سئيڊن ۾ قاديانين جو ناميچارو
اهو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته اسان جي ملڪ ۽ افغانستان کان لڏي آيل افغانين جو ڪو رڪارڊ ته سٺو ناهي. ٻي ڳالهه ته هي سک، جيڪو پاڙو ڇڏيو پيو وڃي ان ۾ به ته پاڪستاني رهيا ٿي. منهنجي تجسس تي هن ٻڌايو ته ”ها جنهن پاڙي ۾ وڃان پيو ان ۾ به پاڪستاني مسلمان رهن ٿا پر اهي احمدي مسلمان آهن.“ سو ڳالهه اها آهي ته مذهب ۽ عقيدو پنهنجي جاءِ تي آهي پر سٺو شهري ٿي رهڻ الڳ ڳالهه آهي، جيئن آمريڪا واري سفر نامي ۾ هڪ پاڪستاني بزنيس مئن بابت لکيو اٿم ته هو اتي جي عرب ۽ پنهنجي پاڪستاني دڪاندارن جون دانهون ڪري رهيو هو ته اهي کانئس مال اوڌر تي وٺن ٿا پر وقت تي ته پئسو ڏيڻ بدران دير سان رلائي رلائي، ٿورو ٿورو ڪري ڏين ٿا ۽ پوءِ چيو ”سائين! اسان يهودين کي ڀلي لک سئو گاريون ڏيون پر هو ائين هرگز تنگ نٿا ڪن. پاڙيسريءَ جي حيثيت ۾ به ڏاڍو سٺو هلن ٿا ۽ مدد ڪن ٿا.“
ڪراچيءَ ۾ اسان جي پاڙي ۾ هڪ پٺاڻ رهي ٿو. سندس زال گجراتي ڳالهائڻ واري آهي. سندس ٻن پٽن مان هڪ جي زال پنجابي آهي ته ٻئي جي سنڌي. هڪ ڏينهن مون سنڌي ڇوڪريءَ جي گهوٽ کي چيو ته توهان جو گهر ڄڻ هڪ مني پاڪستان آهي. اهو ٻڌاءِ ته توکي سڀ ۾ گهڻو امن امان وارو ڪهڙو ماڻهو ٿو لڳي؟
جواب ۾ مرڪي وراڻيو: ”ڪو به نه!“
منهنجي حيرت کائڻ تي هن چيو: ”جي ها انڪل ڪير به نه. نه سنڌي، نه پنجابي، نه اڙدو اسپيڪنگ ۽ نه پٺاڻ. اسان جي ملڪ جا سڀ جهيڙاڪ ۽ ڏوهاري طبيعت جا ماڻهو آهيون.“ پوءِ ڪجهه سوچي چيو: ”ها. البت هڪ قوم جا ماڻهو آهن جن لاءِ پاڻ ايماندار يا امن پسند چئي سگهون ٿا. اهي آهن آغا خاني. توهان کي ڪو به آغا خاني وڏي ڏوهه ۾ ته ڇا ڪنهن ننڍي ۾ به جيل ۾ نظر نه ايندو.“
”واقعي ڳالهه ته صحيح ٿو ڪرين“، مون چيومانس ”۽ ان خيال کان آئون سمجهان ٿو ته ٻئي نمبر تي بوهري هجڻ کپن.“
”ها ٻئي نمبر تي پر ٿورو پري، ڇو جو بوهرين ۾ ڪي ڪي، خاص ڪري ننڍي ٽهيءَ ۾ داداگيري جو ڪجهه عنصر آهي.“ هن چيو.
هي ان ڪري لکيو اٿم ته مذهب ۽ زبان توڙي عقيدو ۽ ڪلچر پنهنجي جاءِ تي پر سٺو شهري اهو آهي جيڪو ڦڏو نٿو ڪري، ملڪ جو قانون نٿو ڀڃي، پاڙي واري کي تڪليف نٿو ڏئي. منهنجي ان ڳالهه تي منهنجا جهازران دوست دل ۾ ڪندا هئا پر آئون ڏسندو هوس ته هنن کي ولايت ۾ ڪٿي رهڻو هوندو هو ته قاديانين جي پاڙي ۾ وڃي رهندا هئا ۽ پنجابي ڳالهائي هنن سان پنهنجائپ پيدا ڪندا هئا.
سئيڊن ۾ چيو وڃي ٿو ته ٻه هزار کن احمدي رهن ٿا خاص ڪري، گوٿن برگ، اسٽاڪهوم، مالمو ۽ هڪ اتر واري شهر لوليا (Lulea) ۾. قاديانين کي هن پاسي Set ڪرڻ ۾ پاڪستان جي پهرين فارين منسٽر محمد ظفر الله خان جو وڏو هٿ هو جڏهن هو هيگ ۾ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جو صدر هو- يعني 1970ع کان 1973ع واري مدي ۾. ظفر الله 1893ع ۾ سيالڪوٽ ۾ ڄائو ۽ 92 ورهين جي ڄمار ۾ 1985ع ۾ لاهور ۾ وفات ڪيائين. لاهور يونيورسٽي ۽ ڪنگس ڪاليج لنڊن مان تعليم حاصل ڪيائين. 1947ع ۾ پاڪستان ٿيڻ تي هو پهرين ڪابينا ۾ فارين افيئرس جو وزير ٿيو. انهن ڏينهن ۾ لياقت علي خان وزيراعظم هو. ظفر الله ان عهدي تي 1954ع تائين (وزيراعظم خواجا ناظم الدين ۽ محمد علي بوگرا جي ڏينهن ۾ به) رهيو. ظفر الله يونائٽيڊ نئشن جنرل اسيمبليءَ جو به 1960ع کان 1961ع تائين صدر رهيو. پاڻ به قادياني هجڻ ڪري هن پنهنجن ماڻهن کي وڏا فائدا رسايا. احمديا (قادياني) تحريڪ جي باني مرزا غلام احمد سان چون ٿا ته ظفر الله جي والد نصرالله خان جي سٺي دوستي هئي. بهرحال ظفر الله صاحب جي ڪوششن سان ”احمديا مسلم ڪميونٽي“ سئيڊن ۾ 1970ع ۾ سرڪاري طرح رجسٽرڊ ٿي ۽ 1976ع ۾ گوٿن برگ ۾ ”ناصر مسجد“ ٺهرائي وئي جيڪا سئيڊن ۾ قاديانين جي پهرين مسجد آهي ان بعد هاڻ مالمو شهر ۾ ”محمود مسجد“ ٺهي آهي. ان کان علاوه هنن جا سئيڊن جي مختلف شهرن ۾ اسلامڪ سينٽر ۽ ڪميونٽي هال به آهن. سئيڊن ۾ توهان کي قرآن جو سئيڊش ٻوليءَ ۾ ترجمو به ملندو جيڪو ”قنيطا صادقه“ نالي هڪ عورت ڪيو آهي. احمديا (قادياني) مسلم ڪميونٽي وارا غير مسلمانن کي پنهنجي طريقي جو مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ۾ رهن ٿا. هنن ڪيترائي هتي جا سئيڊش مرد ۽ عورتون مسلمان ڪيون آهن جن ۾ ڪرسٽينا (سڄو نالو Christina Gustavsson) پڻ آهي. هيءَ اها عورت آهي جنهن قرآن جو سئيڊش ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ جنهن مسلمان ٿيڻ بعد پنهنجو نالو ”قنيطا صادقه“ رکرايو. هن ترجمي جي ”احمديا مسلم جماعت“ وارن سئيڊن ۾ جماعت جي سئو سالن جي جشن جي موقعي تي 1988ع ۾ رونمائي ڪئي.