عيد جهڙي ڀلاري ڏينهن تان اسان جي قوم ورهائجيو وڃي
اڄ کان سٺ ستر سال اڳ جڏهن اسان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته عيد جي چنڊ تي بحث هلندو هو ته خبر ناهي چنڊ ڏٺو ۽ سڀان عيد آهي يا نه؟ ٻنهي صورتن ۾ يعني جي ٻئي ڏينهن عيد ڪبي هئي ته خبر پوندي هئي ته ملڪ جي ڪجهه شهرن ۾ روزو آهي ۽ جي چنڊ نه ڏسڻ ڪري ٻئي ڏينهن روزو رکبو هو ته ٻئي ڏينهن منجهند ڌاري شهر ۾ پڙهو گهمايو ويندو هو ته ”رات ڪيترن ئي شهرن ۾ چنڊ نظر اچي ويو هو ان ڪري اڄ عيد آهي سو عيد واري ڏينهن تي روزو رکڻ شيطان جو ڪم آهي. روزو ٽوڙيو ۽ عيد ڪريو.“ هي ڪم يا هي ڳالهيون 1954ع ۽ 1955ع وارن سالن جون پيو لکان جڏهن مون چار درجا سنڌيءَ جا يعني پرائمري اسڪول جا، پڙهي انگريزي اسڪول (هاءِ اسڪول) ۾ داخلا ورتي هئي. انهن ڏينهن ۾ ٽي وي يا انٽرنيٽ ته نه هئا پر PTCL جا فون به ڳوٺن ۾ نه هئا. سو اطلاع رساڻيءَ ۾ وڏي دقت ٿيندي هئي ۽ اڄ جڏهن دنيا خبر ناهي ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتي آهي جنهن ۾ جدت، نواڻ ۽ سائنسي ترقيءَ ڪري سهوليت پيدا ٿي آهي پر چنڊ ڏسڻ جي معاملي ۾ اسان وٽ اهي ئي ڦڏا ۽ ضد! لڳي ٿو دنيا ۾ مسلمانن جو فقط اسان جو ئي ملڪ آهي! اگر نه ته پوءِ ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور کان ايران، ترڪي، سعودي عرب، لبيا ۽ موراڪو تائين مسلمان ملڪن ۾ ته ڪو به اهڙو ضد فساد نٿو ٿئي. اهي ملڪ هڪڙي ئي ڏينهن تي عيد ملهائي خوش ٿين ٿا. ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي جهڙا ملڪ ته اهڙا آهن جتي ٻارهوئي جهڙ لڳو پيو آهي ۽ بارشون پيون هلن ته به اتي ڪو مسئلو نٿو ٿئي. اسان وٽ ته ان ڪم لاءِ، نه فقط ڏهاڪو کن مولوين جي ڪميٽي ٺهيل آهي پر هن ڀيري اهو انڪشاف ٻڌي حيرت ٿي ته ٻه ڏينهن روزانو اڌ ڪلاڪ لاءِ دوربين اڳيان بيهي، هو جيڪا رٺل چنڊ کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ان لاءِ سرڪار جو هنن جي ماني ٽڪي ۽ ڀاڙي ڀتي T.A ۽ D.A تي پنجاهه کان سٺ لک رپيا خرچ ٿئي ٿو. هڪ غريب ۽ قرضي ٿيل قوم تي ڇا ته بار پئجيو وڃي! ان بعد به نتيجو اهو ته هڪ سڄي صوبي (KPK) ۾ هڪ ڏينهن اڳ عيد ملهائي وئي- يعني سڄي ملڪ ۽ قوم ٻڌي ڪري هڪ ڏينهن تي نه عيد نماز پڙهي ۽ نه هڪ ڏينهن تي عيد ملهائي. مزي جي ڳالهه اها ته سرڪاري چنڊ ڏسڻ واري ڪميٽي جي مخالفت ۾ هڪ ڏينهن اڳ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪرڻ وارو به اسانجي مولوين جو ٽولو هو.
ڏک ٿو ٿئي ته ائٽمي طاقت رکندڙ اسانجو ملڪ جنهن پرويز هودڀائي، عبدالقدير خان ۽ نوبل انعام ماڻڻ وارا سائنسدان عبدالسلام جهڙا پيدا ڪيا ان جي ماڻهن کي ايتري به سائنسي قابليت ناهي ته هو چنڊ تارن جي چرپر کي سمجهي سگهن. ناروي جو اتراهون شهر بودو (Bodo) جتي اڄڪلهه اونهاري جي موسم هجڻ ڪري چوويهه ئي ڪلاڪ ڏينهن ٿو رهي اتي به خير خوبيءَ سان رمضان جو مهينو گذري ويو ۽ نه فقط بودو پر ان جي پسگردائي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ مسلمانن هڪ ئي ڏينهن تي عيد ملهائي. اونهاري يعني جون جي گرم مهيني جي باوجود هن اتر قطبي شهر بودو ۾ سخت سيءُ هجڻ ڪري نماز مسجد کان ٻاهر پڙهڻ ڏکيو ڪم آهي ۽ مسجد ايڏي وڏي نه هجڻ ڪري مسجد جي امام ڊاڪٽر وليد حڪيم عيد نماز ٻن وارن ۾ پڙهڻ جو اعلان ڪيو. هڪ سوا نائين بجي انهن مسلمانن لاءِ جيڪي بودو شهر ۾ رهن ٿا ۽ ٻيو دفعو ڏهين بجي انهن مسلمانن عيد نماز ادا ڪئي جيڪي بودو شهر جي آسپاس ڳوٺن ۾ رهن ٿا. ”بودو“ شهر جيڪو آرڪٽڪ سرڪل جي مٿان آهي، ان جي اهم چوراهي وٽ جتي Dronningensgat روڊ ۽ Sjogata روڊ جي وچ ۾ هيءَ مسجد آهي جيڪا مڪاني ٻولي جي نالي Islamsk Kultursentr Nordland سان سڏجي ٿي يعني ”اسلامي ڪلچرل سينٽر ناروي، سندس سامهون Ronvikgata روڊ وٽ چرچ آف جيسز (عيسائين جو گرجا گهر) آهي ۽ پٺيان هن شهر بودو جي وڏي پوليس اسٽيشن، جنهن جا سپاهي، نيوزيلينڊ واري مسجد جي حملي بعد، هن مسجد جي سيڪيورٽي ۽ ايندڙ مسلمانن جي حفاظت لاءِ تيار رهن ٿا. هن مسجد جي امام ڊاڪٽر وليد حڪيم، ڪنهن به ملڪ ۾، خاص ڪري اسان جي ملڪ ۾، هڪ ئي ڏينهن تي عيد ڪري ٻڌيءَ جو اظهار ڪرڻ بدران مختلف ڏينهن تي عيد ڪرڻ ۽ چنڊ جي نظر اچڻ يا نه اچڻ تي ضد ڪرڻ تي واهه جي ڳالهه ڪئي ته ”اهو مسئلو اسان وٽ ان ڪري درپيش اچي ٿو جو اسان وٽ مولوين کي سائنس جي ڄاڻ جي کوٽ آهي ۽ سائنسدانن ۽ حڪومت ۾ موجود سياستدانن کي فقهي (دين) جي چڱي طرح ڄاڻ ناهي.“ ان جو مثال هن ڀيري عيد کان هفتو ٻه اڳ عيد جي چنڊ بابت مولوين ۽ هڪ وزير صاحب جي وچ ۾ هليو، جيڪو شايد وزارت ٽيڪنالاجي جو وزير آهي. وزير صاحب اهو ئي چوندو رهيو ته ”اسان عيد جي چنڊ جا ڏينهن اڳواٽ سائنس ذريعي معلوم ڪنداسين ڇو جو رويت ڪميٽي جا مولوي ميمبر ملڪ جي خزاني کي هرو ڀرو هر چنڊ ڏسڻ تي 50 لک روپين جي ڊز هڻن ٿا.“ مولوي اهو ئي چوندا رهيا ته ”اسلامي طريقو اهو ئي آهي ته اسان کي دوربين ذريعي چنڊ ڏسي ان جي خاطريءَ جي فتوا ڏيڻ کپي.“ ڏٺو وڃي ته ٻئي صحيح به آهن ته غلط به. عيد جو چنڊ بلڪل اکين سان ڏسڻ کپي ڇو جو اسلام ۾ نئين چنڊ ڄمڻ تي عيد نٿي ٿئي جيئن ڪجهه قومن ٻڌن، چينين، منگولن ۽ ٻين ۾ نئين چنڊ جي جنم وٺڻ تي مهيني جي پهرين تاريخ ٿئي ٿي ۽ ڪي قومون- خاص ڪري مون سريلنڪا ۾ ڏٺو ته اتي جا سنهالي ٻڌ، چنڊ جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ جو تهوار ملهائين ٿا جنهن ۾ سمجهو ته چنڊ جي پوزيشن اسان مسلمانن جي پهرين تاريخ واري هلال چنڊ نه پر چنڊ جي جنم واري پهرين تاريخ جي مخالف طرف ۾ ٿئي ٿي. يعني چنڊ جي جنم واري وقت نئون چنڊ- يعني ”بيبي چنڊ“ بلڪل بلڪل نظر نٿو اچي- دور بينن سان به نظر نٿو اچي، ان ڪري ان نئين ڄاول چنڊ کي Invisible چنڊ به سڏيو وڃي ٿو. اهو چنڊ جڏهن چوڏهن ڏينهن بعد اڌ ڦيرو ڪري بلڪل مخالف طرف ۾ پهچي ٿو ته سڄو نظر اچي ٿو. هر مهيني جي نئين چنڊ جي ڄم جو وقت ۽ پوءِ ظاهر آهي چوڏهين جي چنڊ جي تاريخ ته سج جي اڀرڻ لهڻ جي وقتن وانگر Calculate ڪري سگهجي ٿي ۽ توهان ٻڌن، چينين، منگولن يا ٻين قومن ۽ ڌرمن جي ڪئلينڊرن ۾، جيڪي چنڊ جي ڄم موجب مهينو شروع ڪن ٿا، انهن جون تاريخون لکيل نظر اينديون جو اهو ڪم انسان جي هٿ ۾ آهي ته اڳواٽ Calculate ڪري وٺي پر نئين ڄاول چنڊ جو نظر اچڻ جو اڳواٽ حساب ڪرڻ اڃان تائين ته ناممڪن آهي. آئون ان بابت ڪيترائي اڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ مضمون لکي چڪو آهيان بلڪه سنڌيءَ جو هڪ ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ته چنڊ، تارن ۽ سيارن جي معلومات سان ڀريو پيو آهي- خاص ڪري اهي تارا ۽ سيارا جن ذريعي اسان سمنڊ تي رستو ڳوليون ٿا يعني Navigation (جهازراني) ڪيون ٿا. ان ۾ مون اها سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته نئون ڄاول چنڊ- جنهن جي ڄم جو وقت ۽ جاءِ جو اعلان ته اڳواٽ ٿيو وڃي- جيئن هن عيد جي چنڊ بابت اعلان ٿي ويو ته پاڪستان ۾ جڏهن پهچندو ته اٺن ڪلاڪن جو هوندو- يعني ان جو ڄم نيوزيلينڊ واري ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي ٿيو هوندو.