جڏهن سمنڊ ڄمي برف ٿئي ٿو
ناروي جو هر بندرگاهه هڪ کان هڪ آهي پر اسانجو فئوريٽ بندرگاهه برگن (Bergen) هوندو هو. پاڪستاني به سڀ کان گهڻا هن بندرگاه ۾ مليا ٿي. آرڪٽڪ سرڪل (66.5) ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ) کان هي هيٺ هجڻ ڪري هن ۾ لڳاتار ڏينهن يا لڳاتار رات نٿي ٿي. ها البت سيءُ چڱو خاصو ٿئي ٿو پر آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي جي شهرن ۾ جيترو ٿئي ٿو ان کان وري به گهٽ ٿئي ٿو. برگن 60 کن ويڪرائي ڦاڪ Latitude تي آهي ان ڪري اونهاري ۾ ويهه کن ڪلاڪن جو ڏينهن ٿئي ٿو ۽ سياري ۾ ويهه کن ڪلاڪن جي رات ٿئي ٿي ۽ ظاهر آهي سياري ۾ جڏهن لنڊن، فرئنڪفرٽ، راٽرڊم ۾ ئي سيءُ ڪافي ٿئي ٿو ته هتي برگن ۾ جيڪو ناروي جو ته کڻي ڏاکڻو بندرگاهه آهي ۽ اتي جي اتراهن بندرگاهن ٽرومسو ۽ بودو کان گهٽ سيءُ پوي ٿو پر لنڊن، راٽرڊم جهڙن بندرگاهن کان ته گهڻو رهي ٿو ۽ اسان اهڙي موسم ۾ اهڙن ٿڌن بندرگاهن جو رخ ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪمپني يعني جهازن جا مالڪ به نٿا چاهين ته اهڙي موسم ۾ اسان سندن جهاز اهڙن بندرگاهن ۾ وٺي وڃون. اهو ان ڪري نه ته جهازن جي مالڪن کي اسان جهاز هلائڻ وارن جو خيال ٿو رهي ته اسين اتر قطب جي سرد هوائن ۾ نه سٽجون يا مڇريل سمنڊ ۽ ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ بتال نه ٿيون پر هنن کي پنهنجي جهازن جو خيال ٿو ٿئي ته متان اهي برف ٿيل سمنڊ ۾ ڦاسي نه وڃن ۽ پوءِ رستو ٺاهي ٻاهر گرم پاڻيءَ تائين پهچائڻ لاءِ برف کي ڪٽيندڙ (Ice Cutter) جهاز جي ضرورت پوي. ظاهر آهي ان ڪم پٺيان جهازن جي مالڪن جو وڏو خرچ ٿيو وڃي.
هڪ دفعي اسانجو جهاز يوڪرين (جيڪو انهن ڏينهن ۾ روس USSR جو حصو هو، ان) جي بندرگاهه اوڊيسا ۾ اسانجو جهاز مشينري کڻڻ لاءِ هفتي کن لاءِ لنگر انداز ٿيو. سيپٽمبر جو مهينو هو. يورپ پاسي سيارو شروع ٿي چڪو هو پر اوڊيسا جيڪو 47 کن ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ڪو ايڏو اتر ۾ يعني آرڪٽڪ سرڪل جي ڀرسان ناهي جتي سياري ۾ سمنڊ جي برف ٿيڻ جو خطرو هجي، پر ڪڏهن ڪڏهن موسم اهڙي بگڙيو وڃي جو سعودي عرب جي رڻ پٽ ۾ به ڳڙا وسڻ شروع ٿيو وڃن.
اوڊيسا بندرگاهه ۾ هاڻ باقي ٻن ڏينهن جو ڪم وڃي بچيو هو ته صبح جو اٿي ڪمري کان ٻاهر ڏسون ته دنيا ئي بدليل نظر آئي. چوڌاري برف ئي برف نظر آئي. يعني سمنڊ جو پاڻي ڄمي برف ٿي ويو هو جنهن مٿان سامونڊي ڪبوتر (Sea Gulls) واڪ ڪري رهيا هئا. دراصل هڪ ڏينهن اڳ کان سخت سرد هوائون لڳي رهيون هيون ۽ رات اندر ٽيمپريچر ايترو ته ڪري پيو جو سمنڊ جو کارو پاڻي به ڄمي ويو. هونءَ عام پاڻي ته ڪاٽو ٻن يا ٽن ڊگرين تي برف ٿيو وڃي پر سمنڊ جي پاڻيءَ جي ڄمڻ لاءِ ڪاٽو پنج ڇهه کان به وڌيڪ ٿڌ جي ضرورت پوي ٿي ۽ ان رات اوڊيسا ۾ منفي (ڪاٽو) ڏهه کن ڊگريون ٿڌ ٿي وئي يعني اوتري جيتري ريفريجريٽر جي مٿين حصي (فريزر) ۾ ٿئي ٿي.
سمنڊ کي برف ۾ تبديل ٿيندو ۽ پنهنجي جهاز کي ان ۾ ڦاٿل ڏسي مونکي يڪدم ٿيو ته جهاز جي مالڪ جو سر ويو جو هن جي مٿي ۾ ”آئس ڪٽر“ کي گهرائڻ جو خرچ لڳي ويندو. ڇو جو برف کي ڀڃي جهاز کي وچ ٻار ۾ آڻڻ ۽ پوءِ برف کي ڀڃي اسان لاءِ رستو ٺاهڻ لاءِ آئس ڪٽر گهرائڻ ضروري ٿي پيو. جهاز تي آيل مقامي آفيس جي روسي ايجنٽ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اسان لاءِ فڪر جي ڳالهه ناهي. چوويهه ڪلاڪن اندر اسان جهاز کي هتان ڀڄائي سگهون ٿا جو برف جو تهه اڃان ايڏو ٿلهو نه ٿيو آهي جو برف ڪپي رستو ٺاهيندڙ Ice Cutter کي گهرايو وڃي.
”اهو توهان ڪيئن ٿا چئو ته برف جو اڃان سنهو تهه آهي؟“ مون پڇيو.
”ان ڪري جو سمنڊ جي مٿان اڃان فقط پکي واڪ ڪري رهيا آهن“، بندرگاهه جي روسي همراهه ٻڌايو“، جي ڪڏهن ٿلهو تهه ٺهي چڪو هجي ها ته شهر جي ٻارن کي سمنڊ مٿان سائيڪلون هلائيندو ڏسو ها.“
”تنهنجي معنيٰ ته اڃان سنهو تهه ڄميو آهي.“ مون چيو.
”بلڪل- ڇو جو ٻار چڃي طرح سمجهن ٿا ته هن وقت ان مٿان سائيڪل هلائبي ته ڪنهن ڪمزور هنڌ تان برف ٽڙڪڻ تي هو سائيڪل سوڌو هيٺ سمنڊ ۾ هليا ويندا.“
بهرحال ٻئي ڏينهن به سخت ٿڌ رهي خاص ڪري رات جي پهر، پر اسان جو جهاز ”آئس بريڪر جهاز“ جي مدد بنا پنهنجي انجڻ جي طاقت تي اڳيان پويان چرپر ڪري برف کي ٽڪرا ڪري اڳتي جو رستو ٺاهي بندرگاهه کان ٻاهر نڪري آيو ۽ ٿوري ئي فاصلي بعد کلئي سمنڊ ۾ اسان کي اڳيان پاڻي ئي پاڻي مليو.