اتراهان ملڪ تڏهن ۽ اڄ
بهرحال اسان هن جيڪب آباد جي نينگر کان پڇيو ته ”تون هتي ٻن ٽن سالن کان رهيو پيو آهين. نماز ۽ روزي جا ڇا وقت ٿيندا؟ هتي ته ڏينهن ئي ڏينهن لڳو پيو آهي.“
هن ٻڌايو ته هو هتي ٽرانڍهام ۾ اڪيلو مسلمان آهي. ”ڀر وارن ڳوٺن مان ٻن ٽن ۾ جهڙوڪ سوويرس برگ، موهولت ۽ ٽانسٽئڊ ۾ هڪ ٻه مسلمان آهن جيڪي سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ جي حساب سان روزو رکن ٿا ۽ آئون به انهن وانگر روزو رکان ٿو ۽ نمازون پڙهان ٿو.“
ياد رهي ته هي 1968ع يا 1970ع ڌاري وارا ڏينهن هئا يعني اڄ کان اڌ صدي کن اڳ جڏهن اسان جي ايشيا، آفريڪا توڙي عرب ملڪن جي ماڻهن هن پاسي گهمڻ لاءِ اچڻ به پسند نٿي ڪيو- رهڻ ته ٿي پري جي ڳالهه. پر وڏي اٿل پٿل پوءِ آئي. 1979ع ۾ ايران ۾ اسلامي انقلاب اچڻ تي، پاڪستان ۾ قاديانين ۽ غير مسلم هجڻ جي اعلان تي، عراق ڪويت، عراق ايران جنگ تي، روس جي افغانستان ۾ گهڙڻ تي، بنگلاديش ٿيڻ تي، پاڪستان ۾ دربدر ٿيل بنگالي، آفريڪا جي سوماليا ۽ ٻين ملڪن ۾ وڳوڙ پيدا ٿيڻ تي، اسان جي پاسن جي انيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي ۽ هنن لاءِ سولو ۽ آسان آستانو سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ جهڙا فلاحي Scandinavian ملڪ ٿي رهيا ۽ اڄڪلهه ناروي ۾ ڌارين ملڪن کان آيل مسلمان ۽ مڪاني نو مسلم جو تعداد ٻه سيڪڙو ٿي ويو آهي ۽ رڳو هتي ٽرنڍهام شهر ۾ اڄڪلهه ٽي مسجدون آهن. ياد رهي ته هن پاسي توڙي يورپ جي ٻين ملڪن ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ جتي مسجدون آهن- جن جا ڪيترن هنڌن تي نالا ”مسجد“ بدران ”اسلامي سينٽر“ لکيل آهن، انهن مسجدن کان علاوه اتي ڪيترن محلن ۾ جتي مسلمانن جي گهڻائي آهي هنن ڪنهن گهر يا فلئٽ جو ڪمرو مسواڙ تي وٺي ڇڏيو آهي ۽ نماز لاءِ ڪنهن مسجد ڏي پري وڃڻ بدران ان ڪمري ۾ اڪيلي يا جماعت سان نماز پڙهن ٿا. سئيڊن جي شهر مالمو ۾ جتي اڄڪلهه وڏيون مسجدون آهن اتي مٿين قسم جي هڪ ڪمري واريون ڪيتريون ئي مسجدون آهن جيڪي مالمو جي مختلف پاڙن ۾ رهندڙ عرب، ترڪ، پاڪستاني عراقي، ايراني ۽ سومالي پناهگيرن ( Asyleumوٺندڙ) مسلمانن نماز پڙهڻ لاءِ بندوبست ڪيو آهي. ويندي مالمو شهر کان ٿورو ٻاهر تي اسانجي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ ۾ هڪ ڪمرو مسجد لاءِ وقف ٿيل آهي ڇو جو هن يونيورسٽيءَ ۾ سڄي دنيا جي ملڪن جا جهازران اعليٰ تعليم لاءِ اچن ٿا، جن ۾ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جا به آهن.
سو انهن ڏينهن ۾ يعني 1969ع يا 1970ع جي لڳ ڀڳ واري سال ۾ جڏهن اسان جو جهاز اتر ناروي جي بندرگاهه ٽرانڍهام ۾ لنگر انداز ٿيو ته ٽرنڍهام شهر ۾ ڪا مسجد يا ”اسلامي مرڪز“ ته نه هو پر سڄي ڏکڻ ناروي ڏي به ڪا مسجد يا ملان مفتي نه هو جنهن کان کڻي ڪنهن اسلامي مسئلي جو حل پڇجي. سو اسان لاءِ واحد مسلمان ۽ سياڻو هي جيڪب آباد جو نينگر هو. نينگر ان ڪري ٿو لکان جو ان وقت اسان ئي نينگر يعني ڇوڪرا هئاسين- 24 ورهين کن جا ۽ هي ته اسان کان به چار پنج سال ننڍو هو- يعني ويهن سالن جو- سو اهو ڪهڙو اڇي ڏاڙهي وارو سڏبو، پر ههڙي سيناريو ۾ هي انڌن ۾ ڪاڻو راجا هو. ڏينهن کي نه کٽندو ڏسي پٺاڻ ته چپ هئا پر اسان جي جهاز جي ڪڇي ۽ مڪراني خلاصين اهو گمان ڪيو ته هتي شايد روزو واچ جي ڪانٽن موجب ٻارهن ڪلاڪن جو ٿيڻ کپي، پر اسان جي سنڌ جي نوجوان ٻڌايو ته ”روزو هتي به پاڻ وانگر سج اڀرڻ کان سج لهڻ تائين ٿئي ٿو.“
ان تي اسان لاءِ اهو پڇڻ ضروري ٿي پيو ته سج اڀري ۽ لهي ڪنهن وقت ٿو جو ناروي جي ويجهو اچڻ سان- يعني نارويجن سمنڊ ۾ گهڙڻ سان اسان ته هر وقت روشني ئي روشني پيا ڏسون. جهاز سمنڊ تي هوندو آهي- يعني جڏهن جهاز هلائڻو هوندو آهي ته هر هڪ کي چار ڪلاڪ ڏينهن جو ڊيوٽي ڪرڻي هوندي آهي ته اهي ئي چار ڪلاڪ رات جو ڪرڻي آهي. مثال طور انهن ڏينهن ۾ منهنجي ڊيوٽي ڏينهن جو چئين کان اٺين تائين هئي ته رات جي به اها چئين کان اٺين ڪندو هوس ۽ پوءِ ڏينهن جو توڙي رات جو چار ڪلاڪ جهاز هلائڻ بعد ڪجهه دير لاءِ هن ”واچ“ (ڊيوٽي) وارا انجنيئر ۽ نيويگيٽر (ڊيڪ آفيسر) جهاز جي ڊيڪ تي رکيل ڪرسين تي اڌ ڪلاڪ کن ويهي گپ شپ ڪندا هئاسين. چوڌاري اڇي کير جهڙي سهائي روشني هوندي هئي. ڊيوٽي تي وڃڻ وقت به ڏينهن جو سمو هوندو هو. سو جيڪب آباد جي همراهه (هن وقت مونکان سندس نالو وسري ويو آهي پر انهن ڏينهن ۾ لکيل سفر نامي ۾ مون سندس تفصيلي احوال لکيو آهي) کان پڇيوسين ته پوءِ ڀلا سج ڪيڏي مهل ٿو لهي جو روزو کولجي ۽ اهو روزو ڪيترا ڪلاڪ هلندو.