سکر جو سيد عاشق حسين شاه ناروي ۾
سيد عاشق حسين شاهه 31 ڊسمبر 1948ع تي سکر ۾ ڄائو. 1961ع ۾ هن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ اٺين ڪلاس ۾ داخلا ورتي ۽ 1966ع ۾ انٽر ڪئي. سندس ڪِٽ نمبر 203 هو ۽ ڪجهه مشهور شخصيتون جيڪي سندس ڪلاس ميٽ هيون هن ريت آهن: سياستدان لياقت علي جتوئي، ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، اسانجي ڳوٺ جو ڪئپٽن رشيد ابڙو، DIG مرحوم محسن پنهور، PIA جا پائليٽ بلال حيدر، خالد ليا، خيرپور جو تسنيم کرل وغيره. مرحوم عاشق حسين شاهه جو والد سيد دائم حسين شاهه جيئن ته پوليس ۾ آفيسر هو جنهن جي بدلي مختلف شهرن ۾ ٿيندي رهي ٿي ان ڪري عاشق حسين پيٽارو ۾ اچڻ کان اڳ ٻين شهرن جي اسڪولن مان به تعليم حاصل ڪئي- خاص ڪري ڪراچيءَ جي NJV اسڪول مان پڻ. مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ نارويجن يونيورسٽي، ٽرنڍهام مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد عاشق حسين ايريگيشن کاتي ۾ نوڪري ڪئي ان بعد حيدرآباد ريجن جو اليڪٽريڪل انسپيڪٽر ٿيو. اتان پروموشن ملڻ تي چيف اليڪٽريڪل انسپيڪٽر ٿيو ۽ آخرڪار سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي پهتو. رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ هو P&D کاتي جو به هيڊ رهيو.
عاشق حسين شاهه 1974ع ۾ شادي ڪئي، کيس ٽي ٻار آهن. ٻه پٽ شاهجهان ۽ صفدر ۽ هڪ نياڻي شاهين. رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو آسٽريليا ۾ رهڻ لڳو جتي سندس پٽن نوڪري ۽ ڪاروبار ٿي ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن سکر ۽ ڪراچيءَ به چڪر تي ايندو رهيو ٿي. چند پيٽارو جا ساٿي جن سان پيٽارو ڇڏڻ بعد به منهنجو هميشه Contact رهيو، سيد عاشق حسين شاهه انهن مان هڪ آهي. ڪراچيءَ ۾ هوندو هوس ته هو هر دفعي مون لاءِ خيرپور جي کجور کڻي ايندو هو. اها شام وسري نٿي جڏهن هو آخري دفعو مون سان ملڻ لاءِ 27 جولاءِ تي آيو.
”مون ته سمجهيو ته تون آسٽريليا ۾ آهين“ مون چيومانس.
”اتي ئي آهيان“، هن کجور جو پئڪٽ ڏيندي چيو. بيحد جلدي ۾ هو. زور ڀرڻ تي چيائين: ”جلديءَ ۾ آهيان. ڪجهه ڪمن لاءِ اسلام آباد پيو وڃان. صبح جي فلائيٽ اٿم. ٻن ڏينهن بعد موٽڻ تي ڪچهري ڪنداسين“.
ٻئي ڏينهن 28 جولاءِ تي هو ”ايئر بلو“ جي ان بدنصيب هوائي جهاز فلائيٽ نمبر 202 (ايئر بس) ۾ سوار ٿيو جنهن جو اسلام آباد ايئرپورٽ تي لهڻ کان ڪجهه منٽ اڳ مرگلا پهاڙين سان ٽڪر ٿيو ۽ جهاز ۾ سوار 152 ماڻهن (ڇهن Crew ميمبرن سميت) مان هڪ به نه بچي سگهيو. رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. مرحوم عاشق حسين جو هڪ ٻيو ڀاءُ نذير حسين شاهه جنهن پاڪستان ڪسٽمس ۾ نوڪري ڪئي اهو پڻ اسانجي ئي ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هو. سندس ڪٽ نمبر 510 هو ۽ هو مون واري هائوس (لياقت) ۾ رهندو هو. (عاشق حسين ايوب هائوس ۾ هو). جن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان 45 سال اڳ جڏهن عاشق حسين شاهه ناروي جي اتراهين شهر Trondheim مان ماسٽرس ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ڪو انگلينڊ جرمنيءَ مان پڙهي ايندو هو ته اهو به وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي عاشق ته هڪ اهڙي ملڪ مان پڙهي آيو جنهن ڏي ڪنهن گهمڻ جو به رخ نٿي اختيار ڪيو. مون کي ياد آهي اسان جڏهن ٻڌندا هئاسين ته اسان جو جهاز ناروي، فنلينڊ، يا ڪئناڊا پيو وڃي ته ٻرو چڙهندو هو. بندرگاهه ۾ بيٺل اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جا ٻيا جهاز جن لاءِ ٻڌبو هو ته ڪو هانگ ڪانگ، جپان، ڪوريا روٽ تي پيو وڃي، ڪو دبئي قطر ته ڪو سري لنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور ته انهن جهازن تي Sail ڪندڙ اسان جي ڪلاس ميٽن کي حسرت سان ڏسندا هئاسين ته اهي وڏا خوش نصيب آهن جيڪي اهڙن بندرگاهن ڏي وڃي رهيا آهن جيڪي ويجها آهن، رستي تي ورلي ڪو خراب سمنڊ اٿن، انهن بندرگاهن جي موسم به اسان جي ملڪ جهڙي آهي، جتي انگريزي ٻولي هر ڪو سمجهي ٿو، سستائي به آهي... ۽ اسان جو جهاز برگن، ٽرنڍهام، اسٽاڪهوم، هيلسنڪي پيو وڃي جتي پهچڻ لاءِ ڪئين ڏينهن سمنڊ تي رهڻو پوندو، ڪيترائي سمنڊ جهاڳڻا پوندا ۽ ڪنهن نه ڪنهن سمنڊ تي طوفان ۽ سامهون جي ڇتين لهرن کي منهن ڏيڻو پوندو... اهي ڳالهيون سوچي مايوسي ٿيندي هئي ۽ پنهنجي وطن پهچڻ تي دوست يار حيرت کائيندا هئا. اهڙن ڏينهن ۾ جڏهن ناروي جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ عام ڳالهه نه هئي، عاشق حسين جو اتي ٻه سال کن رهي ماسٽرس ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجهي وئي ٿي. منهنجي خيال ۾ ته سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن مان عاشق حسين پهريون شاگرد هو جيڪو ناروي پهتو هو. عاشق جي مقابلي ۾ جي اسان جهاز وارن جو سفر ڀيٽيو وڃي ته اسان ته موج مزي ۾ هئاسين. ناروي ۾ سيءُ تمام گهڻو پوي ٿو بنا شڪ جي پر اسان ناروي جي انهن اتراهن بندرگاهن ۾ وياسين ٿي ته اونهاري ۾. جڏهن ته عاشق کي سيارو به اتي گذارڻو پيو جنهن ۾ ڏينهن نه برابر رڳو رات ئي رات يعني اونداهه ۾ گذارڻو پيو ٿي ۽ سخت سيءَ ۾. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ ته سڄو اسٽاف پاڪستاني هجڻ ڪري جهاز تي اها ماني کاڌي ٿي جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ ٿئي ۽ اسان کي ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ پنهنجي ئي ملڪ جا هم زبان سنڌي، اڙدو، پنجابي، ڪڇي وغيره ڳالهائڻ وارا مليا ٿي. هوڏانهن عاشق ڪنهن سان ڳالهائي؟ ان ڪري مون ڏٺو ته عاشق ايڏو ٻاتاريل هو جو اسان جهاز وارن سان سنڌي ۽ اڙدو ۾ ڳالهائي خوش ٿي رهيو هو.