آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي سج غروب ئي نٿو ٿئي
پاڻ ٽرنڍهام بندرگاهه جي ڳالهه ڪئي جيڪو آرڪٽڪ سرڪل (66.5 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ) کان هيٺ خط استوا ڏي 63.4 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. آرڪٽڪ سرڪل کان هيٺ وارن شهرن ۾ لڳاتار ڏينهن يا سياري ۾ رات نٿي رهي. ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سج دنيا جي گولي پويان غائب ضرور ٿئي ٿو، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي ٻه يا ٽي ڪلاڪ جيڪي سج غائب رهي ٿو، اهي رات جا ڪلاڪ سڏجن ٿا پر انهن ڪلاڪن ۾ رات واري اونداهه نٿي ٿئي ڇو جو سج گهڻو هيٺ نٿو وڃي. اتي ئي ڇهه ست ڊگرين تائين هيٺ غروب ٿي مٿي اڀري اچي ٿو ان ڪري Twilight (شام واري يعني سج لٿي واري روشني) رهي ٿي، پر آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي وارن شهرن ۾ (جيئن ته ٽرومسو شهر جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪو 70 ڊگرين ويڪرائي ڦاڪ تي آهي) اونهاري ۾ سج ڪجهه هفتن (بلڪ مهينن) لاءِ لڳاتار رهي ٿو. يعني غروب ٿئي ئي ڪونه ٿو. اهڙي طرح سياري ۾ سج اڀري ئي نٿو. لڳاتار اونداهه رهي ٿي.
ناروي جو هڪ ٻيو بندرگاهه جتي منهنجو وڃڻ رهيو ۽ مونکي ڪن ڳالهين ۾ بيحد پسند آيو اهو آهي Bodo (بوڊو) شهر. هي شهر کڻي گهڻو اتر ۾ ناهي پر 67.2 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي هجڻ ڪري آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي آهي يعني اونهاري ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳاتار سج نظر اچي ٿو- گهٽ ۾ گهٽ ڏيڊ مهينو کن (پهرين جون کان تيرهين جولاءِ تائين) سج غروب ئي نٿو ٿئي. سج جو ٿالهه افق کان ٿورو مٿڀرو پيو ڦري. پڙهندڙن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته هنن اتراهن علائقن ۾ سج ائين چوٽ نٿو کڻي جيئن اسان جي ملڪ ۾ ٿئي ٿو. سج جي چوٽ چڙهڻ تي سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ اسان وٽ منجهند مهل سخت گرمي ٿئي ٿي. اسان جو ملڪ وري به 23 کن ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. ڪولالمپور يا سنگاپور جهڙا شهر جيڪي بلڪل خط استوا وٽ آهن يعني هڪ کان ٽي ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهن اتي ته سج جا ڪرڻا اڃان به سڌا پون ٿا ۽ منجهند مهل سخت ڏينهن تپي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اتي اڪثر جهڙ ۽ مينهوڳيءَ ڪري اسان جي ماڻهن کي (جيڪي اوڏانهن ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ وڃن ٿا) ان جو احساس ئي نٿو ٿئي ته جنهن وقت جهڙ ناهي سج جا ڪرڻا خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ ڏينهن لڳي سگهي ٿو يعني Sun Stroke ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا جهڙن ملڪن ڏي ويندڙن کي آئون هر وقت ان ڳالهه جو چتاءُ ڏيان ٿو ته پاڻ سان ڌوپ ڇٽي کڻي ويندا ڪريو جيڪا مينهن جي بچاءَ کان وڌيڪ اس کان بچاءَ لاءِ وڌيڪ ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن پاسي جي ملئي ماڻهن جي ڊريس پٽڪو رهيو آهي جنهن جو آخري ڇيڙو پٺيان لڙڪايو وڃي ٿو جيئن ڪنڌ ڍڪيل رهي. هاڻي هي ملڪ امير ٿيڻ ڪري هرڪو ڪار ۾ سفر ڪري ٿو ۽ آفيسون ۽ روڊ وڻن سان ڍڪيل آهن سو مٿو اگهاڙو ڪريو پيا هلن، پر اسان جا ماڻهو جن کي جهڙ هجي يا اس، رستن تي رلڻو آهي انهن کي کپي ته پنهنجي صحت جو خيال رکڻ لاءِ پٽڪو نه ته پي-ڪئپ مٿي تي رکن ۽ پاڻ سان هر وقت ڇٽي پڻ رکن جيئن پرديس ۾ هنن تي Sun Stroke جو حملو نه ٿئي.
سو پاڻ اها ڳالهه پئي ڪئي ته هن پاسي اتراهن ملڪن ۾ سج چوٽ نٿو کڻي. افق جي ويجهو ئي رهي ٿو ان ڪري سج ۾ تپش نه برابر رهي ٿي. ان جو اندازو توهان ان ڳالهه مان ئي لڳايو ته سياري ۾ اسان وٽ جڏهن سج رڳو ٿورو هيٺاهين تان وڃي ٿو يعني ٿورو ڏکڻ جو طرف ڏئي گذري ٿو ته هن جا پاسيرا پوندڙ ڪرڻن ۾ اها تپش نٿي رهي جيڪا اونهاري جي سج ۾ رهي ٿي. بهرحال هن پاسي تعليم يا نوڪري لاءِ ايندڙ ماڻهن کي اهو نه سوچڻ کپي ته هر وقت ڏينهن آهي يا هر وقت رات آهي يا سخت سيءُ آهي. ڀلي ڪري ٽي ٽي مهينا رات هجي يعني اونداهه ۽ سخت سيءُ هجي توهان جا تعليمي ادارا Centrally Heated آهن ۽ ڏينهن رات ڪلاس رومن يا آفيسن، ورانڊن ۾ ٽيوب لائيٽون پيون ٻرن. ٻاهر شهر ۾ نڪرڻ لاءِ توهان سردي مطابق گرم ڪپڙا ۽ ٽوپ اوڍي نڪرو ٿا. هنن ملڪن ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته سيءُ ڪجهه به نه آهي، ڇو جو سيءُ جي ٿڌاڻ جو دارو مدار توهان جي ڪپڙن اوڍڻ تي آهي. بلڪه منهنجو ته اهو تجربو ۽ مشاهدو آهي ته ناروي، سئيڊن، فنلينڊ، ڊئنمارڪ، ايسٽونيا جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ گهٽ آدمشماري ۽ خاموشيءَ ڪري پڙهائي سٺي رهي ٿي. رلڻ پنڻ بدران سيءُ ۾ هر ڪو پنهنجي گرم ڪمري ۾ ڪتابن سان مشغول رهي ٿو.
هن پاسي جي يونيورسٽين ۾ پهريان ٽي مهينا مقامي ٻولي ضرور پڙهائين ٿا باقي مختلف سبجيڪٽن جا ليڪچر انگريزيءَ ۾ ٿين ٿا. ان کان علاوه هنن ملڪن: ناروي، سئيڊن، فنلينڊ وغيره ڏي مهانگائي تمام گهڻي آهي، آمريڪا ۽ انگلينڊ کان به وڌيڪ پر اهو به آهي ته اسڪالرشپ به ٺيڪ ٺاڪ ڏين ٿا. ٻيو ته هن پاسي نسل پرستي (Racism) جي سوچ گهٽ آهي. اهو به هاڻ ٿورو گهڻو ٻڌجي ٿو نه ته اسان جي ڏينهن ۾ ته بلڪل نه هئي. هاڻ مڙيئي ڪٿي ڪٿي نوجوان طبقو مڇريل رهي ٿو سو به انهن ڌارين ملڪن کان آيل پناهه وٺندڙن تي.... پر ڏٺو وڃي ته ان ۾ به گهڻو تڻو اسان جي ماڻهن عراقين، افغانين، سومالين، ويندي پاڪستانين جو ڏوهه آهي جيڪي هتي رهڻ جي اجازت (Asylem) حاصل ڪري غلط حرڪتون ڪن ٿا. نوڪري ۽ پورهئي کان نٽائي رڳو مفت ۾ سوشل (خيراتي فنڊ) حاصل ڪن ٿا، ان کان علاوه چورين چڪارين ۽ هڪ ٻئي سان جهيڙن جهٽن ۾ involve رهي هتي جي پرامن ماحول کي هڪ طرف خراب ڪن ٿا ته مسلمانن کي ٻي طرف بدنام ڪن ٿا. پر تعليمي ادارا يا هتي جون آفيسون ان ماحول کان پري آهن. هن پاسي هڪ ته آدمشماري گهٽ آهي ٻيو ته ٻچو ٻچو تعليم يافته آهي.
بودو شهر جي آدمشماري 60 هزار کن مس آهي.. ان کان وڌيڪ هتي ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا. هتي جي Nord يونيورسٽي هڪ بهترين تعليمي ادارو آهي. لهه و چڙه ۾ اچڻ لاءِ سندن فون نمبر 7000-7551-0047 ۽ Email ائڊريس postrottak@nord.no آهي. ڪاغذ پٽ موڪلڻ لاءِ پوسٽل ائڊريس آهي: Nord University, Bodo UniversitetsallenII, Bodo, Norway. 8026 هيءَ يونيورسٽي بودو شهر کان اٽڪل ڏهه ڪلو ميٽر پري اوڀر ۾ جنهن علائقي ۾ آهي اهو Morkved سڏجي ٿو جيئن ڪراچي يونيورسٽي شهر جي مرڪز کان پري گلشن اقبال واري علائقي ۾ آهي. جيئن ڪراچي يونيورسٽي جي ڀرسان NED يونيورسٽي ۽ ٻيا به تعليمي ادارا آهن تيئن نورد (Nord) يونيورسٽي جي ڀرسان ”بودو يونيورسٽي ڪاليج“، ””نارويجئن پوليس يونيورسٽي ڪاليج“ وغيره پڻ آهن. دراصل هن علائقي جي Morkved نالي ريلوي اسٽيسن به آهي جتان ميٽرو ٽرين ۾ چڙهڻ تي ڏهن منٽن ۾ بودو جي مرڪزي (صدر) علائقي ۾ پهچيو وڃجي- ان علائقي ۾ مسجد به آهي جنهن جو نالو نارويجين ٻوليءَ ۾ Islamsk kultursenter آهي جيئن آمريڪا ۽ يورپ جي ٻين شهرن ۾ مسجد يا Mosque بدران ”اسلامڪ سوسائٽي“، اسلامڪ سينٽر“ يا ان قسم جا نالا رکيا وڃن ٿا.