اداري پاران
انهن مضمونن ۾ ‘جديد ۽ آڳاٽن شهرن جو سفر’ جي عنوان سان هڪ مضمون شامل آهي، جيڪو اصل ۾ سائين ڪامريڊ شبير شر ايڊووڪيٽ جي سفرنامي “جيش جبل ۽ ڪوهه ڪاف جا سفر” هڪ ڪتاب ۾ ٻه سفرناما شامل آهن. هڪ جديد ۽ اڀرندڙ شهر “دبئي” ٻيو ازبڪستان ۽ آذر بائيجان بابت آهن. شيخ صاحب جو مضمون ڪتاب جي مهڙ ۾ شامل آهي. سائين شبير شر جو ڪتاب منهنجي سامهون نه آهي، جو ٻڌائي سگهان ته اصل ۾ ڇا لکيل آهي، البت ايترو چئي سگهان ٿو ته فني لحاظ کان اهو “مهاڳ” ٿيڻ گهرجي، نه پيش لفظ يا ٻه اکر. اسان مان جي سائين شر صاحب کي سڃاڻن ٿا يا جن سندس مضمون پڙهيا آهن. اهي چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا ته انهن ڪتابن ۾، ڪهڙن دلچسپ موضوعن تي لکيو ويو هوندو ۽ انهن ۾ سنڌ بابت ڪيترو ذڪر هوندو!
پر آءٌ سلام ٿو پيش ڪريان سائين الطاف شيخ صاحب جي مطالعي کي، جنهن ڪتاب ۾ ذڪر ٿيل اسمن جي وضاحت انتهائي شاندار ۽ بامقصد انداز ۾ بيان ڪئي آهي. انهن ملڪن جي ترقيءَ پويان جيڪي راز آهن، انهن تان پردو کنيون اٿائين ته ساڳئي وقت سنڌ جي ماڻهن جي ذهن ۽ ضمير کي به جنجهوڙيو اٿائين ته جي هو همٿ ڪري، زميندارن، وڏيرن ۽ پيرن جي پيڪڙن مان ٻاهر نڪري اچن ته دنيا جي ڪابه طاقت سندن ترقيءَ آڏو اچي نه ٿي سگهي.
عرب رياستن جي ترقيءَ جو آڌار صرف تيل تي نه آهي، ان جي پويان سندن وطني جذبو، سٺو نظام ۽ مستقبل جو فڪر به شامل آهي. شيخ صاحب ملائيشيا جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ان ڪهڙي ريت ترقي ڪئي، ان جي ڀرسان انڊونيشيا آهي، جتي تيل به نڪري ٿو، پر انهن اها ترقي ڪانه ڪئي آهي، جيڪا کين ڪرڻ گهرجي ها!
سائين الطاف ايران، خراسان، افغانستان، اُزبڪستان، آذربائيجان، ترڪمنستان ۽ ٻين وچ ايشيائي رياستن جي علم ادب، مذهب، ماڻهن، حاڪمن، ويڙهاڪ ٽولن جو جهڙي ربط ۽ ضبط سان ذڪر ڪيو آهي. ان مان سندس تاريخ، جاگرافي، مذهب ۽ سماجي رَوين بابت مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هو جڏهن ايران جي قومي شاعر حڪيم ابوالقاسم فردوسي جو ذڪر ڪري ٿو ته ان بابت چڱي معلومات مهيا ڪري ٿو. ان جي شاهڪار “شاهه نامي فردوسي” جو پڻ ذڪر ڪري ٿو، جنهن ۾ ايران جي شاندار ماضي، تهذيب ۽ تمدن کي وطني محبت سان پيش ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ فردوسي پورا ٽيهه سال ايران جي مختلف خطن جو سفر ڪيو معلومات گڏ ڪئي، پوءِ سن 400 هجري ۾ اهو مرتب ڪيو. ايران مٿان عربن جي قبضي کي شاهنامي ۾ نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي. ٻين لفظن ۾ عام پڙهندڙ کي فردوسي جي باري ۾ مناسب ڄاڻ ملي وڃي ٿي ته ايران جي تهذيب جي باري ۾ به کيس سٺي معلومات ملي وڃي ٿي.
ساڳي ريت ‘ثمرقند’ ۽ ‘بخارا’ جو ذڪر ڪندي شيخ صاحب ‘صحيح بخاري’، ان جي اهميت ۽ مسلڪن جو به ذڪر ڪيو آهي. اڄ جو نوجوان، جيڪو تاريخ، فلسفي، انساني ارتقا، (Anthropology) حڪمراني جا گڻ، سياست، رياست جهڙن اهم موضوعن کان ونءُ پيو وڃي، انهن کي شيخ صاحب اهي مضمون شربت جي گلاس ۾ ٺاهي کين پيش ڪري ٿو. روايت مطابق سندس لکڻ جو مکيه موضوع آهي: سماجي سجاڳي ۽ سنڌ سان پيار.
هن ڪتاب جو مکيه موضوع آهي خود ترسي (Self-Pity) يعني پاڻ تي رحم کائڻ، ٻين تي ڀاڙڻ، همٿ مان هٿ ڪڍڻ ۽ سڀ ڪجهه حالتن يا قسمت تي ڇڏڻ. اهي اسان جا اَوگڻ آهن. جيئن ته اسي سيڪڙو (80%) کان به وڌيڪ آبادي ان مرض ۾ مبتلا آهي. ان ڪري ان کي مجموعي صورتحال سمجهي سڀ ڪو ڪن لاٽار پيو ڪري! ڀلا ان خود ترسي مان ڪيئن نڪرون: ڪي واٽون، ڪي رستا، ڪو فلسفو، ڪا حڪمت ڪا سياسي پارٽي جيڪا انهن اوگڻن کي اجاگر ڪري، عام ماڻهن ۾ پاڻ تي ويساهه آڻڻ لاءِ ڪو دڳ ٻڌائي؟ جواب انڪار ۾ آهي. ڪي چند فرد يا گهراڻا آهن، جن پنهنجي مڙسي ڪري، چوندن چيو وساري. ڪا منزل متعين ڪري ان پويان هليا، اڄ سنڌ ۾ انهن گهراڻن کي عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو.
آءٌ پاڻ جڏهن ويهي ويچار ڪريان ٿو ته مون سميت، هزارين نوجوان 70 واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ڪهي آيا، ڏک ڏٺائون، کين رهڻ لاءِ مسواڙ تي جايون نه ٿي مليون ]مون خود ٻن دوستن سان گڏ نئين ڪراچيءَ ۾ پورا ٽي سال شٽر واري هڪ دڪان ۾ گذاريا. اسان جي لنچ هوندي هئي، پاڻي سان ٻه پاپا يا اوڌر تي کٽاڻ سان ماني[. جن دوستن محنت ڪئي، ڪا منزل من ۾ رکي، گهڻا انهي کي رسي ويا. منهنجو اهو به پڪو ويساهه آهي ته اسان جي نوجوانن ۾ فطري شعور آهي، لوڪ ڏاهپ آهي، اڳتي وڌڻ جي صلاحيت آهي، صرف موقعا ملڻ جي دير آهي. پر اهي موقعا به پاڻ کي تلاش ڪرڻا پوندا. اها ساڳي ڪراچي 1970ع کان اڳ عام سنڌين لاءِ ممنوع هئي. هاڻي ڏسو ڪيترا ماڻهو ڪيترين اهم سرگرمين ۾ مشغول آهن. شاندار گهرن ۾ رهن ٿا، زندگيءَ جون سڀ آسائشون کين مهيا آهن. فرق صرف ايترو آهي ته انفرادي ڪوششون- ڪاميابيون فردن تائين محدود رهن ٿيون. انهن ۾ اسان پنهنجي ماڻهن کي شامل نه ٿا ڪريون، جيئن ٻيون قومون ڪن ٿيون. اهي تيزي سان مارڪيٽ ۾ پکڙجي وڃن ٿيون. اسان اڃا تائين هنرن، ڌنڌن، ڪاروبار طرف نه پيا سوچون. سڀاويڪ ان خلا کي ٻيون قومون والاري وينديون.
سائين الطاف شيخ ان رحم جوڳي حالت مان نڪرڻ لاءِ ڪن فردن ۽ خاندانن جا مثال ڏنا آهن. جن همٿ ڪري پڙهي، مقابلي جا امتحان پاس ڪري، سٺو نالو پيدا ڪيو آهي. جن ۾ سرفهرست هن آپا ممتاز لاڙڪ جو ذڪر ڪيو آهي، بلڪ هي ڪتاب به ان جي نالي ڪيو آهي. جنهن هڪ ٽيچر ٿي ڪري، 1986ع ۾ مڙس جي وفات بعد به پنهنجي ٻارن کي پڙهايو. هنن جي تمام سٺي تربيت ڪئي ۽ کين اعلى آفيسر بنايو. جنهن ۾، ذوالفقار لاڙڪ CSS جو امتحان ڏئي پوليس کاتي ۾ آيو ۽ هن وقت ڪراچي ۾ DIG جي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ٻيو پٽ جاويد لاڙڪ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي مان پڙهي. انگلينڊ جي يونيورسٽي آف ليڊس مان پنهنجي سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪئي. هن وقت مهراڻ يونيورسٽي ۾ پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ (Head) آهي. سندس ٽئين پٽ نويد لاڙڪ سنڌ يونيورسٽي مان BSC اليڪٽرانڪس ۽ ماسٽرس ايڪنامڪس ۾ ڪئي. هن PCS جو امتحان پاس ڪيو. هن وقت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور طور ڪم ڪري رهيو آهي.
شيخ صاحب ٻيو مثال ماستر محمد يعقوب ميمڻ جو ڏنو آهي، جنهن ٻارن خاص طور نياڻين جي تعليم خاطر ٽنڊو ڄام ڇڏي اچي حيدرآباد وسائي. ٻه ٻه نوڪريون ڪري، ٻارن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏني. سندس ٻارن ۾ سراج الحق، فهميده حسين، مصباح الحق، انيسا ميمڻ ۽ ٻيا ٻار شامل آهن، جن سنڌي سماج، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي مالا مال ڪيو. سڀ خوشحال زندگي گذارين پيا. ساڳي پاڙي (گاڏي کاتي) ۾ رهندڙ امداد صديقي جهڙو به مثالي ماڻهو رهندڙ هو، جنهن پنهنجي ڏهن ٻارن مظهر الحق صديقي، ڊاڪٽر قمر، آپا سلطانه صديقي، جهانگير صديقي وغيره. جي تعليم تربيت تي پوري توجهه ڏني. اڄ سندن ملڪي سطح تي نالو آهي. شيخ صاحب چوٿون مثال سائين اسماعيل ميمڻ جو ڏنو آهي، جنهن جا ٻار: منان، غفران، سلام کان سبحان، رخسانا ۽ ٻين ٻارن کي اعلى تعليم يافته بڻايو. جيڪي اهم عهدن تي رسيا ۽ بيوروڪريسي ۾ نالو پيدا ڪيو.
شيخ صاحب خود ترسيءَ کي واضح ڪرڻ لاءِ جڳ مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنگي جي هڪ چوڻي به ڏني آهي، جنهن جو مطلب آهي ته “خود ترسي اسان جي دشمن آهي. جيڪڏهن ان کي ذهن ۾ جاءِ ڏينداسين ته اسين دنيا ۾ ڪوبه چڱو ڪم ڪري ڪونه سگهنداسين.”
ان ڏس ۾، وڌيڪ لکي ٿو ته، “غربت جو بهانو ڪندڙ ڪيترن ئي مردن کي هميشه ٽنڊي آدم جي هڪ ٻئي شخص سائين قبول ساند جو مثال ڏيندو آهيان ته توهان جون ڪيتريون به حالتون خراب هونديون پر تڏهن به قبول ساند جهڙيون نه هونديون.... هن پورهيو ڪري ٻارن کي پڙهايو. سندس چئن پٽن مان ٽي انجنيئر ۽ هڪ ڊينٽل سرجن ٿيو. انهن وري پنهنجي اولاد کي پڙهايو.
اهڙي نموني ڪتاب جي، ٻين ڀاڱن ۾ پڻ موزون جاين تي اهڙا قصا آندا اٿائين.” ناروي ويندڙن لاءِ منهنجي خواهش هوندي آهي ته هتان ويندڙ جيڪر شائسته عالماڻي سان به ملن، جيڪا مصيبت ماريل سنڌ ڇڏي ناروي ۾ پنهنجي فيملي سان سڪون سان رهي ٿي.” هڪ ٻئي هنڌ وري ‘صنم پيچوهو’ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪا يورپ جي مختلف ملڪن مان تعليم حاصل ڪري ٿي. ڳوٺ سيهڙ لاڙڪاڻي، جي مس رخسانا ڪانڌڙو فنلينڊ ۾...
ڪتاب جي هڪ مضمون جو عنوان آهي: “فنلينڊ جو شهر يووسڪولا قمبر جو اعجاز شيخ، دادؤ جو عباس خشڪ ۽ لاڙڪاڻي جو منصور جوڻيجو” جن محنت سان دنيا ۾ عزت ماڻڻ جا ڪيئي بهترين مثال پيش ڪيا آهن.
سائين الطاف شيخ صاحب کي شايد خبر نه آهي ته ميڊم ڊاڪٽر فهميده حسين جي نياڻي ‘ارونا’ به سائوٿ ايشيا جي ملڪن تي مشتمل هڪ ڪمپنيءَ ۾ CEO طور ڪم ڪري ٿي، جيڪا اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.
ڪتاب جو وڏو حصو “آرڪٽڪ سرڪل” وارن ملڪن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سوَين دلچسپ ڳالهيون پڙهڻ لاءِ موجود آهن. اتي جون ريتون، رسمون، سمهڻ، کائڻ پيئڻ، مرڻ، سواري ڪرڻ جا انوکا مثال ڏنا ويا آهن، انهن جي وچ ۾ شيخ صاحب پنهنجي Social Science بابت حاصل ڪيل ڄاڻ به ڏيندو ويو آهي، جنهن ڪتاب کي لاجواب بڻائي ڇڏيو آهي. ڪيترن ئي ملڪن جي انوکن واقعن جو ذڪر ڪيو آهي. مثلاً سياري جا سخت سيءَ ۽ اوندهه جا اٺ مهينا، اسڪول ماسترياڻين لاءِ بندوق هلائڻ لازمي آهي. دڪان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بوٽ ۽ بندوق ٻاهر رکو، اتر قطب ۾ ڪتا ڌارڻ ڇو ضروري آهن، ميوو وٺي فرج ۾ رکو ٻاهر رکڻ سان پٿر ٿيو وڃي، ٻڪر ڪهي فرج ۾ رکڻ بجاءِ زمين ۾ کڏ کوٽي ان ۾ رکون ته اهو ٽي سال سالم رهي ٿو. وغيره.
شيخ صاحب آرڪٽڪ وارن ملڪن جي دلچسپ ڳالهين سان گڏ، “ايسٽونيا” بابت حيرت ڪندڙن مثال ڏنا آهن، جيڪي ڳاڻيٽي ۾ جهجها آهن. ان ڪري پڙهندڙن کي پاڻ اُهي دلچسپي سان پڙهڻ گهرجن.
آخر ۾ ايترو عرض ڪرڻ گهران ٿو ته سائين الطاف شيخ صاحب سان منهنجي پراڻي نيازمندي آهي، جڏهن هو 1982ع ۾ پنهنجي ڳوٺائي سائين الهه بچائي ميمڻ سان ملڻ ايندو هو. هر ڀيري سائين سان سٺي ڪچهري ٿيندي هئي. پوءِ سائين ملائيشيا هليو ويو اتان به خط لکندو هو، جيڪي مون وٽ اڄ سانڍيا پيا آهن. سائين منهنجي سنڌي ٻولي سان دلچسپي واري جذبي کي ساراهيندو هو. اهو سلسلو اڃا به جاري ساري آهي. وچ ۾ ڪافي وٿي اچي وئي هئي.
ڪافي ورهين کانپوءِ سائين شيخ صاحب جو فون آيو، جنهن ۾ هن منهنجي اداري “پيڪاڪ” جي ڪافي واکاڻ ڪئي ۽ ٻڌايو ته پاڻ فيصلو ڪيو اٿائين ته باقي سڀ ڪتاب “پيڪاڪ پبلشرس” کان شايع ڪرائبا. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته جڳ مشهور اسڪالر اسان جي ننڍڙي اداري کي ايڏو مانُ بخشي رهيو آهي. سائين هڪ نصيحت به ڪئي “Aftab be a professional Person” بابا اداري کي وڌائڻو اٿئي ته پوءِ ڪاروبار کي ڪاروباري طريقن سان هلاءِ. ياري باشي نه هلندي.” سائين اوهان جون صلاحون اکين تي، ائين ئي ٿيندو، مون کيس موٽ ۾ چيو.
ويجهڙ ۾، سائين شيخ صاحب ميار ڏني ته قمر ڪم ۾ تاخير پيو ڪري! کيس سمجهاءِ. مون وٽ اڃا کوڙ ڪتاب پيا آهن، جيڪي کيس ڇاپڻا آهن.... هاڻي ڇا ڪجي؟ قمر ٿو چئي ته بابا، الطاف شيخ صاحب جا ڪتاب ڌڙا ڌڙ هلي رهيا آهن، هڪ ڪتاب نڪري ته ٻيو آڻيون! جي ٻن مهينن جي وٿي سان ڪتاب آڻينداسين ته مارڪيٽ ۾ ڌڪ کائي وينداسين؛ ڇاڪاڻ ته سائين جو نئون ڪتاب اچي ٿو ته ماڻهن جو رجحان ان ڏانهن وڃي ٿو. ٻين اديبن جي ڪتاب نيڪالي ۾ ٻه ٽي سال لڳي وڃن ٿا. هن سوشل ميڊيا واري دور ۾، جنهن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي هيرَ کي ڌڪ لڳو آهي. ان ۾ به الطاف شيخ صاحب جا ڪتاب پنجن ڇهن مهينن ۾ کپي وڃن ٿا. سو هاڻي ڪهڙي واٽ وٺجي. پڙهندڙ پاڻ ٻڌائين.
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
چيئرمين
پيڪاڪ پبلشرس