ھن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ 72 مضمون شامل آهن، جن ۾ دنيا جھان جا سؤ کان مٿي موضوع بحث هيٺ آندا ويا آهن. ڪتاب جو وڏو حصو ”آرڪٽڪ سرڪل“ وارن ملڪن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ سوَين دلچسپ ڳالھيون پڙهڻ لاءِ موجود آهن. اتي جون ريتون، رسمون، سمھڻ، کائڻ پيئڻ، مرڻ، سواري ڪرڻ جا انوکا مثال ڏنا ويا آهن، انھن جي وچ ۾ الطاف شيخ پنھنجي Social Science بابت حاصل ڪيل ڄاڻ بہ ڏيندو ويو آهي. ساڳي وقت الطاف شيخ ايران، خراسان، افغانستان، اُزبڪستان، آذربائيجان، ترڪمنستان ۽ ٻين وچ ايشيائي رياستن جي علم ادب، مذهب، ماڻهن، حاڪمن، ويڙهاڪ ٽولن جو جھڙي ربط ۽ ضبط سان ذڪر ڪيو آهي. ان مان سندس تاريخ، جاگرافي، مذهب ۽ سماجي رَوين بابت مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ مسجدن بابت مضمونن سان گڏ اتر قطب جي ملڪن ۽ دنيا جي آڳاٽن شھرن بابت ھڪ اھم مضمون پڻ شامل آھي.
الطاف شيخ ڪارنر
آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس
- 0/5.0
- 13
- 3
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ڪتاب ”آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس“ اوهان اڳيان پيش آهي.ھن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ 72 مضمون شامل آهن، جن ۾ دنيا جھان جا سؤ کان مٿي موضوع بحث هيٺ آندا ويا آهن. ڪتاب جو وڏو حصو ”آرڪٽڪ سرڪل“ وارن ملڪن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ سوَين دلچسپ ڳالھيون پڙهڻ لاءِ موجود آهن. اتي جون ريتون، رسمون، سمھڻ، کائڻ پيئڻ، مرڻ، سواري ڪرڻ جا انوکا مثال ڏنا ويا آهن، انھن جي وچ ۾ الطاف شيخ پنھنجي Social Science بابت حاصل ڪيل ڄاڻ بہ ڏيندو ويو آهي. ساڳي وقت الطاف شيخ ايران، خراسان، افغانستان، اُزبڪستان، آذربائيجان، ترڪمنستان ۽ ٻين وچ ايشيائي رياستن جي علم ادب، مذهب، ماڻهن، حاڪمن، ويڙهاڪ ٽولن جو جھڙي ربط ۽ ضبط سان ذڪر ڪيو آهي. ان مان سندس تاريخ، جاگرافي، مذهب ۽ سماجي رَوين بابت مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ مسجدن بابت مضمونن سان گڏ اتر قطب جي ملڪن ۽ دنيا جي آڳاٽن شھرن بابت ھڪ اھم مضمون پڻ شامل آھي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ ۽ پيڪاڪ پبلشرز جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف الطاف شيخ
- ڇپيو ويو 2021
- ڇپائيندڙ پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 3 ڀيرا