هلال (نئون) چنڊ ارڙهن ڪلاڪن کان پوءِ نظر اچي ٿو
پاڪستان ۾ ٻئي ڏينهن اهو چنڊ لنگهڻ وقت ان جي عمر 8 واڌو 24 يعني 32 ڪلاڪ هئي ۽ 32 ڪلاڪن وارو چنڊ چڱو ٿلهو ٿئي ٿو ۽ ڪجهه وڌيڪ وقت نظر اچي ٿو. مولوين کي دوربينن ذريعي ته نظر اچي ويو پر گهرن ۾ موجود ڏاڏين نانين کي به بنا دوربين نظر اچي ويو. چنڊ نظر اچڻ تي اسان مسلمانن لاءِ پهرين تاريخ شوال جي ٿي ۽ عيد جو اعلان ٿيو. بلڪل صحيح ڪم ٿيو جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ ۾ يا دنيا ۾ رهندڙ ٻڌن لاءِ ٻي تاريخ ٿي جو هنن جي پهرين تاريخ هڪ ڏينهن اڳ ئي ٿي وئي جڏهن چنڊ نيوزيلينڊ ۾ جنم ورتو پوءِ توڙي اهو ان ڏينهن اڌ کان مٿي دنيا ۾ نظر نه آيو. اسان وٽ پاڪستان ۾ به اهو 8 ڪلاڪ عمر وارو چنڊ نظر نه آيو ۽ نه اچڻ کپي- توهان ڪنهن به جهاز جي پائلٽ، بحري جهاز جي نيويگيٽر، جاگرافي يا ائسٽراناميءَ جي شاگرد کان پڇي سگهو ٿا. هو توهان کي اهو ئي ٻڌائيندو ته چنڊ جي ڄمڻ جي حساب ڪتاب ذريعي خبر پئجي سگهي ٿي ته ان ڪهڙي وقت تي جنم ورتو پر اگهاڙين اکين يا دوربين سان اهو نظر فقط ۽ فقط تڏهن ايندو جڏهن اهو گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلاڪن جو ٿيندو. ڪڏهن به اٺن يا ڏهن ڪلاڪن جي عمر جو ”بيبي چنڊ“ نظر نٿو اچي سگهي. اهي قدرت جا قانون آهن. هاڻ هيستائين جيڪڏهن توهان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته پوءِ سوچيو ته رويت ڪميٽي جي مولوين کي دوربينن سان به چنڊ نظر نه آيو ته اهو بلڪل صحيح هو. نظر به نه اچڻ کپي پر اسان جي ملڪ جي مٿئين حصي خيبرپختونخواه جي ڪجهه مولوين چنڊ نظر اچڻ جي فتوا ڏئي ٻئي ڏينهن عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن اسان ڏٺو ته ساڳي ملڪ پاڪستان ۾ ڪي روزا رکي پيا هلن ته ڪي عيد نمازون پڙهي عيد پيا ملهائين! جيڪڏهن توهان کي سائنس يا کڻي چئجي ته قدرت جي قانون جي خبر آهي ته پوءِ توهان کي ضرور حيرت ٿيندي ۽ کل ايندي ته ان ننڍي عمر يعني 8 ڪلاڪ جو نئون چنڊ ڪجهه ماڻهن کي ڪيئن نظر آيو! اهو ئي چنڊ ساڳي ڊگهائي ڦاڪ مالديپ ٻيٽ، افغانستان، تاجڪستان، ڪرغستان، ڪذاخستان ۽ روس ۾ به ته نظر نه آيو، ۽ مثال طور پاڪستان ۾ جيڪڏهن چنڊ واقعي نظر اچي ها ته پوءِ هڪ ٻن ڪلاڪن بعد مغرب پاسي يعني ايران، ترڪمنستان، ازبڪستان، سوماليا، اٿوپيا ۽ ڪينيا وغيره ۾ ته ضرور نظر اچي ها جو اهو چنڊ اتي پهچڻ سان نو ڏهه ڪلاڪن جو ٿي ويو. جڏهن پاڪستان ۾ اٺ ڪلاڪ عمر وارو چنڊ نظر اچي ويو ته مٿين مسلمان ملڪن ۾ ڏهه ڪلاڪن وارو چنڊ ڇو نه نظر آيو. اهو ان ڪري جو انسان صدين کان ڏسندو اچي ۽ سائنس (ائسٽرانامي) کان معمولي واقفيت رکندڙ شاگرد ڄاڻن ٿا ته نئون ڄاول چنڊ گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلاڪن بعد نظر اچي ٿو، پر چنڊ نظر اچڻ جو اعلان هن سال سعودي عرب وارن به ڪيو! حيرت آهي ته هنن کي هي چنڊ ڪيئن نظر آيو جڏهن ته اهو سندن ملڪ ۾ پهچڻ تي ڏهه يارهن ڪلاڪن جو مس هو! آهي ڪو اهڙو سائنسي ڄاڻ رکندڙ ڪافر يا مسلمان جو ٻڌائي سگهي ته ان عمر جو چنڊ نظر اچي سگهي ٿو؟ جي ان عمر جو چنڊ سعودي عرب ۾ نظر اچي سگهي ٿو ته پوءِ اڳتي مغرب جي ملڪن ترڪي، مصر ۾ ته اڃان به چٽو نظر اچڻ لڳي جو انهن ملڪن تائين پهچڻ ۾ چنڊ جي عمر ڪلاڪ ٻه اڃان به وڌيڪ ٿيو وڃي. پر انهن کي قدرتي اصول مطابق نه چنڊ نظر آيو ۽ نه عيد ملهائيائون. هنن عيد ٻئي ڏينهن تي ملهائي جيئن اسان ٻئي ڏينهن تي چنڊ ڏسڻ بعد ملهائي. پر هڪ ڳالهه آهي ته سعودي عرب پنهنجي خيال سان، ضرور نيڪ نيتيءَ سان ۽ مولوي مفتين کان فتوا وٺي عيد جو اعلان ڪري ٿو ته هنن جو سڄو ملڪ لبيڪ چئي سرڪاري طرح اعلان ڪيل ڏينهن تي سڄي قوم هڪ ٿي عيد ملهائي ٿي. اها هڪ بهتر ڳالهه آهي ۽ ڪيترا عالم دين اهو ئي چون ٿا ته عوام ٻن طبقن ۾ ورهائجي ٻن مختلف ڏينهن تي عيد ملهائڻ کان بهتر آهي ته ٻڌيءَ ۾ رهي سڄي قوم هڪ ئي وقت عيد ملهائي. اهڙي طرح عرب امارتن جي ملڪن دبئي، قطر، يمن، عمان وغيره ۾ به عيد تي ڪو ڦڏو آهي ئي ڪونه ۽ نه وري انهن چنڊ ڏسڻ جو ڪنهن کي ٺيڪو ڏنو آهي. هو هر سال چپ چاپ سعودي عرب کي فالو ڪن ٿا. سعودي عرب رمضان جي چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪري ٿو ته هي ڀر وارا عرب ملڪ سعودي عرب جي ماڻهن سان گڏ روزا رکڻ شروع ڪن ٿا ۽ هنن سان گڏ، شوال جي چنڊ نظر اچڻ جي اعلان تي عيد ملهائين ٿا. اسان وٽ ڪن ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته هر سال بحث مباحثا ۽ ڦڏا ڪرڻ بدران ته چنڊ نظر آيو يا نه، ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته اسان سعودي عرب کي فالو ڪريون ۽ هڪ ڏينهن ئي عيد ملهايون.
اسان جي رويت ڪميٽي جا مولوي چنڊ جي نظر اچڻ جي بلڪل صحيح ڄاڻ ٿا ڏين پر سندن هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ شڪ ٿو ٿئي ته هو سائنسي علم کان بنهه ڪي ڪورا آهن ڇا! نه ته جڏهن چنڊ بالغ ناهي جيئن هن سال چنڊ کي ڄمڻ بعد اسان جي ملڪ مان لنگهڻو هو ته ان جي عمر 8 ڪلاڪ هئي ته پوءِ مولوين جو ٽولو هڪ هڪ ٿي دوربين مان ڇا ڏسي رهيو هو ۽ غريب عوام اهي نظارا ٽي ويءَ تي ڏسي انتظار پئي ڪري ته شايد اجهو ڪي مولوين کي چنڊ نظر آيو ۽ عيد جو ٿا اعلان ڪن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ان ننڍي عمر جو چنڊ ڪيئن نظر ايندو جو هو عيد جو اعلان ڪن ۽ سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪلاڪن جا منهن دوربين اڳيان بيهڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ مولوين کي ڏينهن جو ئي اعلان ڪري ڇڏڻ کتو ٿي ته ننڍي عمر ڪري چنڊ جو اڄ رات نظر اچڻ ناممڪن آهي ۽ ساڳي وقت هر هڪ سمجهي ٿو ته اهو چنڊ ٻئي ڏينهن 32 ڪلاڪن جو ٿيندو ۽ چٽو نظر ايندو. ڳالهه ختم. اسان وٽ ٻئي ڏينهن سانجهي نماز بعد ساڍي ستين بجي مسجد مان نڪرڻ تي سڀني چنڊ ڏٺو ۽ چنڊ جي نظر اچڻ جي دعا گهري گهر پهتا ۽ پوءِ ٽي وي کولين ته مولوي صاحب اڃان دوربين اڳيان بيٺا آهن، اڃان هنن جون ميٽنگون پيون ٿين. پوءِ چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو پر ان اعلان کان اڳ هميشه وانگر تقرير ڪئي وئي ته ڪهڙا ڪهڙا مولوي هن ڪميٽيءَ جا ميمبر هئا جن مان هڪ هڪ چنڊ ڏٺو ۽ هاڻ سڀ ان تي متفق آهن ته سڀاڻي عيد ملهائي وڃي. ڳالهه اها آهي ته اڄ جي دور ۾ ڪنهن کي ايترو وقت آهي؟ ملائيشيا انڊونيشيا ٻين ملڪن ۾ ته اهڙا ڪم نٿا ڏيکارين، چنڊ نظر آيو يا نه آيو سج لٿي کان پوءِ يڪدم هڪ سٽ ۾ ڪنهن ائنڪر طرفان ئي اها بريڪنگ نيوز ڏئي ڇڏجي ته مبارڪون چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ سڀاڻي عيد آهي. يا اڄ چنڊ نظر نه آيو.
چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو تجسس فقط تڏهن ٿو ٿئي جڏهن چنڊ سترهن ارڙهن يا اوڻيهه ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. اهڙي صورت ۾ پڪ ڪرڻ ضروري رهي ٿي ته چنڊ نظر آيو يا نه. باقي جي اسان جي ملڪ ۾ مهيني جو نئون ڄاول چنڊ ٻن اڍائي يا چئن پنجن ڪلاڪن جو هوندو ته ماڻهن کي اجايو Suspense ۾ رکڻ بدران منجهند جو ئي اعلان ڪري ڇڏڻ کپي ته نئون چنڊ جڏهن سج لٿي مهل اسان جي ملڪ مان لنگهندو ته هن جي عمر گهٽ هوندي ۽ اهو هرگز هرگز نظر نه ايندو ان ڪري عيد سڀاڻي نه پر پرئين ٿيندي، ڳالهه ختم.
ساڳي وقت اسان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزير کي به بي بنياد اعلان ڪرڻ کان گريز ڪرڻ کپي. اسان مسلمانن جي عيد مهيني جي نئين چنڊ ڄمڻ تي نه پر چنڊ نظر اچڻ تي ٿئي ٿي ۽ اڄ تائين ڪا اهڙي مشين ايجاد نه ٿي آهي جيڪا چنڊ نظر اچڻ جي Exact تاريخ ٻڌائي سگهي؟ ڪڏهن ڪڏهن ته چنڊ 18 ڪلاڪن بعد 19 يا 20 جو ٿيڻ تي نظر اچي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پهرين ڏينهن ساڳي ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي خط استوا وٽ ته نظر اچيو وڃي پر مٿڀرو ٽراپڪس وٽ يعني اسلام آباد، ڪابل ۽ اڃان به مٿي باڪو وغيره ۾ ان رات نظر نٿو اچي جو چنڊ جي نظر اچڻ جو مدار نماشام (Twilight) تي به آهي جيڪا خط استوا وٽ گهٽ عرصو رهي ٿي ۽ يڪدم اونداهه ٿيڻ تي چنڊ نظر اچيو وڃي پر دنيا جي مٿاهن (اتراهن) ملڪن ۾ سج لهڻ بعد واري روشني (شفق) گهڻو وقت رهڻ ڪري چنڊ نظر نٿو اچي جو پهرين جو چنڊ ٿوري دير لاءِ ٿو اڀري ۽ تيسين نظر نه ايندو جيسين Twilight (ٽنهي قسمن جي شفق- يعني روشني) ختم نٿي ٿئي.