جديد ۽ آڳاٽن شهرن جو سفر
ڏٺو وڃي ته شبير شر هڪ محبِ وطن انسان آهي هن کي هر وقت پنهنجي وطن ۽ ان جي ماڻهن سان همدردي آهي. هنن جو ڏک يا هنن سان ٿيندڙ ناانصافيون هن کان برداشت نٿيون ٿين. تڏهن ته هتي جي هڪ روڏي جبل جيش وٽ حڪومت طرفان ٿيل پڪنڪ جا بندوبست ۽ ٽوئرسٽ ڏسي هن کي پنهنجو ديس ٿو ياد اچي ۽ هن کي احساس ٿو ٿئي ته اسان وٽ ايئن ڇو نه آهي ۽ چوي ٿو ته اسان جو ٿر ڪيترو نه سرسبز آهي. اتي هڪ به پڪنڪ پوائنٽ ناهي! ماڻهو ٿاٻا کائي موٽي ايندا آهن، چانهه به نه ملندي. پر هتي برگر شاپ ۽ موبائيل هوٽلون به نظر اچن ٿيون. ڏٺو وڃي ته اهڙو ئي ويران حال گورک هل جو آهي جيڪا ڄڻ ته قدرت طرفان مسڪين سنڌين لاءِ هڪ نعمت آهي، پر سال ٿي ويا آهن اڃان develope ئي نٿي ٿئي. وڌ ۾ وڌ سرڪاري ڪامورا، سرڪاري گاڏين ۾ اتي گهمڻ لاءِ وڃن ٿا يا وڏيرا ڀوتار پنهنجن خانگي گارڊن سان اتي پهچن ٿا. غريب جي وندر يا گهمڻ ڦرڻ جو ڪٿي به آسرو ناهي، پر ان جو جواب به شبير شر پاڻ ئي سمجهي ٿو ۽ ڏئي ٿو ته “اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو اسان جي حڪمرانن ۾ حال ناهي“. هو لکي ٿو ته ”اسان جو ملڪ ڪيڏو نه سرسبز ۽ وڻڪار وارو آهي. بس رڳو حڪمران عربن جي بنجر زمين جهڙا ۽ ڪمينا مليا آهن.“
ڳالهه اها آهي ته اسان جا حڪمران پاڻ ته ٻارن ٻچن سان ولايتن جا سير ڪندا وتن، ڇا غريبن کي دل ناهي؟ هو به چاهين ٿا ته هو به پنهنجن ٻارن کي گهمائين ڦيرائين؟ توهان غريبن جو پئسو لٽي ٻاهر وڃيو ٿا عيش ڪريو. ان کان ان پئسي سان پنهنجو ملڪ ڇو نٿا ٺاهيو، جيئن توهان به عيش ڪريو ۽ غريب عوام به.
مونکي ياد آهي ته 1970 تائين به ملائيشيا ۾ ڪجهه نه هو. ڀر واري ٻيٽ سنگارپور جي حڪومت سنگاپور ۾ هڪ عاليشان قسم جو چڙيا گهر ٺاهيو، سائنسي پارڪ ٺاهيو، پکين جي Aviary ٺاهي وغيره. انهن جو هر جمعي تي اشتهار اچڻ تي ملائيشيا جا امير ماڻهو ڇنڇر يا آچر ڏينهن ٻارن کي گهمائڻ لاءِ سنگاپور وٺي ويندا هئا. مهاتير ان تي اهو ئي چيو ته اسان کي پنهنجو ملڪ ٺاهڻ کپي ۽ ان ۾ سنگاپور جهڙيون شيون ٺاهي خود به هتي گهمڻ کپي ۽ غريبن کي به Enjoy ڪرڻ کپي. پوءِ دنيا ڏٺو ته ملائيشيا ۾ ڇا ڇا نه ٺهي ويو. هڪ جنگل جهڙو ملڪ يورپ جي ماڊرن ملڪن جهڙو ٿي ويو. اڄ ملائيشيا جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ نوڪري ملي ٿي ته هو خوش ٿيڻ بدران بيزاريءَ جو اظهار ڪري ٿو، جو هن لاءِ هن جو ملڪ سڀ ۾ بهتر آهي. پر سچي ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي بهتر ملڪ جي ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي. ڪراچيءَ جهڙو وڏو شهر به گندگي جو ڍير ۽ بنيادي سهولتن کان خالي نظر اچي ٿو. آئون ته پنهنجي جهازران دوستن کي به اهو چوندو آهيان ته سڄي دنيا ۾ گھهمو ڦِرو ٿا، مون کي آفريڪا جو ئي ڪو اهڙو شهر ٻڌايو، جيڪو ڪراچي، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻي جيان گند جو ڍير هجي، جتي نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي هجي ۽ نه امن امان! نه تعليم هجي نه صحت جو بندوبست ۽ نه وري ڪو گهمڻ ڦرڻ جو بندوبست! عربن به پنهنجي ملڪن کي سڌاري ڇڏيو. اهو چوڻ اجايو آهي ته هنن کي پيٽرول مليو، ان ڪري دبئي، ڪويت، سعودي عرب ٺهي پيو. هرگز نه. ايئن جي توهان سمجهو ٿا ته پوءِ انڊونيشيا، ملائيشيا وانگر خوشحال ڇو نه آهي؟ جيتوڻيڪ انڊونيشيا ۾ پيٽرول ۽ سون به آهي. اهڙي طرح آفريڪا کنڊ جي سوڊان ۽ نائيجيريا ۾ پيٽرول آهي، پر انهن ملڪن جي حالت ڏسو! حاڪم پئسو ڦرڻ ۽ لٽي ٻاهر لڪائڻ ۾ لڳا رهن ٿا، عوام غريب ٿيندي وڃي!
شبير جيتوڻيڪ اهو صحيح لکيو آهي ته عربن ٻاهرين مخلوق کي شهريت نه ڏئي سڀ کان بهتر ڪم ڪيو آهي، نه ته هنن جو حال سنڌين ۽ بلوچن کان به خراب ٿئي ها، پر ڳالهه اها آهي ته اسان جا ماڻهو اسان جا حاڪم 70 سال گذرڻ بعد به تاريخ مان ته سبق نٿا حاصل ڪن. اڄ به افغاني، بنگالي، برمي، خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون قومون اسان وٽ اينديون رهن ٿيون، سنڌي بلوچ بنا پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ سان ملي ويندا پر هو ڌاريان اسان جي رشوتخور آفيسرن کي پئسو کارائي هر ڪاغذ پٽ پڪو ٺهرائي ويٺا آهن. ٻي ڳالهه اها ته اسان ڪهڙا ماڻهو آهيون جو جيڪي هتي جا ماڻهو هئا جيڪي معاشي حالت سنڀاليو ويٺا هئا، انهن کي ڀڄائيندا وتون. سٺ واري ڏهاڪي ۾ به اسان وٽ يهودي هئا ۽ انهن جا عبادت گهر هئا. انهن کي ڀڄايوسين ۽ سندن عبادت گهر ڊاٺاياسين. عيسائين ۽ سکن کي ڀڄايوسين، پارسين ۽ بَهَائِي واپارين کي ڀڄايوسين. قاديانين کي ڪڍيوسين، ٻيا ته ٺهيو پر هندو سنڌي جن جو ايامن کان هي ديس رهيو، انهن لاءِ جيئڻ جنجال ڪيو ويٺا آهيون. نتيجي ۾ هر ڪو پنهنجو پئسو ڪڍي ڀڄي ويو آهي يا وڃي رهيو آهي. ڇا دبئي، ايران، ملائيشيا اسلامي ملڪ نه آهن؟ اتي ته هندو، سک، قادياني سڀ سڪون سان رهيا پيا آهن. پئسو ڪمائي پاڻ به خوشحال پيا ٿين ته ان ملڪ ۽ ان جي ماڻهن لاءِ به خوشحالي پيا پيدا ڪن. بهرحال شبير شر دنيا گهمڻ بعد اهو سمجهي ٿو ته اسانجو ملڪ ڪو غريب ناهي، ان ۾ ڇا ڇا نه آهي _ مختلف ڌاتوئن کان اناج، ميوا، ڀاڄيون - قدرت اسان کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي. شبير لکي ٿو ته:”بس اسان وٽ سڀ ڪجهه آهي، رڳو قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ وارا حڪمران اچن ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. اسان به يورپ ۽ وچ اوڀر کان مٿي نه ٿياسين ته ان جهڙا ضرور ٿي وينداسين...“
هڪ ٻئي هنڌ شبير حقيقت بيان ڪري ٿو ته:“عربن عقل کان ڪم وٺي پنهنجو پئسو ته ٻاهر نه ڪڍيو پر دنيا جي ملڪن جي واپارين کي چقمق وانگر ڇڪي هتي آندو، جيئن هو به مال ۽ ملڪيت ٺاهين ۽ دبئيءَ کي به خوشحال ڪن. صحيح رٿابنديءَ ڪري هنن ڪراچي شهر کان به ننڍڙي ملڪ کي دنيا جو نمبر ون ملڪ بنائي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ اسان جو ملڪ تباهيءَ ڪناري اسان جي حڪمرانن پهچايو آهي. اسانجا حاڪم کربين ڊالر ميڙي ٻاهر کڻي ويا، هُو اها ملڪيت پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپ ڪاريءَ تي خرچ ڪن ها ته پاڻ به خوشحال ٿين ها ۽ ملڪ به مالا مال ٿي وڃي ها.
شبير شر جو جتي ولايت سان واسطو رهيو آهي، اتي نه فقط پنهنجي ملڪ جي شهرن سان پر ٻهراڙيءَ سان پڻ آهي. هن جي ڪيترين ڳالهين، چوڻين ۽ مثالن مان نج ٻهراڙيءَ جي سڳنڌ اچي ٿي. سندس بيان ڪيل ڪيترا لفظ ۽ محاورا، آئون نٿو سمجهان ته ڪنهن شهر جي ماڻهوءَ ٻڌا هوندا يا اهي جملا جنهن خاص وقت تي هُو چوي ٿو، اهي پڙهي پڙهندڙ کي کل اچيو وڃي. پاڻ لکي ٿو:
”فلاءِ ود دبئي” جو چنڊو عملو ٽراليون گهليندو وتي پر ڪنهن کي نيرن پاڪيٽ نه پيا ڏين. اسان جو سيٽون الڳ الڳ ۽ پري هجڻ ڪري منهنجي سفر جي ساٿي ساگر جي معلومات به نه پئي ملي سگهي، ڇو جو هو اهڙين ڳالهين کي سنگهي معلوم ڪري وٺندو آهي. مان ڪال بتي ٻاري ته هڪ تيونسڻ ايئر هوسٽس آئي، تنهن چيو ته موسم خراب آهي، صحيح ٿيڻ تي ماني ملندي پر پئسن سان....
- اميگريشن آفيسر اسان کي ڏسي چيو:”توهان ڀائر آهيو؟“ اسان چيو:”نه، اسان دوست آهيون“ هن چيو:”هڪ جهڙا ٿا لڳو“. مون وراڻيومانس ته:”گهڻو گڏ رهندا آهيون، ان ڪري گدرا ٿي ويا آهيون.... يعني رنگ مٽايو اٿئون“.
- اسان هڪ فروٽ جي دڪان تي لٿاسون، جتان ساگر نارنگيون ورتيون. نارنگيون ڇا هيون، بس اٺ جي ليڏڻن جيتريون مس هيون، اُهي به کٽيون.
- الله سائين ڪيڏو راضي آهي جو هن ڪاري جبل ۾ ڳوهه کائيندڙن کي مالا مال ڪري ڇڏيو اٿائين“. شبير شر ايراني شاعر فردوسيءَ ڏي اشارو ڪيو آهي، ايراني شاعر فردوسي (سڄو نالو حڪيم ابوالقاسم فردوسي الطوسي) 940ع ۾ مشهد ڀرسان طوس شهر ۾ ڄائو. انهن ڏينهن ۾ ايران تي سامانيان (Samanid) جي سلطنت هئي، فردوسيءَ 1020ع ۾ جڏهن وفات ڪئي ته ان وقت ايران تي غزنوي گهراڻي جي حڪومت هئي. فردوسيءَ سلطان محمود غزنويءَ جي چوڻ تي شاهنامو لکڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هن ’عظيم فارس‘ جي تهذيبي و ثقافتي تاريخ تي روشني وڌي آهي. شعرن جي هن مجموعي ۾ پنجاهه هزار کان مٿي شعر آهن. شاهنامو لکڻ ۾ فردوسيءَ کي ٽيهارو کن سال لڳي ويا ۽ چون ٿا ته هيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي رزميه شاعري (epic) آهي. هي مجموعو (فارسي شاعريءَ جو شاهنامو – بادشاهن جو ڪتاب) 1010ع ۾ مڪمل ٿيو. ان جو انگريزي پهريون ڇاپو 1832ع ۾ آيو. شاهنامي جو نه فقط انگريزيءَ ۾ پر ٻين به ڪيترن ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، انگريزيءَ ۾ ته ڪيترن ئي ڪيو آهي. هن ۾ ڪيترن ئي ايراني شهنشاهن جون ڪهاڻيون ۽ تعريفون آهن _ شروع جي آتش پرست، يوناني ۽ آخر ۾ ايران تي عربن جي سوڀ تائين.
فردوسي پاڻ مسلمان هو پر هن پنهنجي وطن فارس (ايران) جي ۽ ان جي آتش پرست بادشاهن جي به تعريف ڪئي آهي، جيئن اسان وٽ ڪيترا عربن کي ڌاريون سمجهي، هو سنڌ جي حملي ۾ راجا ڏاهر جو پاسو کڻن ٿا، تيئن فردوسيءَ عربن جي حملي ۾ ايران جي آتش پرست رستم جو بيان لکيو آهي. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ايران فتح ٿيڻ کان اڳ ايران جي سلطنت، رومن سلطنت وانگر دنيا جي هڪ طاقتور سلطنت هئي. تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي خيال کان ايراني بيحد مٿانهان هئا. انهن جي مقابلي ۾ عرب قوم ته ڪجهه به نه هئي، پر پوءِ اسلام اچڻ بعد عرب هڪ اهڙي طاقتور قوم ٿي وئي جو دنيا جون وايون بتال ٿي ويون.
عربن ايران تي حملو ڪيو، رستم ۽ هن جي لشڪر عربن سان آخري لمحي تائين مقابلو ڪيو. آخر ۾ رستم کان سندس خنجر به ڇڏائي ويو. هو هٿين خالي، هڪ هٿ ۾ ڍال جهلي عربن سان وڙهندو رهيو. رستم ۽ هن جي ٽولي ان حالت ۾ به ڪيترائي عرب ماري رکيا، پر پوءِ آخر ۾، فردوسي لکي ٿو، اسانجي هيرو جي تقدير ۾ هار لکيل هئي ۽ هن کي پنهنجي وطن ايران لاءِ قربان ٿيڻو هو. عرب هن کي چوڌاري ورائي ويا ۽ اسانجي ايران جي عظيم هيرو کي قتل ڪري ڇڏيائون.
فردوسي پنهنجي شعرن جي مجموعي شاهنامي ۾ لکي ٿو ته جڏهن ايرانين جي کٽڻ جي اميد نه رهي، ته عرب جنرل سعيد ابن ابي وقاص ايراني هيرو رستم کي آڻ مڃڻ جو حڪم ڏنو پر جواب ۾ هن وراڻيو:
”ز شير شتر خوردن و سوسمار
عرب را بـهه جايي رسيد است کار
کـهه تخت کيان را کند آرزو
تفو بر تو اي چرخ گردون تفو“
(اٺ جو کير پيئندڙ ۽ ڳوهه جو گوشت کائيندڙ عربن کي ڪهڙي مجال ٿي جو انهن ايراني شهنشاهه ڪياني جي تخت هٿ ڪرڻ جي جرئت ڪئي. اي آسمان ٿڪ ٿي، اي آسمان ٿڪ ٿي)
فردوسيءَ جي شاهنامي جو اهو مٿيون شعر ڏاڍو مشهور آهي. مون فقط انگريزيءَ ۾ ئي ڪيترا ترجما پڙهيا هوندا. هڪ آهي.
From eating camel milk & lizard,
Arab got so bold, that now,
They dream of capturing the kiani crown,
Fie on you, o fate! Fie on you.
سائين ڇا ٿو چئي سگهجي! قدرت هنن اُٺ جو کير ۽ ڳوهه کائڻ وارن جا ڀاڳ ڀلا ڪيا ته ايران (فارس) ۽ روم ته ڇا – هُو موراڪو، فرانس، اسپين ۽ پورچوگال جا حاڪم ٿي ويا. انگريزن ته انڊيا تي 300 کن سال حڪومت مس ڪئي، عربن ته آئيبيريا، جبرالٽر، غرناطا ۽ قرطبا تي 700 سال حڪومت ڪئي! مٿئين فارسي شعر جي هڪ ٻئي انگريز هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
From drinking camel milk & eating desert lizard,
The Arabs fortune has reached the point,
That he wishes for the Persian Crown
عربن کي ڪو چريو کريو ڀلي کڻي سمجهي پر عربن پنهنجي ملڪن کي، ويندي دبئي جهڙن رڻ پٽن کي هنن يورپ جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي – سونهن سوڀيا ۾ به ته امن امان ۾ به. اها ڳالهه اسان جي ليکڪ شبير شر کي به حيرت ۾ وجهيو ٿي ڇڏي ته ايئن ڀلا ڇو آهي.... پر پوءِ پاڻ ئي ان جو جواب ٿو ڏئي ته اهو ان ڪري آهي جو ”هتي قانون جي حڪمراني آهي“ ۽ هڪ ٻئي هنڌ يورپ جي ٿڌن ملڪن، عرب دنيا جي گرم ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ڪندي لکي ٿو ته:”يورپ به ڏٺو جيڪو رنگا رنگ گلن ۽ وڻن واري سڳنڌ ڀري دنيا هئي، هاڻ وري هي رڻ پٽ دوزخ جهڙا گرم ملڪ پيا ڏسون ته ڇا ته مزيدار ۽ پرسڪون دنيا جا ٽڪرا آهن.... بس اسان وٽ سڀ ڪجهه آهي، رڳو قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ وارا حڪمران اچن ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. اسان به يورپ ۽ وچ اوڀر کان مٿي نه ٿياسون ته انهن جهڙا ضرور ٿي وينداسون...“ ۽ پوءِ حسرت ڪري ٿو:”ڪاش! اسان وٽ شيخ محمد راشد جهڙا حڪمران اچن. جاهل، مفاد پرست ۽ ڪرپٽ حڪمرانن مان قدرت الائي جي ڪڏهن اسان جي جان ڇڏائيندي...“ ان قسم جون خواهشون، سڌون ۽ دعائون اسان جا ٽوئرسٽ ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ به گهمي ڪن ٿا ته اسان کي ڪو ”مهاتير محمد“ يا ”لي ڪئان يو“ جهڙو ليڊر ملي وڃي. اها حقيقت آهي ته ملڪن کي انهن جا حاڪم، ليڊر، سياستدان ٺاهين ٿا، آئون به سڄي زندگي اهو ئي ڏسندو اچان. ڪنهن زماني ۾ ٺڳ، چور ۽ دو نمبري ملڪ سنگاپور ڪيئن ”لي ڪئان يو“ جهڙي ليڊر جي اچڻ سان ٺيڪ ٿي ويو. ڪيئن مائوزي تنگ چين جهڙي نشئي موالي ملڪ کي دنيا جو هڪ طاقتور معاشي ملڪ بڻائي ڇڏيو.
منهنجي اکين اڳيان 1960 واري ڏهاڪي جو دبئي ٿو ڦري، جڏهن اسان جو جهاز لبنان مان سامان کڻي دبئي پهتو هو. اهو ڀٽ شاهه ۾ لڳندڙ ميلي وارن ڏينهن جي عارضي بازارن جو ملڪ هو. دڪاندار قطار ۾ پٽ تي بوڇڻ وڇائي ان تي قيمتي واچون، ڪئميرائون، ڪپڙا وڪڻي رهيا هئا. نماز جي ٽائيم تي سامان جيئن جو تيئن ڇڏي ويا ٿي. ڪجهه مهينن بعد جڏهن وري جهاز دبئي وٺي آيس ته مون پنهنجي حيرت جو اظهار مڪاني عرب سرڪاري آفيسر سان ڪيو. هن ٻڌايو ته ان جو سبب اهو آهي جو اسان کي انگريزن کان آزادي ته ملي وئي آهي ۽ سڀ ادارا اسان جا عرب هلائين پيا پر پوليس ۽ جوڊيشري ۾ اسان اڃان انگريزن کي ئي رکيو ويٺا آهيون ته اهي قائم رکن ۽ ساڳي سختي ۽ امن برقرار رکن _ جيئن اسان مان ڪو ڇڙواڳيءَ ڏي مائل نه ٿئي _ جيسين اسان آزاديءَ کي سمجهون ۽ سڌرون.
منهنجو والد گل محمد شيخ جيڪو انهن ڏينهن ۾ ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ مون وٽ ملائيشيا گهمڻ لاءِ آيو هو. ان اها ئي ڳالهه ملائيشيا جي رٽائرڊ پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان کان پڇي هئي ته ملائيشيا هڪ جهنگلن جو ملڪ آهي، جتي توهان وٽ آزادي ملڻ وقت چيني ڏوهاري ۽ ڪميونسٽ ٺڳن جو واسو هو، اتي توهان هن ملڪ کي ههڙو امن امان وارو ملڪ ڪيئن بڻائي ڇڏيو؟ تنڪو صاحب جو اهو ئي جواب هو ته:”وزيراعظم ٿيڻ سان مون ملڪ جي هر اداري کي مضبوط رکيو پر ٻن ادارن تي وڌيڪ ڌيان ڏنم، هڪ پوليس کاتو جنهن ۾ هر ماڻهو سختي سان ميرٽ تي رکيم ۽ انهن کي بهترين سهولتون ڏنم، جيئن هن کي ڪو وڏيرو، جاگيردار، ڪارخانيدار وغيره متاثر ڪري خريد ڪري نه سگهي. ۽ ٻيو تعليم جو کاتو. هڪ هڪ استاد ميرٽ تي رکرايم ۽ جهنگلن ۾ به اسڪول کولرائي انهن مان هر هڪ تي نظر رکيم ته اسانجو هر ٻار تعليم حاصل ڪري رهيو آهي يا نه. ڏوهن جي معاملي ۾ ڪنهن کي به ڇوٽ نه ڏنم، چاهي امير هجي يا غريب. ڪنهن هاريءَ جو پٽ هجي يا وڏيري، پير سلطان جو. نتيجو اهو نڪتو جو اڄ هر هڪ سمجهي ٿو ته هن ملڪ ۾ رهڻو آهي ته فضيلت سان رهڻو پوندو، ڪا نوڪري حاصل ڪرڻي آهي ته صحيح طرح تعليم حاصل ڪري پوءِ اها ماڻي سگهجي ٿي، هن ملڪ ۾ دنگو، فساد، گارگند ڪرڻ واري لاءِ ڪا جاءِ ناهي، ڀلي هُو ڪنهن وزير، سياستدان، فوجي جنرل يا ٽائڪون (دولتمند) جو پٽ هجي.
دراصل ٻين ملڪن جي سڌريل هجڻ پٺيان به ساڳي فلاسافي آهي، اسان جي ملڪ جا چور سياستدان، رشوتي ڪامورا ۽ ڊاڪو لٽيرا ملڪ کي ڦري ان دولت سان هو انگلينڊ، ڪئناڊا، ملائيشيا، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ محل ماڙيون اڏيو وٺن پر هنن کي ان هوندي به اتي مزو نٿو اچي، جو اتي قاعدي قانون جي سختي آهي. هو هر وقت پنهنجي ملڪ جو رُخ اختيار ڪندا رهن ٿا، ڇو جو هِتي پوليس هنن جي کيسي ۾ رهي ٿي، جيئن جنهن کي وڻين تنهن کي هو اغوا ڪرائين، قتل ڪرائين، جنهن جي وڻين ان جي نياڻي ڀڄائين... هنن جو ڪو نالو وٺڻ وارو ناهي. پئسو ڏئي هر ڏوهه ۾ ڇٽيو وڃن ٿا پر ٻاهرن ملڪن ۾ هنن کي معمولي ڏوهه جي به سزا ڀوڳڻي پوي ٿي. ملائيشيا ۾ پنهنجي ملڪ جي هڪ رئيسزادي کي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ڏٺم، جنهن، شايد نشي جي حالت ۾، رات جو ٻارهين بجي پنهنجي فلئٽ جي در وٽ زور زور سان مهمانن سان ڳالهائي ٻين فلئٽ وارن کي ڊسٽرب ڪيو هو. خون جي ڪيس مان به ڇٽندڙ اسان جي جاهل وڏيرن جي کريل ٻارن وانگر هي به آخر تائين اهو سمجهندو رهيو ته زور زور سان ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي. پر پوءِ جج جڏهن هن کي ڌارئين ملڪ جو سمجهي هن کي 15 ڏينهن جيل ۾ رهڻ جي گهٽ سزا ڏني ته پوءِ هن جي ۽ هن جي ٻين لوفر دوستن جي اک کلي ته اهي ٽِٽَ مستيون، هُو فقط پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪري سگهن ٿا.
اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي هڪ ڪتي جي تصوير ڏاڍي وائرل آهي، جيڪو سڄو سونن ڳهن سان جهنجهيل آهي. سندس ڳچي ۾ ته ڳرا ڳرا هار آهن پر پيرن ۽ ٽنگن ۾ به سون جون ٿلهيون پوئنچيون اٿس. هُو ٻڌائي ٿو ته هُو دبئيءَ کان آيو آهي. اسان جي ديس جا غريب ڪتا هن امير ڪتي کي حسرت وارين نگاهن سان ڏسن ٿا ته هُو دبئي کان ڇو آيو آهي. پڇڻ تي دبئيءَ جو ڪتو کين ٻڌائي ٿو ته:”اتي صاف سٿري هوا ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي هو، ٽي وقت ماني ۽ ٻيو سک هو. پر ...“ ”پر ڇا؟“ پاڪستاني ڪتا حيرت مان هن کان پڇن ٿا. جنهن جي جواب ۾ دبئيءَ کان موٽي آيل ڪتو ٻڌائي ٿو ته...”پر اتي ڀونڪڻ جي آزادي نه هئي، جيڪا هتي آهي“.
سو اسانجا سياستدان، ڪامورا وغيره جيڪي هتان غريبن جون پئسو لٽي ٻاهر وڃي بنگلا، محل ماڙيون اڏين ٿا انهن کي اتي به مزو نٿو اچي جو هنن کي اتي ڀونڪڻ جي – يعني ڪڌا ڪم ڪرڻ جي آزادي نٿي ملي. اهو اسانجو ملڪ آهي، جتي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪرڻ تي پوليس کين جهلي ٿي ته به وڪٽري (سوڀ) جي نشاني ٺاهين ٿا. هنن کي پڪ آهي ته هنن جو پئسي وارو يا سياستدان پيءُ پئسي يا طاقت جي زور تي هنن کي بچائي وٺندو ۽ جيڪي چند ڏينهن جيل جي کوليءَ ۾ رهڻو پوندو، ان ۾ به ايئرڪنڊيشن ۽ ٽي وي هوندي. ويلي ويلي تي مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي تان ماني ايندي... مطلب ته جيل ۾ به هنن لاءِ گهر جهڙو عيش هوندو.
بهرحال اهي ته ٿيون ڏکويل ڏکويل دل جون ڳالهيون، جيڪي شبير شر جهڙو هر محب وطن ٽوئرسٽ پرديس ۾ محسوس ڪري غمگين ٿيو وڃي ۽ پڙهندڙ به ڊپريشن ۾ هليو وڃي. پر وري به شاباس هجي ٻروچ کي جو رکي رکي ڪا اهڙي ڳالهه ڪريو وجهي، جنهن سان هُو پنهنجي مغموم دل کي به بهاري ڏيارو ڇڏي ته اسان پڙهندڙن کي به کلايو وجهي. سندس هيءَ ڳالهه، مونکي پڪ آهي ته سالن تائين پڙهندڙن کي ياد رهندي ۽ کلائيندي رهندي.
” .....اسان ڪافي شاپ ۾ اچي ويٺاسين. ساگر جي چوڻ ته ڪافي شاپ جي نوجوان شيدياڻي اسان لاءِ بِنا ڪِريم جي ڪاري ڪافي کڻي آئي. ساگر مزي سان پيئڻ لڳو. مون ٽوهه جهڙي ڪڙي ڪافيءَ جو ڍڪ ڀريو، هُوءَ به مٿان بيٺي هئي. چيومانس:’تون ته اهڙي نٿي لڳين‘ ... چيائين: ’هُن تنهنجي دوست مون جهڙي نه پر منهنجي رنگ جهڙي چئي‘. پاڻ سان گڏ آندل بسڪٽ رکي چيائين: ’هي کاءُ! هي بلڪل مون جهڙا آهن‘. بسڪٽن جو رنگ به ڪافيءَ جهڙو ڪارو هو. چيومانس: ’تو جهڙي ڪافيءَ ئي سر وڃائي ڇڏيو آهي‘. کلي چيائين: ’ڪافي منهنجي صرف رنگ جهڙي آهي، هي بلڪل مون جهڙا آهن.... ٻاهران ڪارا، اندران ماکي‘. مون هڪ بسڪٽ کاڌو ته ان ۾ ڪِريم ۽ ڪسٽرڊ جو مزو هو ۽ ڏاڍا مٺا هئا. مون چيو: ’چئبو ته تون اهڙي مِٺي آهين...!‘ ان تي هن وڏو ٽهڪ ڏنو. ڏاڍي خوش مزاج مائي هئي. شيخ اياز يا امداد حسيني هجي ها ته ڇا ته قهر جو نظم يا غزل لکي ها....“
شيخ اياز لکي ها يا نه، پر پڪ اٿم ته امداد حسيني ۽ تاج بلوچ جهڙا عاشق مزاج شاعر ضرور لکن ها.
شبير شر جي هن سفرنامي جو ٻيو حصو ”ڪوه قاف جو سفر“ آهي، ننڍي هوندي اسان ڏاڏين نانين کان اهو ضرور ٻڌندا هئاسين ته ڪوه قاف خطرناڪ جبل آهي، جتي جن ۽ پريون رهن ٿيون ۽ هنن کان اڪثر هن قسم جي ڪهاڻي ٻڌبي هئي ته هڪ بادشاهه جي ڌيءَ پنهنجي محل جي ڇت تي چهل قدمي ڪري ٿي يا شايد وهنجڻ بعد وار سڪائي ٿي (جو انهن ڏينهن ۾ نه هئي اليڪٽرسٽي ۽ نه هيئر ڊرائر) ته هڪ ديوَ جي هن تي نظر پوي ٿي، جيڪو هن تي عاشق ٿي پوي ٿو ۽ کيس کڻي ڪوه قاف تي قيد ڪري ڇڏي ٿو. بادشاهه سلامت مختلف ملڪن جي شهزادن کي ان مهم تي لڳائي ٿو ته جيڪو ڪوه قاف تان هن جي ڌيءَ کي ديوَ کان آزاد ڪرائي ايندو، ان سان هُو پنهنجي شهزاديءَ جي شادي ڪرائيندو ۽ مال ملڪيت جو اڌ حصو هن حوالي ڪندو.
هڪ نيڪدل شهزادو به ان مهم تي روانو ٿئي ٿو، رستي تي هن جي ملاقات هڪ بزرگ سان ٿئي ٿي، جيڪو هن جي نيڪدليءَ ڪري هن کي هڪ مُنڊي ڏئي ٿو، جنهن جي طاقت ذريعي هُو يڪدم ڪوه قاف جبل تي پهچي هن ظالم ديوَ کي قتل ڪري ٿو ۽ هن جي قيد مان شهزاديءَ کي آزاد ڪري واپس وطن وٺي اچي ٿو. اهڙي طرح شهزاديءَ جي شادي هن شهزادي سان ٿي وڃي ٿي. ان قسم جون ڪهاڻيون توهان پڪ سان ڪجهه وڏا ٿي ٻارن جي ڪتابن ۽ رسالن ۾ به پڙهيون هونديون پر توهان کي به مون وانگر ان عمر ۾ اها خبر نه هجي ته اهو ڪوه قاف ڪٿي آهي. ڪيترن کي ته شايد اڄ به خبر نه هجي ته ڪوه قاف يعني قاف نالي جبل حقيقت به رکي ٿو يا نه. اهو فقط هڪ خيالي جبل آهي، جتي پهچڻ لاءِ ڪنهن درويش کان جادوءَ جي منڊي حاصل ڪرڻ ضروري آهي. پر شبير شر جي هن سفرنامي مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو جبل نه فقط هن ڌرتيءَ جي گولي تي موجود آهي پر اتي جادوءَ جي منڊيءَ بنا به پهچي سگهجي ٿو – گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ليکڪ شبير شر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سندس ڪليگ وڪيل جاويد مير شيخ کي هڪ لک ويهه هزار روپيا موڪلي ڪوه قاف جي ايئر ٽڪيٽ بڪ ڪرائي، جنهن ۾ اتي هفتو ڏيڍ رهائش ۽ ماني ٽڪيءَ جو خرچ پڻ شامل هو. جاويد مير جو نالو پڙهي سندس والد مير محمد شيخ وڪيل ۽ ايڊيوڪيشن سان تعلق رکندڙ سندس چاچو نيڪ محمد ياد اچي ويو، جيڪي ننڍي عمر ۾ اسان کان جدا ٿي ويا. نيڪ محمد سان منهنجي ۽ تاج بلوچ جي ملاقات شيخ اياز جي فلئٽ تي يا منهنجي جهاز تي ٿيندي هئي. کيس سنڌ جي تعليمي نظام جو وڏو فڪر رهيو ٿي ۽ اسان جي ڪچهرين جو موضوع به اهو ئي هوندو هو. مير محمد صاحب سان سندن گهر تي، ملڪ جي سياست تي خبرچار ٿيندي هئي. هُو ذوالفقار ڀٽو صاحب جي تمام ويجهو هو. سندس گهر هڪ دعوت ۾ - ٿي سگهي ٿو جاويد مير جي شادي هجي يا ڪو ٻيو ڪاڄ، منهنجي ان دعوت ۾ آيل بيگم نصرت ڀٽو سان به تفصيلي خبرچار ٿي هئي.
بهرحال هتي پاڻ ڪوه قاف جبل جي ڳالهه پئي ڪئي، منهنجي خيال ۾ هتي مونکي ’جبل‘ لکڻ نه کپي جو ڪوه قاف ۾ ڪوه لفظ جي معنيٰ ئي جبل آهي، پر ٺهيو. اسان ڪڏهن ڪڏهن ”آبِ زم زم“ جو پاڻي يا ”سنگِ مر مر“ جو پٿر به چئي ويندا آهيون. ڪوه قاف کي لوڪ ڪهاڻي ۾ پريستان (Fairy land) به سڏين ٿا. عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ هي جيل قفقاز جبل سڏيا وڃن ٿا ۽ انگريزي ۾ Caucasus Mountains. هي جبل ڪٿي آهن يا ڪهڙي ملڪ ۾ آهن؟ هي ڪو جپان جي فيوچي جبل جيڏو ناهي جو هڪ هنڌ بيهي هن جي اڳيان فوٽو ڪڍرائي وٺجي. ڪوه قاف يعني قفقاز جبلن جي قطار آهي جيڪا Greater Caucasus Mountain Range به سڏجي ٿي. هيءَ يورپ پاسي بحراسود (Black Sea) تائين 1200 ڪلوميٽر آهي ۽ ويڪر ۾ 160 ڪلوميٽر تائين به وڃي ٿي. ياد رهي ته اها جبلن جي قطار آهي ان ۾ ڪيترائي ناليرا جبل آهن، جيئن اسان وٽ هماليا جبلن جي قطار آهي، جنهن جي جبل ايوريسٽ جي سڀ ۾ اتاهين چوٽي آهي، تيئن هن ڪوه قاف جبلن جي قطار ۾ البروس (Elbrus) جبل جيڪو يورپ کنڊ ۾ اچي ٿو، اهو سڀ ۾ اتاهون 5642 ميٽر آهي. ياد رهي ته دنيا ۾ جيڪي ست سڀ کان اتاهان جبل آهن انهن ۾ هي پنجين نمبر تي آهي. پهرين نمبر تي ايوريسٽ جبل جي چوٽي 8850 ميٽر آهي، جنهن جي هڪ پاسي نيپال آهي ته ٻئي پاسي چين آهي. تيئن البروس جبل جي ٻنهي پاسي روس آهي. البروس جبل ذري گهٽ تنزانيه جي ڪِلِيمنجارو (Kilimanjaro) جبل جيڏو آهي، جيڪو 5895 ميٽر آهي ۽ جنهن جبل نالي ارنيسٽ هيمنگوي جو مشهور ناول پڻ آهي.
ڪوه قاف جبلن جي هڪ قطار روس ۾ اچي ٿي، جيڪا اتر قفقاز سڏجي ٿي ٻي ان جي سڌائيءَ ۾ ڏکڻ قفقاز آهي، جيڪا جارجيا، آرمينيا ۽ آذر بائيجان ملڪن مان لنگهي ٿي. يعني ڪوه قاف جبلن کي ڏسڻ لاءِ توهان انهن مٿين ملڪن مان ڪنهن به هڪ ملڪ ۾ وڃي سگهو ٿا. اسانجو ليکڪ شبير شر ڪوه قاف لاءِ ازبڪستان جي گاديءَ واري شهر تاشقند مان ٿي آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪوءَ ۾ اچي ٿو. باڪو جو شهر گهمڻ بعد هو وري ازبڪستان اچي ٿو، جتي جا ٻه ٻيا تاريخي ۽ مشهور شهر ثمر قند ۽ بخارا به گهمي ٿو. اڄ ڪلهه اسان جنهن ملڪ چيچنيا جون خبرون پڙهون ٿا، اهو به هن جبلن جي قدمن ۾ روس پاسي آهي ۽ هو صدين کان روس کان پنهنجي الڳ شناخت رکيو ويٺو آهي. هنن جبلن Caucasus Mountain جو ”ڪوه قاف“ نالو اسان وٽ ڏکڻ ايشيا ۽ ايران عربستان ۾، يارهين صديءَ جي شروع ۾ ايران جي شاعر فردوسيءَ مشهور ڪيو، جنهن هنن جبلن قفقاز (Causcasus) کي پنهنجي شاهنامي ۾ ڪوه قاف بيان ڪيو آهي.
هي علائقو جيڪو بحراسود کان ڪئسپين سمنڊ تائين وارو آهي – يعني آذربائيجان، جارجيا، آرمينيا، چيچنيا، روس جو حصو، ويندي ”داغستان“ قفقاز Causcasia سڏجي ٿو ۽ ان ۾ ڪئين يورپ ۽ ايشيا جون سهڻيون سهڻيون قومون رهن ٿيون. ڪوه قاف جبلن جي قطار به عن علائقي ۾ آهي. ڪوه قاف جبلن تي پريون هجن يا نه پر هنن جبلن جي قدمن ۽ ماٿرين ۾ رهندڙ پرين جهڙيون سهڻيون عورتون اڄ به دنيا جي ماڻهن کي موهيو رکن. اڄ کان صديون اڳ ايندڙ اسان جا سنڌ ورڪي به هن پاسي جي هنڌن بلخ، بخارا ۽ ثمرقند جي جاوا، لنڪا، بنگال ۽ چين کان وڌيڪ تعريف ڪن ٿا. وچ ۾ USSR ٿيڻ ڪري سياحت تي سختي ٿي وئي هئي، پر روس جي ٽٽڻ بعد سڄي دنيا جي ماڻهن هن پاسي جو رخ رکڻ شروع ڪيو آهي. خاص ڪري آذربائيجان ڏي! سو اسان جي ليکڪ شبير شر کي به سندس گائيڊ صحيح جاءِ تي وٺي آيو هو.
آذربائيجان جيتوڻيڪ ڪو وڏو ملڪ ناهي، پکيڙ ۾ سنڌ صوبي جي اڌ کان ٿورو کڻي وڏو ٿيندو. سنڌ جي ايراضي 141000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آذربائيجان سڄي ملڪ جي 86،600 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ سڄي ملڪ جي آدم شماري فقط هڪ ڪروڙ آهي – يعني ڪراچي شهر جي آدم شماريءَ جي اڌ جيتري ... پر بيحد خوشحال ملڪ آهي. ڳوٺ جو ماڻهو به اڇو اجرو ۽ اوچي پوشاڪ ۾ نظر ايندو. هن ملڪ جي خوشنصيبي چئجي جو شروع ۾ واپار وڙي مان خوب ڪمائيندو هو. سڄي دنيا جا واپاري اچي هتي گڏ ٿيندا هئا. اسان جي سنڌي هندو سنڌ ورڪين جون به باڪوءَ ۾ صدين کان واپاري ڪوٺيون هيون. ايتري قدر جو هنن جو هڪ آڳاٽو مندر پڻ آهي جو 1745ع کان به اڳ ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي هنن ۽ ٻين انڊين واپارين جو ٺهرايل چيو وڃي ٿو. هن کي مقامي ماڻهو ”آتشگاهه“ سڏين ٿا اهو ائين آهي جيئن ڪو انگريز جنهن کي خبر نه هجي ته مسلمانن جي عبادت گهر کي ڇا سڏبو آهي. اهو اسان جي مسجد کي مسلمانن جو چرچ يا ٽيمپل سڏيندو. سو هن پاسي جڏهن اڃان اسلام يا عيسائيت نه آئي هئي ته مڪاني ماڻهو آتش پرست هئا، جيڪي پنهنجي عبادتگاهه کي آتشڪده سڏيندا هئا. سو جڏهن انڊين هتي عبادت گهر (مندر) ٺهرايو ته مڪاني ماڻهو ان کي به آتش گاهه Atashgah سڏڻ لڳا – يعني انڊين جو آتش گاهه. اسانجي ليکڪ شبير شر کان اهو مندر ۽ باڪوءَ جو مشهور بندرگاهه ڏسڻ رهجي ويل ٿو لڳي. باڪوءَ جو بندرگاهه ڏسڻ وٽان آهي. بنا ڪنهن شڪ جي باڪو نه فقط آذربائيجان جو وڏو ۽ سهڻو بندرگاهه آهي پر هن سمنڊ Caspian جي ڪناري تي جيڪي به ايران، قزاقستان، روس، آذربائيجان ۽ ترڪمنستان ملڪ آهن انهن جي سڀني بندرگاهن کان گهڻو گهڻو سهڻو ۽ رونق وارو آهي. توهان کي جي انهن ملڪن جي عورتن جي سونهن ۽ ويس وڳا ڏسڻا آهن ته باڪو بندرگاهه ۾ آيل مسافر بردار جهاز مان لهندڙ ٽوئرسٽن کي ڏسو. باقي ملڪن جا ماڻهو هوائي اڏي تي ئي ڏسي سگهو ٿا. اهو ان ڪري جو آذربائيجان جي بندرگاهه ۾ مٿين ملڪن کان علاوه ٻين ملڪن جو جهاز اچي نٿو سگهي. مٿين ملڪن جي به فقط انهن بندرگاهن جو جيڪي هن سمنڊ ڪئسپين (بحر قزوين) جي ڪناري تي آهن، جيئن ته ايران جو راشت، قزاقستان جو آق تاو (Aktaw)، روس جو مخاچ قلعهه (Makhach Kala) يا ترڪمنستان ملڪ جو بندرگاهه ترڪمن باشي (Turkmanbasy) . بندرگاهن جي نالن مان توهان کي پنهنجائي محسوس ٿيندي، جو روس هجي يا ترڪمنستان – ڪئسپين سمنڊ جي چوڌاري علائقن ۾ فارسي ۽ ترڪي ٻولي هلي ٿي. ان ڪري روس جي بندرگاهه جو نالو نه فقط مٿين ٻولين جو مڪسچر لڳي ٿو پر هن بندرگاهه مخاچ قلعي ۾ نوي سيڪڙو مسلمان رهن ٿا ۽ هي روس جي صوبي داغستان جي گاديءَ جو شهر آهي. حج ۽ عمري دوران توهان کي ڪيترائي داغستان جا روسي مسلمان مڪي، مديني ۽ مِنا جي رستن تي تسبيون، رومال، ٽوپيون ۽ ٻيون شيون وڪڻندي نظر ايندا. مخاچ قلعي شهر جي ”مخاچ قلعه جامع مسجد“ هن تر جي مشهور ۽ وڏي مسجد آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت 17000 ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. هن بندرگاهه کان ٿورو اڳتي يورپ جي وولگا ندي ڇوڙ ٿي ڪري ۽ ان جي ڇوڙ کان ٿورو پهرين، جيئن سمجهو ته ڪيٽي بندر يا سجاول وٽ روس جو هڪ ٻيو واپار کان مشهور ۽ آڳاٽو دريائي بندرگاهه استراخان (Astrakhan) آهي جيڪو سکر روهڙي وانگر وولگا نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي آهي. هونءَ شبير شر جي پڙهندڙن مان ڪنهن کي وقت ۽ همت ٿئي ته آذربائيجان (باڪو) وڃڻ وقت ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن جي ويزا پڻ وٺي وڃن ۽ باڪوءَ مان پاڻي واري جهاز ذريعي انهن ملڪن جي مٿين بندرگاهن کي ضرور ڏسن. ايران کي بندرگاهه ته گهڻييئي آهن، جيئن ته:ابادان، احواز، بندر عباس، بشير، بندر امام خميني، ڇابهار، خرم شهر وغيره پر باڪو بندرگاهه مان فقط ايران جي راشت بندرگاهه وڃي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ايران جي ٻن ٻين ننڍن بندرگاهن: بندر انزلي (جيڪو امام خمينيءَ جي انقلاب کان اڳ بندر پهلوي سڏيو ويو ٿي) ۽ بندرگاهه ترڪمن ۾ به وڃي سگهجي ٿو، جيڪي پڻ ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهن. باقي ڪو چاهي ته باڪو بندرگاهه کان پاڻي واري جهاز ذريعي بندر عباس وڃان يا ڪراچي ... يا ممبئي ۽ عدن کان جهاز رستي باڪو پهچان، اها ناممڪن ڳالهه آهي. ڇو جو ڪئسپين سمنڊ ۾ فقط اهي جهاز هلي سگهن ٿا، جيڪي اتي ٺهن ٿا. اهي اتي جي ئي بندرگاهن جي وچ ۾ هلي هلي مريو کپيو وڃن. يعني جهونا ٿيڻ تي انهن کي اتي ئي اسڪرئپ ڪيو وڃي ٿو يعني ٽڪرا ٽڪرا ڪري باڪو، راشت، آق تاو جهڙن شهرن جي لوهه جي ڪارخانن جي بٺين ۾ ڳاريو وڃي ٿو. ڀلي ڪراچي يا ممبئي جي اسڪريپ يارڊن ۾ پراڻن جهازن جو اگهه وڌيڪ هجي.
ڪيترا پڙهندڙ جيڪي ڪئسپين سمنڊ (بحر قزوين) کان اڻ واقف آهن. اهي حيرت کائيندا هوندا ته ايئن ڀلا ڇو آهي. اهو ان ڪري جو ڪئسپين سمنڊ هڪ کاري پاڻيءَ جي وڏي ڍنڍ مثل آهي – يعني ڍنڍ وانگر هن سمنڊ جي چوڌاري زمين آهي، ان ڪري ان مان نڪري نٿو سگهجي. دنيا ۾ پنج وڏا سمنڊ (Ocean) ۽ سوين ننڍا سمنڊ (Sea) آهن. انهن مان ڪيترا ته هڪ ٻئي سان ايئن مليا پيا آهن جو خبر ئي نٿي پوي ته ڪهڙو ڪٿي ختم ٿيو ۽ ڪٿان شروع ٿيو. مثال طور اسان وارو عربي سمنڊ جيڪو ڪئسپين سمنڊ جي تقريبن ڏهوڻ جيڏو آهي (عربي سمنڊ 3،862،000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڪئسپين سمنڊ 371،000 چورس ڪلوميٽر آهي) ۽ پاڪستان ايران کان انڊيا جي اولهه واري ڪناري تائين ۽ ٻئي پاسي ”لکديپ ٻيٽن“ ۽ سوماليا تائين آهي، اهو سوين ڪلوميٽرن تائين هندي وڏي سمنڊ سان مليل رهي ٿو. اهڙي طرح هندي وڏو سمنڊ ميلن تائين ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان مليل رهي ٿو. ڪي سمنڊ ڪئسپين سمنڊ وانگر ٽپ يا کڻي چئجي ته تغاريءَ مثل ضرور آهن پر اهي به ڪنهن هڪ هنڌ يا ٻن هنڌن تي سوڙهي گهٽيءَ ذريعي ٻين سمنڊن سان ملن ٿا. جيئن ميڊيٽرينين سمنڊ (ڀؤنچ سمنڊ) جو پاڻي جبرالٽر ڳچي سمنڊ (strait) وٽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ سندس ليول ۽ کاراڻ برابر ٿيندي رهي ٿي. اهڙي طرح بحر اسود (ڪارو سمنڊ) به بلڪل حوض مثل آهي پر باسفورس واري سامونڊي گهٽِيءَ ذريعي نه فقط ڀؤنچ (Mediterranean) سمنڊ جو پاڻي پر انهن سمنڊن جا جهاز به ايندا ويندا رهن ٿا پر ڪئسپين سمنڊ جي بيهڪ مختلف آهي. سندس ڀر ۾ نه ڪو ٻيو سمنڊ آهي ۽ نه ان کي ملائڻ واري ڪا سامونڊي گهٽي. سندس چوڌاري مختلف ندين مان – خاص ڪري يورپ پاسي واري روس ۾ ڇوڙ ڪندڙ وولگا نديءَ ۾ ستر سيڪڙو ۽ ٻين اورال ندي، ڪورا ندي ۽ تيريڪ نديءَ مان ٿورو گهڻو پاڻي هن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ ڪري ڪئسپين سمنڊ ۾ پاڻي رهي ٿو پر هاڻ ڏينهون ڏينهن جتي ڪٿي آدم شماري وڌڻ ۽ ان سان گڏ پوک جو ڪم وڌڻ ڪري ڪئسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ نديون وڃن سُڪنديون، جيئن اسان وٽ سنڌو نديءَ جو حال آهي. سمنڊ جو پاڻي ٻاڦ ٿيڻ تي ان جي ليول ته گهٽبي وڃي پر کاراڻ وڌندي وڃي، جو گرمائش ڪري فقط نج پاڻي (H2O) ٻاڦ (evaporate) ٿئي ٿو. سوڊيم ڪلورائيڊ جهڙا لوڻ رهجيو وڃن. نتيجي ۾ ڪئسپين سمنڊ جو پاڻي زهر جهڙو کارو آهي. عام پاڻيءَ کان ٽيڻو کارو آهي ۽ ٻيو ته اهو عام پاڻيءَ کان تمام گهاٽو آهي. هونءَ به عام سمنڊن جي پاڻيءَ جي کاراڻ ڪري ان جي مٺي پاڻيءَ کان Density وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ هڪ ماڻهو جنهن کي سئمنگ پول ۾ ترڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، اهو سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ سولائيءَ سان تريو وڃي ۽ ڪئسپين سمنڊ ۾ ته هن کي هٿ پير هڻڻ جي به ضرورت ناهي. ان ڪري توهان باڪوءَ جي بِيچن (سامونڊي ڪنارن) تي ڪيترن ماڻهن کي فلوٽ ڪندي ڏسندائو. ڪيترا ته سمنڊ جي مٿاڇري تي پٺيءَ ڀر ليٽي اخبار پڙهندا نظر ايندا.
ڪنهن زماني ۾ جڏهن ندين جو فل ڇوڙ هو، هن سمنڊ جي پکيڙ تمام گهڻي هئي پر هاڻ ڏينهون ڏينهن سمنڊ جي ايراضي گهٽبي وڃي. ايتريقدر جو سؤ سال کن اڳ ڪناري تي لادعوا ڪيل جهاز اڄ خشڪيءَ تي بيٺا آهن. مون وٽ هڪ تصوير آهي، جنهن ۾ زمين ۾ ڦاٿل جهاز جي ڇانو ۾ ڪجهه اُٺ ويٺا آهن. هڪ ٻي ڳالهه ته سمنڊ جي چوڌاري جتي پاڻيءَ جي ليول ختم ٿيندي وڃي ۽ پاڻيءَ بدران گپ لڳي پئي آهي، اتي توهان کي ڪيتريون ئي بيوٽي ڪلنڪس يا بيوٽي پارلر نظر ايندا. چون ٿا ته ڪئسپين سمنڊ ۾ مختلف لوڻ ۽ ڪيميڪل هجڻ ڪري اها گپ انسان جي سونهن وڌائي ٿي. سو ڪيتريون عورتون – ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن کان به وڌيڪ يورپ جون، هنن سهڻو ۽ صحتمند ڪرڻ وارين ڪلنڪس ۾ علاج لاءِ اچن ٿيون. ڪي ته پاڻ ئي گپ جا لپا پنهنجي مُنهن کي يا سڄي جسم کي هڻي اتي ڪناري تي ڦرنديون رهن ٿيون، جيئن بئنڪاڪ مان وهندڙ چائو فريا نديءَ جي ڪناري تي ٿائي عورتون پنهنجي مُنهن کي چانورن جي اٽي يا ميٽ سان لپي، پاڻ پيون سُڪائينيديون آهن.
باڪوءَ ۾ توهان کي ڪيتريون بيوٽي ڪريمون ملنديون، جيڪي ڪئسپين سمنڊ جي گپ مان ٺاهيون ويون آهن. بلڪ خوشبو مليل نج گپ ئي هوندي آهي. بس اهي ئي شيون يا ڳالهيون آهن جن لاءِ شبير شر پنهنجي دبئي واري سفرنامي ۾ به لکيو آهي ته:”ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو“. هنن ملڪن جي خوش نصيبي آهي جتي جي گپ به انهن جو غير ملڪي ناڻو وڌائي ٿي. ڪو زمانو هو جو باڪو واپار وڙي کان خوشحال هو، اوسي پاسي جي دنيا جا- ويندي اسان جا سنڌي هندو واپار لاءِ هتي اچي رهيا ٿي. هاڻ ته پيٽرول ئي ايڏو نڪري ٿو جو ڳالهه ئي نه پڇو. دنيا جي تيل جو پنجون حصو آذربائيجان ٿو سپلاءِ ڪري. خاص ڪري باڪو شهر وارو علائقو جيڪو تيل جي ڪارخانن سان ڀريو پيو آهي. باڪو شهر ۾ توهان کي هر شيءِ مان پيٽرول جي بوءِ ايندي، هوا ۾ اها بوءِ، وهنجڻ جي پاڻيءَ ۾، ويندي هوٽل جي ڪمري ۾ وڇايل چادر مان به پيٽرول جي بوءِ اچي ٿي. اسان جي درويش ليکڪ شبير شر خبر ناهي ان ڳالهه جي دانهن ڇو نه ڪئي آهي! لڳي ٿو ٻروچ سڄو ڏينهن رلي پني، باڪوءَ جي ناچڻين جا ناچ ڏسي اهڙو ته ٿڪجي پيو ٿي، جو هن کي بستر تي ليٽڻ سان ننڊ کڻي وئي ٿي، نه ته هو اهڙو ڇڏڻ وارو ناهي. بهرحال اها ڳالهه آهي ته پيئڻ جي پاڻيءَ مان پيٽرول جي بوءِ نٿي اچي، جو پيئڻ جو پاڻي ٻهراڙيءَ مان ڪوه قاف جبلن جي چشمن جو، بوتلن ۾ بند ٿيل پاڻي استعمال ٿئي ٿو ۽ ڏٺو وڃي ته اهو ئي صحيح معنا ۾ ”مِنرل واٽر“ آهي.
ناچڻين جي ڳالهه تان اهو ياد آيو ته آذربائيجان 95 سيڪڙو مسلمان ملڪ آهي پر باڪوءَ جي نائيٽ لائيف دنيا جي ڏهن شهرن مان هڪ آهي. تڏهن ته ٻروچ هر هر دانهون پيو ڪري ته ڇو هتي ڪو ملون مولوي ڪونهي ڇا؟ هتي ڪو فتوائون ڏيڻ وارو ڪونهي ڇا؟
هونءَ آذربائيجان ۽ ازبڪستان ملڪ اسان کان ڪي ڏورانهان يا اسان لاءِ ڌاريان نه آهن. ڪجهه عرصي لاءِ يعني گذريل صديءَ ۾ ان تي روس جي قبضي ڪري انهن جي ماڻهن کي مذهب يا سماجي ڳالهين جي آزاديءَ جي سان گڏ کين ٻاهر نڪرڻ کان به روڪيو ويو ٿي. ساڳي وقت ڌارين کي انهن ملڪن ۾ گهڙڻ يا گهمڻ کان روس جي ڪميونسٽ حڪومت دل شڪستو ٿي ڪيو پر هاڻ روس USSR جي رياستن جي ٽٽڻ ڪري ڌارين ملڪن جي ماڻهن جي انهن ملڪن ۾ اهائي اچ وڃ شروع ٿي ويئي آهي، جيڪا روس جي قبضي کان اڳ هئي. اسان جي سنڌي هندو واپاريءَ لاءِ بلخ، بخارا، باڪو وغيره پهچڻ ممباسا، زنجبار يا بنگال کان به آسان هو. ان ڪري سنڌ کان ٻاهر سڀ کان گهڻيون سنڌي واپاري ڪوٺيون ازبڪستان ۽ آذر بائيجان پاسي هيون. پڇڻ تي هو چوندا هئا ته اهي ولايتون سڏ پنڌ تي ته آهن. هتان اتر طرف افغانستان پهچ ته پوءِ باقي پنڌ ئي ڪيترو آهي. دراصل هنن جي ڳالهه صحيح هوندي هئي. هوائي جهاز ته هاڻ نڪتا آهن نه ته انهن ڏينهن ۾ جتي ڪٿي سفر خشڪي رستي يا پاڻيءَ رستي ٿيو ٿي. بنگلاديش، پاڪستان، ڀارت سڀ هڪ ”انڊيا“ هو ۽ افغانستان به ڄڻ انڊيا جو حصو هو. اڄ به ڪيترن ئي سنڌي هندن، گجراتين ۽ سکن جو اتي واپار آهي. افغانستان پهچڻ تي ماڻهو ڄڻ تاجڪستان، ازبڪستان ۽ ترڪمنستان پهچي ويو ٿي، جو اهي ٽئي ملڪ افغانستان جي اتر واري بارڊر سان مليا پيا آهن. ازبڪستان ڪئسپين سمنڊ جي اوڀر ۾ آهي ته آذربائيجان اولهه ۾ آهي. ماڻهو ٻيڙين رستي باڪو پهچي ويا ٿي يا جن جو واپار وڙو ئي آذربائيجان ۾ هو ته اهي افغانستان به نٿي ويا. ڪوئٽيا وٽان ايران وڃي اتان آذربائيجان پهچي ويا ٿي جو اهو ايران جي اتر واري بارڊر سان مليل آهي.
1960 واري ڏهاڪي ۾ مون جڏهن جهازن جي نوڪريءَ ڪري، ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ شروع ڪيو ته انهن ڏينهن ۾ پينانگ، سُوربايا، جاوا، هانگ ڪانگ يا ممباسا، زنجبار وغيره ۾ سنڌي هندن جا گهڻا دڪان ڏسي آئون حيرت کائيندو هوس ته اتي رهندڙ هندو مون کي چوندا هئا ته هِتي، يعني انهن هنڌن تي، ته ڪجهه به دڪان نه آهن. ”سنڌين جو واپار ڏسڻو اٿئي ته ڪابل، قنڌار، هرات، بلخ، بخارا ۽ ثمرقند ڏي هليو وڃ جيڪو علائقو خراسان سڏجي ٿو.“ خاص ڪري بخارا ۾ ته شڪارپور جا ايترا سنڌي رهن ٿا جو شڪارپور کي ”خراسان جو دروازو“ سڏيو ويو ٿي. وچ ايشيائي ملڪن ۾ جوکائتن رستن هجڻ ڪري شڪارپور جي هندو واپارين هُنڊي سسٽم ايجاد ڪيو يعني واپارين پاڻ سان ڪئش کڻي هلڻ بدران هنن اها شڪارپور ۾ ڪنهن معتبر جي حوالي ڪئي ٿي ۽ ان جي بدران هن ڪنهن پني تي پنهنجي صحيح يا نشان سان ٻه اکر لکي ڏنا ٿي جيڪي ”حَوالي“ طور مشهد، هرات، ثمرقند يا بخاري جي شڪارپوري واپاريءَ کي ڏيکاري ان کان اوتري ڪئش ورتي وئي ٿي.
سر اليگزينڊر برنس جيڪو Explorer کان علاوه برطانيا طرفان ڊپلوميٽ به هو ۽ جنهن انگريزن پاران بخارا ۾ روسين خلاف ڪم ڪيو ٿي ۽ بخارا بابت وڏي ڄاڻ مهيا ڪئي ٿي، ليکڪ پڻ هو. هو 1805ع ۾ اسڪاٽلينڊ ۾ ڄائو هو. 1835ع ۾ هن جي يادگيرين جو ڪتاب Travels in to Bokhara نالي ڇپيو هو. ايتري قدر جو ڪيترا ته هن کي “بخارا برنس” سڏيندا هئا. هي اهوئي شخص آهي جيڪو سنڌو نديءَ جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ 1831ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه ”وليم چوٿين“ طرفان مهاراجا رنجيت سنگهه کي گهوڙن جو تحفو پهچائڻ لاءِ موهن لال ڪشميريءَ سان گڏ سنڌو نديءَ ذريعي لاهور پهتو هو. بهرحال هتي آئون اها ڳالهه لکڻ ٿو چاهيان ته هي انگريز اليگزينڊر برنس لکي ٿو ته ”آئون جڏهن ڪابل ۾ هوس، ته اتي جي هڪ شڪارپوري سراف هُنڊي ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا بخارا، استراخان يا سينٽ ميڪائير شهرن ۾ به ادائيگي جوڳي هئي. يعني اتي موجود ڪنهن سنڌي هندو واپاريءَ کي ڏيکاري پئسا وٺي سگهيس ٿي.“
هڪ انگريز J.Wolff نالي پنهنجي سفرنامي A Mission to Bukhara ۾ لکي ٿو ته “بخارا ۾ شڪارپور جا ٽي سئو واپاري واپار ۾ رڌل آهن.” هن اهو به لکيو ته تاشقند جي جهوني علائقي ۾ 93 ۽ ثمرقند ۾ 100 سنڌي هندو واپار سانگي رهيل آهن، جتي سندن قافلن جي ڍاٻي لاءِ ٽي سرايون پڻ قائم آهن.”
جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته ان ڪوهه قاف يا وچ ايشيا وارن علائقن ۾ ترڪن جي وڏي اڪثريت آهي. بخارا ۾ ڪم ڪندڙ هڪ سنڌي هندو جي اتي وفات ٿيڻ تي شڪارپور ۾ رهندڙ هن جي زال شريمتي رڪمن ٻائي جي سکر جي ڪليڪٽر کي 15 مارچ 1915ع تي ڏنل درخواست ۾ هن جي لکيل اها ڳالهه به رڪارڊ تي قائم آهي ته شڪارپورين ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته “ترڪ پنهنجيون بقايائون پنجاهه سالن کان پوءِ به موٽائي ڏين ٿا.”
جيئن پٺاڻ واپارين بابت اڄ تائين انڊيا، برما، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ جاوا سماترا پاسي اها چوڻي مشهور آهي ته “پٺاڻ پنهنجي اوڌر قبر ۾ دفن ٿيل مردي کان به اوڳاڙي ٿو.” يعني پٺاڻ کي ياد رهي ٿو ته هن گذريل سال ڪنهن ڪنهن کي اوڌر ڏني.
اڄ به برما ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ڳوٺن ۾ پٺاڻ سائيڪلن تي خشڪ ميوو، ڪپڙو يا ڇريون، ڪئنچيون، رومال، منڊيون، عطر جهڙيون شيون کڻي ڳوٺاڻن کي اوڌر تي ڏين ٿا.
شبير شر جي سنگت باءِ ايئر پهرين ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند پهتي، جتان پوءِ باءِ ايئر باڪو (آذربائيجان) ويا آهن. اهو پاسو گهمي پوءِ هو وري تاشقند موٽيا آهن ۽ تاشقند کان علاوه ازبڪستان جا تاريخي شهر ثمرقند، بخارا وغيره پڻ گهميا آهن. هتي مونکي اهو به ڌيان ۾ ٿو اچي جو اسان جي سنڌ جي ماڻهن جو ازبڪستان وارن سان ايترو ته واپاري واسطو ۽ اچ وڃ هئي جو اسان وٽ اهو اصطلاح عام ٿيو ته ڪو ابتي سبتي ڳالهه ڪندو هو ته هن کي چيو ويندو هو ته:”يار ڪهڙيون ويٺو ازبڪيون بَڪين؟“ يعني ڌارئين ملڪ جي ازبڪ پيو ڳالهائين ڇا؟ جيئن ڪنهن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻ تي انگريزيءَ ۾ چئبو آهي ته يار مونکي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، It was all Greek for me.
ازبڪستان پڻ افغانستان وانگر Land Locked ملڪ آهي يعني ڪو به سمنڊ هن کي نٿو ڇهي ۽ جتي آذربائيجان ڪوه قاف وارو ملڪ سڏجي ٿو. ۽ جتي ازبڪستان ايشيا ۽ يورپ جي ملڻ واري هنڌ تي هجڻ ڪري اهميت رکي ٿو اتي ازبڪستان وچ ايشيا جو ملڪ سڏجي ٿو، جنهن جي چوڌاري ملڪ يعني پاڙي جا ملڪن آهن: قزاقستان، ڪرغيزستان، تاجڪستان، افغانستان ۽ ترڪمنستان آهن، جيڪي مزي جي ڳالهه اها ته اهي سڀ ملڪ به Land Locked آهن، يعني ازبڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو ڊبل لئنڊ لاڪڊ آهي. هونءَ ازبڪستان ۾ ايتريون ته تاريخي جايون آهن جو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ کي اهي ڏسڻ سان بيحد مزو اچڻ کپي – خاص ڪري فرغانا جتي مغل بادشاهه بابر ڄائو، نپنيو ۽ وڏو ٿيو. ان کان به وڌيڪ ثمر قند ۽ بخارا شهر آهن جيڪي اسان لاءِ تاريخي ۽ مذهبي حيثيت رکن ٿا، جتي جا عالم ۽ دين سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان اسان مسلمانن جو واسطو رهيو آهي ۽ اسان جي ليکڪ ٻنهي شهرن ۾ وڃي سٺو ڪيو. هن کي هنن شهرن ۾ گهاريل گهڙيون ۽ انهن سان وابسته يادگيريون سڄي زندگي ميٺاج جو احساس ڏيارينديون.
بخارا ۽ ثمرقند دنيا جا اهي آڳاٽا شهر آهن جيڪي هندوستان جي بنارس شهر وانگر صدين کان لڳاتار زنده آهن. ائين ته بابل جهڙا به آڳاٽا شهر ٿي گذريا آهن، ويندي موهن جو دڙو به، پر اهي هڪ عرصي بعد ويران ٿي ويا يا تباهه ٿي ويا. ثمر قند ۽ بخارا شهر جن مان اسانجو ليکڪ ٿي آيو آهي، انهن جي اهميت ان ڪري به رهي آهي جو اهي ملڪ سلڪ روٽ تي آهن. اڳئين زماني ۾ جڏهن اڃان هوائي جهاز ته ڇا پر اگبوٽ (ڪَلَ تي هلندڙ پاڻيءَ جا جهاز) به ايجاد نه ٿيا هئا ۽ نه وري ماڻهن کي خبر هئي ته يورپ جي ملڪن کي ڇهندڙ سمنڊَ ميڊيٽرينين (ڀؤنچ)، ائٽلانٽڪ يا بحراسود ۽ اتر سمنڊ (North Sea) اڳيان وڃي هندي وڏي سمنڊ، عربي سمنڊ، ايراني نار يا ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ ٻين سمنڊن سان به ملن ٿا، جن جي ڪنارن تي انڊيا، ملايا، چين، ڪوريا، سيام (ٿائلينڊ)، ٽانگانيڪا (تنزانيا) ۽ سوماليا جهڙا به ملڪ آهن. ان ڪري يورپ جي ملڪن جو چين ۽ انڊيا سان واپار خشڪي رستي هلندو هو. ماڻهو قافلن ذريعي پيرين پنڌ، اُٺن، گڏهن، خچرن ۽ پوءِ بيل گاڏين جهڙين سوارين ذريعي نڪرندا هئا. پوءِ اتان مٿي ترڪي، ايران، افغانستان پاسن کان ٿيندا، انڊيا ۽ چين کان اچي نڪرندا هئا. ايران اڄ وارو ايران نه هو پر اهو پرشيا سڏبو هو، جنهن ۾ اڄ وارا ملڪ ازبڪستان، آذربائيجان، ترڪمنستان، تاجڪستان، عراق ۽ افغانستان جا حصا – ويندي سنڌو ماٿري تائين اچي ويا ٿي. ازبڪستان ۽ افغانستان جا شهر هرات، مرو (Merv)، ثمرقند، بخارا، فرغانا وغيره اڄ جي ايران واري صوبي خراسان جا حصا هئا، جنهن جا شهر مشهد (امام علي رضا جي روضي مبارڪ وارو) نيشاپور، توس اڄ به ايران ۾ آهن. ايران (پرشيا) تي مختلف سلطنتن جي حڪومت رهي، جن مان ڪن پنهنجي گاديءَ جو شهر مشهد رکيو ته ڪن اصفهان، هرات، ثمرقند، بخارا، مرو، وغيره. ثمرقند ۽ بخارا شهر بلڪل Silk Route تي هئا، جنهن کي اسان شاهراهه ريشم يا فارسيءَ ۾ جادهه ابريشم ۽ عربيءَ ۾ طريق الحرير سڏيون ٿا، ويندي ملئي ۾ به ان روٽ (روڊ) جو نالو لالوئان سُوتيرا (Laluan Sutera) معنا ريشم گهٽي چون ٿا، ڇو جو چين جي هَن (Han) سلطنت جي ڏينهن ۾ يعني 200 کن سال قبل مسيح جڏهن هي رستو واپار خاطر استعمال شروع ٿيڻ لڳو ته خاص وکر جنهن جو واپار هليو ٿي اهو ريشم هو جيڪو چين کان يورپ ڏي ويو ٿي. جيتوڻيڪ ظاهري ظرح هن روٽ تي ريشم هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ويو ٿي پر هن روٽ ذريعي هڪ ٻئي جي ملڪن ڏي ڇا ڇا نه ويو ٿي – ويندي مذهب، سوچون، عقيدا، فلاسافيون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهتي ٿي. ٻيو ته ٺهيو ويندي ڪيتريون ئي بيماريون خاص ڪري پليگ هن رستي ذريعي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏي پهتي ٿي. اڄ ته رڳو ڪو مسافر پاڪستان کان پاڙي واري ملڪ ايران وڃي ٿو ته هن کي ڪيترا ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻا پون ٿا، ته هن کي ڪا اهڙي سلهه، هئپيٽائٽس جهڙي بيماري ناهي، تڏهن هن کي ايران ۾ داخل ٿيڻ جي ويزا ملي ٿي. پر انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هئا اهڙا بندوبست؟ هڪ ملڪ ۾ ڪا وچڙندڙ بيماري پئدا ٿيندي هئي ته اها واپاري قافلن ذريعي ٻين ملڪن ۾ پهچي ويندي هئي. شاهراهه ريشم ذريعي هڪ ملڪ جو ڪلچر ۽ ثقافت پڻ ٻين ملڪن ڏي پهتي. سو ثمر قند ۽ بخارا جهڙا خراسان (پرشيا) جا شهر جيڪي هاڻ ازبڪستان ملڪ ۾ اچن ٿا، سلڪ روٽ تي هجڻ ڪري ٻين کان خوشحال ۽ ماڊرن رهيا. اهي وچڙندڙ بيمارين ۽ ٻاهرن حاڪمن جي حملن جو به شڪار رهيا. بهرحال جيئن حيدرآباد کان ڪراچي سپر هاءِ وي ٺهڻ کان اڳ (يعني 1960 واري ڏهاڪي شروع ٿيڻ کان اڳ) ڪراچي کان حيدرآباد يا حيدرآباد کان ڪراچي پهچڻ لاءِ ٺٽي مان گذر ٿيڻ ضروري هو تيئن يورپ ۽ آفريڪا جي ماڻهن کي چين وڃڻ لاءِ هيءَ ريشم روٽ اختيار ڪرڻ لاءِ سمجهو ته بخارا ۽ ثمرقند مان گذرڻ ضروري هوندو هو. اسانجي ليکڪ شبير شر ثمرقند ۽ بخارا جي جهوني حصي مان لنگهندي خبر ناهي اهو سوچيو به يا نه، ته هن ڌرتيءَ جي حصي تي جتي هو پير گهمائي رهيو آهي، اتي تاريخ جي اهم شخصيتن سڪندراعظم کان چنگيز خان تائين ۽ ابن بطوطا کان مارڪوپلو تائين جا پيرا ملن ٿا. ثمر قند ۽ بخارا جي خوشحالي، سونهن، جديد پڻي ڪري هر ڦورو ۽ هر حاڪم جي ڪاهه هنن شهرن تي هئي ۽ اهي حاصل ڪرڻ بعد هنن انهن شهرن مان ڪنهن هڪ کي پنهنجي نئين حاصل ڪيل سلطنت جو گاديءَ جو شهر بڻايو ٿي.
پرشيا (يعني ايران) جي هخامنشي (Achaemenid) سلطنت جي ڏينهن ۾ سغداد (Sogdiana) علائقي جي گاديءَ جو هنڌ ثمر قند هو، جيڪو ان دور ۾ (سن 329 ق. م ۾) سڪندر اعظم هن شهر تي حملو ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. ڪو گهر يا زمين جو جريب ڏيڍ ٿو خريد ڪري ته اهو، حاصل ڪرڻ وارو ڪجهه ڏينهن ڪيڏي شوق مان ان تي چڪر هڻي ٿو ۽ ڏسي ٿو. سو ثمر قند حاصل ڪرڻ بعد سڪندر اعظم انهن جي ڪجهه گهٽين ۾ ته ضرور چڪر هنيا هوندا. ان ڪري شبير شر جهڙو ڪو انهن شهرن ۾ وڃي ٿو ته ان کي آئون اهو ئي چوان ٿو ته بابا اهڙن شهرن جي گهٽين ۾ نه فقط اسانجهڙا فقير پر سڪندر اعظم ۽ چنگيز خان جهڙا پهلوان ۽ ظالم حاڪم به گذري چڪا آهن. سڪندراعظم جي ڏينهن ۾ به ثمرقند بخارا جي هاڪ سندس ملڪ يونان تائين هئي ۽ جيئن اسان جرمنيءَ کي المانيا سڏيون ٿا، تيئن يوناني ثمر قند کي ماراڪندا (Maracanda) سڏيندا هئا. سڪندر جي حملي ۾ ثمرقند جي تباهي ضرور آئي پر پوءِ يڪدم بهتري اچي وئي ۽ ڪيترين ئي يوناني شين ويندي تهذيب، جنم ورتو. سڪندراعظم جي موت بعد ثمر قند تي سلوقيو (Seleucid) سلطنت، يوناني باختر (Greco Bactrian) سلطنت، ڪوشان (Kushan) سلطنت جو راڄ رهيو. ان بعد 260ع ۾ ثمر قند ساسانين جي قبضي ۾ آيو. ان بعد ثمرقند ترڪن جي قبضي ۾ آيو. 710ع ۾ اميه خلافت قطيبه ابن مسلم جي اڳواڻيءَ ۾ ثمرقند فتح ڪيو. مسلمانن جي حڪومت ۽ هن شهر ۾ اسلام به آيو، نه ته ان کان اڳ ثمرقند ۾ گهڻائي آتش پرستن (Zoroastrian) جي هئي جن کي اسان ”پارسي“ ٿا سڏيون، جو اهي ايران جي پارس (فارس) شهر کان لڏي انڊيا جي بندرگاهه ”سورت“ ۽ بعد ۾ ممبئي ۽ ڪراچي شهرن ۾ آيا. اهي زرتشتيت به سڏجن ٿا. انهن باهه جي پوڄارين کان علاوه ثمرقند ۾ ٻوڌي، هندو، ايين ماني (Manichaei) جيڪو ڌرم ساساني سلطنت جي ڏينهن ۾ هنن جي نبي مانيءَ (217ع – 216ع) ۾ ايجاد ڪيو، يهودي ۽ عيسائين جو فرقو نسطوري (Nestorian) رهيا ٿي.
توهانکي حيرت ٿيندي ته يورپ ۾ ڪاغذ جي ايجاد ثمرقند مان آئي. عباسي خلافت جي ڏينهن ۾ 751ع ۾ چينين ۽ عربن جي وچ ۾ جيڪا طلاس جي لڙائي (معرکـهه نهر طلاس) لڳي ان جي چيني قيدين ۾ ثمرقند ۾ ٻه اهڙا قيدي هئا جن کي ڪاغذ ٺاهڻ جو آرٽ آيو ٿي، جن ذريعي اسلامي دنيا ۾ هن شهر ثمرقند ۾ پهرين ڪاغذ جي مِل لڳائي وئي. ان بعد هن ايجاد جي ڄاڻ يورپ ۾ عام ٿي.
1220ع ۾ منگولن ثمرقند فتح ڪيو، تاريخدانن جو چوڻ آهي ته چنگيز خان ثمرقند جي ماڻهن کي گهڻو تنگ نه ڪيو، باقي سڄي شهر جي ڦرلٽ ڪري ڀينگ ڪري ڇڏي ۽ ماڻهن فقط انهن جو قتل ڪيائين جن مسجدن ۽ گرجا گهرن ۾ وڃي پناهه ورتي. ان کان علاوه هن شهر جي 30 هزار نوجوانن کي اڳتي جي لڙائيءَ لاءِ فوج ۾ ڀرتي ڪيو ۽ اهڙن 30 هزار کن هنرمندن، رازن، واڍن، لوهارن کي پنهنجي ڪم ڪارين ۾ لڳايو.
بهرحال ثمرقند به بغداد وانگر ڌارين جي حملن ڪري ڊهندو رهيو ته ٺهندو به رهيو. 1220ع ۾ چنگيز خان جي حملي بعد هو اڌ صديءَ بعد اهڙو سهڻو ٿي ويو جو 1280 ڌاري جڏهن مارڪوپولو چين ويندي هن شهر ۾ ترسيو ته هن کي هي شهر بيحد پسند آيو ۽ هن پنهنجي سفرنامي ۾ ثمرقند لاءِ لکيو آهي ته:
“It is a very large & splendid city”
ياد رهي ته يورپ يا آفريڪا کان انڊيا يا چين ويندڙ هر مسافر کي ثمرقند ۽ بخارا مان لنگهڻو پيو ٿي ۽ هنن شهرن ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي سفر جو ٿڪ ڀڳو ٿي ۽ اڳتي جي ڏکئي سفر جي تياري ڪئي ٿي. ابنِ بطوطا به انڊيا ۽ چين ويندي هنن شهرن مان ٿيندو ويو. ابن بطوطا مارڪوپولو کان پنجاهه سالن کن ننڍو هو. مارڪوپولو 1254ع ۾ ڄائو ۽ 1324ع ۾ وفات ڪيائين. ابن بطوطا موراڪو جي شهر طنج ۾ 1304ع ۾ ڄائو ۽ 1368ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ثمرقند ۾ 1333ع ۾ آيو هو. هُن هِن شهر کي ”عظيم ۽ نفيس شهر سڏيو آهي، جنهن جي سونهن جو ڪو مَٽُ ناهي“. هن اهو به نوٽ ڪيو ته ”سڄو شهر باغن سان ڀريل آهي، جن کي نارن ذريعي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. انهن نارن کي جانورن هلايو ٿي.“
سو هن شهر جي آڳاٽي حصي ۾ گهمندي توهانکي اهو احساس هجڻ کپي ته هينئر جتي توهان جي قدمن جا نشان لڳي رهيا آهن، اتي ماضيءَ جي مختلف دورن ۾ دنيا جي ڪيترن اهم شخصيتن واڪ ڪيو. ڪي ته اتي ئي دفن ٿيل آهن. انهن مان هڪ اهو به آهي جيڪو ماهر فلڪيات (Astronomer) ۽ حسابدان (Mathematician) به هو ۽ حسابدان به ٽرگناميٽري ۽ اِسفيريڪل (Spherical) جاميٽريءَ جو! جيڪا هوائي جهاز ۽ پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ وارا نيويگيٽر پڙهن ٿا ۽ مثال طور توهان کي جي اهو ٻڌايو وڃي ته ڌاڙيل پَرو چانڊئي يا نظرو ناريجو جي پوٽي جا لکيل زولاجي يا باٽني تي ڪتاب نه فقط سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پر يورپ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ به ماسٽرس ڪرڻ وارا شاگرد پڙهن ٿا ته توهان کي ضرور حيرت ٿيندي. ذڪر ۾ آيل مئٿيمئٽيشن مرزا محمد طارق جيڪو الغ بيگ Ulugh Beg جي نالي سان مشهور آهي، اهو تيمور سلطنت جي منگول باني تيمور لنگ جو پوٽو هو. الغ بيگ 1394ع ۾ ڄائو ۽ 53 سالن جي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سائنس ۽ مئٿس جهڙن ڪمن ۾ قابل شخص هو، جيئن اسانجو عمران خان ڪرڪيٽ ۽ خيراتي اسڪول ۽ اسپتالون هلائڻ ۾، پر افسوس جو هي درويش حڪومت هلائي نه سگهيو ۽ سندس پٽ ئي هن جي پٺيان لڳي ويو ۽ آخرڪار ٻن سالن اندر هن کي ختم ڪري ڇڏيائين. کيس حج تي موڪلڻ جي بهاني سان رستي تي مارائي ڇڏيائين. سندس مقبرو ثمر قند جي قبرستان ”گورِ امير“ ۾ آهي، جتي سندس والد شاهه رخ مرزا ۽ ڏاڏو تيمور لنگ به دفن آهن. اسان جا ماڻهو الغ بيگ جي والد شاهه رخ کان کڻي گهڻو واقف نه هجن، جيڪو 1377ع ۾ ثمرقند ۾ ڄائو ۽ 1405 کان 1447 تائين 42 سال حڪومت ڪيائين، پر هن جي زال راڻي گوهر شاد بيگم کان گهٽ ۾ گهٽ اسان جا اهي شيعا حضرات واقف هوندا، جيڪي امام علي رضا جي روضي تي مشهد وڃن ٿا. روضي مبارڪ سان گڏ ئي هن عورت جي ٺهرايل سندس نالي واري ”مسجد گوهرشاد“ آهي، جيڪا هن 1418ع ۾ ٺهرائي. سندس نالي افغانستان وارن ڪابل ۾ 2003ع ۾ ”وومين يونيورسٽي“ ٺهرائي آهي، افغانستان جو اهو ڪابل وارو حصو پڻ ايران جي خراسان صوبي ۾ آيو ٿي، جنهن تي سندس مڙس شاهه رخ جي حڪومت هئي. گوهر شاد وڏي قابل ۽ زماني جي عورت هئي، جيڪا پنهنجي مڙس شاهه رخ کي ڪنٽرول ۾ رکندي آئي ۽ کانئس علاوه هن کي فقط پنج ٻيون زالون هيون، باقي خذمتگار ڇوڪرين ۽ ڪنيزائن جو ته ڪو ليکو ئي نه هو _ اسان جي مسلمان بادشاهن لاءِ! ايتري قدر جو سندس درويش پٽ الغ بيگ جيڪو سڄو ڏينهن مئٿس ۾ ۽ رات علم فلڪيات ۾ غرق هو، تنهن کي به نڪاح واريون يعني قانوني 13 زالون هيون، جن کان رعيت واقف هئي. بيگي بيگم، بادالملڪ بيگم، سلطان خانقا، حسن نگار، شُڪربي، رقيه سلطان، مهر سلطان، سادات بخت، دولت سلطان، بختي بي، دولت بخت، سلطانم آغا ۽ سلطان ملڪ آغا!
انهن ڏينهن ۾ اڄ جي افغانستان وارو شهر ۽ صوبو هرات به خراسان ۾ هو، جنهن جو حاڪم شاهه رخ هو. سندس زال گوهر شاد جتي ٻين شهرن ۾ مسجدون ۽ مدرسا ٺهرايا، اتي هرات ۾ به هڪ مسجد ۽ مدرسو ٺهرايو، جتي پاڻ پڻ دفن ٿيل آهي. مدرسي ۾ ٻه اڍائي سؤ خٿابين (شاگردن) جي رهائش جو به بندوبست رکيل هو. هوءَ هڪ دفعي پنهنجي محل يعني مڙس جي 200 کن ڪنيزائن سان گڏ مشهد کان هرات ان مدرسي جي انسپيڪشن لاءِ نڪتي، اتي پهچڻ تي هن مدرسي ۾ موجود سڀني خٿابين کي ٻاهر ڪڍرايو، پوءِ عورتن جو هي سڄو اٽالو مدرسي اندر داخل ٿيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڦرنديون رهيون. انهن مان هڪ ٻانهي هڪ اهڙي ڪمري ۾ وڃي پهتي جنهن ۾ رهندڙ خٿابي ننڊ ۾ هجڻ ڪري ٻاهر نه نڪتو هو. هيءَ ٻانهي موقعو سٺو ڏسي هن کي چهٽي وئي. بعد ۾ گوهرشاد کي جڏهن هنن جي هم بستريءَ جي خبر پيئي ته ڪاوڙ ڪرڻ بدران محل جي ٻه سؤ ڪنيزائن جي خٿابين سان شادي ڪرائي ڇڏي. ان ڳالهه تي سندس مڙس به چپ ئي رهيو. گوهرشاد سمجهي وئي ته هي بادشاهه پڄن پنهنجن پنجن ڇهن زالن سان ئي ڪونه ٿا، سو سوين ڪنيزائن کي ايئن پالڻ هنن کي ڇتو ڪرڻ آهي، تباهه ڪرڻ آهي، ان ڪري شينهن ڪلهي تي چڙهي وڃن ته بهتر آهي.
بهرحال گوهر شاد جو پٽ الغ بيگ کڻي حڪومت صحيح طرح ڪري نه سگهيو پر هن جو مئٿس، سائنس ۽ ائسٽرونامي جي دنيا ۾ اڄ تائين نالو آهي. ايتري قدر جو چنڊ ۾ موجود هڪ گهٻ Crater جو نالو الغ بيگ ڪريٽر آهي، جيڪو سال 1830ع ۾ ٺهيل چنڊ جي نئين نقشي کان هر نقشي ۾ موجود آهي. ان کان علاوه يوڪرين جي هڪ سائنسدان 1977ع ۾ جيڪو هڪ ننڍو سيارچو Asteriod خلا ۾ ڳولي لڌو، ان جو نالو Ulugbek Asteroid رکيو ويو. هن کان وڌي ٻي ڪهڙي عزت ٿي سگهي ٿي!
ثمرقند شهر ۾ الغ بيگ Observatory پڻ دنيا ۾ مشهور آهي، جيڪا الغ بيگ 1424ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪئي ۽ پنج سال لڳي ويا. ان کان علاوه ثمر قند ۽ بلخ شهرن ۾ الغ بيگ مدرسا به مشهور آهن، جيڪي هن 1420ع ۾ ٺهرايا يعني اڄ هن کي ڇهه صديون گذري چڪيون آهن. بهرحال هن پاسي تيمور گهراڻي جو بنياد تيمور لنگ 1370ع ۾ ثمرقند ۽ بخارا فتح ڪري رکيو. تيمور لنگ 1336ع ۾ اڄ جي ازبڪستان ملڪ جي شهر بار:س ۾ جنم ورتو. چوٽيهن سالن جي ڄمار ۾ بادشاهه ٿيو ۽ 69 ورهين جي ڄمار ۾ ثمرقند ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو ثمر قند جي قبرستان ”گور امير“ ۾ آهي. سندس وفات بعد سندس پٽ شاهه رخ ۽ ان بعد ان جو سائنسدان پٽ الغ بيگ تخت تي ويٺو.
جنهن تاريخي شهر ثمر قند ۽ بخارا کي ڏسڻ لاءِ اڄ اسان ازبڪستان وڃون ٿا، اهو صدين تائين ايران جو حصو هو، جتان ايرانين حڪومت ڪئي ٿي ۽ خراسان صوبي جا اهي شهر ايشيا جي علم و ادب، ايراني ڪلچر ۽ ثقافت جي کاڻ سمجهيا ويا ٿي. فارسي جي هڪ مشهور شاعر روميءَ جو هڪ شعر آهي:
آن بخارا معدن دانش بود
پس بخارا اييست هرک آنش بود
(بخارا ڄاڻ جي کاڻ آهي
اهو ماڻهو بخارا جوئي آهي جنهن کي علم آهي)
تن ڏينهن جي ايراني شهر روداق (جيڪو هاڻ تاجڪستان ۾ اچي ٿو) جي نائين صدي جي فارسي شاعر ۽ ڏاهي عبدالله جعفر بن محمد ’روداڪي‘ جو بخارا بابت هڪ شعر آهي:
اي بخارا شاد باش و دير زي
شاهه زي تو ميهمان آيد همي
(اي بخارا شاد هجين سدائين آباد هجين
تنهنجو بادشاهه تنهنجي جشن ۾ آيو آ.)
آڳاٽي دور ۾ يورپ پاسي ماڊرن شهر روم ۽ قسطنطنيه (استنبول) هئا ته مشرق پاسي بلخ ۽ بخارا. پرديس ۾ رهندڙ پنهنجي گهر کي ياد ڪري پنهنجي وطن جي جهوپي جي سک ۽ آرام کي دنيا جي هنن بهترين شهرن سان ڀيٽيندا هئا. چي:
جو سک اپني چوباري ۾
سو نهين بلخ بخاري ۾
فارسي ادب ۽ شاعريءَ ۾ ازبڪستان جي انهن جرڪندڙ شهرن بخارا ۽ ثمرقند جو تمام گهڻو ذڪر ٿيل آهي. اڄ ڪلهه جو هڪ انڊين گانو جيڪو اڀيجيت ڳايو آهي:ايڪ چمه تو مجهه کو ادهار ديدي
اور بدلي ۾ تو يوپي، بِهار ليلي...
ان جو مرڪزي خيال چوڏهين صديءَ جي شاعر خواجا شمس الدين محمد حافظ شيرازيءَ جي هن شعر تان ورتل آهي:
اگر آن ترک شيرازي بـهه دست آرد دل مارا
بـهه خال هندويش بخشم سمر قند و بخارا را
(جيڪڏهن اهو شيرزاي ترڪ معشوق منهنجو دلبر ٿي پوي ته هن جي ڳل جي تر جي بدلي ۾ هيرن جهڙا شهر ثمر قند ۽ بخارا کيس بخشي ڇڏيان)
سو اهي هيرن جهڙا شهر ثمر قند ۽ بخارا جن مان اسانجو سکر جو ٻروچ وڪيل ٿي آيو آهي، انهن ڏينهن ۾ خراسان ۾ هئا جنهن تي مٿي بيان ڪيل الغ بيگ جو ڏاڏو (مئڊم گوهر شاد جو سهرو) منگول حاڪم تيمور لنگ هو. اڄ ڪلهه خراسان جو فقط هڪ ننڍڙو حصو ايران ۾ اچي ٿو، جنهن جا به هنن ٽي صوبا ڪيا آهن، باقي خراسان، افغانستان ،ازبڪستان، ترڪمنستان ۾ اچي ٿو. حافظ شيرازيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا جي ٽن وڏن شاعرن مان هڪ آهي. سندس مٿئين شعر تان ان وقت جو بادشاهه تيمور لنگ باهه ٿي ويو هو، هن يڪدم حافظ کي پنهنجي درٻار ۾ گهرائي چيو:”نڀاڳا! توکي خبر ناهي ته مون ڪيڏا ڪشالا ڪڍي هي شهر پنهنجي قبضي ۾ ڪيا آهن ۽ تون آهين جو هڪ ڇوري جي تِرَ جي عيوض انهن جي سخاوت ڪندو وتين؟“، ”هائو سرڪار“، حافظ وراڻيس:“شاهه خرچين ۽ سخاوتن مونکي اهڙو کٽل ۽ مسڪين بنائي ڇڏيو آهي جو وتان ٻين جو مال قربان ڪندو“.
چون ٿا ته تيمور لنگ اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس انعام اڪرام ڏئي روانو ڪيو.
تيمورلنگ بابت هن سفرنامي جي ليکڪ شبير شر مون کي ٻڌايو ته هو قرآن جو حافظ پڻ هو ۽ تلوار بازيءَ ۾ هو نه فقط هوشيار هو پر هن کي ٻنهي هٿن سان تلوار هلائڻ آئي ٿي. صحيح آهي. تيمور لاءِ اهو به پڙهيو اٿم ته هن کي ان وقت جي هر هٿيار جي واقفيت هئي ته ڪيئن استعمال ڪجي. خراسان تي حملو ڪرڻ وقت هن اهو به اعلان ڪيو هو ته ڪنهن به شاعر اديب جو قتل نه ڪجي ... وغيره. اهي ڳالهيون ٻڌڻ سان في الحال هر ڪو متاثر ٿئي ٿو پر ڇا فقط ان ڪري ته هو قرآن جو حافظ هو ان ڪري هن جي هر Action کي اسان صحيح ۽ عين اسلامي سمجهون؟ ان ماڻهو کي ديندار چئون جنهن ان وقت جي دنيا جي عوام جو سک چين چٽ ڪري ڇڏيو ۽ ايڏي وڏي Killing ڪئي؟ جتي ڪٿي ماڻهن جي کوپڙين جا مينار اڏي ڇڏيا. مذهب جي نالي ۾ حڪومت ۽ پاور هٿ ڪيو ۽ معصوم ماڻهو ماريا جن جو ڪو ڏوهه نه هو. ان سلسلي ۾ ڏٺو وڃي ته هن ڇڏيو ته پنهنجي مسلمانن کي به نٿي. 1383ع ۾ هن هرات تي قبضو ڪري پرشيا (ايران) ۾ فتح حاصل ڪئي ته ان وقت اتي ته مسلمان رهيا ٿي جن جو هن قتل عام ڪرايو. 1383ع ۽ 1385ع جي وچ ۾ هن خراسان ڦٻائي ورتو ته 1386ع ۽ 1394ع جي وچ ۾ عراق، آذربائيجان، آرمينيا ۽ جارجيا تي قبضو ڪري ورتو. سندس حملن ۽ خونريزين ڪري سوچيو ته ڇا مقامي ماڻهن ۾ خوف رهيو ٿي ان جو احساس سنڌ جي ماڻهن کي ته هئڻ کپي ته دهشتگردن ڇا حالت ڪئي هئي. روزانو ڪيترا درجن ماڻهن جو قتل فقط ڪراچيءَ ۾ ٿيو ٿي. ڳوڻين ۾ لاش مليا ٿي جن جي جسمن ۾ ڊرل مشينن سان سوراخ ٿيل هوندا هئا. عام ماڻهو ته ڇا پر پوليس به ڊپ ۾ رهي ٿي. ٽي وي جا وڏا وڏا ائنڪر به رڦندا رهندا هئا. ويندي اسان جي ٻيلن جا پهلوان سڏائڻ وارا ڌاڙيل جيڪي پنهنجي سنڌين کي ته اغوا ڪندا وتندا هئا پر ڪراچيءَ يا سنڌ جي شهري آبادي جي ڪنهن دهشتگرد ۾ هٿ وجهڻ تي ڪانچ ۾ مُٽ وهندو هون. اهو هو حال خراسان، فارس، عراق، آذربائيجان، سڄي ميسو پوٽاميا جي علائقي جي ماڻهن جو. هو تيمورلنگ ۽ هن جي منگول لشڪر جو نالو ٻڌي ڏڪندا رهيا ٿي. هيڏي خدا جي ڌرتيءَ تي حڪومت حاصل ڪرڻ بعد به هن جو پيٽ نٿي ڀريو. 1398ع ۾ هن انڊيا تي حملو ڪيو ۽ ان حملي جو بهانو ڪهڙو ته دهليءَ جا مسلمان سلطان هندو عوام جي هر ڳالهه مڃن ٿا. دهلي تي حملي لاءِ هن 24 سيپٽمبر 1398 تي سنڌوندي اُڪري ۽ پوءِ دهليءَ تائين سڄي واٽ هن ڇا ته قتل جي بازار گرم رکي. ڇا سنڌ ۽ هند ۾ رستي تي يا سلطان محمود تغلق سان 17 ڊسمبر تي پاڻيپٽ ۾ ڪيل لڙائيءَ ۾ هن فقط هندو ماريا؟ پر جي هن فقط کڻي هندو به ماريا ته ڇو؟ ٻئي جي گهر، ٻئي جي وطن ۾ ڪاهي اچڻ ۽ ائين خونريزي ڪرڻ جي ڪهڙو مذهب، ڪهڙو اخلاق اجازت ڏئي ٿو؟ هن دهليءَ کي اهڙو کنڊهر بنائي ڇڏيو جو هن شهر کي ساهه پٽڻ ۾ هڪ صديءَ کان مٿي عرصو لڳو ۽ تيمور جيڪا دهليءَ ۾ ڦرلٽ ڪري 80 هاٿين تي سامان رکرائي ثمرقند روانو ٿيو ان جو احوال دهليءَ ۾ موجود مئڊرڊ (اسپين) جي ڊپلوميٽ گونزاليز (Roy Gonzalez de Clavijo) جي ڪتاب “ايمبسي ٽو تيمورلين” ۾ پڙهي سگهجي ٿو. ڇا قرآن جو حافظ هجڻ ڪري هن جي ڪڌن ڪمن کي به ڀلو سمجهيو وڃي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ اڄ به اها سوچ آهي ته اسان جو حاڪم مسلمان آهي يا اسانجو پنهنجو سنڌي آهي ان ڪري هن کي بخش ڪيو وڃي ٿو پوءِ ڀلي هو ملڪ ۽ عوام جي ڀينگ ڪري ڇڏي.
منهنجي خيال ۾ ڪنهن ڪتاب جي مهاڳ يا پيش لفظ جي حساب سان ڪجهه وڌيڪ ئي لکي ويٺو آهيان. ڇا ڪجي! ڪجهه اهڙين پراڻن ماڳن جو ٻڌي انهن بابت پراڻيون يادون دماغ ۾ اچڻ سان اسان يخي هڻڻ ۾ شروع ٿيو وڃون. خاص ڪري ثمرقند، بخارا يا ڪنهن زماني جي خراسان کي ڏسڻ لاءِ به وقت کپي ته لکڻ لاءِ به. ههڙين تاريخي ۽ آڳاٽين جاين بابت ڇا لکي ڇا لکجي؟ هن سفر بعدشبير شر ۽ سندس ساٿي هنن شهرن جو نالو ٻڌي فخر سان چئي سگهن ٿا ته ها ادا! سڪندراعظم، تيمور لنگ، مرزا الغ بيگ، ابو علي ابن سينا، بهاءُ الدين نقشبند، حضرت سيد جلال الدين سرخ پوش جنهن ان وقت سنڌ (۽ هاڻ ڏکڻ پنجاب) جي شهر اُچ شريف جي ماڻهن کي دين جي تعليم ڏني، ڏهين صديءَ جي تاريخ نويس ابوبڪر نرسخي (جنهن جو انگريزي ۾ ترجمو (History of Bukhara) دنيا ۾ مشهور آهي، ابن بطوطا، مورڪو پولو ۽ اسان وڪيل انهن شهرن ثمرقند ۽ بخارا ۾ رهي چڪا آهيون!
سفرنامو پڙهڻ شروع ڪرڻ مهل مون سوچيو ته انهي طرف وڃڻ کان اڳ شبير مونکان پڇي ها ته آئون کيس هڪ دين جي عالم ۽ بزرگ شخص محمد بن اسماعيل جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ ضرور چوان ها. خبر ناهي ٻروچ کي يا سندس لوڪل گائيڊ کي اتي وٺي وڃڻ جو خيال آيو يا نه. لطيفو مشهورآهي ته هڪ ٻروچ جو گڏهه مسجد ۾ گهڙي ويو. مسجد جي امام وٺي گوڙ ڪيو. ٻروچ سمجهايس ته بي زبان گگدام آهي ڀُلَ ۾ تنهنجي مسجد ۾ گهڙي آيو آهي، آئون ته ڪو تنهنجي مسجد ۾ اچان؟ سفرنامو اڳتي پڙهيم ته خوشي ٿي ته اسان جو ”ڪميونسٽ ٻروچ“ نه فقط هن بزرگ، جيڪو دنيا ۾ ”امام بخاري“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو – ان جي مقبري تي وڃي دعا گهري پر هن جي زندگيءَ بابت احوال پڻ لکيو آهي. امام بخاري (سڄو نالو ابو عبدالله محمد بن اسماعيل الجعفي البخاري) 810ع ۾ بخارا ۾ ڄائو ۽ هتي ئي سن 870ع ۾ وفات ڪيائين. هو عام طرح عرب يا ٻاهرين دنيا ۾ امام البخاري يا ٺلهو ”امام بخاري“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ حديثن جو ڪتاب ”صحيح بخاري“ مرتب ڪيائين، جنهن کي دنيا جا سني مسلمان سڀ کان وڌيڪ Authentic سمجهن ٿا. سندن هڪ ٻيو ڪتاب ”الادب المفراد“ پڻ آهي، سندن والد صاحب اسماعيل بن ابراهيم پڻ حديثن جو اسڪالر هو، جنهن جي گهڻي سنگت ۽ واسطو پنهنجي همعصر امام مالڪ بن انس سان هو. امام مالڪ سني مسلمانن جي چئن امامن مان هڪ آهي ۽ ان جا فالوئر ”مالڪي“ سڏجن ٿا ۽ ٻيا ٽي مڪتب مذهب آهن: شافعي، حنفي ۽ حنبلي. اتر آفريڪا، اندلسيه، مصر، شام، يمن، سوڊان، عراق ۽ خراسان پاسي جا سني مسلمان مالڪي آهن. اسان وٽ پاڪستان، هندوستان ۾ حنفي آهن ۽ ملائيشيا ۾ شافعي رهن ٿا.
آخر ۾ هن سفر جي ليکڪ مسافر ۽ سندس ساٿي مسافرن کي اها ئي صلاح ڏيندس ته سفر ۾ ڪنهن جو ساٿ هجڻ سٺي ڳالهه پر وڌ ۾ وڌ ٻن ڄڻن جو هجڻ بهتر آهي. مونکي به اها صلاح هڪ ڏاهي سياح ڏني هئي ته: ”ٽو از ڪمپني، ويندي ٿري از ڪرائوڊ“. بهرحال آخر ۾ ليکڪ لاءِ wish ڪندس ته هو اڃان وڌيڪ سفر ڪري ۽ سفرناما لکي.
الطاف شيخ - ڪراچي
20 – اپريل 2019