻي ڳالهه ته سائنسدانن کي چنڊ ڏسڻ وارن مولوين جي مدد ڪرڻ کپي. اها هن ريت ته مثال طور نئين ڄاول چنڊ جي اسانجي ملڪ ۾ عمر ۾ 18 ڪلاڪ ٿي آهي ته ان جي نظر اچڻ جي وڏي اميد آهي، پر جيئن ته پهرين جو چنڊ تمام سنهو ٿو ٿئي ۽ تمام ٿوري دير نظر اچي غروب ٿيو وڃي ان ڪري سائنسدانن کي اهو وقت (مهل) ۽ طرف (Direction) جو اڳواٽ حساب ڪري مولوين کي ٻڌائڻ کپي جيئن هو پنهنجا لوڻا هيڏانهن هوڏانهن هڻڻ بدران، ان طرف ڏي دوربينين جو منهن ڪن جنهن طرف کان ان مهيني جو چنڊ اڀرندو. ياد رهي ته اهو نظر ته مغرب ۾ اچي ٿو پر هر مهيني ان جي نظر اچڻ جي طرف ۾ ٿورو گهڻو فرق رهي ٿو. جيئن سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ جو مشرق ۽ مغرب ۾ روزانو ڪجهه فرق اچي ٿو ۽ اهو فرق سج جي طلوع ۽ غروب ٿيندڙ ٻن Extreme Points جي وچ ۾ بدلبو رهي ٿو. اسانجي جهازراني Navigation ۾ اهي ٻه مغرب ۽ ٻه مشڙق جون Extreme پوائنٽون اهم ٿين ٿيون. شايد قرآن ۾ ”رب المشرقين ورب المغربين“ انهن پوائنٽن ڏي اشارو هجي. مونکي ڪا عربي ٻولي يا قرآن جي تفسير جي ڄاڻ نه آهي پر آئون پنهنجي سبجيڪٽ مطابق اهو ئي سمجهان ٿو، يا جيئن ڪيترن کي اهو بحث ڪندي ٻڌو اٿم ته ڇا الله تعاليٰ جا فقط ٻه طرف مشرق ۽ مغرب آهن (رب المشرق ورب المغرب) اتر ۽ ڏکڻ نه؟ ڳالهه اها آهي ته سڄي دنيا جو مالڪ رب پاڪ آهي پر اسان ڪٿي به بيهي ڏسنداسين ته ميجر ”طرف“ ٻه آهن هڪ اڳيون ٻيو پويون. مثال طور هڪ اسان جي ليڪ کان اڳيون وارو ”مشرق“ جتان سج اڀري ٿو ۽ ٻيو پويان وارو ”مغرب“ آهي. اتر ڏکڻ ۽ ٻيا طرف جيئن اسان وٽ نيويگيشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 32 طرف استعمال ٿين ٿا اهي انهن ٻن طرفن جا حصا آهن جيئن ته ايسٽ، ويسٽ، نارٿ، سائوٿ، ايسٽ نارٿ، نارٿ ويسٽ، ويسٽ سائوٿ وغيره وغيره. بلڪه دنيا جي چارٽ (نيويگيشن جي نقشي) تي ته 360 طرف ڏنل آهن- يعني هر ڊگري هڪ طرف آهي.
بهرحال سائنسدانن کي، چنڊ ڏسڻ وارن کي صحيح طرف جو تعين ڪري ڏيڻ کپي جيئن ٿوري وقت ۾ چنڊ ڏسي وٺجي. دير ڪرڻ سان اهو لهي وڃي ٿو. ساڳي وقت ڏسڻ ۾ جلدي به نٿي ڪري سگهجي جو اهڙو سنهو چنڊ ان وقت ئي نظر اچي سگهي ٿو، جڏهن نه فقط سج غروب ٿئي، پر ان جي شفق (Twilight) به جَهڪي ٿئي. اهو به لکندو هلان ته هيءَ سج لٿي واري روشني خط استوائي ملڪن ملائيشيا، انڊونيشيا، يوگنڊا، اڪيڊار جهڙن ملڪن ۾ گهٽ وقت ٿي رهي يعني سج لهڻ سان اونداهه جلد ٿئي ٿي ۽ اونداهه ڪري چنڊ ڏسڻ ۾ آساني رهي ٿي، پر جيترو مٿي اچبو پاڪستان افغانستان ڏي يا اڃان به مٿي روس، فنلينڊ ناروي ڏي ته اها سج لٿي واري روشني يعني شفق (Twilight) جي وقت ۾ واڌارو ٿيو وڃي ۽ چنڊ کڙڻ/ نظر اچڻ جي وقت ۾ سوس اچيو وڃي. ناروي، سئيڊن، فنلينڊ جهڙن ڪن اتراهن شهرن ٽرنڍ هام، برگن، فلورو، الي سنڍ وغيره ۾ جتي اڄڪلهه 22 ڪلاڪن جو ڏينهن ٿئي ٿو اتي سج لهڻ بعد جيڪا شفق رهي ٿي اها ختم ئي نٿي ٿئي ۽ ٻن ڪلاڪن بعد نئون سج اڀرڻ تائين رهي ٿي- يعني اها ئي شفق (نما شام) پره ڦٽي (فجر) ٿيو وڃي ۽ اهڙي صورت ۾ پهرين جو ڇا چنڊ نظر ايندو.
اسان جي اڃان اتر ۾ وينداسين ته آرڪٽڪ (Arctic Circle) ٽپڻ بعد بودو (جتي جي امام جي ڳالهه پيا ڪريون، هر سٽئڊ (Harstad) ٽرومسو (Tromoso)، هئمرفيسٽ- ويندي ناروي جي بيحد اتراهين شهر نارد ڪئپ (هوننگس وئگ) جتي سڪرنڊ جو پير حماد الله خياري گذريل سال اڪيلو ويو ۽ ”يورپ جا روشن ڏينهن ۽ راتيون“ نالي سفر نامو لکيو آهي، اتي اڄڪلهه چوويهه ئي ڪلاڪ سج نظر اچي ٿو ۽ اهو سلسلو بودو شهر ۾ ته 4 جون کان 8 جولاءِ تائين هلندو، ٽرومسو شهر ۾ 20 مئي کان 22 جولاءِ تائين هلي ٿو، نارد ڪيپ ۾ 14 مئي کان 29 جولاءِ تائين لڳاتار سج نظر اچي ٿو ۽ سئيڊن جي بيحد اتراهين شهر ”لانگ ييئر باين“ جنهن بابت ڪجهه مهينا اڳ لکي چڪو آهيان ته اتي مرڻ تي به پابندي آهي جو سخت سرديءَ ڪري مردو سئو سالن بعد به decompose نٿو ٿئي ۽ اهو ساڳي حالت ۾ رهي ٿو، اتي سج سڀ کان وڏو عرصو 20 اپريل کان 22 آگسٽ تائين بنا اک ڇنڀڻ جي ظاهر رهي ٿو ۽ جي اڃان به مٿي اتر قطب تي وڃبو ته ڇهن مهينن جو ڏينهن ۽ ڇهن مهينن جي رات رهي ٿي پر جيئن ته سج لهڻ بعد به ڪجهه ڏينهن شفق جي روشني رهي ٿي ۽ اڀرڻ کان اڳ به ڪجهه ڏينهن باک ڦٽي، پرهه ڦٽي جي روشني رهي ٿي سو ان حساب سان بلڪل اتر قطب (North pole) تي هر سال لڳاتار 187 ڏينهن روشني ٿئي ٿي ۽ 163 ڏينهن لڳاتار اونداهه يعني رات. يعني اتي جي ڪنهن ماڻهو ستر سال زندگي گذاري معنيٰ هن ستر ڏينهن ڏٺا ستر راتيون.

شفق، پره ڦٽي، لالاڻ

ائسٽرانامي سان دلچسپي رکندڙ پڙهندڙن لاءِ ٻه اکر Twilight يعني شفق (پرهه ڦٽيءَ واري روشنيءَ) بابت لکندو هلان جيڪا اها روشني آهي جيڪا صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۽ شام جو سج لهڻ کان پوءِ نظر اچي ٿي، سج جنهن وقت لهي ٿو ۽ سندس گول ٿالهه جو وچ ڌرتيءَ پويان وڃي ٿو- بلڪه هينئن کڻي سمجهو ته سج جي گولي جو مٿيون حصو جنهن وقت افق جي پويان وڃي ٿو ته ان وقت Horizon سان زيرو ڊگري ٺاهي ٿو. ان بعد اهو سج وڌيڪ هيٺ ٿئي ٿو ته به اسان وٽ روشني رهي ٿي- ظاهر آهي سج جي روشنيءَ جا ڪرڻا ڌرتيءَ مٿان اڏامندڙن ذرڙن (Particles) سان ٽڪرائي روشني پيدا ڪن ٿا. اها روشني پهرين ته ايتري گهڻي آهي جو ٻار ڪرڪيٽ پيا کيڏندا آهن. آهستي آهستي اها روشني جهڪي ٿي پوءِ رات ٿئي ٿي يعني اونداهه ڪانڀار شروع ٿئي ٿي ۽ اهو ڪم تڏهن ٿئي ٿو جڏهن سج 18 ڊگريون هيٺ تائين وڃي ٿو. ساڳي طرح صبح جو سج جو مٿيون حصو ڌرتيءَ کان ٻاهر نڪري ٿو يعني ڏينهن شروع ٿئي ٿو ان کان ڪلاڪ منو ڪلاڪ اڳ روشني شروع ٿئي ٿي ۽ اهو روشني Twilight جو سلسلو ان وقت کان شروع ٿئي ٿو جڏهن سج اڃا 18 ڊگريون هيٺ آهي. هن وقت ۾ سحريءَ جو ٽائيم ختم ٿئي ٿو ۽ فجر جو وقت شروع ٿئي ٿو.
سج لهڻ کان پوءِ هيءَ روشني (شفق يا لالاڻ) پڻ نئين چنڊ نظر اچڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي ٿي پر سڄو Twilight جو وقت (18 ڊگريون) نه پر ان جو ڪجهه حصو. ان ڪري ائسٽراناميءَ ۾ هي شفق يا صبح واري باک ڦٽيءَ جو وقت ٽن مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
1- سِول روشني (Civil Twilight)- هيءَ سج جي ڇهه ڊگريون اُفق کان هيٺ تائين واري روشنيءَ کي سڏجي ٿي، هن روشنيءَ ۾ سڀ کان گهڻو چمڪندڙ تارا ۽ سيارا- خاص ڪري وينس جنهن کي مارننگ اسٽار (وهائو تارو) ۽ ايوننگ اسٽار به سڏجي ٿو، نظر اچن ٿا. ڌرتيءَ تي ايتري روشني رهي ٿي جو ڪنهن ڏيئي يا بتي ٻارڻ جي ضرورت نٿي ٿئي. رستن تي گاڏيون به بنا هيڊ لائيٽ جي پيون هلنديون آهن.
2- ناٽيڪل روشني (Nautical Twilight) سج جي ڇهن ڊگرين کان ٻارهن ڊگرين تائين سفر واري وقت واري روشني ناٽيڪل ٽيولائيٽ سڏجي ٿي. هي اهو وقت آهي جنهن ۾ اسان جهازران (Navigators) سيڪسٽنٽ يا ٻئي ڪنهن اوزار ذريعي اهم تارن جي Sight وٺي سگهون ٿا جنهن مطابق پنهنجي جهاز جي سمنڊ تي صحيح پوزيشن حاصل ڪريون ٿا ته ڪهڙي ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ تي اسان جو جهاز آهي. هن وقت جي ورتل سائيٽ سڀ ۾ گهڻي اعتبار جوڳي سمجهي وڃي ٿي. هيءَ روشني سول ٽيولائيٽ واري روشنيءَ کان گهٽ ٿئي ٿي. بنا بتيءَ جي شيون نظر اچن ٿيون پر انهن جا تفصيل چٽا نظر نٿا اچن. هيءَ روشني مليٽري ائڪشن لاءِ اهم سمجهي وڃي ٿي.
3- ائسٽرو ناميڪل ٽيولائيٽ (Astronomical Twilight) هي اهو وقت آهي جنهن ۾ سج ٻارهن ڊگرين کان هيٺ ۽ ارڙهن ڊگرين تائين جي سفر ۾ آهي. هيءَ تمام هلڪي روشني ٿئي ٿي ۽ تارن جي سائنس جا ماهر (Astronomers) مختلف تارن جي پوزيشن ۽ چرپر جو رڪارڊ رکي سگهن ٿا پر ڏورانهان ۽ گهٽ روشن تارا جيئن ته Nebulae ۽ ڪهڪشائون (Galaxies) فقط تڏهن نظر اچن ٿا جڏهن سج جو گولو 18 ڊگريون هيٺ هليو وڃي ٿو.
هاڻ جي توهان اها ڳالهه سمجهي آهي ته رات واري اونداهه ڪانڀار تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سج 18 ڊگريون هيٺ هليو وڃي ٿو- يعني دنيا جي گولي پويان غائب ٿيو وڃي ٿو. 18 ڊگرين تائين ڌرتيءَ تي رات بدران ڪجهه نه ڪجهه روشني (سهائي) رهي ٿي ۽ 12 ڊگرين تائين ته اڃان به وڌيڪ روشني رهي ٿي.

سفيد راتيون (White Nights)

هاڻ توهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته دنيا جي اتراهن حصن ۾ جيئن ته ناروي جي شهر برگن، ٽرنڍ هام بودو وغيره ۾ جتي اڄڪلهه اونهاري جي موسم ڪري ڏينهن 22 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو اتي سج لهڻ بعد رات- يعني اونداهه نٿي ٿئي جو سج اتي ئي ڇهه ست ڊگرين تائين ترسي ٻن ڪلاڪن بعد موٽي ٿو. نتيجي ۾ اهي ٻه ڪلاڪ سول ٽيولائيٽ رهي ٿي جنهن ۾ اس کڻي نٿي ٿئي پر ڪافي روشني رهي ٿي ۽ ماڻهو بنا بتي ٻارڻ جي ڪم ڪار ڪندا رهن ٿا ۽ اهڙن هنڌن تي جتي اونهاري ۾ ڏينهن جو روشني چوويهه ئي ڪلاڪ هلي ٿي انهن علائقن ۾ اهڙن ڏينهن کي ”سفيد راتيون“ (White Nights) سڏيو وڃي ٿو يعني رات جي ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ به اونداهه بدران فجر، پرهه ڦٽيءَ جهڙي روشني رهي ٿي- اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو اتي سج چنڊ ڊگرين کان وڌيڪ هيٺ وڃي ئي ڪونه ٿو. اهو اسان وٽ ٿئي ٿو جو سج اولهه ۾ غروب ٿي هيٺ وڃي، سڄي دنيا جو ڦيرو ڪري 12 کن ڪلاڪن بعد ٻئي ڏينهن صبح جو اوڀر کان ظاهر ٿئي ٿو.
اهڙين سفيد راتين وارن ڏينهن جو مونکي به پهريون دفعو مشاهدو 1970ع ڌاري ٿيو جڏهن اسان جو جهاز ناروي جي بندرگاهه ٽرنڍهام ۾ پهتو جيڪو آرڪٽڪ سرڪل کان کڻي مٿي ناهي تڏهن به ڪافي مٿي اتر ۾ ساڍين ٽيهٺ ڊگرين تي آهي. آرڪٽڪ سرڪل ساڍن ڇاهٺ ڊگرين تي آهي. اونهاري يعني جون جولاءِ جا ڏينهن هئا ۽ رمضان هو. انگلينڊ کان ڏٺوسين پئي ته جيئن جيئن جهاز اتر ڏي وڌي پيو ته ڏينهن وڏا پيا ٿين. روزن بابت ڪي چوڻ لڳا ته سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ مطابق رکجن يا ڪلاڪن جي حساب سان.
جهاز انگلش چئنل مان نڪري ”نارٿ سي“ ۾ آيو، ان بعد ”نارويجين سمنڊ“ ۾. جتان ناروي شروع ٿئي ٿو. ناروي به پاڪستان وانگر اُڀو ملڪ آهي يعني ڏکڻ کان اتر طرف هليو وڃي ٿو. سندس ساڄي پاسي ته ساڻس لڳو لڳ سئيڊن آهي باقي کاٻي پاسي- يعني مغرب ۾ سمنڊ ئي سمنڊ اهي جيڪو نارويجن سمنڊ سڏجي ٿو. مٿي اتر ۾ جتي ناروي ختم ٿئي ٿو اهو ”بئرنٽس سمنڊ“ سڏجي ٿو- جيڪو سمجهو ته نارويجن سمنڊ سان مليل آهي. هن پاسي پاڻيءَ جي جهازن جي آمدرفت فقط اونهاري ۾ ئي ٿئي ٿي باقي سال جا مهينا سخت سردي هجڻ ڪري سمنڊ جو مٿيون تهه ڄميل رهي ٿو ۽ جهازراني ناممڪن ٿيو پوي. ان هوندي به سياري جي شروعاتي مهينن ۾ جهاز ڪجهه ڏاکڻن بندرگاهن ۾ وڃي سگهن ٿا پر ان لاءِ ”آئس بريڪر“ ڀاڙي تي ڪرڻا پون ٿا. آئس بريڪر (Ice Breaker) جهاز سطح سمنڊ جي برفاني تهه کي ڀڃي پٺيان ايندڙ اسان جي عام جهازن لاءِ رستو ٺاهين ٿا. ناروي کي تمام وڏو سامونڊي ڪنارو آهي ۽ سڄو کاڌل پڻ آهي ان ڪري صدين کان هن پاسي ننڍا وڏا انيڪ بندرگاهه آهن. خاص بندرگاهه يا شهر جن ڏي اسان جهاز وٺي وياسين ٿي يا سئيڊن ۾ ٻه سال تعليم دوران، ناروي جي شهرن ۽ بندرگاهن ۾ فيلڊ ٽرپ يا گهمڻ لاءِ وياسين ٿي، ڏکڻ کان اتر طرف هن ريت آهن: ڪرسچن سئنڊ، اسٽاونگر، هيگ سُنڊ، برگن، اليسنڊ، ٽرنڍهام، بودو، ناروڪ، ٽرومسو، هئمرفيسٽ، سڪارس وئگ وغيره.
مٿي ذڪر ڪيل ٽرنڍهام بندرگاهه ناروي جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. هنن ٿڌن اسڪئنڊينيوين ملڪن (ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن، آئسلينڊ، فنلينڊ وغيره) جي هونءَ ئي آدمشماري گهٽ آهي پر جيڪا آهي سا هنن جي ڏاکڻن شهر ۾ آهي جتي وري به ٿڌ گهٽ پوي ٿي- خاص ڪري اونهاري جي مهينن ۾، نه ته اتراهن شهرن ۾ ته سياري ۾ هڪ ته لڳاتار رات يعني اونداهه رهي ٿي ۽ ٻيو بيحد گهڻي ٿڌ آهي. چانهه ٺاهڻ لاءِ به برف جي ڳوڙهي کي ڀڃي يا ٽهڪائي پاڻي ڪرڻو پوي ٿو. انهن شهرن ۾ اونهاري ۾ به سئيٽر ڪوٽ پائي نڪرڻو پوي ٿو ۽ سج جي اس ۾ نه تپش آهي ۽ نه تيزي. اهو ان ڪري جو سج چوٽ چڙهڻ بدران افق وارو رستو وٺي سفر ڪري ٿو. نتيجي ۾ توهان کي گهرن جي ڇتين تي اس نظر نه ايندي. رڳو سامهون ڀتين ۽ گهرن جي در درين تي اس نظر ايندي. ٽرنڍهام جو بندرگاهه ناروي جي 30 کن ڪلو ميٽر ڊگهي نِديلوا (Nidelva) نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ سمجهو ته ديبل يا ٺٽو سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ هو. ناروي جي هن نديءَ جو نالو دراصل نِد (Nid) آهي ۽ نارويجن ٻوليءَ جو لفظ ايلوا معنيٰ ندي آهي. جيئن اسان سنڌو ندي چئون ٿا يعني انڊس رور. ان تان ياد آيو ته نارويجن ٻوليءَ ۾ Gata (اچارڻ ۾ گت) به چيو وڃي ٿو. سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جون ٻوليون به نارويجن سان ملندڙ جلندڙ هجڻ ڪري انهن وٽ به روڊ لاءِ ساڳيو لفظ آهي پر ڪجهه مختلف نموني سان اچاريو وڃي ٿو. هي ان ڪري لکي رهيو آهيان جو مٿي بودو شهر جي مسجد جا پار پتا لکڻ ۾ توهان ڏٺو هوندو ته هر روڊ جي نالي ۾ آخر ۾ لفظ Gata لکيل آهي معنيٰ روڊ.

اتراهان ملڪ تڏهن ۽ اڄ

1960ع واري ڏهاڪي جي سالن ۾ ۽ اڄ جي سالن ۾ ڏسان ٿو ته دنيا جي ملڪن جو هر شهر آدمشماريءَ کان اٿلي ٿو، پر هن پاسي جي ملڪن آدمشماريءَ تي وڏو ڪنٽرول ڪيو آهي. توهان ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته ٽرنڍهام ٽيو نمبر وڏو شهر هجڻ جي باوجود اڄ به ان جي آدمشماري فقط ٻه لک آهي - سا به ان ڪري جو گذريل ٽيهارو سالن ۾ هنن دنيا (خاص ڪري آفريڪا ۽ ايشيا) جي ڪافي ماڻهن کي پاڻ وٽ پناهه ڏني آهي. سو سوچيو ته اڄ کان پنجاهه سال اڳ 1970ع ڌاري ٽرنڍهام جي ڇا آدمشماري هوندي. اسان جا سنڌي مسلمان ته تمام دير سان ٻاهر نڪتا پر سڄي شهر ۾ ڪو پنجابي يا پٺاڻ به نظر نٿي آيو. دراصل ههڙن ٿڌن ملڪن ۾ رهڻ لاءِ ڪنهن کي کٽيءَ کنيو آهي جڏهن اسان جي ماڻهن کي انهن ڏينهن ۾ انگلينڊ، جرمني، فرانس، ترڪي ويندي جپان جهڙن ملڪن ۾ به سولائيءَ سان رهائش (شهريت ۽ پاسپورٽ) ملي ٿي ويو. ها البت هڪ جيڪب آباد جو نوجوان ضرور مليو جنهن هتي جي ڪنهن فئڪٽريءَ ۾ ڪم ٿي ڪيو. هو صاف سنڌي ڳالهائي رهيو هو ۽ هن ٻڌايو ته هو پنجابي سيٽلر آهي. سندس لاهور جو مامو هتي ڪم ڪندو هو جنهن هن کي هتي گهرايو ۽ هاڻ هو ٻن ٽن سالن کان هتي رهي ٿو. ”موسم جيتوڻيڪ سخت آهي پر هي ملڪ فلاحي رياست هجڻ ڪري حڪومت هتي جي هر ماڻهوءَ جو خيال ڪري ٿي. ميڊيڪل کان رهائش لاءِ سرڪار وظيفو ڏئي ٿي جو منهنجي نوڪري ڪا اهڙي وڏي ناهي جنهن جي پگهار مان گذر سفر ٿي سگهي.“ هن ٻڌايو هو.
بهرحال اسان هن جيڪب آباد جي نينگر کان پڇيو ته ”تون هتي ٻن ٽن سالن کان رهيو پيو آهين. نماز ۽ روزي جا ڇا وقت ٿيندا؟ هتي ته ڏينهن ئي ڏينهن لڳو پيو آهي.“
هن ٻڌايو ته هو هتي ٽرانڍهام ۾ اڪيلو مسلمان آهي. ”ڀر وارن ڳوٺن مان ٻن ٽن ۾ جهڙوڪ سوويرس برگ، موهولت ۽ ٽانسٽئڊ ۾ هڪ ٻه مسلمان آهن جيڪي سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ جي حساب سان روزو رکن ٿا ۽ آئون به انهن وانگر روزو رکان ٿو ۽ نمازون پڙهان ٿو.“
ياد رهي ته هي 1968ع يا 1970ع ڌاري وارا ڏينهن هئا يعني اڄ کان اڌ صدي کن اڳ جڏهن اسان جي ايشيا، آفريڪا توڙي عرب ملڪن جي ماڻهن هن پاسي گهمڻ لاءِ اچڻ به پسند نٿي ڪيو- رهڻ ته ٿي پري جي ڳالهه. پر وڏي اٿل پٿل پوءِ آئي. 1979ع ۾ ايران ۾ اسلامي انقلاب اچڻ تي، پاڪستان ۾ قاديانين ۽ غير مسلم هجڻ جي اعلان تي، عراق ڪويت، عراق ايران جنگ تي، روس جي افغانستان ۾ گهڙڻ تي، بنگلاديش ٿيڻ تي، پاڪستان ۾ دربدر ٿيل بنگالي، آفريڪا جي سوماليا ۽ ٻين ملڪن ۾ وڳوڙ پيدا ٿيڻ تي، اسان جي پاسن جي انيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي ۽ هنن لاءِ سولو ۽ آسان آستانو سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ جهڙا فلاحي Scandinavian ملڪ ٿي رهيا ۽ اڄڪلهه ناروي ۾ ڌارين ملڪن کان آيل مسلمان ۽ مڪاني نو مسلم جو تعداد ٻه سيڪڙو ٿي ويو آهي ۽ رڳو هتي ٽرنڍهام شهر ۾ اڄڪلهه ٽي مسجدون آهن. ياد رهي ته هن پاسي توڙي يورپ جي ٻين ملڪن ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ جتي مسجدون آهن- جن جا ڪيترن هنڌن تي نالا ”مسجد“ بدران ”اسلامي سينٽر“ لکيل آهن، انهن مسجدن کان علاوه اتي ڪيترن محلن ۾ جتي مسلمانن جي گهڻائي آهي هنن ڪنهن گهر يا فلئٽ جو ڪمرو مسواڙ تي وٺي ڇڏيو آهي ۽ نماز لاءِ ڪنهن مسجد ڏي پري وڃڻ بدران ان ڪمري ۾ اڪيلي يا جماعت سان نماز پڙهن ٿا. سئيڊن جي شهر مالمو ۾ جتي اڄڪلهه وڏيون مسجدون آهن اتي مٿين قسم جي هڪ ڪمري واريون ڪيتريون ئي مسجدون آهن جيڪي مالمو جي مختلف پاڙن ۾ رهندڙ عرب، ترڪ، پاڪستاني عراقي، ايراني ۽ سومالي پناهگيرن ( Asyleumوٺندڙ) مسلمانن نماز پڙهڻ لاءِ بندوبست ڪيو آهي. ويندي مالمو شهر کان ٿورو ٻاهر تي اسانجي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ ۾ هڪ ڪمرو مسجد لاءِ وقف ٿيل آهي ڇو جو هن يونيورسٽيءَ ۾ سڄي دنيا جي ملڪن جا جهازران اعليٰ تعليم لاءِ اچن ٿا، جن ۾ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جا به آهن.
سو انهن ڏينهن ۾ يعني 1969ع يا 1970ع جي لڳ ڀڳ واري سال ۾ جڏهن اسان جو جهاز اتر ناروي جي بندرگاهه ٽرانڍهام ۾ لنگر انداز ٿيو ته ٽرنڍهام شهر ۾ ڪا مسجد يا ”اسلامي مرڪز“ ته نه هو پر سڄي ڏکڻ ناروي ڏي به ڪا مسجد يا ملان مفتي نه هو جنهن کان کڻي ڪنهن اسلامي مسئلي جو حل پڇجي. سو اسان لاءِ واحد مسلمان ۽ سياڻو هي جيڪب آباد جو نينگر هو. نينگر ان ڪري ٿو لکان جو ان وقت اسان ئي نينگر يعني ڇوڪرا هئاسين- 24 ورهين کن جا ۽ هي ته اسان کان به چار پنج سال ننڍو هو- يعني ويهن سالن جو- سو اهو ڪهڙو اڇي ڏاڙهي وارو سڏبو، پر ههڙي سيناريو ۾ هي انڌن ۾ ڪاڻو راجا هو. ڏينهن کي نه کٽندو ڏسي پٺاڻ ته چپ هئا پر اسان جي جهاز جي ڪڇي ۽ مڪراني خلاصين اهو گمان ڪيو ته هتي شايد روزو واچ جي ڪانٽن موجب ٻارهن ڪلاڪن جو ٿيڻ کپي، پر اسان جي سنڌ جي نوجوان ٻڌايو ته ”روزو هتي به پاڻ وانگر سج اڀرڻ کان سج لهڻ تائين ٿئي ٿو.“
ان تي اسان لاءِ اهو پڇڻ ضروري ٿي پيو ته سج اڀري ۽ لهي ڪنهن وقت ٿو جو ناروي جي ويجهو اچڻ سان- يعني نارويجن سمنڊ ۾ گهڙڻ سان اسان ته هر وقت روشني ئي روشني پيا ڏسون. جهاز سمنڊ تي هوندو آهي- يعني جڏهن جهاز هلائڻو هوندو آهي ته هر هڪ کي چار ڪلاڪ ڏينهن جو ڊيوٽي ڪرڻي هوندي آهي ته اهي ئي چار ڪلاڪ رات جو ڪرڻي آهي. مثال طور انهن ڏينهن ۾ منهنجي ڊيوٽي ڏينهن جو چئين کان اٺين تائين هئي ته رات جي به اها چئين کان اٺين ڪندو هوس ۽ پوءِ ڏينهن جو توڙي رات جو چار ڪلاڪ جهاز هلائڻ بعد ڪجهه دير لاءِ هن ”واچ“ (ڊيوٽي) وارا انجنيئر ۽ نيويگيٽر (ڊيڪ آفيسر) جهاز جي ڊيڪ تي رکيل ڪرسين تي اڌ ڪلاڪ کن ويهي گپ شپ ڪندا هئاسين. چوڌاري اڇي کير جهڙي سهائي روشني هوندي هئي. ڊيوٽي تي وڃڻ وقت به ڏينهن جو سمو هوندو هو. سو جيڪب آباد جي همراهه (هن وقت مونکان سندس نالو وسري ويو آهي پر انهن ڏينهن ۾ لکيل سفر نامي ۾ مون سندس تفصيلي احوال لکيو آهي) کان پڇيوسين ته پوءِ ڀلا سج ڪيڏي مهل ٿو لهي جو روزو کولجي ۽ اهو روزو ڪيترا ڪلاڪ هلندو.

ناروي ۾ رمضان ۽ نمازن جا ٽائيم

ٽرنڍهام، ناروي ۾ رهندڙ نينگر اسان کي پني تي لکي ڏنو ته اڄ 17 جون آهي سو سج لهڻ جو وقت ساڍا يارهن (23.30) آهي ۽ اڀرڻ جو قت سوا ٽين بجي (03.15) آهي. مغرب جي نماز ساڍي يارهين بجي (23.30 hrs) تي روزي کولڻ مهل ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪلاڪ رکي ساڍي ٻارهين (00.30) تي عشاءَ جو ٽائيم آهي ۽ سج اڀرڻ کان ڪلاڪ اڳ ٻي بجي (02.00) سحر جو ٽائيم ختم ٿو ٿئي جيتوڻيڪ سج لهڻ کان سج اڀرڻ تائين فجر واري روشني قائم رهي ٿي جنهن لاءِ مٿي سمجهائي آيو آهيان ته سج لهڻ بعد اهو (افق تان غائب ٿيڻ بعد) 18 ڊگرين کان هيٺ وڃي ئي ڪونه ٿو. نتيجي ۾ اهو سمورو ٽائيم سول يا ناٽيڪل ٽويلائيٽ رهي ٿي. اسان جي خلاصين وڏي بي چينيءَ سان پڇيو ته ”سائين پوءِ ڀلا روزو ڪيترن ڪلاڪن جو ٿيو؟“
”سج اڀرڻ کان لهڻ تائين دورانو ساڍن ويهن ڪلاڪن جو ٿيو پر جيئن ته سحريءَ جو ٽائيم سج اڀرڻ کان ڪلاڪ ڏيڊ اڳ پورو ٿئي ٿو ان ڪري روزي جو دورانيو ٻاويهه ڪلاڪ ٿي ويو.“
هتي رهندڙ هن سنڌي نوجوان جي اها ڳالهه ٻڌي اسانجي مڪراني ۽ ڪڇي خلاصين جي منهن جو پنو ئي لهي ويو ۽ جنهن ڪاوڙ واري نموني جي شڪل ٺاهي هن نوجوان ڏي ڏٺو، ان مان مونکي ائين لڳو ته هي درويش ماڳهين هن نينگر تي نه ڇوهه ڇنڊين. پر مون ڏٺو ته هنن کي ايترو عقل هو ۽ سالن کان جهازن تي سفر ڪري ايتري جاگرافيائي ڄاڻ هئي جو هنن جهازران ڪمپنيءَ تي ڇوهه ڇنڊيا. اها ئي ڳالهه منهنجي ”واچ“ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڪڇي تيل واري (Oiler) ڪئي. هاڻ اهي ڪم وارا G.P يعني ”جنرل پرپز“ ڪم ڪرڻ وارا سڏجن ٿا نه ته انهن ڏينهن ۾ اهي تيل وارا، آگ وارا، خلاصي سڏبا هئا ۽ انهن جا اهي امتحان نه ٿيندا هئا جيڪي اڄڪلهه ضروري ٿي پيا آهن. اسان واري ”تيل واري“ چيو ته ڪمپنيءَ وارا ذليل آهن. هنن جڏهن هن جهاز کي ليما، سانتياگو، مونٽي وديو، سلوادور بندرگاهن واري سائوٿ آمريڪا واري روٽ تي رکيو ته پوءِ آخري وقت تي اسان جي جهاز تي هالنڊ، بيلجم ۽ ناروي جو سامان چاڙهي اسان کي هيڏانهن اتر قطب ڏي ڇو موڪلي ڇڏيائون؟“ پهرين ته مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته هن جو مطلب ڇا آهي. اسان جهاز وارن جو روٽ سان ڪهڙو مقصد، اسانجو ڪم ٿيو ڏينهن رات جهاز هلائڻ- روٽ کڻي ڪهڙي به هجي جهاز کڻي ڪيڏو به وڏو هجي. ڏينهن رات جي ڊگهن سفرن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ته طوفان ۽ خراب موسم به ملندي! پر پوءِ مونکي سمجهه ۾ آيو ته هي خلاصي چار درجا پڙهيل آهي ۽ سمجهي ٿو ته دنيا جي اتر اڌ گول ۾ جون ۽ جولاءِ اونهاري جا مهينا آهن ۽ جيترو مٿي اتر قطب ڏي وڃبو ڏينهن ويندا وڏا ٿيندا، پر اهي ساڳيا مهينا ڏکڻ قطب ۾ سخت سياري جا ٿين ٿا ۽ جيترو ڏکڻ قطب ڏي وڃبو ته ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿينديون. اسان بعد اسان جي ڪمپنيءَ جو ٻيو جهاز جنهن کي اسان واري روٽ تي برازيل، چلي، پيرو، پوروگئي وغيره ملڪن ڏي موڪلي رهيا هئا انهن جو ڏينهن بنا شڪ جي ڪلاڪ ٻن جو مس ٿيندو. جو اتي راتيون ڊگهيون آهن ۽ ڏينهن نه برابر، ڇو جو چلي، پيرو، ارجنٽائين توڙي آسٽريليا نيوزيلنڊ ۾ جون جولاءِ آگسٽ جا مهينا سياري جا آهن يعني ڊگهين راتين ننڍن ڏينهن جا.
اسان جي حيرت تي جيڪب آباد واري جوان چيو ته ”سر! اڃان ته سترهين ارڙهين جون آهي. سمر سولسٽائيس (Summer Solstice) ٿيڻ ۾ اڃان به ٽي ڏينهن کن آهن.“ آئون سندس ڳالهه سمجهي ويس جو اهي شيون اسان فرسٽ ييئر ۽ انٽر ۾ جاگرافيءَ جي سبجيڪٽ ۾ پڙهيون. عربي يا فارسي بدران اسانجي ڪلاس جو آپشنل سبجيڪٽ جاگرافي هو ۽ جاگرافيءَ جي ٽيچر مسٽر طارق مصطفيٰ جي ڇا ڳالهه ڪجي. اسان کي هن جاگرافي ائين ٿي پڙهائي ۽ ياد ڪرائي ڄڻ اسان جاگرافي ۾ ماسٽرس ڪري رهيا هجون، پر هجيس شاباس ۽ منهنجا سڀ ڪلاس ميٽ ان ڳالهه کي مڃيندا- ويندي اسان جو انگريز فوجي پرنسپال ڪرنل ڪومبس به چوندو هو ته سر طارق مصطفيٰ کي پڙهائڻ جو ڏانءَ اچي ٿو. هن اسان شاگردن ۾ جاگرافي لاءِ ڏاڍي دلچسپي ۽ اتساهه پيدا ڪيو. ايتري قدر جو مونکي اڄ به ان ڳالهه تي حيرت ٿيندي آهي ته اسان جا ٽوئرسٽ بنا جاگرافيڪل ڄاڻ جي ملائيشيا، سنگاپور، جپان، انگلينڊ توڙي آمريڪا جا ملڪ گهمڻ ۾ ڇا enjoy ڪندا هوندا. ڪا به جاءِ گهمڻ لاءِ ان جي جاگرافي ۽ تاريخ جي ڄاڻ اڳواٽ رکڻ ضروري آهي.
جيڪب آباد واري همراهه جي ڳالهه آئون سمجهي ويس ته 21 جون تائين اڃان به روزانو ڏينهن وڏو ٿيندو رهندو ۽ رات ننڍي. ان بعد آهستي آهستي ڏينهن جي ڊيگهه گهٽجڻ شروع ٿيندي تان جو هڪ اهڙي تاريخ (23 سيپٽمبر) ايندي جڏهن ڏينهن ۽ رات هڪ برابر ٿيندا. ان بعد وري راتيون وڏيون ٿيڻ شروع ٿينديون. هر سال ٻه تاريخون اهڙيون ٿين ٿيون (هڪ مٿين 23 سيپٽمبر ۽ ٻي 20 مارچ) جڏهن سج جو وچ خط استوا جي بلڪل مٿان رهي ٿو ۽ انهن ٻنهي تاريخن تي ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين ٿا. اهي تاريخون Equinox سڏجن ٿيون. مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته سج هر روز مشرق مان ساڳي Point تان نٿو اڀري ۽ نه ساڳي پوائنٽ وٽ مغرب ۾ لهي ٿو. اها روزانو سِرڪندي رهي ٿي ۽ ٻن پوڇڙن تائين سڄو سال سج جي اڀرڻ (مشرق) ۽ لهڻ (مغرب) جو سلسلو لڳو رهي ٿو. انهن مشرقن ۽ مغربن جي ڇيڙن جو وچ جي ڪبو ته ان هنڌان سج Equinox واري تاريخ تان ئي اڀري ٿو ۽ لهي ٿو. اڳئين زماني ۾ ان خاص مشرق ۽ مغرب وٽان سج کي چڙهندو ۽ لهندو ڏسي ماڻهو چوندا هئا ته اڄ ڏينهن ۽ رات برابر آهي. هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن اڃان ڪئلينڊر عام نه هئا ۽ واچون ته اڃان ايجاد به نه ٿيون هيون.
دنيا جي اتر واري اڌ گول (Northern Hemisphere) ۾ مارچ واري اڪيناڪس (جيڪا Vernal Equinox سڏجي ٿي)، بهار جي آمد جو اطلاع سمجهي ويندي هئي ۽ ڪيتريون قومون هن تاريخ تي نئون سال ملهائينديون هيون جيئن ايران ۾ آتش پرست ”نوروز“ ملهائيندا هئا. هاڻ ته نوروز جو جشن هڪ ڪلچرل جشن ٿي پيو آهي ۽ ايران ۾ مسلمان به ملهائين ٿا جيئن ڪيتريون ئي هندو رسمون اسان وٽ توڙي ملائيشيا ۾ مسلمان ملهائين ٿا جن جو واسطو اسلام سان نه آهي پر اسان جي ڪلچر سان آهي. اهڙي طرح هن Equinox واري تاريخ تي سائوٿ انڊين (تامل، مليالم، تيلگو وغيره) پنهنجي ملڪ ۾ توڙي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ”پونگل“ جو جشن ملهائين ٿا جنهن ۾ هڪ متاري ڍڳي کي هار سينگار ڪري هن کي سنگاپور ۽ ڪوالالمپور جي رستن تان سرڪس ڪرائين ٿا. اهڙي طرح آشوري (Assyrian) ڪئلينڊر ۾ به هيءَ Equinox نئين سال شروع ٿيڻ جي نشاندهي ڪري ٿي. اهڙي طرح 23 سيپٽمبر واري اڪيناڪس سرءَ جي موسم جي آگاهي ڏئي ٿي. ان بعد راتيون وڏيون شروع ٿين ٿيون، سيارو پنهنجا جوڀن ڏيکاري ٿو ۽ ٽرنڍهام جهڙن اتراهن شهرن ۾ اونداهه جو راڄ وڌندو رهي ٿو. اونداهه ۽ سخت سردي ڪري اداسي ۽ مايوسيءَ جو عالم رهي ٿو ۽ مٿين شهر ٽرنڍهام جنهن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون اتي ڏينهن سُسيو ٻن ٽن ڪلاڪن جو وڃيو ٿئي باقي بچيل ڪلاڪ رات جي اونداهي رهي ٿي. جهازن جي آمد ۽ رونقون ختم ٿيو وڃن. سمنڊ مٿان برف جو تهه چڙهيو وڃي، وڻ پن ڇاڻي روڏا ٿيو وڃن، ملڪ جا سهڻا پکي ڏکڻ ڏي گرم ملڪن اسپين، اٽلي يا اڃان به اڳتي آفريڪا جي ملڪن موراڪو، الجيريا، لبيا کان وڃيو نڪرن. هي ”ڏينهن ننڍي ٿيڻ“ جو سلسلو 21 ڊسمبر تائين هلي ٿو جيڪا تاريخ ونٽر سولسٽائيس (Winter Solstice) سڏجي ٿي. هن تاريخ کان پوءِ روزانو ڏينهن آهستي آهستي وڏو ٿيڻ لڳي ٿو.

دنيا جي ڦاڪن بابت ڄاڻ

اتر قطب جي علائقن ۽ اتي جي ماڻهن ۽ موسمن جون وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ هتي هڪ دفعو وري مختصر طور ٻه ٽي ڳالهيون لکڻ چاهيان ٿو جيڪي هر وقت پڙهندڙ جي ڌيان ۾ هجڻ کپن، پوءِ هن کي هر ڳالهه وڌيڪ ۽ آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهندي. اهي هي آهن:
* دنيا جي گولي کي جي پتائي گجر وانگر مٿان کان هيٺ ڪپ سان ڪٽي ڳترا ڳترا ڪبو ته اهو ڪٽ جيڪو ڌرتيءَ جي بلڪل وچ ۾ اچي ٿو يعني ڌرتيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو اها خط استوا (Equator) جي ويڪرائي ڦاڪ سڏجي ٿي. اها ليڪ (Latitude) دنيا جي اندرين وچ (مرڪز) کان زيرو ڊگري ڪنڊ (Angle) ٺاهي ٿي. ان ڪري خط استوا ٻڙي ڊگري سڏجي ٿي. هاڻ ان خط استوائي ڦاڪ کان جيئن جيئن مٿي وڃبو ته Angle وڌندو ويندو، جيئن سنگاپور سوا کن ڊگري ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. بئنڪاڪ 14 ڊگرين تي آهي. ڪراچي اڃان مٿي 25 ڊگرين تي ۽ ڪابل اڃان 10 کن مٿي 35 ڊگرين ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. اڃان مٿي وڃبو ته 20 کن ڊگريون مٿي 56 ڊگرين تي ماسڪو آهي. سئيڊن جي شهر مالمو مان آئون پڙهيس اهو به ان ئي ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. سئيڊن جي گاديءَ وارو شهر اسٽاڪهوم ڪجهه مٿي 49 ڊگرين تي آهي، ناروي جي گاديءَ جو هنڌ اوسلو به ان ئي ويڪرائي ڦاڪ جي آسپاس آهي. سئيڊن جو هڪ اتراهون شهر ڪِرونا 68 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ۽ ناروي جو شهر ”لانگ ييئر باين“ جيڪو اتر قطب جي ويجهو چند ننڍڙن ڳوٺن مان هڪ آهي اهو 78 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. ان کان مٿي اتر ۾ ڪٿي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو نظر اچي نه ته چوڌاري برف ئي برف تي اڇي رنگ جا برفاني رڇ ئي نظر اچن ٿا. اڃان مٿي وڃبو ته آخر دنيا جي چوٽيءَ اتر قطب (North Pole) تي پهچي وڃبو جتي اسان جي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇيلو جي ڌيءَ انوشڪا پهرين ڇوڪري آهي جيڪا پيرين پنڌ پهتي. اهو هنڌ يعني دنيا جي اتراهين پوائنٽ 90 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) سڏجي ٿي جو دنيا جي وچ وارو ٽٻڪو خط استوا ۽ اتر قطب جي وچ ۾ گوني ڪنڊ يعني 90 ڊگريون ٺاهي ٿي. اهڙي طرح 90 ڊگريون دنيا جي هيٺئين اڌ گول ۾ ڏکڻ قطب آهي. خط استوا کان مٿي اتر ۾ توڙي هيٺ ڏکڻ ۾ هر هڪ ڊگريءَ جو ويڪرائي ڦاڪ اهم آهي جو جتي ڪٿي ڪونه ڪو شهر يا سمنڊ آهي پر ”پنج“ ويڪرائي ڦاڪ اهم آهن: هڪ زيرو ڊگري وارو ”خط استوا“ جيڪو دنيا کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو: اتر اڌ گول ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾. هن ويڪرائي ڦاڪ تي جيڪي شهر آهن اتي ٻارهوئي ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين ٿا. جيئن سنگاپور ۽ ڪوالالمپور ۾ سڄو سال نمازن جو هڪ ئي وقت ٿئي ٿو، ويندي جمعي نمازن ۽ عيد نمازن جو ٽائيم هڪ ئي ٿئي پوءِ عيد ڀلي جولاءِ ۾ اچي يا ڊسمبر ۾. ٻيو اهم ويڪرائي ڦاڪ ساڍن 23 ڊگرين تي آهي. اتر ۾ به ته ڏکڻ ۾ به. اتر وارو Tropic of Cancer (خطِ سرطان) ۽ ڏکڻ وارو Tropic of Capricorn (خطِ جدي) سڏجي ٿو. ان بعد ساڍين 66 ڊگرين وارا ويڪرائي ڦاڪ اهم آهن. اتر وارو Arctic Circle (اتر قطبي دائرو جنهن کي فارسيءَ ۾ مدارشما لگان سڏين ٿا) ۽ ڏکڻ واري کي Antarctic Circle (ڏکڻ قطبي دائرو، فارسيءَ ۾ مدار جنوبگان) سڏين ٿا. آرڪٽڪ سرڪل کان اتر قطب جي نقطي يعني 90 ڊگرين واري علائقي کي ”آرڪٽڪ علائقو“ سڏين ٿا جنهن ۾ هيٺين ملڪن جا ڪجهه اتراهان حصا اچن ٿا: روس، ڪئناڊا، گرين لئنڊ، الاسڪا، ناروي، سئيڊن، فنلينڊ ۽ آئس لينڊ جو پڻ هڪ چورس ڪلو ميٽر.
آرڪٽڪ سرڪل کان هيٺ وارن علائقن ۾ ڪڏهن ڏينهن وڏو ٿئي ٿو ته ڪڏهن (سياري ۾) راتيون پر ڪڏهن به 24 ڪلاڪن جو ڏينهن يا رات نه ٿيندي آهي. 23 ڪلاڪن جو ڏينهن يا رات ”آرڪٽڪ سرڪل“ کان مٿي شروع ٿئي ٿو. اونهاري ۾ جيئن جيئن مٿي وڃبو تيئن تيئن ڏينهن وڌندو ويندو- تان جو اتر قطب يعني 90 ڊگرين تي پهچڻ تي ڇهه مهينن جو هڪ ڏينهن ۽ ڇهه مهينن جي هڪ رات ٿئي ٿي. اهو ئي حال ڏکڻ ۾ ائنٽارڪٽڪ سرڪل کان مٿي آهي، پر جڏهن اتر قطب ۾ ڏينهن يعني اونهارو آهي ته انهن مهينن ۾ ڏکڻ قطب ۾ رات يعني سيارو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ دنيا جي اتر اڌ گول ۾ نومبر ڊسمبر ۽ جنوري سياري جا مهينا آهن ته ڏکڻ اڌ گول ۾ يعني چلي، نيوزيلينڊ آسٽريليا ۾ اهي مهينا گرمي جا يعني اونهاري جا ٿين ٿا.
دنيا جو گولو سڌو هجڻ بدران ساڍيون 23 ڊگريون پاسيرو آهي ان ڪري ڌرتي جو اتر وارو حصو سج جي پاسي آهي ته اتر قطب ۾ ڇهه مهينا سج نظر اچي ٿو. ان بعد ٻئي پاسي پهچڻ تي اتي 6 مهينا رات رهي ٿي.
هڪ ٻي ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جي اها آهي ته سال ۾ ٻه دفعا ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين ٿا جن کي Equinox سڏجي ٿو. اهي آهن هر سال جي 20 مارچ ۽ 23 سيپٽمبر. 20 مارچ تي دنيا ۾ جتي ڪٿي ڏينهن رات ٻارهن ٻارهن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. ان بعد دنيا جي اتر اڌ گول ۾ هر روز ڏينهن وڏو ٿيندو وڃي رات ننڍي- تان جو 21 جون تي ڏينهن وڏي ۾ وڏو ٿئي ٿو. اسان وٽ پاڪستان ۾ ڏينهن 14 ڪلاڪن جو وڃيو ٿئي ۽ رات 10 ڪلاڪن جي. وڌيڪ اتر ۾ اسٽاڪهوم ۽ اوسلو ۾ ڏينهن 20 ڪلاڪن جو ۽ رات 4 ڪلاڪن جي، اڃان به مٿي ناروي جي شهر ٽرنڍهام ۾ ڏينهن 22 ڪلاڪن جو ۽ رات ٻن ڪلاڪن جي ٿئي ٿي.
21 جون بعد اسان واري اتر اڌ گول ۾ ڏينهن آهستي آهستي ننڍو ٿئي ٿو ۽ رات وڌڻ لڳي ٿي تان جو 23 سيپٽمبر اها تاريخ آهي جنهن تي سڄي دنيا ۾ ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين ٿا ۽ پوءِ هر روز رات ڏينهن کان وڏي ٿيڻ شروع ٿئي ٿي تان جو 21 ڊسمبر تي اسان جي اڌ گول ۾ رات وڏي ۾ وڏي ٿئي ٿي.
هر سال جي 21 جون جنهن تي اسان وٽ وڏي ۾ وڏو ڏينهن ٿئي ٿو ۽ 21 ڊسمبر جنهن تي اسان جي اڌ گول ۾ رات وڏي ۾ وڏي ٿئي ٿي، اهي ٻئي ڏينهن Solstice سڏجن ٿا. دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾ به اهي ٻه ڏينهن Solstice سڏجن ٿا. پر اسان وٽ ڏينهن وڏو آهي ته ڏکڻ اڌ گول ۾ ابتو حساب آهي يعني اتي رات وڏي آهي. هيءَ ڳالهه اسان جي ملڪ جي انهن ماڻهن کي خاص طرح ڌيان ۾ رکڻ کپي جيڪي ڪراچيءَ کان آسٽريليا، نيوزيلينڊ، چلي، سائوٿ آفريڪا، فجي وغيره وڃن ٿا. هونءَ ته اسان جي ماڻهن جو انهن ملڪن ڏي وڃڻ نه ٿيندو هو. هو رڳو انگلينڊ، جرمني، فرانس، ڪئناڊا، آمريڪا (USA) ويندا هئا پر هاڻ آسٽريليا، نيوزيلينڊ پاسي وڃ ته نه فقط اسلام آباد لاهور جا چوڌري، ملڪ ۽ نيازي نظر اچن ٿا پر سنڌ جي ڳوٺن جا نظاماڻي، جويا، گهلو، ڏاوچ، چنڊ، ٻگهيا ويندي اوڏ ۽ مينگهواڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نوڪريون ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ ڪيترا ته اتي جا شهري به ٿي ويا آهن ۽ اتي جو پاسپورٽ رکن ٿا. اسان جي ڳوٺ جي هڪ سفارتخاني جي آفيسر جي فرانس کان نيوزيلينڊ بدلي ٿي ته هن جي ٻارن سان اسڪول ۾ اها ئي جٺ ٿي جيڪا مٿي لکي آيو آهيان ته هنن انٽري ٽيسٽ ۾ جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جا مهينا اونهاري جا لکيا. جيتوڻيڪ آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره ۾ اهي مهينا سياري جا هوندا آهن جن ۾ راتيون وڏيون ٿين، اسان وٽ انهن مهينن ۾ راتيون ننڍيون ٿين.

سج جي غروب ٿيڻ بعد به روشني

هڪ ٻي ڳالهه جيڪا هڪ دفعو وري پڙهندڙن جي ڌيان تي آڻي رهيو آهيان اها سج جي غروب ٿيڻ بعد يا سج جي اڀرڻ کان اڳ جي روشني (Twilight) آهي. سج جي غروب ٿيڻ بعد به- يعني سج افق جي پٺيان هليو وڃي ان بعد به ڪجهه وقت روشني (لالاڻ) رهي ٿي. سج لهڻ ڪو ڏيو وسائڻ وانگر ناهي ته توهان ڏئي کي ڦوڪ ڏئي وسايو ۽ يڪدم اونداهه ڪانڀار ٿي وئي. يا جيئن بلب جي سئج آف ڪرڻ تي اونداهه ٿيو وڃي. سج جي غروب ٿيڻ جو بهترين نظارو سمنڊ تي يا رڻ پٽ تي ڏسڻ وٽان آهي. شهرن ۾ ته اهو عمارتن يا وڻن، جبلن پويان غروب ٿيو وڃي پر سمنڊ تي جڏهن چوڌاري پاڻي ئي پاڻي آهي ته سج افق (Horizon) جي ويجهو پهچڻ تي هلڪو ڳاڙهو ٿيڻ لڳندو آهي ۽ چنڊ وانگر ٿڌو هوندو آهي. يعني اهو سج جنهن ڏي سڄو ڏينهن ڏسي نٿو سگهجي ان کي غروب ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ کن اڳ ڏسي سگهجي ٿو جو ان ۾ نه تپش رهي ٿي ۽ نه تيز روشني. افق وٽ پهچي ائين لڳندو آهي ڄڻ چنڊ هجي ۽ ڪيترا دفعا سج لهڻ جو نظارو ڪرڻ لاءِ جهاز جي ڪئبن مان ٻاهر ڊيڪ تي اچڻ تي چوڏهين جي چنڊ کي سج يا سج کي چنڊ سمجهيو هوندوسين.
سج آهستي آهستي ٿي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ غوطو هڻندو آهي. چوٿو اندر ٿيڻ بعد اڌ ٿئي ٿو پوءِ منو اندر هليو وڃي ۽ پوءِ سڄو. سمجهو ته ٿالهه جي مٿين اَندي (Rim) به سمنڊ اندر گهڙيو وڃي. اهو ئي نظارو رڻ پٽ desert تي ٿئي ٿو جتي وڻ ٽڻ يا جبل جهڙي ڪا آڏ نه آهي. سج جي اندر وڃڻ تي ڏينهن جو مدو ختم ٿيو. مغرب جي نماز جو وقت ٿيو پر ڏينهن ختم ٿيڻ تي رات يعني يڪدم اونداهه نٿي ٿئي. توهان سانجهي (مغرب) جي نماز پڙهي مسجد مان نڪرندائو ته بنا اسٽريٽ لائيٽ جي توهان گهر تائين پهچي ويندائو. سج لهڻ- يعني ڌرتي جي گولي پويان غروب ٿيڻ بعد آهستي آهستي ٿي اونداهه ٿئي ٿي جنهن لاءِ شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته صحيح معنيٰ ۾ اونداهه يعني رات تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سج 18 ڊگريون هيٺ سفر ڪري ٿو. يعني غروب ٿيڻ مهل هو زيرو ڊگري تي چئجي ٿو سج جي انهن 18 ڊگرين جي سفر کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي پهريون 6 ڊگرين واري روشني (Twilight) ته ايتري گهڻي آهي جو ٻار بلورن راند پيا کيڏندا آهن. ڪرڪيٽ، والي بال يا فوٽ بال پيا کيڏندا آهن اها روشني Civil Twilight سڏجي ٿي. اهڙي طرح سج جي ٻين ڇهن ڊگرين واري سفر ۾ به ايتري روشني رهي ٿي جو بنا بتين جي موٽر ڪارون پيون هلنديون آهن. اها ناٽيڪل Twilight سڏجي ٿي. ان بعد سج جي باقي ڇهه ڊگرين واري چنجهي روشني Astronomical Twilight آهي جنهن بعد جيئن ئي سج وڌيڪ هيٺ وڃي ٿو ته اونداهه ڪانڀار شروع ٿيو وڃي.
هاڻ مٿين ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته پوءِ توهان کي سمجهه ۾ اچي ويندو ته آرڪٽڪ سرڪل جي مٿان يعني 67 ڊگرين کان مٿي جڏهن ڪجهه مهينن لاءِ لڳاتار سج رهڻ بعد آهستي آهستي رات ٿئي ٿي يعني سج غروب ٿيڻ لڳي ٿو پوءِ ڀلي رات ڪلاڪ جي ٿئي يا وڌيڪ ٻن ڪلاڪن جي پر ان ۾ اونداهه ٿئي ئي ڪانه ٿي ڇو جو سج ڌرتي جي گولي پويان ضرور وڃي ٿو پر 18 ڊگرين کان هيٺ ته ڇا 12 ڊگرين تائين به ڪو مس وڃي ٿو. نتيجي ۾ اهو رات وارو ڪلاڪ ٻه ناٽيڪل Twilight رهي ٿي بلڪه ڪن هنڌن تي ته Civil Twilight رهي ٿي يعني اهو رات وارو وقت به روشني (Twilight) ڪري ڏينهن جو سمو ڏئي ٿو.
هن جو مثال هن ريت آهي ته ناروي جو شهر ٽرنڍهام جنهن ۾ پهرين دفعي وڃڻ تي جيڪب آباد جو همراهه مليو هو اتي ٻن سالن بعد وري وڃڻ ٿيو. اهو جون جو مهينو هو. ”ٽرنڍهام“ بندرگاهه آرڪٽڪ سرڪل (66 ڊگرين) کان مٿي اتر قطب ۾ نه آهي، ڇو جو لڳاتار ڏينهن يا مهينن تائين لڳاتار رات Arctic Circle واري ويڪرائي ڦاڪ کان مٿي رونما ٿئي ٿي. آرڪٽڪ سرڪل کان هيٺ جيئن ٽرنڍهام شهر 63.4 ڊگرين تي آهي اتي سج 20 ڪلاڪن کان به وڌيڪ نظر اچي ٿو پر لڳاتار 24 ئي ڪلاڪ هڪ ڏينهن لاءِ به نٿو رهي. ويهه کن ڪلاڪن کان پوءِ اهو غروب ٿيو وڃي. وري ٽن چئن ڪلاڪن بعد اڀري ٿو. يعني اهي ٽي چار ڪلاڪ رات ٿي جو اسان اهو ئي چئون ٿا ته سج لهي ويو معنيٰ رات ٿي. اسان وٽ سج لهڻ تي مغرب نماز جي ٻانگ اچي ٿي ۽ پوءِ ڪلاڪ ڏيڊ بعد سهماڻي (عشاءَ) جي نماز پڙهون ٿا. يعني عشاءَ جي نماز لاءِ اونداهه (رات) هجڻ ضروري آهي جيڪا سج لهڻ بعد پنڌرهن ويهه منٽ هلڪي روشني Twilight رهڻ بعد اونداهه انڌوڪار ٿيو وڃي يعني سول (تيز)، ناٽيڪل (وچولي درجي) ۽ ائسٽرو ناميڪل (بنهه گهٽ درجي) جي روشني Twilight بعد اونداهه ٿيو وڃي... يعني سج 18 ڊگرين کان به اڳتي هليو وڃي.
ٽرينڍهام ۾ انهن ڏينهن ۾ جون جي مهيني ۾ سج صبح جو ٽي لڳي ڏهن منٽن (03:10) تي اڀريو ٿي ۽ پوءِ سڄو ڏينهن هلي رات جو دير سان يارهن لڳي چاليهه منٽن (23:40) تي لهيو ٿي. سج لهڻ کان اڀرڻ تائين ساڍا ٽي ڪلاڪ سج نظر نٿو اچي ته اهو ٽائيم رات يعني اونداهه هجڻ کپي جيئن اسان وٽ سج ناهي ته رات آهي يعني اونداهه آهي. پر توهان کي حيرت ٿيندي ته اسان جو جهاز جيڪو ڏهه ٻارهن ڏينهن ٽرنڍهام ۾ رهيو اسان هڪ رات به اونداهي نه ڏٺي. مٿين وقت تي سج باقاعدي اڀريو ۽ لٿو ٿي پر سج لهڻ بعد به اها ئي نما شام واري روشني رهي ٿي جنهن ۾ بنا ٽارچ يا اسٽريٽ لائيٽ جي سڀ ڪجهه نظر پئي آيو. وڏا ۽ ننڍا واچ جي ڪانٽن تي دريءَ کي پڙدا ڏئي سمهي رهيا ٿي جو ٻئي ڏينهن اٺين بجي اسڪول يا ڪم تي وڃڻو هين باقي اونداهه (رات) جهڙي ڪا به شيءِ نظر نٿي آئي. سج لهڻ کان سج اڀرڻ تائين روشني (سا به Civil Twilight) لڳي رهي ٿي. پهرين ڏينهن ته جهاز جي سخت قسم جي مولوين مغرب نماز پڙهي عشاءَ نماز لاءِ چيو ته اها تڏهن پڙهبي جڏهن اونداهي ڪانڀار ٿيندي پر پوءِ خبر پئي ته اها ئي روشني رهندي جنهن ۾ عشاءَ به پڙهڻي آهي ته پوڻي ٽين بجي کان اڳ فجر به پڙهڻي آهي جو ٽي بجي ڌاري ته سج اڀري ٻاهر ٿي بيهندو. ڳالهه اها آهي جو انداهه تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سج 18 ڊگرين کان وڌيڪ هيٺ وڃي ٿو پر هتي ته سج 6 ڊگرين تائين به هيٺ نٿو وڃي ۽ ٽن ساڍن ٽن ڪلاڪن بعد مٿي اڀريو اچي يعني اهو بنا سج وارو عرصو سِول Twilight (روشني) رهي ٿي. مڪاني ماڻهن ٻڌايو ته هي Civil Twilight وارو سلسلو 24 مئي کان 20 جولاءِ تائين ٻه مهينا کن رهي ٿو.
بعد ۾ ڀر وارن ڳوٺن ۾ رهندڙ ڪجهه ترڪ مسلمانن ٻڌايو ته مقامي وقت مطابق ٽرنڍهام ۾ نمازن جا هي وقت آهن. سج صبح جو 3 بجي اڀري ٿو سو فجر نماز جو وقت 2 بجا آهي ظهر نماز ڏيڊ بجي آهي، عصر نماز ساڍي ستين بجي شام جو، مغرب نماز سج لهڻ تي ساڍي يارهين بجي ۽ عشاءَ نماز ڪلاڪ بعد ساڍي ٻارهين بجي. ٽرنڍهام مان قبلو (ڪعبو) 140 ڊگرين تي آهي سو نماز ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ (SE) ڏي منهن ڪري پڙهي وئي ٿي.

هڪ کان وڌيڪ مشرق ۽ مغرب

هتي هڪ دفعو وري به اها ڳالهه لکندو هلان ته جيڪي ماڻهو رڻ پٽ، ميدانن تي رهن ٿا يا سمنڊ جي ڪناري يا ٻيٽ تي ۽ اهي هر روز سج کي افق پٺيان لهندو ۽ اڀرندو ڏسن ٿا اهي ان ڳالهه کان واقف آهن ته سج هر روز ساڳي هنڌ تي نه لهي ٿو ۽ نه ساڳي هنڌ تان اڀري ٿو. هن جي روز اها پوزيشن کاٻي کان ساڄي شفٽ ٿيندي رهي ٿي، ڇهن مهينن بعد اها واپس شفٽ ٿئي ٿي. سج جي اڀرڻ جي مختلف مشرقن جو وچ ڪبو ته اُها اِها پوزيشن آهي جڏهن ڏينهن ۽ رات هڪ جيڏو ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ هي سج اڀرڻ ۽ لهڻ جا مختلف اوڀر ۽ اولهه آهن جن بابت رب پاڪ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو ۽ عرب ان کان چڱي طرح واقف هئا. سوره الرحمان جي سترهين آيت آهي ته رب المشرقين وَ رَبُ المَغرِبَينِ. (ٻنهي اوڀر طرفن جو رب ۽ ٻنهي اولهه طرفن جو رب)
يا سوره المعارج جي چالهين آيت آهي ته:
فَلاَ اُقسِمُ برَبِ المَشَارِقِ والمَغَارِبِ. 70:40 (پوءِ قسم ٿو کڻان اڀرندن ۽ الهندن جي پالڻهار جو-)
هڪ انگريزي ترجمي ۾ ته بلڪل هن ريت آهي ته:
Lord of all points in East & all points in the West…
ٽرانڍهام ناروي جي گادي واري شهر اوسلو ۽ برگن بعد ٽيو نمبر وڏو شهر آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽرنڍهام ڪافي وڏو شهر آهي پر هن پاسي اوسلو کان علاوه هر شهر جي آدمشماري تمام گهٽ آهي. هينئر پئي ڏٺم ته ٽرنڍهام جي آدمشماري ٻه لک کن آهي پر جڏهن 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ٽرنڍهام آيو هوس ته مونکي ياد آهي ته هن شهر جي آدمشماري سٺ هزار هئي. ڪراچي، ڪلڪتي ۽ چٽگانگ جهڙن بندرگاهن جي مقابلي ۾ هتي صبح پهر شهر جي روڊن رستن تي يا گهٽين ۾ ڪو ماڻهو ڇيڻو يا ٻار ٻچو نظر نٿي آيو. ڄڻ راڪاس گهمي ويو ٿي. اهو ان ڪري جو هر مرد عورت ڪم تي ۽ ٻار اسڪول ۾ هليا ويا ٿي. مڪاني ماڻهن ٻڌايو ته ايتري رونق به اونهاري ۾ آهي جو روشني گهڻي آهي ۽ سيءُ گهٽ آهي نه ته سياري ۾ جڏهن رات ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جي ٿئي ٿي ۽ ٿڌ تمام گهڻي پوي ٿي هر ڪو گهر ۾ لڪيو پيو آهي.

سکر جو سيد عاشق حسين شاه ناروي ۾

ايتري گهڻي ٿڌ، ايڏين ڊگهين اونداهين راتين ۽ گهٽ آدمشماريءَ جي باوجود ٽرنڍهام جا تعليمي ادارا دنيا ۾ مشهور آهن جو هتي تعليم جو معيار بلند آهي ۽ نه فقط ناروي جا مقامي ماڻهو پر دنيا جي ٻين ملڪن جا شاگرد پڻ هتي جي يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪن ٿا. خاص ڪري NTNU يونيورسٽي (نارويجن يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي) مان ۽ سينٽ اولاوس يونيورسٽي ۽ ٻين ٽيڪنيڪل تعليمي ادارن مان. NTNU يونيورسٽي ته پبلڪ ريسرچ يونيورسٽي آهي جنهن جا ڪئمپس گيوويڪ (Gjovik) ۽ السونڊ (Alesund) ۾ به آهن. انجنيئرنگ ۽ نئچرل سائنسن کان علاوه ٻين اڪيڊمڪ سبجيڪٽن ۾ به اعليٰ تعليم ڏني وڃي ٿي جيئن ته ميڊيڪل، آرڪيٽيڪچر، سوشل سائنس وغيره ۾. هن يونيورسٽيءَ جو موٽو ياد ٿو اچي: Knowledge for a Better World 1970ع واري ڏهاڪي جي ڪنهن شروع واري سال ۾ ٽرنڍهام جهاز آيو هو ته اتي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي هڪ دوست سيد عاشق حسين شاهه سان ملاقات ٿي هئي جيڪو پيٽارو ۾ مونکان ٽي سال جونيئر هو ۽ هاڻ مهراڻ انجنيرنگ ڪاليج مان 1971ع ۾ اليڪٽريڪل انجنيرنگ ۾ BE ڪرڻ بعد اسڪالر تي ماسٽرس ڪرڻ لاءِ هتي آيو هو.
سيد عاشق حسين شاهه 31 ڊسمبر 1948ع تي سکر ۾ ڄائو. 1961ع ۾ هن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ اٺين ڪلاس ۾ داخلا ورتي ۽ 1966ع ۾ انٽر ڪئي. سندس ڪِٽ نمبر 203 هو ۽ ڪجهه مشهور شخصيتون جيڪي سندس ڪلاس ميٽ هيون هن ريت آهن: سياستدان لياقت علي جتوئي، ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، اسانجي ڳوٺ جو ڪئپٽن رشيد ابڙو، DIG مرحوم محسن پنهور، PIA جا پائليٽ بلال حيدر، خالد ليا، خيرپور جو تسنيم کرل وغيره. مرحوم عاشق حسين شاهه جو والد سيد دائم حسين شاهه جيئن ته پوليس ۾ آفيسر هو جنهن جي بدلي مختلف شهرن ۾ ٿيندي رهي ٿي ان ڪري عاشق حسين پيٽارو ۾ اچڻ کان اڳ ٻين شهرن جي اسڪولن مان به تعليم حاصل ڪئي- خاص ڪري ڪراچيءَ جي NJV اسڪول مان پڻ. مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ نارويجن يونيورسٽي، ٽرنڍهام مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد عاشق حسين ايريگيشن کاتي ۾ نوڪري ڪئي ان بعد حيدرآباد ريجن جو اليڪٽريڪل انسپيڪٽر ٿيو. اتان پروموشن ملڻ تي چيف اليڪٽريڪل انسپيڪٽر ٿيو ۽ آخرڪار سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي پهتو. رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ هو P&D کاتي جو به هيڊ رهيو.
عاشق حسين شاهه 1974ع ۾ شادي ڪئي، کيس ٽي ٻار آهن. ٻه پٽ شاهجهان ۽ صفدر ۽ هڪ نياڻي شاهين. رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو آسٽريليا ۾ رهڻ لڳو جتي سندس پٽن نوڪري ۽ ڪاروبار ٿي ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن سکر ۽ ڪراچيءَ به چڪر تي ايندو رهيو ٿي. چند پيٽارو جا ساٿي جن سان پيٽارو ڇڏڻ بعد به منهنجو هميشه Contact رهيو، سيد عاشق حسين شاهه انهن مان هڪ آهي. ڪراچيءَ ۾ هوندو هوس ته هو هر دفعي مون لاءِ خيرپور جي کجور کڻي ايندو هو. اها شام وسري نٿي جڏهن هو آخري دفعو مون سان ملڻ لاءِ 27 جولاءِ تي آيو.
”مون ته سمجهيو ته تون آسٽريليا ۾ آهين“ مون چيومانس.
”اتي ئي آهيان“، هن کجور جو پئڪٽ ڏيندي چيو. بيحد جلدي ۾ هو. زور ڀرڻ تي چيائين: ”جلديءَ ۾ آهيان. ڪجهه ڪمن لاءِ اسلام آباد پيو وڃان. صبح جي فلائيٽ اٿم. ٻن ڏينهن بعد موٽڻ تي ڪچهري ڪنداسين“.
ٻئي ڏينهن 28 جولاءِ تي هو ”ايئر بلو“ جي ان بدنصيب هوائي جهاز فلائيٽ نمبر 202 (ايئر بس) ۾ سوار ٿيو جنهن جو اسلام آباد ايئرپورٽ تي لهڻ کان ڪجهه منٽ اڳ مرگلا پهاڙين سان ٽڪر ٿيو ۽ جهاز ۾ سوار 152 ماڻهن (ڇهن Crew ميمبرن سميت) مان هڪ به نه بچي سگهيو. رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. مرحوم عاشق حسين جو هڪ ٻيو ڀاءُ نذير حسين شاهه جنهن پاڪستان ڪسٽمس ۾ نوڪري ڪئي اهو پڻ اسانجي ئي ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هو. سندس ڪٽ نمبر 510 هو ۽ هو مون واري هائوس (لياقت) ۾ رهندو هو. (عاشق حسين ايوب هائوس ۾ هو). جن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان 45 سال اڳ جڏهن عاشق حسين شاهه ناروي جي اتراهين شهر Trondheim مان ماسٽرس ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ڪو انگلينڊ جرمنيءَ مان پڙهي ايندو هو ته اهو به وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي عاشق ته هڪ اهڙي ملڪ مان پڙهي آيو جنهن ڏي ڪنهن گهمڻ جو به رخ نٿي اختيار ڪيو. مون کي ياد آهي اسان جڏهن ٻڌندا هئاسين ته اسان جو جهاز ناروي، فنلينڊ، يا ڪئناڊا پيو وڃي ته ٻرو چڙهندو هو. بندرگاهه ۾ بيٺل اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جا ٻيا جهاز جن لاءِ ٻڌبو هو ته ڪو هانگ ڪانگ، جپان، ڪوريا روٽ تي پيو وڃي، ڪو دبئي قطر ته ڪو سري لنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور ته انهن جهازن تي Sail ڪندڙ اسان جي ڪلاس ميٽن کي حسرت سان ڏسندا هئاسين ته اهي وڏا خوش نصيب آهن جيڪي اهڙن بندرگاهن ڏي وڃي رهيا آهن جيڪي ويجها آهن، رستي تي ورلي ڪو خراب سمنڊ اٿن، انهن بندرگاهن جي موسم به اسان جي ملڪ جهڙي آهي، جتي انگريزي ٻولي هر ڪو سمجهي ٿو، سستائي به آهي... ۽ اسان جو جهاز برگن، ٽرنڍهام، اسٽاڪهوم، هيلسنڪي پيو وڃي جتي پهچڻ لاءِ ڪئين ڏينهن سمنڊ تي رهڻو پوندو، ڪيترائي سمنڊ جهاڳڻا پوندا ۽ ڪنهن نه ڪنهن سمنڊ تي طوفان ۽ سامهون جي ڇتين لهرن کي منهن ڏيڻو پوندو... اهي ڳالهيون سوچي مايوسي ٿيندي هئي ۽ پنهنجي وطن پهچڻ تي دوست يار حيرت کائيندا هئا. اهڙن ڏينهن ۾ جڏهن ناروي جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ عام ڳالهه نه هئي، عاشق حسين جو اتي ٻه سال کن رهي ماسٽرس ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجهي وئي ٿي. منهنجي خيال ۾ ته سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن مان عاشق حسين پهريون شاگرد هو جيڪو ناروي پهتو هو. عاشق جي مقابلي ۾ جي اسان جهاز وارن جو سفر ڀيٽيو وڃي ته اسان ته موج مزي ۾ هئاسين. ناروي ۾ سيءُ تمام گهڻو پوي ٿو بنا شڪ جي پر اسان ناروي جي انهن اتراهن بندرگاهن ۾ وياسين ٿي ته اونهاري ۾. جڏهن ته عاشق کي سيارو به اتي گذارڻو پيو جنهن ۾ ڏينهن نه برابر رڳو رات ئي رات يعني اونداهه ۾ گذارڻو پيو ٿي ۽ سخت سيءَ ۾. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ ته سڄو اسٽاف پاڪستاني هجڻ ڪري جهاز تي اها ماني کاڌي ٿي جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ ٿئي ۽ اسان کي ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ پنهنجي ئي ملڪ جا هم زبان سنڌي، اڙدو، پنجابي، ڪڇي وغيره ڳالهائڻ وارا مليا ٿي. هوڏانهن عاشق ڪنهن سان ڳالهائي؟ ان ڪري مون ڏٺو ته عاشق ايڏو ٻاتاريل هو جو اسان جهاز وارن سان سنڌي ۽ اڙدو ۾ ڳالهائي خوش ٿي رهيو هو.

لاڙڪاڻي پاسي جي ”صنم نور پيچوهو“ ٽرومسو ناروي ۾

پوءِ آهستي آهستي مون ڏٺو ته ههڙن ملڪن ۾ اسان جي ملڪ جا ماڻهو نظر اچڻ لڳا ۽ تعليم لاءِ به نه فقط ڇوڪرا پر ڇوڪريون پڻ. ٽرنڍهام ۾ ته وري به سياري ۾ راتيون وڏيون ٿين ٿيون ته روزانو ٻه اڍائي ڪلاڪ سج به نڪري ٿو ۽ سج لهڻ ۽ اڀرڻ کان پهرين ڪلاڪ کن روشني Twilight به ٿئي ٿي يعني 24 ڪلاڪن ۾ چار پنج ڪلاڪ روشني رهي ٿي. اهو ان ڪري جو ٽرنڍهام شهر آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي اتر قطب ڏي هجڻ بدران هيٺ ٽراپڪ آف ڪئنسر ڏي آهي. يعني آرڪٽڪ سرڪل 66.5 ڊگرين تي آهي ته ٽرنڍهام 63.4 ڊگرين تي آهي.
آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي يعني اتر قطب ڏي 69.7 ڊگرين تي ناروي جو هڪ مشهور شهر ٽرومسو (Tromso) آهي، هتي جا شهر ٽوئرسٽن لاءِ مشهور ته گهڻا ئي آهن پر هن پاسي جي شهرن جي آدمشماري تمام گهٽ ٿئي ٿي، خاص ڪري اهي شهر جيڪي آرڪٽڪ سرڪل جي مٿان آهن. ان جو سبب اهو ئي آهي ته ٻارهو ئي سخت سيءُ رهي ٿو، روزگار جا موقعا گهٽ آهن، کاڌي پيتي جون شيون ناپيد آهن، ٻين هنڌن تان اچڻ ڪري هر شيءِ مهانگي ملي ٿي. برف تي ڇا پوک ٿيندي ۽ خاص ڪري اتي جتي ٻه ٻه ٽي ٽي مهينا لڳاتار رات رهي ٿي ۽ اس جو نالو نشان ناهي. بهرحال Arctic Circle مٿان جن ملڪن جا شهر آهن انهن ۾ مرمانسڪ (Murmansk) ۽ نورلسڪ (Norilsk) شهرن بعد ترمسو ٽئي نمبر تي وڏو شهر آهي ۽ سڄي ناروي جي شهرن ۾ نائون نمبر آهي. توهان کي حيرت ٿيندي ته هن شهر جي اڄڪلهه ڪل آدمشماري منو لک مس ٿيندي. اهڙا ٽيهه چاليهه هزار کن ٽوئرسٽ ۽ ناروي جي ٻين شهرن ۽ دنيا جي ملڪن جا شاگرد ٿيندا جن ۾ سال 1994ع ۾ شڪارپور جي هڪ ڳوٺ همايون شريف جي ”صنم نور پيچوهو“ به هئي جنهن جو احوال پير حماد الله جي ڪتاب ”يورپ جا روشن ڏينهن“ واري پيش لفظ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان. صنم هتي جي يونيورسٽي ”آرڪٽڪ يونيورسٽي آف ناروي“ ۾ فقط هڪ سيمسٽر تعليم حاصل ڪئي. باقي ٽي سيمسٽر سئيڊن، انگلينڊ ۽ اسپين جي مختلف يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪئي. صنم ايڏي لَڪي نه چئبي جو هن جيڪي مهينا ٽرومسو ۾ گذاريا اهي سياري جا ۽ اونداهه وارا هئا. انهن مهينن ۾ هر سال 28 نومبر کان 14 جنوريءَ تائين ته لڳاتار رات يعني اونداهه رهي ٿي ان کان پوءِ 15 جنوريءَ کان سج نظر اچڻ شروع ٿئي ٿو پر ڪافي هيٺائينءَ تان اڀري لهي وڃي ٿو ۽ اس ڪنهن جي گهر جي ڇت تائين ته نه ٿي اچي، بس ڀتين، درن ۽ درين تي مس نظر اچي ٿي سا به ٿوري دير لاءِ. سج اڀرڻ ۽ لهڻ جو ڪجهه هي پئٽرن رهي ٿو. 15 جنوري ساڍي يارهين بجي سج افق مٿان ڪَني ڪڍي، اڌ ڪلاڪ کن شرمائي سوا ٻارهين کان اڳ غروب ٿيو وڃي. ڪيترن مهينن بعد پهرين ڏينهن سج اڀرڻ تي ۽ وڏين عمارتن جي مٿين حصن تي اس نظر اچڻ تي ماڻهو خوشيون ملهائيندا آهن.
16 جنوري تي سج ڪجهه دير اڳ سوا يارهين ڌاري اڀري ساڍي ٻارهين بجي غروب ٿئي ٿو. 17 جنوريءَ تي يارهين بجي اڀري پوڻي هڪ تي غروب ٿئي ٿو... يعني ڏينهن (روشنيءَ) جو مدو وڌندو رهي ٿو ۽ رات ننڍي ٿيڻ لڳي ٿي. مثال طور 31 جنوريءَ تي سج اڀرڻ جو وقت ساڍا ڏه هوندو آهي ۽ لهڻ جو سوا ٻه بجا. اهڙي طرح 20 مارچ تي ڏينهن ۽ رات هڪ جيڏا ٿين ٿا ۽ 21 مارچ کان ڏينهن رات کان وڏو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو.
بهرحال آئون تصور ڪري سگهان ٿو ته صنم سمورو وقت اونداهي ۽ سخت سيءَ ۾ هجڻ ڪري ناروي گهمي ڦري نه سگهي هوندي ڇو جو هن پاسي جا علائقا اونهاري ۾ گهمڻ جهڙا ٿين ٿا. سندس همٿ کي داد ڏيڻ ضروري آهي. اڃان به هوءَ ٻيو يا چوٿون سيمسٽر به هتي هجي ها ته هوءَ هن پاسي جي اونهاري واري خوبصورتي پسي سگهي ها. جيئن اڄڪلهه هڪ لاڙڪاڻي پاسي جي ننڍڙي ڳوٺ ”سيهڙ“ جي مس رخسانا ڪانڌڙو فنلينڊ جي هڪ شهر يواسڪلا Jyvaskyla مان انگريزيءَ جي سبجيڪٽ Applied Linguistic ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهي آهي.
مون کان سنڌ جا ڪيترا شاگرد پڇندا آهن ته ڪهڙو سبجيڪٽ سٺو آهي جنهن ۾ ماسٽرس ڪريون. هڪ ٽيچر ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجن ماڻهن کي نوڪري ڪندو ڏسي ان تجربي تي پهتو آهيان ته ڪو سبجيڪٽ کڻي ڪهڙو به کڻي... جاگرافي، جيالاجي، انگريزي، مئٿس يا ڪو ٻيو پر هن کي کپي ته ان ۾ صحيح طرح علم حاصل ڪري... جيئن هن وٽ نه فقط ڊگري هجي پر هو ان سبجيڪٽ ۾ ايڪسپرٽ هجي. ڪيترا ”انگلش“ سبجيڪٽ لاءِ پڇندا آهن ته آئون چوندو آهيان ته ان جهڙو سبجيڪٽ ناهي. آئون ته انگلينڊ، سنگاپور، آسٽريليا، ملائيشيا جهڙن ملڪن جي يونيورسٽين ۾ ڏسان ٿو ته اتي به انگريزي پڙهائڻ وارا انڊين آهن يا اسان جا پاڪستاني. يعني انگريزن کي اسان جا ديسي ماڻهو سندن مادري ٻولي پيا پڙهائين. منهنجي هڪ ڳوٺائي دوست کي البت شڪايت آهي ته هن جي پٽ انگريزيءَ ۾ ايم اي ڪئي آهي پر نوڪري نٿي ملي.
مون چيومانس ته سرڪاري نوڪري ته ڪا ورلي ٿي نظر اچي ڪنهن پرائيويٽ اسڪول يا ڪاليج ۾ ڇو نٿو ڪوشش ڪري يا ڪراچيءَ ۾ ٽيوشن پڙهائي. مون کيس ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ مٺي، عمرڪوٽ، اسلام ڪوٽ جا ڪيترائي ڀيل ۽ مينگهواڙ ڇوڪرا نظر اچن ٿا جيڪي انگريزي ۽ فزڪس، مئٿس ۽ ڪيمسٽري پڙهائين ٿا- جيتوڻيڪ هو فقط B.Sc. ۽ انگريزي ۾ B.A آهن پر هنن جي پنهنجي سبجيڪٽ تي ڇا ته دسترس آهي. هو ڪنهن فليٽ جو ڪمرو مسواڙ تي وٺي اتي اٺ ڏهه مئٽرڪ يا فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي شاگردن کي ٽيوشن پڙهائين ٿا ۽ هر مهيني اسي، نوي هزار رپيا ڪمايو ويٺا آهن.“
ان تي منهنجي دوست حقيقت کان آگاهه ڪيو ته هن جو پٽ ٽيوشن پڙهائي نه سگهندو جو هن ائين ئي ڊگري حاصل ڪئي آهي. پنهنجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ بنهه نه اٿس. اهو ئي سبب آهي جو هن کي نه ٻاهر جي اسڪالر ملي ٿي جيڪا Luck تي آهي پر جي ملي به وڃيس ته هو PhD ۾ ڇا پڙهندو.

ڳوٺ ”سيهڙ“ (لاڙڪاڻي) جي مس رخسانا ڪانڌڙو فنلينڊ ۾

پر يارو اسان جا ڪي ڪي شاگرد ماشاءَ الله ڏاڍا هوشيار به آهن جن کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ اسڪالرون به مليو وڃن ته نوڪريون به. مٿين شاگردياڻي رخسانا ڪانڌڙو جيڪا فنلينڊ ۾ PhD پئي ڪري، پڻ انهن مان هڪ آهي. منهنجي رخسانا سان ملاقات اڄ کان چار پنج سال اڳ ڪراچي جي چاند بيبي روڊ تي گورنميٽ وومين ڪاليج ۾ ٿي جتي هوءَ ليڪچرار هئي. ان ڪاليج جي پرنسپال مون کي ليڪچر لاءِ گهرايو هو ۽ منهنجي آڌر ڀاءُ لاءِ هن جيڪي ٻه مِسون مقرر ڪيون هيون رخسانا انهن مان هڪ هئي. رخسانا پورو ٽائيم انگريزي ڳالهائيندي رهي- بهترين لهجي (Accent) ۾. آخر ۾ نيٺ چيومانس ته لڳي ٿو ته توهان جو ننڍپڻ انگلينڊ جهڙي ملڪ ۾ گذريو آهي ته پاڻ کلي چيائين ته ”نه سائين، آئون ته لاڙڪاڻي پاسي جي هڪ ڳوٺڙي جي رهاڪو آهيان.“
هن ٻڌايو ته هن بي اي ۽ بي ايڊ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد ماسٽرس انگلش لٽريچر ۾، M.Ed ”اسٽيٽڪس ايڊ يوڪيش“ ۾ ڪئي. ان بعد هن وري M.A انگريزي جي سبجيڪٽ Linguistic ۾ ڪئي ۽ 2005ع ۾ هن کي ڪاليج ۾ ٽيچنگ جاب ملي ويو. رخسانا ٻڌايو ته هن نوڪريءَ بعد هن NED يونيورسٽيءَ مان Applied Linguistic ۾ M.S پڻ ڪئي.
اهو سڀ ڪجهه ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته رخسانا هڪ ڳوٺ جي ڇوڪري ٿي ڪري هن وٽ پنهنجي سبجيڪٽ جون نه فقط ڊگريون آهن پر ڄاڻ پڻ. مون هن کي موڪلائڻ وقت تائين هڪ ٻه دفعو اهو چيو ته هن کي ولايت جي ڪنهن يونيورسٽي مان اسڪالر تي ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ کپي.
ڪجهه ڏينهن بعد رخسانا جو فون آيو. هوءَ اهو پڇڻ لڳي ته ٻاهر Ph.D ڪرڻ لاءِ اسڪالر شپ ڪيئن ملندي يعني ڪٿان ملندي. اهو سوال ۽ هڪ ٻيو سوال جيڪو منهنجا پڙهندڙ مون کان اڪثر پڇندا آهن ته وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي ملڪ ۾ وڃڻ کپي. ان بابت منهنجو جيڪو جواب هوندو آهي اهو ٻين جي معلومات ۽ رهنمائيءَ لاءِ هتي لکي رهيو آهيان.
دراصل منهنجو جهاز هلائڻ ۽ مئرين انجنيرنگ سان واسطو آهي. ڪهڙي جهاز لاءِ ڪهڙي ۽ ڪيڏي پاور جي انجڻ کپي، هن فيلڊ ۾ نوجوانن لاءِ اڄڪلهه ڪو مستقبل آهي يا نه، وغيره. سفر ناما ۽ مختلف ملڪن جون ڳالهيون لکڻ منهنجي وندر آهي سو مختلف قسمن جي ماڻهن جو احوال لکندو رهان ٿو. رخسانا ۽ ٻين کي آئون اهو ئي ٻڌائيندو رهان ٿو ته مون کي ان جي ڄاڻ نه آهي ته اسڪالر ڪيئن حاصل ڪجي يا ڪٿان ملي ٿي، پر ايترو آهي جو اڄ جي دور ۾ به جڏهن اسان جي ملڪ کي بين الاقوامي سطح تي ڪا خاص لفٽ نٿي ڪرائي وڃي، ان هوندي به آئون ڏسان ٿو ته اسان جي ملڪ جا به، پنجاب جا ته تمام گهڻا پر سنڌ جا به ۽ سنڌ جي به نه فقط شهرن جا پر ننڍن ڳوٺن جا به ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون دنيا جي ملڪن ۾ اسڪالر حاصل ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن نوڪري ڪري رهيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن آئون کانئن پڇندو آهيان ته هنن اها اسڪالر حاصل ڪيئن ڪئي ته هنن جا مختلف جواب آهن. ڪيترا انٽرنيٽ ذريعي ڳولين ٿا، ڪي ٻڌائين ٿا ته هنن کي سندن يونيورسٽيءَ وٺرائي ڏني جنهن ۾ هو ليڪچرر آهن، ڪي ٻڌائيندا آهن ته هنن اخبار ۾ اشتهار ڏٺو ۽ ڪي اهڙا به مليا هوندا جن ٻڌايو هوندو ته هو پنهنجي خرچ تي آيا پوءِ هڪ يا ٻن سيمسٽرن بعد اسڪالر ملي وئي. ڪيترن ته اهو ئي ٻڌايو هوندو ته هنن کي HEC ملڪ جي هائر ايڊيوڪيشن طرفان اسڪالر ملي.
سو ولايت ۾ پڙهڻ جو شوق رکڻ واري کي کپي ته هو پاڻ جستجو ڪري. پهرين ڳالهه ته هُن گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن اهم سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس ڪئي هجي ڇو ته اسڪالر ڏيڻ وارو توهان کي چڱيءَ طرح ٽيسٽ ڪري پوءِ اسڪالر ڏئي ٿو. توهان جي مڪمل ڪيل تعليم جي رزلٽ ڏسي پوءِ توهان کي پرکي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄڪلهه اسڪالر ملڻ ڪو اهڙو سولو ڪم ناهي. پاڻ کي قابل سمجهي ڪوشش ۾ لڳو رهڻ کپي. پوءِ توهان جي ڳولا ۽ ڀاڳ تي به depend ڪري ٿو. ساڳي وقت توهان جي پنهنجي سبجيڪٽ ۾ واقعي هوشيار آهيو جيئن مون رخسانا کي انگريزيءَ ۾ ڏٺو ته توهان لاءِ Ph.D ڪرڻ ضروري آهي. اڳ ۾ ته اهو زمانو هو جڏهن اسان مئٽرڪ يا انٽر ۾ هئاسين- يعني 1950 ۽ 1960 واري ڏهاڪي تائين ته ”سنڌي فائنل“ جو امتحان پاس ڪرڻ به وڏي ڳالهه هو ۽ B.A ڪرڻ ته ڇا ڳالهه ڪجي. بي اي پاس ڪرڻ وارو پنهنجو نالو ٻڌائڻ سان گڏ B.A به چوندو هو يا گهر جي ٻاهران نالي جي تختي تي B.A به لکرائيندو هو. اخبار ۾ خط ڇپرائڻ ۾ پنهنجي نالي سان گڏ ”بي. اي“ لکرائيندو هو... يعني هو اعليٰ تعليم يافته آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ B.A ڪرڻ وڏي ڳالهه هئي جتي انٽر پاس ڪرڻ وارن کي ئي نوڪري ملي وئي ٿي اتي B.A وارا ته چونڊي چونڊي پنهنجي مرضيءَ جي نوڪري حاصل ڪندا هئا. مون 1953ع يا 1954ع ۾ جڏهن هالا جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پهرين درجي انگريزي يعني اڄ جي پنجين ڪلاس ۾ داخلا ورتي ته ان اسڪول جا اڌ کان وڌيڪ ٽيچر فقط انٽر پاس هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو شاگردن کي علم ڏيڻ جي معاملي ۾ بيحد محنتي، قابل ۽ devouted هئا. بهرحال اڄڪلهه حالتون اهڙيون ٿي پيون آهن جو Ph.D وارن کي به نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان جو مان مٿاهون ٿئي ٿو جيڪو ڪنهن خاص Subject ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري ٿو ۽ اهو حال هر ملڪ ۾ ٿي پيو آهي. ان ڪري اڄ جي شاگرد کي انٽر جو امتحان ڏئي پنهنجو پاڻ کي ڊاڪٽر يا انجنيئر نه سمجهڻ کپي ۽ خوابن جي دنيا ۾ رهڻ بدران هن کي گهٽ ۾ گهٽ Ph.D جو سوچڻ کپي سو به ڪوشش ڪري اهڙي سبجيڪٽ ۾ جنهن جي ضرورت آهي يا اڳتي هلي ضرورت ٿيندي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اڄڪلهه ته اسان جا ڪيترا شاگرد پوسٽ ڊاڪٽوريٽ به پيا ڪن جن مان ڪيترن جو احوال وقت بوقت اخبارن رسالن ۾ لکندو اچان جيئن ٻين لاءِ اتساهه پيدا ٿئي.
جيستائين اهو سوال آهي ته Ph.D ڪرڻ لاءِ ڪهڙو ملڪ بهتر رهندو؟ ان تي مونکي کِل ايندي آهي. اهو سوال اهو پڇي جيڪو وڏو امير هجي پئسو جام هجيس ۽ پنهنجي خرچ تي پڙهڻ چاهي ٿو. ٻاهر پڙهڻ ڪو سستو ڪم ناهي. اسان جي ملڪ جو ماڻهو غريب ئي آهي. هن لاءِ اسڪالر تي پڙهڻ ئي بهتر آهي ۽ هو ڇا چوندا آهن ته Beggers Cannot be Choosers دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي اسڪالر ملي ته آمنا صدقنا ڪجي. 1990ع ڌاري جڏهن آئون فيلڊ ورڪ جي سلسلي ۾ سئيڊن کان هيلسنڪي (فنلينڊ) آيو هوس ته هيلسنڪي ۽ درياهه (Baltic Sea) جي ٻئي پاسي ايسٽونيا جي بندرگاهه ٽالن (Tallinn)- جيڪو ايسٽونيا جي گاديءَ وارو شهر به آهي، جي وچ ۾ هلندڙ فيرين (پئسينجر جهازن) تي ڪم سکندو هوس. ٽالن ۽ هيلسنڪي ۾ ڪيترائي آفريڪا جا شاگرد نظر ايندا هئا جيڪي ٻڌائيندا هئا ته هنن کي اتي جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ سيءُ ڏاڍو هوندو هو پر صاف سٿرو ماحول ۽ يونيورسٽين جو اعليٰ معيار ڏسي چوندو هوس ته ڪاش اسان جي ملڪ جا شاگرد به هتي اچي پڙهن جتي اسڪالر به آسانيءَ سان مليو وڃي. سفر نامن ۾ لکندو رهيس پر ڪنهن دلچسپي نٿي ورتي. 1993ع ۾ آيس پئي ته لاهور جي فقط هڪ شاگرد سان ملاقات ٿي جيڪو ان سال هيلسنڪي واري يونيورسٽي ۾ آيو هو. دل ۾ چوندو هوس ته آفريڪا جا شيدي اسان کان وڌيڪ سياڻا چئبا! ۽ مون Scandinavian ملڪن جي پنجن سفر نامن مان هڪ ۾ پنهنجي ڪلاس ميٽ آفريڪن جي ڏاهپ جون ڳالهيون لکيون آهن ته هو ڪي اهڙا جاهل به نه آهن.
سو اسان جا شاگرد اهو کل جهڙو سوال اجايو ٿا پُڇن. اڃان به ٻن ملڪن جي اسڪالرشپ ملي ٿي ته پوءِ کڻي ٻنهي جون Plus Points سوچين ۽ ڀيٽين. هڪ شاگرد جيڪو اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ سخت پريشان هو تنهن مون کي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ هن کي هن ئي ملڪ ايسٽونيا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي پر هن کي هن جي والد اوڏانهن وڃڻ کان منع ڪئي جو ان يونيورسٽي واري شهر ۾ ڪا به مسجد نه هئي! ڇا ته لاجڪ آهي! جيتوڻيڪ اهڙين يونيورسٽين ۾ ڪيترائي ترڪ، ايراني ويندي سعودي عرب جا شاگرد به ملن ٿا. اهي به ته مسلمان آهن. ٻي ڳالهه ته آئون ڏسان پيو ته آمريڪا جي شهرن ۾ ته ڇا يورپ جي به هر وڏي شهر ۾ جتي مسلمان (ايراني، ترڪ، عرب، سومالي، سوڍاني، انڊين، پاڪستاني) رهن ٿا اتي ڪا وڏي مسجد نه آهي ته ڪيترن محلن ۾ هڪ ڪمري جي ئي سهي، مسجد ضرور آهي جتي هو نماز پڙهن ٿا ۽ جمعي نماز لاءِ هو ڪنهن هوٽل جو هال مسواڙ تي وٺن ٿا. سال کن کان پوءِ هڪ ڏينهن مونکي خيال آيو ته رخسانا جو معلوم ڪيان ته هن کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ اسڪالر ملي يا نه. فون ڪري پڇيو مانس ته ڪٿي آهين؟
”اتي ئي آهيان، ان ئي اسڪول ۾ مئٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردياڻين کي پئي پڙهايان.“ هن ٽهڪ ڏيندي وراڻيو.
”ويري سئڊ!“ مون چيو، ”تو جهڙي بريلينٽ کي ڪا اسڪالر ملڻ کپي“
”لڳي ته پئي آهيان ته منهنجو وڌيڪ پڙهڻ ٿئي. فنلينڊ جي هڪ يونيورسٽيءَ سان لهه وچڙهه ۾ آهيان. دعا ڪريو ته ڪم ٿي وڃي.“ رخسانا چيو.
”ملڪ ته واهه جو ڳوليو اٿئي.“
”ڪيئن ڀلا سر؟“
”پڙهائي يا نوڪري لاءِ آئون چوندو آهيان ته ملائيشيا، دبئي، سعودي عرب جهڙن ملڪن کان نيوزيلينڊ، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ اڃان به Scandinavian ملڪ سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ، فنلينڊ سڀ ۾ best آهن.“ مون چيومانس.
”ڪيئن ڀلا؟“ رخسانا پڇيو
”اهو ان ڪري جو انهن ۾ نه رڳو نوڪري سولي ملي وڃي ٿي پر اهي شهريت (پاسپورٽ) به ڏين ٿا يعني هميشه لاءِ رهڻ ڏين ٿا.“
رخسانا سان ڳالهه ٻولهه بعد آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته اسان وٽ هڪ Individual شاگرد ڇا ٿو ڪري سگهي. ان لاءِ اسڪالر يا ٻاهر نوڪري ڳولڻ ڪو سولو ڪم ناهي. اهو ڪم ته حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي ته پنهنجن ذهين شاگردن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ اسڪالرون هٿ ڪري يا پنهنجي خرچ تي موڪلي. يا وري ايران، انڊيا، ملائيشيا جي پيرن، وڏيرن، ڪارخانيدارن ۽ ٻين مخير حضراتن وانگر اسان جا پنهنجي ڳوٺ پنهنجي ڪميونٽي پنهنجي قوم جي ماڻهن جي مدد ڪن. آهستي آهستي ٿي مونکان ڳالهه ئي وسري وئي. اٺ نو مهينن بعد هڪ ڏينهن اوچتو واٽس ائپ تي رخسانا جو فون آيو. سندس نالو مون وٽ Saved هو پر واٽس ائپ تي فون اچڻ ڪري مون کي لڳو ته رخسانا ڪنهن ٻئي ملڪ مان پئي ڳالهائي. بهرحال مونکي پڪ به نه هئي ته هن کي اسڪالر ملي وئي هوندي پر چرچي خاطر چيومانس ”ڪر خبر! هيلسنڪي پهچي وئينءَ ڇا؟“ ايترو چئي آئون چپ ٿي ويس ته مونکي ائين نه چوڻ کپي جو هڪ ماڻهوءَ جو ٻاهر پڙهڻ جو ڪم نه پيو ٿئي ۽ هن کي ان لاءِ ڪيڏو شوق آهي ۽ منهنجو اهو چوڻ ته فنلينڊ ۾ آهين، هوءَ ان کي هڪ قسم جي ٺٺولي سمجهي سگهي ٿي. مون کي هو ته هوءَ غمگين لهجي ۾ جواب ڏيندي ته ”اسان جي ڪٿي اها قسمت. اسان کي ته اهو ئي چاند بيبي روڊ جي بس اسٽاپ تي اچي ساڳي ڪاليج جي ٻارن سان مغز ماري ڪرڻي آهي“، پر مون کي حيرت ۽ بيحد خوشي ٿي جڏهن هن وڏو ٽهڪ ڏئي چيو ته ”فنلينڊ پهچي ڇا وئي آهيان، هڪ سيمسٽر به مڪمل ڪري چڪي آهيان.“ ”واهه واهه! ڏاڍي خوشي ٿي. مون کي پڪ آهي ته تون پنهنجو نالو روشن ڪندينءَ. يونيورسٽي وارن کي تنهنجي قابليت جي جلد خبر پئجي ويندي ۽ تنهنجو قدر ڪندا.“
”بس سر توهان جون دعائون کپن.“ رخسانا چيو
”ڀلا اسڪالرشپ ڪيئن ملي؟“ مون پڇيو.
”سر! اسڪالرشپ نه ملي. پنهنجا بچايل پئسا کڻي في الحال پهرين سيمسٽر ۾ داخلا ورتي. ان بعد اسڪالر شپ لاءِ اپلاءِ ڪندي رهيس. اٽڪل 600 کن اسٽوڊنٽس هئاسين جن مان ڏهن کي اسڪالر ملي. توهان کي خوشي ٿيندي ته هلندڙ ٽيسٽن ۽ انٽرويوز ۾ آئون ڇهون نمبر آيس.“
”مون کي ان جي حيرت نه ٿي آهي جو تو نمبر کنيو آهي، ڇو جو آئون پاڻ ٽيچر آهيان ۽ سمجهي سگهان ٿو ته تون هڪ قابل، ذهين ۽ محنتي آهين. اميد ته تون اڃان به نالو پئدا ڪندينءَ. ڪوشش ڪري مقامي ٻولي فنس به سکندي رهه. مقامي ٻولي سکڻ سان تنهنجي نه فقط زندگي آسان ٿي پوندي پر مڪاني ماڻهو تنهنجو قدر به ڪندا.“
رخسانا ٻڌايو ته هن يووسڪولا شهر جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا حاصل ڪئي ۽ هاڻ هن کي اسڪالر ملي ٿي جيڪا ايتري ڪافي آهي جو سڄي مهيني جي کاڌي پيتي، رهائش ۽ پڙهائيءَ جي في ڏيڻ بعد به بچت ٿئي ٿي.

فنلينڊ جو شهر يووسڪولا، قمبر جو اعجاز شيخ، دادوءَ جو عباس خشڪ ۽ لاڙڪاڻي جو منصور جوڻيجو

فنلينڊ جو شهر يووسڪولا (Jyvaskyla) سمجهو ته فنلينڊ جي وچ ۾ ائين آهي جيئن اسان جي ملڪ ۾ ملتان آهي. فنلينڊ به پاڪستان وانگر ڊگهو ملڪ آهي يعني اتر کان ڏکڻ تائين ڊگهو آهي ۽ جيئن اسان وٽ بلڪل ڏکڻ ۾ ڪراچي آهي تيئن فنلينڊ جي گاديءَ جو شهر هيلسنڪي (Helsinki) آهي. هيلسنڪي فنلينڊ جو وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي جيڪو بالٽڪ سمنڊ جي هڪ حصي Gulf of Finland جي ڪناري تي آهي جيئن سمجهو ته ڪراچي هندي وڏي سمنڊ جي هڪ حصي عربي سمنڊ جي ڪناري تي آهي. گلف جي ٻئي ڪناري تي ايسٽونيا جي گاديءَ جو شهر ۽ ان ملڪ جو وڏو بندرگاهه ٽالن (Tallinn) آهي. هيلسنڪي ۽ ٽالن جي وچ ۾ 80 ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي، جيئن مالمو بندرگاهه ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ 42 ڪلو ميٽرن جو فاصلو آهي. ٽالن ۽ هيلسنڪيءَ جي وچ ۾ سڄو ڏينهن رات مختلف ڪمپنين جون فيريون (ننڍا مسافر جهاز ۽ لانچون) هلنديون رهن ٿيون جيئن مالمو (سئيڊن) ۽ ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) جي وچ ۾. پر هاڻ اوڏانهن ٻن بندر گاهن کي خشڪي رستي ملائڻ لاءِ سمنڊ مٿان پل ٺاهي وئي آهي جنهن جي هيٺان جهاز لنگهن ٿا ۽ مٿان لاريون، موٽر ڪارون.
فنلينڊ جي مقابلي ۾ ايسٽونيا غريب ملڪ آهي ان ڪري صبح پهر ٽالن کان هزارين پورهيت، روزگار خاطر هيلسنڪي اچن ٿا ۽ شام جو فيرين ذريعي موٽيو وڃن. ڪيترين ئي قسمن جون فيريون هلن ٿيون ڪي تمام وڏيون ۽ آرامده آهن جن جي ٽڪيٽ وڌيڪ آهي ته ڪي سستيون به آهن. منهنجو سامونڊي نوڪري دوران جهاز ذريعي هيلسنڪي بندرگاهه ۾ اچڻ ٿيو آهي ۽ مالمو (سئيڊن) ۾ تعليم دوران فيلڊ ٽرپ لاءِ پڻ فيرين ۽ هوور ڪرائفٽن جي ڪنسٽرڪشن جو ڪم سکڻ لاءِ هيلسنڪيءَ ۾ ئي رهڻ ٿيو آهي. هڪ دفعي گهمڻ خاطر يووسڪولا وڃڻ ٿيو هو. يووسڪولا جتي رخسانا جي ان شهر جي نالي سان يونيورسٽي آهي، هيلسنڪيءَ جي اتر ۾ 270 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي. رستي تي فنلينڊ جو ٽيو نمبر شهر ٽئمپر (Tampere) اچي ٿو جنهن کان يووسڪولا 130 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. يووسڪولا تعليمي ادارن ڪري فنلينڊ جو اٿينس سڏجي ٿو. موسم ۽ خوبصورتيءَ ۾ فنلينڊ، سئيڊن ۽ ناروي هڪ جهڙا ملڪ آهن ۽ هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن- يعني سندن مٿيان حصا باقي هيٺين حصن جي وچ ۾ مختلف سمنڊ آهن جيڪي بالٽڪ سمنڊ جا حصا آهن. انهن ٽن ملڪن جي هيٺان ايسٽونيا ۽ ڊئنمارڪ آهي. ڊئنمارڪ، ناروي ۽ سئيڊن سمجهو ته ڪزن ملڪ آهن ۽ انهن جي ٻولين ۾ به ڪو خاص فرق ناهي، اهي ائين آهن جيئن پنجابي سرائيڪي يا سنڌي سرائيڪي، باقي فنلينڊ جنهن جي ٻئي پاسي روس آهي ان جي ٻولي بلڪل مختلف آهي پر مٿس سئيڊن وارن جي وڏو عرصو حڪومت رهي ان ڪري اڄ به فنلينڊ جي هر شهر جي رستن جا توڙي شهرن جا سندن ٻولي فنس ۾ نالا آهن ته سئيڊش ٻوليءَ ۾ به. هن پاسي جي آدمشماري هونءَ به گهٽ آهي خاص ڪري اتراهن علائقن جي جو اتي وڌيڪ ٿڌ پوي ٿي ۽ ڏينهن توڙي راتيون وڏيون ٿين ٿيون سڄي فنلينڊ جي ايراضي 304000 چورس ڪلو ميٽر آهي (پاڪستان جي 796090 چورس ڪلو ميٽر) پر آدمشماري فقط 55 لک آهي. سڀ کان گهڻي آدمشماري هيلسنڪيءَ جي ساڍا ڇهه لک آهي. ٻئي نمبر تي وڏو شهر ”ايسپو“ آهي جنهن جي ٽي لک آهي. يوواسڪولا ستين نمبر تي وڏو شهر آهي جنهن جي آدمشماري ڏيڍ لک آهي. هن شهر لاءِ چون ٿا ته اهو تيز رفتاريءَ سان وڌي رهيو آهي جو 1940ع ۾ هن شهر جي آدمشماري اڌ لک کان به گهٽ هئي. هونءَ هن شهر يوواسڪولا جو نالو اچارڻ اسان لاءِ کڻي ڏکيو هجي جيئن ناروي، فنلينڊ جي ماڻهن لاءِ سچل ڳوٺ. پر پوءِ اتي رهڻ سان اهي نالا اچارڻ سولا ٿيو وڃن جيئن ملائيشيا ۾ ”ڪئمپونگ بارو“ اچارڻ- ملئي جي لفظ ڪمپونگ يا فنلينڊ جو لفظ ڪولا (Kyla) جي معنيٰ آهي ڳوٺ، ۽ يوواس جي معنيٰ آهي اناج- يعني اناج وارو ڳوٺ.
يوواسڪولا شهر ۾ اناج منڊيون هجن يا نه پر تعليمي ادارا کوڙ آهن. ”يونيورسٽي آف يوواسڪولا“ فنلينڊ جي هڪ مشهور يونيورسٽي آهي جنهن ۾ هر سال 16000 کن شاگرد داخلا وٺن ٿا. ملڪ جا ڪيترائي نامور ماڻهو، ٻن وزيراعظمن اُرهو ڪاسترن ۽ ماتي وان هينن سميت هن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي آهي. 62 ڊگرين ويڪرائي ڦاڪ تي هجڻ ڪري آرڪٽڪ سرڪل کان 4 کن ڊگريون هيٺ آهي پر ان هوندي به سندس موسم ناروي جي شهر ٽرنڍهام جهڙي آهي ۽ اڄڪلهه ويهه ايڪيهه ڪلاڪن جو ڏينهن ٿئي ٿو ۽ باقي ٽي ڪلاڪ کن سج غروب ٿيو وڃي پر ايترو هيٺ نٿو وڃي ان ڪري اهي ٽي ڪلاڪ نالي جا ته کڻي رات چئون جو سج غروب ٿيو وڃي پر اهو سمورو ٽائيم سِول Twilight هجڻ ڪري روشني رهي ٿي.
بهرحال ڪو زمانو هو جو آئون اُهو ئي چوندو هوس ته هيلسنڪي جي يونيورسٽيءَ ۾ اسان جي ملڪ جا شاگرد ڇو نٿا اچن، پر هاڻ ته ڏسان پيو ته فنلينڊ جي ٻين شهرن جهڙوڪ يوواسڪولا، ٽيمپرين ۽ ٻين شهرن جي يونيورسٽين ۾ به نه فقط اسان جي ملڪ جي وڏن شهرن جا پر سنڌ جي ڳوٺن جا به شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جن مان هڪ اسان جي اديب ۽ تعليمدان ڊاڪٽر محبوب شيخ جو فرزند اعجاز شيخ به آهي جيڪو Digital Marketing ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو آهي. سندس احوال تفصيل سان نٿو لکان جو سندس والد صاحب مهيني کان فنلينڊ ۾ آهي جنهن کي هر هفتي ڏيڊ فون ڪري همٿائيندو رهان ٿو ته فنلينڊ تي، خاص ڪري ان جي تعليمي ادارن تي ڪجهه لک. محبوب شيخ جا ماسڪو ۽ ترڪيءَ تي به بهترين سفرناما لکيل آهن ۽ هو هتي جي سفر نامي ۾ انهن شاگردن جو احوال پڻ ضرور لکندو جيڪي اڄڪلهه فنلينڊ ۾ تعليم وٺي رهيا آهن جيئن ته دادوءَ جو عباس خشڪ، لاڙڪاڻي جو منصور جوڻيجو جيڪو IBA سکر مان تعليم حاصل ڪري آيو آهي. انهن ۾ هڪ حيدرآباد پاسي جو سنجي به آهي جنهن ماسٽرس به هتان ڪئي ۽ هاڻ Ph.D ڪري رهيو آهي. هن جو سبجيڪٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي آهي. بهرحال اهي مٿيان شاگرد فقط يوواسڪولا شهر جي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح فنلينڊ جي ٻين شهرن ۾ اسان جا شاگرد تعليم وٺي رهيا آهن ۽ هيلسنڪي ۾ ته تمام گهڻا آهن جيڪو فنلينڊ جي گاديءَ جو شهر آهي ۽ بلڪل ڏکڻ ۾ هجڻ ڪري اتي جي موسم فنلينڊ جي ٻين شهرن کان جيڪي لاهور، پشاور، اسلام آباد وانگر اتر ۾ آهن، بهتر آهي.

ايسٽونيا جي گاديءَ وارو شهر ٽالن

هتي ٻه اکر بالٽڪ رياست ايسٽونيا جي گاديءَ واري شهر ٽالن (Tallin) بابت به لکڻ چاهيان ٿو جيڪو پڻ تعليمي ماحول کان دنيا ۾ مشهور آهي. ايسٽونيا (Estonia)، لئٽيويا (Lativa) ۽ ليٿوئانيا (Lithuania) بالٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري بالٽڪ رياستون سڏجن ٿيون جيڪي ازبڪستان، بيلاروس، جارجيا، يوڪرين وغيره وانگر روس جي قبضي ۾ هيون. ايسٽونيا اتر ۾ آهي جنهن جو گاديءَ وارو شهر ٽالن بلڪل اتر ۾ ائين آهي جيئن هيلسنڪي ڏکڻ ۾ آهي. هڪ ڳالهه آهي ته ٽالن جي جاگرافيائي پوزيشن واهه جي آهي. سندس هڪ پاسي فقط 80 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي هيلسنڪي جهڙو فنلينڊ جو شهر آهي ته ٻئي پاسي 320 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي روس جو تاريخي شهر سينٽ پيٽرس برگ آهي ته ٽئي پاسي 380 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي سئيڊن جو اسٽاڪهوم آهي ۽ ان کان به ويجهو ڊئنمارڪ جو شهر ڪوپن هيگن ۽ مالمو آهي جتي جي يونيورسٽيءَ ۾ مونکي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو هو. سو ڏٺو وڃي ته ٽالن شهر اسان جي حيدرآباد کان بهتر چئبو جنهن جي ايتري فاصلي تي گڏاپ، سڪرنڊ، جهانگارا باجاره ۽ ٽنڊو جان محمد ئي آهي. ايسٽونيا جو شهر ٽالن ڪارخانن ۽ تعليمي ادارن جو به ڀنڍار آهي بلڪه انهن ادارن جو تعليمي معيار اعليٰ درجي جو آهي. ٽالن شهر جون ٻه يونيورسٽيون ته آئون به گهمي چڪو آهيان: ٽالن يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جيڪا 1918 ۾ وجود ۾ آئي جتان انجنيئرنگ، بزنيس، ائڊمنسٽريشن ۽ مئريٽائيم افيئرس جهڙن سبجيڪٽن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي وڃي ٿي. اهڙي طرح ٽالن جي ٻي يونيورسٽي TU (ٽالن يونيورسٽي) آهي جيڪا 1919 ۾ ٺهي جيڪا پبلڪ ريسرچ يونيورسٽي آهي. مون کي مختلف تعليمي ادارن جا موٽو Motto پڙهڻ جو شوق هوندو آهي مٿين پهرين يونيورسٽيءَ جو موٽو نوٽ ڪيو اٿم:
With Wisdom & Hands.
اهڙي طرح ٻي يونيورسٽيءَ جو آهي
Thinking Unlimited
هتي اهو لکندو هلان ته هن شهر ٽالن جي پکيڙ 160 چورس ڪلو ميٽر آهي آدمشماري ساڍا چار لک آهي. هونءَ ته سڄي ملڪ ايسٽونيا جي ايراضي 45300 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ آدمشماري چوڏهن لک آهي. ايسٽونيا يا سندس ڀر وارا باقي ٻه بالٽڪ ملڪ لئٽيويا ۽ لِٽيئانيا اسڪئنڊينيوين ملڪن وانگر امير نه آهن. ڪجهه بدعنواني چوري، جيب ڪتري جهڙن ڏوهن جي ڳالهه به عام آهي سو گهمڻ واري کي کڻي پاسو ڪرڻ کپي پر تعليم حاصل ڪرڻ واري لاءِ ته صاف سٿرو ماحول آهي جنهن کي يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ رهڻو پوي ٿو. فنلينڊ ۽ ناروي جي ڀيٽ ۾ هنن بالٽڪ ملڪن توڙي روس ۾ گهٽ خرچ آهي. مونکي فنلينڊ کان به وڌيڪ ايسٽونيا ۾ پنهنجي ملڪ جا شاگرد نظر اچن ٿا. هن وقت جيڪي ٻه چار شاگرد يا اچي رهيا آهن جيڪي ٽالن شهر ۾ نظر آيا، آهن:
* ڄامشورو جو صالح سنڌي جيڪو انٽرنيشنل رليشن پڙهي رهيو آهي.
* ڊگري جو محمد رضا
* شڪارپور جو يار محمد
* اسلام آباد جو واجد خلجي
* سانگهڙ جو نويد شاهه
* ٽنڊو قيصر جو حماد نظاماڻي
مٿين ۾ ڪي ڪاروبار به ڪري رهيا آهن.

ايسٽونيا جي بندرگاه ”ٽالن“ ۾ ڪيئن پهچون ٿا

هونءَ هتي مون فقط Scandinavian ملڪن جو احوال لکڻ چاهيو ٿي بلڪه انهن ملڪن (سئيڊن، ڊئنمارڪ، وغيره) جي به انهن شهرن جو جيڪي آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي آهن- يعني 66.5 ڊگرين کان مٿي اتر قطب ڏي آهن. يا وڌ ۾ وڌ انهن شهرن جو جيڪي آرڪٽڪ سرڪل کان ڪجهه ڊگريون هيٺ آهن. پر هاڻ فِنلينڊ (Finland) جو احوال لکندي جڏهن ايسٽونيا جي شهر ۽ بندرگاهه ”ٽالن“ جو ذڪر نڪتو آهي ته هن ملڪ ايسٽونيا (Estonia) تي ڪجهه ٻيون سٽون به لکندو هلان، جو هي ملڪ ڪجهه ڳالهين ڪري مونکي عجيب ٿو لڳي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽالن (ايسٽونيا جي بندرگاهه) ۾ اچڻ وڃڻ ڪري منهنجيون هن شهر ۽ ملڪ سان يادگيريون پڻ وابسته آهن، پر تجزيو ٿو ڪريان ته اها به ڳالهه ناهي. ائين ته خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيندو رهيو. پر ٽالن جون، بلڪ سڄي ملڪ ايسٽونيا جون ڪجهه شيون بيحد متاثر ڪن ٿيون ۽ مونکي ڇهون حواس اهو ٿو ٻڌائي ته اسان جي ملڪ جي شاگردن کي تعليم لاءِ هن ملڪ ۾ گهڻو اچڻو پوندو. ويجهڙائي جي سالن ۾ مون کان ڪيترن نوجوانن هن ملڪ لاءِ پڇيو هوندو ته اهو ڪٿي آهي؟ روس جي اثر هيٺ آهي؟ بالٽڪ سمنڊ ۾ هجڻ ڪري فنلينڊ، سئيڊن وانگر اسڪينڊينيوين ملڪ آهي- يعني انهن وانگر فلاحي رياست آهي؟ ڀر واري ملڪ پولينڊ وانگر غريب آهي؟ منجهس بدامني آهي، پڙهائيءَ لاءِ اسڪالرشپ ڏين ٿا پر سندن تعليمي معيار سٺو آهي يا اڻ پڙهيل آهن؟ انگريزي به سمجهن ٿا يا نه؟ سيءُ آهي يا نه؟ ان قسم جا انيڪ سوال خاص ڪري اهي پڇن ٿا جيڪي ايسٽونيا جي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا يا اتي نوڪري واپار لاءِ وڃن ٿا يا اهي پڇن ٿا جيڪي گهمڻ جا شوقين آهن. انهن لاءِ هتي هن ملڪ ايسٽونيا ۽ سندس گاديءَ واري شهر ٽالن (Tallinn) بابت ڪجهه Points لکان ٿو جن کي هو ڌيان ۾ رکي هن پاسي کان ڪا مليل نوڪري يا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃڻ جو فيصلو ڪري سگهن ٿا.
هونءَ ايسٽونيا ڪٿي آهي؟ اسان پاڻي واري جهاز ۾ ڪهڙا ڪهڙا سمنڊ لتاڙي”ٽالن“ ٿا پهچون ان کي ڇڏيو. جيئن ته توهان جي اڳيان نقشو ناهي ان ڪري آئون توهان کي ايسٽونيا جي پوزيشن هن ريت ٿو سمجهايان. پاڪستان جي کاٻي پاسي ايران آهي، يعني ڪوئٽا کان زاهدان (ايران) پهچڻ بعد ايران جي کاٻي پاسي يعني اتر اولهه ڪنڊ تائين اچو جتي تبريز آهي. تبريز جي کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ ترڪي آهي. ترڪيءَ جي اتر ۾ يعني انقره جي اتر ۾ بحر اسود (Black Sea) آهي. بحر اسود هڪ ٽب جي شڪل جو آهي جنهن جي اورئين (ڏکڻ واري) ڪناري تي ترڪي آهي ته ٻئي پرئين پاسي جي (يعني اتراهين) ڪناري تي اڳوڻي روسي رياست يوڪرين (Ukraine) آهي، جنهن جي بندرگاهه اوڊيسا جو احوال مون پنهنجي پهرين سفر نامي ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ۾ ڪافي لکيو آهي.
يوڪرين جي اڃان مٿي اتر ۾ روس جي هڪ ٻي سابق رياست بيلاروس (Belarus) آهي. بيلاروس جي کاٻي پاسي ته پولينڊ آهي پر بيلاروس جي اتر طرف رخ ڪبو ته پهرين لٿيوئانيا، ان بعد لئٽيويا ۽ ان کان پوءِ بلڪل اتر ۾ ايسٽونيا ٿو اچي- جنهن جي اتر ۾ فنلينڊ جي نار يعني ”گلف آف فنلينڊ“ سمنڊ آهي جيڪو بالٽڪ سمنڊ جو حصو آهي.
تاجڪستان، ترڪمنستان، ازبڪستان، قزاقستان، جارجيا، يوڪرين وانگر هي ٽي ملڪ لئٽيويا، لٿيوئانيا ۽ ايسٽونيا به روس جي هٿ هيٺ هئا جڏهن روس USSR سڏبو هو. ايسٽونيا جي گاديءَ جو شهر ۽ بندرگاهه ٽالن (Tallinn) بلڪل اتر ۾ ”گلف آف فنلئنڊ“ جي ڪناري تي آهي، جنهن جي ٻئي پاسي فنلئنڊ آهي.
مٿيون ته ٿيو مک وانگر سڌو اڏامي پهچڻ جو رستو. اسان پاڻي جي جهاز کي ايسٽونيا جي بندرگاهه ”ٽالن“ ۾ وٺي اچڻ لاءِ ڪراچيءَ مان لنگر کڻي عمان ۽ يمن وٽان لنگهي، گلف آف عدن مان ٿي بحر احمر يعني Red Sea ۾ داخل ٿيندا آهيون جنهن جي ساڄي پاسي سعودي عرب آهي ته کاٻي پاسي سوڍان آهي. بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي ڇيڙي تي مصر آهي جتان هٿرادو کوٽايل سئيز ڪئنال مان ٽپي ميڊيٽرينين (ڀؤنچ) سمنڊ ۾ ايندا آهيون، پوءِ هي سڄو ميڊيٽرينين سمنڊ لتاڙي جبرالٽر واري ڳچي سمنڊ (Strait) تائين ايندا آهيون. ميڊيٽرينين ڪافي وڏو سمنڊ آهي. ڪڏهن ڪڏهن موسم ۽ سمنڊ خراب هجڻ جي صورت ۾ هفتو ڏينهن راتين جو لڳي ويندو آهي. ميڊيٽرينين اڪرڻ مهل ساڄي پاسي ترڪي، يونان، البانيا، اٽلي، موناڪو، فرانس، اسپين هوندا آهن ته کاٻي پاسي لبيا، ٽيونيشيا، الجيريا ۽ موراڪو. جبرالٽر وٽ سوڙهي لنگهه Strait مان جهاز کي ٻاهر ڪڍي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿيندا آهيون، اسپين سان بلڪل مليل پورچوگال آهي. جبرالٽر مان نڪرڻ بعد مٿي اتر طرف جو رخ رکندا آهيون ۽ پورچوگال جو پاسو وٺي انگلينڊ کان اڳ ايندڙ Bay of Biscay سمنڊ ۾ داخل ٿيندا آهيون جنهن جي چوڌاري فرانس جو ڪنارو آهي. ”خليج بسڪي“ جيتوڻيڪ هڪ ننڍو سمنڊ آهي پر ”خليج بنگال“ وانگر اڪثر بگڙيل رهي ٿو. خليج بسڪي (Bay of Biscay) پورو ڪرڻ بعد ۽ انگلينڊ شروع ٿيڻ کان اڳ Celtic Sea اچي ٿو جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ جو ڏاکڻو حصو آهي. بحر سيلٽڪ مان گذري انگلش چئنل مان لنگهي جهاز نارٿ سمنڊ ۾ پهچي ٿو. انگلش چئنل جي هڪ پاسي فرانس آهي ته ٻئي پاسي انگلينڊ. North Sea (اتراهون سمنڊ) ڪافي وڏو آهي جنهن جا ڪناري وارا ملڪ آهن. کاٻي پاسي اسڪاٽلينڊ ۽ ساڄي پاسي بيلجيم، هالينڊ ۽ جرمني. جرمنيءَ جي مٿان ڊئنمارڪ، اتر ۾ ناروي آهي.
اسان کي ايسٽونيا پهچڻ لاءِ بالٽڪ سمنڊ جي اوڀر واري حصي خليج فنلينڊ ۾ پهچڻو پوي ٿو. نارٿ سي (بحر شمال) کان بالٽڪ پهچڻ لاءِ ڊئنمارڪ جي آخري اتراهين ڇيڙي تائين پهچي پوءِ اوڀر جو رخ ڪرڻو پوي ٿو جيڪو بالٽڪ سمنڊ آهي ۽ جنهن جي ارد گرد سئيڊن، فنلينڊ، مشرقي جرمني پولينڊ ۽ هي بالٽڪ رياستون: لٿو آنيا، لئٽيويا ۽ ايسٽونيا آهن. بحر شمال (North Sea) اڪثر خراب رهي ٿو. ٿڌي ۽ خراب موسم ڪري ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو به اهڙو رهي ٿو جو ڏيک (Visibility) بلڪل نه برابر ٿيو وڃي. جهاز جي وچ ۾ بيهڻ تي جهاز جو اڳ ۽ پٺ به نظر نه ايندي آهي. سامهون ڪهڙا جهاز پيا اچن وڃن، اها دوربين ذريعي به خبر نه پئجي سگهندي آهي. سڄو ڪم رڊار تي هلندو آهي. اهو معاملو جرمنيءَ کان ڊئنمارڪ تائين شديد هوندو آهي. ان ڏکئي سفر کان بچڻ لاءِ هڪ طريقو آهي ”ڪِيل ڪئنال“ مان لنگهڻ. جيئن ”سئيز ڪئنال“ مصر ۾ آهي تيئن ڪِيل ڪئنال (Kiel Canal) جرمنيءَ ۾ 95 ڪلوميٽر مٺي پاڻيءَ جو هٿرادو کوٽيل ڪئنال آهي، جيڪو نارٿ سمنڊ کي بالٽڪ سمنڊ سان ڳنڍي ٿو. جن کي انگلينڊ ۽ فرانس بعد پولينڊ، فنلينڊ يا ايسٽونيا وڃڻو هوندو آهي اهي هن ڪئنال مان لنگهي ٻئي پاسي بالٽڪ سمنڊ ۾ اچي پوندا آهن.
”ڪِيل ڪئنال“ مان جهاز لنگهائڻ جي في ڪافي ڳري ٿئي ٿي پر اهو آهي ته سڄي جرمني ۽ ڊئنمارڪ کي ڦيرو ڪرڻ جو هڪ ڏينهن کن ۽ تيل جا پئسا بچيو پون. ڪِيل ڪئنال مان نڪري بالٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ سان پهرين سئيڊن ۽ پولينڊ اچي ٿو ان بعد فنلينڊ ۽ ايسٽونيا. فنلينڊ جو بندرگاهه هيلسنڪي ۽ ايسٽونيا جو ٽالن (Tallinn) ته بلڪل ائين مليا پيا آهن جيئن سئيڊن جو بندرگاهه مالمو ۽ ڊئنمارڪ جو ڪوپن هيگن. يا جيئن اسپين جو ڏاکڻو ڇيڙو موراڪو جي اتراهين ڇيڙي سان مليو پيو آهي جتي ابن بطوطا جو ڳوٺ الطنج (Tangiers) آهي. ٽالن ۽ هيلسنڪي جي وچ وارو سوڙهو سمنڊ ”خليج فنلينڊ“ سڏجي ٿو. سامونڊي رستي جو مٿيون احوال توهان تڏهن ئي سمجهي ۽ enjoy ڪري سگهندائو جڏهن توهان دنيا جو نقشو يا گولو سامهون رکندائو.

ڪجهه ايسٽونيا بابت ڳالهيون

* ايسٽونيا جيڪو باقي ٻن بالٽڪ رياستن لئٽيويا ۽ لٿونيا سان گڏيو پيو آهي، پر ايسٽونيا جي ٻولي، انهن ٻن ملڪن سان ملڻ بدران درياهه جي ٻئي پار ملڪ فنلينڊ سان ملي ٿي ۽ سڀ اهو ئي چون ٿا ته فنلينڊ ۽ ايسٽونيا جي ٻولي تمام ڏکي آهي.
* تعليم ۾ دنيا جي 200 ملڪن مان ايسٽونيا ٻي نمبر تي آهي ۽ سندس Literacy Rate 99.8 في سيڪڙو آهي ۽ پهرين نمبر تي سندس ڀر واري ٻي بالٽڪ رياست لئٽيويا آهي. اهو ڪمال آهي ته هنن ملڪن جو ٻچو ٻچو تعليم يافته آهي. جيتوڻيڪ سئيڊن، ناروي، جپان جهڙا ڪئين ملڪ امير آهن ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ به اتاهان آهن پر اتي به ايتري تعليم ناهي جيتري هتي آهي.
* ڌرتيءَ جي پکيڙ جي حساب سان ايسٽونيا جي آدمشماري تمام گهٽ، 28 ماڻهو في ڪلو ميٽر جي حساب سان آهي. ان جو اندازو توهان ان مان لڳايو ته جپان جي 334 ماڻهو في ڪلو ميٽر آهي. انڊيا جي 406، پاڪستان جي 255، ترڪيءَ جي 105، ملائيشيا جي 99، بحرين جي 1917 ۽ سنگاپور جي ته 7800 آهي. لئٽيويا جي به تقريبن ايتري ئي 30 آهي. ناروي جي 16 ۽ سئيڊن جي 22 ماڻهو في ڪلو ميٽر آهي.
* ايسٽونيا ايراضيءَ جي حساب سان ڪو وڏو ملڪ ناهي. اسان جي سنڌ صوبي جي ٽئين حصي جيڏو ٿيندو. سنڌ جي پکيڙ 141000 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ ايسٽونيا جي 45000 چورس ڪلو ميٽر آهي يعني سندس ڀر واري ملڪ ڊئنمارڪ جي لڳ ڀڳ آهي جنهن جي پکيڙ 43000 چورس ڪلو ميٽر آهي. هن پاسي جي ملڪن جو ڪنارو تمام کاڌل آهي ۽ ڪناري جي کاڌ ڪري جتي ڪٿي ٻيٽ ۽ کاريون ٺهي پيون آهن. پر ٻيٽن جي معاملي ۾ ايسٽونيا سڀ کان اڳرو آهي جنهن کي 1521 ٻيٽ آهن. سئيڊن، ناروي يا ٻيا هن پاسي جا ملڪ گهڻو ڪري پهاڙي نوعيت جا آهن پر ايسٽونيا بلڪل چپاتيءَ وانگر flat آهي. سندس پهاڙي چوٽي 318 ميٽر آهي جيڪا بالٽڪ رياست جي پهاڙين ۾ سڀ کان اتاهين آهي.
* ايسٽونيا جي عورتن کي ووٽ جو حق 1917ع کان مليل آهي.
* هن پاسي جي ملڪن ۾ ٻين مقابلن سان گڏ زال کي کڻي ڊوڙڻ (Wife Carrying) مقابلو به عام آهي جنهن ۾ هميشه ايسٽونيا چئمپين ثابت ٿئي ٿو ۽ اها ڳالهه ”گنيس بڪ آف ريڪارڊس“ ۾ به اچي چڪي آهي.
* ايسٽونيا ۾ سڀ کان گهٽ ماڻهن (اٽڪل 16 سيڪڙو) کي مذهب سان رغبت آهي.
* ايسٽونيا دنيا ۾ سڀ کان گهڻي سرسبز ڌرتي آهي اڌ کان وڌيڪ ملڪ ٻيلن سان ڀريل آهي. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ گاهه ته ضرور آهي پر ائين سهڻا وڻ ۽ ٻيلا نه آهن جيئن هن پاسي جي ملڪن ڏي آهن. ان سان گڏ پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته هن پاسي جي ٿڌن ملڪن جي ٻيلن ۾ گهمڻ ڦرڻ يا ڪئمپنگ ڪرڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. ملائيشيا جهڙي ملڪ جي ڪنهن جهنگل مان ڏينهن جو لنگهندي به شل نه ڪار جو ويل پنڪچر ٿي وڃي. ٻاهر نڪري ان کي بدلائڻ دوران جيت الڳ ورائي ويندا ته هيٺ گاهه ۾ هلندڙ ماڪوڙيون الڳ ٽنگن تي چڙهي چڪڻ شروع ڪنديون. پر هن پاسي ايڏي ته ٿڌ آهي جو مک، ماڪوڙي يا ڏينڀو، ٽنڊڻ جهڙو ڪو جيت زنده رهي نٿو سگهي. ان ڪري هن پاسي جي جهنگلن ۽ ٻيلن ۾ هلڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. سئيڊن ۾ اسان جي رهائش کان سڏ پنڌ تي جيڪو جهنگل هو اهو صوفن ۽ چيرين جي وڻن سان ڀريل هوندو هو. اهي وڻ ڪنهن جي به ملڪيت نه هئا. ڪيترائي اسان جهڙا واندا واندا سائيڪلن تي پهچي مختلف ميون سان ڀريون ٻڌي گهر ايندا هئا. انهن ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ ڇا ته خوبصورت پکي ۽ پوپٽ نظر اچن ٿا. اسان وٽ هڪ رنگين پکي (طوطو) وڃي بچيو هو اهو به اسان جي ماڻهن ڦاسائي عربن کي وڪڻي ڇڏيو. اڄ اهي طوطا دبئي ۽ ابوڌابي جي رونق بنيل آهن. ماڻهن جي اچ وڃ هوندي به اسان جا سنڌي تتر بي خوف و خطر عربن جي پاڙن ۾ پيا هلن. اسان وٽ رڳو ڪانگ ۽ ڪٻرون وڃي بچيون آهن جيڪي پريشان آهن ته ڏينهون ڏينهن سنڌ ۾ وڌندڙ گرميءَ ۾ هو ڪٿي سک جو ساهه کڻن، ڪٿي آکيرا ٺاهين، جو ماڻهن وڻن ڪپڻ سان اهو حال ڪيو آهي جو هو پاڻ به ڇانوَ لاءِ پريشان آهن.
* هن ملڪ ايسٽونيا جي تواريخ ٿي پڙهجي ته هن ملڪ ڪا خاص آزادي يا خوشي نه ڏٺي. اوسي پاسي جي ڪيترن ئي ملڪن ايسٽونيا جي ڀينگ ڪري ڇڏي. ڊئنمارڪ وارن هڪ طرف هن ملڪ تي ڪاهون ڪري حڪومت ڪئي ته سئيڊن ۽ جرمني جي حاڪمن ٻي طرف جلهون ڪيون. ويندي پولينڊ وارا جيڪي پاڻ به گهڻو تڻو عتاب ۾ رهيا ٿي انهن به هن ملڪ تي داداگيري ڪئي. جرمن ۽ روسين ان کان علاوه هن ملڪ کي فتح ڪري پنهنجي حڪومت هلائي.
* جيتوڻيڪ ايسٽونيا ۾ قانوني طرح 1918ع کان ”ريپبلڪ آف ايسٽونيا“ وجود ۾ آئي پر صحيح طرح هن کي خودمختياري 1991ع کان ملي.
* هتي اهو به لکندو هلان ته Skype ايسٽونيا جي ماڻهن جي ايجاد آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ ڪمپني سئيڊن وارن خريد ڪئي آهي.
* ايسٽونيا آرڪٽڪ سرڪل جي چڱو ويجهو آهي. ٽالن شهر 60 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ۽ هن ملڪ ۾ سياري ۾ ننڍي ۾ ننڍو ڏينهن ڇهن ڪلاڪن جو ڊسمبر ۾ ٿئي ٿو ۽ وڏو ڏينهن 19 ڪلاڪن جو جون جي مهيني ۾ ٿئي ٿو.
* ايسٽونيا ۾ ڪا هڪ قوم نٿي رهي. مختلف دورن ۾ مختلف سلطنتن جي ڪري مختلف قومن جا ماڻهو هتي رهندا ويا. اڄ توهان کي هتي جي مقامي ماڻهن يعني ايسٽونين کان علاوه روسي، يوڪريني، بيلاروسي ۽ فِن (Finn) يعني فنلينڊ جا ماڻهو به نظر ايندا.
* ڪيترن ملڪن ۾ اهڙا به قانون آهن جيڪي اسان پاڪستانين يا اسان ايشيا جي ماڻهن لاءِ نرالا ٿا لڳن پر اهي ملڪ جيڪي آرڪٽڪ سرڪل جي ويجهو آهن، جتي سياري ۾ راتيون وڏيون ٿين ٿيون يعني اونداهه جو راڄ آهي پر اونهاري ۾ به جڏهن ڏينهن وڏا آهن، جهڙالي موسم ۽ گهڻي ڌنڌ ڪري رات جي وقت واڪ ڪندي يا سائيڪل هلائڻ مهل پاڻ سان Safety Reflector چنبڙائڻ ضروري آهي. اهي ان قسم جون رنگين بتيون آهن جن تي سامهون ايندڙ گاڏيءَ جي بتين جي روشني لڳڻ ڪري چمڪ پئدا ٿئي ٿي ۽ اڳلو خبردار ٿيو وڃي ته سامهون ڪو سائيڪل تي اچي پيو يا واڪ ڪري رهيو آهي. جپان ۽ ڪوريا ۾ به ان قسم جا Reflector ٻارن جي اسڪول جي ٿيلهن تي لڳل رهن ٿا، پر ايسٽونيا ۾ قانون ايترو سخت آهي جو رات جي وقت ڪو پنهنجي بئگ، ڪوٽ يا ٻي ڪنهن شيءِ تي نٿو هڻي ته يڪدم 400 يورو ڏنڊ لڳيس ٿو. 400 يورو معنيٰ 80000 رپيا ٿيا. ساڳي وقت ايسٽونيا ۾ اهو به قانون آهي ته ڏينهن جو به گاڏيءَ جون هيڊ لائيٽون dip تي رکي هلڻ ضروري آهي.
* ايسٽونيا ۾ اهو به قانون آهي ته دڪاندار کي هر شيءِ جي رسيد گراهڪ کي ڏيڻي آهي چاهي اها ڪيتري به ننڍي شيءِ هجي.
* ايسٽونيا جي ماڻهن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هو سڀني ۾ سهڻا ٿين ٿا. خبر ناهي ان ۾ ڪيتري حقيقت ٿي سگهي ٿي، پر اها ته حقيقت آهي ته دنيا ۾ سپر ماڊلن جو سڀ کان وڏو تعداد ايسٽونيا ۾ آهي.
* ايسٽونيا جي هڪ ٻي مزيدار ڳالهه جيڪا مونکي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ته نظر نٿي اچي، اها هيءَ ته ايسٽونيا جي گاديءَ واري شهر ٽالن ۾ اتي جي ماڻهن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ مفت آهي. ان مان اهو به فائدو ٿيو آهي ته تمام گهٽ ماڻهو پنهنجيون ڪارون ڪڍن ٿا. هر ڪو ميونسپالٽي جي خوبصورت بس ۾ سفر ڪندو رهي ٿو.
* ايسٽونيا ۾ انٽرنيٽ جو استعمال تمام گهڻو ٿئي ٿو ۽ ڪيترن هنڌن تي ان جو استعمال به مفت آهي. ايتري قدر جو جهنگلن ۾ به انٽرنيٽ جو access مليو وڃي. اسڪول، اسپتالون، پارڪ- جتي ڪٿي توهان کي انٽرنيٽ سان ڳانڍاپو مليو وڃي.
* ايسٽونيا کڻي فنلينڊ، سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن جهڙو امير نه هجي پر ان کي اسان Under Developed ملڪ به سڏي نٿا سگهون.
* ايسٽونيا دنيا جي چند صاف سٿرن ملڪن مان هڪ آهي جنهن جي قدرتي سونهن پسڻ لاءِ هر سال ملڪ جي آدمشماريءَ کان به وڌيڪ ٽوئرسٽ اچن ٿا. هڪ پُرسڪون ۽ خاموشيءَ وارو سهڻو ۽ ٿڌو ملڪ آهي، جنهن جي ٽن وڏن شهرن: ٽالن، تارتو ۽ ناروا کان علاوه ڪنهن به شهر جي آدمشماري اڌ لک کان مٿي ناهي.
توهان مان ڪنهن کي هن ملڪ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا اسڪالرشپ مليو ٿي وڃي يا ڪا نوڪري ملي ٿي ۽ توهان فيصلو ڪرڻ ۾ منجهيل آهيو ته منهنجيون مٿي بيان ڪيل هن ملڪ جون ڳالهيون ڌيان ۾ رکي سگهو ٿا.
 ايسٽونيا جي يونيورسٽي جي هڪ سنڌي پروفيسر جو مشورو ....
ايسٽونيا جي تعليمي ادارن بابت لکڻ دوران هي هڪ واٽس ائپ نظر مان گذريو جنهن جو واسطو پڻ منهنجي عنوان سان ئي آهي، سو اهو هتي ڪاپي پيسٽ ڪر رهيو آهيان جيئن پڙهندڙ ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ۽ هو چاهين ته ان سلسلي ۾ پروفيسر يار محمد مغل صاحب سان به رابطو ڪري سگهن ٿا. يونيورسٽي آف ٽارتو (University of Tartu) جنهن سان پروفيسر مغل صاحب جو واسطو آهي، ايسٽونيا جي هڪ بهترين، پُروقار ۽ وڏي يونيورسٽي آهي. هيءَ يونيورسٽي 1632ع ۾ وجود ۾ آئي. هن ۾ 14000 کن شاگرد آهن، جن مان 1300 کن فارينرس آهن. اڪيڊمڪ اسٽاف جو تعداد 1700 آهي ۽ انتظاميه جو 1800 کن. ليڪچر ايسٽوني ٻوليءَ ۾ ٿين ٿا پر ڪيترائي سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا، جيئن ته اپلائيڊ سائنس، ڪمپيوٽر سائنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، لاء وغيره. ٽارتو شهر جنهن ۾ هيءَ يونيورسٽي آهي، ايسٽونيا جي ڏکڻ واري حصي ۾ آهي ۽ ايسٽونيا جي گاديءَ واري وڏي شهر ٽالن بعد هي ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي. ٽارتو شهر ۾ هي اعلي قسم جي يونيورسٽي هجڻ ڪري ٽارتو شهر اڪثر “Intellectual Centre of the Country” سڏيو وڃي ٿو. ايسٽونيا ۽ دنيا جا وڏا قابل ماڻهو هن يونيورسٽيءَ جا پڙهيل آهن...
”حيدرآباد سان تعلق رکندڙ يورپ جي ملڪ ايسٽونيا جي يونيورسٽي آف ٽارتو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ نوجوان آءِ ٽي سائنسدان يار محمد مغل سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي زور ڀريو آهي ته هو چين، ملائيشيا يا ترڪي ۾ داخلا جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ اسٽونيا جو رخ ڪن، جتي ڪمپيوٽر سائنس، آءِ ٽي ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ اڳتي وڌڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، جڏهن ته ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلا جي ڪابه فيس ناهي، اسڪالرشپ جا بيشمار موقعا ميسر هجڻ سبب هي ملڪ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي هوشيار شاگردن لاءِ هي تمام زبردست پليٽ فارم آهي، جن مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ يونيورسٽي جي انتظامي بلاڪ اي سي ٽو ۾ واقع وي سي سيڪريٽريٽ جي سينٽ هال ۾ خصوصي ليڪچر ڏيندي ڪيو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت هيٺ ٿيل ليڪچر پروگرام ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ، ڊاڪٽر امتياز ڪوريجو، ڊاڪٽر انتظار علي لاشاري، سينڊيڪيٽ ميمبر اسدالله بليدي کانسواءِ ڪمپيوٽر سائنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سافٽ ويئر شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر يار محمد مغل وڌيڪ چيو ته ايسٽونيا هڪ ننڍڙو ملڪ آهي، جنهن جي آبادي صرف 13 لک آهي، پر اهو آءِ ٽي جي شعبي ۾ نت نيون ٽيڪنالاجيز متعارف ڪرائي دنيا کي پوئتي ڌڪي چڪو آهي. هن چيو ته يورپي يونين جي هن ننڍڙي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ ٽيوشن فيس انتهائي گهٽ آهي، جڏهن ته پي ايڇ ڊي ۾ داخلا بلڪل مفت آهي. هن چيو ته اسٽونيا دنيا جو پهريون ملڪ آهي، جنهن جون 2005ع ۾ ٿيل صدارتي چونڊون انٽرنيٽ تي ٿيون ۽ ان 2014ع ۾ انٽرنيٽ ريزيڊنسي وارو تصور پيش ڪيو. هن چيو ته اسٽونيا ۾ هن وقت 150 پاڪستاني زير تعليم آهن، جن مان 75 شاگرد مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد بيچلر، ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن لاءِ اسٽونيا جي يونيورسٽين جي چونڊ ڪن، جتي اعليٰ تعليم ۽ تحقيق سان گڏ نوڪرين جا بيشمار موقعا آهن. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سندس ڄاڻ موجب اسٽونيا سميت سڄي يورپ ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ روزگار جا انتهائي وڏا موقعا موجود آهن، جلد ڊاڪٽر يار محمد مغل ذريعي يونيورسٽي آف ٽارتو سان تعليمي معاهدا ڪيا ويندا ته جيئن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ايسٽونيا موڪلي سگهجي. واضح رهي ته اسڪائپ سميت ڪيترن ئي سافٽ ويئرن جو خالق اسٽونيا جهڙو ننڍڙو ملڪ آهي.“

آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي سج غروب ئي نٿو ٿئي

پاڻ ناروي جي آرڪٽڪ سرڪل (ويڪرائي ڦاڪ) جي آسپاس جي شهرن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جتي سامونڊي نوڪري جي ڏينهن ۾ جهاز کي وٺي ايندا هئاسين ۽ سئيڊن ۾ تعليم دوران باءِ ايئر يا باءِ روڊ فيلڊ ورڪ لاءِ ايندا هئاسين، جيئن ته ٽرومسو جتي لاڙڪاڻي پاسي جي ڳوٺ جي صنم پيچوهو نالي هڪ ڇوڪري پڙهي ٿي يا ٽرنڍهام بندرگاهه جتي جي يونيورسٽي ۾ اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو دوست مرحوم عاشق حسين شاهه سکر وارو تعليم حاصل ڪري رهيو هو. انهن شهرن جو ذڪر ان ڪري آندوسين جو اتي اونهاري ۾ ڏينهن وڏا ٿين ٿا بلڪ سج لهڻ کان پوءِ باقي رات وارو ٽائيم به روشني رهي ٿي. آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي يعني اتر وارن شهرن ۾، اونهاري ۾ ڏينهن رات کان وڏو ته ڇا پر ڪيترا هفتا بلڪه مهينا لڳاتار ڏينهن رهي ٿو ۽ سج بيٺو ئي بيٺو آهي ۽ سياري ۾ لڳاتار رات رهي ٿي ۽ سج غائب رهي ٿو. ڪيترو عرصو اهو سلسلو رهي ٿو- يعني ڪيترا مهينا لڳاتار ڏينهن ۽ لڳاتار رات رهي ٿي ان جو مدار هر شهر جو آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي اتر قطب ڏي آهي. بلڪل اتر قطب ۾ ته پورا ڇهه مهينا ڏينهن ڇهه مهينا رات رهي ٿي.
پاڻ ٽرنڍهام بندرگاهه جي ڳالهه ڪئي جيڪو آرڪٽڪ سرڪل (66.5 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ) کان هيٺ خط استوا ڏي 63.4 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. آرڪٽڪ سرڪل کان هيٺ وارن شهرن ۾ لڳاتار ڏينهن يا سياري ۾ رات نٿي رهي. ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سج دنيا جي گولي پويان غائب ضرور ٿئي ٿو، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي ٻه يا ٽي ڪلاڪ جيڪي سج غائب رهي ٿو، اهي رات جا ڪلاڪ سڏجن ٿا پر انهن ڪلاڪن ۾ رات واري اونداهه نٿي ٿئي ڇو جو سج گهڻو هيٺ نٿو وڃي. اتي ئي ڇهه ست ڊگرين تائين هيٺ غروب ٿي مٿي اڀري اچي ٿو ان ڪري Twilight (شام واري يعني سج لٿي واري روشني) رهي ٿي، پر آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي وارن شهرن ۾ (جيئن ته ٽرومسو شهر جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪو 70 ڊگرين ويڪرائي ڦاڪ تي آهي) اونهاري ۾ سج ڪجهه هفتن (بلڪ مهينن) لاءِ لڳاتار رهي ٿو. يعني غروب ٿئي ئي ڪونه ٿو. اهڙي طرح سياري ۾ سج اڀري ئي نٿو. لڳاتار اونداهه رهي ٿي.
ناروي جو هڪ ٻيو بندرگاهه جتي منهنجو وڃڻ رهيو ۽ مونکي ڪن ڳالهين ۾ بيحد پسند آيو اهو آهي Bodo (بوڊو) شهر. هي شهر کڻي گهڻو اتر ۾ ناهي پر 67.2 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي هجڻ ڪري آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي آهي يعني اونهاري ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳاتار سج نظر اچي ٿو- گهٽ ۾ گهٽ ڏيڊ مهينو کن (پهرين جون کان تيرهين جولاءِ تائين) سج غروب ئي نٿو ٿئي. سج جو ٿالهه افق کان ٿورو مٿڀرو پيو ڦري. پڙهندڙن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته هنن اتراهن علائقن ۾ سج ائين چوٽ نٿو کڻي جيئن اسان جي ملڪ ۾ ٿئي ٿو. سج جي چوٽ چڙهڻ تي سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ اسان وٽ منجهند مهل سخت گرمي ٿئي ٿي. اسان جو ملڪ وري به 23 کن ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. ڪولالمپور يا سنگاپور جهڙا شهر جيڪي بلڪل خط استوا وٽ آهن يعني هڪ کان ٽي ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهن اتي ته سج جا ڪرڻا اڃان به سڌا پون ٿا ۽ منجهند مهل سخت ڏينهن تپي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اتي اڪثر جهڙ ۽ مينهوڳيءَ ڪري اسان جي ماڻهن کي (جيڪي اوڏانهن ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ وڃن ٿا) ان جو احساس ئي نٿو ٿئي ته جنهن وقت جهڙ ناهي سج جا ڪرڻا خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ ڏينهن لڳي سگهي ٿو يعني Sun Stroke ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا جهڙن ملڪن ڏي ويندڙن کي آئون هر وقت ان ڳالهه جو چتاءُ ڏيان ٿو ته پاڻ سان ڌوپ ڇٽي کڻي ويندا ڪريو جيڪا مينهن جي بچاءَ کان وڌيڪ اس کان بچاءَ لاءِ وڌيڪ ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن پاسي جي ملئي ماڻهن جي ڊريس پٽڪو رهيو آهي جنهن جو آخري ڇيڙو پٺيان لڙڪايو وڃي ٿو جيئن ڪنڌ ڍڪيل رهي. هاڻي هي ملڪ امير ٿيڻ ڪري هرڪو ڪار ۾ سفر ڪري ٿو ۽ آفيسون ۽ روڊ وڻن سان ڍڪيل آهن سو مٿو اگهاڙو ڪريو پيا هلن، پر اسان جا ماڻهو جن کي جهڙ هجي يا اس، رستن تي رلڻو آهي انهن کي کپي ته پنهنجي صحت جو خيال رکڻ لاءِ پٽڪو نه ته پي-ڪئپ مٿي تي رکن ۽ پاڻ سان هر وقت ڇٽي پڻ رکن جيئن پرديس ۾ هنن تي Sun Stroke جو حملو نه ٿئي.
سو پاڻ اها ڳالهه پئي ڪئي ته هن پاسي اتراهن ملڪن ۾ سج چوٽ نٿو کڻي. افق جي ويجهو ئي رهي ٿو ان ڪري سج ۾ تپش نه برابر رهي ٿي. ان جو اندازو توهان ان ڳالهه مان ئي لڳايو ته سياري ۾ اسان وٽ جڏهن سج رڳو ٿورو هيٺاهين تان وڃي ٿو يعني ٿورو ڏکڻ جو طرف ڏئي گذري ٿو ته هن جا پاسيرا پوندڙ ڪرڻن ۾ اها تپش نٿي رهي جيڪا اونهاري جي سج ۾ رهي ٿي. بهرحال هن پاسي تعليم يا نوڪري لاءِ ايندڙ ماڻهن کي اهو نه سوچڻ کپي ته هر وقت ڏينهن آهي يا هر وقت رات آهي يا سخت سيءُ آهي. ڀلي ڪري ٽي ٽي مهينا رات هجي يعني اونداهه ۽ سخت سيءُ هجي توهان جا تعليمي ادارا Centrally Heated آهن ۽ ڏينهن رات ڪلاس رومن يا آفيسن، ورانڊن ۾ ٽيوب لائيٽون پيون ٻرن. ٻاهر شهر ۾ نڪرڻ لاءِ توهان سردي مطابق گرم ڪپڙا ۽ ٽوپ اوڍي نڪرو ٿا. هنن ملڪن ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته سيءُ ڪجهه به نه آهي، ڇو جو سيءُ جي ٿڌاڻ جو دارو مدار توهان جي ڪپڙن اوڍڻ تي آهي. بلڪه منهنجو ته اهو تجربو ۽ مشاهدو آهي ته ناروي، سئيڊن، فنلينڊ، ڊئنمارڪ، ايسٽونيا جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ گهٽ آدمشماري ۽ خاموشيءَ ڪري پڙهائي سٺي رهي ٿي. رلڻ پنڻ بدران سيءُ ۾ هر ڪو پنهنجي گرم ڪمري ۾ ڪتابن سان مشغول رهي ٿو.
هن پاسي جي يونيورسٽين ۾ پهريان ٽي مهينا مقامي ٻولي ضرور پڙهائين ٿا باقي مختلف سبجيڪٽن جا ليڪچر انگريزيءَ ۾ ٿين ٿا. ان کان علاوه هنن ملڪن: ناروي، سئيڊن، فنلينڊ وغيره ڏي مهانگائي تمام گهڻي آهي، آمريڪا ۽ انگلينڊ کان به وڌيڪ پر اهو به آهي ته اسڪالرشپ به ٺيڪ ٺاڪ ڏين ٿا. ٻيو ته هن پاسي نسل پرستي (Racism) جي سوچ گهٽ آهي. اهو به هاڻ ٿورو گهڻو ٻڌجي ٿو نه ته اسان جي ڏينهن ۾ ته بلڪل نه هئي. هاڻ مڙيئي ڪٿي ڪٿي نوجوان طبقو مڇريل رهي ٿو سو به انهن ڌارين ملڪن کان آيل پناهه وٺندڙن تي.... پر ڏٺو وڃي ته ان ۾ به گهڻو تڻو اسان جي ماڻهن عراقين، افغانين، سومالين، ويندي پاڪستانين جو ڏوهه آهي جيڪي هتي رهڻ جي اجازت (Asylem) حاصل ڪري غلط حرڪتون ڪن ٿا. نوڪري ۽ پورهئي کان نٽائي رڳو مفت ۾ سوشل (خيراتي فنڊ) حاصل ڪن ٿا، ان کان علاوه چورين چڪارين ۽ هڪ ٻئي سان جهيڙن جهٽن ۾ involve رهي هتي جي پرامن ماحول کي هڪ طرف خراب ڪن ٿا ته مسلمانن کي ٻي طرف بدنام ڪن ٿا. پر تعليمي ادارا يا هتي جون آفيسون ان ماحول کان پري آهن. هن پاسي هڪ ته آدمشماري گهٽ آهي ٻيو ته ٻچو ٻچو تعليم يافته آهي.
بودو شهر جي آدمشماري 60 هزار کن مس آهي.. ان کان وڌيڪ هتي ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا. هتي جي Nord يونيورسٽي هڪ بهترين تعليمي ادارو آهي. لهه و چڙه ۾ اچڻ لاءِ سندن فون نمبر 7000-7551-0047 ۽ Email ائڊريس postrottak@nord.no آهي. ڪاغذ پٽ موڪلڻ لاءِ پوسٽل ائڊريس آهي: Nord University, Bodo UniversitetsallenII, Bodo, Norway. 8026 هيءَ يونيورسٽي بودو شهر کان اٽڪل ڏهه ڪلو ميٽر پري اوڀر ۾ جنهن علائقي ۾ آهي اهو Morkved سڏجي ٿو جيئن ڪراچي يونيورسٽي شهر جي مرڪز کان پري گلشن اقبال واري علائقي ۾ آهي. جيئن ڪراچي يونيورسٽي جي ڀرسان NED يونيورسٽي ۽ ٻيا به تعليمي ادارا آهن تيئن نورد (Nord) يونيورسٽي جي ڀرسان ”بودو يونيورسٽي ڪاليج“، ””نارويجئن پوليس يونيورسٽي ڪاليج“ وغيره پڻ آهن. دراصل هن علائقي جي Morkved نالي ريلوي اسٽيسن به آهي جتان ميٽرو ٽرين ۾ چڙهڻ تي ڏهن منٽن ۾ بودو جي مرڪزي (صدر) علائقي ۾ پهچيو وڃجي- ان علائقي ۾ مسجد به آهي جنهن جو نالو نارويجين ٻوليءَ ۾ Islamsk kultursenter آهي جيئن آمريڪا ۽ يورپ جي ٻين شهرن ۾ مسجد يا Mosque بدران ”اسلامڪ سوسائٽي“، اسلامڪ سينٽر“ يا ان قسم جا نالا رکيا وڃن ٿا.

بودو جي مسجد ۽ ان جو امام

1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جڏهن هن پاسي پهريون دفعو آيو هوس ته سواءِ هڪ ٻن مسلمان شاگردن جي اسلام جو نالو نشان به نه هو ۽ اهي مسلمان شاگرد به پاڪستان جا نظر آيا هئا. پر پوءِ ان بعد بنگلاديش ٿيڻ دوران، خميني جي انقلاب دوران، عراق ۽ ايران جي جنگ دوران، روس جي افغانستان تي قبضي دوران ڪيترائي بنگالي، ايراني، عراقي، افغاني ويندي الباني، چيچن، ڪرد، سومالي، بوزنين ۽ ٻين مسلمانن پنهنجي ملڪ ۾ بهتر حالتون نه ڏسي هن پاسي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪئي. اهڙي طرح هن پاسي، هن شهر بودو ۽ ان جي آسپاس جي ٻيٽن تي رهندڙ مسلمانن ڪري بودو جي وچ شهر ۾ پوليس اسٽيشن جي سامهون هڪ خوبصورت ۽ ماڊرن طرز جي مسجد وجود ۾ آئي.
بودو جي هيءَ مسجد ”اسلامڪ ڪلچر سينٽر“، بودو شهر جي بلڪل هڪ چوراهي وٽ Sjgata ۽ Dronningens Gata روڊن جي وچ ۾ آهي. انهن سان ڳنڍيل Ronvikgata روڊ وٽ- يعني مسجد کان سڏ پنڌ تي عيسائين جو گرجا گهر Church of Jesus به آهي. ڏٺو وڃي ته هن پاسي جي شهرن جي آدمشماري ايتري ته گهٽ آهي جو ٻه ڏينهن شهر جو چڪر هڻ ته سڀ مقامي ماڻهو سڃاڻڻ لڳن ٿا ته هي هتي نئون آيل آهي.
شروع ۾ جنهن مولوي ”ڊاڪٽر وليد حڪيم“ جي ڳالهه ڪئي اٿم اهو بودو جي هن مسجد جو امام آهي. مسجد سان گڏ سندس رهائشگاهه ۾ مهمانن جي لاءِ هڪ گيسٽ روم به آهي جنهن ۾ ڏينهن ٻه ٽڪڻ لاءِ بودو شهر گهمڻ لاءِ آيل مسلمان ٽوئرسٽن کي هو دعوت ڏيندو رهي ٿو. ڊاڪٽر وليد مختلف ملڪن ۾ وڃي اسلام تي ليڪچر ڏيڻ کان علاوه مسلمان ٽوئرسٽن جي گروپ کي وٺي اسلامي تاريخي شهر گهمائيندو رهي ٿو ۽ سفر دوران هنن لاءِ اتي جي تاريخ تي به روشني وجهندو رهي ٿو. ان ڪري ڊاڪٽر وليد حڪيم دنيا ۾ سفري امام “The Traveling Imam” جي لقب سان مشهور آهي. پاڻ سلطنت عثمانيه ۽ اندلس جي تاريخ جو وڌيڪ ڄاڻو آهي ان ڪري هو سياحن کي ترڪي ۽ اسپين پاسي گهڻو وٺي وڃي ٿو. اسلام جي آن لائين ڄاڻ ڏيڻ لاءِ جيڪا ”علم پاٿ اڪيڊمي“ آهي ان جو ڊاڪٽر وليد باني ۽ ڊائريڪٽر آهي. پاڻ هيوسٽن (ٽيڪساز آمريڪا) ۾ جيڪا ”المغرب انسٽيٽيوٽ“ آهي ان جو پروفيسر رهي چڪو آهي.
”المغرب انسٽيٽيوٽ“ اسلامي تعيم ڏيڻ جو ادارو آهي جيڪو ”محمد الشريف“ نالي هڪ نيڪ انسان 2002ع ۾ آمريڪا (USA) جي ڏاکڻي شهر هيوسٽن ۾ کوليو.هي ادارو هفتي يا ڏهه کن ڏينهن جي شارٽ ڪورسن ۽ سيمينارن ذريعي شاگردن کي اسلام جي ڄاڻ ڏئي ٿو. سندس هيڊ ڪوارٽر ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي شهر ملٽن ۾ آهي. آمريڪا ۽ ڪئناڊا کان علاوه هي ادارو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به اسلامي تعليم پهچائڻ جي خدمت انجام ڏئي ٿو جيئن ته: انگلينڊ، ملائيشيا، آسٽريليا، سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ سنگاپور وغيره. خاص عالمن ۾ رياض اورزازي ۽ ياسر قاضي به شامل آهن. ياسر قاضي پاڪستاني نسل جو آمريڪن آهي. سندس يو ٽيوب تي ليڪچر دنيا ۾ مشهور آهن. پاڻ ”اسلامي ڪريڊ“ ۽ ”اسلامڪ سائنسز“ ۾ ماسٽرس آهي. ان کان علاوه ”اسلامڪ اسٽڊيز“ ۾ هن آمريڪا جي Yale يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي آهي ۽ عربي ٻوليءَ ۾ ”اسلامڪ يونيورسٽي مدينه“ مان ماسٽرس ڪئي آهي. پروفيشن جي حساب کان هن هيوسٽن يونيورسٽيءَ مان ڪيميڪل انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي. المغرب انسٽيٽيوٽ هيوسٽن ۾ ڊين هجڻ کان علاوه ياسر قاضيءَ ميمفس ٽينيسي (Memphis Tennessee) آمريڪا جي Rhodes ڪاليج ۾ به پڙهايو آهي. سندس ليڪچر نوجوانن ۾ بيحد مقبول آهن. پاڻ ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا اٿس. قدرت کيس وڏو علم ۽ ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ ليڪچر ڏيڻ جو هنر به عطا ڪيو آهي. منهنجي پڙهندڙن کي اها ئي صلاح آهي ته هو ياسر قاضي (Yasir Qadhi) جو هڪ ٻه ليڪچر ضرور ٻڌن. هڪ آمريڪن جو ”دي نيو يارڪ ٽائيمس“ اخبار ۾ مضمون پڙهيو هوم جنهن ۾ ياسر قاضيءَ لاءِ لکي ٿو ته:
“He is one of the most influential conservative clerics in American Islam.”
پاڻ ناروي جي شهر بودو جي مسجد جي امام ڊاڪٽر وليد حڪيم جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪو هن کان اڳ ڪئناڊا ۾ ”اسلامڪ سينٽر ٽورنٽو“ جيڪو جامع مسجد به سڏجي ٿو ان جو امام ۽ مذهبي مسئلن جو ڊائريڪٽر به رهيو آهي. ان کان علاوه آمريڪا (USA) جي ڪيترين ئي مسجدن ۾ هن امام جا فرض سرانجام ڏنا آهن. پاڻ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي ڪيترن ئي ٽي وي چئنلن جيئن ته الهديٰ، اقراءَ، Bridges ڪئن ٽي وي ۽ ٻين تان ليڪچر ڏيندو رهي ٿو.
منهنجي دراصل گهڻي واقفيت ڊاڪٽر وليد حڪيم جي والد صاحب ”امام ڊاڪٽر عبدالغفار عبدالحڪيم“ سان هئي جنهن جو هن سال رمضان مهيني جي پهرين جمعي تي تراويح نماز بعد 78 ورهين جي ڄمار ۾ انتقال ٿيو. هو منهنجو تقريبن هم عمر آهي. سمجهو ته ٽي سال ننڍو آهي، ڦڦڙن جي ڪئنسر ڪري زندگيءَ جا آخري ڏينهن سخت تڪليف ۾ رهيو. هن کي به مون مختلف ملڪن ۾ اتي جي مسجدن ۾ امامت ڪندي ڏٺو.
امام وليد حڪيم جي والد امام عبدالغفار جي زندگيءَ جو سفر قرآن شريف حفظ ڪرڻ سان ٿيو. هن پنجن سالن جي ڄمار ۾ قرآن ياد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اٺن سالن جو ٿي مڪمل ڪيو ۽ مصر ۾ ٿيندڙ قرآن جي مقابلي ۾ هو پهرين ڏهن ٻارن ۾ آيو. هو پنهنجي والد (يعني امام وليد حڪيم جي ڏاڏي مولوي عبدالحڪيم) جي نقش قدم تي هلڻ لڳو جيڪو شهر جي مسجد جو امام هو ۽ هن ٻارن کي قرآن پڙهايو ٿي.
اسان جو هم عمر امام عبدالغفار بنيادي تعليم مدرسي مان وٺڻ بعد وڌيڪ تعليم مصر جي الاظهر اسلامي اسڪول ۽ يونيورسٽيءَ مان حاص ڪئي ۽ آنرس ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد شافعي فقهي ۾ ماسٽرس ڪئي. سندس پٽ امام وليد ٻڌائي ٿو ته هن جي والد کي ڪيتريون ئي حديثون برزبان ياد هيون جيڪي وقت بوقت هن کي ٻڌائيندو رهيو ٿي.
شافعي فقهي ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد امام عبدالغفار عربي ٻوليءَ ۾ ماسٽرس ڪئي ان سان گڏ هن ڪويت جي اسڪولن جو سلئبس ۽ Curriculum به لکيو ٿي. هيءَ 1960 واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن اسان مئرين انجنيئرنگ جي تعليم پئي حاصل ڪئي. امام وليد ٻڌائي ٿو ته هن جي والد کي علم حاصل ڪرڻ جي وڏي جستجو هئي. هو علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ تيار رهيو ٿي ساڳي وقت دين جي تعليم ڏيڻ لاءِ پڻ هو هر هنڌ وڃڻ لاءِ تيار رهيو ٿي. ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ لاءِ جڏهن هو ڪا اسڪالر حاصل ڪري نه سگهيو ته پنهنجي خرچ تي آمريڪا هليو ويو. جيتوڻيڪ هن کي انگريزي به نٿي آئي. پنهنجي خرچ تي انگريزي سکي پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. يونيورسٽي جو خرچ پورو ڪرڻ ۽ فئملي کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ هن باٿ رومون صاف ڪرڻ جهڙا به پارٽ ٽائيم پورهيا (Jobs) ڪيا. Ph.D لاءِ هن جي سبجيڪٽ جو عنوان هو “Education of the Gifted Children” اهي ڏينهن هئا جن ۾ امام وليد حڪيم مشيگان ۾ ڄائو. ٻار ٿيڻ ڪري امام عبدالغفار جو خرچ وڌي ويو ۽ هن لاءِ پورت ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو. ايتري قدر جو هن ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ جو ارادو لاهي پئي ڇڏيو ته قدرت طرفان هن جي مدد ٿي وئي. انهن ئي ڏينهن ۾ مشيگان يونيورسٽي وارن عربي ٻوليءَ لاءِ نئون ڊپارٽمينٽ کوليو ۽ ان لاءِ ڪورس تيار ڪرڻ لاءِ امام عبدالغفار کي فل اسڪالر شپ جي آفر ڪئي وئي. آمريڪا جي رياست مشيگان (Michigan) اتر وارن رياستن مان هڪ ۽ نيويارڪ جي کاٻي پاسي آهي. سندس هيٺان اوهيو، انڊيانا ۽ اليناس رياستون آهن. مشيگان جو جيتوڻيڪ وڏو شهر ڊيٽرائٽ (Detroit) آهي پر گاديءَ جو شهر لانسنگ (Lansing) آهي جتي ”مشيگان اسٽيٽ يونيورسٽي“ آهي جنهن مان امام وليد جو والد امام عبدالغفار پڙهيو ۽ لانسگ اهو شهر آهي جتي امام وليد جنم ورتو. آمريڪا جي هيءَ يونيورسٽي اڄ به آمريڪا جي اعليٰ يونيورسٽين مان هڪ آهي جنهن ۾ اڄڪلهه اڌ لک کان مٿي شاگرد داخل آهن.

مولوي سائنس جي ۽ سائنسدان دين (فقهي) جي ڄاڻ رکن

لانسگ شهر ۾ اڄڪلهه ڏهاڪو کن مسجدون آهن جن مان ٻه پراڻيون ۽ مشهور آهن. هڪ ”اسلامڪ سينٽر ايسٽ اينڊ“ جيڪا هريسن روڊ تي آهي ۽ ٻي ”ولي محمود مسجد“ جيڪا مارٽن لٿر ڪنگ روڊ تي آهي. آمريڪا ۾ تعليم دوران امام عبدالغفار لانسگ مسجد جو امام ٿي رهيو جتي هر جمعي نماز تي هن خطاب ۽ ليڪچر ڏنو ٿي. هن ڪيترن ئي آمريڪن کي اسلام جي دائري ۾ آندو. بودو مسجد جو هي نوجوان امام وليد پنهنجي والد صاحب لاءِ ٻڌائي ٿو ته ”گرئجوئيشن بعد منهنجي والد کي آمريڪا ۾ پروفيسر ٿي پڙهائڻ جون ڪيترن ئي تعليمي ادارن مان سٺي پگهار وارين نوڪرين جي آفر ٿي پر هن منهنجي خاطر اهي قبول نه ڪيون. هن ڪنهن مسلم ملڪ ۾ رهڻ چاهيو ٿي جتي مونکي اسلامي ماحول ملي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو هن مونکي اسلامي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جيئن اسلام بابت گهڻي کان گهڻي ڄاڻ حاصل ڪري سگهان.“
امام وليد اهو به ٻڌايو ته سندس والده جيڪا اڃان حيات آهي اها عربيءَ جي ٽيچر ٿي رهي ۽ هن امام وليد کي گهر ۾ عربي سيکاري ڇو جو ننڍپڻ امريڪا ۾ گذارڻ ڪري هن فقط انگريزي ڳالهائي ٿي.
امام عبدالغفار ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن جن مان هڪ “How to nurture your Gifted Child” تمام گهڻو ناميارو آهي جيڪو هن عربيءَ ۾ لکيو جنهن ۾ هن پنهنجي پٽ امام وليد کي Case Study بنايو آهي.
امام وليد ٻڌائي ٿو ته اسڪول جي تعليم ختم ڪرڻ بعد سندس والد هن جي B.A. توڙي Ph.D. جو بندوبست ڪيو. هن چاهيو ٿي ته سندس پٽ هن کان به وڌيڪ تعليم حاصل ڪري.
ڊاڪٽر وليد لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن اسلامي ڄاڻ سان گڏ 8 سال سلطنت عثمانيه ۽ اندلس جي تاريخ تي به ريسرچ ڪئي آهي ۽ مختلف بين الاقوامي يونيورسٽين ۾ 5000 کن شاگردن کي پڙهائي چڪو آهي.
دراصل ڪيترائي عالم دين آهن جن جا ليڪچر ۽ ڳالهيون ٽي وي چئنلن ۽ يوٽيوب تي اسان ٻڌون ٿا. ’امام وليد حڪيم‘ به انهن مان هڪ آهي. سندس چنڊ جي نظر اچڻ يعني روزي ۽ عيد جي ڏينهن جو تعين ڪرڻ بابت خيال سارهايان ٿو. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان جي ملڪ ۾ چنڊ جي نظر اچڻ تي ڦڏو ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏهن سالن کان مضمون لکان پيو، امام ڊاڪٽر وليد حڪيم به ان سان سهمت لڳي ٿو ۽ اهي ئي ڳالهيون آهن جن بابت اسان مسلمانن کي خاص ڪري پاڪستان جي مسلمانن کي سوچڻ کپي ۽ ان تي عمل ڪرڻ کپي جيئن سڄي قوم هڪ ڏينهن تي عيد ملهائي.
امام وليد جي ويجهڙائي واري مضمون Solving Ramadan’s Moon Sighting wars! ۾ هن جون بيان ڪيل ڪجهه Points هتي نمايان ڪرڻ چاهيان ٿو.
* اسان جي مولوين کي کپي ته هو ڪجهه سائنس Astronomy جي به ڄاڻ رکن ۽ سائنسدانن کي کپي ته ڪجهه دين (فقهي) جي به ڄاڻ رکن.
نئين چنڊ جي ڄمڻ جي ته خبر پئجي سگهي ٿي پر اسان مسلمانن لاءِ عيد تڏهن ٿئي ٿي جڏهن اکين سان چنڊ ڏٺو وڃي ۽ ڪو به نئون ڄاول چنڊ 18 ڪلاڪن کان اڳ نظر اچڻ ناممڪن ڳالهه آهي. هن دفعي پاڪستان ۾ چنڊ نظر اچڻ جو اعلان تڏهن ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان ۾ پهچڻ وقت ان جي عمر 6 ڪلاڪ به ڪا مس هئي.
* امام وليد به اهو ئي چوي ٿو ته نئون ڄاول چنڊ جڏهن 18 ڪلاڪن بعد ڪٿي به نظر اچي ٿو ته ان بعد ان جاءِ (ملڪ) جي مغرب طرف وارن ملڪن ۾ چنڊ نظر ايندو ئي ايندو جو اهو اڳتي وارن ملڪن ۾ پهچڻ سان وڌيڪ بالغ ٿئي ٿو. ان جاءِ جي پٺئين پاسي وارن ملڪن ۾، يعني اهي ملڪ جيڪي اوڀر ۾ ٿيا اتي چنڊ ٻئي ڏينهن ئي نظر ايندو. هي مثال ائين آهي جيئن هن ڀيري چنڊ نه اسان وٽ نظر آيو نه ايران مصر ۾- ويندي انگلينڊ ۾ به نظر نه آيو جو اتي پهچڻ تي به چنڊ جي عمر ڪا ٻارهن تيرهن ڪلاڪ مس هئي سو ظاهر آهي ان عمر وارو چنڊ هرگز نظر نه ايندو، پر سعودي عرب وارن پشاور پاسي جي مولوين وانگر اعلان ڪيو ته چنڊ نظر اچي ويو. ان کي ڀر وارين عرب رياستن به فالو ڪيو، جيتوڻيڪ سائنس کان ٿوري ڄاڻ رکڻ وارو به سمجهي سگهي ٿو ته چنڊ جو نظر اچڻ ناممڪن هو. ٿي سگهي ٿو اتي جي ماڻهن آسمان ۾ ڪا چلڪندڙ شيءِ ڏسي ان کي هلال چنڊ سمجهيو هجي.
* امام وليد چوي ٿو ته اسلام ۾ اهم شيءِ ٻَڌي آهي ۽ اسان کي ان بابت هڪ ئي عيد ملهائڻ کپي يا هڪ وڌيڪ روزو رکڻ کپي. هڪ روزو وڌيڪ رکڻ يا هڪ روزو ٽوڙڻ کان وڌيڪ غلط ڪم اهو آهي ته هڪ ئي شهر هڪ ئي ملڪ ۾ ڪي روزي سان هجن ڪي ڪپڙن کي عطر هڻي عيد نماز تي پيا وڃن.
“Breaking the unity is worse than breaking the ‘fast’ from an Islamic point of view. Making up for a missed day is much easier than making up for negative emotions of disunity!”

اتر ۾ لڳاتار سج ڪيئن رهي ٿو ... هڪ بهترين وڊيو

اسان مان ڪو ورلي هوندو جيڪو آرڪٽڪ سرڪل (66.5 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ) کان مٿي اتر قطب ڏي روس، ناروي يا سئيڊن جي ڪنهن شهر ۾ ويو هوندو جتي اونهاري ۾ لڳاتار ڏينهن رهي ٿو ۽ سياري ۾ لڳاتار رات رهي ٿي. پنهنجي پڙهندڙن کي اها آئيڊيا ڏيڻ لاءِ ته جڏهن مهينن جا مهينا ڏينهن رهي ٿو ته سج جي پوزيشن ڪيئن رهي ٿي. چوڌاري ڌرتي ڪيئن رهي ٿي- يعني اونهاري ۾ سج جي موجودگيءَ ۾ برف ڄميل رهي ٿي. برف جي هجڻ ڪري وڻ ٽڻ به ناهن پوءِ ماڻهن جو رستن تان هلڻ چلڻ مهل سج (اس) کان ڪيئن بچاءُ ٿئي ٿو. فوٽن ڪڍڻ جو ته آئون به شوقين آهيان ۽ مون به ڪيترائي فوٽو ڪڍيا هوندا پر سچ ڳالهه اها آهي ته ڪنهن Still فوٽوءَ مان ڏسندڙ کي خبر نٿي پئجي سگهي ته هنن ٿڌن اتراهن شهرن جو ڇا ماحول رهي ٿو جڏهن لڳاتار ڪئين ڏينهن راتيون سج بيٺو آهي.
فوٽو کان وڌيڪ بهتر وڊيو ٿئي ٿو. ڏٺو وڃي ته هنن علائقن (جن کي اسان آڌي رات جو به سج نظر اچڻ واري ڌرتي Land of midnight sun سڏيون ٿا) جا گوگل يا يو ٽيوب تي ڪيترائي وڊيو رکيل آهن پر انهن مان ڪو اهڙو ناهي جيڪو پنهنجي پڙهندڙن کي ڏسڻ لاءِ Suggest ڪري سگهان. انهن ۾ گهڻا تڻا اهي آهن يا اهڙي طرح نڪتل آهن جو هڪ مون جهڙو همراه جيڪو انهن علائقن مان ٿي آيو آهي اهو ته سمجهي به سگهي ٿو ته enjoy به ڪري سگهي ٿو ٻيو هرگز نه جيڪو حيدرآباد، سکر جو رهاڪو هجي يا روم استنبول جو. ها هڪ وڊيو منهنجو ڌيان ضرور ڇڪايو اهو مٿئين مولوي امام ڊاڪٽر وليد حڪيم جو آهي. بلڪه ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته ان وڊيو ڏسڻ بعد مون کي امام وليد ۽ ان جي والد امام عبدالغفار تي ڪجهه لکڻ جو خيال آيو جيڪو مٿي لکيو اٿم.
امام وليد حڪيم هي وڊيو هن رمضان جي پهرين هفتي ۾ ناروي جي شهر بودو ۾ ڀريو آهي جتي جي مسجد جو هو امام آهي. هن مسجد جي آسپاس تراويح نماز پڙهڻ بعد، يعني رات جو ساڍي يارهين ٻارهين بجي ڀريو آهي جڏهن ته سج به نظراچي رهيو آهي. پڙهندڙن کي صلاح ڏيندس ته اتر قطب جي شهرن ۾ آڌي رات جو به سج نظر اچڻ جو هي وڊيو ضرور ڏسن جنهن جو عنوان آهي:
“Dr. waleed Hakeem- The Traveling Imam”
ناروي جو هي بودو (Bodo) شهر جيتوڻيڪ آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي اهي پر ايڏو گهڻو به مٿي ناهي. ٽرومسو جتي لاڙڪاڻي جي صنم پيچوهو رهي ٿي ان کان وري به هيٺ آهي. تنهن هوندي به سال ۾ اونهاري ۾ ڏيڊ يا پوڻا ٻه مهينا لڳاتار ڏينهن ۽ سياري ۾ ايتري عرصو لڳاتار رات رهي ٿي. اتفاق اهڙو جو هن سال رمضان جو مهينو ان وقت آيو آهي جڏهن ناروي ۾ لڳاتار ڏينهن آهي- يعني ناروي جي هنن اتراهن شهرن بودو، لوفوٽين ۽ ٽرومسو ۾. سو هن وڊيو ۾ امام وليد حڪيم بودو جي مسجد ۾ تراويح نماز پڙهي ٻاهر نڪتو آهي. سامهون سج بيٺو آهي. ٿوري دير کان پوءِ هن کي سحري کائي روزو رکڻو آهي، ان وقت به سج اڀريل ئي هوندو.
هن وڊيو جي اها خوبي آهي جو ڊاڪٽر وليد هتي جو نظارو ڏيکارڻ سان گڏ ڀرپور ڪمينٽري به ڪري رهيو آهي جيڪا هن ريت آهي: (جتي آئون سمجهان ٿو ته اها ڳالهه منهنجي پڙهندڙ کي سمجهه ۾ نه ايندي اتي ڏنگين ۾ مون پنهنجي سمجهاڻي لکي آهي...)
”اسين هن وقت آرڪٽڪ ناروي ۾ آهيون.“ (دراصل ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ، روس ۽ ڪئناڊا ملڪن جا مٿيان حصا آرڪٽڪ سرڪل (66.5 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ) کان مٿي آهن. ناروي جا شهر اسٽرا ونگر، برگن، اسڪوول، اليسنڊ، ٽرنڍهام وغيره آرڪٽڪ سرڪل کان هيٺ آهن جن ۾ ڏينهن وڏو ٿئي ٿو ويندي 22 ڪلاڪن جو پر سج روزانو ڪلاڪ ٻن لاءِ غروب به ٿئي ٿو، پر بودو، لوفوٽين ٻيٽ، ٽرومسو، هئمرفيسٽ ۽ نارد ڪيپ جتي سڪرنڊ جي پير حماد الله اڪيلي سر وڃي ”يورپ جا روشن ڏينهن ۽ راتيون“ نالي سفر نامو لکيو، اهي شهر ”آرڪٽڪ سرڪل“ کان مٿي اتر قطب ڏي آهن جتي مهينن جا مهينا اونهاري ۾ سج لڳاتار نظر اچي ٿو ۽ سياري ۾ سج غائب رهي ٿو. ناروي جو اهو اتراهون علائقو- يعني آرڪٽڪ سرڪل کان اتر قطب جي ويجهو وارو ”آرڪٽڪ ناروي“ سڏجي ٿو. هو پنهنجي مسجد واري شهر بودو مان وڊيو ڪڍي رهيو آهي جيڪو شهر آرڪٽڪ ناروي ۾ اچي ٿو.) آئون توهان کي آڌي رات وارو سج “Mid Night Sun” ٿو ڏيکاريان. توهان ان بابت ٻڌو ته ضرور هوندو پر هينئر ان کي منهنجي پٺيان افق (Horizon) جي ويجهو ڏسي سگهو ٿا. اهو افق وٽ ائين نظر اچي رهيو آهي جيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ غروب ٿيڻ وقت ڳاڙهسرو ۽ ٿڌي اس وارو هوندو آهي، پر سال جي هن مهيني ڏيڊ ۾ هن شهر بودو ۾ هي سج لڳاتار ائين ئي نظر ايندو رهندو- غروب نه ٿيندو. ٻي ڳالهه اها ته هي سج توهان کي اتر طرف نظر اچي رهيو آهي. (پاڻ وٽ پاڪستان، انڊيا، ايران، عراق وغيره ۾ ته سج صبح جو اوڀر کان اڀري مٿي آسمان ڏي وڃي چوٽ کڻي ٿو ۽ پوءِ ظهر نماز کان پوءِ آهستي آهستي ٿي ٻي طرف اولهه ۾ غروب ٿئي ٿو) پر هتي ناروي جي اتراهين شهر ۾ سج هن وقت اتر ۾ نظر اچي رهيو آهي اهو الهندي طرف غروب ٿيڻ جي موڊ ۾ هرگز ناهي. دراصل اهو ڌرتي جي پٺيان هرگز غائب ٿيڻ وارو ناهي. هنن مهينن ۾ آرڪٽڪ ۾ سج غروب ٿئي ئي ڪونه ۽ اهو (سج) اتر طرف ڇو نظر اچي رهيو آهي؟ ڇو جو آرڪٽڪ ۾ سج آسمان ۾ گول گهمندو رهي ٿو. اهو نه مٿي چوٽ کڻي ٿو ۽ نه غروب ٿئي ٿو. اهو چوويهه ئي ڪلاڪ گول دائري ۾ ڦرندو رهي ٿو. ساڳي وقت توهان کي چنڊ به نظر اچي رهيو آهي. (مٿي ڪنهن هنڌ لکي چڪو آهيان ته ناروي جي بندرگاهن ٽرنڍهام، بودو، ٽرمسو ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو آهي ته انجڻ روم ۾ بتين جي روشنيءَ ۾ ڪم ڪري، انجن روم کان ٻاهر ڊيڪ تي اچبو آهي ته سمجهه ۾ نه ايندو آهي ڪهڙو سج آهي ڪهڙو چنڊ. ڪڏهن چنڊ جي روشني وڌيڪ ڏسي اها غلط فهمي ٿي ويندي هئي ته اهو سج جو گول ٿالهه آهي) سو هڪ ئي وقت توهان سج به ڏسي رهيا آهيو ته چوڏهينءَ جو چنڊ به.“
امام وليد حڪيم ٿو ٻڌائي ته هي Mid Night Sun جو احوال قرآن شريف جي ”سوره الڪهف“ ۾ ذوالقرنين جي قصي ۾ به بيان ڪيو ويو آهي. ”الله تعاليٰ هن کي اها قوت ڏني ته هو هن دنيا جي اوڀر واري ڇيڙي توڙي اولهه واري پوڇڙ تائين سفر ڪري سگهي ۽ هن سفرن دوران رب پاڪ فرمائي ٿو ته هو اوستائين هليو ويو جتي ڏٺائين ته ڪجهه ماڻهو آهن جن کي رب پاڪ سج (اس) کان بچاءَ لاءِ ڪو به ڍڪ (Coverings) مهيا نه ڪئي آهي.
حَتٰي اِذَا بَلَغَ مَطَلِعَ الشمسِ وَجَدَ هَا تَطَلُعُ
عَليٰ قَوم لَم نَجعَل لَهُم مِن دُونِهَا سِترًا
(سوره 18 الڪهف، آيت 90)
(آئون بدر ابڙي جي ڏاڏي علامه علي خان ابڙو جو سنڌيءَ ۾ ۽ اڙدو ۾ مولانا مودودي جو ترجمو پڙهان ٿو. انهن هن آيت جو ترجمو هن ريت ڪيو آهي:
* تان جو هو سج اڀرڻ جي آخري حد تائين پهچي ويو. هن ڏٺو ته سج هڪ قوم تي اڀري ٿو جنهن کي اسان سج جي اس کان بچڻ لاءِ ڪا اوٽ يا پناهه نه ڏني هئي.
* پهر اس ني (ايک دوسري مهم ڪي) تياري ڪي يهان تڪ ڪه طلوعِ آفتاب کي حد تڪ جا پهنچا- وهان اس نه ديکها که سورج ايڪ ايسي قوم پر طلوع هو رها هي جس ڪي ليئي دهوپ سي بچني ڪا ڪوئي سامان هم ني نهين ڪيا هي.
(سوره الڪهف قرآن شريف جي ارڙهين سوره آهي. هيءَ سوره مڪي جي مشرڪين جي ٽن سوالن جي جواب ۾ نازل ٿي آهي جيڪي انهن نبي صلعم جو امتحان وٺڻ لاءِ اهل ڪتاب (عيسائين ۽ يهودين) جي صلاح سان پاڻ ڪريم صلعم جن جي اڳيان پيش ڪيا هئا:
* اصحاب ڪهف ڪير هئا؟
* قصه خضر جي حقيقت ڇا آهي؟ ۽
* ذوالقرنين جو ڇا قصو آهي.
مٿيان ٽئي قصا عيسائين ۽ يهودين جي تاريخ متعلق هئا. حجاز ۾، يعني عرب دنيا ۾ انهن کان ڪو واقف نه هو ۽ نه ڪنهن ٻڌو هو. ان ڪري اهلِ ڪتاب امتحان وٺڻ جي مقصد سان انهن سوالن جي چونڊ ڪئي. رب پاڪ انهن سوالن جا سچا جواب نبي ڪريم صلعم جي زباني ڏياريا.)

ڇا سوره ڪهف ۾ آرڪٽڪ ڏي اشارو آهي جتي ذوالقرنين پهتو

امام وليد حڪيم سوره الڪهف جي مٿي بيان ڪيل آيت بابت ٻڌائي ٿو ته هو (ذوالقرنين) انهن ماڻهن وٽ پهتو جيڪي بنا ڪنهن اوٽ جي سج جي هيٺان هئا. هنن کي سج کان بچڻ لاءِ ڪو ڍڪ (Cover) نه هو. امام وليد ٻڌائي ٿو ته جن ڏينهن ۾ هيءَ آيت نازل ٿي ان دور جي تفسير لکڻ وارن عالمن کي قدرت جي هن ڪرشمي (Phenomenon) جي ڄاڻ نه هئي ڇو جو هنن دنيا جي هن طرف جي ڏورانهن ڏيهن Extreme Ends ڏي سفر نه ڪيو هو. پر هتي توهان ڏسو! اسان وٽ سڄو ڏينهن سڄي رات سج بيٺو آهي ۽ ڏسو هي جون جو مهينو آهي جيڪو اسان وٽ (اتر اڌ گول جي ملڪن ۾) گرم ترين رهي ٿو. هينئر گرميءَ جو پڌ ڪراچي ۽ قاهري ۾ ته تمام گهڻو آهي پر نيويارڪ ۽ ٽوڪيو ۾ به سخت گرمي آهي پر هتي دنيا جي هن ڇيڙي تي، هن شهر ”بودو“ ۾ لڳ ڀڳ زيرو آهي ۽ هر ماڻهو ڀانئي ته سج جي سامهون- يعني اس ۾ ويٺو رهان. (جيئن پاڻ وٽ سياري ۾ جڏهن سکر، لاڙڪاڻي ڏي ٿڌ جو پَدُ زيرو تي وڃيو پهچي ته سج اڀرڻ تي هر ڪو ماڻهو ڀانئي ته اس ۾ ويٺو رهان. پڙهندڙ اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکن ته اسان وٽ نومبر ڊسمبر جي مهيني ۾ به سج اهو ئي چوٽ وٺي ٿو. ڪو معمولي ڏکڻ طرف Slanting ڪري ٿو، پر هن پاسي اونهاري ۾ به سج جي اس ۾ اها تپش ناهي ان ڪري جو اهو افق وٺي هلي ٿو ۽ هن جا ڌرتيءَ تي ڪرڻا ايڏو ته پاسيرو پون ٿا جو هنن ۾ ذرو به تپش ناهي. ايتري قدر جو ماڻهن جي اڱڻن ۾ يا گهرن جي ڇتين تي به اس نٿي اچي. پاسيرو ۽ هيٺاهون سج هجڻ ڪري ان جي اس گهرن جي ٻاهرين ڀتين، درن ۽ درين تي ئي اچي ٿي ۽ اها هلڪي ڳاڙهسري رهي ٿي جيڪا سج جي غروب وقت اسان وٽ ٿئي ٿي. سو هن پاسي سج کان بچڻ ڪير ٿو چاهي بلڪه هر هڪ ڀانئي ته هو اس ۾ هلي. اونهاري ۾ به هتي سخت سردي ٿئي ٿي. اهو اسان وٽ اونهارو آهي جنهن ۾ سج جي ايڏي تپش ٿي ٿئي جو سنڌ ۾ ڏهين بجي به ماڻهو وڻن جي ڇانوَ ڳوليندا وتن. هيڏانهن آرڪٽڪ ناروي ۾ هن شهر بودو کان مٿي ٽرومسو، هئمرفيسٽ، لوفوتين ڏي ته ڪو وڻ ٽڻ ته ڇا پر گاهه يا ٻوٽو به نٿو ٿئي جو پنج ڇهه فوٽ ڌرتي جو هيٺيون تهه ايڏو ٿڌو رهي ٿو جو ڪنهن ٻج جي ڦٽڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. پنجن سالن بعد به اهو ٻج ساڳي صورت ۾ رهي ٿو ڄڻ فريزر ۾ رکيو هجي. سئو سال اڳ دفن ڪيل لاش اڄ به ساڳي حالت ۾ آهن، جنهن جو ذڪر ڪنهن ٻئي مضمون ۾ ڪري چڪو آهيان ته هن پاسي جي اتراهن علائقن ۾ خاص ڪري لانگ ييئر بائن جهڙن شهرن ۾ ته مردن کي دفن ڪرڻ تي به بندش آهي. سو هن پاسي ڪٿي آهن وڻ ٽڻ؟)
امام وليد حڪيم پنهنجو هي وڊيو ڏيکارڻ دوران ٻڌائي ٿو ته ”اڄڪلهه اونهاري ڪري ڏينهن وڏو ضرور ٿئي ٿو پر سرديءَ ڪري روزو رکڻ ڏکيو ڪم ناهي. اڃ ته صفا نٿي لڳي البته بک کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.“
امام وليد چوڌاري ڪئميرا گهمائي ڏيکاري ٿو ته سواءِ چند مسلمانن جي جيڪي تراويح نماز پڙهي پيا وڃن روڊن تي ڪو ماڻهو ڇيڻو ناهي. دڪان آفيسون بند آهن. هو ٻڌائي ٿو ته ”هن وقت هتي آڌي رات آهي. (يعني سج ضرور نظر اچي پيو، ڏينهن جهڙي روشني به آهي پر رات جا ٻارهن کن ٿيا آهن سو آڌي رات ئي ٿي) هتي جا ماڻهو ستا پيا آهن جو هنن کي صبح جو آفيسن ۾ وڃڻو آهي، ٻارن کي اسڪول وڃڻو آهي. اسان چند مسلمان ان ڪري اڃان جاڳون پيا جو اسان هينئر هينئر تراويح نماز پڙهي آيا آهيون ۽ سحريءَ جي تياريءَ لاءِ وڃي رهيا آهيون.
”دنيا جي ٻين حصن جا ماڻهو اهو سوال ڪن ٿا ته توهان ناروي وارا هتي روزا ڪيئن ٿا رکو جڏهن ته هتي سج غروب ئي نٿو ٿئي؟“ ان ڳالهه لاءِ ڪيتريون ئي فتوائون موجود آهن. هن پاسي جي مسلمانن ميٽنگ ڪري فيصلو ڪيو ته ڪنهن کي فالو ڪجي جيئن هن ريجن جا ماڻهو هڪ ڳالهه تي ئي عمل ڪن ۽ پاڻ ۾ ٻڌي قائم رکن. ڀر وارن ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ ٻيٽن تي رهندڙ مسلمانن کي ٿو ملائجي ته جملي ٻه هزار کن مسلمان ٿين ٿا. سڀني گڏجي مصر جي الاظهر جي فتوا کي قبول ڪيو آهي جنهن مطابق اسان مڪي، سعودي عرب جي وقتن کي فالو ڪريون ٿا. بهرحال جنهن وقت اسان روزو رکون ٿا ان وقت به سج سامهون آهي ۽ جڏهن افطار ڪريون ٿا، ان وقت به سج سامهون بيٺو آهي. ڪي ماڻهو اهو اعتراض ڪن ٿا ته اسان اهو ڇا ٿا ڪريون سج غروب نه ٿيو آهي توهان افطار پيا ڪريو! اهو ته حرام ٿيو. انهن کان آئون پڇڻ چاهيندس ته هو ئي ٻڌائين ته پوءِ ڀلا اسان ڇا ڪريون؟ (سج ته ڏيڊ مهيني بعد غروب ٿيندو سو به هن شهر بودو ۾. مٿي اتر ۾ ٽرومسو جهڙي شهر ۾ ته اهو اڍائي مهينا کن غروب نٿو ٿئي. اهڙي طرح اڃان به مٿي اتر ۾ اتر قطب وٽ ته سج ڇهه مهينا لڳاتار اڀريل نظر اچي ٿو.) سو اسان مڪي جي وقتن تي نه رڳو روزو رکون ۽ کوليون ٿا پر فجر نماز ۽ تراويح نماز به ان وقت پڙهون ٿا جنهن وقت ڪعبتھ الله ۾ پڙهي وڃي ٿي.“
امام وليد حڪيم پنهنجي هن وڊيو ۾ ٻڌائي ٿو ته هي ڪم هر رمضان ۾ نٿو ٿئي. هڪ ٻن سالن بعد رمضان اهڙين تاريخن تي اچي ويندو جڏهن سج کي لهندو ۽ اڀرندو به ڏسنداسين.“ (اسلامي سال عيسوي سال کان 15 ڏينهن ننڍو ٿئي ٿو. سو رمضان هر سال 15 ڏينهن اڳ ئي اچي ٿو. سو ڪجهه سالن بعد رمضان اهڙن مهينن ۾ به اچيو وڃي جڏهن بودو ۾ لڳاتار سج اڀريل نٿو ٿئي. جيئن ٽرنڍهام شهر بابت لکي آيو آهيان ته اتي اسان جو پهريون دفعو جڏهن جهاز پهتو ته انهن ڏينهن ۾ سج ويهه ايڪيهه ڪلاڪ کن رهڻ بعد غروب ٿيو ٿي)
اها ئي ڳالهه امام وليد هن وڊيو ۾ سمجهائي ٿو: ”بهرحال هي سلسلو هر سال نه هلندو رهندو آهي ڪجهه سالن بعد رمضان اهڙن مهينن ۾ به ايندو جڏهن سج کي لهندي ۽ اڀرندي به ڏسنداسين ۽ پوءِ اسان لوڪل وقت مطابق هلندا آهيون جيتوڻيڪ آهستي آهستي ٿي ڏينهن رات ۾ فرق ٿئي ٿو. شروع ۾ ته 22 ڪلاڪن جو به ڏينهن ٿئي ٿو ۽ وڏا وڏا روزا رکڻا پون ٿا. (پوءِ وري هڪ اهڙو وقت به اچي ٿو جڏهن پندرهن کن سالن بعد رمضان سياري جي مهينن ۾ اچي ٿو جڏهن رات 22 ڪلاڪن تائين ٿيو وڃي ۽ روزو ڪو ڪلاڪ ٻن جو مس رکڻو پوي ٿو.)

قطبي ملڪن جون ڳالهيون اڄ ڇو ڪري رهيو آهيان

پڙهندڙن لاءِ اها ڳالهه عجيب ضرور لڳندي هوندي ته منهنجو اتر قطبي ملڪن: ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن وغيره جي بندرگاهن ۾ وڃڻ ته سامونڊي نوڪري جي شروعات يعني 1960ع واري ڏهاڪي کان لڳو رهيو ٿي پر ان پاسي جون ڳالهيون هاڻ ڇو لکي رهيو آهيان؟
ڳالهه اها آهي ته 1960ع توڙي ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ به اسان جي ماڻهن کي مٿين ملڪن ۾ نوڪري ڳولڻ، تعليم حاصل ڪرڻ يا اتي رهائش اختيار ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. آخر دلچسپي به ڇو وٺن جڏهن هنن کي انگلينڊ، جرمني، فرانس، جپان جهڙن ملڪن ۾ انهن ڳالهين لاءِ اجازت ملي وئي ٿي ته پوءِ هو ناروي، سئيڊن ۽ فنلينڊ جهڙن ملڪن ۾ ڇو خوار ٿين جتي سخت ٿڌ آهي. جتي ڏينهن ٿئي ته روشني ختم ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي. رات ٿئي ٿي ته هفتا ڇا مهينن تائين لڳاتار اونداهه لڳي رهي ٿي. انهن ملڪن تي مون به 1990ع واري ڏهاڪي کان پوءِ لکيو جڏهن تعليم لاءِ سئيڊن ۾ رهڻو پيو ۽ اتان فيلڊ ورڪ لاءِ ناروي ۽ فن لئنڊ به وڃڻو ٿيو ٿي. نه ته ان کان اڳ ڳوٺ پهچبو هو ته هرڪو انگلينڊ جرمني، جپان هانگ ڪانگ يا روس آمريڪا جو پڇندو هو پر ڪو به آرڪٽڪ ناروي يا اسڪينڊينيوين ملڪن جو نه پڇندو هو. پوءِ اهڙن ملڪن لاءِ ڇا لکجي؟ سچ ته انهن ملڪن ۾ پهچي اسان جو ئي دماغ چڪرائبو هو. ڏينهن رات جو سسٽم سمجهه ۾ نه ايندو هو. اسان جي ننڍپڻ جي زندگي ائين گذري جو سج جي پهرين تڙڪي کان گهڻو اڳ فجر نماز لاءِ اٿڻو هوندو هو ۽ سج لٿي کان پوءِ اونداهه ٿيڻ تي بستر ۾ داخل ٿيڻو پوندو هو. مئٽرڪ تائين ته اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي ئي نه هئي. ڏيو ٻاري پڙهائي ڪبي هئي. اسان لاءِ ته لنڊن، بارسلونا، لسبن جو سيءُ به گهڻو هو سو اتر ناروي يا اتر سئيڊن جي سيءَ ۾ ته ڏڪاڻي ٿي ٿي. ڪڏهن- خاص ڪري اونهاري ۾ اچبو هو ته روشنيءَ ۾ سمهڻو پوندو هو ۽ صبح جو اٺين بجي اک کلندي هئي ته به سج سامهون بيٺو هوندو هو. سياري ۾ وري ابتو حساب هوندو هو. ڏينهن جا چند ڪلاڪ سا روشني هوندي هئي نه ته باقي ڏينهن اونداهه ئي اونداهه هئي.
پر پوءِ هڪ اهڙو وقت آيو جو اسان جي ماڻهن جي انهن اتراهن ملڪن ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي، ڇو جو اسان جي ماڻهوءَ لاءِ نوڪري، روزگار توڙي تعليم ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ انگلينڊ آمريڪا جهڙا ملڪ ڏکيا ٿي پيا. ويزائن تي سختي ٿي پئي. هنن اسان جي ملڪ جي شاگردن کي اسڪالرشپون ڏيڻ گهٽائي ڇڏيون، پوءِ اسان جي شاگرد به سوچيو ته اعليٰ تعليم لاءِ ڪٿان به اسڪالر ملي چاهي ٽالن يا هيلسنڪي جي يونيورسٽيءَ مان يا ٽرانڍهام يا اسٽاڪهوم جي يونيورسٽيءَ مان ته اها قبول ڪرڻ کپي، چاهي سخت سيءُ هجي چاهي لڳاتار اونداهين واريون راتيون هجن، چاهي اتي جي ٻولي انگريزي نه پر فنس ۽ ايسٽونين جهڙي ڏکي هجي. مون کان ڪنهن پڇيو ٿي ته مون هميشه ان جي همت افزائي ڪئي ٿي ۽ انهن شاگردن بابت ٻڌايو ٿي جيڪي ههڙي ٿڌ ۽ اونداهين راتين وارن ملڪن ۾ پڙهي چڪا هئا ۽ هاڻي ته ڪيترائي سنڌ جي ڳوٺن جا ڇوڪرا ته ڇا ڇوڪريون به پڙهي رهيون آهن. ڪنڊياري جي اوڏن جون ڇوڪريون پهريون دفعو ڳوٺ کان نڪري لاهور کان انڊيا آيون ته مون ڏٺو ته هو نه فقط پڙهيل ڳڙهيل هيون پر وڏي همت واريون هيون. هندستان جي ٻن مهينن جي سفر ۾ هو مون سان گڏ هيون. هر وقت وڌيڪ پڙهڻ لاءِ پڇنديون رهيون ٿي. آئون کين ۽ سندن والدين کي هميشه اسڪينڊينيوين ملڪن ڏي وڃڻ جو چوندو رهيس ٿي. ”اتي ڪيئن وڃون؟ اسڪالر شپ ملندي يا نه؟“ مهرچند، دودو، شانتا، لڇمڻ جون MBBS ۽ MSC ڊگريون حاصل ڪندڙ ڇوڪريون پڇنديون رهيون ٿي. آئون کلي کين اڙدوءَ جي اها چوڻي دهرائيندو هوس ته ”انڌي کي رستو ڏيکار ۽ گهر تائين ڇڏي به اچ“ مون کان نه پڄندو. اسڪالرشپ يا اتي پهچڻ جو ڪو طور طريقو پاڻ ئي ڳوليو جو ان جي مون کي خبر ناهي. مونکي رڳو اها خبر آهي ته مٿين ملڪن ۾ سنڌ جي شهرن جون ته ڇا پر ڳوٺن جون ڇوڪريون به پڙهي رهيون آهن.
مونکي حيرت ٿي جڏهن پنج ڇهه سالن بعد خبر پيئي ته منهنجي پيٽارو جي اوڏ دوستن جون ڪيتريون ئي ڀائٽيون ڀاڻيجون سئيڊن، پولينڊ، ڊئنمارڪ وغيره ۾ نه فقط وڌيڪ پڙهي رهيون آهن پر نوڪري به ڪري رهيون آهن. ٻن ٽن ته اتي مڪاني سئيڊش همراهن سان شادي ڪري اتي هميشه جي رهائش به اختيار ڪئي آهي.
اڄ کان ڏهه سال کن اڳ ٽنڊو قيصر پنهنجي پيٽارو جي دوست رئيس نور احمد نظاماڻيءَ خوش خبري ٻڌائي ته سندس ڏوهٽو عبدالرحيم نظاماڻي سئيڊن وڃي رهيو آهي.
”ڏاڍو سٺو،“ مون کيس مبارڪ ڏيندي چيو ”تو ته ڏهه سال کن آمريڪا ۾ رهي اتي جو پاسپورٽ ڦاڙي، اچي ڳوٺ وسائي. هاڻ نوجوانن کي ٻاهر نڪرڻ ڏي.“ موڪلائڻ وقت چيومانس ته جهاز هلائڻ جي سلسلي ۾ توڙي تعليم لاءِ آئون به وڏو عرصو سئيڊن ۾ رهيو آهيان. مهرباني ڪري عبدالرحيم کي چئجان ته سٿڻ قميص جي پَچر ڇڏي پاڻ سان جينز جون ٿلهيون پتلونون ۽ انهن جي هيٺان گرم لانگ جونس (سئيٽرن جهڙا پجاما) کڻي وڃي.
”اهو ڪم مولانا نه ڪندو ڀلي کڻي سمجهائي ڏسينس“ نور احمد کلندي چيو.
اتفاق سان ٽنڊو قيصر کان حيدرآباد عبدالرحيم کڻي آيو. سندس رکايل وڏي ڏاڙهي ۽ مرين تائين شلوار ۽ عربن وارو چمڙي جو ٻن پٽين وارو چمپل ڏسي چپ ٿي ويس. دل ۾ چيم عبدالرحيم سان هينئر مٿو هڻڻ اجايو آهي. هن سڄي عمر گذاري آهي پيٽارو، ڄامشوري ۽ ٽنڊو قيصر جي گرمين ۾ هن کي اهو احساس ئي نه ٿيندو ته سئيڊن ۽ ناروي جو سيءُ ڇا آهي ۽ ان سيءَ سان گڏ جيڪڏهن هوا به لڳي ٿي ته پوءِ ڀلي توهان کي سئيٽرن مٿان ڪوٽ ۽ ان مٿان اوور ڪوٽ ۽ هيٺ ٿلهي پتلون ۽ ان هيٺان لانگ جان هجي، اتر قطبي هوائون جسم کي تيز ڇريءَ وانگر ڪپين ٿيون. اهڙي بي رحم موسم ۾ صبح جي وقت سينٽرالي هيٽيڊ هاسٽل مان نڪري يونيورسٽي وڃڻ لاءِ بس اسٽاپ ڏي نڪربو و ته ائين لڳندو هو ڄڻ وهنجڻ جاءِ مان وهنجي نڪرڻ تي ڪنهن کڻي ڊيپ فريزر ۾ بند ڪيو هجي.
عبدالرحيم نظاماڻي (Kit no: 9317) اسانجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ دوست رئيس نور احمد نظاماڻي (Kit no:7) جو ڏوهٽو آهي. نور احمد نظاماڻي مرحوم کي چار ٻار ٿيا ٻه نياڻيون: زبيده ۽ آمنا ۽ ٻه پٽ علي احمد نظاماڻي ۽ ائڊووڪيٽ بشير احمد نظاماڻي. عبدالرحيم محمد خان نظاماڻي ۽ زبيده جو وڏو فرزند آهي ۽ 14 فيبروري 1981ع تي ٽنڊو قيصر ۾ ڄائو. ستين ڪلاس بعد هو به پنهنجي ناني وانگر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو جتي انٽر ڪرڻ بعد مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ داخلا ورتي ۽ 2004ع ۾ BE ڪمپيوٽر سسٽم ۾ ڪرڻ بعد 2005ع ۾ حيدرآباد ۾ واپڊا حيسڪو سينٽر ۾ پروگرامر جي پوسٽ تي سال کن نوڪري ڪئي. ان بعد 2008ع تائين قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ ليڪچرار ٿي رهيو. اتان هن کي سئيڊن جي ”چالمر يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي“ ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ اسڪالر شپ ملي وئي. هيءَ يونيورسٽي سئيڊن جي ٻيو نمبر وڏي شهر گوٿن برگ ۾ آهي. گوٿن برگ مالمو شهر کان 270 ڪلو ميٽر کن اتر ۾ آهي جتي جي يونيورسٽي ۾ آئون پڙهيو هوس ۽ گهمڻ لاءِ اسين هميشه هڪ طرف ڪوپن هيگن ويندا هئاسين ته ٻئي طرف گوٿن برگ. چالمر يونيورسٽي جو ٻڌي مون کي ان ڳالهه جي خوشي ٿي ته هو اتي وڃي رهيو آهي جتي اسان جو اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي. تعليم دوران به ته سامونڊي نوڪري دوران به جو ڳوٿن برگ هڪ وڏو ۽ مشغول بندرگاهه آهي. هن يونيورسٽي ”چالمر“ بابت ٻه چار سٽون اڳتي هلي لکان ٿو جو اسان جي شاگردن کي اعليٰ تعليم ۽ اسڪالر شپ هٿ ڪرڻ لاءِ هيءَ يونيورسٽي ضرور ڌيان ۾ رکڻ کپي.
عبدالرحيم نظاماڻيءَ 2008ع کان 2010ع تائين ٻه سال گوٿنبرگ ۾ رهي هن يونيورسٽي چالمر مان “Artificial Intelligence” (مصنوعي ذهانت) ۾ ماسٽرس ڪئي. ان بعد هن کي ان ئي شهر گوٿن برگ جي هڪ ٻي يونيورسٽي ”گوٿن برگ يونيورسٽي“ ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ اسڪالر شپ ملي وئي ۽ وڌيڪ ڇهه سال 2010ع کان 2016ع تائين رهي Cognitive Science ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي. ان دوران هو ڳوٺ به آيو ۽ ٽنڊو قيصر جي حاجي الله بخش نظاماڻي جي ڌيءَ ڊاڪٽر آمنا سان شادي ڪري هن کي به ساڻ وٺي ويو. منهنجو آمنا توڙي عبدالرحيم تي اهو ئي زور رهيو ٿي ته هو مقامي ٻولي سئيڊش سکن ۽ ڊاڪٽر آمنا جنهن لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان MBBS ڪئي هئي اها به سئيڊن مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري. عبدالرحيم ته وڃڻ سان مقامي ٻولي سکڻ ۾ جلدي ڪئي جو هن کي مڪاني مسجد ۾ واعظ/ليڪچر ڏيڻا پيا ٿي. ڊاڪٽر آمنا به ٻولي سکڻ بعد پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ هاڻ اتي ئي ڊاڪٽري ڪري ٿي. عبدالرحيم کي ڊاڪٽوريٽ دوران ئي اتي سافٽ ويئر ڊيولپر (Software Engineer) جي نوڪري ملي وئي ۽ اڄ هن کي گوٿن برگ شهر ۾ رهندي يارهن ٻارهن سال ٿي ويا آهن. کين دانيا نالي هڪ ڌيءَ به آهي. گوٿن برگ شهر جا چڪر هڻندي مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هڪ ڏينهن منهنجي دوست رئيس نور احمد نظاماڻيءَ جو ڏوهٽو عبدالرحيم نظاماڻي فئملي سان گڏ سئيڊن جي هن خوبصورت شهر گوٿن برگ ۾ هميشه لاءِ اچي رهندو ۽ موڪل واري ڏينهن ٽنڊو ڄام، ٽنڊو الهيار يا حيدرآباد وڃڻ بدران گوٿن برگ جي ڀر وارن ڳوٺن هامسٽئڊ (Halmstad) هيلزنبرگ، لونڊ (Lund)، مالمو، يون شوپنگ (جيڪو (Jonkoping) لکيو وڃي ٿو، وغيره ويندو رهندو.
هتي اهو به لکندو هلان ته اسان واري عبدالرحيم جو سنڌي ادب سان به شوق آهي ۽ هو وقت بوقت لکندو رهي ٿو. سندس اوڻهين صديءَ جي سنڌ جي صوفي شيخ حضرت خليفو محمود نظاماڻي جي لکيل سوانح حيات توهان نيٽ تي به پڙهي سگهو ٿا. ڪتاب جو نالو آهي ”ٻري جن ٻاري“ 246 صفحن جو PDF فارمئٽ تي ڇپيل هي ڊيمي سائيز ڪتاب maktabah.org وارن ڇپرايو آهي. هينئر هينئر مون عبدالرحيم نظاماڻيءَ کي گوٿن برگ (سئيڊن) فون ڪري پڇيو ته ڇا اهو ڪتاب ”ٻرن جن ٻاري“ مڪتبھ ڊاٽ ڪام تي ايندو؟ هن وراڻيو ته اهو ڪتاب ته گوگل سرچ تي ”خليفو محمود نظاماڻي“ لکڻ سان ملي ويندو باقي maktabah.com تي هنن دوستن گڏجي ڪيترا هي اسلامي ڪتاب رکيا آهن جيڪي هينئر ملن نٿا.
عبدالرحيم کي سئيڊن ۾ وئي اڄ ٻارهن سال اچي ٿيا آهن. پهرين سال کان آئون هن جي ماءُ پيءُ کي چوندو آيس ته خدا جا بندا ٽنڊو قيصر ۽ حيدرآباد کان ڪجهه ٻاهر نڪري سئيڊن جو چڪر هڻي اچو. عبدالرحيم کي به آئون ۽ منهنجي زال چوندي رهي ٿي ته تنهنجي هوندي هنن کي اهي پٽ ڏيکار جتي اسان به رهي آيا آهيون. عبدالرحيم جو اهو ئي جواب هو ته ”آئون ته چئي چئي ٿڪجي پيو آهيان پر امان جن کي ئي ٻاهر نڪرڻ جو شوق نٿو ٿئي ۽ نه وري آسٽريليا ٿا وڃن.“
اهو به لکندو هلان ته عبدالرحيم وارا ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ آهن. ڀيڻ ڊاڪٽر نيلم LUMS مان ڊاڪٽري پڙهڻ بعد هاڻ اکين جي ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ ڀاءُ ظهير الدين نظاماڻي جيڪو نيلم کان وڏو آهي ۽ هن به عبدالرحيم وانگر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد مهراڻ مان B.E ڪئي پوءِ ڪجهه سال حيدرآباد ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هو آسٽريليا جي ڪنهن فرم ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ نه رڳو ڪامياب ٿي ويو پر هن اتي پنهنجي فيلڊ ۾ اهڙو ته نالو پيدا ڪيو جو آسٽريليا وارن هن کي نه رڳو پڪي نوڪري ڏني پر سندن ملڪ (آسٽريليا) جي شهريت (پاسپورٽ) به ڏئي ڇڏيو. سو سندن والده نه آسٽريليا ٿي ننڍي پٽ وٽ وڃي نه سئيڊن وڏي پٽ عبدالرحيم وٽ. ڪلاڪ کن اڳ (اڄ 3 جولاءِ 2019ع تي) عبدالرحيم کي سندس مٿئين ڪتاب لاءِ جڏهن فون ڪيم ته گوٿن برگ جون خبرون ڪندي هن ٻڌايو ”اڄ امان بابا جن پهريون دفعو ڳوٺ کان ٻاهر نڪري مون وٽ آيا آهن ۽ هن وقت آئون کين ايئرپورٽ کان گهر وٺي پيو وڃان.“ هن اهو به ٻڌايو ته گذريل مهيني هن کي ٻيو ٻار به ٿيو آهي جنهن جو نالو ”فره“ رکيو اٿن. مون عبدالرحيم کان اهو به پڇيو ته هاڻ توهان زال مڙس سٺي سئيڊش ڳالهائيندا هوندائو.
”جي ها.“ هن وراڻيو، ”پر مون کان به بهتر آمنا (سندس زال) ٿي ڳالهائي جو ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ هن جو مقامي ماڻهن سان وڌيڪ واسطو ٿو ٿئي.“
”ٺهيو مڙيئي خير آهي. گهٽ ۾ گهٽ دانيا ۽ فروه سٺي سئيڊش سکي وينديو.“ مون چيو
”دانيا ته هينئر ئي سٺي ٿي ڳالهائي جو اسڪول توڙي پاڙي ۾ هر ٻار سئيڊش ٿو ڳالهائي.“ عبدالرحيم چيو.
”ڏاڍو سٺو. سئيڊش سکڻ مان اهو فائدو آهي جو اهو ماڻهو ڊئنمارڪ جي ماڻهن جي ڊئنش ۽ ناروي جي ماڻهن جي نارويجن به سمجهي سگهي ٿو.“
عبدالرحيم شڪارپور جي وسيم سومري جي به خبر چار ڪئي جيڪو سندس شهر گوٿن برگ ۾ جاب ڪري ٿو. هن اهو به ٻڌايو ته اڄڪلهه گوٿن برگ يجي چالمر يونيورسٽيءَ ۾ سنڌ کان تمام گهٽ شاگرد اچن ٿا جو هنن نان يورپين لاءِ يعني آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي شاگردن لاءِ هڪ ته اسڪالرون گهٽائي ڇڏيون آهن ۽ ٻيو ته انهن لاءِ يونيورسٽيءَ جون فيون وڌائي ڇڏيون آهن. ان ڪري پنهنجي خرچ تي اچڻ وارن جو تعداد تمام گهٽجي ويو آهي. ان هوندي به شڪارپور جي هڪ سنڌي ڇوڪري ”پره سومرو“ ماسٽرس يا شايد Ph.D لاءِ چالمرس ۾ داخلا ورتي آهي.
هتي ڊاڪٽر عرفان نظاماڻيءَ جو نالو لکڻ به ضروري ٿو سمجهان. ڊگ موري جي حاجي شفيع محمد نظاماڻيءَ جو هي فرزند ڊاڪٽر عرفان پڻ اعليٰ تعليم لاءِ- گلوبل هيلٿ ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ گوٿن برگ جي هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو.

سئيڊن جو شهر گوٿن برگ ۽ چالمرس يونيورسٽي

ٻه ٽي سٽون عبدالرحيم جي هن ڳوٺ ”گوٿن برگ“ لاءِ ضرور لکندو هلان جيڪو سئيڊن جو سندس گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم بعد ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي ۽ ٽيو نمبر تي مالمو آهي جتان آئون پڙهيس. هن پاسي جي شهرن جي آدمشماري تمام گهٽ آهي. جتي ڪراچي شهر جي آدمشماري ٻن ڪروڙن کان به مٿي آهي اتي گوٿن برگ جي اڌ لک آهي، يعني ڪراچيءَ جي آدمشماريءَ مان گوٿن برگ جهڙا چار سئو کان مٿي شهر ٿي وڃن.
گوٿن برگ تي نالو ”گوٽا ندي“ تان پيو جنهن جي ڇوڙ وٽ هي شهر آهي. واپار وڙي کان هي شهر شروع کان مشهور آهي ۽ ناردڪ ملڪن (سئيڊن، ناروي، فنلنڊ) ۾ هي وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي. گوٿن برگ ڪارخانن کان به مشهور آهي. جيئن مرسيڊيز جرمنيءَ جي ۽ فوڪس وئگن فرانس جي مشهور ڪار آهي تيئن وولوو (Volvo) سئيڊن جي مشهور، مهانگي ۽ مضبوط ڪار آهي ۽ هن ڪار جي فئڪٽري هن شهر گوٿن برگ ۾ آهي. ٻي ڳالهه ته سئيڊن جو هي شهر گوٿن برگ جنهن جي هڪ پاسي ناروي جي گاديءَ جو شهر اوسلو آهي ته ٻئي پاسي ڊئنمارڪ جي گاديءَ وارو شهر ڪوپن هيگن آهي؛ اهي ٻئي شهر گوٿن برگ کان هڪ ئي فاصلي 300 کن ڪلو ميٽرن تي آهن. سئيڊن ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ پل ٺهڻ ڪري هاڻ گوٿن برگ کان ڪوپن هيگن باءِ روڊ ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ پهچي سگهجي ٿو. گوٿن برگ شاگردن جو شهر پڻ سڏيو وڃي ٿو ڇو جو هن شهر ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا آهن ”گوٿن برگ يونيورسٽي“ ۽ ”چالمرس يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي“ دنيا جي مشهور يونيورسٽين مان آهن.
چالمرس (Chalmers) يونيورسٽي جو گهڻو ڌيان ريسرچ ۽ انجنيئرنگ، سائنس، آرڪيٽيڪچر، مئريٽائيم ۽ مئنجمينٽ ڏي آهي. جيئن اسان وٽ ضياءَ الدين يونيورسٽي، همدردر يونيورسٽي، بقائي، التمش وغيره غير سرڪاري يونيورسٽيون آهن جيڪي ضياالدين ۽ حڪيم سعيد خان جهڙن مخير ماڻهن پنهنجي خرچ تي ٺهرايون آهن تيئن هيءَ يونيورسٽي اڄ کان سئو سال کن اڳ 1829ع ۾ وليم چالمرس جي ڏنل چندن (donation) مان ٺهرائي وئي. هن يونيورسٽيءَ ۾ 13 کن ڊپارٽمينٽ آهن جيئن ته:
* آرڪيٽيڪچر ائنڊ سول انجنيئرنگ
* بايولاجي ۽ بايولاجيڪل انجنيئرنگ
* ڪيمسٽري ائنڊ ڪيميڪل انجنيئرنگ
* مڪينڪس ائنڊ مئريٽائيم سائنسز
* مائڪرو ٽيڪنالاجي ائنڊ نانو سائنس
* اسپيس، ارٿ ائنڊ انورانمينٽ... وغيره
عبدالرحيم نظاماڻي جڏهن چالمرس يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري رهيو هو ته مون ميسيج ڪيو هئومانس ”توهانجي يونيورسٽي ريسرچ يونيورسٽي سڏي ٿي وڃي ان جي ريسرچ انفرا اسٽرڪچر ۾ ڇا ڇا شامل آهي؟“ جواب ۾ لکيو هئائين ته:
“It includes everything from advanced real or virtual labs to large databases, computer capacity for large scale calculations & research facilities….”
سچ ڳالهه اها آهي ته سئيڊن جا 40 سيڪڙو انجنيئر ۽ آرڪيٽيڪٽ هن (چالمرس) يونيورسٽيءَ جا گرئجوئيٽ آهن. هن يونيورسٽيءَ مان هر سال 250 پوسٽ گرئجوئيٽن کي ۽ 850 گرئجوئيٽن کي ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. اڄڪلهه ڏهه سيڪڙو شاگرد ڌارين ملڪن مان چالمرس يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ۽ Ph.D لاءِ داخلا وٺن ٿا. اسان جي ملڪ جي شاگردن کي ٻاهر پڙهڻ لاءِ اسڪالرون گهٽ ملن ٿيون پر ان هوندي به هنن کي ڪوشش ۾ لڳو رهڻ کپي ۽ بقول عبدالرحيم نظاماڻيءَ جي اسان وٽ جيڪي پئسي وارا ماڻهو آهن انهن جا ٻار جيڪڏهن اعليٰ تعليم جو شوق رکن ٿا ته هنن کي سندن والدين چالمرس جهڙين يونيورسٽين ۾ پنهنجي خرچ تي به موڪلين. ٿي سگهي ٿو هنن کي فنلئنڊ ۾ تعليم وٺندڙ رخسانا وانگر يا ملائيشيا ۾ ME ڪندڙ لاڙڪاڻي جي اَسرا عباسيءَ وانگر پهرين يا ٻي سيمسٽر بعد ڪٿان اسڪالر شپ ملي وڃي.
اسلامي ملڪن ۾ وري به ايران جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر تمام گهڻو نڪرن ٿا. آئون مالمو (سئيڊن) جي ورلڊ يونيورسٽيءَ ۾ هوندو هوس ته اتي به ايران جا تمام گهڻا شاگرد پوسٽ گرئجوئيشن ڪري رهيا هئا. ايران جي انجنيئرنگ ۽ فزيڪل سائنس جي ”آريا مهر يونيورسٽي“ جيڪا امام خمينيءَ جي اسلامي انقلاب بعد هاڻي ”شريف يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي“- فارسي نالو: دانشگاهه صنعتي شريف- سان سڏجي ٿي. اها تهران ۾ آهي ۽ هن جو بين الاقوامي ڪئمپس ايراني نار واري سمنڊ ۾ ڪيش ٻيٽ تي آهي. هيءَ يونيورسٽي محمد رضا شاهه پهلويءَ جي دور حڪومت ۾ 1966ع ۾ ٺهي. بعد ۾ هن جو نالو ”سازمان مجاهدين خل“ نالي سياسي پارٽي جي ليڊر ”مجيد شريف واقغي“ سان منسوب ڪئي وئي، جيڪو انقلاب دوران شهيد ٿي ويو هو. هن يونيورسٽيءَ جو 1980ع کان 1982ع تائين ۽ 1985ع کان 1989ع تائين ڊاڪٽر عباس انوري وائيس چانسلر ٿي رهيو. عباس انوري فزڪس جو پروفيسر آهي ۽ هن Ph.D سئيڊن جي هن يونيورسٽي چالمرس مان ڪئي هئي.
عبدالرحيم نظاماڻيءَ ٻڌايو ته سئيڊن جو گستاف ڊالين جنهن کي اسانجي ڊاڪٽر عبدالسلام وانگر فزڪس ۾ نوبل پرائيز ملي ان پڻ چالمرس يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي هئي. ان کان علاوه وولوو ڪار ڪمپنيءَ جو چيئرمين ”ليف جانسن“ ۽ سئيڊن جي پهرين عورت آرڪيٽيڪٽ ”مارگٽ هال“ پڻ چالمرس جا گرئجوئيٽ آهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته چالمرس يونيورسٽيءَ لاءِ پئسا ڏيڻ وارو مسٽر چالمرس (سڄو نالو وليم چالمرس ڄمڻ جو سال 1748ع وفات 1811ع) سئيڊن جو واپاري هو ۽ ”سئيڊش ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جو ڊائريڪٽر هو. هيءَ ڪمپني ائين هئي جيئن هن کان اڳ هلندڙ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني جيڪا 1600ع ۾ کلي، يا ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جيڪا 1602ع ۾ کلي يا پورچوگيز ايسٽ انڊيا يا فرينچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جن ۾ انهن ملڪن جي ماڻهن ٽريڊنگ لاءِ پئسو لڳايو ٿي. ان پئسي مان جهاز خريد ڪري انڊيا، ملايا، جاوا، سماترا ۽ بورنيو پاسي موڪليو ويو ٿي جتان مصالحو ۽ ٻيو سامان سستو خريد ڪري يورپ ۾ مهانگو وڪڻي پئسو ڪمايو ويو ٿي. سئيڊش ايسٽ انڊيا ڪمپني گهڻو گهڻو پوءِ، 1731 ۾ ٺاهي وئي جنهن جا جهاز گرم مصالحي لونگ، ڦوٽا، ڪاريون مريون، دال چيني وغيره کان علاوه چين مان ريشم جو ڪپڙو، چانهه، فرنيچر، چينيءَ جي ڪراڪري ۽ قيمتي پٿر گوٿن برگ جي بندرگاهه ۾ آندو ٿي جتان پوءِ اهو سامان سڄي سئيڊن ۽ ناروي ۾ وڪرو ٿيو ٿي.
وليم چالمرس جو پيءُ دراصل اسڪاٽ هو جيڪو گوٿن برگ (سئيڊن) ۾ اچي رهيو ۽ Inga Orre نالي سئيڊش عورت سان شادي ڪئي. وليم سندن وڏو پٽ هو. ڪمپنيءَ جي ڪاروبار خاطر هو 1783 ۾ ڏهن سالن لاءِ ڪئنٽن (چين) ۾ ريزيڊنٽ نمائندو ٿي رهيو. 1811ع ۾ هن جو گوٿن برگ (سئيڊن) ۾ موت ٿيو. هن وڏو پئسو ڪمايو هو ۽ سندس وصيت موجب اڌ ملڪيت ته Sahlgrenska يونيورسٽي اسپتال کي ڏني وئي ۽ باقي ملڪيت ٻين خير جي ڪمن سان گڏ غريب ٻارن کي هنر سيکارڻ جي ڪم لاءِ اسڪول ۾ لڳائي وئي جيڪو اسڪول 1829 ۾ ڪاليج ٿيو ۽ اڄ چالمرس يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي آهي.

سهل گرينسڪا اسپتال ۽ گوٿن برگ يونيورسٽي

هتي اهو به لکندو هلان ته مٿين اسپتال سهل گرينسڪا گوٿن برگ ۾ ئي آهي ۽ تمام وڏي اسپتال آهي جنهن جو اندازو توهان هن مان لڳائي سگهو ٿا ته هن ۾ 17000 ماڻهو- ڊاڪٽرن نرسن کان وارڊ بئاءِ ۽ مالهي، ڪم ڪن ٿا ۽ سڄي يورپ ۾، يعني نه رڳو ناروي، سئيڊن ڊئنمارڪ ۾ پر فرانس، جرمني، پولنڊ، اٽلي- سڄي يورپ ۾ ٻيو نمبر وڏي اسپتال آهي. هيءَ اسپتال گوٿن برگ علائقي جي ست لک باشندن کي امرجنسي ۽ بنيادي اگهائيءَ ۾ علاج مهيا ڪري ٿي ۽ سئيڊن جي مغرب واري حصي ۾ رهندڙ 17 لک ماڻهن کي اعليٰ قسم جو خاص علاج مهيا ڪري ٿي. هيءَ اسپتال به سرڪاري ناهي پر هتي جي هڪ مخير (Philanthropist) سهل گرين (سڄو نالو: Niclas Sahlgren) ٺهرائي. هاڻ ان اسپتال کي چالمرس جهڙا ٻيا ماڻهو به خيرات ڏيندا رهن ٿا ۽ هيءَ اسپتال ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي. هيءَ اسپتال 1772ع ۾ ٺهي هئي.
سهل گرين 1701ع ۾ هڪ امير سوداگر فئملي ۾ ڄائو ۽ 1776ع ۾ وفات ڪيائين. هن جيئري ئي پنهنجي دولت جو وڏو حصو هن اسپتال جي ٺهڻ لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. سئيڊن ۽ ناروي ۾ تعليم دوران آئون ڏسندو هوس ته هن پاسي جون ڪيتريون خيراتي اسپتالون، اسڪول، يونيورسٽيون سرڪار کان علاوه هتي جي ماڻهن به عوام جي ڀلي لاءِ پنهنجي خرچ تي ٺهرايون آهن. اهي ڳالهيون ڏسي منهنجو مصري ڪلاس ميٽ ڪئپٽن حنفي چوندو هو ته ”شاباس هجي هتي جي نيڪ ماڻهن کي جن کي عوام جو ايڏو خيال ٿو ٿئي“ ۽ پوءِ عرب شاگردن کان پاسيرو ٿي منهنجي ڪن ۾ ڀڻڪو هڻندو هو ”الطاف مسلمان پاڻ وٽ ضرور آهن پر لڳي ٿو ته اسلام هتي يورپ ۾ آهي.“
چالمرس يونيورسٽيءَ کان علاوه سئيڊن جي هن شهر گوٿن برگ ۾ ٻي وڏي يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف گوٿن برگ“ آهي جنهن مان عبدالرحيم نظاماڻيءَ ڊاڪٽوريٽ ڪئي. هيءَ يونيورسٽي 1891ع ۾ ٺهي. هن ۾ پڙهائڻ وارن جو تعداد 2970 آهي ۽ انتظاميا جو تعداد 6000 کن آهي. اڄڪلهه عام شاگرد 37000 آهن ۽ جيڪي ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيا آهن انهن جو تعداد 1920 آهي. سئيڊن جي يونيورسٽين ۾ هيءَ ٽي نمبر تي پراڻي يونيورسٽي آهي ۽ ناردڪ ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ، آئس لينڊ، سئيڊن ۾ هڪ وڏي يونيورسٽي آهي جنهن ۾ 8 فئڪلٽيون ۽ 38 ڊپارٽمينٽ آهن. هن يونيورسٽيءَ مان عبدالرحيم نظاماڻيءَ جهڙن ته ڪيترن ئي ديندارن تعليم حاصل ڪئي آهي پر هتي نمايان طور شام جي اسلامي اسڪالر مولانا محمد ابو الهديٰ اليعقوبي جو نالو کڻڻ ضروري سمجهان ٿو. پاڻ حضرت امام حسن بن علي جي اولاد مان آهي. مولانا اليعقوبي جي وڏن مان ٽي ڄڻا دمشق جي جامع اميه مسجد جا امام رهي چڪا آهن. جن ڏينهن ۾ آئون سئيڊن جي شهر مالمو جي يونيورسٽيءَ ۾ هوس يعني 1990ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ ته انهن ڏينهن ۾ مولانا يعقوبي اسان جي هن ڀر واري شهر گوٿن برگ ۾ Ph.D. لاءِ آيو هو. ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هو سئيڊن ۾ عربي ادب جو ٽيچر به ٿي رهيو. پاڻ عربي ۽ انگريزي کان علاوه مقامي ٻولي سئيڊش جو به ماهر هو. 1999ع ۾ سئيڊن جي اسلامڪ سوسائٽيءَ هن کي ”سئيڊن جو مفتي“ بنايو. 2006ع ۾ اليعقوبي جي زال فريزه ڪار حادثي ۾ گذاري وئي. پنهنجي زال بابت اليعقوبيءَ لکيو ته مرحومه روزانو 100 رڪعتون نفل پڙهندي هئي.
اليعقوبيءَ جا ڪيترائي ڪتاب ۽ آڊيو سي ڊيون عرب دنيا ۾ مشهور آهن. سندس خاص دلچسپي ۽ سبجيڪٽ عقيده، حديث، تفسير، فقهو، مصطلح الحديث (Hadith Terminology)، النحو العربي (عربي گرامر)، اصول الفقھ (Principles of Islamic Jurisprudence) ۽ تصوف (Sufism) سان آهي.

گوٿن برگ ۽ مالمو ۾ مسجدون

اڄ کان ڏهه يارهن سال اڳ يعني 2008ع ۾ جڏهن عبدالرحيم نظاماڻي ماسٽرس ڪرڻ لاءِ سئيڊن وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته مون کان سئيڊن بابت ٻيون ڳالهيون پڇڻ سان گڏ اهو به پڇيو هئائين ته سئيڊن جي شهر گوٿن برگ جيڪو اتراهن ملڪن جي بندرگاهن ۾ هڪ وڏي ۾ وڏو بندرگاهه پڻ آهي، جتي هن جي چالمرس يونيورسٽي آهي، ان شهر (گوٿن برگ) ۾ ڪا مسجد به آهي؟ ظاهر آهي عبدالرحيم پنج وقت نمازي آهي هن لاءِ اها معلومات رکڻ به ضروري هئي جو اهڙي ماڻهوءَ جي پوري ڪوشش رهي ٿي ته مسجد ۾ نماز پڙهي وڃي پر جي پري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ جمعي نماز ۽ عيد نماز تي ته اتي پهچجي ۽ ساڳي شهر ۾ رهندڙ مسلمان ڀائرن سان ملي سگهجي. هونءَ به اسان جا ماڻهو- پاڪستاني هجن يا ٻين مسلمان ملڪن ملائيشيا، انڊونيشيا، ايران، عراق يا موراڪو جا هجن- انهن کي جڏهن يورپ يا آمريڪا جي شهرن ۾ نوڪري يا مزوري ملي ٿي ته هو ڪوشش ڪري ان شهر ۾ جي مسجد موجود آهي ته ان جي ويجهو رهائش ڳولين ٿا. ان معاملي ۾ مون ڏٺو آهي ته اها مسجد کڻي شيعن جي هجي يا سنين جي. سڀ ان ۾ نماز پڙهن ٿا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته تعداد وڌڻ تي، الڳ الڳ مسجدون ٺهڻ تي هر ڪو پنهنجي فقهي جي مسجد ۾ وڃي ٿو. اهو ئي حال اسان جي پاسي جي هندن ۽ سکن جو آهي. هو ڪوشش ڪري پنهنجي مندر يا گوردواري جي ويجهو رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا جيئن گهٽ ۾ گهٽ موڪل واري ڏينهن هو پنهنجي ٻارن سان گڏ پنهنجي عبادت گهر ۾ وڃي سگهن ۽ پنهنجن ٻارن کي به والدين جي مذهب ۽ ڪلچر جي خبر پوي.
هونءَ به مون ڏٺو آهي ته ڀلي ڪو پنج وقتي نمازي نه هجي پر مسجد ۾ وڃڻ سان هن جي دنيا جي ٻين ملڪن ۽ قومن جي مسلمانن سان به ملاقات ٿئي ٿي ۽ جتي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو به ايتري مدد نٿا ڪن اتي ٻين ملڪن جا مسلمان عرب، ايراني، ملئي، سومالي، مصري يا مراڪشي وڏي دل سان رهنمائي ۽ مدد ڪن ٿا.
عبدالرحيم جڏهن مونکان پڇيو ته گوٿن برگ ۾ مسجدون آهن ته مونکي 1960ع وارو ڏهاڪو ياد اچي ويو جڏهن پهريون دفعو اسان جو پاڪستاني جهاز ناروي جي بندرگاهه ٽرنڍهام ۾ لنگر انداز ٿيو هو. انهن ڏينهن جو سوچي اڄ جا ڏينهن ٿو ساريان ته حيرت ٿي ٿئي ته اسلام انهن اتراهن ملڪن (Nordic Countries) ۾ ڪيئن ته تيزيءَ سان پکڙجي ويو. انهن ڏينهن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ۽ 1970ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن تائين مون کان ڪو اهڙو سوال ڪري ها ته آئون کلي کيس چوان ها ته ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين. ”ناروي ۽ سئيڊن پاسي مسجدون ته ڇا ڪنهن کي اسلام جي به خبر ناهي“ مون کي ياد آهي ته ناروي جي بندرگاهن برگن، ٽرنڍهام يا سئيڊن جي بندرگاهه گوٿن برگ ۾ جهاز لاءِ حلال گوشت جو پڇبو هو ته مقامي ماڻهو حيرت کائيندا هئا ۽ جهاز تي ڪم ڪندڙ لوڪل مزور ۽ ورڪ شاپ جا ماڻهو اسان کان اسلام بابت پڇندا هئا. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ نه ايران، عراق، دبئيءَ کي پاڻيءَ جا جهاز هئا نه ملائيشيا، سعودي عرب، ڪويت کي، بعد ۾ انهن ملڪن خريد ڪيا ته به هلائڻ وارا اسان هئاسين جو ايشيا جي ملڪن ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ مئرين سائنس ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ مئرين اڪيڊمي هڪڙي روس ۾ هئي ٻي بمبئي (انڊيا) ۾ ۽ ٽي 1962ع ۾ اسان جيملڪ مشرقي پاڪستان جي چٽگانگ شهر ۾ کلي هئي جنهن جي ٻي بئنچ ۾ مون داخلا ورتي هئي. ٻين ملڪن ۾ ان قسم جا تعليمي ادارا گهڻو گهڻو پوءِ کليا. سو ناروي ۽ سئيڊن جي بندرگاهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي اسلام بابت اسان کان پڇڻو ٿي پيو.
ان بعد مون ڏٺو ته هڪ طرف مسلمان ملڪن جي ماڻهن جي هن طرف لڏ پلاڻ ٿي- خاص ڪري ايران، عراق، سوماليا، پاڪستان، افغانستان، فلسطين، ترڪي وغيره جي ته ٻئي طرف مقامي ماڻهو به مسلمان ٿيندا رهيا ۽ ان سان گڏ يورپ جي ڪجهه ملڪن جهڙوڪ بوزنيا، البانيا، چيچينيا، روس وغيره جا مسلمان به هن پاسي لڏي اچي رهڻ لڳا ۽ وڏن شهرن ۾ ڏسندي ئي ڏسندي مسجدون به ٺهڻ لڳيون. ان کان علاوه جنهن جنهن محلي ۾ مسلمانن (عربن، سومالين، ترڪن، پاڪستانين، يا عراقين وغيره) جو تعداد گهڻو ٿيو ٿي ته هنن ڪنهن هڪ ڪمري جي فلئٽ يا ننڍي گهر کي مسجد بنائي عبادت ڪئي ٿي.
اسان جهاز هلائڻ وارن کي جهاز جو چيف انجنيئر يا ڪئپٽن ٿيڻ بعد مالمو (سئيڊن) جي وارلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي سبجيڪٽ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃڻو پوي ٿو. آئون جڏهن تعليم لاءِ 1992ع ڌاران مالمو اچي رهيس ته اهو مالمو بندرگاهه جنهن ۾ ڪڏهن اسان جي شهر هالا جي ڪنهن مسجد جيڏي مسجد نظر نٿي آئي، هاڻ 1992ع ۾ مالمو پهچڻ تي خبر پيئي ته هتي هڪ تمام وڏي مسجد به آهي جنهن جو نالو ئي آهي ”مالمو مسجد“ جنهن کي سئيڊش ٻوليءَ ۾ Malmo Moske سڏجي ٿو. هيءَ مسجد مالمو جي هُوسي (Husie) علائقي ۾ آهي جيڪا 32000 چورس والن تي ٺهيل ٻماڙ آهي جنهن جي مٿين فلور تي عورتون نماز پڙهن ٿيون. هيءَ مسجد 1983ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 20 اپريل 1984ع تي ان جو افتتاح ٿيو. اهو جمعي جو ڏينهن هو ۽ ان ڏينهن هتي پهرين جمعي نماز ٿي هئي. هن مسجد بابت آئون انهن ڏينهن جي سفرنامن: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ملير کان مالمو وغيره ۾ به لکي چڪو آهيان ته جمعي نماز تي هڪ هزار کن ماڻهو ٿين ٿا. پاڪستاني يا انڊين مسلمان مالمو ۾ ايترا نه آهن. گهڻائي آفريڪي ملڪن جي ماڻهن جي آهي يا البانيا، يوگوسلاويا ۽ روس جي مسلمانن جي. ان ڪري هن مسجد ۾ اسان جهڙا ڪڻڪ رنگا ايشيائي نه برابر نظر اچن ٿا. چوڌاري يورپي گورا ۽ آفريڪي ڪارا نظر اچن ٿا. هن مسجد ۾ ڪوپن هيگن جا به ڪافي مسلمان اچن ٿا جو اهو شهر درياهه جي ٻي پار آهي ۽ هاڻ ته ڪوپن هيگن ۽ مالمو کي ڳنڍڻ لاءِ پل به آهي. ڪوپن هيگن ۾ به مسجدون آهن پر اتي هر وقت سياحن (tourists) جو وڏو تعداد هجڻ ڪري يعني نمازين جي رش هجڻ ڪري ڪوپن هيگن جا ڪيترا شهري مالمو جي هن مسجد ۾ نماز لاءِ- خاص ڪري جمعي نماز لاءِ اچن ٿا. ڪيترا دفعا اسان مالمو کان ڪوپن هيگن نماز لاءِ ويندا هئاسين خاص ڪري جڏهن سائوٿ آفريڪا کان احمد ديدات يا آمريڪا کان ڪو نو مسلم عالم دين ليڪچر لاءِ ايندو هو.
مالمو ۾ Bennets واري علائقي ۾ هڪ ٻي مسجد ”اسلامڪ ڪلچرل سينٽر“ نالي پڻ آهي ۽ هڪ مسجد الهديٰ نالي مالمو جي Vastans forsgatan روڊ تي آهي جنهن ۾ عربي، انگريزي ۽ سئيڊش ٻولين ۾ واعظ ڪيو وڃي ٿو. مالمو ۾ هڪ ٻي وڏي مسجد ”محمود مسجد“ نالي جنهن ۾ 300 ڄڻا نماز پڙهي سگهن ٿا ٽي چار سال اڳ 2016ع ۾ ٺهي راس ٿي آهي. هيءَ مسجد قاديانين جي آهي جيڪي هن پاسي ”احمديا مسلم ڪميونٽي“ جا ميمبر سڏيا وڃن ٿا. هن مسجد جو افتتاح قاديانين جي پنجين خليفي مرزا مسرور احمد (ڄم جو سال 1950ع) 13 مئي 2016ع تي ڪيو هو جيڪو لنڊن ۾ رهي ٿو ۽ 2003ع ۾ مرزا طاهر احمد چوٿين خليفي جي وفات تي هي پنجون خليفو چونڊيو ويو هو.

سئيڊن ۾ قاديانين جو ناميچارو

هتي اهو لکندو هلان ته نه رڳو آمريڪا انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ احمدي (قادياني) رهن ٿا پر هنن اتراهن Nordic ملڪن ۾ به ڪافي رهن ٿا ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو جتي به رهن ٿا ته بيحد ڊسيپلينڊ ۽ آرگنائيزڊ نموني سان رهن ٿا. مذهب ۽ عقيدي جي خيال کان هنن جي کڻي ڇا به سوچ ويچار هجي ۽ اسان وٽ هنن کي غير مسلم يا ڪافر چئي نفرت جو اظهار ڪريون ٿا اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي پر اها به حقيقت آهي ته هيڏانهن ولايت ۾ جتي هر شهريءَ کي مذهب ٻولي يا قبيلي جي ليبل سان نه پر هن جي اخلاق ۽ اتي جي ڌرتيءَ جي قانون جي پوئواري ڪرڻ سان سڃاتو وڃي ٿو، هيءَ ڪميونٽي بهترين شهري سمجهيا وڃن ٿا. هيءَ ڪميونٽي جيڪا پاڻ کي ”احمديا مسلم ڪميونٽي“ سڏائي ٿي ۽ ان ئي نالي سو هو انگلينڊ ۾ يا هيڏانهن سئيڊن ۽ ناروي ۾ رجسٽرڊ آهن ۽ هتي جي حڪومتن طرفان هنن کي مسلم ڪميونٽي سمجهي هنن کي مسجد يا مدرسو ٺهرائڻ جي ائين ئي اجازت ملي ٿي جيئن اسان سني، شيعا، آغا خاني، بوهري ۽ ٻين مسلمان ڪميونٽين کي يورپ توڙي آفريڪا جي ملڪن ۾ ملي ٿي. هيءَ ڪميونٽي يعني قادياني جنهن به شهر ۾ رهن ٿا اتي آغا خانين ۽ بوهرين وانگر ڪوشش ڪري گڏ رهن ٿا ۽ جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هو آرگنائيزڊ نموني سان نه فقط سٺا شهري ٿي رهن ٿا پر بهتر کان بهتر تعليم حاصل ڪن ٿا. واپار، پورهئي توڙي نوڪريءَ ۾ محنت، ايمانداري ۽ اخلاق سان پيش اچن ٿا. سئيڊن واري سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اسان جا پاڪستاني توڙي عرب ۽ آفريڪا ملڪن جا مسلمان محنت يا پورهيو ڪرڻ بدران هتي جي بيروزگاري الائونس (جنهن کي اسان جا ماڻهو ”سوشل“ سڏين ٿا جيڪو دراصل ”خيرات“ ئي آهي جيڪو هتي جي امير ماڻهن جي ڏنل ٽئڪس مان ڪڍيو وڃي ٿو) تي گذارو ڪرڻ ۾ لڳا رهن ٿا. ٻي ڳالهه ته هو نه فقط غلط ڪم ڪرڻ کان گريز ڪن ٿا پر ڏوهن ۾ به حصو نٿا وٺن ٿا. ان وقت جي سفر نامي ۾ اهو به لکي آيو آهيان ته مالمو جو هڪ علائقو روزن گاڊ جنهن ۾ عراقي ۽ ٻيا عرب پناهگير (Immigrants) رهن ٿا اتي اها حالت هئي جو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڏوهه ڪري پوليس جي موبائيل گاڏيءَ جي رون رون لڳي رهي ٿي. مالمو جي ”ڪو ڪم شپ يارڊ“ جو هڪ سک جنهن جون ويلڊنگ دوران اکيون خراب ٿي پيون ته هن کي سرڪار طرفان ريٽائرمينٽ سان گڏ بيروزگاري الائونس (سوشل) مقرر ڪيو ويو پر هن اهو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مونکي ٻڌائين ته هو ان کي خيرات سمجهي ٿو. هو روزگار ڪمائڻ خاطر ڇٻر جي مشين خريد ڪري ماڻهن جي گهرن جي ڇٻر ڪٽڻ لڳو. چوڻ لڳ ته هن جا هٿ پير سلامت آهن ته هو ڇو نه پورهيو ڪري ڪمائي. سندس دلچسپ ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ آئون ساڻس اڪثر ملندو هوس- خاص ڪري بس اسٽاپ تي جيڪو اسان ٻنهي جو هڪڙو هو. کيس هڪ ئي پٽ هو جنهن کي سٺي تعليم ۽ اخلاق سيکارڻ لاءِ هو هر وقت پريشان رهيو ٿي. هڪ ڏينهن مون کان موڪلائڻ آيو ته هو منهنجو ڀر وارو پاڙو ڇڏي ٻئي هنڌ رهڻ لاءِ وڃي پيو. هن ٻڌايو ته هو هتي جي مڪاني ماڻهن جي امير پاڙن ۾ ته رهي نٿو سگهي باقي ڌارين ملڪن کان آيل ماڻهن جي پاڙن ۾ ٻار ايڏا ڏنگا ۽ بداخلاق آهن جو هن کي ڊپ آهي ته سندن سنگت ۾ سندس اڪيلو پٽ خراب نه ٿي پوي. ”پوءِ هاڻ ڪيڏانهن شفٽ ٿو ٿين؟“ مون پڇيومانس، ”هيڏانهن پبلڪ پارڪ واري محلي ۾ جتي پاڪستاني رهن ٿا.“ هن وراڻيو.
اهو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته اسان جي ملڪ ۽ افغانستان کان لڏي آيل افغانين جو ڪو رڪارڊ ته سٺو ناهي. ٻي ڳالهه ته هي سک، جيڪو پاڙو ڇڏيو پيو وڃي ان ۾ به ته پاڪستاني رهيا ٿي. منهنجي تجسس تي هن ٻڌايو ته ”ها جنهن پاڙي ۾ وڃان پيو ان ۾ به پاڪستاني مسلمان رهن ٿا پر اهي احمدي مسلمان آهن.“ سو ڳالهه اها آهي ته مذهب ۽ عقيدو پنهنجي جاءِ تي آهي پر سٺو شهري ٿي رهڻ الڳ ڳالهه آهي، جيئن آمريڪا واري سفر نامي ۾ هڪ پاڪستاني بزنيس مئن بابت لکيو اٿم ته هو اتي جي عرب ۽ پنهنجي پاڪستاني دڪاندارن جون دانهون ڪري رهيو هو ته اهي کانئس مال اوڌر تي وٺن ٿا پر وقت تي ته پئسو ڏيڻ بدران دير سان رلائي رلائي، ٿورو ٿورو ڪري ڏين ٿا ۽ پوءِ چيو ”سائين! اسان يهودين کي ڀلي لک سئو گاريون ڏيون پر هو ائين هرگز تنگ نٿا ڪن. پاڙيسريءَ جي حيثيت ۾ به ڏاڍو سٺو هلن ٿا ۽ مدد ڪن ٿا.“
ڪراچيءَ ۾ اسان جي پاڙي ۾ هڪ پٺاڻ رهي ٿو. سندس زال گجراتي ڳالهائڻ واري آهي. سندس ٻن پٽن مان هڪ جي زال پنجابي آهي ته ٻئي جي سنڌي. هڪ ڏينهن مون سنڌي ڇوڪريءَ جي گهوٽ کي چيو ته توهان جو گهر ڄڻ هڪ مني پاڪستان آهي. اهو ٻڌاءِ ته توکي سڀ ۾ گهڻو امن امان وارو ڪهڙو ماڻهو ٿو لڳي؟
جواب ۾ مرڪي وراڻيو: ”ڪو به نه!“
منهنجي حيرت کائڻ تي هن چيو: ”جي ها انڪل ڪير به نه. نه سنڌي، نه پنجابي، نه اڙدو اسپيڪنگ ۽ نه پٺاڻ. اسان جي ملڪ جا سڀ جهيڙاڪ ۽ ڏوهاري طبيعت جا ماڻهو آهيون.“ پوءِ ڪجهه سوچي چيو: ”ها. البت هڪ قوم جا ماڻهو آهن جن لاءِ پاڻ ايماندار يا امن پسند چئي سگهون ٿا. اهي آهن آغا خاني. توهان کي ڪو به آغا خاني وڏي ڏوهه ۾ ته ڇا ڪنهن ننڍي ۾ به جيل ۾ نظر نه ايندو.“
”واقعي ڳالهه ته صحيح ٿو ڪرين“، مون چيومانس ”۽ ان خيال کان آئون سمجهان ٿو ته ٻئي نمبر تي بوهري هجڻ کپن.“
”ها ٻئي نمبر تي پر ٿورو پري، ڇو جو بوهرين ۾ ڪي ڪي، خاص ڪري ننڍي ٽهيءَ ۾ داداگيري جو ڪجهه عنصر آهي.“ هن چيو.
هي ان ڪري لکيو اٿم ته مذهب ۽ زبان توڙي عقيدو ۽ ڪلچر پنهنجي جاءِ تي پر سٺو شهري اهو آهي جيڪو ڦڏو نٿو ڪري، ملڪ جو قانون نٿو ڀڃي، پاڙي واري کي تڪليف نٿو ڏئي. منهنجي ان ڳالهه تي منهنجا جهازران دوست دل ۾ ڪندا هئا پر آئون ڏسندو هوس ته هنن کي ولايت ۾ ڪٿي رهڻو هوندو هو ته قاديانين جي پاڙي ۾ وڃي رهندا هئا ۽ پنجابي ڳالهائي هنن سان پنهنجائپ پيدا ڪندا هئا.
سئيڊن ۾ چيو وڃي ٿو ته ٻه هزار کن احمدي رهن ٿا خاص ڪري، گوٿن برگ، اسٽاڪهوم، مالمو ۽ هڪ اتر واري شهر لوليا (Lulea) ۾. قاديانين کي هن پاسي Set ڪرڻ ۾ پاڪستان جي پهرين فارين منسٽر محمد ظفر الله خان جو وڏو هٿ هو جڏهن هو هيگ ۾ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جو صدر هو- يعني 1970ع کان 1973ع واري مدي ۾. ظفر الله 1893ع ۾ سيالڪوٽ ۾ ڄائو ۽ 92 ورهين جي ڄمار ۾ 1985ع ۾ لاهور ۾ وفات ڪيائين. لاهور يونيورسٽي ۽ ڪنگس ڪاليج لنڊن مان تعليم حاصل ڪيائين. 1947ع ۾ پاڪستان ٿيڻ تي هو پهرين ڪابينا ۾ فارين افيئرس جو وزير ٿيو. انهن ڏينهن ۾ لياقت علي خان وزيراعظم هو. ظفر الله ان عهدي تي 1954ع تائين (وزيراعظم خواجا ناظم الدين ۽ محمد علي بوگرا جي ڏينهن ۾ به) رهيو. ظفر الله يونائٽيڊ نئشن جنرل اسيمبليءَ جو به 1960ع کان 1961ع تائين صدر رهيو. پاڻ به قادياني هجڻ ڪري هن پنهنجن ماڻهن کي وڏا فائدا رسايا. احمديا (قادياني) تحريڪ جي باني مرزا غلام احمد سان چون ٿا ته ظفر الله جي والد نصرالله خان جي سٺي دوستي هئي. بهرحال ظفر الله صاحب جي ڪوششن سان ”احمديا مسلم ڪميونٽي“ سئيڊن ۾ 1970ع ۾ سرڪاري طرح رجسٽرڊ ٿي ۽ 1976ع ۾ گوٿن برگ ۾ ”ناصر مسجد“ ٺهرائي وئي جيڪا سئيڊن ۾ قاديانين جي پهرين مسجد آهي ان بعد هاڻ مالمو شهر ۾ ”محمود مسجد“ ٺهي آهي. ان کان علاوه هنن جا سئيڊن جي مختلف شهرن ۾ اسلامڪ سينٽر ۽ ڪميونٽي هال به آهن. سئيڊن ۾ توهان کي قرآن جو سئيڊش ٻوليءَ ۾ ترجمو به ملندو جيڪو ”قنيطا صادقه“ نالي هڪ عورت ڪيو آهي. احمديا (قادياني) مسلم ڪميونٽي وارا غير مسلمانن کي پنهنجي طريقي جو مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ۾ رهن ٿا. هنن ڪيترائي هتي جا سئيڊش مرد ۽ عورتون مسلمان ڪيون آهن جن ۾ ڪرسٽينا (سڄو نالو Christina Gustavsson) پڻ آهي. هيءَ اها عورت آهي جنهن قرآن جو سئيڊش ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ جنهن مسلمان ٿيڻ بعد پنهنجو نالو ”قنيطا صادقه“ رکرايو. هن ترجمي جي ”احمديا مسلم جماعت“ وارن سئيڊن ۾ جماعت جي سئو سالن جي جشن جي موقعي تي 1988ع ۾ رونمائي ڪئي.

گوٿن برگ ۾ نيون مسجدون

پاڻ ٽنڊو قيصر جي عبدالرحيم نظاماڻيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته 2008ع ۾ هو سئيڊن جي شهر گوٿن برگ وڃي رهيو هو ته هن مون کان پڇيو هو ته گوٿن برگ ۾ ڪا مسجد آهي ته مون هن کي ٻڌايو هو ته قاديانين جي ”ناصر مسجد“ کان علاوه ڪا ٻي مسجد ناهي، پر پوءِ سندس گوٿن برگ ۾ هجڻ دوران مسلمانن جون ٻه وڏيون مسجدون ٺهيون آهن، هڪ ”گوٿن برگ مسجد“ ۽ ٻي گوٿن برگ شهر جي بيل ويو (Bellevue) علائقي ۾ ”بيل ويو مسجد“.
گوٿن برگ مسجد (سئيڊن ٻوليءَ ۾ Goteborgs Moske لکجي ٿي)، رئمبر گيٽ جبل جي قدمن وٽ آهي. هي جبل هتي جي پنجين نمبر وڏي ٻيٽ هسنگن تي آهي جيڪو گوٿن برگ شهر جو ئي حصو آهي جيئن سمجهو ته منهوڙو ڪياماڙي شهر جو حصو آهي پر منهوڙي ۽ ڪياماڙيءَ جي وچ ۾ نه پل آهي ۽ نه ٽنل (سرنگهه) نه ته ماڻهو ڪار ذريعي ڪياماڙيءَ کان منهوڙي ڏهن منٽن ۾ پهچي وڃي. جيئن گوٿن برگ شهر جي ڪنهن به حصي کان بس يا ڪار ذريعي مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ هسنگن (Hisingen) ٻيٽ تي پهچيو وڃجي. هونءَ به هي ٻيٽ ۽ رئمبر گيٽ (Ramberget) جبل ڏسڻ وٽان آهي ۽ روزانو هزارين ٽوئرسٽ هن ٻيٽ تي گهمڻ لاءِ اچن ٿا.
هيءَ مسجد 2000 چورس ميٽرن تي آهي جيڪا سعودي عرب جي حڪومت ٺهرائي ۽ سندس افتتاح 16 جون 2011ع تي ٿيو. هن مسجد جو انتظام هتي جي ”سئيڊش مسلم فائونڊيشن“ (SMS) هلائي ٿي. مسجد جو افتتاح سعودي عرب جي وزير خزانا ڊاڪٽر ابو رحمان السعيد ڪيو هو. هن مسجد جو امام شيخ عبدالرشيد محمد آهي جنهن سعودي عرب مان ئي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي. هيءَ ڪافي وڏي ۽ خوبصورت مسجد آهي جنهن ۾ مردن ۽ عورتن جي نماز لاءِ الڳ الڳ هال آهن، ڪانفرنس رومون، آفيسون، ليڪچر هال، ڪچن ۽ وضو خانا آهن. مسجد کي چئن بدران هڪ چورس مينار آهي.
مٿين مسجد کان علاوه گوٿن برگ ۾ هڪ ٻي مسجد بيل ويو پڻ آهي جيڪا بيل ويو علائقي ۾ جنرلس گاٽن Generals gatan روڊ تي آهي. سئيڊش ٻوليءَ ۾ Gatan معنا روڊ يا شاهراهه. هن مسجد جو انتظام هتي رهندڙ سومالين جي لوڪل ائسوسيئيشن هلائي ٿي جيڪا Islamicska Sunnicentret Trossam fund يعني ISC سڏجي ٿي.

نمازن جا ڏکيا ٽئيم ۽ تعليم جو شوق

عبدالرحيم نظاماڻي ۽ آئون دنيا جي اتراهين ملڪ سئيڊن مان ضرور پڙهياسين پر جن شهرن: گوٿن برگ ۽ مالمو ۾ اسانجيون يونيورسٽيون هيون اهي آرڪٽڪ سرڪل يعني 66.5 ڊگرين کان هيٺ 57.7 ۽ 55.6 ڊگرين تي آهن. آرڪٽڪ سرڪل ۽ ان جي هيٺان وارن شهرن جيئن ته گوٿن برگ، مالمو ويندي اسٽاڪهوم (سئيڊن جي گادي وارو شهر) جيڪو 59.3 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي، ۾ اونهاري ۾ ڏينهن ضرور وڏا ٿين ٿا پر ڪلاڪ ٻن لاءِ سج غروب به ٿئي ٿو. سياري ۾ راتيون ضرور وڏيون ٿين ٿيون پر ڪلاڪ ٻن لاءِ سج اڀري به ٿو- بلڪ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ سج غروب ٿيڻ کان پوءِ جي روشني (Twilight) ملائجي ته چوويهه ڪلاڪن ۾ ٽي چار ڪلاڪ روشني رهي ٿي.
آرڪٽڪ سرڪل کان جيئن ئي مٿي وڃبو- جيئن مون ناروي جي شهر ٽرومسو لاءِ لکيو آهي ته اتي لاڙڪاڻي پاسي جي هڪ ڇوڪري پڙهي ٿي، جيڪو شهر آرڪٽڪ سرڪل (66.5 ڊگرين) کان مٿي 69.7 ڊگرين ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ته اتي اونهاري ۾ لڳاتار ڏينهن ۽ سياري ۾ لڳاتار رات رهي ٿي. پڙهندڙن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته آرڪٽڪ سرڪل کان جيترو مٿي اتر قطب ڏي وڃبو اوڏو وڏو عرصو اونهاري ۾ ڏينهن ۽ سياري ۾ رات رهندي. تان جو بلڪل اتر قطب ۾ يعني 90 ڊگرين جي آس پاس ڇهن مهينن جو ڏينهن ڇهن مهينن جي رات ٿئي ٿي. يعني سڄي سال ۾ هڪ ڏينهن هڪ رات ٿئي ٿي.
سئيڊن جي جنهن شهر مالمو ۾ آئون رهيس ٿي يا جنهن شهر گوٿن برگ ۾ عبدالرحيم نظاماڻيءَ ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ ڪئي ۽ هاڻ اتي ئي رهي ٿو سڄو سال روزانو سج اڀري ۽ لهي ضرور ٿو پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اونهاري ۾ ڏينهن تمام وڏو ٿئي ٿو ۽ سياري ۾ رات وڏي ٿئي ٿي. اسان وٽ به اونهاري ۾ ڏينهن وڏو ٿئي ٿو ۽ رات ننڍي- يعني وڌ ۾ وڌ ڪلاڪ ٻن جو فرق ٿئي ٿو- جيئن اڄڪلهه جون جي مهيني ۾ ڏينهن وڏو ٿئي ٿو يعني سج سوير اڀري ٿو جنهن ڪري فجر نماز پنجين بجي ڌاري ٿئي ٿي ته دانهون ڪيون ٿا ته ننڊ پوري نه ٿي آهي. ذرا مالمو يا گوٿن برگ جهڙن شهرن جو سوچيو ته ان ۾ نماز پڙهڻ وارن لاءِ ڪهڙا سخت وقت آهن. ڪجهه دير اڳ ۾ عبدالرحيم نظاماڻيءَ کي فون ڪري سندس شهر ۾ سج اڀرڻ، لهڻ ۽ نماز جا وقت پڇيم جيڪي هن ريت آهن. انهن مان توهان اندازو لڳائي سگهندا ته اسان جا ملڪ پاڪستان، هندوستان، ايران، ملائيشيا، سعودي عرب وغيره نماز جي وقتن کان خوش نصيب آهن.
گوٿن برگ ۾ هن مهيني (جون) ۾ نمازن جا وقت آهن:
فجر- 3 وڳي
سج اڀرڻ- 4 وڳي
ظهر- سوا هڪ بجي
عصر- 6 بجي شام
مغرب- سج لهڻ- 10 لڳي ويهه منٽن تي
عشاءَ- ساڍي يارهين وڳي- يعني تقريبن آڌي رات جو، جنهن کان پوءِ ساڍن ٽن ڪلاڪن بعد فجر ٿئي ٿي. گوٿن برگ وري به 57.7 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. سئيڊن جو هڪ شهر آهي لوليا (Lulea) جنهن جي يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد Ph.D ڪري ويا آهن، جن ۾ نواب شاهه جو هڪ پروفيسر آچر زرداري به آهي جنهن منهنجي خيال ۾ سول انجنيرنگ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي. لوليا شهر 65.6 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي يعني آرڪٽڪ سرڪل کان فقط هڪ ڊگري هيٺ آهي. هتي به ڪافي مسلمان رهن ٿا ۽ مسجد به آهي اتي جي اڄڪلهه جي نمازن جي وقتن جو ذرا جائزو وٺو.
فجر- ساڍي ٻارهين بجي- يعني آڌي رات ڌاري
سج جو اڀرڻ- پوڻي ٻي بجي
ظهر- منجهند ساڍا ٻارهن
عصر- شام جا ساڍا پنج
مغرب ۽ سج جو لهڻ- ساڍا يارهن
عشاءَ نماز- ساڍا ٻارهن. يعني عشاءَ پڙهي فجر پڙهجي ٿي. سج ٻه ڪلاڪ غائب ضرور رهي ٿو يعني ساڍي يارهين بجي رات جو افق جي پويان غائب ٿئي ٿو ۽ پوءِ سوا ٻن ڪلاڪن بعد نموندار ٿئي ٿو پر جيئن ته سج دنيا جي پٺيان ڪو گهڻو هيٺ نٿو وڃي. ان ڪري اهي ٻه سوا ٻه ڪلاڪ کن اها روشني قائم رهي ٿي جيڪا اسان وٽ سج لهڻ مهل ٿئي ٿي. يعني مغرب، عشاءَ ۽ فجر نمازون روشنيءَ ۾ ئي پڙهيون وڃن ٿيون.
هو ڇا اردوءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪڀي ڪي دن بڙي تو ڪڀي ڪي راتين“ سو اونهاري ۾ جي نمازن ۽ روزن جا وقت ڏکيا آهن ته سياري ۾ وري مزا به آهن جو روزو فقط ٽن چئن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ اسان يونيورسٽي ۾ هوندا هئاسين ته پنج ئي نمازون، فجر کان عِشاءَ تائين، اتي ئي پڙهي وٺندا هئاسين جو يونيورسٽيءَ جو وقت 8 کان 5 هوندو هو ۽ سياري ۾ يونيورسٽي پهچڻ بعد سج نائين ڏهين بجي ڌاري اڀرندو هو ۽ 3 بجي غروب ٿيندو هو. يعني فجر کان عشاءَ نمازون يونيورسٽيءَ ۾ ئي پڙهندا هئاسين.
هڪ ڳالهه حيرت جي آهي ته هنن ملڪن ۾ يعني سئيڊن ناروي پاسي سخت موسم ۽ گهٽ آدمشماريءَ جي باوجود، تعليم جي رجحان جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته اسٽاڪهوم ته وري به وڏو شهر آهي پر اسٽاڪهوم کان 70 ڪلو ميٽر اتر ۾ سئيڊن جو هڪ شهر آهي اُپسالا (Uppsala) جيڪو هونءَ ته سئيڊن جو چوٿون وڏو شهر آهي- اسٽاڪهوم، گوٿن برگ ۽ مالمو بعد، پر آدمشماريءَ جي حساب سان اسان جي ڏيپلي، باڊهه ۽ سڪرنڊ جيڏو مس ٿيندو- بلڪه ٿي سگهي ٿو انهن شهرن جي آدمشماري اڃان به وڌيڪ هجي جو ”اُپسالا“ جي هن وقت پوڻا ٻه لک آهي. ان کان وڏي شهر مالمو جتان مون تعليم حاصل ڪئي، وڏو بندرگاهه هجڻ جي باوجود آدمشماري فقط سوا ٽي لک آهي. ڏٺو وڃي ته سئو ڏيڊ سئو سال اڳ ته بنهه گهٽ چند هزارن ۾ هوندي پر تعليم جي حساب سان ڏسو ته هتي جو هر شهر تعليمي ادارن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ دنيا جون مشهور يونيورسٽيون آهن جتي نه فقط مڪاني ماڻهو تعليم حاصل ڪن ٿا پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان به شاگرد اچن ٿا.

اسان جا رئيس وڏيرا ٻارن جي تعليم تي ڇو نٿا خرچ ڪن

سئيڊن جو شهر اُپسالا (Uppsala) جيڪو اڄ به معمولي آدمشماريءَ جو شهر آهي ان ۾ موجود ”اُپسالا يونيورسٽي“ هن پاسي جي ملڪن جي پراڻيءَ ۾ پراڻي يونيورسٽي آهي ۽ اها 1477ع ۾ وجود ۾ آئي- يعني هندوستان ۾ مغل بادشاهه ظهير الدين بابر جي اچڻ کان به اڌ صدي اڳ ٺهي ۽ اڄ به قائم دائم آهي ۽ منجهس هن وقت به 43000 شاگرد تعليم وٺي رهيا آهن. اهڙي طرح مالمو کان سڏ پنڌ تي شهر لُونڊ (Lund) آهي جنهن جي آدمشماري هڪ لک کان به گهٽ (90 هزار) آهي. پر ڇا ته هن شهر جي ”لونڊ يونيورسٽي“ آهي. هيءَ يونيورسٽي به نه فقط پراڻي آهي (1666ع ۾ قائم ٿي) پر اُپ سالا يونيورسٽيءَ بعد وڏي ۾ وڏي پڻ آهي. آئون به ڪوشش ڪري هن پاسي جي يونيورسٽين بابت ٻه چار سٽون ان ڪري لکي رهيو آهيان جيئن اسان جي شاگرد کي هن پاسي جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر شپ ملي ته اکيون پوري هليا اچن. هئڻ ته ائين کپي (جنهن خواهش جو اظهار فنلئنڊ ۾ تعليم وٺندڙ رخسانا به ڪري ٿي) ته اسان جا سرنديءَ وارا ماڻهو - خاص ڪري پير، مير، وڏيرا، سردار ۽ سياستدان - جن وٽ پئسي جي کوٽ ناهي اهي پنهنجا ٻار اسڪالرشپ نه ملڻ تي، پنهنجي خرچ تي به موڪلين ته ان ۾ هنن جو ۽ هنن جي ٻارن جو ڀلو آهي. هڪ ڄٽ سياستدان ٿيڻ بدران ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جهڙو، اعليٰ يونيورسٽين جو گرئجوئيٽ ٿيڻ هنن لاءِ به فخر جي ڳالهه آهي ته عوام جي لاءِ به. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به دنيا جي اعليٰ يونيورسٽين ۾ اسانجي ملڪ جي شاگردن ۾ 95 سيڪڙو غريب والدين جا ٻار آهن. فوج ۾ به اهي آهن ته IT ۽ سول سروس ۾ به گهڻائي انهن جي آهي. اميرن جي ٻارن کي رڳو سياست ۾ وڃڻ جو شوق آهي - شايد عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ پر چُڪو پي سمهن ٿا ته ٻئي ڏينهن ٻي بجي کان اڳ نٿا اٿن. هينئر هڪ سنڌ جو سردار وڏي فخر سان ٻڌائي رهيو هو ته هو ٻارهن لک رپيا خرچ ڪري هفتو کن انگلينڊ ۾ رهي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ مئچ ڏسي آيو آهي. هو فائو اسٽار هوٽل ۾ رهيو، مهانگيون بليڪ تي ٽڪيٽون ورتائين ۽ لنڊن جي بار ۾ اوچو شراب پيتائين... مونکي ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو. اسٽئڊيم ۾ ويهي بنا ڪمينٽري جي ۽ ماڻهن جي گوڙ ۾ مئچ ڏسڻ کان ته ڳوٺ ٽي ويءَ اڳيان ويهي ڏسي ها ته اهو بهتر هو. ان پئسي سان هو پنهنجي پٽ کي ڪيوٽو، گوٿن برگ يا ٽرنڍهام يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس لاءِ موڪلي ها جيڪو ڳوٺ جا چار لوفر دوست ساڻ رکي چرس پيو وڪڻي ۽ کيس فخر ان ڳالهه جو آهي ته صوبيدار سندس کيسي ۾ آهي. ڪاش هو مديني يا قاهري جي يونيورسٽيءَ مان ئي ڊگري حاصل ڪري ان تي فخر ڪري ها ته اها ڳالهه ئي ٻي ٿئي ها. جيئن اسان جي ڳوٺ جو هڪ مديني يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪري آيو آهي. جيتوڻيڪ هو هڪ غريب جو ٻار آهي پر اسانجو فخر کان ڳاٽ اوچو ٿيو وڃي جڏهن هو فرفر عربي ڳالهائي ٿو، عربيءَ ۾ حديثون ٻڌائي ٿو ۽ هاڻ غريب شاگردن جي تعليم ۽ رهائش لاءِ جامع انس بن مالڪ اسلاميه مدراسو ٺهرائي رهيو آهي.
مون واري شهر مالمو کان 200 ڪلو ميٽر اتر ۾ واڪشو (Vaxjo) نالي شهر آهي جتي مطيع رحمان نالي هڪ غريب بنگالي شاگرد سان ملاقات ٿي جتي هن جي هڪ واپاري مائٽ (جيڪو سيشلز ٻيٽ تي ڪم ڪري ٿو) ٻن سيمسٽرن جو خرچ ڏئي هن کي هن شهر واڪشو جي لنائس (Linnaeus) يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو. هو ٻن ٽن سالن کان هتي آهي ۽ پارٽ ٽائيم جاب (خاص ڪري ٽيوشن پڙهائڻ جهڙا) ڪري پنهنجي تعليم جي خرچ جو پورائو ڪري ٿو.
سئيڊن جي هن شهر واڪشو (Vaxjo) جي به هن پاسي جي ملڪن ناروي، فنلنڊ، ڊئنمارڪ ۽ آئسلئنڊ جي ٻين شهرن وانگر تمام گهٽ آدمشماري آهي. اوسي پاسي جا ڳوٺ ملائي 90 هزار ماڻهو ٿين ٿا ۽ هي شهر Linnaeus يونيورسٽيءَ کان مشهور آهي. هن شهر جو نالو Vaxjo لڳي ٿو ته ٻن لفظن Vag (معنا رستو، روڊ) ۽ Sjo (معنيٰ ڍنڍ ڪري آهي، جنهن ڍنڍ جي مٿان هي شهر اڏيل آهي. ڪنهن زماني ۾ سياري ۾ جڏهن هيءَ ڍنڍ برف ٿي ويندي هئي ته ڀر وارن ڳوٺن جا ماڻهو هن ڍنڍ مٿان واڪ ڪري ٻي پار ويندا هئا. سو هن شهر جو نالو انهن لفظن مان جڙيو آهي. شهر ۾ ڪيتريون ئي پراڻيون عمارتون آهن جن کي ملڪي ۽ پرڏيهي ٽوئرسٽ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا جيئن ته St. Sigfriddate گرجا گهر جيڪو 1300 سال پراڻو آهي. فرانسڪن خانقاهه (Monastery) جيڪا 1485ع جي ٺهيل آهي. هولي گهوسٽ اسپتال 1318ع کان ٻڌبي اچي. واڪشو ڪنڊرگارٽن اسڪول (Katedralskola) چوڏهين صديءَ ۾ قائم ٿيو- يعني 600 کن سال پراڻو آهي. هن شهر ۾ وڻ وڻڪار ڏاڍي آهي. هونءَ ته هن پاسي جي سڀني شهرن ۾ پارڪ باغ جام آهن ۽ چوڌاري ساوڪ لڳي پئي آهي پر هي شهر واڪشو تمام گهڻو سرسبز آهي. ايتري قدر جو هن شهر کي 2007ع کان يورپ جو سرسبز شهر “The Greenest City of Europe” سڏيو وڃي ٿو. هي شهر نه فقط وڻن ٽڻن ڪري سرسبز ۽ صاف سٿرو آهي پر ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کان به آجو آهي. شهري ورلي پنهنجي ڪار هلائين ٿا نه ته سائيڪل استعمال ڪن ٿا. شهر جون بسون پٽاٽن جي کلن ۽ ٻئي سڙيل ميون ۽ ڀاڄين ذريعي هلن ٿيون. شهر جو ڪچرو هڪ هنڌ اڇلڻ بدران وڏي بئالر ۾ ساڙيو وڃي ٿو جنهن ۾ گرم ٿيندڙ پاڻي گهرن ۾ ڦيرايو وڃي ٿو جيئن اهي سياري جي سخت ٿڌ ۾ محفوظ رهن. مالمو ۾ پڻ اهو طريقو هوندو هو ۽ حڪومت طرفان اسان جي گهرن ۾ گرم پاڻي Circulate ٿيندو رهندو هو. هن قسم جي Heating گئس يا اليڪٽرڪ هيٽر کان وڌيڪ باحفاظت آهي.
واڪشو جي لنائس يونيورسٽي جنهن جي بنگالي شاگرد سان ملاقات ٿي دراصل ٻن يونيورسٽين: واڪشو يونيورسٽي ۽ ڪالمار (Kalmar) يونيورسٽيءَ کي ملائي ٺاهي وئي آهي ۽ هتي جي مشهور باٽني جي ماهر (Carl Linnaeus) نالي منسوب ٿيل آهي. سندس ڪجهه فئڪلٽيون هن ريت آهن:
* آرٽس ۽ هيومئنٽيز
* هيلٿ ۽ لائيف سائنسز
* سوشل سائنسز
* ٽيڪنالاجي
* بزنيس ۽ ايڪانامڪس، وغيره
۽ ڊپارٽمينٽ جي ڏٺا وڃن ته انيڪ آهن. جيئن ته:
* اڪائونٽنگ ۽ لاجسٽڪس
* بايولاجي ۽ اينوارونمينٽل سائنس
* بلڊنگ ٽيڪنالاجي
* ڪيمسٽري ۽ بايو ميڊيڪل سائنسز
* ڪمپيوٽر سائنس ۽ ميڊيا ٽيڪنالاجي
* فلم ۽ لٽريچر
* انفارمئٽڪس
* مارڪيٽنگ
* مڪينيڪل انجنيئرنگ
* ميڊيسن ۽ اوپٽوميٽري
* ميوزڪ ۽ آرٽ
* فزڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ
* سائڪالاجي
* پوليٽيڪل سائنس
* مئريٽائيم اڪيڊمي
* سوشل ورڪ وغيره، وغيره
هن يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل چاليهه هزار شاگرد تعليم وٺن ٿا جن مان 5000 کن جي رهائش لاءِ ڪئمپس اندر ڪمرا ۽ ڊارمينٽريون آهن.

سئيڊن ۾ پڙهندڙ بنگالي ۽ سيشلز جو وزير

مون هن بنگالي شاگرد مطيع الرحمان کان بنگلاديش جي ڳوٺ کان هيڏانهن سئيڊن جهڙي ماڊرن ملڪ ۾ اچي رهڻ بابت پڇيو ته هن کي هتي اچي ڇا محسوس ٿيو آهي؟
”آئون دراصل اهڙي ماحول ۾ ڄايس ۽ وڏو ٿيس جيڪو نج مذهبي هو. ان ڪري ان ماحول کي ڌيان ۾ رکي يورپ ڏي اچڻ جو فيصلو ڪرڻ مون لاءِ وڏو مشڪل ڪم هو ڇو جو يورپ ۾ مختلف ڪلچر ۽ سوشل سسٽم آهي. مونکي اهو ئي کٽڪو هو ته هڪ اهڙو ملڪ جتي هڪ تيز لائيف اسٽائيل آهي، رهائش جا پنهنجا رسم و رواج آهن، نرالا کاڌا آهن اتي آئون ڪيئن رهي سگهندس. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود منهنجي خيال ۾ مون اهو صحيح فيصلو ڪيو جو سئيڊن هليو آيس.“
”پوءِ ڀلا هتي سئيڊن پهچي توکي احساس ڪمتري ته محسوس نه ٿي؟“ مون هن بنگالي شاگرد مطيع الرحمان کان پڇيو ڇو جو اسان جي ماڻهن يورپين بابت اهو ئي ٻڌو آهي ته هو اسان کي نيچ ٿا سمجهن.
”سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ اهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي“، مطيع الرحمان ٻڌايو، ”ڪٿي ڪو اڪو ڌڪو ڪيس ٿيندو هجي پر سئيڊن ۾ حالتون مختلف آهن. سئيڊن هر ماڻهوءَ جي برابري چاهي ٿو چاهي هن جو ڪنهن به جنس، مذهب، تعليم يا هنر سان واسطو هجي. هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ مونکي پنهنجي مذهب مطابق رهڻ، کائڻ پيئڻ، عبادت ڪرڻ جي ڪا جهل پل ناهي. هتي هر مذهب، هر ٻولي ڳالهائيندڙ، هر رنگ ۽ نسل جي ماڻهوءَ کي قانون جي دائري ۾ رهي هر ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي. ويندي هن ننڍڙي شهر واڪشو ۾ جتي آئون تعليم حاصل ڪري رهيو آهيان مختلف قسم جا مذهبي ادارا آهن. ٽي چار گرجا گهر آهن، يهودين جو عبادت گهر (سناگاگ جنهن کي فارسيءَ ۾ ڪنيسهه ٿا سڏين) آهي ۽ منهنجي رهائش کان ويهن منٽن جي پنڌ تي مسجد آهي جتي هر جمعي تي ”جمعي نماز“ لاءِ وڃان ٿو. سو جيڪڏهن توهان سئيڊن جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهڻ لاءِ ايندائو ته توهان کي اتي به مسجد نظر ايندانوَ. هن ملڪ جو حسن اهو آهي جو هو هر انسان کي برابر سمجهن ٿا ۽ هو ڪنهن کي مذهب، رنگ يا ڪلچر جي اصول تي نٿا پرکين پر هن جي اخلاق ۽ سٺي شهري جي هجڻ تي عزت ڏين ٿا. هن ملڪ ۾ انسان ته ڇا پر هڪ جانور جو به خيال ڪن ٿا. ان ڪري پنهنجو پاڻ کي هتي هجڻ کي آئون هڪ قسم جي رحمت سمجهان ٿو.“
”ٻي ڳالهه اها ته هيڏانهن ايندڙ هر مسلمان کي کاڌي پيتي جو فڪر ٿئي ٿو. مونکي به ان جي سخت پريشاني هئي ته يورپ ۾ فقط اهي کاڌا آهن جن جي اسان مسلمانن کي جهل آهي، پر آئون هيڏانهن ايندڙ شاگردن کي اهو ئي چوندس ته هنن کي ان بابت ڪو به فڪر نه ڪرڻ کپي. سئيڊن ۾ تقريبن هر وڏي اسٽور ۾ اهي کاڌا به ملن ٿا جن تي ”حلال“ لکيل آهي- خاص ڪري اهي جيڪي فروزن آهن يا جن جو گوشت سان واسطو آهي- يعني قيمو، ڪٽليٽ، چاپون، ڪواب وغيره. ان کان علاوه هر شيءِ- ڊبل روٽي، بسڪيٽ، ڪيڪن کان ٽافين، چاڪليٽن جي ٻاهران اهي شيون (Gradients) لکيل آهن جن مان اهو کاڌو ٺهيل آهي. ڪنهن شيءِ جي پاڪيٽ ۾ انگريزيءَ بدران هتي جي سئيڊش زبان ۾ لکيل آهي ته توهان دڪان جي مالڪ يا سيلز گرل کان پڇي سگهو ٿا. هو توهان جي رهنمائي ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا. توهان ننڍي يا وڏي ريسٽورنٽ ۾ به پڇي سگهو ٿا ته ان کاڌي جي شيءِ ۾ ڇا ڇا آهي ۽ هو توهان جي ان سوال تي ذرو به دل ۾ نه ڪندا جو هتي جا ماڻهو ٻين جي مذهبن، عقيدن، سوچن ۽ پسند ناپسند جي عزت ڪن ٿا.“
مطيع الرحمان کان آخر ۾ پڇيم ته هو سئيڊن جون ٻيون يونيورسٽيون ڇڏي هن ننڍڙي ڳوٺ واڪشو (Vaxjo) جي هن يونيورسٽيءَ کي ڇو ترجيح ڏني؟
”دراصل هن پاسي جون سڀئي يونيورسٽيون هڪ ٻئي کان ڀليون آهن، پر آئون هن پاسي ان ڪري آيس ته سيشلز ٻيٽ تي رهندڙ اسانجو بنگلاديشي بزنيس مئن جنهن منهنجي ٻن سيمسٽرن جو خرچ ڀريو، اهو هن يونيورسٽي مان بيحد گهڻو متاثر هو.“ مطيع الرحمان ٻڌايو.
”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”دراصل اتي جو هڪ وزير ائنٽوني (سڄو نالو: Rolph Antoine Payet FRGS) جنهن سيشلز ٻيٽ ۽ ان جي عوام لاءِ تمام گهڻي بهتري آندي آهي، ان مان ٻين سان گڏ، هي اسان جو بزنيس مئن به بيحد متاثر آهي ۽ جيئن ته هو هڪ ننڍڙي ٻيٽ جو ٿي ڪري اعليٰ تعليم لاءِ يورپ ويو سو به سئيڊن جهڙي ملڪ جي هن شهر واڪشو (Waxjo) جي هن يونيورسٽيءَ ۾. ٻيٽ تي رهندڙ هر هڪ هن يونيورسٽيءَ جي تعريف ان ڪري به ڪري ٿو جو هن جو وزير صاحب هر محفل يا تقرير ۾ ذڪر ڪندو رهي ٿو.“ مطيع الرحمان ٻڌايو.
دراصل سيشلز جو هي وزير هڪ پڙهيل لکيل ۽ قابل ماڻهو آهي. هن واڪشو جي Linnaeus يونيورسٽي مان Environmental Science ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي پر هن جاگرافي سبجيڪٽ ۾ به اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ان ڪري هن جي نالي سان گڏ FRGS به لکيل رهي ٿو يعني هن کي ”فيلو شپ آف دي رايل جاگرافيڪل سوسائٽي“ جي به سند مليل آهي. هو سيشلز جي سول سروس ۾ سيڪريٽري تائين رهيو، ”يونيورسٽي آف سيشلز“ جو پهريون صدر ۽ وائيس چانسلر پڻ ٿي رهيو. وزير ماحوليات ۽ انرجي پڻ رهيو. اڄ ڪلهه يونائٽيڊ نئشنس (UNO) جو ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري آهي- بئسل، راٽرڊم ۽ اسٽاڪهوم ڪنوينشن جو.
ائنٽوئني 1968ع ۾ سيشلز جي اهم ٻيٽ ماهي (Mahe) جي هڪ ڳوٺڙي ۾ ڄائو. هن اتان جي ”سيشلز پوليٽيڪنڪ“ مان 1988ع ۾ ڪئمبرج او ۽ اي ليول ڪيو. ان بعد هن نورفوڪ (Norfolk) انگلنڊ جي شهر ناروچ (Norwich) جي ”يونيورسٽي آف ايسٽ ائنجليا“ مان بايو ڪيمسٽريءَ ۾ B.Sc ڪئي، انگلنڊ جي ”يونيورسٽي آف سري“ University of Surrey مان MBA ڪئي. ان بعد اتر آئرلينڊ جي ”السٽر يونيورسٽيءَ“ مان M.Sc ڪيائين. ان کان علاوه هن ”يونيورسٽي آف لنڊن“ ۽ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان به تعليم حاصل ڪئي. هڪ مان شايد جاگرافي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس ڪيائين. هو سيشلز (Seychelles) جي صدر مسٽر جيمس مائيڪل جو خاص صلاحڪار (Advisor) به آهي.
هتي دنيا جي هنن ٻيٽن جي مجموعي واري ملڪ ”سيشلز“ تي ٻه ٽي سٽون لکڻ ضروري ٿو سمجهان جيئن انهن پڙهندڙ لاءِ هنن ٻيٽن بابت idea ٿي سگهي جيڪي اڻ ڄاڻ آهن، ڇو جو هنن ٻيٽن وانگر جيڪي موريشس (Mauritius) ٻيٽ آهن اتي ته اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو ڪم ڪن ٿا- خاص ڪري ڊاڪٽر، پر هاڻ آئون ڏسان پيو ته ويندي سيشلز ٻيٽن تي به اسانجا ڊاڪٽر نوڪري ڪري رهيا آهن. انهن ۾ هڪ ته اسانجي ڳوٺ هالا جو به آهي جيڪو فئمليءَ سان اتي رهي ٿو ۽ سندس ٻار فرينچ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا جو اتي فرينچ ماڻهن جي حڪومت هجڻ ڪري اتي فرينچ گهڻي هلي ٿي جيئن اسان وٽ انگريزي هلي ٿي يا انڊونيشيا ۾ ڊچ هلي ٿي.
سيشلز ٻيٽن جو جهگٽو هندي وڏي سمنڊ ۾ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري کان اٽڪل 1600 ڪلو ميٽر اوڀر ۾ آهن. هي ٻيٽ مئڊا گاسڪر ٻيٽ جي اتر ۾ آهن ۽ هنن جو تعداد 155 آهي جن مان ڪيترا ته خالي پيا آهن. سڀ ۾ وڏي ٻيٽ جو نالو ماهي (Mahe) آهي، جيڪو 26 ڪلو ميٽر ڊگهو ۽ 17 ڪلو ميٽر ويڪرو آهي جنهن تي وڪٽوريا نالي شهر هنن سڀني ٻيٽن يعني سيشلز جو گاديءَ جو شهر آهي. هن ٻيٽ جي آدمشماري 80000 آهي جنهن مان وڪٽوريا جي 35000 آهي. وڪٽوريا شهر به ڪوالا لمپور وانگر 4 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي پر ڪوالا لمپور خط استوا (Equator) جي اتر ۾ آهي ته وڪٽوريا ڏکڻ اڌ گول ۾ آهي. ڪراچيءَ کان سائوٿ آفريڪا ڏي ويندا آهيون ته خط استوا ٽپڻ بعد پهرين پهرين سيشلز ٻيٽ نظر ايندا آهن پوءِ فرينچن جو ٻيٽ Vingt Cinq اچي ٿو جنهن جي هن فرينچ نالي جو مطلب آهي ”25“. جڏهن غلامن جو واپار زور تي هو ته ٻين يورپي قومن وانگر فرينچ به آفريڪا مان نوجوان شيدي جهلي هن ٻيٽ تي آڻي پوءِ وڪري لاءِ انڊيا، ترڪي ۽ ٻين ملڪن ڏي موڪليندا هئا. انهن غلامن کان ڪا به معمولي غلطي ٿي ويندي هئي ته هنن کي سزا طور 25 ڦٽڪا هنيا ويا ٿي. ان تان هن ٻيٽ تي اهو نالو پيو. هي ٻيٽ 9 چورس ڪلو ميٽر مس آهي.
جهاز هندي وڏي سمنڊ ۾ اڳتي جو سفر ڪري ٿو ته هڪ ٻيو ننڍڙو ٻيٽ Coetivy نظر اچي ٿو. پوءِ وڌيڪ ڏکڻ ڏي وڌڻ تي ”موريشس“ ٻيٽن جو جهگٽو اچي ٿو ۽ پوءِ ”ري يونين“ نالي ٻيٽ اچن ٿا ۽ پوءِ هندي وڏي سمنڊ جو هن پاسي جو وڏو ٻيٽ ”مئڊاگاسڪر“ اچي ٿو جيڪو ڪنهن زماني ۾ ”ملاگاسي“ به سڏبو هو.
سيشلز ٻيٽن تي گهڻائي عيسائين جي آهي جن ۾ ”رومن ڪئٿولڪ“ ۽ ”پروٽيسٽنٽ“ آهن. ڪجهه ”ائنجليڪن“ عيسائي ۽ ”سيونٿ ڊي ائڊوينٽسٽ“ فرقن جا عيسائي به آهن. سرڪاري انگ اکرن مطابق 2.4 سيڪڙو هندو ۽ 1.6 سيڪڙو مسلمان آهن جن مان هڪ اهو بنگلاديشي به آهي جنهن سئيڊن جي شهر واڪشو (Vaxjo) ۾ تعليم حاصل ڪندڙ بنگلاديشي مطيع الرحمان کي يونيورسٽي جي پهرين ٻن سيمسٽرن جي خرچ جي مالي مدد ڪئي هئي.

جڏهن سمنڊ ڄمي برف ٿئي ٿو

ناروي هڪ ته پهاڙي ملڪ آهي ۽ ٻيو ته هن جو ڪنارو کاڌل هجڻ ڪري ڪيترائي ننڍا وڏا بندرگاهه آهن. جتي ڪٿي درياهن ۽ گلئشرن (برفاني ندين) جا ڇوڙ Delta آهن. ناروي جي ڪناري جو مثال آئون انهن ماڻهن جي پيرن جو ڏيندو آهيان جيڪي پير اگهاڙا ڪري هلن ٿا ۽ سياري ۾ سخت ڦٽل رهن ٿا. درياهه جي ٽڪور (Delta) وانگر جتي ڪٿي کاريون (زمين ڏي ويندڙ رستا) وڃن ٿا جن کي هتي جي ٻوليءَ ۾ Fjords سڏيو وڃي ٿو- انهن کي فارسيءَ ۾ ”آبدره“ ۽ عربيءَ ۾ ”خلل“ سڏجي ٿو. انگلنڊ ڇڏي جيئن اسان نارٿ سي ۾ اچون ٿا ۽ ناروي جو ڪنارو شروع ٿيڻ سان هڪ ٻئي پويان بندرگاهه اچڻ شروع ٿين ٿا. اسان جا جهاز الي سنڊ ۽ برگن کان اتر۾ ٽرنڍهام، بودو ۽ ٽرومسو تائين ويا ٿي. سئيڊن ۾ تعليم دوران فيلڊ ورڪ جي سلسلي ۾ ناروي جي ڪيترن ئي ننڍن بندرگاهن ۾ پڻ وڃڻ ٿيو جتي جي ننڍن شپ يارڊن ۾ ٻيڙين جي Stability وٺڻ سيکاري وئي ٿي. هي هڪ مڪينيڪل ٽيسٽ آهي ته ٻيڙي باحفاظت آهي. ڇو جو Stability اهم شيءِ آهي. جهاز کڻي ڪاٺ جو هجي يا لوهه جو، اهو ڪيڏو به مضبوط هجي پر جي Stability بهتر نه هونديس ته ٻڏي ويندو. جپانين جڏهن پهريون جهاز ڄاهيو ته هنن Stability تي ڌيان نه ڏنو هو. نتيجي ۾ سمنڊ ۾ لهڻ (Launch) ٿيڻ سان پاسيرو ٿي ٻڏي ويو.
ناروي جو هر بندرگاهه هڪ کان هڪ آهي پر اسانجو فئوريٽ بندرگاهه برگن (Bergen) هوندو هو. پاڪستاني به سڀ کان گهڻا هن بندرگاه ۾ مليا ٿي. آرڪٽڪ سرڪل (66.5) ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ) کان هي هيٺ هجڻ ڪري هن ۾ لڳاتار ڏينهن يا لڳاتار رات نٿي ٿي. ها البت سيءُ چڱو خاصو ٿئي ٿو پر آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي جي شهرن ۾ جيترو ٿئي ٿو ان کان وري به گهٽ ٿئي ٿو. برگن 60 کن ويڪرائي ڦاڪ Latitude تي آهي ان ڪري اونهاري ۾ ويهه کن ڪلاڪن جو ڏينهن ٿئي ٿو ۽ سياري ۾ ويهه کن ڪلاڪن جي رات ٿئي ٿي ۽ ظاهر آهي سياري ۾ جڏهن لنڊن، فرئنڪفرٽ، راٽرڊم ۾ ئي سيءُ ڪافي ٿئي ٿو ته هتي برگن ۾ جيڪو ناروي جو ته کڻي ڏاکڻو بندرگاهه آهي ۽ اتي جي اتراهن بندرگاهن ٽرومسو ۽ بودو کان گهٽ سيءُ پوي ٿو پر لنڊن، راٽرڊم جهڙن بندرگاهن کان ته گهڻو رهي ٿو ۽ اسان اهڙي موسم ۾ اهڙن ٿڌن بندرگاهن جو رخ ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪمپني يعني جهازن جا مالڪ به نٿا چاهين ته اهڙي موسم ۾ اسان سندن جهاز اهڙن بندرگاهن ۾ وٺي وڃون. اهو ان ڪري نه ته جهازن جي مالڪن کي اسان جهاز هلائڻ وارن جو خيال ٿو رهي ته اسين اتر قطب جي سرد هوائن ۾ نه سٽجون يا مڇريل سمنڊ ۽ ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ بتال نه ٿيون پر هنن کي پنهنجي جهازن جو خيال ٿو ٿئي ته متان اهي برف ٿيل سمنڊ ۾ ڦاسي نه وڃن ۽ پوءِ رستو ٺاهي ٻاهر گرم پاڻيءَ تائين پهچائڻ لاءِ برف کي ڪٽيندڙ (Ice Cutter) جهاز جي ضرورت پوي. ظاهر آهي ان ڪم پٺيان جهازن جي مالڪن جو وڏو خرچ ٿيو وڃي.
هڪ دفعي اسانجو جهاز يوڪرين (جيڪو انهن ڏينهن ۾ روس USSR جو حصو هو، ان) جي بندرگاهه اوڊيسا ۾ اسانجو جهاز مشينري کڻڻ لاءِ هفتي کن لاءِ لنگر انداز ٿيو. سيپٽمبر جو مهينو هو. يورپ پاسي سيارو شروع ٿي چڪو هو پر اوڊيسا جيڪو 47 کن ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ڪو ايڏو اتر ۾ يعني آرڪٽڪ سرڪل جي ڀرسان ناهي جتي سياري ۾ سمنڊ جي برف ٿيڻ جو خطرو هجي، پر ڪڏهن ڪڏهن موسم اهڙي بگڙيو وڃي جو سعودي عرب جي رڻ پٽ ۾ به ڳڙا وسڻ شروع ٿيو وڃن.
اوڊيسا بندرگاهه ۾ هاڻ باقي ٻن ڏينهن جو ڪم وڃي بچيو هو ته صبح جو اٿي ڪمري کان ٻاهر ڏسون ته دنيا ئي بدليل نظر آئي. چوڌاري برف ئي برف نظر آئي. يعني سمنڊ جو پاڻي ڄمي برف ٿي ويو هو جنهن مٿان سامونڊي ڪبوتر (Sea Gulls) واڪ ڪري رهيا هئا. دراصل هڪ ڏينهن اڳ کان سخت سرد هوائون لڳي رهيون هيون ۽ رات اندر ٽيمپريچر ايترو ته ڪري پيو جو سمنڊ جو کارو پاڻي به ڄمي ويو. هونءَ عام پاڻي ته ڪاٽو ٻن يا ٽن ڊگرين تي برف ٿيو وڃي پر سمنڊ جي پاڻيءَ جي ڄمڻ لاءِ ڪاٽو پنج ڇهه کان به وڌيڪ ٿڌ جي ضرورت پوي ٿي ۽ ان رات اوڊيسا ۾ منفي (ڪاٽو) ڏهه کن ڊگريون ٿڌ ٿي وئي يعني اوتري جيتري ريفريجريٽر جي مٿين حصي (فريزر) ۾ ٿئي ٿي.
سمنڊ کي برف ۾ تبديل ٿيندو ۽ پنهنجي جهاز کي ان ۾ ڦاٿل ڏسي مونکي يڪدم ٿيو ته جهاز جي مالڪ جو سر ويو جو هن جي مٿي ۾ ”آئس ڪٽر“ کي گهرائڻ جو خرچ لڳي ويندو. ڇو جو برف کي ڀڃي جهاز کي وچ ٻار ۾ آڻڻ ۽ پوءِ برف کي ڀڃي اسان لاءِ رستو ٺاهڻ لاءِ آئس ڪٽر گهرائڻ ضروري ٿي پيو. جهاز تي آيل مقامي آفيس جي روسي ايجنٽ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اسان لاءِ فڪر جي ڳالهه ناهي. چوويهه ڪلاڪن اندر اسان جهاز کي هتان ڀڄائي سگهون ٿا جو برف جو تهه اڃان ايڏو ٿلهو نه ٿيو آهي جو برف ڪپي رستو ٺاهيندڙ Ice Cutter کي گهرايو وڃي.
”اهو توهان ڪيئن ٿا چئو ته برف جو اڃان سنهو تهه آهي؟“ مون پڇيو.
”ان ڪري جو سمنڊ جي مٿان اڃان فقط پکي واڪ ڪري رهيا آهن“، بندرگاهه جي روسي همراهه ٻڌايو“، جي ڪڏهن ٿلهو تهه ٺهي چڪو هجي ها ته شهر جي ٻارن کي سمنڊ مٿان سائيڪلون هلائيندو ڏسو ها.“
”تنهنجي معنيٰ ته اڃان سنهو تهه ڄميو آهي.“ مون چيو.
”بلڪل- ڇو جو ٻار چڃي طرح سمجهن ٿا ته هن وقت ان مٿان سائيڪل هلائبي ته ڪنهن ڪمزور هنڌ تان برف ٽڙڪڻ تي هو سائيڪل سوڌو هيٺ سمنڊ ۾ هليا ويندا.“
بهرحال ٻئي ڏينهن به سخت ٿڌ رهي خاص ڪري رات جي پهر، پر اسان جو جهاز ”آئس بريڪر جهاز“ جي مدد بنا پنهنجي انجڻ جي طاقت تي اڳيان پويان چرپر ڪري برف کي ٽڪرا ڪري اڳتي جو رستو ٺاهي بندرگاهه کان ٻاهر نڪري آيو ۽ ٿوري ئي فاصلي بعد کلئي سمنڊ ۾ اسان کي اڳيان پاڻي ئي پاڻي مليو.

جهازن لاءِ رستو ٺاهڻ ۽ کين ٻڏڻ کان بچائڻ

پڙهندڙن لاءِ هتي قدرت جي هن ڪرشمي (Phenomenon) جو ذڪر ڪندو هلان جيڪو مونکي اڪثر پولار سمنڊ يعني اتر قطب جي سمنڊ تي ڌيان ۾ ايندو آهي. اهو هي ته هونءَ ته هر شيءِ ٿڌي ٿيڻ تي سسي ٿي يعني ننڍي ٿيڻ سان گڏ ڳري ٿيو پوي ۽ گرم ڪرڻ سان وڌي ٿي يعني expand ٿئي ٿي پر پاڻي اهڙي شيءِ آهي، جيڪو ٿڌو ٿيڻ تي برف ٿئي ٿو ۽ expand ٿئي ٿو- يعني برف پاڻيءَ کان هلڪي ٿيو پوي ۽ اها پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳي ٿي. اها قدرت جي اسان لاءِ هڪ نعمت آهي. سمنڊ جو پاڻي جيڪڏهن برف ٿي ڳرو ٿي پوي ته وڃي ترو وٺي. اهڙي طرح سمنڊ جو مٿيون تهه برف ٿي وڃي تر وٺي ته ناروي، سئيڊن پاسي جي سمنڊن جو پاڻي تر کان سطح تائين سخت برف ٿي وڃي ۽ سمنڊ اندر مڇيون هڪ طرف چيڀاٽجي وڃن ته ٻئي طرح آئس بريڪر جهاز ٻين جهازن لاءِ رستو نه ٺاهي سگهن.
قدرت جي موجوده اصولن مطابق سخت سيءَ ۾ جڏهن هوا جي ٿڌ منفي ويهه ڊگريون رهي ٿي تڏهن به سمنڊ مٿان برف جو هڪ حد تائين ٿلهو تهه ٺهي ٿو ان ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳن ٿا. اهو تهه ڪو گهڻو ٿلهو به نٿو ٿئي ڇو جو سمنڊ جي مٿان جيئن ئي برف جو هلڪو تهه ٺهي ٿو ته اهو تهه Insulation جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان تهه جي هيٺ ٻاهر جهڙي ٿڌڪار هجڻ بدران وڌ ۾ وڌ ڪاٽو ٽي چار ڊگريون ٿڌ رهي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته چچين ۽ ڪوئن جهڙا جيت ٻاهر جي ٿڌي هوا جيڪا اتر ناروي ۾ ڪاٽو ويهن تائين به ٿئي ٿي، ان کان بچڻ لاءِ برف هيٺ لڪي ويندا آهن جو برف ان ٿڌي هوا کان وري به گهڻو گرم ٿي.
سو سمنڊ جو مٿيون تهه برف ٿيڻ تي ٿڌ جو اثر هيٺ نٿو پهچي ۽ هيٺ پاڻي پنهنجي صورت ۾ رهي ٿو جنهن ۾ مڇيون ترنديون رهن ٿيون. هي ائين آهي جيئن گهرن ۾ ريفريجريٽرن جي مٿين حصي يعني فريزر ۾ جيڪا ٿڌي گئس ڪمپريس ٿي ٽيوبن مان پاس ٿئي ٿي ان جو پڌ ڪاٽو 25 ڊگريون ٿئي ٿو ۽ گوشت يا مڇي رکڻ سان اهي شيون ڪاٽو ويهه ڊگرين تي پهچي پٿر ٿيو وڃن، پر اهي فريزر جن ۾ ڊي فراسٽنگ سسٽم نه آهي ۽ انهن جي ڀتين تي برف ڄميو وڃي اتي مڇي يا گوشت رکڻ تي اهو نه جلد سخت فروزن ٿئي ٿو ۽ نه ان ٿڌ تائين پهچي ٿو ڇو جو فريزر جي ٿڌ گوشت ۽ مڇيءَ کي پهچڻ کان اڳ ان کي ڀتين تي ڄميل برف جو تهه روڪيو ڇڏي. ان ڪري اهو ضروري ٿيو پوي ته فريزر جي ڀتين تي برف ڄمي ته ان کي کرڙي لاهي ڇڏجي نه ته توهان جيڪي شيون فريزر ۾ رکندائو ان تي فران (Feron) گئس جي ڪاٽو 25 ڊگريون ٿڌاڻ اثر نه ڪندي پر ڀتين تي ڄميل برف جي فقط زيرو ڊگري ٿڌ اثر ڪندي.
بهرحال اسان ڳالهه پئي ڪئي اتر ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ جي ٿڌن ملڪن ۾ جهاز کي وٺي وڃڻ لاءِ جهاز جا مالڪ ان ڪري به ڪترائين ٿا جو ان پاسي سمنڊ جو تهه ڄمي برف ٿيو وڃي ۽ مالڪن کي آئس بريڪر جهاز مسواڙ تي گهرائڻو پوي ٿو جيڪو برف کي ڀوري اسانجي جهاز لاءِ رستو ٺاهي. اهڙا جهاز شڪار جي انتظار ۾ هوندا آهن ته ڪو عام جهاز ڦاسي ته ان لاءِ رستو ٺاهي وڏو پئسو اوڳاڙيون. آخر انهن کي به روزگار ڪمائڻو هوندو آهي جيئن عام سمنڊن ۾ ٻڏندڙ جهاز کي بچائڻ لاءِ Salvage جهاز ٿيندا آهن جن جا مالڪ صبح شام اها ئي دعا ڪندا هوندا ته ”مولا ڪو جهاز ٻوڙ ته اسان کي SOS ڪن ۽ اسان کين بچائي روزگار ڪمايون.“ ايس او ايس معنيٰ Save Our Souls جهاز جڏهن ٻڏندو آهي ته ان ۾ موجود جهاز هلائيندڙ SOS ميسيج ريڊيو سگنل ڪندا آهن جيئن اوسي پاسي کان لنگهندڙ جهاز اهو سگنل جهٽي ان ڏي وڌن ۽ ان ٻڏندڙ جهاز تي سوار ماڻهن کي بچائين. ڪيترن جهازن مان ته انهن جي ٻڏڻ تي آٽوميٽڪ SOS جو سگنل ٽرانسمٽ ٿئي ٿو. سنگاپور، جبرالٽر، باسفورس جهڙن مشغول سامونڊي رستن وٽ ته خاص جهاز جيڪي Salvage جهاز سڏجن ٿا، ان ڪم جي انتظار ۾ هوندا آهن. سگنل ملڻ تي ٻڏندڙ جهاز ڏي رخ ڪن ٿا ۽ اڳواٽ پهچي هن سان ڊيل Sign ڪن ٿا ته جيڪڏهن هو جهاز بچائي ويا ته جهاز وارا کين هيترا پئسا يا ان ۾ موجود ڪارگو جو هيترو حصو ڏيندا. ڪيترا ته پنهنجي ڪوشش جا پئسا وٺندا آهن چاهي هو جهاز کي بچائي نه سگهن پر گهڻن جي ڊيل اها هوندي آهي ته جهاز يا جهاز جو سامان بچيو ته اسان کي بچائڻ جو اجورو ڏجو ۽ اهو حساب ان چوڻيءَ مطابق آهي ته: “No Cure, No Pay”.

ناروي جو خوبصورت شهر ۽ بندرگاهه ”برگن“

بهرحال هتي پاڻ ناروي جي هڪ خوبصورت بندرگاهه برگن جو ذڪر ڪنداسون جيڪو ناروي جي گاديءَ واري شهر اوسلو بعد ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي. سندس آدمشماري 3 لک آهن پر جي اوسي پاسي جا ڳوٺ ۽ ٻيٽ ملائجن جيئن ماريپور، منهوڙو، هاڪس بي، بابا ڀٽ ٻيٽ آهن ته ڪل آدمشماري ساڍا چار لک ٿئي ٿي يعني ڏٺو وڃي ته ان کان گهڻي آدمشماري ته فقط چاڪيواڙي يا سرجاني ٽائون جي آهي. هتي مرد توڙي عورتون نوڪري ۽ پورهيو ڪن ٿا، ٻار سئو سيڪڙو اسڪول وڃن ٿا سو صبح جي وقت ته شهر جا روڊ رستا ڄڻ خالي رهن ٿا. شهر جي چوڌاري جبل ئي جبل آهن. برگن ”ستن جبلن جو شهر“ به سڏيو وڃي ٿو. چون ٿا ته هن شهر جو بنياد 1070ع ۾ ملڪ جي بادشاهه Olav Kyree رکيو ۽ شهر جو نالو رکيو Bjorgvin يعني ”جبلن جي وچ ۾ سرسبز چراگاهه“ هي شهر تيرهين صديءَ کان ملڪ جي گاديءَ جو شهر رهيو ۽ 1789ع کان 1830ع تائين ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شهر هو. ان بعد ملڪ جي گاديءَ جو شهر ”ڪرسٽيانيا“ ٿيو جيڪو هاڻ ”اوسلو“ سڏجي ٿو.
برگن شهر ۾ موجود ”برگن يونيورسٽي“ هن پاسي جي پراڻين يونيورسٽين مان ته نه آهي پر پاڪستان ٺهڻ کان سال اڳ ٺهي. سٺي موسم هجڻ ڪري هن يونيورسٽي ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترائي شاگرد نظر اچن ٿا. ساڳي وقت هي بندرگاهه ڪاروبار جو وڏو مرڪز هجڻ ڪري هر وقت دنيا جي ملڪن جا جهاز نظر اچن ٿا. انهن ۾ مال بردار جهاز به آهن ته مسافر جهاز به. هر سال تقريبن 300 کن ڪروزو (Cruise) جهاز اچن ٿا يعني روزانو هڪ وڏو پئسينجر جهاز بندرگاهه ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. گهڻي ڀاڱي سياح جرمني ۽ انگلنڊ کان اچن ٿا.
پهرين به لکي آيو آهيان ته هن پاسي جي ملڪن ۾ تعليمي رجحان تمام گهڻو آهي. ماڻهو تقريبن 99 سيڪڙو پڙهيل آهن ۽ تعليمي سلسلو آڳاٽي دور کان هلندو اچي. ٽن لکن جي آدمشماري واري هن شهر برگن (Bergen) ۾ جيڪو سمجهو ته اسان جي هالا، ڊگري يا ٺارو شاهه کان به ننڍو ٿيو 100 کن پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول آهن. سڀ ۾ پراڻو ”برگن ڪئٿيڊرل اسڪول“ آهي جيڪو پوپ آڊرين چوٿين 1153ع ۾ ٺهرايو ۽ اڄ تائين قائم آهي. يونيورسٽي آف برگن ۾ شاگردن جو تعداد 16000 ۽ اسٽاف جو 3000 آهي. ناروي جي هيءَ ٽيو نمبر وڏي يونيورسٽي آهي. برگن Street Art کان به مشهور آهي. توهان کي شهر جي ڪيترين ئي گهٽين جي ڀتين تي هتي جي مشهور آرٽسٽن جا ٺهيل شاهڪار نظر ايندا.
برگن جي هڪ مرڪزي روڊ Holbergsallmenningen تي توهان کي هن روڊ جي نالي واري صاحب هولبرگ (سڄو نالو: Ludvig Holberg) جو مجسمو نظر ايندو. هول برگ هن شهر جو مشهور ليکڪ، فلاسفر، تاريخدان ۽ ڊراما نويس ٿي گذريو آهي ۽ هن شهر ۾ 1684ع ۾ ڄائو. پاڻ ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن مان تعليم حاصل ڪيائين ۽ ڪوپن هيگن يونيورسٽيءَ ۾ وڏو عرصو پڙهائيائين ان سان گڏ هن اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو جيئن اسان وٽ منوج ڪمار، امتياز ابڙو، زيب سنڌي، مخمور بخاري، اياز گل ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه ولايتن ۾ سٺي سمجهي ويندي آهي. ملائيشيا ۾ پڙهائڻ سان گڏ اخبارن ۾ لکڻ ڪري مونکي ڪيترائي دفعا تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ PJK ايوارڊ به مليو پر اسان وٽ وزير تعليم مٿين همراهن جي لکڻ تي بندش وجهي ڇڏي هئي ته هيءَ ڪهڙي ٿا مسخري ڪريو ۽ اسان انهن سٺن ليکڪن جي لکڻين کان تيستائين محروم رهياسين جيسين موصوف وزير رهيو. اهي سڀ ليکڪ الله جي فضل سان جيئرا آهن ۽ هو ان حيرت جهڙي ڳالهه جي تصديق ڪري سگهن ٿا. توهان انهن کان پڇي سگهو ٿا. هو لکندا به ڪاوش اخبار ۾ هئا جيڪا اجوري ۾ ليکڪن کي ٽڪو به نٿي ڏئي. لکندڙ پاڻ اها اخبار به پنهنجن پئسن سان وٺندا آهن!
هولبرگ کي سفر جو به وڏو شوق هو بلڪه هن کي انهن سفرن مان ئي لکڻ لاءِ اتساهه مليو. هن شخص تمام گهڻا ڪتاب لکيا آهن.... مزاحيه، تاريخي، شاعري جا ۽ ناول وغيره. مون هيستائين ڪيترن هم وطني شاگردن کي چيو هوندو ته ناروي ۾ رهڻ دوران هولبرگ جي ڪنهن ناول جو سنڌي يا اڙدو ۾ ترجمو ضرور ڪريو. هونءَ به آئون ان ڳالهه جي شروع کان وڪالت ڪندو اچان. اسان وٽ نوجوان رڳو ٽالسٽائي، چارلس ڊڪنس، مارڪ ٽوين، ورجينا وولف، آسڪر وائلڊ، ڪافڪا، دوستو وسڪي، وڪٽر هيوگو، ايملي ڊڪسن، البرٽ ڪاموز، ڊانٽي، الفرڊ هچڪاڪ، هيمنگوي، ايزرا پائونڊ، برنارڊ شا، هينري ملر، جان اپڊائيڪ وغيره جا ناول پڙهن ٿا. اهي به سٺا ليکڪ آهن پر هاڻ جپان سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ ۽ ٻين ملڪن جي ليکڪن کي به ته پڙهي ڏسو. انهن مان ڪيترن ئي ليکڪن جا ڪيترائي ناول انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن جن کي اسان آسانيءَ سان اڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سگهون ٿا. هولبرگ جا نارويجين ٻوليءَ ۾ لکيل ڪيترائي ناول انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. ٿي سگهي ٿو Net تي به موجود هجن، ڪيترا ته ڪراچي جي اتوار بازارين ۽ ريگل چوڪ جي فوٽ پاٿن تي ڦلن مٺ ۾ مليو وڃن. امر جليل ۽ مرحوم تاج صحرائيءَ سان ته منهنجي ملاقات اهڙن هنڌن تي ئي ٿيندي رهي.
هولبرگ جي انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪجهه ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:
* The Pewter turned Politician
* The weather cock
* The Lying in Room
* Without Head or Tail
* The Happy Capsize
* The Masked Ladies
* The Source Journey
هتي اهو به لکندو هلان ته ناروي جي ”يونيورسٽي آف برگن“ هر سال هولبرگ بين الاقوامي يادگار ايوارڊ ڏئي ٿي جنهن جي ماليت ڏهه ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي. ڪئناڊا جي برٽش ڪولمبيا ۾ هڪ شهر هن ليکڪ ”هولبرگ“ نالي پڻ آهي. مريخ سياري جو هڪ گهٻ (Crater) پڻ هولبرگ نالي منسوب ٿيل آهي.
ناروي جي هن شهر برگن جي علائقي بريمينس برگن (هورڊالئنڊ) ۾ هڪ خوبصورت مسجد آهي جتي پنج ئي وقت نماز ٿئي ٿي. جمعي جي ڏينهن وڏي گڏجاڻي ٿئي ٿي. خطبو انگريزيءَ ۾ پڙهيو وڃي ٿو. برگن ايندڙ ٽوئرسٽ هن مسجد جون تصويرون ڪڍڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا. برگن پهچي توهان هن مسجد بابت معلومات اتي جي امام يا انچارج کان 73529848-0047 يا 73525296-0047 فون نمبر تان حاصل ڪري سگهو ٿا.

ناروي ۾ اسلام

سئيڊن ۾ ته مسلمانن ۽ مسجدن جو احوال وچ ۾ وچ ۾ ڪري چڪاسين. هتي ڪجهه صفحا ”ناروي ۾ اسلام“ بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو. اڄڪلهه ناروي ۾ سندن مڪاني عيسائي فرقن جا ۽ يهودي ماڻهو ته موجود آهن پر ٿائلنڊ ۽ چين پاسي جا ٻڌ، ننڍي کنڊ جا هندو، سک، جين، پارسي، قادياني، مسلمان ۽ انهن سڀني جا عبادت گهر به نظر اچن ٿا. نه ته شروع وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته 1960ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ منهنجو هن پاسي ناروي جي بندرگاهن برگن ۽ ٽرنڍهام ۾ اچڻ ٿيو هو ته مسجدون ته ڇا پر ڪو مسلمان به نظر نه پيو اچي جنهن کان کڻي نمازن جي وقتن جو پڇون. اهي جون جولاءِ جا اونهاري جا ڏينهن هئا ۽ سج ويهه ايڪيهه ڪلاڪ نظر ايندو هو. ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ جيڪو غروب ٿيو ٿي ان ۾ به ايڏي روشني (Twilight) رهي ٿي جو جهڙالو ڏينهن ٿي رهيو. بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ناروي جي ٻين عام ماڻهن کي اسلام ۽ مسجد وغيره جي به خبر نه هئي. پوءِ اسان ڏٺو ته اسان جي سامهون 1970ع واري ڏهاڪي کان مسلمان ملڪن کان پهرين پورهئي لاءِ جنهن لاءِ ناروي وارن پاڻ دعوت ڏني، ان بعد پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلمن کان پاڻ بچائي ترڪي، پاڪستان، افغانستان، عراق، سومليا ۽ ٻين مسلمان ملڪن جا ماڻهو کان لڏپلاڻ ڪري هتي اچڻ لڳا. ڪجهه يورپ جي ملڪن جا نو مسلم به آيا ۽ ڪجهه ناروي جا ماڻهو به مسلمان ٿيا، مسجدون ٺهيون، اسلامڪ سينٽر ٺهيا. چوڌاري عورتون حجابن ۾ ۽ مرد ڏاڙهين سان نظر اچڻ لڳا. اڄ ناروي ۾ عيسائيت بعد اسلام ٻئي نمبر تي وڏو مذهب آهي. سڄي ناروي جي آدمشماريءَ جو ساڍا ٽي سيڪڙو، اٽڪل ٻه لک ماڻهو مسلمان آهن. انهن مسلمان ۾ گهڻائي سنين جي آهي پر شيعن جو به چڱو خاصو تعداد آهي. وري ڏٺو وڃي ته اڌ کان وڌيڪ مسلمان اوسلو ۽ ان جي ڀر واري ڪائونٽي (ضلعي) اڪرشوس (Akershus) ۾ رهن ٿا باقي ٻيا اسٽيونگر، الي سنڊ، بودو، ٽرنڍهام، ترومسو ۽ ٻين شهرن ۾ پکڙيل آهن ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ هڪ کان ڌيڪ مسجدون به آهن. سڀ کان گهڻا پاڪستان جا مسلمان آهن. مونکي ياد آهي ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سئيڊن وانگر ناروي کي به سندن ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي ضرورت پئي ۽ هنن چاهيو ٿي بي هنر به اچي وڃن ته کين مدد ملندي. ڪيترائي پاڪستان کان- خاص ڪري کاريان شهر کان پورهيت ناروي پهتا. ٻن ٽن سالن بعد هنن کي اڃان به مزورن جي ضرورت پئي ته هنن پهرين موجود ڌارين کي قوميت ڏيڻ جي آفر ڪئي ۽ ڪيترائي پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪري نارويجين ٿي ويا. ان کان علاوه پاڪستان مان ٻيون به کيپون آيون. ٻئي دفعي گهڻا ماڻهو لاهور کان آيا. ان بعد 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ايران، افغانستان، پاڪستان، عراق سوماليا کان ڪيترا ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ مذهبي، سياسي ۽ لساني جهيڙن کان بچڻ لاءِ پنهنجن ملڪن کان لڏي هن پاسي جي ملڪن ناروي ۽ سئيڊن ۾ سياسي پناهه ورتي. انهن ڏينهن ۾ ناروي ۽ سئيڊن جي پاسي ڌارئين کي رهڻ لاءِ ڪي سخت قاعدا نه هئا جيڪي اڄڪلهه آهن. ماڻهن کي خبر پئجي وئي هئي ته هنن Scandinavian ملڪن ۾ ته موج مزا لڳا پيا آهن. موسم کڻي سخت سرد آهي ته ڇا ٿيو، هتي ته بيروزگار کي به ايترو الائونس مليو وڃي جو هو سڄو مهينو مزي سان گذاري ٿو. رهائش به مفت، سا به سينٽرلي هيٽيڊ. زال جيئن ئي پيٽ سان ٿئي ٿي ته ٻار جو الائونس ملڻ شروع ٿيو وڃي جيڪو 18 سالن لاءِ ماءُ پيءُ کي ملي ٿو. ان بعد ان ٻار کي نوڪري نه ملڻ تي حڪومت ان کي رهائش ۽ بيروزگاري الائونس ڏئي ٿي. ميڊيڪل، تعليم سڀ مفت. ان دٻڙ ڌئونس ۾ اهي پاڪستاني، جيڪي ڀر وارن ملڪن جرمني، پولنڊ، بيلجم، هالنڊ وغيره ۾ مزوري ڪري رهيا هئا، سي به هنن ملڪن ۾ ڌوڪي پيا. ڪي چوڻ لڳا اسان پيپلز پارٽيءَ جا آهيون اسان سان ضياءَ ظلم ڪيو آهي. قادياني پنهنجا ڏکڙا ٻڌائڻ لڳا ته ايراني امام خمينيءَ جا داستان ٻڌائڻ لڳا ته افغاني روس جون دانهون ڪرڻ لڳا ۽ سڀني کي ناروي جي شهريت ملندي وئي. اڄ ته انهن جو اولاد ڇا پر اولاد جو اولاد به وڏو ٿي رهيو آهي. ڪيترا ڌنڌي ڌاڙي ۾ آهن ته ڪي تعليم ۾. ايتري قدر جو ناروي ۾ ميڊيڪل شاگردن جو 12 سيڪڙو پاڪستاني والدين جو اولاد آهي. ان کان علاوه ٻي نمبر تي پاڪستاني انجنيئر ۽ وڪيل ٿين ٿا. ڪيترا سياست ۾ به اچي چڪا آهن.
ڌارين ملڪن کان آيل مسلمانن کان علاوه ڪيترائي مقامي نارويجن گورا به مسلمان ٿيا آهن جن مان ڪي ته هتي جون مشهور شخصيتون آهن، جيئن ته نارويجين يوسف النهي، ويگارڊ بيورج (Vegard Bjorge) وغيره. ڪيترا مسلمانن جو اولاد آهن جيئن ته فاطمه المانيا، هاديا تاجڪ، سميا جرد علي وغيره. ناروي جا گورا رهاڪو جيڪي مسلمان ٿيا آهن انهن جو به 500 کان مٿي تعداد آهي.
1990ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون تعليم جي سلسلي ۾ سئيڊن ۽ ناروي ۾ رهيس ته انهن ڏينهن ۾ بالقاني رياستن: رومانيا، بلغاريا ۽ بوزنيا پاسي جا مسلمان به تمام گهڻا آيا. ان بعد اهي پناهگير جيڪي ناروي جا شهري ٿي ويا هئا، انهن جا مائٽ مٽ رهڻ لاءِ آيا.
هن پاسي ناروي ۾ پهرين مسجد 1974ع ۾ اوسلو ۾ ٺهي جنهن ۾ وڏو هٿ پاڪستانين جو هو، جن جي ”اسلامڪ ڪلچرل سينٽر“ وارن مدد ڪئي جيڪي ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ ڪجهه سال اڳ مسجد ٺاهي چڪا هئا جنهن ۾ اڄ به دنيا جا وڏا عالم اسلام بابت ليڪچر ڏيڻ اچن ٿا. اوسلو ۾ ”اهل سنت جماعت“ وارن جي ۽ ”منهاج القرآن“ وارن جون الڳ الڳ مسجدون آهن جيڪي 1976ع ۽ 1987ع ۾ ٺهيو. 1975ع ۾ ”انجمن حسيني“ نالي مسجد ٺهي ۽ 1980ع ۾ ترڪن ۽ مراقش وارن الڳ الڳ مسجدون ٺاهيون. اوسلو ۾ ”احمديا مسلم ڪميونٽي“ وارن، جن کي پاڻ قادياني ٿا سڏيون انهن جون ”نور مسجد“ ۽ ”بيت النصر“ نالي مسجدون 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٺهيو. منهاج القرآن وارن جو اوسلو ۾ ڪميونٽي سينٽر به آهي. 1991ع ۾ اسلامڪ وومين گروپ ناروي (Islamsk Kvinnegappe Norge) قائم ٿيو جيڪو نينا (سڄو نالو Nina To gersen) هڪ هتي جي مقامي عورت قائم ڪيو.
1995ع ۾ اوسلو يونيورسٽيءَ ۾ مسلم اسٽوڊنٽس سوسائٽي Muslimsk Studentsamfunr نالي يونيورسٽيءَ جي آفيسرن ٺاهي جنهن ۾ وڏو هٿ محمد عثمان رانا نالي هڪ پاڪستانيءَ جو آهي. ترانڊ علي (سڄو نالو Trond Ali Linstad) نالي هڪ نارويجن گوري مسلمان 1991ع ۾ پهريون KG اسڪول ۽ يوٿ ڪلب کوليو پر پوءِ اهو 2004ع ۾ بند ٿي ويو. اڄڪلهه مسلمان ٻارن لاءِ ڪو الڳ اسڪول ناهي. گذريل سال يازين العبيديءَ اوسلو ۾ ”مسجد النساءَ“ نالي عورتن جي هڪ ڌار مسجد جي پلان سرڪار جي اجازت لاءِ رکي آهي. هن قسم جي عورتن جي مسجد (Women Mosque) ”ابن رشد گوئٽي مسجد“ نالي جرمنيءَ ۾ ۽ ”مريم مسجد“ نالي ڊئنمارڪ ۾ پڻ آهي.

ڪاڪوس نه صاف ڪن ته ٻيو ڇا ڪن

انگلنڊ ۾ ته اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو تعليم نوڪري يا پورهئي مزوريءَ لاءِ انگريزن جي ڏينهن کان ويندا رهيا ٿي. ويندي اهي به ويا ٿي جن کي انگريزيءَ جو هڪ لفظ به نٿي آيو. جيئن 1970ع جي هڪ سفر نامي ۾ لکيو اٿم ته مانچسٽر کان ڪراچيءَ هوائي جهاز ۾ اچي رهيو هوس ته سيالڪوٽ پاسي جو هڪ پورهيت مون سان گڏ سفر ڪري رهيو هو. هن کي نه انگريزي آئي ٿي ۽ نه اڙدو. هو مون سان پنجابيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو- بلڪه منهنجي اڙدو ۾ پڇيل سوالن جا جواب پنجابيءَ ۾ ڏئي رهيو هو. هن ٻڌايو ته هو پنج سال مانچسٽر جي ڪنهن فئڪٽري ۾ مزوري ڪري هاڻ موڪل تي ڳوٺ وڃي رهيو آهي. مون کي حيرت ٿي ته هن کي انگريزيءَ جو هڪڙو جملو به نٿو اچي، هن پنج سال انگريزن جي ملڪ ۾ ڪيئن گذاريا! ائين به ناهي ته ڪو هو پنج سال ڪنهن مائٽ وٽ هڪ ئي ڪمري ۾ ويٺو رهيو. هن ٻڌايو ته انگلئنڊ ۾ رهڻ دوران هن کي انگريزي ڳالهائڻ جي ضرورت ئي نٿي پوي.
”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”آئون جنهن مسواڙ جي ڪمري ۾ رهان ٿو ان ۾ ٻيا ٽي ڄڻا منهنجي ڳوٺ جا آهن ۽ پنجابي ڳالهائين ٿا“، هن ٻڌايو، ”پاڙي ۾ به ڪيترائي پنجاب کان آيل رهن ٿا جن سان پنجابي ۾ ڳالهايان ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ جيڪو سيڌي جو دڪان آهي اهو پنجابيءَ جو آهي ۽ جنهن بس ۾ فئڪٽري وڃان ٿو ان ۾ ڊرائيور يا ڪنڊيڪٽر اڪثر سک هوندو آهي ۽ فئڪٽريءَ ۾ منهنجو باس يعني فورمئن اهو به سک آهي جيڪي پنجابيءَ ۾ ڳالهائين ٿا.“
مطلب ته انگلنڊ اهڙو ملڪ آهي جتي اسان جي ماڻهن کي رهڻ ۾ ڪا دقت نٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو جيتوڻيڪ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ انگلنڊ کان وڌيڪ آسانيءَ سان رهائش ۽ شاگردن کي تعليم لاءِ اسڪالرشپ ملي ٿي پر تڏهن به اسان جي ماڻهن انگلنڊ کي ترجيح ڏني ٿي. پر پوءِ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ دنيا ۾ لڏپلاڻ ايڏي وڌي وئي، خاص ڪري آفريڪا، عرب ۽ ايشيا جي ملڪن کان يورپ ڏي، جو پوءِ انگلنڊ، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ اسپين جهڙن ملڪن معاشي فائدي يا سياسي پناه وٺڻ لاءِ ايندڙن جي قانون ۾ سختي ڪري ڇڏي. ساڳي وقت اسان جهڙن ملڪن ۾ معاشي حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. بيروزگاري وڌڻ ڪري اسان جي ملڪ جا ماڻهو ٻيا گس ڳولهڻ لڳا. هو يورپ جي وڏي عمر جي عورتن سان شادي ڪري انهن جي ملڪن ۾ رهڻ لڳا يا سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن ڏي وڃڻ لڳا جتي موسم خراب هجڻ ۽ ملڪ ڏور هجڻ ڪري ۽ اهو پڻ ته اتي جي ٻولي نرالي ۽ ڏکي هجڻ ڪري اسان جي ماڻهن انهن ملڪن جو رخ رکڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿي ورتي، پر هاڻ پنهنجي ملڪ ۾ بک، بيروزگاري، ٻارن جو مستقبل روشن نه ڏسي هو غير قانوني طرح وڃڻ جو به جوکم کڻڻ لڳا. ناروي سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ آدمشماري گهٽ ۽ ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جو تعداد وڌڻ ڪري هنن مزوريءَ لاءِ مختلف ملڪن مان ماڻهو گهرايا جن مان سڀ کان گهڻا اسان جي ملڪ جي صوبي پنجاب جا آيا. ڪجهه سال نوڪري/پورهيو ڪرڻ بعد هو هنن ملڪن ۾ رهي پيا ۽ ٻين مائٽن ۽ دوستن کي به گهرائيندا رهيا. اهو سمورو ڪم اسان جي اکين اڳيان ٿيندو رهيو. يعني جيئن ملائيشيا ۽ سنگاپور کي مون غربت مان امير ۽ ماڊرن ٿيندو ڏٺو تيئن هن پاسي Scandinavian ملڪن ۾ مون پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ايندو ۽ Set ٿيندي ڏٺو.
هتي اها Observation لکڻ به ضروري ٿو سمجهان ته هن پاسي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سکر جي سيد عاشق حسين شاهه جهڙو پڙهيل ڳڙهيل تعليم لاءِ آيو ٿي نه ته سمجهو ته 96 سيڪڙو اڻ پڙهيل ۽ اڻ هنرمند آيا. آخر ڪو هنرمند يا پڙهيل ڳڙهيل (ڊاڪٽر انجنيئر، واڍو ويلڊر) هن پاسي اچي به ڇو، جو هنرمندن کي ڏکيو ئي صحيح پر عرب ملڪن يا ملائيشيا ۾ نوڪري ملي وئي ٿي ۽ ڊاڪٽر يا وڪيل جهڙو ماڻهو جيڪو انگريزي پڙهيو آهي اهو هنن ملڪن ۾ ڪيئن ٿو نوڪري ڪري سگهي، جتي هرڪو نارويجين ٻولي ڳالهائي ٿو يا وڌ ۾ وڌ ڀر وارن ملڪن جي سئيڊش يا ڊئنش. سو اسان جي ملڪ جا اڻ پڙهيل ۽ اهي ماڻهو جن کي ڪو هنر نٿي آيو اهي ئي هتي اچڻ لڳا جو هنن کي ٻي ڪنهن ملڪ ۾ اچڻ نٿي ڏنائون ۽ نه وري غير قانوني طرح پهچڻ تي ڪو واڍڪو، اليڪٽرڪ جو، يا ڪو ٻيو ڪم ڪري سگهيا ٿي. ناروي وارن کي به ان وقت اهڙا مزور يعني Unskilled ٿي کتا جو هنرمند يا پڙهيل ڳڙهيل هو پاڻ هئا.
بهرحال ناروي (توڙي سئيڊن) جي بندرگاهن ۾ ايندي ويندي آئون ڏسندو هوس ته اسان جي ملڪ کان لڏي آيل ماڻهو هيلپرن ۽ مزورن جو ڪم ڪندا هئا. پگهار سٺا هجڻ ڪري سندن عورتون به ڪم ڪنديون هيون، خاص ڪري اسڪولن، اسپتالن ۽ ايئرپورٽ جا ڪاڪوس صاف ڪندي نظر اينديون هيون. ايتري قدر جو انهن ڏينهن جي هڪ سفرنامي ۾ پنهنجي ملڪ جي ٻن عورتن کي اسٽاڪهوم يا شايد اوسلو ريلوي اسٽيشن جا Toilet صاف ڪندو ڏسي ڏک ۽ بي عزتيءَ جو اظهار ڪيو اٿم جو ان وقت مون سان گڏ مختلف ملڪن جا ڪلاس ميٽ هنن کي مون سان پنجابيءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي سمجهي ويا ته اسان جي ملڪ جون اهڙيون حالتون آهن جو بيروزگاريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ هيڏو ڏور ۽ هيڏي ڏکي موسم ۾ اسان جون عورتون ڌارين ملڪن ۾ ڪاڪوس صاف ڪري رهيون آهن. مون کي به خراب لڳو پر پوءِ ٻي گهڙيءَ منهنجي دل هنن عورتن جي عظمت کي سلام ڪرڻ چاهيو ته آخر هو حق حلال جي روزي ڪمائي رهيون آهن. مڙسن سان گڏ جيڪڏهن پاڻ به پورهيو نه ڪن ته ههڙي مهانگي ملڪ ۾ ڪيئن پنهجن ٻچن جو پيٽ پالين، ڪيئن هنن کي اسڪول موڪلين. آخر غريب جي به دل آهي ته هن جا ٻچا پڙهي آفيسر ٿين. هنن جي جنم پتريءَ ۾ اهو ته لکيل ناهي ته سندن اولاد به هنن وانگر گٽر صاف ڪري، روڊ رستن کي ٻهاريون ڏئي؟ ٻي ڳالهه ته هنن کي پنهنجي ملڪ جي حالتن هنن مجبورين ۾ ڌڪيو آهي. قدرت ته اسان کي هڪ خوشحال ملڪ ڏنو پر ان جي حاڪمن- سياستدانن، ڪامورن، چورن، سمگلرن، ظالمن اسان جي ملڪ کي لٽي ڦري ڀينگ ڪري ڇڏيو آهي. هنن ملڪ جو پئسو ملڪ کان ٻاهر ڪڍي پاڻ کي ۽ پنهنجين ستن پيڙهين کي بنا پورهئي جي عيش جي زندگي بسر ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو آهي، غريب عوام مجبور ٿي برگن، اوسلو، ٽرنڍهام ايئرپورٽ ۽ انهن جي سينٽرل اسٽيشنن جا ڪاڪوس نه صاف ڪن ته ڇا ڪن؟

ناروي ۽ سئيڊن پاسي پاڪستان جي ٻي جنريشن

پاڪستان کان پورهئي لاءِ، يا اتي ٿيندر مذهبي يا سياسي ظلمن کان بچڻ لاءِ هن پاسي جيڪي ضرورتمند رفيوجي آيا اهي پناهه وٺندڙن (Immigrants) جي پهرين جنريشن سڏجي ٿي. هنن جي هڪ ڳالهه قابل داد ۽ تعريف جوڳي آهي ته هنن هڪ ڪم ضرور ڪيو. محنتون ڪري، بکون ڪاٽي هنن پنهنجن ٻارن جو مستقبل ٺاهڻ لاءِ، هنن کي تعليم ۽ هنر سکڻ جي رغبت ڏني- جنهن ۾ پاڻ جيتوڻيڪ زيرو هئا يعني هنن کي نه هنر هو نه تعليم. هنر يا تعليم به هو ڪيئن ٿي حاصل ڪري سگهيا. هو ڳوٺن ۾ غربت ۾ رهيا ٿي جتي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به هنن کي يا هنن جي زالن کي روزانو ميل پنڌ ڪرڻو پيو ٿي. ڳوٺن ۾ رهڻ ڪري هنن کي فقط کيتي ٻاڙي آئي ٿي ۽ اها هِنن ٿڌن ملڪن ۾ نه برابر آهي. هِنن ملڪن ۾ اٽو ۽ بصر گجر به ڏاکڻن ملڪن اسپين، موراڪو، اٽلي، اسرائيل کان اچي ٿو. سو اهي جڏهن هيڏانهن اسڪئنڊي نيوين ملڪن ڏي آيا ته گهڻن کي ٻهارا ئي کڻڻا پيا، ڪارخانن ۽ سپر مارڪيٽن ۾ بار کڻڻا پيا، شهر جا گٽر صاف ڪرڻا پيا، فئڪٽرين ۾ ٺهيل مال جي پئڪنگ ڪري ٽرڪن ۾ رکڻو پيو. پر جيئن ته مٿي لکي آيو آهيان ته هنن ان ڪمائيءَ کي نشي پتي ۽ جوا ۾ وڃائي پنهنجي اولاد کي پاڻ جهڙو مسڪين ۽ مزور بنائڻ بدران هنن پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري. اها ڳالهه ان وقت اسان کي سمجهه ۾ نٿي آئي. ظاهر آهي اسان هنن کي ٿي ڏٺو. اسان سياحن يا جهاز ذريعي ڪجهه ڏينهن ايندڙن کي ڪهڙي خبر ته هنن جا ٻار ڇا پيا ڪن. ٻين ملڪن کان آيل رفيوجين جي ٻارن سان گڏ رلن پيا يا مقامي ماڻهن جي ڪجهه کريل ٻارن سان گڏ Gangster ٿيو پيا هلن. اڄ جڏهن پاڪستانين جي ٻي جنريشن يعني اهي جيڪي هتي ڄاوا، وڏا ٿيا، انهن کي اسان پوليس، فوج، ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ميوزڪ شو بزنيس ۽ سياست ۾ نمايان عهدن تي ٿا ڏسون ته خوشي به ٿئي ٿي ته حيرت به! ناروي جي انگ اکرن موجب ناروي ۾ پيدا ٿيل پاڪستاني ٻي جنريشن جا نوجوان ڇوڪرا ته نوڪرين ۾ آهن پر ڇوڪرين جو به 60 سيڪڙو سٺين نوڪرين ۾ آهي. اهي ڇوڪريون جيڪي جيڪڏهن سندن والدين کي کهاريان يا لاهور جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ ڄمن ها ته اڻ پڙهيل ۽ سونهن جي اصولن کان اڻ واقف هجڻ ڪري کين انهن لاءِ رشتا هٿ ڪرڻ لاءِ پريشاني ٿئي ها پر هاڻ انهن کي هتي جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندي سٺا رشتا مليو وڃن. ويندي اهي ڇوڪريون يا ڇوڪرا جيڪي ڪنهن وڏي عهدي تي نه پهچي سگهيا آهن انهن کي به اڄ ناروي جو پاسپورٽ هجڻ ڪري سندن ملڪ يا سندن ڳوٺ جي امير ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا سڱ ملن ٿا. اڄ کان چاليهه سال اڳ ناروي ۾ ڪنهن پاڪستانيءَ جو ته ڇا ڪنهن ٻئي ملڪ جي مسلمان جو نالو به نه ٻڌبو هو. حيرت آهي جو اڄڪلهه ڪيترن مسلمانن جا نالا مختلف فيلڊن: ادب، فلم، ميوزڪ، سرڪاري نوڪرين، جوڊيشري، پوليس، سياست ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جن بابت معلوم ڪرڻ تي خبر پوي ٿي ته اڌ کان وڌيڪ پاڪستاني آهن جن جو واسطو ٻي ٽهيءَ سان آهي جيڪي ان پهرين ٽهي (فرسٽ جنريشن) جو اولاد آهن جيڪي مزوري، پورهئي ۽ Menial Jobs لاءِ هتي آيا جتي جي ٻولي، موسم، ثقافت، مذهب ان ملڪ ۽ ڌرتيءَ کان مختلف هو جتان هو آيا. هو اڻ پڙهيل هئا پر هنن جي سوچ اتاهين هئي. هنن پنهنجن ٻچن کي مٿاهون بنائي هنن جو، پنهنجو، پنهنجي ڌرتي ۽ هن نئين جنم ڀوميءَ جو نالو روشن ڪيو. هتي مختصر طور ڪجهه ٻي جنريشن جي ماڻهن جو احوال لکان ٿو جن جا نالا هتي جي اخبارن، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي ڏسون ٿا ۽ پڙهون ٿا.
سڀ کان گهڻو نالو توهان کي ”هاديا تاجڪ“ جو ٻڌڻ ۾ ايندو. هوءَ ناروي ۾ ڄائي جنهن جا ماءُ پيءُ فرسٽ جنريشن سان واسطو رکن ٿا. هاديا 2012ع ۾ ناروي جي وزير ثقافت ٿي. ان وقت هن جي عمر 29 سال هئي. هوءَ هڪ طرح سان پهرين مسلمان ۽ ايشين عورت هئي جيڪا ناروي جي وزير ٿي.ٻي ڳالهه ته هوءَ وزير ٿيڻ مهل اڄ تائين ناروي ۾ ٿيل وزيرن ۾ ننڍي عمر جي هئي.
مٿي لکي آيو آهيان ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ناروي وارن ڌارين ملڪن کان پورهيت گهرايا جن ۾ پاڪستاني ڪافي آيا. هاديا جو پيءُ محمد سرور تاجڪ ۽ ماءُ صفيه قزلباش به 1970ع ۾ ناروي ۾ آيا ۽ ناروي جي روگالئنڊ جي علائقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ Bjorheimsbyg ۾ اچي رهيا جتي 1983ع ۾ هاديا ڄائي. هُن ان ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي جنهن بعد تائو (Tau) لوور سيڪنڊري اسڪول ۾ 1996ع کان 1998ع تائين پڙهي ۽ پوءِ 1998ع کان 2001ع تائين اسٽرانڊ اپر سيڪنڊري اسڪول مان تعليم حاصل ڪيائين.
هاديا ننڍي هوندي کان پڙهائي توڙي تقريرن ۽ ڊبيٽ ڪرڻ ۾ هوشيار هئي. ناروي ۾ ئي ڄائي ۽ وڏي ٿي ان ڪري ٻين مقامي ٻارن وانگر هتي جي ٻولي (نارويجن) فر فر ڳالهائي ٿي. هن اسٽئونگر (Stavanger) يونيورسٽيءَ مان جرنلزم ۾ بيچلر ڊگري حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ انگلنڊ جي ڪنگسٽن يونيورسٽي مان ”هيومن رائيٽس“ ۾ ماسٽرس ڪيائين ۽ پوءِ سياست دوران اوسلو يونيورسٽيءَ مان Master of Law به ڪيائين. ننڍي هوندي کان هن جو سياست ڏي لاڙو هو. 2009ع ۾ هوءَ اوسلو مان ”نارويجين لئبر پارٽي“ جي سيٽ تي مميبر آف پارليامينٽ چونڊي ۽ اڳتي هلي 2012ع ۾ Minister of Culture بڻي. E Book ۽ سوشل ميڊيا ۾ گهڻي دلچسپي هجڻ ڪري ناروي جا ماڻهو هن کي “First Digital Minister of Culture” سڏڻ لڳا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هاديا ايشين ٿي ڪري به ناروي جي ماڻهن جي دلپسند شخصيت آهي ۽ هن کي لئبر پارٽي جي “Crown Princess” (وليعهد شهزادي) به سڏين ٿا. ان کان علاوه هن کي Political Rising Star اڀرندڙ سياسي ستارو به سڏين ٿا. ڪيترن جو اهو به خيال آهي ته اڳتي هلي هيءَ ناروي جي لئبر پارٽيءَ جي ليڊر ۽ وزيراعظم به ٿي سگهي ٿي.
هاديا جي شادي 2014ع ۾ اسٽيفن (سڄو نالو Stefan Heggelund) سان ٿي. اسٽيفن عمر ۾ هاديا کان سال وڏو آهي يعني 1984ع ۾ ڄائو. هن ڪميونيڪيشن ۽ انفارميشن ۾ B.A ڪئي ۽ 2013ع ۾ ناروي جي ڪنزرويٽو پارٽي طرفان پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو. هنن جي شادي اوسلو جي هڪ وڏي ۽ ڇهه اسٽار لگزري هوٽل “Thief” ۾ ٿي هئي. هيءَ شان شوڪت واري ”ٿيف هوٽل“ اوسلو جي ڀرسان هڪ ننڍي ٻيٽ تي آهي جنهن جو نالو ئي تِيوِهوين (Tjuvholmen) آهي. نارويجن ٻوليءَ ۾ تيوو (Tjuv) جي معنيٰ ئي چور آهي. هي مضمون لکڻ دوران ناروي ۾ رهندڙ هم وطني دوست ٻڌائي رهيا آهن ته هاديا جي ٻن سالن بعد 2016ع ۾ طلاق به ٿي وئي.

اسان جي ملڪ جي ماڻهن جا غلط ڪم

پنهنجي شروع جي اسڪينڊي نيوين ملڪن جي سفر نامن: ”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“، ”ملير کان مالمو“ يا ”جت برف پوي ٿي جام“ ۾ لکي چڪو آهيان ته سئيڊن ۽ ناروي پاسي شاديءَ جو به سال هلڻ وڏي ڳالهه آهي نه ته پهرين سال ئي طلاق ٿيڻ عام ڳالهه آهي. اسان جي پهرين جنريشن وارن پاڪستانين ۾ ئي شادي قائم رهي ٿي ۽ ٻار به ٻن کان وڌيڪ ٿيا ٿي، پر انهن ۾ به ڪي اهڙا هئا جيڪي ناروي ۾ غير قانوني طرح آيا هئا ۽ هتي جي شهريت نه ملڻ تي هنن ڪنهن لوڪل پوڙهي پڪي يا موالڻ عورت سان شادي ڪري هتي جي شهريت حاصل ڪئي ٿي ۽ پاسپورٽ ملڻ تي هن کي طلاق ڏئي پنهنجي ڳوٺان پاڪستان مان پنهنجي اصلي زال کي وٺي آيا ٿي. ڪي ته وري اهڙا لالچي نڪتا جو جڏهن هنن ڏٺو ته هتي جي قانون موجب طلاق تي زال کي سرڪار طرفان الائونس ۽ الڳ گهر ملي ٿو ته هنن ظاهري طرح ڪورٽ ۾ پنهنجي وطني پنجن ٻارن جي ماءُ کي طلاق ڏئي ڇڏي ٿي. پنهنجي مٿين سفر نامن مان ڪنهن هڪ ۾ اهڙي پاڪستانيءَ جو احوال لکيو اٿم جيڪو سئيڊن ۾ منهنجو پاڙيسري هو ۽ هو وڏي فخر سان اسان پاڪستاني شاگردن کي ٻڌائيندو هو ته هو ڪيئن بنا پورهئي جي گهر ويٺي هر مهيني سرڪار مان وڏو پئسو ڪڍي رهيو آهي. هن کي ۽ زال کي نوڪري نه ڪرڻ ڪري بيروزگاري الائونس مليو ٿي ۽ چار يا پنج ٻار هجڻ جو ڍير الائونس الڳ مليو ٿي جو هِنن سوشل رياستن ۾ ٻار جي سرجڻ کان 18 سالن جو ٿيڻ تائين خرچ پکي جو بار سرڪار تي ٿئي ٿو. سرڪار هر ٻار جو والدين کي خوب خرچ ڏئي ٿي ته هنن کي اوچا ڪپڙا ۽ اوچو کارائين پيارين. ان سان گڏ پاڻ به عيش ڪن. اهو ئي سبب آهي جو اسڪول ۾ ڪو ٻار گهٽ گرم ڪپڙا پائي اچي ٿو ته ڪلاس جي مِس (ماسترياڻي) يڪدم پوليس کي شڪايت ڪري ٿي جيڪا والدين وٽ پهچي پڇاڻو ڪري ٿي ۽ کين جيل حوالي به ڪريو ڇڏي.
مٿيون همراهه طلاق بعد به زال کي پاڻ وٽ رهائيندو هو جو هنن جي سچ پچ ته طلاق نه ٿي هئي. هنن فقط زال لاءِ’طلاق الائونس‘ ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ۾ طلاق رجسٽرڊ ڪرائي هئي. طلاق تي زال کي مليل فالتو سرڪاري فلئٽ اسان جي يونيورسٽيءَ جي ڪجهه شاگردن کي مسواڙ تي ڏئي اهو پئسو به پنهنجي کيسي ۾ وجهندو هو. پڙهندڙ شايد اهو سوچين ته ڇا سرڪار کي خبر نٿي پئي ته هو طلاق بعد به زال سان گڏ رهي ٿو. هنن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته هن پاسي اهو قانون آهي ۽ سرڪار خوش ٿي ٿئي ته طلاق بعد زال مڙس ڀلي ملن ۽ وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا گڏ رهن. ان قانون جي پويان سرڪار جي اها نيڪ نيتي آهي ته من جوڙي ۾ وري ٺاهه ٿي وڃي ۽ طلاق ختم ڪري ڇڏين ڇو جو سرڪار نٿي چاهي ته طلاق ٿئي ۽ ٻار ماءُ پيءُ کان پري رهن. پر افسوس ته ان معاملي ۾ اسان جي مسلمانن ڪمائيءَ جو ذريعو پيدا ڪري ورتو آهي جنهن لاءِ اسان جي يونيورسٽي واري شهر ”مالمو“ جي مسجد جو ترڪ امام جمعي واري خطبي ۾ اڪثر تنبيهه ڪندو هو ته مسلمان اهو گناهه جو ڪم ڪن ٿا ۽ اهو الائونس وٺڻ حرام آهي. ڪوپن هيگن جي مسجد جي وڏي امام ۽ مفتيءَ ته اها فتوا به ڏني ته ائين ڪرڻ سان طلاق ٿي وئي ۽ اسلام موجب انهن زال مڙسن جو وري ملڻ يا همبستري ڪرڻ سخت گناهه جو ڪم آهي. پر آئون ڏسندو هوس ته ان قسم جون ڳالهيون اسان جي ان اڻپڙهيل فرسٽ جنريشن پاڪستانين کي سمجهه ۾ نه اينديون هيون جو اهي اهڙن ڳوٺن کان آيل هئا جتي هنن کي اسڪولي تعليم ته ڇا پر مذهبي ڄاڻ به نه ڏني وئي هئي. سو هنن کي فقط مفت جو پئسو هٿ ڪرڻ جي هٻڇ رهي ٿي. دين ايمان ڇا ٿو چوي، اخلاق ڇا ٿو چاهي، ان سان هنن جو ڪو سروڪار نه هو.
سندن ٻار يعني جيڪي ناروي ۾ پاڪستانين جي ٻي جنريشن سڏجي ٿي انهن لاءِ ته سخت مونجهارو رهي ٿو ته سندن هم عمر مقامي ٻارن وانگر هلجي يا سندن والدين جي ڪلچر مطابق. سندن والدين کڻي اهڙو مذهبي يا تعليم يافته نه هئا پر هو ايترو به نه چاهيندا ته سندن ٻار هتي جي گورن ٻارن وانگر سوئر جي گوشت جا برگر ۽ هاٽ ڊاگ کائيندا وتن. سندن ڇوڪريون هتي جي گورين ڇوڪرين وانگر بيئر پي ڇوڪرن سان ڊانس ڪنديون وتن. اسڪول طرفان سئمنگ پول ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سئمنگ ڪن.
ان تان مونکي ياد آيو ته سئيڊن ۾ اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ افغاني جنهن سئيڊن ۾ اچي شهريت اختيار ڪئي هئي، ان جي ڌيءَ اسڪول جي مِس کي ٻڌايو ته هن جو پيءُ سئمنگ ڪاسٽيوم پائي ڇوڪرن سان گڏ سئمنگ ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. اسڪول وارن کي حيرت ٿي ته ٻار کي ڇو پيو روڪيو وڃي ۽ اهو ئي سوچيو ويو ته پيءُ جي دماغ سان ضرور مسئلو آهي ڪو سائڪالاجسٽ مقرر ڪيو وڃي. سو ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن ماهر نفسيات (يا شايد ڪو پوليس جو ماڻهو) هن افغانيءَ جي گهر آيو. هو انگريزي يا سئيڊش زبان کان اڻ واقف هو سو ترجمي لاءِ مونکي گهرايو ويو. هن مونکي جهڙي تهڙي اڙدوءَ ۾ ٻڌايو ته کين ٻڌايان ته هن پنهنجي ڌيءَ کي ڇوڪرن سان گڏ سئمنگ ڪرڻ کان منع ڪئي آهي.
”ڇو؟“ هنن پڇيو. مون افغانيءَ کان پڇڻ بدران يڪدم چيو ته ”اسانجو مذهب اسلام اجازت نٿو ڏئي.“
”تون هن افغانيءَ کان پڇي ٻڌاءِ ته هن جو جواب ڇا آهي ڇو جو هو هن ملڪ جو شهري آهي. توهان هڪ ڌارئين ملڪ جا شاگرد آهيو.“ هنن چيو.
مون افغانيءَ کان پڇيو ته هن به اهو ئي جواب ڏنو جيڪو هنن هن جو ۽ منهنجو ترجمو ٽيپ ڪيو. هنن ان ڳالهه کي غلط قرار ڏنو. بعد ۾ مونکي خبر پئي ته افغاني کڻي پنهنجي جاءِ تي صحيح هو پر سئيڊن جي حڪومت به غلط نه هئي جو هن افغانيءَ اهو چئي هن ملڪ سئيڊن ۾ شهريت حاصل ڪئي هئي ته سئيڊن جو نظام هن کي پسند آهي. افغانستان ۾ مذهب جو ڪٽرپڻو آهي، سخت پڙدو آهي، اسڪول ۾ نٿو موڪليو وڃي، وغيره ۽ هن کي اهي ڳالهيون پسند نه آهن. هو پنهنجن ٻارن کي سئيڊن جي آزاد فضا ۾ رهڻ ٿو ڏئي... وغيره وغيره. ۽ هاڻ جڏهن هن کي هتي جو پاسپورٽ ملي ويو آهي ته ٻيون ڳالهيون ٿو ڪري!

توهان پوءِ هنن ملڪن ۾ ڇو آيائو

دراصل اسان جا ماڻهو هن پاسي جي ملڪن ۾ رهڻ ۽ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ عجيب قسم جا راڳ آلاپين ٿا ۽ پوءِ وري هر ڳالهه ۾ مذهب يا پنهنجي ڪلچر کي وچ ۾ آڻين ٿا جنهن تي سندن نئين ٽهيءَ جا ٻار به وائڙا ٿين ٿا ته حڪومت به خارون کائي ٿي ته هي سندن سسٽم ۾ تبديلي آڻڻ وارا ڪير ٿين ٿا. ٻارن کي ڪهڙي خبر ته هنن جي والدين جو مذهب يا ڪلچر ڇا ٿو چوي. هو ته مقامي ٻارن ۽ ويندي ايشين (انڊين، ٿائي، سري لنڪن) ٻارن کي پورڪ کائيندو، ڊانس ڪندو يا سئمنگ ڪندو ڏسن ٿا ته حيرت کائين ٿا ته هنن کي سندس والدين، انهن ڳالهين لاءِ منع ڇو ٿا ڪن! انهن کي پنهنجي مسلمان والدين سان چڙ ٿيو پوي ته هو کين ڇو جهلين ٿا. سئيڊن ۽ ناروي اهي ملڪ آهن جتي ٻار والدين جي نه پر رياست جي پراپرٽي سمجهيا وڃن ٿا جو هو ماءُ جي پيٽ ۾ سِرجن ٿا ته سرڪار هنن جي والدين کي هر مهيني ٻُڪ ٽڪا ڏيڻ شروع ڪري ٿي جيڪي وٺڻ لاءِ اسان جا ماڻهو سرڪاري آفيسن ۾ پهرين تاريخ ئي پهچيو وڃن. پوءِ ظاهر آهي توهان پنهنجن ٻارن کي بکيو رکندائو يا سيءَ کان ڪوسو نه رکندائو يا ٻين ٻارن وانگر هنن کي سئمنگ، پڪنڪ يا هائڪنگ جي اجازت نه ڏيندائو ته سرڪار ته ڏنڊو کڻندي ۽ پوءِ سرڪار کي ”ڪافر ڪافر“ چوڻ اجايو آهي. توهان کي اهڙي ملڪ ۾ منٿون ميڙيون، آزيون نيزاريون ڪري رهڻ جي اجازت نه وٺڻ کتي ٿي. هن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ ته توهان ويندي لکت ۾ پنهنجي ملڪ ۽ مذهب خلاف آواز اٿاريو ته توهان سان ظلم آهي ۽ ان ظلم کان بچائڻ لاءِ کين هن ڌارئين ملڪ ۾ رهڻ ڏنو وڃي. دراصل ڪير ڪيترو به جاهل ۽ مذهب کان گهٽ واقف هجي هو اهو ئي چاهي ٿو ته سندن اولاد ان ئي ڪلچر ۽ اخلاق جي پوئواري ڪري جنهن سان هنن جو واسطو آهي، پر ٻي جنريشن لاءِ- يعني پاڪستاني والدين جا ٻار جيڪي ولايت (ناروي) ۾ ڄمن ٿا ۽ وڏا ٿين ٿا والدين جو ڪلچر قائم رکڻ ڏکيو ٿيو پوي ۽ هو هميشه منجهيل منجهيل رهن ٿا ته پاڻ جيڏن پاڙي وارن ٻارن جيان هلجي يا ماءُ پيءُ جي انسٽرڪشن تي عمل ڪجي. پاڪستاني پهرين جنريشن جا ٻار ان ئي جدوجهد ۾ رهن ٿا ته هو ٻنهي پاسن سان وفادار رهن- يعني فئملي رسم و رواج ۽ اسلامي ڪلچر سان به ته اسڪئنڊي نيوين ملڪن جي آزاد ماحول سان به. پاڪستاني ٻي جنريشن يعني اهي ٻار جيڪي ناروي ۾ ڄاوا، انهن کي والدين اڪثر اهو ئي چون ٿا ته توهان نارويجن ٻارن کان مختلف آهيو، جيتوڻيڪ هنن کي آساني ۽ پنهنجائي نارويجن ٻارن سان ٿئي ٿي. پر گهر ۾ هنن تي والدين جو اهو ئي دٻاءُ ٿيندو رهي ٿو ته ”گهڻو نارويجن بنجڻ جي ڪوشش نه ڪريو.“ سچي ڳالهه اها آهي ته ڄمڻ کان ناروي جي ماحول ۾ رهڻ ڪري هنن جي دل ۽ دماغ اهو ئي چوي ٿو ته ”آخر ناروي جي ماحول ۽ ڪلچر ۾ خرابي ئي ڪهڙي آهي؟“ سو پڙهندڙ هاڻ سمجهي ويا هوندا ته ولايت ۾ رهندڙ مسلمانن جا نالا ته کڻي اسلامي آهن پر اهو هرگز ضروري ناهي ته هنن جي سوچ ۽ ثقافت اسلامي ۽ ايشيائي هجي ۽ هي سڀ ڪجهه مون ان ڪري لکيو آهي جو مونکي پڪ آهي ته مٿين ناروي جي پاڪستاني وزير هاديا جي شاديءَ بابت پڙهڻ مهل توهان جي ڌيان ۾ اهو ضرور آيو هوندو ته سندس مڙس جي نالي ”اسٽيفن هيگلند“ مان لڳي ٿو ته اهو ڪو مسلمان ته نه آهي. جي ها. توهان بلڪل صحيح سمجهيو ته هي نارويجن گورو غير مسلمان آهي ۽ توهان کي هنن ملڪن ۾ اچي حيرت کائڻ جي ضرورت ناهي جو اسانجي سيڪنڊ جنريشن پاڪستانين جا نالا کڻي اسلامي آهن ۽ هو مسلمان سڏائين ٿا پر ڪيترن جا ڪم/عمل اهي اسلامي ناهن جيڪي اسان سوچيون ٿا ۽ هيءَ پاڪستاني والدين جي مسلمان ڌيءَ هاديا ته پاڻ به ڪيترا دفعا چئي چڪي آهي ته:
“I am a politician, who happens to be Muslim, but I am not a Muslim politician.”
ان کان علاوه پنهنجو تعارف ڪرائڻ دوران هاديا کي جتي ڪٿي اهو به چوندي ٻڌو ويو آهي ته: “I am a Muslim, but non practicing” يعني آئون فقط نالي جي مسلمان آهيان، عملي طرح مسلمان نه آهيان- يعني نماز، روزي جهڙا ڪم مون کان نٿا پڄن ۽ نه آئون کائڻ پيئڻ جهڙين شين جي پابند رهڻ چاهيان ٿي...“
هي سڀ ڪجهه ان ڪري لکي رهيو آهيان ته متان اسان جي ملڪ جو عبدالرحيم نظاماڻيءَ جهڙو ديندار شاگرد هنن ملڪن ۾ پهچي ڪنهن هتي جي شاگردياڻيءَ سان عشق ڪري ويهي ۽ اهو سوچي ان سان شادي ڪري ته پاڪستاني مسلمان ماءُ پيءُ جو اولاد آهي ۽ نالو به زينب، رضيه، هاديا، سلطانا يا ڪو ٻيو اسلامي اٿس سو پڪ ثوم و صلوات جي پابند هوندي- اهو هرگز ضروري ناهي. ممڪن آهي هوءَ شراب به پيئندي هجي، غير مردن سان ڊانس ته ڇا dating به ڪندي هجي، ڇو جو هُن هنن ملڪن ۾ جنم ورتو آهي ۽ ٻار ننڍي هوندي کان جيڪو ماحول ڏسن ٿا ان ۾ رنڱجيو وڃن. ورلي ڪي هوندا جيڪي مائٽن جو چيو مڃي صحيح اسلامڪ ڪلچر ۾ رهندا هوندا نه ته ٻي جنريشن جي ٻارن لاءِ پنهنجي وڏن جي ثقافت ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ ٽي جنريشن جيڪا هاڻ پئدا پئي ٿئي ان لاءِ ته اڃان به گهڻو ڏکيو ڪم ٿيندو. انگلنڊ ۽ جرمني جهڙن ملڪن ۾ وري به مذهبي ۽ خانداني سوچ ۽ قدر موجود آهن. اتي جا گورا ڪيترين ڳالهين جو خيال ڪن ٿا پر هن پاسي Scandinavian ملڪن جو ماحول پنهنجو آهي جتي جولاءِ ۾ سج نڪرڻ تي شهر جو سوين عورتون ڇاتيون اگهاڙيون ڪري فقط مختصر ڪڇي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي يا پارڪن ۾ اس جو سيڪ وٺڻ لاءِ اگهاڙيون ليٽيون پيون آهن. هتي جي ماڻهن کي ان ۾ ڪا خرابي يا خواري نٿي لڳي جيئن انڊيا ۾ ريل جي پٽن ۽ روڊ جي ڪناري تي ماڻهو هنگندي نظر اچن ٿا.

Cohabitation يعني شاديءَ بنا گڏ رهڻ جو رواج

پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي هنن اسڪئنڊي نيوين ملڪن جي Cohabitation قانون بابت به لکندو هلان. ڪي ملڪ آهن جيئن ته ملائيشيا جتي سج لٿي کان پوءِ ڪو به مرد ڪنهن ڌارئين عورت سان پارڪ ۾ ملي نٿو سگهي. اهڙي طرح ڏينهن جو به هو ڪنهن عورت سان هوٽل يا فلئٽ جي ڪمري ۾ اڪيلو ملي نٿو سگهي. اهڙي ملڻ کي ”خلوت“ سڏيو وڃي ٿو. ان بابت آئون ملائيشيا وارن سفر نامن ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيتريون پوڙهيون پڪيون ملئي عورتون اسان جي ماڻهن کي جيڪي ملائشيا ۾ نوڪري ڪن ٿا يا Ph.D ڪن ٿا انهن کي ملڻ لاءِ برغلائين ٿيون ۽ ملڻ تي هنن جي ڪا ساهيڙي پوليس کي فون ڪريو ڇڏي جيڪا هنن کي ”خلوت“ جي ڪيس ۾ ٻڌيو وڃي. پوليس هميشه پنهنجن ماڻهن جو پاسو کڻي ٿي ۽ ڇوڪري کي بدناميءَ جو ڊپ ڏئي هن ملئي عورت سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو يا کانئس وڏو ڏنڊ ورتو وڃي ٿو. اسان جا شهزادا ان چڪر ۾ ته اسان تي ملئي ڇوڪريون/عورتون موهت ٿيون ٿين، اڪثر ڦاسندا رهن ٿا. بهرحال اهو ڪم اسان جهڙن ملڪن ۾ آهي جتي ڇوڪري ڇوڪريءَ کي ملڻ تي پابندي وڌي وڃي ٿي. آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ وري ”ڊيٽنگ“ جو سلسلو آهي جنهن مطابق شاديءَ کان اڳ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري اڪيلائيءَ ۾ ملن ٿا. هڪ ٻئي جي طبيعت پرکين ٿا ۽ هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا. ناپسنديدگيءَ جي حالت ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪرو وري ٻيا ساٿي ڳولين ٿا.
اهڙي طرح هن پاسي سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ ڏي ٿو ڏسجي ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري بنا شاديءَ جي هڪ ٻئي سان گڏ رهيا پيا آهن جنهن ۾ Sex به ٿئي ٿو ته ٻار به ٿين ٿا. بقول حڪومت جي انگ اکرن جي، اهڙي قسم جي آزاد نموني سان گڏ رهڻ ۾- جنهن کي Cohabitation سڏجي ٿو، 60 سيڪڙو جوڙا بعد ۾ شادي ڪن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر طرح سان هڪ ٻئي کي آزمائڻ بعد شادي ته ٿئي ٿي پر اها به هتي جي رسم ۽ ڪلچر مطابق سال ٻن بعد ٽٽيو پوي ۽ جتي سڄي ملڪ ۾ Cohabitation عام هجي اتي اهي ٻار جيڪي ناروي يا سئيڊن ۾ پئدا ٿيا، ڀلي کڻي عربن، پاڪستانين يا ايرانين جا هجن يا آفريڪن جا پر ننڍي هوندي کان لوڪل ماڻهن کي ڏسي اهي عادتون اپنائين ٿا. والدين کڻي ڪيڏي به نظر رکن، کين ڪيڏيون به نصيحتون ڪن پر هڪ جيڏين ڪلاس ميٽن يا پاڙي جي ساهيڙين جي ڳالهين ۾ هو اچيو وڃن ۽ هو پنهنجي والدين کان وڌيڪ پنهنجين نارويجين ساهيڙين کي بهتر ٿيون سمجهن. جيئن اسان وٽ ڪهڙو مائٽ چاهيندو ته سندن ٻار نشو ڪري پر تنهن هوندي به ٻار سنگت ۾ ڦاسيو وڃن. هتي ناروي يا سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ته حڪومت به اجازت ٿي ڏئي ته ڀلي شاديءَ بدران، جنهن ۾ لِک پڙهه جي ڳالهه ٿئي ٿي، ڪوهئبيٽيشن ڪريو، جنهن ۾ ڇوڪرو ڇوڪري آزاد آهن. رهيو سوال ٻارن جو اهي کڻي شادي بعد ڄمن، Cohabitation ذريعي ڄمن يا ائين گهمندي ڦرندي ٿين، اهو حڪومت جو مٿي جو سور آهي ۽ ماءُ کي هر ٻار لاءِ وڏو پئسو ملي ٿو يا الڳ نيپاج جو بندوبست ٿئي ٿو. اسان جي هڪ ايراني جهازي انجنيئر سئيڊن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد هتي جي شهري ايراني ڇوڪريءَ سان شادي ڪري سئيڊن ۾ رهي پيو. اها ڇوڪري ٻي جنريشن جي نه هئي پر پهرين جنريشن جي هئي، جيڪي ايراني، 1979ع ۾ امام خميني جي اسلامي انقلاب بعد ايران مان ڀڄي هيڏانهن سئيڊن ۾ اچي سياسي پناهه ورتي هئي. هيءَ ڇوڪري ان وقت اٺن سالن جي هئي. هن ايراني به ڳالهائي ٿي پر ننڍي هوندي ئي هنن ملڪن ۾ اچڻ ۽ هتي پڙهڻ ڪري هوءَ هتي جي ڪلچر ۽ رسم رواج ۾ سمائجي وئي. هونءَ به ايران جي شهنشاهه محمد رضا پهلويءَ جي ڏينهن جي ايران جي ڇا ڳالهه ڪجي! ڪي ڪي خاندان يورپين کان به وڌيڪ ماڊرن هئا ۽ پوءِ سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن ۾ پهچي اڃان به وڌيڪ آزاد ۽ ماڊرن ٿي ويا. بهرحال اسان جي ايراني دوست پنهنجي ملڪ جي سئيڊش ايراني ڇوڪريءَ سان ڌوم ڌام سان شادي ڪري ڏاڍو خوش ٿيو ته هن مشرقي عورت سان شادي ڪئي آهي پر سال ڏيڍ به مس گذارو ڪري سگهيو ۽ طلاق ٿي وئي. گهڻو گهڻو پوءِ منهنجي هن سان دبئيءَ ۾ ملاقات ٿي ته ٻڌائين ته هن شاديءَ مان هو اهڙو ته اچي بيزار ٿيو جو بس، ڇوڪري هر وقت ناخوش رهي ٿي. ڪڏهن چيائين ٿي ته مون ۾ ٻيون سڀ سٺيون ڳالهيون آهن پر گهمائڻ ڦيرائڻ ۾ فلاڻو سئيڊش همراهه سٺو هو... يا وري چوندي هئي ته ٻين ڳالهين ۾ سٺو آهين پر Sex جي معاملي ۾ فلاڻو سئيڊش همراهه سٺو هو- هي اهي ماڻهو هئا، جن سان هوءَ شادي ڪرڻ کان اڳ، Cohabitation ڪري چڪي هئي. سو پڙهندڙن کي هميشه اهو ڌيان ۾ هجڻ کپي ته ناروي يا سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ جيڪي اتي ڄايون نپنيون آهن اهي اتي جي ماحول ۽ ڪلچر موجب سوچين ٿيون چاهي اهي پاڪستاني والدين جون هجن يا ايراني والدين جون.
ڏٺو وڃي ته ان ۾ اسان جي ايشيائي ٻارن جو به ڏوهه ناهي. هو ته اهو ئي صحيح سمجهن ٿا جيڪو پنهنجي اردگرد ڏسن ٿا ۽ صبح کان شام تائين جيڪي پاڙي ۽ اسڪول ۾ ٻين ٻارن کي ڏسن ٿا. ملائيشيا واري ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته سنگاپور ۾ ته يورپ وانگر سڀ ڪجهه هلي ٿو. منهنجو بنگالي ڪلاس ميٽ شهاب الدين جيڪو اتي ئي سيٽ ٿيو ۽ نوڪري ڪرڻ لڳو اهو جيتوڻيڪ بنگلاديش مان شادي ڪري آيو. ٻار ٿيڻ تي هن ڪوشش ڪري هنن کي اسلامي ۽ مشرقي قدر ۽ روايتون سيکاريون پر تنهن هوندي به هو ماءُ پيءُ سان بگڙجي پوندا هئا ته اهي هنن کي هر ڳالهه کان ڇو ٿا منع ڪن جڏهن هنن جي پاڙي ۾ رهندڙ ۽ هنن جي اسڪول ۾ هنن سان گڏ پڙهندڙ ٻارن کي سندن والدين نٿا روڪين. هڪ دفعي ته نيو ييئر جي موڪل تي جڏهن آئون ملائيشيا کان هنن وٽ سنگاپور ۾ وڃي رهيس ته منهنجي اڳيان هي ڪلاس فور ۽ سِڪس جا ٻار پيءُ سان بحث ڪرڻ لڳا ته ”اسان پورڪ (خنزير جو گوشت) ڇو نٿا کائون ۽ ”ڪرسمس ڊي“ تي ٽرڪي (پکي) ڇو نٿا تريون؟“
اهو به چڱو جو شهاب الدين پاڻ مذهبي قسم جو ماڻهو آهي پر انهن جو سوچيو جيڪي سئيڊن ۽ ناروي جهڙن آزاد ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ نه نماز پڙهن ٿا ۽ نه روزو رکن ٿا ۽ شراب پي موج مستيءَ ۾ رهن ٿا انهن جا ٻار ڪيئن ڪنٽرول ۾ رهي سگهندا. پوءِ پوڙها ٿي هو ضرور پڇتائين ٿا ۽ ٻارن کي، خاص ڪري نياڻين کي، ڇوڪرن سان دوستي رکڻ ۽ اڪيلو گهمڻ ۽ سگريٽ ۽ بيئر پيئڻ جهڙين شين کان پاسو ڪرڻ لاءِ چون ٿا پر پوءِ انهن تي اثر نٿو ٿئي. جيئن آمريڪا واري سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان ته منع ڪرڻ تي اسان جي سنڌي مسلمان ڇوڪريءَ پنهنجي پيءُ کي ٺهه پهه چيو ته ”پاپا توهان پنهنجو وقت عيش ۾ گذاريو هاڻ هي منهنجو دور آهي ۽ مونکي enjoy ڪرڻ ڏيو.“
ها البت اهي ٻار جن جا والدين هر وقت خبردار رهن ٿا، پاڻ به ڪو اهڙو غلط ڪم نٿا ڪن ۽ ٻارن کي صحيح تربيت ڏيڻ ۾ محنت ڪن ٿا، اهي ٻار چاهي سئيڊن ناروي ۾ هجن ته به پنهنجن پوڙهن والدين جي عزت ۽ خدمت چاڪري ڪن ٿا. سو ٻاهر ولايت ۾ رهڻ جا سُکَ پنهنجي جاءِ تي پر ٻارن جي تربيت لاءِ، خاص ڪري مسلمانن کي، ولايت ۾ وڌيڪ خبردار رهڻ کپي. جيئن شروع ۾ بودو (ناروي) جي امام ڊاڪٽر وليد حڪيم لاءِ لکي چڪو آهيان ته هو آمريڪا ۾ ڄائو ۽ سندس پيءُ امام عبدالغفار کي اتي جي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ۽ گرين ڪارڊ به مليو پر هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته منهنجي ٻار جي پرورش اسلامي ماحول ۾ ٿئي. ان ڪري هو پنهنجي وطن مصر موٽي آيو.

ولايت ۾ رهندڙ ٻارن تي خاص نظر رکڻ کپي

سياڻن جو چوڻ آهي ته ٻارن تي نظر رکجي ڀلي هو ڪٿي به هجن. پاڪستان يا مصر يا ڪنهن ٻئي اسلامي ملڪ ۾ هجڻ ان ڳالهه جي گئرنٽي ناهي ته ٻار جي تربيت آٽوميٽڪ بهتر ٿي ويندي. اسانجي ملڪ پاڪستان کي ئي کڻي ڏسو جيڪو جيتوڻيڪ مسلمانن جو ملڪ ٿو سڏجي پر اتي به جيڪي ڪم ٿين پيا ڇا اهي اسلامي آهن؟ هر سال ڪچي شراب پيئڻ سان ڪيترا ماڻهو مرن ٿا؟ ڪچو يا ولائتي شراب غير مسلم يعني هندن جي پيئڻ لاءِ وڪرو ٿئي ٿو پر ماڻهن جي مرڻ وقت خبر پوي ٿي ته گهڻا ته مسلمان مئا آهن ۽ نه رڳو مرد پر عورتون به! اسان جو ڇا اسلامي ماحول آهي جتي وياج خوري ۽ هيروئن ۽ چرس جو وڪرو مسلمان ڪن ٿا. وڏين ڏاڙهين سان ڊاڪٽر جيڪي ڊيوٽي نه ڪري حرام جو پگهار ته کائين ئي کائين ٿا پر موقعو ملڻ تي سرڪاري اسپتالن جون دوائون ۽ مريضن جي کاڌي جا پئسا به کايو وڃن. پوليس، واپڊا جهڙن ادارن ۾ ته ڇا پر تعليم کاتي ۾ جنهن کي جتي بُلُ لڳي ٿو ڀينگ ڪيو ويٺو آهي.... ٻيا ته ٺهيو پر اسان جي اديبن ۽ شاعرن به تعليمي ادارن جا وائيس چانسلر ۽ پرنسيپال ٿيڻ تي يا ادبي ادارن جا چيئرمئن ٿيڻ تي، پبلڪ جي پئسي سان پنهنجا کيسا ڀريا آهن. آئون هميشه ملائيشيا جي مئرين اڪيڊميءَ جو مثال ڏيندو آهيان ته ان وانگر اسان وٽ سنڌ ۾ به اسان جي تعليمي ادارن ۾ وڏيون پوسٽون مردن کي ڏيڻ بدران عورتن کي ڏيڻ کپن جو عورتن ۾ ڪرپشن جي tendency نه برابر آهي. منهنجي اها ڳالهه ٻڌي منهنجي خيرپور جي هڪ پروفيسر ڏک جو اظهار ڪيو ته ”سائين! اسان سنڌين جي ته قسمت اهڙي خراب آهي جو هتي ڪنهن عورت کي سربراه ٿو ڪجي ته اها مرد کان به ٻه هٿ وڌيڪ ڪرپشن ٿي ڪري.“
سو ڳالهه آهي ته ٻار ڪٿي به رهن والدين جو ڪم آهي ته پنهنجن ٻارن تي نظر کن (مانيٽر ڪن) هنن کي اخلاق سيکارين، ڏوهن کان پري رهڻ جي تلقين ڪن. ڪجهه به هجي سئيڊن، ناروي جهڙن ملڪن ۾ جي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڊانس ڪن ٿيون، اڪيلو گهمن ٿيون (Dating ڪن ٿيون) بيئر ۽ سگريٽ ڇڪين ٿيون ته اهو اتي جي ماڻهن جو ڪلچر آهي چوري چڪاري، رشوتخوري يا نقلي دوائون، ملاوٽ وارو کير يا مئل جانور جو گوشت وڪڻڻ جو ڏوهه ته نٿيون ڪن. ان معاملي ۾ هنن کي پنهنجن ماڻهن ۽ ملڪ جو خيال آهي، قانون جو خوف آهي. توهان ڪنهن کير واري يا ڪاسائيءَ کي Son of a bitch (ماءُ تي گار) ڏئي سگهو ٿا پر ڪنهن تي اهو الزام نٿا هڻي سگهو ته تون کير ۾ پاڻي ملائي وڪڻين ٿو يا ڪنهن مئل جانور جو گوشت وڪڻين ٿو. هن کان ڪڏهن به برداشت نه ٿيندو، ڇو جو ولايت ۾ اهڙي ڪنهن ڏوهه جو ڪو سوچي به نٿو سگهي. اسان جي واپارين زهريلو کير، پاروٿو گوشت، نقلي دوائون، ملاوٽ وارا کاڌا عوام کي کارائي ايندڙ ٽهين کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. وڏيرن، سياستدانن، ڪامورن اسانجي مسڪينن ۽ غريبن جي زندگيءَ سان راڱا ڪري ڇڏيا آهن ۽ اسان مسلمان ٿا سڏجون!
ناروي جهڙي ملڪ ۾ جتي ڪنهن پاڪستانيءَ جو ڪنهن فيلڊ ۾ نالو نشان نه هو اڄ اسان جا پاڪستاني ڪيترن ئي شين ۾ اهم مقام ماڻيندي نظر اچن ٿا ۽ انهن ۾ گهڻائي انهن پاڪستانين جي آهي جن جو سيڪنڊ جنريشن سان واسطو آهي يعني اهي انهن پاڪستانين جو اولاد آهن جيڪي 1970ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ هنن ملڪن (ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن، فنلنڊ) پاسي پورهئي، مزوري يا سياسي پناهه لاءِ اچي، هتي رهي پيا. مون کي ياد آهي ته 1990ع ۾ هتي ڄاول هڪ پاڪستاني ڇوڪري فقط پوليس واري ٿي هئي ته اسان کي ان جي به خوشي ٿي هئي ته گورن جي ملڪ ۾ هڪ ايشيائي ڇوڪري، سا به اسان جي ملڪ جي پوليس ڊپارٽمينٽ جو امتحان پاس ڪري پوليس آفيسر ٿي آهي ۽ هن ملڪ جي ٻولي فر فر ڳالهائي ٿي. مون ان ڇوڪريءَ جو انٽرويو ۽ زندگيءَ جو احوال انهن ڏينهن جي سفر نامن مان هڪ ۾ ڏنو هو ۽ پڙهندڙن کي حيرت ٿي هئي جو اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ عورتون پوليس کاتي ۾ آيون هيون. پر هاڻ رڳو ناروي ملڪ تي نظر ٿي وجهجي ته ڪيترن ادارن: سرڪاري کاتن کان ٽي وي، ميوزڪ ۽ فلمن ۾ پاڪستانين جو نالو ٻڌجي ٿو. ڪيترا پاڪستاني مرد توڙي عورتون ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ وڪيل ته آهن پر شاعر، اديب ۽ سياستدان به آهن جيئن مٿين ڇوڪري هاديا جو ذڪر ڪيوسين جيڪا گاديءَ واري شهر اوسلو جي نمائندگي ڪري ٿي يعني پارليامينٽ جي ميمبر ۽ ملڪ جي وزير ثقافت آهي. ٻيون فيلڊس ته ڇڏيو، گورن جي ملڪ ۾ گورن جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جي ڇوڪري حسن جو مقابلو پئي کٽي. عطيه بانو قمر جيڪا هڪ سال جي هئي ته پاڪستاني ماءُ پيءُ سان گڏ ناروي ۾ آئي. 2011ع ۾ جيڪو برلن ۾ Queen of the World حسن جو مقابلو ٿيو ان ۾ به عطيه بانوءَ حصو ورتو هو. عطيه بانو ناروي جي ٽي ويءَ تي نارويجيئن ٻوليءَ ۾ ڊراما ۽ گانا به ڳايا آهن، خاص ڪري نارويجيئن ٽي وي شو “Charter feber” ۾. اهي شو اسان سئيڊن جي ٽي ويءَ تي به ڏٺا جو سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ وارن جي ٻولي هڪ ٻئي سان گهڻو ملي ٿي. اهو آهي ته عطيه بانو ماءُ پيءُ کي گهر ۾ پنجابي ڳالهائيندو ٻڌي پاڻ به چڱي خاصي پنجابي ڳالهائي ٿي ۽ ڪجهه سال اڳ اهي خبرون آيون هيون ته ڪئناڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني پنجابي ۽ انڊيا جي سکن عطيه بانوءَ کي ٽورنٽو ۾ گهرائي راڳ جي ڪنسرٽ ڪئي ۽ سندس سريلي سُر کي تمام گهڻو ساراهيو. مون جانچيو ناهي پر مونکي لڳي ٿو ته سندس نارويجين ۽ پنجابي گانا ضرور يو ٽيوب تي هوندا.

ولايت ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن جا ڪم

بهرحال اهو ناروي جهڙو ملڪ آهي جتي عطيه بانو بيوٽي ڪانٽيسٽ ۾ حصو وٺي سگهي ٿي. آئون نٿو سمجهان ته پاڪستان ۾ رهندڙ ڇوڪري بڪني پائي حُسن جي مقابلي ۾ حصو وٺي سگهندي. پر ڳالهه اها آهي ته اسان جا ماڻهو ههڙن ملڪن ۾ اچي ڪي ڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا جو مقامي ماڻهو به شرمائين. جيئن ناروي ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني عورت شبانا رحمان پنهنجين حرڪتن ڪري نه فقط ناروي ۾ پر سڄي دنيا ۾ نمايان ٿي ويئي آهي. هن سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ ۽ مذهب کي به داءَ تي لڳائي ڇڏيو. شرم کان پاڪستاني منهن لڪائي پيا هلن. ان ڪري ته آئون ولايت ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويندڙ شاگردن کي اهو ئي چوندو آهيان ته اتي گهڻو پاڻ کي نه پڏايو. ڪوشش ڪري Low- profile رکو ۽ جتي ڪٿي اهو شور نه مچايو ته اسان پاڪستاني ههڙا آهيون يا اسان مسلمان سڀ کان بهتر آهيون.... ڇو جو هر هنڌ ڪاريون رڍون به ٿين ٿيون. ائين نه ٿئي جو ڪو توهان کي چئي وجهي ته ”هائو ادا هائو... فلاڻو ماڻهو يا عورت به توهان جي پاڪستاني آهي... توهان جي مذهب جي آهي.“ سو بهتر آهي ته هڪ شاگرد جيڪو ٻن ٽن سالن لاءِ ولايت وڃي ٿو اهو پنهنجو وقت پڙهائيءَ ۾ ئي لڳائي. ملڪ يا مذهب جي بحث ۾ نه پوي! هنن ملڪن ۾ آزادي آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي ڪم ڪجن جن سان هتي جا ماڻهو به شرمائين. مثال طور مٿي بيان ڪيل ”شبانا رحمان“ جيڪا 1977ع ۾ پنهنجن ستن ڀائرن ڀينرن سان گڏ ناروي ۾ ننڍي عمر ۾ آئي. هتي وڏي ٿي ۽ تعليم حاصل ڪئي ۽ ملڪ (ناروي) جي جرنلسٽ، ليکڪ ۽ ڪالم نگار مشهور ٿي. 2003ع ۾ سندس شادي هتي جي هڪ مشهور مقامي ليکڪ ڊاگفن (Dagfinn Nordbo) سان ٿي. ملڪ جي راءِ عام بدلائڻ لاءِ هنن جي لکڻين وڏي طاقت رکي ٿي ۽ پوءِ 2007ع ۾ هنن جي طلاق ٿي. هنن اعلان ڪيو ته اسان هڪ ٻئي کي طلاق ڏيون ٿا يعني شادي ختم ٿي پر اسان جي دوستي قائم رهندي. جيئن هتي جي رسم و رواج ۽ قانون مطابق لکي چڪو آهيان ته طلاق بعد به جوڙو ملي سگهي ٿو ۽ رات گذاري سگهي ٿو جنهن لاءِ حڪومت به همت افزائي ڪري ٿي. ان پٺيان حڪومت جي اها نيڪ نيتي آهي ته جيئن هنن جو صلح ٿي وڃي ۽ هڪ دفعو وري زندگي گڏ گذارين. بهرحال شبانا رحمان هڪ سال جي انتظار بعد 2008ع ۾ هتي جي هڪ ٻئي اخباري نمائندي مارٽن گارڊر سان شادي ڪري پاڻ کي هاڻ ”شبانا گارڊر“ سڏائي ٿي. پڙهندڙن کي هاڻ حيرت نه ٿيڻ کپي جو شروع ۾ سمجهائي چڪو آهيان ته هتي جا ڪي ڪي مسلمان چاهي پاڪستاني نسل جا هجن يا عرب نسل جا، هو فقط نالي جا مسلمان آهن پر Practicing مسلمان نه آهن. هو شراب پيئن ٿا ته پورڪ (خنزير) به کائين ٿا. خاص ڪري ٻي جنريشن جا مسلمان جيڪي هتي ڄاوا آهن ۽ هتي جي مقامي يورپي ٻارن سان گڏ وڏا ٿيا آهن. هنن مان ڪيتريون ڇوڪريون dating به ڪن ٿيون ۽ جنهن سان دل اچين ٿي ان سان شادي به ڪن ٿيون چاهي اهو عيسائي هجي يا يهودي. بقول ڪنهن جي يهودي ۽ عيسائي ته وري به اهل ڪتاب آهن. انڊيا ۾ مسلمان ڇوڪرا پيا هندو ڇوڪرين سان شادي ڪن ۽ مسلمان ڇوڪريون هندو ڇوڪرن سان. آئون هڪ اهڙي سنڌي مسلمان فئمليءَ کي به سڃاڻان جنهن جي ڇوڪريءَ آمريڪا ۾ هڪ هندو ڇوڪري سان ڌام ڌوم سان شادي ڪئي جنهن ۾ سنڌي ڇوڪريءَ جي والدين فخر ٿي محسوس ڪيو ته هو وڏي دل جا ۽ ماڊرن آهن!
سو شبانا جي ڪرسچن ڊئگفن سان شادي ڪئي يا يهودي مارٽن گارڊر سان ڪئي ته اها هتي اهڙي ڪا وڏي ڳالهه يا اخبار جي پهرين صفحي تي ڇپجڻ جهڙي خبر ناهي. بنا شڪ جي شبانا هڪ سٺي جرنلسٽ ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ سٺيون ڪهاڻيون لکي ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين لکندي اچي. هن جي اهم هجڻ جو ان مان به اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن جو ٽائيم ۽ نيويارڪ ٽائيمس جهڙي رسالي ۽ اخبار ۾ انٽرويو ڇپجي چڪو آهي. هن جي مزاحيه اداڪاري جا شو ناروي، ڊئنمارڪ، آئسلنڊ ۽ سئيڊن ۾ هميشه فل ويا آهن. هو نارويجين، انگلش ۽ اردو ته بلڪل فرفر (fluently) ڳالهائي ٿي پر ڪن جرمن ڊرامن ۾ به هن ڪم ڪيو آهي. پاڻ 2006ع کان نيويارڪ سٽي جي آمريڪن ڪاميڊي انسٽيٽيوٽ جي ميمبر آهي جيڪا هن پاسي- يعني Scandinavian ملڪن ۾ وڏي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي.
هيترين ناميارين ڳالهين سان گڏ شبانا جا ڪجهه ڪم هن کي متنازع بنائين ٿا ۽ ماڻهن ۾ بحث پئدا ڪن ٿا... ساڳي ڳالهه لاءِ، وينا ملڪ وانگر، هن کي به ڪي ماڻهو اتم اتاهون سمجهن ٿا ته ڪي خراب سمجهن ٿا ۽ سندس انهن ڪمن جو وينا ملڪ جهڙي ڪا به مقابلو ڪري نٿي سگهي. 2005ع ۾ ”نارويجين انٽرنيشنل فلم فيسٽيول“ جي افتتاح ۾ شبانا کي مدعو ڪيو ويو هو. هيءَ ڳالهه سندس شاديءَ کان اڳ جي آهي. هن ڀريل محفل ۾ سڀني اڳيان ناروي جي وزير ثقافت والگرڊ هاگلنڊ (جيڪو Gay ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، ان) کي چمي ڏني جنهن ڪري هن کي پريس طرفان تمام گهڻي مشهوري حاصل ٿي. هڪ اهڙي دعوت ۾ هن اسٽيج تي اچي اسڪرٽ ۽ ڪڇي کي هيٺ ڪري پنهنجي اگهاڙي پٺ (bottom) سڀني کي ڏيکاري چيو:
“I want to show that in Norway, you can do such things without being lynched or arrested.”
”آئون اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته منهنجو ملڪ ناروي، اهو آزاد ملڪ آهي جنهن ۾ پبلڪ ۾ ههڙا ڪم ڪرڻ تي به نه ڪو مونکي ڦاهي ڏئي سگهي ٿو نه پوليس گرفتار ڪري سگهي ٿي.“
شبانا جي ان خبر تي هڪ بحث شروع ٿي ويو. ڪي چوڻ لڳا ته وڏي همت واري آهي. ايشيائي (پاڪستاني) نسل جي عورت ٿي ڪري وڏي دلير آهي جو فنڪشن ۾ سڀني اڳيان پنهنجي اوگهڙ پئي ڏيکاري ساڳي وقت ناروي ۾ رهندڙ ماڊرن پاڪستاني به ان ڳالهه تي شرم محسوس ڪن ٿا.
شبانا کي ان وقت به قومي ۽ بين الاقوامي شهرت ملي جڏهن هن هڪ فنڪشن ۾ موجود ”ملان ڪريڪار“ کي کڻي ڀاڪر ۾ مٿي کنيو. ملان ڪريڪار هتي ناروي ۾ هڪ متنازع شخصيت آهي جيڪو عراق مان هتي لڏي آيو هو جنهن تي اهي الزام آهن ته هن جي ”اوساما بن لادن“ سان دوستي هئي ۽ هو دنيا جي دهشتگرد مسلم جماعتن کي مالي مدد ٿو ڪري. شبانا تي پوليس ڪيس ٿيندي ٿيندي هوءَ بچي وئي. هن کان جڏهن پڇيو ويو ته هن هڪ خطرناڪ دهشتگرد ملان کي ائين ڇو ڀاڪر ۾ کنيو ته وراڻيائين:
“A person that can be lifted is not that dangerous.”
(جنهن ماڻهوءَ کي توهان مٿي کڻي سگهو ٿا اهو ڪو اهڙو خطرناڪ ٿي نٿو سگهي.“
هن نظاري جي ته يوٽيوب تي به وڊيو موجود آهي. توهانShabana’s Choice official Trailer لکي سرچ ڪري سگهو ٿا.
شبانا گارڊر- يا شبانا رحمان جا ڪيترائي ڪالم ۽ مضمون نيٽ تي به موجود آهن، بلاگ به آهن. مون به سندس ٻه ٽي لکڻيون، انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل پڙهيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هوءَ هڪ Talentedعورت آهي، جيڪا پنهنجين لکڻين ذريعي عوام جي راءِ تبديل ڪري سگهي ٿي، سندس اداڪاري ۽ نارويجين ٻوليءَ ۾ تقريرون پڻ پسند ڪيون وڃن ٿيون.
نارويجين ڇوڪرين سان گڏ اردو گانن تي ڊانس ۽ سندس ڳايل هڪ پنجابي گاني: مينون هير نه اکو ڪوئي، پاڻي دا رنگ ويک ڪي... جو هڪ وڊيو مون فيس بڪ تي به رکيو آهي، يا توهان يو ٽيوب تي هي لکي سرچ ڪري سگهو ٿا:
Frihetens Dans for Fodt Fri ۽ هن سائيٽ تي پڻ:Apvingsmarkering Fodt Fri ۽ توهان هن جي سُر، اداڪاري ۽ ڳالهائڻ جي اسٽائيل جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هو وڏي فنڪار آهي ۽ کيس قدرت طرفان ڏات ۽ ڏانوءَ مليل آهي. جيتوڻيڪ شڪل ۾ ڪا سهڻي ناهي ۽ ايشين هجڻ ڪري ٻين گورين جي اڳيان ڪجهه وڌيڪ ئي لوساٽيل رنگ جي لڳي ٿي ۽ جنهن ملڪ ۾ هر ڪا عورت پاڻ کي سنهو ۽ Slim رکي ٿي، هيءَ ڳري جسامت جي آهي پر کيس سندس ڏات مٿاهون مان ڏنو آهي. بس سندس رکي رکي ڪي اوٽ پٽانگ جا ڪم ناروي ۾ رهندڙ ٻين پاڪستانين کي اڪثر شرمندو ڪن ٿا. يا شايد سندس اهي حرڪتون ئي آهن جيڪي کيس نه فقط سندس ملڪ ناروي ۾ کيس مشهور ڪن ٿيون پر سڄي دنيا کي به وائڙو ڪريو وجهن ته ناروي ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني عورت مهمانن کي پنهنجي ڳ..... پئي ڏيکاري، چيف گيسٽ وزير کي چميون پئي ڏئي، هڪ دهشتگرد مُلين کي ڀاڪر ۾ پئي کڻي ۽ هڪ ڪمينٽريءَ ۾ جنهن جو عنوان هو: Fodemarkinens Fodselrarv (ٻار ڄڻن جي مشين جو پئدائشي حق) ۾ هن کلئي عام، بنا ڪنهن رک رکاءَ جي پنهنجي ٻار ڪيرائڻ (Abortion) جو قصو ٻڌايو. سن 2000ع ۾ هن ناروي جي مئگزين Dagbladet (جنهن ۾ سندس ڪالم به اچن ٿا) جي ٽائيٽل تي پنهنجي اگهاڙي تصوير ڏني. سندس جسم تي ڪپڙن بدران ناروي جو جهنڊو پينٽ ٿيل هو ۽ جنهن لاءِ چيو هئائين ته:
“I take my clothes of to provoke the authoritarians in order to expose them.”

ناروي جو پاڪستاني سياستدان ”عابد قيوم“

ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻي جنريشن جي هڪ وڪيل جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان جيئن منهنجي ان ڳالهه کي ٽيڪو حاصل ٿي سگهي. بلڪ آئون ته اهو چوندس ته ڄڻ ته اهي ڪالهوڪا ڏينهن هئا جڏهن 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن 1968ع يا 1969ع ۾ اسان جا جهاز سئيڊن، فنلئنڊ يا ناروي جي ملڪن ۾ ايندا هئا ته پنهنجي ملڪ جو ورلي ڪو ماڻهو مليو ٿي. ڪنهن ڪنهن شهر جي يونيورسٽيءَ ۾ يا ڪنهن ڪارخاني ۾ هڪ ماڻهو پڙهندي يا پورهيو ڪندي نظر ايندو هو ته حيرت ٿيندي هئي جو هي ملڪ اسان لاءِ چنڊ وانگر ڏوراهان ۽ مختلف موسم وارا لڳا ٿي. پوءِ 1970ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ ناروي ۽ ٻين اسڪئنڊي نيوين ملڪن کي مئن پاور جي ضرورت پئي ته اسان جي ملڪ جي پنجاب صوبي جي کاريان ۽ لاهور پاسي جي ٻهراڙين جا Unskilled (بي هنر) ماڻهو مزوري ۽ پورهئي لاءِ هتي آيا. ٿي سگهي ٿو، ان وقت ناروي ۽ سئيڊن وغيره جي پاڪستاني سفارت خاني ۾ انهن شهرن جا آفيسر هجن تن ناروي يا سئيڊن ملڪن جي ڪارخانن ۾ ضرورت مطابق پنهنجي تر جي ماڻهن کي سمجهايو هجي ته پاڪستان ۾ هارپو يا مزوري پيا ڪريو پر سال ۾ ڦٽين جي چونڊي يا ڪڻڪ جي ڪٽائيءَ مان ايترو به نٿي بچت ٿيانوَ جو ٻارن کي پڙهائي سگهو يا هنن لاءِ عيدن تي ٻه جوڙا وڳا سبرائي سگهو. ناروي ۽ سئيڊن پاسي ته پڙهائي، علاج، رهائش مفت جي آهي. سيءُ کڻي گهڻو ٿئي ٿو ته پگهار به ته سٺو ملي ٿو ۽ ڪارخانن ۾ ته هونءَ به باهه جي تپش ڪري سيءُ گهٽ ٿو لڳي ۽ ڪم ۾ مزو ٿو اچي. ۽ ڪن علائقن ۾ غريبن جي گهرن کي Centrally Heated رکڻ لاءِ سرڪار ئي بندوبست ڪري ٿي. سو ان ريت پهرين کاريان ۽ لاهور جي آس پاس جا ۽ پوءِ ٻين شهرن جا پنجابي، ڪجهه پٺاڻ ۽ ڪجهه بلوچ ۽ سنڌي به پورهئي لاءِ هن پاسي هليا آيا. ٻن يا ٽن سالن جو مدو پورو ڪري ڪي موٽي ويا، گهڻا هتي ٽِڪي پيا جو هن پاسي جي حڪومت هنن لاءِ اميگريشن جا قانون نرم ڪري ڇڏيا. اسان جهازن کي وٺي ايندا هئاسين ته هو اسان سان وڏي حُب سان ملندا هئا جو اسان وطن کان آياسين ٿي. اسان کي هنن تي حيرت ٿيندي هئي ته اسان جي ملڪ جي ٻهراڙين جا اڻ پڙهيل ۽ غير هنرمند ماڻهو خبر ناهي هنن ملڪن ۾ ڪيئن ٿا گذارو ڪن! ٽي چار سال گذرڻ بعد به هنن کي نه انگريزيءَ جو لفط اچي ٿو ۽ نه مقامي ٻولي نارويجيئن جو. گهر ۾ هنن وٽ اهو ئي ڄٽڪو ماحول رهيو ٿي جيڪو ناروي اچڻ کان اڳ سندن ڳوٺ ۾ هو. ملڪ جو اعليٰ وڪيل عابد قيوم راجا به اهو ئي چوي ٿو ته هو 1975ع ۾ اوسلو جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ ڄائو. سندس پيءُ عبدالقيوم راجا جيڪو پهرين جنريشن مان هو ۽ هتي هڪ فئڪٽريءَ ۾ ورڪر هو ۽ سندس پيءُ کان 12 سال ننڍي ماءُ اختر نسيم هڪ گهريلو عورت (House Wife) هئي. گهر ۾ هلندڙ ٻنهي جي جهيڙن هن ننڍي ٻار تي اثر ڪيو. ماءُ پيءُ جي مٿس نظر نه هجڻ ڪري هو چرسي ٿي پيو. کيس اسڪول مان به ڪڍي ڇڏيائون. ان بعد هتي جي اسپتالن هن جو علاج ڪري غير نشئي بڻايو ۽ کيس Orphan House (يتيم گهر) ۾ رکيو ويو. ان بعد هن جي والدين هن کي پاڪستان موڪلي ڇڏيو. اتان ناروي موٽڻ تي هن وري اسڪول ۾ داخلا ورتي. بقول عابد جي هن JFK فلم ۾ ائڪٽر Kevin Costner کي ڏسي فيصلو ڪيو ته هو به وڪيل ٿيندو. هن ناروي جي اسڪولن مان بنيادي ۽ اپر سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ بعد انگلينڊ جي يونيورسٽي آف سئوٿمپٽن مان هيومن رائيٽس ۽ Behavioral Sciences ‏ ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. ان بعد هن کي آڪسفورد يونيورسٽيءَ مان سئڪالاجي ۾ ماسٽرس ڪرڻ جي اسڪالر ملي. ان بعد هن اوسلو يونيورسٽيءَ مان ڪرمنالاجي ۽ Law ۾ ماسٽرس ڪئي. بس قسمت جا کيل تماشا ڏسو هڪ اڻ پڙهيلن جو اولاد جنهن کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيائون، گهر مان نڪري ويو، يتيم خاني ۾ رهيو، پنهنجي ڳوٺ موٽي ويو، ان بعد هو هڪ پختي عزم سان ماءُ پيءُ وٽ ناروي موٽي آيو ۽ هڪ ٻئي پويان اعليٰ يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪري گورن جي ملڪ ناروي جو اعليٰ درجي جو وڪيل ٿيو. سو به ڪرمنل ڊفينس لاير (وڪيل). ان بعد ملڪ جي سياسي پارٽيءَ ۾ آيو ۽ ناروي جي پارليامينٽ جو ميمبر ٿيو. حڪومت طرفان ”رفيوج ڪورٽ“ جو جج مقرر ٿيو. ان بعد پوليس پرازيڪيوٽر ٿيو ۽ اڄ ڪلهه نيو دهلي (انڊيا) ۾ ناروي جي سفارتخاني ۾ سفير آهي.
راجا عابد ناروي ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ به ڪيترائي ڪم ڪيا ۽ ملڪ جي قاعدي قانون ۾ ردوبدل آندائين پر هتي وڌيڪ تفصيل لکڻ لاءِ نه جاءِ آهي نه وقت. راجا عابد جي شادي ناروي جي هڪ مشهور سائيڪالاجسٽ عورت ناديا انصاري سان ٿي جيڪا پڻ راجا عابد وانگر پاڪستانين جي ٻي جنريشن مان آهي. يعني هن جو پيءُ به 1970ع وري ڏهاڪي ۾ مزوري پورهئي لاءِ ناروي آيو هو ۽ پاڻ هتي ناروي ۾ ڄائي. راجا عابد جي ناديا سان ملاقات اوسلو يونيورسٽيءَ ۾ ٿي، جڏهن ناديا سئڪالاجي پڙهي رهي هئي ۽ راجا عابد ڪرمنالاجي. هنن کي ٽي ٻار آهن: ٻه جاڙيون ڌيون مايا ۽ سارا، هڪ پُٽ آدم.
راجا عابد نارويجن ٻوليءَ ۾ ٻه ڪتاب لکيا آهن جن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ٿيل آهي.
1. Talsmann (English: Spokesman) 2008
2. Dialog- on Volat under trickles of Esktremisme (English: Dialogue on Violence’s, Oppression and Extremism) -2010

ناروي جون ٻه مشهور پاڪستاني عورتون: افشان رفيق ۽ دِيا خان

هتي اهو به لکندو هلان ته ناروي جي سياست ۾ فقط راجا عابد پارليامينٽ جو نمائندو به نه ٿيو. ٻي جنريشن جي اپڪستانين ۾ يعني جيڪي ناروي ۾ ڄاوا يا اهي جيڪي ٻن ٽن سالن جي عمر جا هئا جڏهن هنن جا والدين پنهنجو وطن پاڪستان ڇڏي ناروي ۾ اچي رهيا، جتي ڪيترائي پڙهي لکي ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، وڪيل ٿيا اتي انهن مان ڪي سياست ۾ به آيا. راجا عابد ناروي جي پارليامينٽ جو ميمبر ضرور ٿيو پر ڏٺو وڃي ته جيڪو هن کان به اڳ ميمبر ٿيو، بلڪه کڻي چئجي ته پهريون پاڪستاني جيڪو ناروي جي پارليامينٽ جو ميمبر ٿيو، اهو پاڪستانين جي ٻي جنريشن جو مرد نه پر عورت هئي. ”افشان رفيق“ جيڪا 1975ع ۾ ناروي ۾ ڄائي، اها پهرين پاڪستاني نسل جي نارويجيئن سياستدان هئي جيڪا ناروي جي سياسي پارٽيConservative مان چونڊي.
افشان جو ماءُ پيءُ 1971ع ۾ پورهئي لاءِ پاڪستان کان ناروي آيا. افشان 1999ع ۾ اوسلو يونيورسٽيءَ مان Cand. Mag جي ڊگري حاصل ڪئي. هيءَ اڪيڊمڪ جي ڊگري آهي جيڪا ڊئنمارڪ ۾ 5 سال يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ تي ڏني وڃي ٿي ۽ سندس ڊئنش يا نارويجين ٻولين ۾ سڄو نالوCandidatus Magisterii آهي. جنهن جو انگريزي ۾ ترجمو سمجهو ته Master of Arts ٿيو. اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ڪوپن هيگن ۾ اڄ به هن ڊگري Cand. Mag لاءِ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. افشان رفيق Cand. Mag ڊگريءَ کان علاوه Medicine Studies ۾ به داخلا ورتي. 2001ع واري اليڪشن ۾ هوءَ ناروي جي پارليامينٽ جي ميمبر چونڊي. ائين ته گجرات جو اطهر علي جيڪو ڏهن سالن جي عمر ۾ ناروي آيو هو اهو افشان کان به پهرين سياست ۾ آيو پر هو پارليامينٽ جو نمائندو ٿيڻ بدران فقط Deputy Representative چونڊيو. افشان به 2005ع واري ٻي اليڪشن ۾ ميمبر بدران فقط ڊپٽي چونڊي.
افشان رفيق ناروي جي Hoybraten شهر ۾ رهي ٿي. سندس مڙس عامر جاويد شيخ به سياست ۾ آهي. هو 1970ع ۾ ماءُ پيءُ سان گڏ گجرات پاڪستان کان ناروي آيو هو. ان وقت هن جي عمر 7 سال هئي. عامر اوسلو ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ هو ناروي جي Hoyre سياسي پارٽي طرفان 1995ع کان 2011ع تائين اوسلو سٽي ڪائونسل جو ميمبر ٿي رهيو. افشان ۽ عامر جي 2003ع ۾ شآدي ٿي ۽ کين هڪ ڌيءَ آهي.
ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻي جنريشن جي هڪ عورت جنهن بابت پڻ هتي ٻه ٽي سٽون لکڻ چاهيان ٿو، اها دِيا خان (Deeyah Khan) آهي. ديا هڪ بهترين ۽ مشهور فلم ڊائريڪٽر، پروڊيوسر ۽ انساني حقن لاءِ پاڻ جاکوڙيندڙ آهي هن کي ٻه دفعا ايمي ايوارد ملي چڪا آهن ۽ BAFTA (برٽش اڪيدمي آف فلم اينڊ ٽيليويزن اڪيڊمي) طرفان بهترين فلم ٺاهڻ جي ايوارڊ لاءِ سندس نالو ٻه دفعا Nominate ٿي چڪو آهي. سندس پهرين فلم 2012ع جي Banaz- A Love Story آهي جيڪا هڪ ڪُرد عورت جي غيرت جي نالي تي قتل جي فلم آهي، هن فلم تي دِيا خان کي ايمي ايوارڊ مليو. هن جي ٻي فلم Jihad: A Story of the Others آهي. هن فلم لاءِ دِيا خان ٻه سال اسلامي بنياد پرست ۽ سزا وار دهشتگردن جا انٽرويو وٺندي رهي. سندس 2017ع جي فلم White Right: Meeting the Enemy پڻ ايوارڊ يافته ثابت ٿي. پاڻ Fuuse نالي مشهور ميوزڪ، آرٽس ۽ فلم پروڊڪشن ڪمپنيءَ جي باني ۽ چيئرپرسن آهي. ديا خان هتي جي مشهور مئگزين Sister hood جي به چيف ايڊيٽر ۽ باني آهي، جنهن ۾ دنيا جي مسلمان عورتن جي مسئلن ۽ خيالن کي نمايان ڪيو وڃي ٿو. ديا خان 2016ع ۾ يونيسڪو جي ”گڊ وِل سفير“ به رهي. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته هوءَ هڪ ايشيائي ماءُ پيءُ جي اولاد ٿي ڪري، جيڪي 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ناروي ۾ مزدوريءَ لاءِ آيا، جيڪي نه پڙهيل ڳڙهيل هئا نه هنرمند، انهن جي ڌيءَ غيرن جي ملڪ ۾ غير زبان ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ رهي ترقي ڪئي ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو.
دِيا خان جي ماءُ افغاني نسل جي پاڪستاني پٺاڻ آهي ۽ پيءُ پاڪستان جي پنجاب صوبي جو آهي. پاڻ اوسلو (ناروي) جي Ullevalيونيورسٽي اسپتال ۾ 1977ع ۾ جنم ورتو. ديا خان ستن سالن جي هئي ته هن اسڪول جي اسٽيج تي ڳائڻ ۽ ميوزڪ تي ڊانس ڪري ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. بعد ۾ هوءَ ڪمپوزر ۽ پروڊيوسر ٿي. سندس گانن جا ڪيترائي Disc مشهور آهن، جيئن ته:
* Iranian Woman
* Echoes of Indus
* Nordic Woman
* Color of my Dreams.
وغيره.

اسان جي ماڻهن جي وڏي پريشاني حلال کاڌو آهي

پنهنجي شروع جي مضمونن ۾ ڪيترائي دفعا اهو لکي چڪو آهيان ته هنن آرڪٽڪ سرڪل وارن ملڪن جي شهرن ۾ جتي هڪ ته سيءُ تمام گهڻو ٿو پوي، ٻيو اونهاري ۾ ڏينهن ۽ سياري ۾ راتيون تمام وڏيون ٿين ٿيون. ان ڪري هتي جي زندگي ايڏي آسان ناهي. مثال طور اوسلو، اسٽاڪهوم، هيلسنڪي جهڙن شهرن ۾ اونهاري ۾ ڏينهن ويهه کن ڪلاڪن جو به ٿيو وڃي پر وري به اهي شهر يا مالمو، لونڊ، گوٿن برگ، برگن، ٽرنڍهام وغيره آرڪٽڪ سرڪل کان هيٺ خط استوا ڏي آهن. پر ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ ملڪن جي مٿين حصن جا شهر جيڪي آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي (اتر قطب ڏي) آهن اتي ته اونهاري ۾ هفتن جا هفتا ڇا، مهينا لڳاتار ڏينهن رهي ٿو ۽ سج بيٺو آهي. اهڙي طرح سياري ۾ ڊگهي رات ٿئي ٿي، جيئن سئيڊن جي “لانگ ييئر بائن” شهر ۾ سياري ۾ رات يڪا ٽي چار مهينا رهي ٿي ۽ ماڻهو سج لاءِ سڪندو رهي ٿو. ان شهر کان پوءِ اتر قطب تائين ڪنهن جو ڪو گهر گهاٽ ناهي. ها، البت هڪ چند ماڻهن جو ڳوٺڙو ”نارد ڪئپ“ نالي پسگردائيءَ ۾ آهي، نه ته رڳو برف ئي برف آهي. ڪيترا ماڻهو پيرين پنڌ، سائيڪلن تي يا ڪتا ڇڪيندڙ گاڏين (Sledges) ذريعي اتر قطب (North Pole) تي پهچن ٿا جتي ڇهه مهينا لڳاتار سج اڀريل رهڻ بعد ڇهه مهينا سج غائب ٿيو وڃي ۽ رات جو راڄ رهي ٿو.
هن پاسي جون ڳالهيون پنهنجي ملڪ جي شاگردن لاءِ کڻي ويٺو آهيان جيئن اسان جي ماڻهن کي هن پاسي جي idea ٿي سگهي ۽ هنن کي يا هنن جي اولاد کي هن پاسي جي يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي ته هو ان کي ضرور ترجيح ڏين. ڪو وقت هو جو هن پاسي اچڻ کان اسان جي ماڻهن ڪيٻايو ٿي، پر هاڻ ته ويندي اسان جا سنڌي مسلمان، جيڪي ٻاهر پرديس ۾ نڪرڻ جا عادي نٿي سمجهيا ويا، اهي به هن پاسي عام نظر اچن ٿا. سنڌ جي ڳوٺن جا به نه فقط ڇوڪرا پر ڇوڪريون به اڪيلي سر هن پاسي اچيو نڪرن. ڪيترائي شاگرد جيڪي Ph.D لاءِ زالن سان گڏ ولايت ۾ اچن ٿا، اهي پاڻ ته تعليم حاصل ڪن ٿا پر پنهنجين زالن کي به وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائين ٿا. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه بهتر آهي، نه ته اڳ ۾ اسان جي وطن کان ايندڙ شاگردن جو زالون ولايت ۾ اچي فقط هڪ ٻئي سان ملڻ، دعوتون ڪرڻ، ويس وڳا پهرڻ جي مقابلي ۾ لڳيون رهيون ٿي ۽ ٽائيم هڪ طرف ته پئسو ٻئي طرف ضايع ڪيائون ٿي. پر هاڻ ڏسان پيو ته اڄ جا شاگرد ولايت ۾ Ph.D ڪرڻ جي اسڪالر ملڻ تي پاڻ ته پڙهن ٿا پر پنهنجين زالن کي به پڙهڻ لاءِ راغب ڪن ٿا. ڪيترن ئي جون زالون ته ڪنهن اهم سبجيڪٽ ۾ ڊگري يا ڊپلوما حاصل ڪري نوڪري به ڪن ٿيون. جيئن ٽنڊو قيصر جي عبدالرحيم نظاماڻي ۽ سندس زال ڊاڪٽر آمنا نظاماڻيءَ جو لکيو اٿم ته هو هاڻ سئيڊن ۾ نوڪري ڪن ٿا ۽ مڪاني ٻولي ڳالهائين ٿا. اهڙي طرح جپان واري هاڻوڪي سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان ته حيدرآباد جي علي گل قريشيءَ سان گڏ سندس زال به جپان جي نامور يونيورسٽي ڪيوٽو مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هاڻ ٻئي ڪيوٽو ۾ نوڪري ڪن ٿا.
پنهنجي ملڪ جي شاگردن کي ڌيان ۾ رکي انهن جي رهنمائي ۽ اتساهه لاءِ آئون ڪوشش ڪري هن پاسي تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو احوال به لکندو اچان. ان سلسلي ۾ هتي ٻن ڇوڪرين جو ذڪر اڃان ڪيان ٿو، جيڪي جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ جون نه آهن پر هو مسلمان ڇوڪريون آهن. هڪ بنگلاديش جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ جي آهي ۽ ٻي هتي جي مڪاني گوري سئيڊش ڇوڪري آهي، جنهن اسلام قبول ڪري سعودي عرب جي هڪ شاگرد سان شادي ڪئي آهي. اسان جي ماڻهن کي اڪثر اها پريشاني ٿئي ٿي ته هنن ڏورانهن يورپي ملڪن ۾ هڪ مسلمان لاءِ حلال کاڌو ۽ بهتر ماحول آهي يا نه. سو هنن ٻن ڇوڪرين جو احوال پڙهي توهان کي idea ٿي ويندي ته هتي هر مذهب ۽ ملڪ جا ماڻهو رهن ٿا ۽ هو خوش آهن ۽ هر ڳالهه کي منهن ڏيو ويٺا آهن.

ناديا جي ڪهاڻي

هڪ دفعي ناروي جي گادي واري شهر اوسلو کان ناروي جي اولهه واري ڪناري جي بندرگاهه برگن ڏي باءِ ٽرين وڃي رهيو هوس ته ان ٽرين ۾ ناديا نالي مٿي تي اسڪارف ٻڌل هڪ شاگردياڻي ملي. برگن بعد هن کي ٻي ٽرين ۾ مٿي اتر ڏي “بودو” شهر ۾ وڃڻو هو جيڪو آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي اتر ۾ آهي. دراصل هن کي اڃان به مٿي اتراهين شهر “ٽرومسو” وڃڻو هو، جتي جي يونيورسٽيءَ ۾ هوءَ تعليم حاصل ڪري رهي هئي پر جيئن ته ناروي ۾ ريل گاڏي بودو کان مٿي نٿي وڃي، سو هن ٻڌايو ته هوءَ اتان پوءِ بس يا Sharing ٽئڪسيءَ ۾ ٽرومسو ويندي. شيئرنگ ٽئڪسي معنى جيڪا چار مسافر کڻي ٿي جيڪي ڀاڙو شيئر ڪن ٿا. مونکي پنهنجي اداري طرفان ملائيشيا کان موڪليو ويو هو. اوسلو کان برگن بندرگاهه ڏي ڏينهن ۾ چار ريل گاڏيون وڃن ٿيون ۽ ڪافي تکيون هجڻ ڪري 460 ڪلوميٽرن جو سفر ست کن ڪلاڪن ۾ ڪن ٿيون. هن پاسي جپان وانگر ريل گاڏين جو ڀاڙو چڱو خاصو آهي، پر ٻه چار ڏينهن اڳ خريد ڪرڻ تي هر ٽڪيٽ سستي پوي ٿي. منهنجي لاءِ ٽڪيٽ اسان جي اداري طرفان مهينو کن اڳ بڪ ڪيل هئي ۽ برگن ۾ رهائش لاءِ ريلوي اسٽيشن جي سامهون، هڪ ٿري اسٽار هوٽل ”زئنڊر“ نالي ۾ ڪمرو بڪ ڪرايل هو. هيءَ هوٽل هن شهر برگن جي مشهور يونيورسٽيءَ برگن يونيورسٽيءَ کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي ۽ هن هوٽل کان بندرگاهه به ڏهن منٽن جي واڪ تي آهي.
پاڻ ننڍي کنڊ جي ايشيائي مهانڊي واري ڇوڪري ناديا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ٻڌايو ته هوءَ ٽرومسو شهر جي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهي آهي. ٽرومسو شهر آرڪٽڪ سرڪل کان چڱو مٿي آهي، جتي اونهاري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا سج لڳاتار اڀريل رهي ٿو ۽ سياري ۾ ايترو عرصو غائب رهي ٿو ۽ لڳاتار اونداهه رهي ٿي. هي اهوئي شهر آهي جتي سنڌ جي هڪ ڳوٺ جي ڇوڪري صنم نور پيچوهو پڻ پڙهي وئي هئي.
ناديا منهن مهانڊن مان ايشيائي ضرور لڳي ٿي پر پاڪستاني هرگز نه جو هوءَ بنگالي ۽ تامل ڇوڪرين وانگر سنهي هئي، پر بنگالي ۽ تاملن وانگر هوءَ ڪارسري نه هئي. رنگ ۾ صاف شامي يا ايراني لڳي رهي هئي جيتوڻيڪ انهن وانگر صحتمند نه هئي ۽ انهن جي انگريزي به مُڏي سُڏي رهي ٿي. بهرحال هڪ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڇوڪريءَ لاءِ ناروي جهڙي دنيا جي اتراهين ملڪ جي اتراهين شهر ۾ رهڻ، جيڪو آرڪٽڪ سرڪل کان به مٿي آهي، وڏي همت جي ڳالهه آهي. اهوئي سبب آهي جو هن ڇوڪري بابت ڪجهه سٽون لکڻ ويٺو آهيان، جيئن منهنجي ملڪ جي شاگردن- خاص ڪري شاگردياڻين کي اتساهه ملي ۽ کين هن پاسي تعليم لاءِ اسڪالرشپ ملي ته همت کان ڪم وٺي نڪري پون.
منهنجي ناديا سان، اوسلو کان برگن هلندڙ ٽرين ۾ آخري وقت تي ملاقات ٿي. پر برگن تي لهڻ بعد بودو ڏي ويندڙ ٽرين جيسين برگن جي پليٽ فارم تي اچي، آئون کانئس خبر چار وٺندو رهيس. بلڪ هوءَ پنهنجي زندگيءَ جو احوال ٻڌائيندي رهي ته هوءَ ڪير آهي، هتي ڪيئن پهتي ۽ هڪ مسلمان ڇوڪِري هجڻ جي ناتي هوءَ ههڙن اترادي يورپي ملڪن ۾ ڪيئن ٿي محسوس ڪري، جتي اونهاري ۾ به سکر لاڙڪاڻي جي سياري وارين راتين جهڙو سيءُ آهي. ناديا ٻڌايو ته هوءَ بنگلاديش جي هڪ ڳوٺ کان هتي پڙهڻ لاءِ آئي آهي.
“مون جهڙي هڪ مڊل ڪلاس ۽ عام مسلمان بنگالي ڇوڪريءَ لاءِ آب هوا جي خيال کان، بلڪل مختلف ۽ ڏورانهين ڏيهه ناروي جي هڪ اتراهين شهر ٽرومسو (Tromso) جي يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ، ڪو سولو ڪم ته نه هو.” ناديا ٻڌايو.
ناديا صحيح ٿي چيو. هونءَ ئي بنگلاديش اهڙي هنڌ تي آهي جتي سيءُ گهٽ ٿو پوي ۽ چٽگانگ شهر، جنهن ضلعي جي ڳوٺ سان هن ڇوڪري ناديا جو واسطو آهي، اهو ته اڃا به ڏکڻ ۾ يعني خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري سيءُ نه برابر پوي ٿو. آئون تعليم دوران چٽگانگ ۾ رهيو آهيان جتي اسان کي سياري جو يونيفارم يعني ڊبل بريسٽ ڪارو ڪوٽ پائي پريڊ ڪرڻي پوندي هئي. منهنجي خيال ۾ مشڪل سان 15 ڏينهن ڪو مس سيارو ٿيندو هو ۽ اسان گرم ڪپڙا پائيندي پريشان ٿي ويندا هئاسين - ڇو جو چٽگانگ 22 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. ان کان علاوه چوڌاري خليج بنگال وارو سمنڊ هجڻ ڪري سيءُ نالي ماتر پوي ٿو جيئن ڪراچيءَ ۾ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي کان گهٽ سيءُ پوي ٿو. وري به چٽگانگ جي مقابلي ۾ سکر لاڙڪاڻو گهڻو اتر ۾ آهن، جو اهي 28 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهن ۽ سندن چوڌاري سمنڊ به ناهي جيڪو سکر يا لاڙڪاڻي جهڙن شهرن کي سياري ۾ گرم رکي. سو اسان جي پاسي جي ماڻهن کي وري به سيءُ توڙي گرميءَ جو احساس آهي ۽ اسان يورپ جي ٿڌن ملڪن يا آفريڪا جي گرم ملڪن ۾ رهيو وڃون ۽ اتي پهچڻ کان اڳ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ انهن ملڪن جي سخت سرديءَ يا گرميءَ جي ڄاڻ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئون پنهنجن هم وطنين لاءِ به اهو چوندس ته هنن کي به يورپ جي هنن اتراهن ٿڌن ملڪن جي ٿڌ جو پورو پورو احساس ناهي. جيئن مون پنهنجي “اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا” ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مارچ جي مهيني ۾ جڏهن آئون ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن لاءِ نڪتس ته ڪراچيءَ ۾ چڱي خاصي گرمي هئي ۽ ڪوٽ پائڻ تي دل نٿي چاهيو پر مجبورن ڪوٽ کي پاتم جيئن اوور ڪوٽ کي ٻانهن تي رکي هوائي جهاز ۾ چڙهي سگهان، ڇو جو اهي ٻئي شيون بئگ ۾ وجهڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست ڪلو وزن ٿو وڌي. منهنجو سامان ڪجهه ڪتابن ڪري اڳهين وڌيل هو. ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي ڪوٽ مٿان اوور ڪوٽ ۽ مفلر چاڙهي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئر ڪرائي جيئن ئي ايئرپورٽ جي کليل دروازي ڏي وڌيس ته ٻاهر جي ٿڌي هوا جسم کي ڄڻ ته ڪَپي رکيو. ٻاهر نڪري جيسين ٽئڪسيءَ کي سڏ ڪريان دل چيو ته بئگ کولي ان ۾ پيل ٻه سئيٽر به ڪڍي پايان. اڃا ته اهو مارچ جو مهينو هو. مالمو (سئيڊن) ۾ رهڻ دوران پوءِ جڏهن سيارو شروع ٿيو جيڪو آگسٽ کان ئي شروع ٿيو وڃي ته ٻاهر نڪرڻ تي گرم ڪپڙن، دستانن ۽ مفلر سان منهن ويڙهيل هجڻ جي باوجود ڏند کڙڪندا رهيا ٿي. سرديءَ جو پد گهڻي ڀاڱي ڪاٽو پنج ڇهه ڊگريون رهيو ٿي. بلڪ ڪاٽو 15 به ٿيو ٿي - ان ايتري ڏڪڻي نٿي ڪئي پر جنهن ڏينهن هوا لڳي ٿي ان ڏينهن مقامي ماڻهو به ڏڪندا رهيا ٿي. سو ڏٺو وڃي ته ملائيشيا، انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي ماڻهن توڙي هن بنگلاديشي ڇوڪري ناديا لاءِ ههڙن ٿڌن ملڪن ۾ پهچڻ هر خيال کان هڪ نئون تجربو هو ۽ بقول هُن جي هُن لاءِ هيڏانهن اچڻ ۽ ههڙي ٿڌ ۽ لڳاتار اونداهي راتين ۾ رهڻ ڪو آسان ڪم نه هو.
ناروي جو شهر “ٽرومسو” آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي اتر ۾ هجڻ ڪري هن شهر ۾ هر سال ٽن چئن مهينن جو لڳاتار هڪڙو ئي ڏينهن ۽ اهڙي طرح سياري ۾ رات ٿئي ٿي جيڪا پڻ هن بنگالي ڇوڪري ناديا لاءِ نرالي ڳالهه ٿي. اسان ٻارهن ڪلاڪ ڏينهن ٻارهن ڪلاڪ رات جا ننڍي هوندي کان عادي، اونهاري ۾، سئيڊن يا ناروي جهڙن ملڪن ۾ لڳاتار سج يا سياري ۾ لڳاتار اونداهه ڏسي شروع ۾ منجهيو پئون. هتي جي رواج ۽ ضرورت موجب اونهاري ۾ ڪمري جي درين تي ڀلي ٻه ٻه پڙدا چاڙهي اونداهه ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪريون تڏهن به احساس ٿئي ٿو يا دريءَ جي پڙدي کي هٿ لڳڻ سان آڌي رات جو به يعني رات جو ٻارهين بجي به سامهون سج کي ڏسي حيرت ۽ مونجهارو ٿئي ٿو. اهڙي طرح سياري ۾ ٽاڪ منجهند جو به ٽارچ کڻي هلڻو پوي ٿو جو سج جي غائب هجڻ ڪري اونداهه ڪانڀار آهي.
ناديا ٻڌايو ته سندس تعليم لاءِ هتي ناروي ۾ اچڻ جدوجهد، مونجهاري ۽ همٿ کي هڪ جاءِ تي ڪرڻ جي ڪهاڻي آهي. “ننڍپڻ ۾ منهنجو اهو خواب هو ته آئون پائلٽ ٿينديس ۽ هوائي جهاز اڏائينديس.”، ناديا ٻڌايو، “پر باوجود محنت ۽ پڙهائيءَ جي آئون پائلٽ ٿي نه سگهيس جو پائلٽ ٿيڻ لاءِ Flying Hours (مقرر ڪلاڪ جهاز هلائڻ جو سرٽيفڪيٽ) حاصل ڪرڻ لاءِ بنگلاديش ۾ وڏو پئسو ٿو کپي جو پرائيويٽ ڪمپنيون جن جا هوائي جهاز آهن انهن جو جهاز جي وڏي قيمت، Maintenance ۽ پيٽرول (آڪٽين) وغيره تي وڏو خرچ ٿو اچي، سو هو هوائي جهاز هلائڻ جي پرئڪٽس ڪرڻ وارن سيکڙاٽن کان في ڪلاڪ جي وڏي في/مسواڙ وٺن ٿا. منهنجو ڪو اهڙي پئسي واري خاندان سان تعلق نه هو جو آئون افورڊ ڪري سگهان. ان ڪري منهنجو پائلٽ ٿيڻ جو خواب چڪنا چور ٿيڻ تي مون ان کي درگذر ڪيو ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳيس.”
ناديا ٻڌايو ته سندس ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب به پورو نه ٿي سگهيو، جو هن جون انٽر ۾ ايتريون سٺيون مارڪون نه آيون جو هن کي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي سگهي. اچي اچي ٿورين مارڪن جو فرق ٿي پيو. “پنهنجي خرچ (Self-Financing) تي مون کي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي سگهي ٿي پر پئسي جي معاملي ۾ اسان غريب هئاسين ۽ غربت ڪري مون ڏٺو ته منهنجي نصيب ۾ ميڊيڪل سائنس نه پر سوشل سائنس- تاريخ، جاگرافي، پوليٽيڪل سائنس، سائڪالاجي، سوشالاجي، جهڙو ڪو سبجيڪٽ ئي ڪنهن پبلڪ يونيورسٽيءَ مان پڙهڻ آهي.”

تعليم لاءِ تو ناروي ڇو چونڊيو ...؟

ناديا چيو هُن يونيورسٽيءَ ۾ سوشل سائنس ۾ داخلا ته ورتي پر هن جو شوق ميڊيڪل سائنس پڙهڻ جو هو. ان ڪري هوءَ ٻه سال بي دليو پڙهندي رهي ۽ امتحانن ۾ رزلٽ سٺي نه اچڻ ڪري هوءَ ويتر مايوس ٿي وئي. “آهستي آهستي، مون کي محسوس ٿيڻ لڳو.” ناديا ٻڌايو، “ته آئون هڪ اونداهي کاهيءَ ۾ ڪرندي پئي وڃان. آئون سوچڻ لڳيس ته آئون ته هڪ همت واري ڇوڪري آهيان. ڇا مونکي ائين مايوس ٿيڻ کپي. آئون ڪجهه ڪري ڏيکارڻ بدران وقت جو زيان ڪري رهي آهيان. مونکي هن اونداهي کاهيءَ مان نڪرڻ کپي ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ کپي. ان بعد مون نئين سبجيڪٽ ۽ نئين مستقبل جي بهتريءَ لاءِ محنت شروع ڪئي ۽ هڪ دفعو وري پهرين کان وڏي خواب جي ساڀيان ماڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. مون ايندڙ سيمسٽرن ۾ تمام سٺو ڪيو. سٺي رزلٽ آئي ۽ عاليشان CGPA (ڪيوميولئٽو گريڊ پائنٽ ايوريج) سان گرئجوئيشن ڪئي. مون پنهنجي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ ٻاهر پڙهڻ جو سوچيو، ڇو جو مون ڪجهه Extra Ordinary ڪرڻ چاهيو ٿي. مون جهڙي ايشيا جي هڪ ڳوٺ جي ڇوڪريءَ لاءِ اڪيلي ولايت وڃي پڙهڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي. مون لاءِ سماجي خيال کان هڪ ٻي جدوجهد هئي. ڪو آسان ڪم نه هو ته آئون پنهنجن مائٽن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کي مطمئن ڪري سگهان، ته ان ۾ ڪا خرابي ناهي جيڪڏهن ڪا ڇوڪري اڳتي وڌڻ جا خواب ڏسي ٿي. ان ۾ ڪا برائي ناهي جيڪڏهن مون جهڙي ڪا ڳوٺاڻي ڇوڪري اڪيلي ولايت وڃي تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.
“ذاتي طرح، مون لاءِ ٻين جي مدد بنا داخلا جون ضرورتون پوريون ڪرڻ هڪ طرف ڏکيو ڪم هو، ته ٻئي پاسي هوائي جهاز جي ڀاڙي لاءِ پئسو گڏ ڪرڻو هو. بهرحال آئون خوشيءَ سان گڏ فخر به محسوس ڪريان ٿي ته رب پاڪ منهنجي مڙني ڪوششن کي ڪامياب ڪيو ۽ اڄ آئون هتي نه فقط ڳوٺ جي پر پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي پهرين ڇوڪري آهيان. منهنجو خواب هو ته مونکي ٽرومسو جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي.“
”پر اهو ته ٻڌاءِ ته تو هيڏي ڏورانهين يونيورسٽيءَ جي چونڊ ڇو ڪئي؟” مون پڇيومانس.
“جي ها، ان جا ٻه سبب آهن،” ناديا وراڻيو، “مون ناروي ملڪ جي چونڊ ان ڪري ڪئي جو هن ملڪ جي پاليسي شاگردن لاءِ مفت ڪاليج ٽيوشن آهي. مون جهڙي غريب فئمليءَ لاءِ اهو ناممڪن هو ته اهي يورپ جي ٻين ملڪن جون ڳريون ٽيوشن فيون ڀري سگهن. ٻيو ته ناروي Non-Discrimination ڪلچر کان به مشهور آهي. يعني هن پاسي جا ماڻهو مست ملنگ آهن. هنن کي پرواهه ناهي ته ڪير آفريڪن آهي، ڪير ايشيائي. ڪير عيسائي آهي يا ڪير مسلمان، ڪير بهتر ڪپڙا ٿو پائي يا Casual. ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ ته ڇا سرڪاري آفيس جا ڪامورا به بنا ٽاءِ جي، جينز جي پتلونن ۾ آفيس ۾ پهچن ٿا ته به ڪنهن کي اعتراض نٿو ٿئي. انگلنڊ، فرانس، جرمني جهڙن ملڪن ۾ ٻيو ماحول آهي، جتي اسان ايشين يا آفريڪن کي، خاص ڪري مسلمانن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا....”
“منهنجي خيال ۾ تون صحيح آهين. ناروي کان علاوه ٻين اسڪئنڊي نيوين ملڪن: سئيڊن، ڊئنمارڪ، آئس لئنڊ، فنلنڊ ۽ شايد بالٽڪ رياست ايسٽونيا ۾ به يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيون نه آهن، يا تمام گهٽ آهن ۽ انهن ملڪن ۾ ايتري مذهب، رنگ ۽ ملڪ جي بنياد تي نفرت ناهي، جيتري يورپ جي ٻين ملڪن ۾ آهي.”
“انهيءَ ڪري آئون ۽ منهنجا والدين مطمئن آهيون ته آئون ناروي جهڙي ملڪ ۾ آهيان.” ناديا چيو.
“مٿين ڳالهين کان علاوه،“ مون ناديا کي چيو، ”ٻه ٻيون ڳالهيون به هن پاسي جي ملڪن جون آئون توهان جي ڌيان تي آڻي سگهان ٿو جيڪي توهان پنهنجي والدين کي ٻڌائي سگهو ٿيون. هڪ ته هنن ملڪن ۾ حد درجي جي آزادي ضرور آهي، نوجوان ڇوڪرا هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي رستي تان پيا هلن، هڪ ٻئي کي چميون پيا ڏين، جيڪي نظارا ڏسي اسان جي ايشيائي ملڪن جا مائٽ پريشان ٿيو وڃن، پر انهن کي معلوم هئڻ کپي ته هتي قاعدو قانون سخت آهي. ڪو ڪنهن کي ڀاڪر پائي پيو هلي ته اهي زال مڙس آهن، مڱيندا آهن، دوست آهن ۽ ان لاءِ سندن مذهب، ملڪ جو قانون ۽ ڪلچر اجازت ٿو ڏئي جو ان ۾ ٻنهي جو راضپو آهي. اسان جي ملڪ جي ماڻهن وانگر ناهي ته ڪا ڇوڪري پنهنجو پاسو وٺيو پئي وڃي ته ان کي به هروڀرو ڇيڙڻو آهي. ڪنهن ٻئي جي زال ٻن ٻارن سان رستي تان پئي لنگهي ته ڀرسان لنگهڻ مهل هن لاءِ گندا رمارڪ ڏيڻ ضروري آهن. توکي پڪ اهو احساس هوندو ته تون چٽگانگ يا ڍاڪا يونيورسٽيءَ کان وڌيڪ هتي Safe محسوس ڪندي هوندينءَ، جو هتي ڪو مرد عورت جو نالو به نٿو وٺي سگهي. هر عورت توڙي جوان ڇوڪري ڏينهن هجي يا رات بي ڊپي ٿي اڪيلي سر پئي هلي، ٽرينن ۽ بسن ۾ سفر ڪري، ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ نوڪري ڪري. ڪنهن ڌارئين جي ڇيڙ ڇاڙ يا Sexual Harassment جي شڪايت تي پوليس ان مرد جو سر رلايو ڇڏي.”
“بلڪل صحيح ٿا چئو، “ناديا چيو “۽ ٻي ڳالهه؟”
“هنن اسڪئنڊي نيوين فلاحي ملڪن جي ٻي سٺي ڳالهه اها آهي ته هتي انسان ته ڇا پر جانورن جو به قدر ڪيو وڃي ٿو.” مون هن کي احساس ڏياريو جنهن جا مثال روز هن جي اکين اڳيان گذرندا هوندا، پر هن کي ڌيان ۾ نه هو،”هتي ڪا تڪليف يا حادثو ٿئي ٿو ته پوليس يڪدم مدد لاءِ پهچيو وڃي، هوءَ اهو نٿي ڏسي ته اهو ماڻهو سندن ملڪ جو آهي يا ڌارئين ملڪ جو. گورو آهي يا ڪارو. مسلمان آهي يا عيسائي- حادثي جي حالت ۾ هن کي يڪدم اسپتال پهچائي علاج شروع ڪيو وڃي ٿو. اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسون ايڏو ٽرينڊ ۽ خذمت جو جذبو رکندڙ آهن، جو مريض کي نه پنهنجي ڪنهن مائٽ کي رکڻ جي ضرورت پوي ٿي ۽ نه ان جي اجازت ڏني وڃي ٿي. سو تون پنهنجي والدين جي سڪون لاءِ هنن کي اهو به ٻڌائي سگهين ٿي ته تون جي بيمار ٿي پوندينءَ ته به تنهنجي ديک ڀال بهتر نموني سان ٿي سگهندي....چٽگانگ، نوا کلي يا ڍاڪا جي اسپتالن ۾ مائٽن هوندي ٻُڪ ٽڪن جا ڀرڻ جي باوجود به اها Care ٿي نٿي سگهي جيڪا ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جهڙن فلاحي رياستن ۾ ٿئي ٿي.”
“صحيح ٿا چئو. مونکي به هتي رهي ڏيڍ سال اچي ٿيو آهي، پر آئون ڪنهن به طرح جي پريشاني محسوس نٿي ڪريان. هتي جي مختلف ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي باوجود آئون هتي خوش آهيان. مون کي پنهنجائيءَ جو احساس ٿئي ٿو. جتي ڪٿي هتي جا ماڻهو مون کي مدد ڪندي نظر اچن ٿا. هتي اچڻ کان اڳ مون کي سڀ کان وڏو خوف اهو هو ته جيئن ته آئون حجاب سان مٿو ۽ ڳچي ڍڪيان ٿي، سو ان ڊريس ۾ ڏسي هتي جا ماڻهو سمجهي ويندا ته آئون مسلمان آهيان ۽ منهنجي حجاب ٻڌڻ تي مونکي ٽوڪيندا ۽ مونسان نفرت ڪندا. پر اها منهنجي خام خيالي هئي، منهنجي اها سوچ غلط ثابت ٿي. ان جي ابتڙ آئون ڏسان پئي ته ماڻهو نه رڳو منهنجي ڊريس جي عزت ڪن ٿا پر منهنجي مذهب جي به. ايتري قدر جو منهنجا ڪلاس ميٽ منهنجي اڳيان بيئر پيئڻ يا هاٽ ڊاگ کائڻ کان به پرهيز ڪن ٿا ۽ مونکي مڪئيءَ جو سنگ يا اهڙي شيءِ کائڻ جي آفر ڪندا ڇو جو هو سمجهي ويا آهن ته اسان جو مذهب اسلام شراب پيئڻ يا خنزير جو گوشت (پورڪ، بئڪن، هاٽ ڊاگ، هئمبرگر) کائڻ کان منع ٿو ڪري. ڪنهن گهر ۾ دعوت تي وڃان ٿي ته ميزبان منهنجي کاڌي جو خيال رکن ٿا...”

زندگيءَ ۾ فقط ڊاڪٽري نه آهي

“ڀلا اهڙي ڳالهه جنهن جي توکي هتي تڪليف رَسي هجي جيڪا آئون ٻين جي رهنمائي خاطر لکي سگهان.” مون ناديا کان پڇيو، ڇو جو اسان جي ملڪ جي ڳوٺ جي ڇوڪرين جو به اهوئي حال آهي ۽ اهڙوئي ماحول آهي جنهن مان ناديا جو اچڻ ٿيو آهي.
“نه مون کي ٻاهر طرفان ڪو فڪر يا پريشاني نه رهي. يعني مونکي رهائش، کاڌي پيتي، يونيورسٽي جي استادن يا يورپي شاگردن طرفان ڪا تڪليف يا ٽوڪ طعنو نه هو. مونکي پنهنجي اندر جون ڪجهه ڪمزوريون هيون جن جي خلاف مونکي جدوجهد ڪرڻي پئي، جيئن ته آئون ننڍي هوندي کان شرميلي رهي آهيان، ان ڪري مونکي هن نئين ماحول سان رلي ملي وڃڻ لاءِ ڪافي محنت جي ضرورت پئي. پهرين ته آئون پاڻ کي بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳيس. پر پوءِ ان بوريت تي حاوي ٿيڻ لاءِ ۽ ٻين سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي پاڻ ۾ عادت وجهڻ لاءِ مون هن شهر ٽرومسو جي ISU (انٽرنيشنل اسٽوڊنٽش يونين) ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. جنهن جي پوءِ اڳتي هلي صدر به ٿيس. ان آرگنائيزيشن مونکي نئون تجربو ڏنو. ان منهنجي اندر جي شرميلي ڇوڪريءَ کي هڪ پُر اعتماد ليڊر بنائي ڇڏيو....
It helped me developing qualities of leadership, socialization and running an organization. Every day, I learn new things. I get challenged & develop capacities to surpass my own best previous accomplishments...
“تَنهنجي معنى هتي اچي تعليم حاصل ڪرڻ جو تو جيڪو فيصلو ڪيو ان تي خوش آهين.” مون ناديا کان پڇيو.
“جي ها. آئون وڏي اعتماد سان چئي سگهان ٿي ته ناروي اچي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جو جيڪو مون فيصلو ڪيو هو، اهو بهترين ثابت ٿي رهيو آهي. جڏهن ڪو مون کان منهنجي مستقبل بابت پڇي ٿو ته آئون هن کي اهوئي چوان ٿي I live for today مون سڀاڻي بابت سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي. زندگي جيڪي موقعا مونکي ميسر ڪندي آئون انهن تي شڪر ڪنديس. جيڪي ڪجهه مون حاصل ڪيو آهي جيڪي ڪجهه آئون پڙهان پئي، آئون خوش آهيان. آئون هر ڳالهه ۾ بهتري چاهيان ٿي. اڄ آئون هڪ پائلٽ بڻجي دنيا جي هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ نٿي وڃان، نه ڊاڪٽر بڻجي ماڻهن جي خذمت ڪري سگهان ٿي، پر آئون ڀلي ڀت محسوس ڪريان ٿي ته اڄ مون لاءِ اهو ممڪن آهي ته آئون پنهنجي چونڊيل سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ضرور ڪري سگهان ٿي، ۽ هاڻ منهنجي اهائي خواهش ۽ خواب آهي.”
“تَنهنجي معنى ته تو جهڙين ڇوڪرين کي ڪهڙو نياپو ڏيڻ کپي؟” مون پڇيومانس...
“آئون پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ جدوجهدن جي بنياد تي اهوئي چئي سگهان ٿي ته ڪڏهن به دل شڪستو نه ٿجي. هر وقت بهتريءَ جي دعا گهرجي ۽ آسرو نه لاهجي- خواب ڏسڻ ڇڏي نه ڏجن. جيڪڏهن توهان جو پلان A پورو نٿو ٿئي ته قدرت طرفان پلان B به ڏنو آهي ۽ C ۽ D به آهي. هڪ ۾ ڪاميابي نٿي ٿئي ته ٻيءَ کي جهلجي. توهان جيڪي چاهيو ٿا اهو پورو نٿو ٿئي ته ڪا دنيا اتي ختم نٿي ٿئي. آئون جي ڊاڪٽري ڊاڪٽري ڪري، مايوس ٿي، منهن مونن ۾ وجهي ويهي رهان ها ته سواءِ افسوس جي مونکي ڪجهه به حاصل نه ٿئي ها. زندگيءَ ۾ فقط ڊاڪٽري ئي نه رهي آهي. اسان وٽ اهائي سوچ آهي ته ماڻهو اهوئي چاهين ٿا ته هنن جا ٻار ڊاڪٽر ٿين. پر اڄ آئون اهو محسوس ڪريان ٿي ته هر سبجيڪٽ جي پنهنجي اهميت آهي پر شرط اهو آهي ته ان سبجيڪٽ کي توهان چڱيءَ طرح پڙهو ۽ علم حاصل ڪريو. اڄ مان ڊاڪٽر نه ٿي سگهيس ته مڙيئي خير آهي. مونکي خوشي آهي ته آئون ڊاڪٽر ٿي فقط بيچلر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بدران Ph.D لاءِ پڙهي رهي آهيان. ان کان علاوه هتي اچي مون ۾ همت ۽ اعتماد پيدا ٿيو آهي. مون جهڙن ڳوٺاڻين ڇوڪرين کي منهنجي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. جنهن جو اهڙي سوسائٽيءَ سان واسطو آهي، جنهن ۾ اڪيلي سر ٻاهر وڃڻ کي به خراب يا گناهه جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. ۽ پوءِ جڏهن مون جهڙي هڪ معمولي ڇوڪري ان قسم جا رسم رواج ۽ Taboos ٽوڙي سگهي ٿي ته توهان ڇو نه؟”

سنهري وارن ۽ نيرين اکين واري

هتي ”رابن“ نالي هڪ ٻي مسلمان ڇوڪريءَ جو احوال لکڻ چاهيان ٿو. رابن ايشيا يا آفريڪا جي ڇوڪري نه آهي پر بلونڊ (سونهري وارن) ۽ نيرين اکين واري 22 سالن جي هتي جي مڪاني سئيڊش ڇوڪري آهي، جنهن هتي جي هڪ ڪرسچن گهراڻي ۾ 14 آڪٽوبر 1996ع تي جنم ورتو. هونءَ ته هي مُلڪَ (سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ جهڙا) اهي ملڪ آهن جتي ماڻهو مذهب کي بلڪل سنجيده نٿا وٺن. پر جنهن فئمليءَ ۾ رابن جنم ورتو اها ڪٽر قسم جي مذهبي هئي. يعني هو فقط نالي جا عيسائي نه هئا پر Practicing Christians هئا. جيئن اسان وٽ ڪيترا فقط نالي جا مسلمان آهن باقي نماز، روزي يا ٻين اسلامي ڪمن کان پري آهن. پر جيڪي اسلام جي اصولن تي هلن ٿا انهن کي Practicing Muslims سڏي سگهون ٿا.
رابن جا ماءُ پيءُ باقاعدگيءَ سان گرجا گهر ويا ٿي ۽ پنهنجن ٻارن کي به وٺي ويا ٿي. رابن ٻڌايو ته “اسان ٽي ڀاءُ ڀيڻ آهيون. آئون سڀني ۾ ننڍي آهيان. هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ مون کان وڏا آهن. اسان جا ماءُ پيءُ نه فقط اسان کي گرجا گهر وٺي ويا ٿي پر اتي جي مذهبي “سنڊي اسڪول” ۾ به داخلا وٺرائي ڏني. اتي مون کان اهو واعدو (Confirmation) پڻ ورتي وئي ته آئون عيسائي ٿي رهنديس. جيتوڻيڪ منهنجي دل نٿي مڃيو پر ماءُ جي زور ڀرڻ تي مونکي صحيح ڪرڻي پيئي. مونکي عيسائي هجڻ جو احساس هرگز نٿي ٿيو.
“اڄ آئون ٻاويهه سالن جي اسٽاڪهوم يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي آهيان. منهنجو سبجيڪٽ “فلم” Master of Fine Arts in Film Production آهي جنهن ۾ جن بنيادي شين پڙهائڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو اهي آهن:
• Story Telling
• Visual Aesthetics
• Technical Roles
• Business Strategies
وغيره.”
پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته جيڪي فلم جهڙي سبجيڪٽ ۾ دلچسپي رکن ٿا، انهن لاءِ هن پاسي يورپ ۾ رابن جي مٿين سبجيڪٽ کان علاوه فلم سان واسطو رکندڙ ٻين سبجيڪٽن ۾ به گرئجوئيشن ڪئي وڃي ٿي. جيئن ته:
• Master of Arts in Filmmaking
• Master of Arts in Audiovisual
• Master of Arts in Image & Sound
• Master of Arts in Film Arts
• Master of Arts in Film Studies
• Master of Arts in Feature Filmmaking
• Master of Arts in Fashion Film & Photography
• Master of Fine Arts in Films & Animation.
وغيره. اهڙن سبجيڪٽن ۾ ڏسان ٿو انڊيا جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گهڻي داخلا وٺن ٿيون. اسان وٽ فلم انڊسٽري کڻي پٺتي پيل آهي، پر مٿين سبجيڪٽن جو واسطو فقط وحيد مراد ۽ شبنم رابن گوش جي فلمن سان ته نه آهي. اڄ ڪلهه آڊيو ويزيوئل ۽ Animation جي ڪمن جي جتي ڪٿي ضرورت آهي. ان ۾ انڊيا جا ڪيترائي گرئجوئيٽ هجڻ ڪري اهي نه فقط ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ وڏين نوڪرين ۾ آهن، پر عرب دنيا ۽ ملائيشيا، برونائي جهڙن ملڪن ۾ به ڇانئيا پيا آهن.
پاڻ سئيڊن جي مقامي نو مسلم رابن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ٻڌايو ته هن جي سال کن اڳ هڪ عرب سان شادي ٿي آهي ۽ هو هاڻ هن سان گڏ هڪ ٻهراڙيءَ جي علائقي ۾ رهي ٿو. فرصت ۾ هوءَ بيڪنگ ۽ ڪتاب پڙهي ٿي. هونءَ هتي جي ڪيترين ڇوڪرين جو، توڙي جپان پاسي جڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ جو مسلمان سان معاشقو ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڳالهه شاديءَ تي پهچي ٿي ته پوءِ مڙس جي چوڻ تي شاديءَ کان اڳ هوءَ ڪلمو پڙهي پنهنجو ايشيائي نالو رکي مسلمان سڏرائي ٿي. ڇوڪرو به پنهنجي ملڪي دوستن ۽ مائٽن اڳيان ڳاٽ کڻي فخر سان ٻڌائيندو رهي ٿو ته منهنجي ولائتي جوءِ مسلمان آهي ۽ هن کي اسلام سان لڳاءُ آهي، جيڪو لڳاءُ فقط آيل مهمان کي “اسلام عليڪم” چئي کيڪارڻ تائين محدود رهي ٿو.
رابن ان قسم جي مسلمان ڇوڪرين مان نه آهي جيڪي شاديءَ خاطر مجبورن پنهنجو مذهب بدلائين ٿيون. رابن ٻڌايو ته اڄ ڪلهه هوءَ پنهنجي عرب مڙس جي ڀائر ڀينرن ۽ والدين سان گڏ رهي ٿي جيڪي هن وٽ سعودي عرب کان گهمڻ لاءِ آيا آهن. هو هنن جي شادي ملهائڻ ۽ رمضان جو مهينو گذارڻ لاءِ آيا آهن. “ان بعد اسان زال مڙس اسٽاڪهوم (سئيڊن جي گاديءَ واري شهر) ۾ وڃي رهنداسين، جتان آئون پڙهي آهيان ۽ هاڻ اتان جي يونيورسٽيءَ مان مونکي “فلم ايڊيٽنگ” جي ڊگري ملڻي آهي، الحمد الله.”
مون کان اهو پڇڻ وسري ويو ته رابن جو عرب مڙس ڪٿي جو آهي. عراق، شام جو يا دبئي دوحا جو! سعودي عرب جو به ٿي سگهي ٿو. تڏهن ته هن چيو ته گهوٽ جا والدين ۽ ڀاءُ ڀيڻ سعودي عرب کان آيا آهن ۽ اسان زال مڙس به سعودي عرب جو چڪر هڻڻ وينداسين. ڪو زمانو هو جو سعودي عرب جا عرب پنهنجي ئي ملڪ ۾ ويٺا هوندا هئا. چار درجا به مس پڙهيل هئا. پوءِ تيل جو پئسو اچڻ تي گهمڻ ڦرڻ ۽ عياشيءَ لاءِ ٻاهر نڪتا. پهرين مصر، لبنان ۽ ترڪيءَ جهڙن ملڪن ڏي، جتي هنن کي انگريزيءَ جهڙي ڌارئين ٻولي ڳالهائڻي نٿي پئي. پوءِ ٿائلنڊ، انڊيا، پاڪستان جهڙن ملڪن ڏي، جتي هنن کي اشارن ذريعي به عياشيون حاصل ٿي سگهيون ٿي. پوءِ هنن کي احساس ٿيو ته تعليم ضروري آهي ڀلي ڪيترو به پئسو اچي. ان ڪري هر عرب پنهنجي نئين ٽهيءَ کي تعليم يافته بنائڻ شروع ڪيو. حڪومت به ان تي زور ڏنو. هنن نه رڳو سعودي عرب ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون پر انهن ۾ ڊسيپلين ۽ تعليم جو معيار ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر اعلى رکيو. ڪيترن شاگردن کي اعلى تعليم لاءِ يورپ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپون ڏئي موڪليو. تڏهن ته ڏسو ته اڄ جا محمد بن سلمان جهڙا سعودي حاڪم عمران خان ۽ بينظير ڀٽو وانگر بهترين انگريزي ڳالهائين ٿا. سو رابن جو مڙس سعودي عرب جو عرب نوجوان ئي هوندو، جيڪو سئيڊن جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ اعلى تعليم لاءِ آيو هوندو. اڄ ڪلهه ته سعودي عرب ۾ تعليم عام ٿي پئي آهي، پر ٽيهارو کن سال اڳ جڏهن آئون مالمو (سئيڊن) جي يونيورسٽيءَ ۾ هوس ته منهنجي ڪلاس ۾ سڀ کان گهڻا شاگرد ايران ۽ سعودي عرب جا (هر ملڪ مان پنج پنج ڄڻا سو به اسڪالر بنا، پنهنجي خرچ تي) هئا.
“تون ڪڏهن مسلمان ٿئينءَ؟ منهنجو مطلب آهي توکي اسلام جي ڄاڻ ڪڏهن پئي؟” مون هن بلونڊ سئيڊش ڇوڪري رابن کان پڇيو.
”اسلام بابت ٿوري گهڻي ڄاڻ مون کي تڏهن کان پئي جڏهن آئون ٻارهن سالن جي هيس ۽ مون اسڪول ۾ مذهب جو ڪلاس پهريون دفعو اٽينڊ ڪيو. مون جڏهن اسلام جون ڳالهيون ٻڌيون ته منهنجي دل تي وڏو اثر ٿيو. منهنجي اندر ۾ هر وقت اها هورا کورا رهي ٿي ته اهو ڪهڙو مذهب ٿي سگهي ٿو جيڪو مونکي سُوٽ ڪري. منهنجي مونجهارن جا جواب ڏئي سگهي. اسلام جون ڳالهيون ٻڌڻ سان مون کي ائين لڳو ڄڻ اهي منهنجي اندر جو آواز هجن.... منهنجي مونجهارن ۽ مسئلن جو جواب هجن. پر اها به ڳالهه هئي ته اسڪول ۾ جتي اسان کي مختلف مذهبن بابت ٻڌايو ويو ٿي، اتي انهن جو اسلام بابت سوڙهي ۽ ساڙ سڙي سوچ به هئي ۽ هنن اسلام بابت ڪجهه ڳالهين کي صحيح انداز ۽ Context ۾ ٻڌائڻ بدران غلط رنگ ۾ ٻڌايو ٿي، جيئن اسان کي هن مذهب لاءِ نفرت ۽ مسخري جو احساس ٿئي. خاص ڪري مسلمان مردن جو چار شاديون ڪرڻ جو ٻڌي مونکي ٿورو گهڻو خوف ضرور محسوس ٿيو.”

تون ڪيئن مسلمان ٿيئينءَ؟

“پوءِ ڀلا تون ڪيئن اسلام جي دائري ۾ آئينءَ؟” مون رابن کان پڇيو جنهن جو جنم هڪ ڪٽر عيسائي فئملي ۾ ٿيو هو.
“جڏهن آئون 18 سالن جي ٿيس ته ڪنهن دوست مون کان پڇيو ته منهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟ مون هن کي ڀرپور ايمانداريءَ سان جواب ڏنو ته:
I am Christian on paper but I feel like Muslim in my heart
(يعني ڪاغذ پٽن تي ته منهنجو مذهب عيسائي آهي پر دل اندر پنهنجو پاڻ کي مسلمان تصور ڪريان ٿي). ان واقعي بعد، يعني پنهنجي ساهيڙيءَ جي پڇيل ان سوال جو جواب ڏيڻ بعد، مون اسلام بابت وڌيڪ پڙهڻ شروع ڪيو. اسلامي ڳالهين ۽ مسئلن جي حل تي به غور ڪرڻ لڳيس ۽ مونکي ڪيترين ڳالهين جي ڄاڻ ٿي ته انهن پٺيان اسلام جي ڇا نيت آهي.. جيئن ته چار شادين بابت يا پورڪ (خنزير جو گوشت) نه کائڻ بابت وغيره. اسلام بابت جيتري مون ڄاڻ حاصل ڪئي ٿي اوترو منهنجو ذهن کليو ٿي ۽ پوءِ ڪجهه مهينن بعد مون اسلام قبول ڪرڻ جي تياري ڪئي. ان وقت آئون 18 سالن جي نوجوان عورت هيس جڏهن مون اسلام قبول ڪيو، جنهن جا ٻج منهنجي دل ۾ ان وقت ڇٽيا ويا هئا جڏهن آئون ٻارنهن سالن جي ڇوڪري هيس. مونکي ان وقت کان عيسائي مذهب جي اها ڳالهه نٿي آئڙي ۽ منهنجي دل ان کان انڪار ٿي ڪيو ته خدا کي پٽ به ٿي سگهي ٿو. پر ان ننڍي عمر ۾ پنهنجي اندر جون ڳالهيون زبان تي آڻي نٿي سگهيس.”
“پوءِ ڀلا تنهنجي فئمليءَ جو ڇا ردعمل رهيو جڏهن هنن کي خبر پيئي ته توهان والدين جي مذهب عيسائيت کي ڇڏي اسلام قبول ڪيو آهي؟”
“مسلمان ٿيڻ کان ڪجهه مهينا اڳ مون گهر ۾ سڀني اڳيان اها ڳالهه ڪئي ته مون کي اسلام سان دلچسپي ٿي وئي آهي. منهنجي ان ڳالهه کي غير سنجيدو قرار ڏئي، هر ڪو مون سان چرچا ڪرڻ لڳو. “واهه ڀائي واهه” تنهنجي افعالن مان ته اسان اهو پئي محسوس ڪيو ته Atheist (دهريو) ٿي آهين” منهنجي وڏي ڀيڻ چيو. پر پُوءِ هنن جڏهن ڏٺو ته مون پورڪ کائڻ ڇڏي ڏنو آهي ته هنن کي محسوس ٿيو ته آئون ان معاملي ۾ سيريس آهيان. هنن ۾ بي چيني پيدا ٿي پئي، بلڪ اهو کڻي چئجي ته منهنجي ان تبديليءَ جو سوچي هو غمگين ٿي پيا، ڇو جو اسان جي گهر جو ماحول ڪٽر عيسائين وارو هو. سئيڊن ۾ اسان جي گهر جهڙا Practicing عيسائي ڪي ورلي نظر ايندا. هڪ عام غير عمل عيسائي گهر جو ڪو کڻي ڪهڙو به مذهب اختيار ڪري ڪا اهڙي اهم ڳالهه نه سمجهي وڃي ٿي، پر اسان جو گهر ته ڄڻ گرجا گهر (Church) ۽ عيسائيت جا رکوالا ۽ حفاظت ڪندڙ سمجهيا ويا ٿي سو ظاهر آهي منهنجي مسلمان ٿيڻ جو ٻڌي هنن کي جهٽڪو لڳڻ قدرتي ڳالهه آهي. پر هاڻ آئون سمجهان ٿي، ته هو نارمل ٿي ويا آهن.
”ٻاهر جي ماڻهن- يعني پاڙي اوڙي جي ماڻهن ۽ ساهيڙين سنگت سان مون کي ڪو خاص مسئلو نه ٿيو، جو مون هنن کي آهستي آهستي ڪري اهو احساس ڏياريو ته آئون مسلمان ٿي وئي آهيان. ڪيترائي منهنجا دوست جيڪي منهنجي مسلمان ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ به هلندا اچن، اهي فقط اهو سمجهن ٿا ته هن نئين مذهب کي اختيار ڪرڻ تي مونکي شايد پريشاني ٿيندي هوندي. ڪي ان بابت مون سان چرچا ڀوڳ به ڪن ٿا پر دوستاڻي انداز ۾- بس ڏک جي ڳالهه فقط اها آهي ته منهنجي ڀاءُ کي اها ڳالهه پسند نه آئي آهي ان ڪري هو هر وقت مون تي سونڊيو هلي، ان ڪري اسان جا تعلقات به اثرانداز ٿيا آهن.
“منهنجي پاران هڪ ڳالهه ڌيان طلب آهي ته آئون شاديءَ خاطر ڪا مسلمان نه ٿي آهيان. آئون پهرين ئي پنهنجي سوچ ويچار ۽ مرضي سان اسلام جي دائري ۾ آيس. شاديءَ لاءِ مڙس سان سڃاڻپ به پوءِ ٿي. مون کي ان ڳالهه تي تڪليف رسندي آهي جڏهن هتي جا ماڻهو اهو سمجهندا آهن، ته منهنجي مڙس مونکي برين واش ڪري مسلمان ڪيو آهي. ڇا ڪجي، اسان جي ملڪ سئيڊن ۾، ويندي اسان جي ملڪ جي هڪ سياسي پارٽيءَ تي، اسلام دشمني جو ڀوت سوار آهي ۽ هو پارليامينٽ ۾ به کلئي عام Islamophobic هجڻ جو اظهار ڪن ٿا.”
“توهان جي ملڪ ۾ اسلام جي وڌڻ کي، توهان ڪيئن ٿيون ڏسو؟”
“اسان جي ملڪ ۾ اسلام، ڌارين ملڪن جي ماڻهن، خاص ڪري عراق، شام، ايران، افغانستان، پاڪستان، بوزنيا، لبنان، فلسطين، ترڪي ۽ صوماليا کان آيل رفيوجين ذريعي عام ٿيو آهي. گذريل ڏهاڪو سالن ۾ اهو وڌيڪ نظر اچڻ لڳو آهي. اسان جا ڪيترائي مقامي ماڻهو اسلام جي خلاف پروپئگنڊا ڪرڻ ۾ به مشغول آهن، پر سئيڊن جا مسلمان انهن جي خلاف آواز اٿاري رهيا آهن ۽ اسلام جي بچاءَ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن.”

قرآن ۽ حجاب بابت رابن جا ويچار

“توهان کي توهان جي خيال موجب قرآن جون ڪهڙيون آيتون وڌيڪ خوبصورت لڳن ٿيون؟”
رابن، ان سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته “اهو ڏاڍو مشڪل آهي ته ڪا هڪ يا ڪجهه آيتون چونڊي سگهجن. سچ ته اهو آهي ته مونکي ته اها به خبر ناهي ته توهان ائين ڪري سگهو ٿا. قرآن رب پاڪ جو ڪلام آهي. اهو بيحد پاڪ ۽ عظيم آهي. پر ڪي آيتون جيڪي منهنجي دل تي هميشه ترنديون رهن ٿيون، هن ريت آهن:
 پوءِ هي ماڻهو قرآن مجيد کي سمجهڻ لاءِ عقل نٿا هلائين؟ يا (هيئن آهي ڇا ته) سندن دلين (۽ دماغن) تي ڪلف لڳي ويا آهن؟ (محمد ص 24:47)
 جنهن به ماڻهوءَ سواءِ ان حالت جي جڏهن قصاص وٺڻو هجي يا ملڪ ۾ ڦرمار ۽ خونريزي ڪرڻ وارن کي سزا ڏيڻي هجي، ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي قتل ڪري وڌو تنهن ڄڻ ته سڀني انسانن جو خون ڪيو، ۽ جنهن به ٻئي ڪنهن جي حياتي بچائي تنهن ڄڻ ته سڀني ماڻهن کي حياتي ڏني (المائده: 5-32)
 اي انسانو! مون اوهان کي هڪ ئي مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ توهان ۾ ذاتيون ۽ قبيلا ٺاهيا آهن سو رڳو هن لاءِ ته توهان هڪ ٻئي کي سڃاڻو. اوهان ۾ وڌيڪ عزت وارو الله جي نظر ۾ اهو آهي جيڪو تقوى ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي. بيشڪ الله تعالى سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀ ڪا خبر رکندڙ آهي (الحجرات 49-13)
“حجاب بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟ حجاب اوڍڻ سان توهان جي ذاتي زندگيءَ تي ڪو اثر ٿيو آهي؟”
رابن: “حجاب بابت مون وٽ ڪا خاطر خواهه ڄاڻ نه آهي. مون حجاب جو استعمال دير سان شروع ڪيو ۽ اڄ به آئون خاطريءَ سان مطمئن نه آهيان ته حجاب جو تعلق مذهب سان آهي. پر آئون ڏسان پئي ته ماڻهو ان کي مذهبي ضرورت سمجهن ٿا. اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ بعد، وڏي عرصي کان پوءِ مون حجاب جو استعمال شروع ڪيو. ان ڪري جو ڪجهه ته آئون مطمئن نه پئي ٿيس ته اهو ڪو ضروري آهي. اهو ان ڪري به نٿي استعمال ڪيم جو امان کي نٿي وڻيو. پر هاڻ جڏهن آئون والدين کان ڌار، پنهنجي زندگي گذاريان ٿي ته آئون گذريل سال کان حجاب جو لڳاتار استعمال ڪندي رهان ٿي.
“مون کي ان ڳالهه جي خوشي ٿئي ٿي ته حجاب اوڍڻ تي ماڻهو مونکي مسلمان سمجهن ٿا. آئون جي حجاب نه پهريان ته ڪو سوچي به نٿو سگهي ته هيءَ سونهري وارن ۽ نيرين اکين واري ڇوڪري مسلمان ٿي سگهي ٿي. مونکي پنهنجي مذهب تي فخر آهي ان ڪري آئون اهو ئي چاهينديس ته ماڻهن کي ڀلي خبر پوي ته آئون مسلمان آهيان. ڪڏهن ڪڏهن مون کي پريشاني به ٿئي ٿي، جڏهن مونکي منهنجا ماڻهو عجيب نظرن سان گهورين ٿا، ته مون هڪ ڌارئين مذهب کي ڇو قبول ڪيو، پر گهڻي ڀاڱي آئون پُرسڪون ۽ خوشي محسوس ڪريان ٿي ته مون اسلام جهڙو عالمي مذهب قبول ڪيو آهي، جنهن ۾ مونکي منهنجي هر سوال هر مونجهاري جو جواب ملي ٿو.
“جيستائين اسلام ۾ مردن ۽ عورتن جو هڪ ٻئي سان گهرائيءَ جو سوال آهي، آئون اهوئي چونديس ته مسلمان مرد توڙي عورت لاءِ ضروري آهي ته نه هو پاڻ کي ۽ نه ٻئي کي Sexual Object (جنسي ڪشش) جو سبب بڻائين. سنها، اڌ گابرا ۽ جسم سان چهٽيل ڪپڙا پائي مخالف جنس کي غلط راهه اختيار ڪرڻ جي دعوت نه ڏجي، منهنجي خيال ۾ حجاب جو هڪ مقصد اهو به آهي ته عورت پڙدي ۾ رهي. عورت کي Sexual Object بنائڻ بدران هن سان عزت سان پيش اچجي.”
“توهان کي اسلام جي ڪهڙي ڳالهه گهڻو متاثر ڪيو.”
رابن: “اسلام دراصل اهو مذهب آهي جنهن ۾ مون کي هر سوال جو جواب ملي ٿو. اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ مون کي اهو فرق لڳو ته اسلام اهو ٻڌائڻ کان علاوه ته ڪهڙي ڳالهه صحيح ۽ سٺي آهي اسلام ان کي ڪرڻ جو طريقو به ٻڌائي ٿو ته ان کي ڪيئن Implement ڪيو وڃي، جيئن ان ماڻهو ۽ سوسائٽيءَ لاءِ بهتر ثابت ٿئي. مثال جي ڳالهه هر مذهب اهوئي چوي ٿو ته چوري نه ڪريو. اسلام طريقو به ٻڌائي ٿو ته اها ڪيئن بند ڪري سگهو ٿا. مثال طور اسلام ۾ زڪوات جو سسٽم آهي. جيڪڏهن ملڪ جو هر ماڻهو ان تي عمل ڪري ته غربت آٽوميٽيڪلي ختم ٿي سگهي ٿي. ملڪ ۾ ڪوبه بک وگهي نه مرندو. ان بعد رب پاڪ سوره مائده جي 38هين آيت ۾ فرمائي ٿو ته: “۽ جيڪي چور هجن، مرد خواهه عورتون، تن جا هٿ وڍي ڇڏيو. اها هنن جي ڪيتي جي سزا آهي ۽ الله جي طرف کان عبرت جي نشاني آهي (جنهن کي ڏسي ٻيا چوري نه ڪندا) الله تعالى (سڀني تي) غالب ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.”
اسان وٽ مغرب ۾ جڏهن ٻڌن ٿا ته اسلام چوريءَ جي سزا هٿ ڪپڻ لاءِ چوي ٿو ته هنن کان رڙ نڪريو وڃي ته Chopping hand for robbery! هو سمجهن ٿا ته سعودي عرب ۾ هر ماڻهو ڪپيل هٿ سان پيو هلي. هرگز نه. سزا جي ڊپ کان هر ماڻهو ڏوهه ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو. سو آئون اهو چونديس ته Islam besides speaking good things shows you the way to achieve the state of goodness اهڙي طرح عورتن جي ڇيڙڇاڙ ۽ Rape جو مسئلو آهي. هر مذهب ان کي غلط ٿو سمجهي. اسلام حجاب ۽ پوشاڪ جا شرط ٿو رکي... عورت کي اهڙا ڪپڙا نه پائڻ کپن جن مان آرپار نظر اچي، جيڪي ٽائيٽ هجن يعني جسم تي چنبڙيل هجن، جن مان اوگهڙ ظاهر ٿئي يا اهي ڪپڙا جيڪي مخالف جنس ۾ ڪشش پيدا ڪن. ۽ عورت کي molest ڪرڻ جي اسلام ۾ سزا موت آهي، جنهن تي اسان جا ماڻهو حيرت ٿا کائين. پر توهان نتيجا ڏسو. آمريڪا يا اسان وٽ يورپ ۾ سخت سزا ناهي ته روزانو Rape جا ڪيترا ڪيس ٿين ٿا.
“مسلمان ٿيڻ بعد حلال کاڌي جو سئيڊن ۾ ڪو بندوبست ڌيان ۾ آهي؟”
رابن: “اڄ ڪلهه سئيڊن توڙي ناروي ۾ جتي ڪٿي مسلمان نظر اچن ٿا. ايشيا ۽ آفريڪا کان ته جيڪي لڏي آيا آهن انهن جا ته ڪيترائي حلال شين جا ننڍا ننڍا دڪان آهن. هنن ۾ ڪاسائي به آهن جيڪي حلال طريقي سان ٻڪري، رڍ يا ڍڳي ذبح ڪن ٿا. ان کان علاوه هر وڏي ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ هڪ ننڍڙو سيڪشن حلال کاڌي جو به آهي جتي تازو حلال ڪيل گوشت به آهي ته فروزن گوشت به آهي جيڪو ”حلال“ لفظ جي ٺپي سان موراڪو، ترڪي ۽ مصر جهڙن مسلمان ملڪن کان اچي ٿو. هتي سئيڊن ۾ ته هڪ تمام وڏو سلاٽر هائوس (مذبح خانو) به آهي جيڪو اسلامي طريقي سان جانور حلال ڪري ٿو ۽ انهن جو گوشت هن جي برانڊ نالي “Muslim Halal Kott” سان سڄي سئيڊن ۾ وڪامي ٿو. (سئيڊش ٻوليءَ ۾ Kott جي معنى ئي آهي “گوشت”)

اتر قطب جي ويجهو واري مسجد ۽ روسي لئبر ڪئمپون

آرڪٽڪ شهرن جي ڳالهه ڪرڻ دوران اسان هر وقت ناروي ۽ سئيڊن جو ذڪر ٿا ڪريون ٿا ته ٽرومسو، ڪرونا وغيره انهن ملڪن جا شهر آهن. اتر قطب (North Pole) جي مٿان ڏسبو ته ناروي ۽ ڊئنمارڪ کان علاوه روس، ڪئناڊا ۽ گرين لنڊ ملڪن جا پڻ ٿورا گهڻا اتراهان حصا آرڪٽڪ سرڪل (66.5 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ) کان ڪجهه مٿي، اتر ڏي نظر ايندا. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي جيڪي وڏا شهر آهن، انهن ۾ گهڻي آدمشماري (ٽي لک کن وارو) پهرئين نمبر تي مرمانسڪ (Murmansk) آهي ۽ ٻئي نمبر تي (180،000 آدمشماري وارو شهر) نورلسڪ (Norilsk) آهي. جيڪي ٻئي شهر روس جا آهن. جن بعد ناروي ۽ سئيڊن جا شهر اچن ٿا: جيئن ته ٽرومسو (76000) وورڪتا (59000) ۽ ڪِيرونا (17000).
اسان هر وقت نه فقط سئيڊن ۽ ناروي جو ذڪر ڪريون ٿا پر انهن جي اتراهن شهرن ۾ گهمڻ لاءِ وڃون ٿا. اهو ان ڪري جو انهن ملڪن جي شهرن ڏي ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جو سٺو بندوبست آهي. علمي ادارن جي گهڻائي هجڻ ڪري تعليماسان جي ملڪ جا ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به اتي اچن ٿيون. هوڏانهن روس جو شهر “نورلسڪ” جيتوڻيڪ وڏو آهي، ڪارخانن ۽ ڌاتو ملڻ ڪري امير آهي ۽ خاص ڪري مسلمانن لاءِ اهو اهم شهر آهي پر اتي پهچڻ يا اتان موٽڻ بيحد ڏکيو ڪم آهي جو سواريءَ لاءِ نه ريل جو بندوبست آهي نه ڪار يا بس جو. هوائي جهاز ۽ ٻيڙيءَ رستي ئي اچي وڃي سگهجي ٿو ۽ سياري ۾ سمنڊ جي ڄمي برف ٿيڻ تي ٻيڙين جو هلڻ به بند ٿيو وڃي. مٿي هن شهر نورلسڪ (Norilsk) بابت لکيو اٿم ته اسان مسلمانن لاءِ اهم شهر آهي، اهو ان ڪري جو هن اتراهين ڇيڙي واري شهر جي اٽڪل چوٿون حصو آدمشماري 50،000 مسلمان آهن. هن شهر جي مسجد “نورد ڪمال” دنيا جي سڀ کان ڏورانهين مسجد آهي، يا کڻي چئجي ته اتر قطب کي ويجهي ۾ ويجهي مسجد آهي. هن مسجد بابت “گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس” ۾ به اچي چڪو آهي ته هيءَ مسجد The Most northerly situated mosque in the world آهي. هيءَ مسجد هتي جي رهاڪو تاتاري بزنيس مئن ”مختار بيقميوي“ پنهنجي والدين جي ياد ۾ 1998ع ۾ ٺهرائي. سندس پيءُ جو نالو نوردين هو ۽ ماءُ جو گئنيڪمال، جن جي نالن جو پهريون نورد ۽ آخري ڪمال ملائي مسجد جو نالو “نورد ڪمال” رکيو ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ههڙي ٿڌ واري شهر جتي سياري ۾ لڳاتار چار مهينا کن رات ڪري اونداهه ۽ سخت ٿڌ ٿئي ٿي، ٿڌ جو پڌ زيرو کان به 50 ڊگريون هيٺ ٿيو وڃي. ان ۾ اهڙي هنڌ تي اهڙي خوبصورت مسجد ٺهرائڻ تي ضرور وڏو خرچ آيو هوندو. چون ٿا ته هن مسجد ٺهرائڻ ۾ برطانيا جي ”اسٽيفن ٽرانثام“ نالي هڪ مخير همراهه پڻ وڏو پئسو ڏنو هو. مسجد جو اسٽائيل ترڪي جي مسجدن جهڙو آهي، يعني گنبذ ۽ مناري وارو. هن مسجد ۾ فقط هڪ مينار رکيو ويو آهي، سو به گول بدران چورس آهي. اهو ان ڪري جو چورس شڪل واري مينار جون ڀتيون فريز نٿيون ٿين ۽ ان Shape جو مينار سخت ٿڌين ۽ تيز رفتار هوائن جو وڌيڪ مقابلو ڪري سگهي ٿو.
روس جو هي اتراهون شهر ”نورلسڪ“ آرڪٽڪ سرڪل کان 330 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. هي علائقو سمجهو ته سڄو برف جو ريگستان آهي. جيڏانهن اک وڃي ٿي برف ئي برف نظر اچي ٿي. اونهاري ۾ سخت سيءَ ڪري ڪو ٻوٽو يا وڻ ٽڻ نظر نٿو اچي، پر جتي هي شهر آهي ان جي آسپاس قدرت طرفان قيمتي ڌاتو دفن ٿيل آهن. سڀ کان گهڻو قيمتي ڌات پالاڊيم (Palladium) آهي جنهن جو فارمولو اسڪول ڏينهن ۾ اسان کي Pd ياد ڪرايو ويو ٿي، جيئن لوهه جو Fe، چانديءَ جو Ag ، پوٽيشيم جو K ۽ سوڊيم جو Na وغيره آهي. پالاڊيم چانديءَ جهڙو اڇي رنگ جو ٿئي ٿو ۽ واچن، سرجيڪل اوزارن، ڏندان سازي (Dentistry) ۽ خاص ڪري موبائيل فونن ۾ ڪم اچي ٿو.
پالاڊيم کان علاوه ٽامو، نِڪل، پتل ۽ ٻيا به ڌاتو آهن، جن کي نج ڪرڻ لاءِ ڪارخانا پڻ آهن. انهن ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهين ۽ سلفر گئس جي ڪري هي شهر دنيا جي گدلن شهرن مان هڪ مڃيو وڃي ٿو ۽ هتي جا رهاڪو زهريلي هوا ۽ گهڻي ٿڌ ڪري بيمار رهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي فئڪٽرين ۾ يا گهر جي ڪنسٽرڪشن تي مزورن کي ڏهاڙيءَ ۾ وڏو پئسو ملي ٿو.
هن کان اڳ به لکي چڪو آهيان ته سخت ٿڌ (ڪاٽو 50 ڊگريون) هجڻ ڪري هتي جي ڌرتي ڪئين ميٽرن تائين هيٺ فروزن رهي ٿي، جنهن ڪري دفن ڪيل مردا سؤ سالن بعد به ساڳي حالت ۾ رهن ٿا. اهو ائين آهي جيئن ريفريجريٽر جي مٿئين خاني “فريزر” ۾ گوشت ساڳي حالت ۾ رهي ٿو، جيتوڻيڪ فريزر جي ٿڌ ڪاٽو ويهن ڊگرين تائين مس ٿئي ٿي. نورلسڪ جي ڌرتي ته ان کان به 30 ڊگريون وڌيڪ ٿڌي رهي ٿي. ان ڪري دفن ڪيل مردا Decompose ٿين ئي ڪونه ٿا. بکايل رڇ انهن مردن کي، خاص ڪري جيڪي دفن ڪرڻ بدران ائين ئي رستي تي يا ڪنهن کڏ ۾ اڇلايا ويا، گوشت کائي هڏا ڇڏيو وڃن جن مٿان وڃن ٿا هر سال برف جا تهه چڙهندا پوءِ ڪٿي ڪنسٽرڪشن جو ڪم ٿئي ٿو يا کوٽائي ڪئي وڃي ٿي ته انساني هڏن جا انبار ملن ٿا.
هن پاسي کان اڻ واقف ماڻهن جي دلين ۾ اهو ئي سوال پئدا ٿيندو ته اهي ڪهڙا انسان هئا جن کي مرڻ تي ائين بيدرديءَ سان جانورن حوالي ڪيو ويو جن جون هڏيون اڄ به نظر اچن ٿيون؟ دراصل 1930ع کان 1950ع تائين- لينن کان اسٽالن تائين سوويت (USSR) ۾ ڪميونزم دوران باغي سياسي ليڊرن ۽ معمولي ڏوهه ڪندڙن کي سزا طور روس جي اتراهن ٿڌن علائقن ۾ پورهئي لاءِ موڪليو ويو ٿي. ڪميونسٽ حڪومت جنهن تي به ڪاوڙي ٿي يا شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ٿي، ته هن کي لئبرڪئمپ جي سزا ڏني ٿي، جن ڪئمپن مان نورلسڪ به هڪ هئي. جوزف اسٽالن جي ڏينهن ۾ ته لکين قيدي بک ۽ خراب حالتن ڪري هنن “فورسڊ لئبر ڪئمپس” ۾ مري ويا، جن کي روسي ٻوليءَ ۾ GULAG سڏيو ويو ٿي. جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو Main Administration of Corrective Labour Campus ڪيو وڃي ٿو يا فقط “Forced Labour Camps”.

شيعا ۽ سني هڪ ئي مسجد ۾ نماز پڙهن ٿا

روس ۽ اوسي پاسي جي رياستن ازبڪستان، قزاقستان کان رومانيا، بلغاريا، پولنڊ جي ماڻهن کي چپ چاپ ائين موت جي حوالي ڪيو پئي ويو پر دنيا کي تفصيلي خبر نٿي پئي. پوءِ جڏهن “اليگزينڊر سولزنيتسين” نالي روسي ٻوليءَ جي هڪ ناول نويس، افسانا نگار ۽ تاريخدان اٺ سال هن لئبر ڪئمپ ۾ سزا ڪاٽڻ بعد آزادي ماڻي ته هن The Gulag Archipelago نالي ناول لکيو. هُن کي هِن ڪتاب تي نوبل پرائيز به مليو. هي ڪتاب 1973ع ۾ ڇپيو هو. انهن ڏينهن ۾ آئون يورپ ۽ آمريڪا روٽ تي هوس. جيئن اڄ ڪلهه هر هڪ جي هٿ ۾ سمارٽ فون نظر اچي ٿو، ائين انهن ڏينهن ۾ ريل ۾ سفر ڪندڙ، ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ گراهڪن جو انتظار ڪندڙ سيلز گرلس ۽ پارڪن ۾ ويٺل واندن جي هٿ ۾ ڪو نه ڪو ناول هوندو هو. جن ڏينهن ۾ سولز نيتسين جو مٿيون ناول ڇپيو هو ته هر هڪ جي هٿ ۾ اهوئي ناول هو جيڪو هڪ وڏو عرصو The Best Book of the Month رهيو. مون به سري لنڪا جهڙي ملڪ مان ان ناول جو سستو ايڊيشن وٺي پڙهيو هو. بعد ۾ ته سولزنيتسين جا پهريان وارا ناول به بيحد مشهور ٿي ويا، جيئن: 1968 The Cancer Ward ۽ 1771ع جو ناول August 1914 . سندس هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو پڻ انهن ڏينهن ۾ پڙهيوسين ۽ ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيو، اهو آهي One Day in the Life of Ivan Denisovich. اسان جي هانگ ڪانگ واري آفيس ۾ هڪ ايراني هو. تنهن ان ڪتاب جو فارسي ترجمو تهران مان گهرايو هو. جنهن جو نالو هو: “يک روز از زندگي ايون دنيسويچ”.
نورلسڪ شهر جي “مسجد نورد ڪمال” ٺهرائڻ وارو همراهه مختار هاڻ ڪاري سمنڊ جي ويجهو روس جي شهر سوچيءَ (Sochi) ۾ رهي ٿو جيڪو جارجيا ۽ خودمختيار رياست آبخازيا جي بارڊر وٽ آهي. مسجد جي سنڀال ۽ امامت 2007ع کان 40 سالن جو مقوم صديقو (صديق) ڪري ٿو. صديق ازبڪ آهي جيڪو ڪرغستان ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. صديق جو ڏاڏو سوويت ڊڪٽيٽر جوزف اسٽالن جي لئبرڪئمپ ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ نورلسڪ ۾ رکيو ويو هو. هن کي جيئن ئي موقعو مليو ته هو پنهنجي جان بچائي نورلسڪ مان ڀڄي ويو. گهڻو گهڻو پوءِ، هن جو هي پوٽو صديق روزگار ڪمائڻ خاطر هتي نورلسڪ ۾ آيو هو. هتي مختلف ڌاتن جا ڪارخانا آهن ۽ گهڻي ٿڌ ۽ ڊگهين اونداهين راتين ڪري مزورن کي روس جي ٻين شهرن کان وڌيڪ ڏهاڙي ملي ٿي. ريوٽر جرمن خبر رسان ايجنسيءَ طرفان ورتل انٽرويو ۾ صديق ٻڌايو ته هاڻ ڏينهون ڏينهن اهي بهتر پگهار نٿا ملن جن لاءِ جان ماري ڪئي وڃي، ڇو جو هتي ڪم ڪندڙ هر ٻن ماڻهن مان هڪ سخت سيءَ ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلي گئس ڪري سخت بيمار ٿيو پوي. شهر ۾ رهندڙ اڌ لک کن مسلمانن ۾ گهڻا واپاري ۽ عمارتون ٺاهڻ وارا آهن. اهي گهڻو ڪري آذربائيجان ۽ داغستاني سني آهن. آذربائيجان جا اڪثر شيعا ٿين، پر هن اتراهين قطبي شهر نورلسڪ ۾ سني شيعن جي پاڻ ۾ ڪابه کِٽ پٽ ناهي. ٻنهي فرقن جا ماڻهو شهر جي هن اڪيلي مسجد ۾ نماز ۽ قرآن پڙهڻ لاءِ اچن ٿا.
نورلسڪ جي مسجد جي سار سنڀال لهڻ وارو صديق بنا ڏاڙهيءَ جي آهي ۽ مٿي تي آر واري سائي رنگ جي ٽوپي رکي ٿو. روزگار جي ڳولا لاءِ هن ڪرغستان جو شهر اوش (Osh) ڇڏي، سوويت آرمي ۾ ڀرتي ٿي پهرين ماسڪو ۾ نوڪري ڪئي، ان بعد سائبيريا جي ٻين ٻن شهرن ۾ ڪم ڪرڻ بعد هو ست سال اڳ نورلسڪ ۾ اچي رهيو جو هتي نورلسڪ پگهار سٺا ٿي مليا. هن کي هر مهيني 1000 ڊالرن کان 1200 ڊالرن جيترا روبل مليا ٿي جيڪي روس جي حساب موجب سٺا سمجهيا ويا ٿي، پر هاڻ هتي به مهانگائي وڌڻ ڪري ايترن پئسن مان گذارو ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو نورلسڪ ۾ رهندڙ نه رڳو مسلمان پر ٻيا به هي شهر ڇڏي ڏکڻ ڏي وڃي رهيا آهن ۽ سال ۾ تقريبن 5000 ماڻهو هتان لڏين پيا.
آذر بائيجان ۽ ٻين غير روسي رياستن جي ورڪرن لاءِ ته 2002ع کان نورلسڪ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اچڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، جو هتي جي حڪومت فارينرن لاءِ روس جي شهرن ۾ پورهئي ڪرڻ تي سختيون ڪري ڇڏيون آهن. اهڙي طرح ڌارين ماڻهن لاءِ گهمڻ جي ويزا به ڏکي ڪري ڇڏي آهي.
صديق ظهر نماز کان آڌي رات تائين هيءَ مسجد کليل رکي ٿو، جيئن رات جو دير تائين نماز کان علاوه ڪو قرآن سکڻ چاهي ته اهو به اچي سگهي. جمع نماز تي اڪثر ڇهه سؤ کن نمازي نظر اچن ٿا.
روس جي “آرڪٽڪ” يعني اتراهين علائقي جي هن شهر نورلسڪ بابت ڪجهه ٻيون ڳالهيون لکندو هلان ته دنيا جي انهن شهرن ۾ جيڪي آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي آهن انهن ۾ نورلسڪ ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي. جيڪو شهر پهرين نمبر تي آهي يعني مورمانسڪ (Murmansk) اهو پڻ روس جو شهر آهي ۽ آرڪٽڪ سرڪل (جيڪو 66.5 ڊگرين ويڪرائي ڦاڪ کي سڏجي ٿو) ان کان مٿي يعني اتر ۾ آهي. نورلسڪ شهر مورمانسڪ شهر کان ننڍو ضرور آهي پر اهو مورمانسڪ کان به مٿي وڌيڪ اتر ۾ آهي. مورمانسڪ شهر 68.96 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ۽ نورلسڪ شهر 69.36 ڊگريون اتر ۾ آهي. مورمانسڪ هڪ بندرگاهه آهي جتي اونهاري جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا کن جهازن جي آمدرفت لڳي رهي ٿي ۽ سال ۾ 60 ڏينهن کن 22 مئي کان 23 جولاءِ تائين لڳاتار سج اڀريل نظر اچي ٿو. نورلسڪ پنجاهه سٺ کن ڪلو ميٽر وڌيڪ اتر ۾ هجڻ ڪري اتي سج لڳاتار 66 کن ڏينهن اڀريل رهي ٿو.
روس جو هي اتراهون شهر ”نورلسڪ“ سمنڊ جي ڪناري تي ناهي. هن شهر کان 90 ڪلو ميٽر کن پري يني سئي (Yenisei) نديءَ جي ڪناري تي ڊوڊنڪا نالي بندرگاهه آهي. هيءَ ندي ”ڪارا سمنڊ“ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن سمنڊ (Kara Sea) ذريعي سال جا اونهاري وارا ٻه مهينا مختلف هنڌن تان فيريون ڊوڊنڪا (Dudinka) بندرگاهه ۾ اچن ٿيون جتان نورلسڪ تائين بسون هلن ٿيون، جيڪي نورلسڪ تائين 90 ڪلوميٽرن جو سفر ڏيڍ ڪلاڪ ۾ ڪن ٿيون. بهرحال پاڻي ذريعي اچڻ جو اهو ذريعو فقط ٻه مهينا هلي ٿو ۽ نو مهينا سيارو ۽ برف ڄمي ٿي. ان بعد اونهاري جي ٽن مهينن مان هڪ مهينو برف ڳرڻ ۾لڳي ٿو. سو ٽوٽل ڏهه مهينا کن هن نديءَ يا ڪارا سمنڊ ۾ جهازراني بند رهي ٿي. ظاهر آهي هي سمنڊ جتي سائيبريا ختم ٿئي ٿي ان جي به اتر ۾ آهي. ڪارا سمنڊ ۽ ان جي اولهه وارو سمنڊ بئرنٽس (Barents) سمنڊ، ٻئي “آرڪٽڪ وڏي سمنڊ” جا حصا آهن جيئن اسان وٽ عربي سمنڊ، ايراني نار، خليج بنگال وغيره “هندي وڏي سمنڊ” جا حصا آهن. نورلسڪ ۾ پهچڻ لاءِ سال جا باقي ڏهه مهينا هوائي جهاز ذريعي اچي سگهجي ٿو. ان کان علاوه نورلسڪ کان ٻين شهرن ۾ پهچڻ لاءِ نه روڊ رستا آهن ۽ نه ريل گاڏي. اهوئي سبب آهي جو ڪميونسٽ دور ۾ جن کي سزا طور نورلسڪ موڪليو ويندو هو، انهن لاءِ هتان ڀڄي نڪرڻ جي ڪا واهه نه هوندي هئي. اڄ به هتي گهٽ ماڻهو اچن ٿا ۽ ٽوئرزم لاءِ ته ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اچي ٿو جنهن لاءِ هن کي ماسڪو مان خاص اجازت وٺڻي پوي ٿي. جيستائين روس جي آرڪٽڪ علائقي وارو “مورمانسڪ” شهر آهي ان ۾ پهچڻ جا ڪيترائي ذريعا آهن ۽ روس توڙي ٻين ملڪن جا ڪيترائي سياح گهمڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. روس جي شهر ”ماسڪو“ ۽ ”سينٽ پيٽرس برگ“ مان ته روزانو مورمانسڪ اڏام وڃي ٿي. ريل رستي پڻ مورمانسڪ شهر نه رڳو روس جي شهرن سان ڳنڍيل آهي پر يورپ جي ٻين ملڪن سان پڻ. مورمانسڪ ناروي جي بارڊر کان فقط 108 ڪلوميٽر آهي ۽ فنلنڊ جي بارڊر کان 182 ڪلوميٽر – يعني ڪراچيءَ کان حيدرآباد جيترو فاصلو مس آهي. ريلوي لائين کان علاوه مورمانسڪ يورپ جي ڪيترن ئي شهرن سان باءِ روڊ به ڳنڍيل آهي ۽ هر وقت بسون ڪارون اينديون وينديون رهن ٿيون. ماسڪو کان مورمانسڪ ريل گاڏيءَ ۾ اچڻ ۾ 40 ڪلاڪ ۽ سينٽ پيٽرس برگ کان اچڻ ۾ 30 ڪلاڪ لڳن ٿا.
روس جي مٿين ٻن آرڪٽڪ شهرن مورمانسڪ ۽ نورلسڪ مان نورلسڪ ۾ مسلمان گهڻا رهن ٿا، جن ۾ هتي جي روسين کان علاوه آذربائيجاني، چيچن، تاتاري ۽ داغستاني آهن ته وچ ايشيا جي ملڪن ڪرغستان، قزاقستان، ازبڪستان ۽ تاجڪستان جا به رهاڪو آهن. ڪي ته هتي جا ماڻهو به مسلمان ٿيا آهن. سياحت جا اهي شوقين جن کي اهڙن شهرن گهمڻ جو شوق آهي، جيڪي شهر دنيا جي بلڪل آخري ڇيڙي تي اتر ۾ آهن، اهي سئيڊن جي اتراهين شهر ڪِرونا (Kiruna) ۾ ڀلي وڃن، اهڙي طرح ناروي جي شهر “هئمرفاسٽ” يا “هوننگس ويگ” ۾ ڀلي وڃن، جتان ويجهڙائي ۾ سڪرنڊ جو پير حماد الله ٿي آيو آهي ۽ سفر نامو “يورپ جا روشن ڏينهن” لکيو اٿس يا سکر جو وڪيل “شبير شر” ٿي آيو آهي، توهان روس جي به اتراهين شهر مورماسڪ وڃڻ جي تڪليف يا جوکو يا Adventure ڪري سگهو ٿا، پر پنهنجي پڙهندڙن کي نورلسڪ وڃڻ کان گريز ڪرڻ جي نصيحت ڪندس. ڇو جو نورلسڪ وڃڻ يا موٽڻ لاءِ ڪي به روڊ رستا يا ٽرين ناهي. ماڻهو اتي وڃي ڦاسي سگهي ٿو. هڪ ئي روڊ آهي جيڪو نورلسڪ کان ويجهو وهندڙ درياءَ يني سئي (Yenisei) جي بندرگاهه دودنڪا (Dudinka) تائين وڃي ٿو جتان روس جي ٻين شهرن ڏي فيري وڃي ٿي، پر اها به فقط اونهاري جي مهينن ۾ ۽ هتي اونهارو معنى اسان وانگر ڏهه مهينا ناهي، نورلسڪ ۽ دودنڪا پاسي اونهارو معنى فقط ٽي مهينا جون، جولاءِ ۽ آگسٽ. باقي نو مهينا سخت ٿڌ آهي ۽ ٽيمپريچر ڪاٽو 40 کان ڪاٽو 50 جي وچ ۾ رهي ٿو. درياهه جو پاڻي ته ڄميل برف رهي ٿو پر اهو سمنڊ “ڪارا سمنڊ” جنهن ۾ دودنڪار بندرگاهه واري ندي وڃي ڇوڙ ڪري ٿي اهو به 9 مهينا ڄميل رهي ٿو. ان بعد جون جي مهيني ۾ سج اڀرڻ شروع ٿئي ٿو ۽ جيتوڻيڪ لڳاتار اڀريل رهي ٿو پر چوٽ کڻڻ بدران افق وٽ ڦرندو رهي ٿو جنهن ۾ تپش نه برابر رهي ٿي ۽ ڄميل برف جي ڳرڻ ۾ مهينو کن لڳيو وڃي. يعني نورلسڪ پاسي اونهارو ٻه مهينا مس رهي ٿو جنهن ۾ اتي جي درياهه ۽ ڪارا سمنڊ ۾ جهاز راني ٿئي ٿي يعني فيري جهاز هي ٻه مهينا مسافر کڻي نورلسڪ جي ڀر واري شهر دودنڪا ۾ اچن ٿا. جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ٽوئرسٽ نورلسڪ گهمڻ اچن ٿا، يا يونيورسٽين جا پروفيسر هتي جي ڪميونسٽ لئبر ڪئمپ جو جائزو وٺڻ اچن ٿا، اهي انهن ٻن مهينن ۾ اچن ٿا ۽ آگسٽ جو مهينو ختم ٿيڻ کان اڳ هتان هليا وڃن، جو ٻي صورت ۾ هنن کي هوائي جهاز ۾ وڃڻ لاءِ سيٽ هٿ ڪرڻي پوندي يا نو مهينا سياري جا انتظار ڪرڻو پوندو. ۽ هتي جو هڪ هڪ ڏينهن گهارڻ ڏکيو ڪم آهي. روس ۾ هونءَ ئي مهانگائي آهي ۽ هتي نورلسڪ ۾ ته هيڪاندي گهڻي آهي، جو هتي ڪابه پوک نٿي ٿئي. ڏورانهن ڏاکڻن شهرن مان هر شيءِ اچي ٿي جنهن کي پهچڻ ۾ وڏو عرصو لڳڻ ڪري وڏي اگهه تي ملي ٿي ۽ سياري ۾ ته هر شيءِ هوائي جهاز رستي ئي پهچي ٿي. بقول هڪ ٽوئرسٽ جي نورلسڪ ۾ جيترن پئسن ۾ هڪ ٽوڪرو بصرن ۽ پتائي گجرن جو ملي ٿو اوتري قيمت ۾ توهان ماسڪو ۾ انگورن ۽ صوفن جو ٽوڪرو خريد ڪري سگهو ٿا، جيتوڻيڪ ماسڪو ۾ به ڪا سستائي ته نه آهي. پئرس ۽ لنڊن کان به مهانگو شهر آهي.
مٿي لکي آيو آهيان ته نورلسڪ ۾ ڪابه پوک يا وڻ ٽڻ نٿو ٿئي. اهو ان ڪري جو آرڪٽڪ جا هي علائقا جتي اسان جي گهرن ۾ رکيل فريزرن کان به ٻيڻي ٿڌ ٿئي ٿي، اتي ڪا شيءِ نه خراب ٿئي ٿي نه ڦٽي سگهي ٿي. زمين ۾ دفن ڪيل لاش سئو سالن بعد به ساڳي حالت ۾ رهن ٿا، ڇو جو هيٺ ڌرتي ڪئين ميٽر فروزن رهي ٿي. اهڙي ڌرتيءَ کي Permafrost سڏجي ٿو. دراصل هن پاسي ٿڌ ايتري آهي جو سياري جا نو مهينا ته برف باري ۽ طوفان (تيز ٿڌيون هوائون) پيا لڳن، پر اونهاري ۾ به توهان کي ڳريل برف جا ريلا نظر ايندا. هن پاسي ٻاهر نڪري گهمڻ به سولو ڪم ناهي. تمام گهڻا گرم ڪپڙا پائي ٻاهر 15 کان 20 منٽن تائين مس چڪر هڻي سگهو ٿا. ان جو تجربو مونکي سئيڊن ۽ ناروي جهڙن شهرن ۾ به ٿيندو هو، جتي سياري ۾ ڪو ڪاٽو ڏهه يا ڪاٽو پنڌرهن تائين مس ٿڌ هوندي هئي، پر بس جي انتظار ۾ ڏڪبو پيو هو ته بس اچي ته ان ۾ اندر ويهي گرم ٿجي. هنن ملڪن ۾ حڪومت طرفان به اهو قانون آهي ته بس کي هر بس اسٽاپ تي ڏهن منٽن اندر اچڻ کپي. سو ان مان اندازو لڳايو ته نورلسڪ، ڪرونا يا هئمرفيسٽ جهڙا اتراهان شهر جتي سياري ۾ ڪاٽو چاليهن کان به وڌيڪ ٿڌ ٿئي ٿي، رستن تي هلڻ واري جي ڪهڙي حالت ٿيندي هوندي. نورلسڪ مان ٿي آيل هڪ پروفيسر کان ٻڌو هوم ته هو گهٽين ۾ پنڌرهن منٽ کن چڪر هڻي ڪنهن ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ گهڙي ويندو هو. هن ٻڌايو ته نو مهينا سيارو ۽ برف باري رهڻ بعد جيڪو ٽي مهينا اونهارو ٿئي ٿو، اهو اهڙو هلڪو ٿئي ٿو جو ڪڏهن ڪڏهن سياري واري وسيل برف ئي نٿي ڳري. اونهاري جي ٽن مهينن ۾ جيڪو سج اڀري ٿو، اهو به افق جي ويجهو ئي رهي ٿو ان ڪري ٿڌو رهي ٿو. انهن ٽن مهينن ۾ کڻي برف باري نٿي ٿئي پر آسمان تي ڪڪر رهن ٿا ۽ سج ڍڪيل رهي ٿو. جيڪي ٿورا ڏينهن سج ٿورو مٿڀرو رهي ٿو، ان ۾ ڪجهه ڪجهه گرمائش رهي ٿي ۽ ماڻهو اس سيڪين ٿا پر جي اهي ڏينهن به جهڙ ٿيو ته معنى اونهارو ختم، وري ٻئي سال جي اونهاري جو انتظار ڪريو. جيئن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ روز مينهن پوندو رهي ٿو پر سنڌ ۽ راجستان جهڙن هنڌن تي سال ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن مس ڦڙ ڦڙ ٿئي ٿي ۽ ڪڏهن ته سال ۾ فقط هڪ دفعو به بارش ٿئي ٿي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ اسان سڪندا رهون ٿا. ۽ اها جيڪڏهن سمهڻ مهل رات جو ٿي ٿئي ته اسان چوندا آهيو ته ڪاش اها بارش ڏينهن جو ٿئي ها ته ٻار به ڏسن ها. سو اهڙي طرح چرچو آهي ته نورلسڪ جي رهاڪوءَ کان جڏهن اونهاري جو پڇيو ويو ته هن چيو ته “ها! گذريل سال اونهارو هڪ ڏينهن آيو هو پر ان ڏينهن آئون آفيس ۾ هوس.”
نورلسڪ اچڻ کان آئون ان ڪري به منع ڪريان ٿو، ته نورلسڪ اچڻ لاءِ، ويندي روسي ماڻهن کي، ماسڪو مان حڪومت کان خاص اجازت وٺڻي پوي ٿي. ان اجازت بنا ته توهان کي نورلسڪ جو رخ به نه ڪرڻ کپي، ڇو جو پئسا ڏيڻ تي توهان کي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ته ملي ويندي جيڪو توهان کي نورلسڪ جي هوائي اڏي تي اچي لاهيندو پر حڪومت طرفان ”اجازتنامون“ نه هجڻ تي توهان کي ايئرپورٽ کان ٻاهر نه نڪرڻ ڏيندا. ان ڪري دنيا جا ٽوئرسٽ هن پاسي اچڻ کان دل شڪستا رهن ٿا. ان جو اندازو ان مان به لڳائي سگهو ٿا ته گذريل سڄي سال ۾ نورلسڪ گهمڻ لاءِ فقط 200 سياح آيا. هتي اهو به لکندو هلان ته “نورلسڪ” يا “لانگ ييئر باين” جهڙن شهرن ۾ جتي سخت ٿڌ ڪري ڌرتي “پرما فراسٽ” رهي ٿي، اتي گهر، دڪان ۽ آفيسون وغيره پيل پاين (Stilts) تي ٺاهيون وڃن ٿيون جيئن ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ ٿين ٿيون. اهو ڳن ڪري ته جيئن اتي گهڻي بارش ڪري پاڻيءَ جا ريلا هيٺان وهي وڃن ۽ اهو گهرن ۾ نه اچي. اهڙي طرح هيڏانهن آرڪٽڪ علائقن ۾ عمارتن جو مٿي هجڻ ڪري برف جي آيل وهڪري (Snowdrifts) کان بچاءُ ٿئي ٿو. ويندي نورلسڪ جي ”مسجد نورد ڪمال“ ائين ڪاٺ جي ٿنڀن مٿان ٺهيل آهي.
هن پاسي جي ٻي ڳالهه اها به آهي ته هتي سياري ۾ بيحد ٿڌيون هوائون لڳن ٿيون جيڪي جسم کي ساڙيو رکن. ٿڌ جي ان سڙڻ کي اسان Ice Burn يا Frost Bite سڏيون ٿا. بهرحال انهن ٿڌين هوائن ۽ سيءَ کان بچڻ لاءِ ههڙن هنڌن تي شهر جا گهر هڪ ٻئي سان مليل رهن ٿا ۽ گهرن جي هڪڙي قطار ٻيءَ جي گهڻو ويجهي رکي وڃي ٿي جيئن وچ ۾ تمام سوڙهي گهٽي هجڻ ڪري ٿڌي هوا جو گذر گهٽ ٿئي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه ته جيتوڻيڪ هن پاسي جي ڌرتي فريزر وانگر ٿڌي ٿئي ٿي جنهن ۾ ڪو وڻ ٽڻ يا گاهه نٿو ٿئي، پر توهان کي ان هوندي به ڪيترن گهرن يا آفيسن ۾ گلن وارا ٻوٽا ۽ ويندي وڻ- اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي ڊينڊي قد جا (Dwarf) نظر ايندا. ان لاءِ هو گهرن اندر ڪجهه گرمائش پيدا ڪري يعني Heating System آن ڪري ڪونڊين ۾ مٽي وجهي پوکين ٿا جيڪا مٽي به رستن تي ته نظر نٿي اچي پر سپر مارڪيٽن ۾ ٿيلهِن ۾ خريد ڪري اچڻي پوي ٿو.
منهنجي خيال ۾ اسان جي ڪنهن نوجوان کي دنيا جي ڇيڙي واري ڪنهن شهر ۾ وڃڻ جو شوق آهي ته بهتر آهي ته سئيڊن جي شهر ”ڪِرونا“ (Kiruna) وڃي يا ناروي جي اتراهين شهر هئمرفيسٽ يا هو ننگس وئگ ۾ وڃي جيڪي سندن گاديءَ وارن شهرن کان وري به گهٽ پري آهن. انهن ۾ پهچڻ ۽ رهائش لاءِ سواري ۽ هوٽلن جو بندوبست به بهتر آهي، جيتوڻيڪ مهانگائي ناروي ۽ ڊئنمارڪ ۾ به گهٽ نه آهي. اسٽاڪهوم کان ڪرونا 1200 ڪلوميٽر آهي ۽ اوسلو کان هئمرفيسٽ 1900 ڪلوميٽر آهي، پر ماسڪو کان نورلسڪ 3000 ڪلوميٽر آهي. ناروي ۽ سئيڊن جي شهر ۾ سياري ۾ به بسون ۽ ٽرينون هلن پيون. پر هڪ ڳالهه آهي ته اهڙن ڏکين هنڌن تي اڪيلو نه وڃجي. پاڻ سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ساٿيءَ جو هجڻ ضروري آهي جو اسان ماڻهن لاءِ هيءَ آرڪٽڪ واري ٿڌ تمام ڏکي ۽ نئين شيءِ آهي. ڪو بيمار ٿي پوي يا ڪٿي ڌڪو کائي ته ان سان گڏ ٻيو به ته ڪو هجي، جو هن جي مدد ڪري. ٻي ڳالهه ته اهڙن هنڌن تي، يا دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ وڃجي ته پنهنجي سفر جا ڪاغذ- پاسپورٽ، ويزا کان ٽڪيٽ، پاڻ سان قابو رکجي، جو شل نه ڪنهن جو پرديس ۾ پاسپورٽ گم ٿي وڃي- خاص ڪري اسان پاڪستانين جو- هر ڪو اسان کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو. ويندي پنهنجو سفارتخانو به مدد نه ڪندو. جن جا سفارتخانا سٺا آهن انهن ملڪن جي ماڻهن جا به پرديس ۾ پاسپورٽ ايڏو آسانيءَ سان نٿا ٺهن. هونءَ توهان جو جيڪڏهن سئيڊن جي ڪنهن شهر مالمو، گوٿن برگ، اسٽاڪهوم وغيره ۾ ڪنهن مائٽ مٽ وٽ گهمڻ لاءِ اچڻ ٿئي ٿو، يا سئيڊن جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ توهان تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو ته توهان کي هڪ دفعو هن اتراهين شهر ڪرونا ۾ ضرور وڃڻ کپي. “ڪرونا” سئيڊن جي لئپ لئنڊ صوبي ۾ 67.9 ڊگريون اتر ۾، آرڪٽڪ شهر آهي - جتي هر اونهاري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 ڏينهن 28 مئي کان 16 جولاءِ تائين سج لڳاتار اڀريل رهي ٿو. يعني روشني ئي روشني رهي ٿي. آدم شماري ڪا گهڻي ناهيس. هونءَ به هن پاسي جي شهرن جي آدم شماري تمام گهٽ آهي. 25000 جي آدمشماريءَ ۾ ڪيترائي مسلمان آهن جن ۾ ڪجهه پاڪستاني پڻ آهن. پهرين يعني اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جڏهن آئون سئيڊن جي شهر مالمو ۾ هوس ته هتي ڪرونا ۾ تمام گهڻا پاڪستاني رهيا ٿي جو هو هن ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪرونا جهڙي ڏکي موسم ۾ به رهڻ لاءِ تيار هئا، پر پوءِ آهستي آهستي ڪري هو به ٻين وانگر ڏکڻ ڏي ڀڄڻ لڳا.
توهان جيڪڏهن ناروي جي ڪنهن شهر برگن، اليسنڊ، بودو، اوسلو وغيره ۾ رهو ٿا، ته پوءِ اتان دنيا جو ڇيڙي وارو يعني اتر قطب ڏي آخري شهر ڏسڻ لاءِ توهان کي “هئمرفيسٽ” يا “هوننگس وئگ” وڃڻو پوندو. آرڪٽڪ علائقي جا اهي ڳوٺڙا 71 ڊگري ويڪرائي ڦاڪ تي آهن. يعني ڏٺو وڃي ته سئيڊن جي اتراهين شهر ڪرونا کان به هي وڌيڪ اتر ۾ آهن، يعني اتر قطب جي ويجهو آهن. ان ڪري هنن شهرن ۾ ڪرونا کان به گهڻا ڏينهن سج لڳاتار اڀري ٿو. هر سال اونهاري ۾ 14 مئي وارو اڀريل سج غروب نٿو ٿئي ۽ افق جي چوڌاري ئي ڦرندو رهي ٿو. 75 ڏينهن بعد پهرين آگسٽ تي هو پهريون دفعو غروب ٿئي ٿو ۽ پوءِ روزانو هن جي غروب ۽ غائب ٿيڻ ۾ ٿورو ٿورو وقت وڌندو رهي ٿو تان جو هڪ ڏينهن اهڙو اچي ٿو جڏهن ڏينهن ۽ رات هڪ جيڏا ٻارهن ٻارهن ڪلاڪن جا ٿين ٿا ۽ پوءِ رات ڏينهن کان وڏي ٿيندي ٿيندي هڪ ڏينهن 24 ڪلاڪن جي ٿيو پوي ۽ سج نظر اچڻ بند ٿيو وڃي ۽ اڍائي مهينا کن لڳاتار رات رهي ٿي.

اتر قطب جي ويجهو وارو ڳوٺ

پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هڪ ٻي ڳالهه ته نه رڳو ناروي، ڊئنمارڪ ۽ روس جا اتراهان حصا آرڪٽڪ علائقي ۾ اچن ٿا پر ڪئناڊا جو به ڳپل حصو آرڪٽڪ ۾ اچي ٿو يعني آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي آهي، ۽ جي انهن سڀني ملڪن ۾ سڀ کان ڏورانهون شهر يا بستي ڏٺي وڃي ته ڪئناڊا جي هڪ ننڍي وستي الرٽ (Alert) نالي آهي جنهن ۾ سخت سيءَ ۽ برفاني واچوڙن ڪري اتي ڪي ستر اسي ماڻهو مس رهن ٿا. پر هي ڳوٺڙو 82.5 ڊگرين تي آهي جتان اتر قطب فقط 820 ڪلوميٽر آهي. گهڻو اتر ۾ هجڻ ڪري هتي هر سال 7 اپريل کان 4 سيپٽمبر تائين 146 ڏينهن- يعني تقريبن 5 مهينا لڳاتار سج اڀريل رهي ٿو. ان بعد جيتوڻيڪ سج غروب ٿيو وڃي پر جيئن ته اهو يڪدم ايڏو ڌرتيءَ پويان غروب نٿو ٿئي ان ڪري مهينو Twilight رهي ٿي جيڪا سج لهڻ مهل واري روشني ٿئي ٿي ۽ هر شيءِ صاف نظر اچي ٿي ان بعد 5 مهينا لڳاتار اونداهه شروع ٿئي ٿي.
هي ڳوٺ “الرٽ” ڪئناڊا جي نوناووت ضلعي ۾ آهي، جيڪو قيڪيقتالوڪ (Qikiqtaaluk) علائقي ۾ اچي ٿو جيڪو بئفن (Baffin) جي نالي سان به مشهور آهي. ۽ هن سڄي ٻيٽ جو نالو ايلسمير (Ellesmere) آهي. الرٽ شهر جي چوڌاري سوين ميلن تائين سمجهو ته برف جا رڻ پٽ آهن. الرٽ کي سڀ کان جيڪو ويجهو شهر آهي، اهو آهي ايڪالويت (Iqaluit) جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 2100 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.
مٿين شهر جو نالو ‘الرٽ’ برٽش نيويءَ جي جهاز “HMS Alert” تان رکيو ويو جيڪو جهاز آرڪٽڪ جي کوجنا ڪرڻ خاطر ”ڪيپ شيريڊان“ واري سمنڊ ۾ اچي نڪتو هو، جتان هي هنڌ جتي اهو جهاز برف جي وڏين ڇپن ۾ تباهه ٿي ويو 12 ڪلوميٽر آهي.

روس جون حيرت انگيز مسجدون

آخر ۾ روس جي مسجدن بابت ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو. منهنجا مضمون ٽائيپ ڪرڻ واري همراهه گذريل چئپٽر ۾ مسجد نورد ڪمال بابت پڙهڻ بعد حيرت جو اظهار ڪيو ته ڇا روس ۾ مسلمان ۽ مسجدون به آهن؟ اهوئي سوال اڪثر ٻيا به ڪن ٿا.
منهنجي خيال ۾ روس ۾ مسجدن جو هجڻ ايڏي حيرت انگيز ڳالهه ناهي پر “مسجد نورد ڪمال” جهڙي به مسجد آهي، جيڪا دنيا جي بلڪل ڇيڙي وٽ اتر ۾ آهي. يعني اتر قطب جي سڀ ۾ ويجهو واري مسجد روس ۾ آهي. روس ۾ نه فقط اها پر ٻيون به ڪيتريون ئي مسجدون پنهنجي نوعيت جون منفرد (Unique) آهن. هونءَ اسان جا ڪيترائي ماڻهو ان تي به ضرور حيرت کائيندا هوندا ته روس ۾ مسلمانن ۽ مسجدن جو وڏو تعداد آهي! اهو ان ڪري جو روس ۾ ڪميونزم واري دور ۾ مذهب تي ڄڻ ته پابندي لڳي ويئي هئي. مسجدن کي گهرن ۾ تبديل ڪيو ويو هو ۽ قرآن رکڻ کان به منع ڪئي وئي هئي. نه رڳو روس ۾ پر روس جي قبضي ۾ آيل تاجڪستان، ازبڪستان، جارجيا جهڙين رياستن ۽ ڀر وارن اثر هيٺ آيل ملڪن رومانيا، بلغاريا ۽ پولنڊ وغيره ۾ به مذهب تي بندش وڌي وئي هئي.
آئون جيڪو عرصو سامونڊي نوڪريءَ ۾ رهيس ۽ منهنجو روس ۽ ان سان واسطو رکندڙ ملڪن جي جن جن بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيو، اتي مذهب جي معاملي ۾ خاموشي نظر آئي. ڪٿي مسجد نما عمارت ڏسي معلوم ٿي ڪيم ته خبر ٿي پيئي ته اها ڪنهن زماني ۾ مسجد هئي پر هاڻ ته سالن کان هيءَ گهر ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ منجهس ماڻهو رهن ٿا. پوءِ ڏسي ڏسي ذهن ۾ اهوئي ويهي رهيو ته روس جهڙي ملڪ ۾ ڪٿان آيا مسلمان ۽ مسجدون. پر پوءِ USSR (سوويت يونين) ٽٽڻ بعد ۽ رياستن کي آزادي ملڻ تي هاڻ نه رڳو پراڻيون مسجدون پنهنجي شان شوڪت سان نمايان ٿي ويون آهن پر ڪيتريون ئي نيون مسجدون ٺهي ويون آهن.
روس جي آدمشماري 140 ملين آهي جن مان ويهه ملين يعني ٻه ڪروڙ مسلمان آهن. اهڙي طرح مسجدون به هزارن جي انگ ۾ آهن. فقط اهي مسجدون جيڪي ولادمير پُوتن جي صدر ٿيڻ بعد روس ۾ ٺهيون آهن انهن جو سرڪاري انگ اکرن موجب تعداد 7500 آهي. هتي روس جي ٻن ٽن مسجدن جا نالا لکان ٿو جيڪي تمام مشهور آهن ۽ هر هڪ جي پنهنجي خاص نوعيت آهي. جيئن مٿي بيان ڪيل مسجد نورد ڪمال جيڪا آرڪٽڪ جي علائقي ۾ سڀ کان ڏوراهين مسجد آهي. يا کڻي چئجي ته روس جي هيءَ مسجد دنيا جي اها مسجد آهي جيڪا اتر قطب جي ويجهو آهي.
اهڙي طرح ماسڪو جي ”جامع مسجد“ آهي جيڪا سڄي يورپ ۾ ڊگهن منارن واري ۽ وڏي مسجد سڏي وڃي ٿي. ماسڪو جي اولمپڪ اسٽئڊيم جي ڀرسان هيءَ مسجد شهر جي مرڪز ۾ Olympiysky Avenue روڊ تي ڇهه ماڙ آهي. هيءَ مسجد “ماسڪو ڪئٿيڊرل مسجد” به سڏي وڃي ٿي. روسي ٻوليءَ ۾ مسجد کي Mechet چون ٿا جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ مسيت سڏين. هيءَ مسجد سؤ سالن کان مٿي پراڻي آهي جيڪا 1904ع ۾ ٺهي هئي. ماسڪو ۾ رهندڙ تاتاري مسلمانن جي علائقي ۾ ٺهڻ ڪري، ۽ شروع جي سالن ۾ نمازين ۾ تاتارين جو وڏو تعداد هجڻ ڪري، هيءَ مسجد تاتاري به سڏي وئي ٿي. هيءَ مسجد ڪجهه سال اڳ 2011ع ۾ ڊهرائي وئي وري ان ئي جاءِ تي اڄ واري نئين مسجد ٺهرائي وئي. مسجد جي ڊهرائڻ جو سبب ڪي ٻڌائين ٿا ته اها ڪمزور ٿي چڪي هئي سندس ڪرڻ جو خطرو هو ۽ ڪي چون ٿا ته هن مسجد جو ڪعبي طرف صحيح رخ نه رکيل هو، ان ڪري هاڻ صحيح ڪيو ويو. بهرحال نئين مسجد جو افتتاح 23 سيپٽمبر 2015ع تي ڪيو ويو جنهن موقعي تي روس جو صدر ولاديمير پُوتن، فلسطين جو محمود عباس ۽ ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردوغان (Recep Tayyip Erdogan) به موجود هئا. روس جي صدر پوتن جي اها ڳالهه تعريف جوڳي آهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح ئي سهي، ڪئناڊا جي وزيراعظم وانگر، مسلمانن جي اهم شخصيتن مفتين مولوين سان ملندو رهي ٿو ۽ مسجدن جي افتتاحن ۽ اسلامي اهم موقعن تي حاضري ڏيندو رهي ٿو.
هونءَ ته ماسڪو ۾ ڪيترن ئي قومن ۽ ڪميونٽين جا مسلمان رهن ٿا ۽ ڪيتريون ئي مسجدون آهن. انهن ۾ چار وڏيون مسجدون آهن جيڪي جامع مسجدون سڏيون وڃن ٿيون. انهن مان هڪ مٿين “تاتاري (وڏن منارن واري) مسجد آهي، ٻي ماسڪو جي زمورسڪوريچي علائقي ۾ 1823ع جي ٺهيل آڳاٽي مسجد آهي. هيءَ مسجد به ان وقت جي تاتاري مسلمانن پنهنجي خرچ تي ٺهرائي هئي. مسجد لاءِ پلاٽ به هڪ تاتاري سوداگر ڏنو هو. مسجد جو اندريون حصو خوبصورت رنگين ڪاشيءَ جي سرن مان ٺهيل آهي ۽ مسجد جي ٿنڀن ۽ ڀتين تي قرآن جون آيتون لکيل آهن. هڪ ٻي مسجد ماسڪو جي Poklonnaya علائقي ۾ آهي. هيءَ مسجد مسلمان سپاهين جي ياد ۾ 1997ع ۾ ٺهرائي وئي. هنن سپاهين 1945-1941ع واري Great Patriotic War ۾ جان ڏني هئي. هيءَ هڪ بيحد خوبصورت مسجد آهي. اهڙي طرح ماسڪو جي چوٿين وڏي مسجد يارديام مسجد آهي جيڪا ماسڪو جي اتراهين علائقي ۾ 1997ع ۾ ٺهي راس ٿي. هن مسجد ۾ ٻه هزار کن نمازين جي گنجائش آهي.

يورپ جي واحد مسجد جيڪا درياهه جي پيٽ ۾ آهي

يورپ ۾ اهڙي مسجد فقط هڪڙي آهي سا به روس ۾ سينٽ پيٽرس برگ شهر ۾ جيڪو روس جي ماسڪو شهر بعد ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. 70 لک آدمشماري وارو هي شهر بالٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي هڪ اهم شهر ۽ بندرگاهه آهي. بالٽڪ سمنڊ اهو آهي جتي فنلنڊ جو بندرگاهه “هيلسنڪي”، ايسٽونيا جو “ٽالن” وغيره آهي. ماسڪو ته هاڻ مشهور ٿيو آهي، نه ته روس جي شاهي راڄ جو 1713ع کان 1918ع تائين اٽڪل ٻه صديون، ”سينٽ پيٽرس برگ“ روس جي گاديءَ جو شهر هو. هن شهر جو بنياد 1704ع ۾ پطرس اعظم (Peter the Great) رکيو جيڪو 1682ع کان 1725ع تائين روس جو شهنشاهه (زار) رهيو. ”سينٽ پيٽرس برگ“ ماسڪو کان 625 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. هي شهر نيوا (Neva) نديءَ جي ڪناري تي آهي، جيڪا ندي بالٽڪ سمنڊ جي “فنلنڊ نار” واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڇوڙ واري هنڌ يعني سينٽ پيٽرس برگ وٽ نيوا ندي ڊيلٽا ٺاهي ٿي ۽ نديءَ ۾ ڪيترائي ٻيٽ ٺهيل آهن انهن مان هڪ ٻيٽ پيٽروگرادسڪي (Petrogradsky) نالي آهي جيڪو هن نديءَ جي ڇوڙ وٽ يعني سينٽ پيٽرس برگ وٽ ٽيون نمبر وڏو ٻيٽ آهي. هن ٻيٽ تي هيءَ مسجد آهي جيڪا “بلو مسجد” سڏجي ٿي ۽ 1910ع ۾ ٺهي. هن مسجد جو مٿيون گنبذ ( (Dome ازبڪستان جي شهر سمرقند ۾ تيمور لنگ جي مقبري جي گنبذ جهڙو بلڪل هوبهو آهي. تيمور لنگ جو اهو مقبرو “گورِ امير” سڏجي ٿو. هن مقبري ۾ تيمور لنگ جي قبر کان علاوه هن جا پٽ: شاهه رخ ۽ ميران شاهه، پوٽا الغ بيگ ۽ محمد سلطان ۽ تيمور لنگ جو ٽيچر سيد برڪہ به دفن ٿيل آهن.
پيٽرس برگ جي هن مسجد جو 1913ع ۾ افتتاح ٿيو هو ۽ ترڪيءَ کان ٻاهر هيءَ مسجد يورپ جي هڪ وڏي مسجد آهي جنهن جا منارا 49 ميٽر ۽ گنبڊ 39 ميٽر اتاهان آهن. هونءَ هيءَ مسجد ٻيٽ تي آهي پر هي ٻيٽ سينٽ پيٽرس برگ شهر جي بلڪل مرڪز ۾ آهي جيئن سمجهو ته “صدر” جو علائقو ڪراچيءَ جي وچ ۾ آهي. هن مسجد ۾ هڪ ئي وقت 5000 نمازين جي گنجائش آهي. نماز لاءِ عورتن ۽ مردن جو الڳ الڳ بندوبست آهي. يورپ جي اڪثر مسجدن ۾ مون ڏٺو آهي ته عورتون فرسٽ فلور تي صفون ٺاهين ٿيون ۽ مرد گرائونڊ فلور تي. هيءَ مسجد ڪميونسٽ دور ۾ 1940ع کان 1956ع تائين بند رهي ۽ حڪومت هن مسجد کي دوائون ۽ ميڊيڪل جو سامان رکڻ لاءِ گدام بنائي ڇڏيو هو. پوءِ چون ٿا ته انڊونيشيا جو صدر سڪارنو جڏهن ڏهن ڏينهن جي دوري تي هن شهر ۾ آيو هو ته هن روسي ڪميونسٽ حڪومت کي عرض ڪري هيءَ مسجد سينٽ پيٽرس برگ جي مسلمانن حوالي ڪرائي.

ڳوٺ جي وڏي ۾ وڏي مسجد

هڪ ڳوٺ ۾ ايڏي وڏي مسجد جنهن ۾ هڪ ئي وقت 5000 ماڻهو نماز پڙهي سگهن، اها به روس ۾ ئي آهي. اها روس جي علائقي چيچنيا جي هڪ ڳوٺ زالقا (Dzhalka) ۾ آهي. هيءَ مسجد هن ڳوٺ جي آفيسر سلطان ديلم خان جي نالي آهي جيڪو 1990ع ۾ ڊيوٽي ڏيندي شهيد ٿيو هو.

روس جي سڀ کان پراڻي مسجد

روس جي سڀ ۾ پراڻي مسجد “دربند” نالي شهر ۾ آهي جيڪو روس جي ريپبلڪ داغستان ۾ ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهي، جيئن استراخان ۽ باڪوءَ جهڙا شهر هن سمنڊ جي ڪناري تي آهن. سندس آدمشماري ٻن لکن جي لڳ ڀڳ ٿيندي. دربند روس جو سڀ کان پراڻو شهر سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جو لکت ۾ احوال اٺين صديءَ کان آهي. هن شهر جي اهم جاگرافيائي پوزيشن هجڻ ڪري هن شهر تي ڪيترن ئي قومن جو قبضو رهيو جيئن ته عرب، منگول، تيموري، شروان ۽ ايراني سلطنتون هن شهر (دربند) کي پنهنجي ملڪيت سمجهندا رهيا. اوڻيهين صديءَ ۾ هي شهر 1813ع واري “گلستان معاهدي” ذريعي ايرانين کان روسين جي هٿ ۾ آيو.
هن شهر جي مسجد “جمعا مسجد” لاءِ چيو وڃي ٿو ته روس جي، بلڪ سڄي يورپ جي، سڀ کان پراڻي مسجد آهي جيڪا 733ع ۾ ٺهي. هن مسجد جو نالو “يونيسڪو ڪلچرل هيريٽيج رجسٽر” ۾ به درج ٿيل آهي. 602ع ۾ عربن جيئن ئي ايران فتح ڪيو ته هو هتي به پهچي ويا هئا. هنن 733ع ۾ هن شهر جي ستن ئي پاڙن ۾ هڪ هڪ مسجد اڏرائي، جن مان هيءَ مسجد Masjid Al-Djamu جمع نماز لاءِ وڏي ڪري ٺهرائي ۽ اڄ تائين ان نالي سان قائم آهي. اڄ دربند شهر ۾ 20 کن مسجدون آهن پر هيءَ اسلام جي پهرين مسجد آهي جيڪا اسلامي خلافت کان ٻاهر ٺهرائي وئي. چون ٿا ته هجري سال 770هه ۾ آيل زلزلي ۾ هن مسجد کي ڪافي نقصان رسيو ان بعد تاج الدين نالي باڪوءَ جي هڪ ٺيڪيدار هن جي مرمت ڪرائي. 1300 سال اڳ جي ٺهيل هن مسجد ڪئين تبديليون ڏٺيون پر اڄ به اها ساڳي شان سان قائم آهي. ڪميونزم واري دور ۾ روسي حڪومت جڏهن مذهب جي خلاف تحريڪ هلائي ته 1930ع واري ڏهاڪي ۾ هن مسجد ۾ مسلمانن جي داخلا ۽ عبادت تي بندش وجهي ڇڏي ۽ 1938ع کان 1943ع تائين هيءَ مسجد روس (USSR) جي سيڪريٽ پوليس ڊپارٽمينٽ (NKVD) حوالي ڪئي وئي جنهن هن کي ميونسپل جيل طور استعمال ڪيو.

سڀ کان وڏي ايراضيءَ جي مسجد

هيءَ مسجد به روس ۾ ئي آهي. هيءَ مسجد 1977ع ۾ داغستان جي شهر مخاچ قلعہ (Makhachkala) ۾ ترڪيءَ جي هڪ امير خاندان ٺهرائي ۽ “جامع مسجد مخاچ قلعہ” سڏجي ٿي. هي شهر به ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهي جنهن جي آدم شماري ڇهه لک چئي وڃي ٿي.
روسي سلطنت جي ڏينهن(1844ع) ۾ هن هنڌ تي پهرين قلعو ٺهرايو ويو هو. جنهن کي بعد ۾ ”پطرس اعظم روسي زار“ جي نالي هن آباديءَ کي شهر جو درجو ڏنو ويو، جيڪو 1921ع تائين قائم رهيو. يعني 1857ع تائين هن شهر جو نالو Petrovskoye رهيو ان بعد 1921ع تائين Petrovsk سڏجڻ لڳو پر هاڻ مخاچ قلعو سڏجي ٿو. اهو نالو هتي جي مسلمان داغستاني انقلابيءَ محمد علي داخاداو (Mogamed Ali Dakhadave) جي لقب “مخاچ” تان پيو جيڪو چون ٿا ته فارسي لفظ ما-حاج تان آهي جنهن جي معنى آهي “آئون حاجي”. مخاچ 1882ع ۾ ڄائو ۽ 1918ع ۾ وفات ڪيائين.

گهڻن منارن واري مسجد

هيءَ مسجد به روس ۾ ئي آهي جيڪا “قل شريف مسجد” سڏجي ٿي. اها روس جي علائقي تاتارستان جي وڏي ۽ گادي واري شهر ڪازان (Kazan) ۾ آهي. ڪازان نه فقط تاتارستان جو پر سڄي روس جو پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي. آدمشماري 13 لک جي حساب سان روس جو ڇهون نمبر وڏو شهر ليکيو وڃي ٿو. پر مونکي حيرت آهي ته سکر يا دادوءَ جيڏي هن شهر ۾ ڪيترائي بين الاقوامي معيار جا تعليمي ادارا آهن جن ۾ نه فقط روس جي ٻين شهرن جا پر ڀر وارن ملڪن ايران، آذربائيجان، ازبڪستان، تاجڪستان وغيره جا شاگرد به تعليم لاءِ اچن ٿا - خاص ڪري ڪازان جي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ جيڪا “رشين اسلامڪ يونيورسٽي” سڏجي ٿي. هن يونيورسٽيءَ ۾ ٽي ڊپارٽمينٽ آهن: ٿيالاجي، اسلامڪ سائنس ۽ حافظ ٿيڻ جي تياريءَ وارو. انهن ڊپارٽمينٽن جون چار شاخون آهن، جيئن ته هِيومئنٽيرين، اسلامڪ لا، اسلامڪ ٿيولاجي ۽ فلولاجي (Philology) . اڄ ڪلهه هن يونيورسٽيءَ ۾ 70 کن فئڪلٽيون آهن ۽ 8000 شاگرد آهن. هن شهر ڪازان ۾ سوين ته ننڍا وڏا اسڪول ۽ هنر سيکارڻ جون پوليٽيڪنڪون آهن پر اعلى تعليم لاءِ به 45 کن درسگاهه آهن جيئن ته مٿي بيان ڪيل اسلامڪ يونيورسٽي. “ڪازان فيڊرل يونيورسٽي” جيڪا 1804ع ۾ ٺهي، ۽ روس جي ٽئين نمبر تي جهوني يونيورسٽي آهي. هن کان وڌيڪ جهوني پهرين نمبر تي “سينٽ پيٽرس برگ يونيورسٽي” آهي جيڪا 1724ع کان شروع ٿي ۽ ٻئي نمبر تي “ماسڪو اسٽيٽ يونيورسٽي” آهي جيڪا 1755ع کان ڪم ڪري رهي آهي. هي سڀ ڪجهه آئون ان ڪري لکي رهيو آهيان ته اسان جي نوجوانن کي احساس ٿئي ته دنيا جا مختلف ملڪ تعليم ۾ ڪيترو اڳيان آهن. نه رڳو آمريڪا ۽ انگلنڊ پر روس، رومانيا، بلغاريا ۽ ايسٽونيا ۾ به تعليم کي ڪيڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. ويندي سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ جيڪي اسان کان گهڻو گهڻو پٺتي هئا اتي جو تعليمي معيار به هاڻ ايڏو وڌيڪ آهي جو ٻين ملڪن جا شاگرد به اوڏانهن وڃن ٿا ۽ انهن ملڪن جي يونيورسٽين جي گرئجيوئيٽن کي دنيا ۾ مانُ ملي ٿو.
ڪازان ۾ مٿين يونيورسٽين کان علاوه ٻيون اهم يونيورسٽيون هن ريت آهن: “ڪازان اسٽيٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي”، جيڪا 1932ع ۾ شروع ٿي ۽ 2009ع کان هن کي نئشنل يونيورسٽيءَ جو درجو مليل آهي. “ڪازان اسٽيٽ ميڊيڪل يونيورسٽي” جيڪا 1814ع کان شروع ٿي، “ڪازان اسٽيٽ ٽيڪنالاجيڪل يونيورسٽي” جيڪا 1919ع ۾ کلي.... وغيره. هنن يونيورسٽين کان علاوه ٻين شهرن ۾ موجود 19 يونيورسٽين جون برانچون پڻ هتي ڪازان ۾ آهن جن ۾ ڏيڍ لک کان مٿي شاگرد پڙهن ٿا.
پاڻ هن شهر ڪازان جي مسجد “قُل شريف” جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. هيءَ مسجد سورهين صديءَ ۾ ٺهي. قل شريف- جنهن جي نالي هيءَ مسجد آهي اهو تاتاري ٻوليءَ جو شاعر، يونيورسٽي جو پروفيسر ۽ ڪازان جي خانيت (Khanate) جو امام ٿي گذريو آهي. 1552ع ۾ جڏهن روس جي حاڪم اِيوان ڪازان جي خانيت تي حملو ڪيو ته ڪازان جي بچاءَ لاءِ قل شريف به مقابلو ڪيو ۽ شهيد ٿي ويو هو. قل شريف جي لکيل تاتاري شاعري جي چئن ڪتاب مان هڪ “I Kunel, bu doyadir” جو انگريزيءَ ۾ ترجمو O’ Soil, may be this World ڇپجي چڪو آهي.

زبردست ماڊرن ڊيزائين جي مسجد

هيءَ مسجد جيڪا The Great Mosque Madrasalala Tulip نالي سان سڏجي ٿي روس جي ريپبلڪ باشڪورستان (Bashkortostan) ۾ آهي ۽ 1990ع کان 1998ع تائين اٺ سال ٺهڻ ۾ لڳي ويس. هن مسجد کي 53 ميٽر اتاهان ٻه مينار آهن.
مٿي توهان چيچنيا، داغستان، باشڪورستان جهڙن علائقن جا نالا پڙهي چڪا آهيو، جيڪي روس ۾ هجڻ جي باوجود الڳ ملڪ نما ريپبلڪ سڏجن ٿا. روس ڏي ويندڙ سياحن يا تعليم لاءِ ويندڙ شاگردن جو ان بابت پئدا ٿيل مونجهاري لاءِ هتي مختصر طور اهو لکڻ ٿو چاهيان ته روس Federation of Russia ڪل 85 حصن ۾ ورهايل آهي جن کي Constituent Units يا کڻي فيڊرل سبجيڪٽس چئجي، جيئن اسان وٽ سمجهو ته اسان جي ملڪ ۾ چار صوبا، فاٽا، آزاد ڪشمير وغيره مختلف يونٽ آهن. روس جي 85 فيڊرل Subjects مان 21 ريپبلڪ آهن. اهي ريپبلڪون يا جمهوريتون ٻين فيڊرل يونٽن کان ان ڳالهه ۾ مختلف آهن جو انهن ۾ پنهنجو آئين آهي پنهنجي ٻولي آهي. پنهنجي اسيمبلي آهي جنهن جا ميمبر چونڊيا وڃن ٿا. مثال طور روس جي 85 حصن مان 21 ريپبلڪون ڪڍڻ بعد باقي 64 فيڊرل يونٽن ۾ روسي ٻولي هلي ٿي پر تاتارستان، داغستان، چيچنيا ۽ ٻين ريپبلڪن ۾ هنن بنيادي تعليم پنهنجي علائقي جي تاتاري، داغستاني يا چيچن ٻولين ۾ رکي آهي. يعني انهن Republics سميت سڄي روس جو سڪو، فوج وغيره ساڳي آهي پر ڪي ڪي ڳالهيون هر ريپبلڪ پنهنجي قانون موجب رکيون آهن. انهي ڪري روس جي هنن جمهوريتن (Republics) ۾ جن ۾ مسلمان گهڻا آهن، اتي مسجدون، مدرسا، حجاب جو استعمال هنن جي مرضي ۽ پنهنجي مقامي آئين مطابق قائم آهي جن تي روس جو فيڊرل قانون پنهنجي مرضي نٿو هلائي سگهي. جيئن يورپ واري روس ڏي وولگا نديءَ وٽ باشڪورستان (Bashkortostan) ريپبلڪ آهي جنهن جي گاديءَ جو شهر اوفا (Ufa) آهي ۽ هن ريپبلڪ ۾ سندن ”باشڪر“ ٻوليءَ کان علاوه روسي ۽ تاتاري به هلي ٿي. اهڙي طرح چيچنيا روس جي ڪوه قاف واري علائقي ۾ ريپبلڪ آهي جنهن جي گاديءَ جو شهر گروزني (Grozny) آهي. هتي ”چيچن“ ٻوليءَ سان گڏ روسي هلي ٿي. اهڙي طرح داغستان ۾ به مسلمان گهڻا رهن ٿا ۽ هتي جي ٻولي درگوا (Dargwa) آهي.

سفيد رنگ جي اڪيلي مسجد

اها مسجد روس ۾ فقط هڪ شهر ڪازان ۾ آهي جنهن شهر جو ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون. هن مسجد جو نالو The Bulgar Mosque آهي. مسلمانن جي روايتن موجب کير جهڙو اڇو رنگ امن ۽ نيڪ نيتي جي ترجماني ڪري ٿو. هن مسجد ۾ جمعي نماز تي سڀ نمازي سفيد رنگ جا ڪپڙا پائي ايندا آهن. هيءَ بلغار مسجد اها آهي جتي دنيا جو سڀ کان وڏي سائيز وارو قرآن شريف رکيل آهي.