نمازن جا ڏکيا ٽئيم ۽ تعليم جو شوق
آرڪٽڪ سرڪل کان جيئن ئي مٿي وڃبو- جيئن مون ناروي جي شهر ٽرومسو لاءِ لکيو آهي ته اتي لاڙڪاڻي پاسي جي هڪ ڇوڪري پڙهي ٿي، جيڪو شهر آرڪٽڪ سرڪل (66.5 ڊگرين) کان مٿي 69.7 ڊگرين ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ته اتي اونهاري ۾ لڳاتار ڏينهن ۽ سياري ۾ لڳاتار رات رهي ٿي. پڙهندڙن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته آرڪٽڪ سرڪل کان جيترو مٿي اتر قطب ڏي وڃبو اوڏو وڏو عرصو اونهاري ۾ ڏينهن ۽ سياري ۾ رات رهندي. تان جو بلڪل اتر قطب ۾ يعني 90 ڊگرين جي آس پاس ڇهن مهينن جو ڏينهن ڇهن مهينن جي رات ٿئي ٿي. يعني سڄي سال ۾ هڪ ڏينهن هڪ رات ٿئي ٿي.
سئيڊن جي جنهن شهر مالمو ۾ آئون رهيس ٿي يا جنهن شهر گوٿن برگ ۾ عبدالرحيم نظاماڻيءَ ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ ڪئي ۽ هاڻ اتي ئي رهي ٿو سڄو سال روزانو سج اڀري ۽ لهي ضرور ٿو پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اونهاري ۾ ڏينهن تمام وڏو ٿئي ٿو ۽ سياري ۾ رات وڏي ٿئي ٿي. اسان وٽ به اونهاري ۾ ڏينهن وڏو ٿئي ٿو ۽ رات ننڍي- يعني وڌ ۾ وڌ ڪلاڪ ٻن جو فرق ٿئي ٿو- جيئن اڄڪلهه جون جي مهيني ۾ ڏينهن وڏو ٿئي ٿو يعني سج سوير اڀري ٿو جنهن ڪري فجر نماز پنجين بجي ڌاري ٿئي ٿي ته دانهون ڪيون ٿا ته ننڊ پوري نه ٿي آهي. ذرا مالمو يا گوٿن برگ جهڙن شهرن جو سوچيو ته ان ۾ نماز پڙهڻ وارن لاءِ ڪهڙا سخت وقت آهن. ڪجهه دير اڳ ۾ عبدالرحيم نظاماڻيءَ کي فون ڪري سندس شهر ۾ سج اڀرڻ، لهڻ ۽ نماز جا وقت پڇيم جيڪي هن ريت آهن. انهن مان توهان اندازو لڳائي سگهندا ته اسان جا ملڪ پاڪستان، هندوستان، ايران، ملائيشيا، سعودي عرب وغيره نماز جي وقتن کان خوش نصيب آهن.
گوٿن برگ ۾ هن مهيني (جون) ۾ نمازن جا وقت آهن:
فجر- 3 وڳي
سج اڀرڻ- 4 وڳي
ظهر- سوا هڪ بجي
عصر- 6 بجي شام
مغرب- سج لهڻ- 10 لڳي ويهه منٽن تي
عشاءَ- ساڍي يارهين وڳي- يعني تقريبن آڌي رات جو، جنهن کان پوءِ ساڍن ٽن ڪلاڪن بعد فجر ٿئي ٿي. گوٿن برگ وري به 57.7 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. سئيڊن جو هڪ شهر آهي لوليا (Lulea) جنهن جي يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد Ph.D ڪري ويا آهن، جن ۾ نواب شاهه جو هڪ پروفيسر آچر زرداري به آهي جنهن منهنجي خيال ۾ سول انجنيرنگ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي. لوليا شهر 65.6 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي يعني آرڪٽڪ سرڪل کان فقط هڪ ڊگري هيٺ آهي. هتي به ڪافي مسلمان رهن ٿا ۽ مسجد به آهي اتي جي اڄڪلهه جي نمازن جي وقتن جو ذرا جائزو وٺو.
فجر- ساڍي ٻارهين بجي- يعني آڌي رات ڌاري
سج جو اڀرڻ- پوڻي ٻي بجي
ظهر- منجهند ساڍا ٻارهن
عصر- شام جا ساڍا پنج
مغرب ۽ سج جو لهڻ- ساڍا يارهن
عشاءَ نماز- ساڍا ٻارهن. يعني عشاءَ پڙهي فجر پڙهجي ٿي. سج ٻه ڪلاڪ غائب ضرور رهي ٿو يعني ساڍي يارهين بجي رات جو افق جي پويان غائب ٿئي ٿو ۽ پوءِ سوا ٻن ڪلاڪن بعد نموندار ٿئي ٿو پر جيئن ته سج دنيا جي پٺيان ڪو گهڻو هيٺ نٿو وڃي. ان ڪري اهي ٻه سوا ٻه ڪلاڪ کن اها روشني قائم رهي ٿي جيڪا اسان وٽ سج لهڻ مهل ٿئي ٿي. يعني مغرب، عشاءَ ۽ فجر نمازون روشنيءَ ۾ ئي پڙهيون وڃن ٿيون.
هو ڇا اردوءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪڀي ڪي دن بڙي تو ڪڀي ڪي راتين“ سو اونهاري ۾ جي نمازن ۽ روزن جا وقت ڏکيا آهن ته سياري ۾ وري مزا به آهن جو روزو فقط ٽن چئن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ اسان يونيورسٽي ۾ هوندا هئاسين ته پنج ئي نمازون، فجر کان عِشاءَ تائين، اتي ئي پڙهي وٺندا هئاسين جو يونيورسٽيءَ جو وقت 8 کان 5 هوندو هو ۽ سياري ۾ يونيورسٽي پهچڻ بعد سج نائين ڏهين بجي ڌاري اڀرندو هو ۽ 3 بجي غروب ٿيندو هو. يعني فجر کان عشاءَ نمازون يونيورسٽيءَ ۾ ئي پڙهندا هئاسين.
هڪ ڳالهه حيرت جي آهي ته هنن ملڪن ۾ يعني سئيڊن ناروي پاسي سخت موسم ۽ گهٽ آدمشماريءَ جي باوجود، تعليم جي رجحان جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته اسٽاڪهوم ته وري به وڏو شهر آهي پر اسٽاڪهوم کان 70 ڪلو ميٽر اتر ۾ سئيڊن جو هڪ شهر آهي اُپسالا (Uppsala) جيڪو هونءَ ته سئيڊن جو چوٿون وڏو شهر آهي- اسٽاڪهوم، گوٿن برگ ۽ مالمو بعد، پر آدمشماريءَ جي حساب سان اسان جي ڏيپلي، باڊهه ۽ سڪرنڊ جيڏو مس ٿيندو- بلڪه ٿي سگهي ٿو انهن شهرن جي آدمشماري اڃان به وڌيڪ هجي جو ”اُپسالا“ جي هن وقت پوڻا ٻه لک آهي. ان کان وڏي شهر مالمو جتان مون تعليم حاصل ڪئي، وڏو بندرگاهه هجڻ جي باوجود آدمشماري فقط سوا ٽي لک آهي. ڏٺو وڃي ته سئو ڏيڊ سئو سال اڳ ته بنهه گهٽ چند هزارن ۾ هوندي پر تعليم جي حساب سان ڏسو ته هتي جو هر شهر تعليمي ادارن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ دنيا جون مشهور يونيورسٽيون آهن جتي نه فقط مڪاني ماڻهو تعليم حاصل ڪن ٿا پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان به شاگرد اچن ٿا.