الطاف شيخ ڪارنر

آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس

ھن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ 72 مضمون شامل آهن، جن ۾ دنيا جھان جا سؤ کان مٿي موضوع بحث هيٺ آندا ويا آهن. ڪتاب جو وڏو حصو ”آرڪٽڪ سرڪل“ وارن ملڪن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ سوَين دلچسپ ڳالھيون پڙهڻ لاءِ موجود آهن. اتي جون ريتون، رسمون، سمھڻ، کائڻ پيئڻ، مرڻ، سواري ڪرڻ جا انوکا مثال ڏنا ويا آهن، انھن جي وچ ۾ الطاف شيخ پنھنجي Social Science بابت حاصل ڪيل ڄاڻ بہ ڏيندو ويو آهي. ساڳي وقت  الطاف شيخ ايران، خراسان، افغانستان، اُزبڪستان، آذربائيجان، ترڪمنستان ۽ ٻين وچ ايشيائي رياستن جي علم ادب، مذهب، ماڻهن، حاڪمن، ويڙهاڪ ٽولن جو جھڙي ربط ۽ ضبط سان ذڪر ڪيو آهي. ان مان سندس تاريخ، جاگرافي، مذهب ۽ سماجي رَوين بابت مطالعي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ مسجدن بابت مضمونن سان گڏ اتر قطب جي ملڪن ۽ دنيا جي آڳاٽن شھرن بابت ھڪ اھم مضمون پڻ شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس

دنيا جي ڇيڙي تي پير حماد الله جو پهچڻ

گهڻن ڏينهن کان پوءِ بلڪه مهينن کان پوءِ اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي هڪ ساٿي غلام محمد سومرو جو سندس ڳوٺان (شاهه پنجو سلطان کان) اوچتو فون آيو. مختصر خوش خير عافيت بعد يڪدم چيائين ”يار هڪ ڪم ڪرڻو اٿئي.“ غلام محمد سومرو ڪاليج جي ڏينهن ۾ مون کان هڪ سال جونيئر هو. هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو ٿي ڪري (شاهه پنجو سلطان، ٻيٽو يا جهانگارا باجاره هاڻ کڻي ٽائون يا شهر ٿا سڏجن پر 1958-69 ۾ يعني اڄ کان 60 سال اڳ اهي ڳوٺ ته هئا) هو مئٿس ۾ بيحد هوشيار هو جنهن جو قدر ڪاليج جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس به ڪندو هو. ايتري قدر جو اسان جڏهن انٽر ۾ هئاسين ته پورٽ قاسم جو مرحوم انجنيئر خالد مخدوم ۽ آئون، لاگ ردم جا ڪيترا سوال غلام محمد کان ڪرائيندا هئاسين جيتوڻيڪ هو فرسٽ ييئر ۾ هو. غلام محمد سومرو جنهن کي ريلوي جي سرڪاري نوڪريءَ ۾ ”جي. ايم. سومرو“ سڏيو ويو ٿي ۽ اسان کيس پيار مان گُلو سڏيندا هئاسين پهريون سنڌي گولڊ ميڊلسٽ شاگرد آهي جنهن B.E انجنيئرنگ ۾ NED مان ٽاپ ڪيو. پاڻ هڪ نيڪ انسان، سٺو دوست ۽ ذهين ۽ ايماندار انجنيئر ٿي رهيو آهي. منهنجو هڪ سفرنامو ”وايون وڻجارن جو“ هن کي منسوب ٿيل آهي. سڄي عمر غلام محمد ڪڏهن ڪو ڪم نه چيو، ڪا تڪليف نه ڏني. هاڻ جڏهن 80 جي انگ ڏي وڌي رهيا آهيون خبر ناهي هو ڪنهن ڏوهٽي يا پوٽي جي شاديءَ جي دعوت لاءِ شاهه پنجو ٿو گهرائي، مون دل ۾ سوچيو.
”ڪر خبر گلو، ڪرڻ جهڙو هوندو ته ضرور ڪندس.“
”يار اسانجي هڪ همراهه سفرنامو لکيو آهي. ان جي پيش لفظ لکي ڏي.“
”سائين ضرور! اهو ڪم ضروري ڪري سگهندس.“ مون بنا سوچڻ جي جواب ڏنومانس.
ٻه ٽي مهينا اڳ ڪارڊيولاجسٽ (دل جي ماهر ڊاڪٽر) مختلف ٽيسٽ (اينجيو گرافي سميت) وٺي چيو ته دير ڪري آيو آهين يار! تبا اسپتال ۾ داخل ٿي تنهنجو علاج اوپن هارٽ سرجري ئي آهي. اتي جو سرجن جيڪو منهنجي لکڻين جو پرستار نڪري پيو تنهن ۽ سندس ساٿي ڊاڪٽرن تپاس بعد اهائي صلاح ڏني ته آپريشن ڪامياب ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن ان ڪري زندگيءَ جا باقي ڏينهن دوائن تي رهڻ بهتر آهي. هنن هوائي جهاز يا پاڻيءَ جي جهاز جون ڏاڪڻيون لهڻ چڙهڻ، ليڪچر ڏيڻ يا ٻي ان قسم جي Exertion کان پرهيز ڪرڻ لاءِ چيو.
مٿين ڊاڪٽرن مان هڪمونکي ٻئي ڏينهن فون ڪري چيو ته ”توهان بيماري ۽ پرهيز جو ٻڌي پريشان ته ٿي ويا هوندائو؟“
”ٿي سگهي ٿو ٿوري دير لاءِ ٿيو هجان،“ وراڻيومانس، ”پر غمگين نه آهيان. مون کي جي لکڻ پڙهڻ کان منع ڪيو ها ته پوءِ آئون پريشان ٿي وڃان ها. ڇو جو هڪ عادي نشئي وانگر لکڻ پڙهڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهان.“
سو غلام محمد کي پَڪ ڏنم ته ”انشاءَالله ضرور لکندس. توهان لکڻ واري کي چئو ته پنهنجو ڪمپوز ٿيل سفر نامو مون کي اِي ميل ڪري ڇڏي.“
”سائين هو پاڻ توهان وٽ کڻي ايندو.“ غلام محمد چيو ”اها تڪليف ڀلي نه ڪري. ڇو جو ڪراچيءَ ۾ ڪنهن جو گهر ڳولڻ وڏي تڪليف آهي. ٻيو ته منهنجي سمهڻ ۽ جاڳڻ جا روز ٿا ٽائيم بدلجن. سو ائين نه ٿئي جو آئون ستل هجان ۽ فون آف هجي.” مون غلام محمد کي حقيقت کان آگاهه ڪيو.
”تون فڪر ئي نه ڪر.“ غلام محمد چيو، ”ننڍو آهي، پاڻ کان به 20 سال کن - گهر ڳولهڻ ۾ ٿوري تڪليف ٿيس ته مڙيئي خير آهي.“
ڪجهه ڏينهن بعد سفرنامي جي ليکڪ پير حمادالله خياريءَ سان ملاقات ٿي. هو ڪمپوز ٿيل سندس سفرنامو منهنجي حوالي ڪري ويو. فون بند ڪرڻ کان اڳ منهنجي دوست غلام محمد سومري حمادالله صاحب (ليکڪ) لاءِ اهو ٻڌايو هو ته هو خياري درگاهه جو گادي نشين پير آهي. اهو ٻڌي ۽ پير حمادالله جي وڏي ڏاڙهي ۽ اڇي رنگ جي پوشاڪ ۽ ٽوپي ۽ ڳالهائڻ جي اخلاق کي پَسي پڪ ٿي ته هي سفرنامو جيڪو سائين منهنجي حوالي ڪري ويو آهي اهو پڪ عربستان جو هوندو، عراق ۽ شام جو هوندو يا وري ايران ۽ انڊيا جي اجمير (معين الدين چشتي، دهلي (نظام الدين اولياءَ)، سري ننگر (درگاهه حضرت بال)، ممبئي (درگاه حاجي علي) شهرن جو هوندو. يعني خبرداريءَ سان لفظن جي چونڊ ڪرڻي پوندي. پير صاحب ته انگريزيءَ کان واقف نه هوندو جو انگلينڊ يا يورپ هليو ويو هجي. يا ملائيشيا ۽ سنگاپور مان ٿي آيو هجي ۽ اتي جو سفرنامو لکيو هجيس.
پر پوءِ آرام سان ويهي حمادالله پير صاحب جو سفرنامو پڙهيم ته حيرت ٿي ته هي اسان جي روايتي خليفن، پيرن، گادي نشينن کان بلڪل نرالو آهي. هن کي نه فقط انگريزي اچي ٿو پر هن ته انگريزي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس ڪئي آهي سا به انهن ڏينهن ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ وارا: مئڊم خالده فاروقي، قلندر شاهه لڪياري، محمد حسن بودلو زرداري ۽ اسدالله لاڙڪ جهڙا قابل پروفيسر هئا جن جا پڙهايل شاگرد ڊاڪٽر فريده پنهور جهڙا اڄ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهن. عبدالعزيز مگسي، اقبال مگسي ۽ ڊاڪٽر رفيق ميمڻ جهڙا حمادالله جا ڪلاس ميٽ وڏين پوسٽن تي آهن. مون پئي سوچيو ته اسانجو هي پير صاحب ليکڪ انگريزي نه اچڻ ڪري انگلينڊ، آمريڪا يا يورپ نه ويو هوندو پر هاڻ اهو سوچي رهيو آهيان ته جنهن دور ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ MA ڪئي، هي ته چاهي ها ته انگلينڊ جي ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ انگريزي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي ها. آخر يورپ، انگلينڊ آمريڪا کان ايرن، ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائي جي تعليمي درسگاهن ۾ اسانجا پاڪستاني ۽ انڊين ئي ته انگريزي پڙهائي رهيا آهن.
پير حماد جي لکڻ جي اسٽائيل ۽ ٻوليءَ مان يڪدم سمجهي ويس ته هيءَ ڪا سندس پهرين لکڻي نه آهي. کيس لکڻ جي ڏات به آهي ته ڏانءُ به. فون ڪري پڇڻ ته معلوم ٿيو ته هي ڪو سندس پهريون ڪتاب ناهي. پاڻ عرصي کان مختلف اخبارن ۾ لکندو اچي ۽ ”ڄامشوري جو الوداعي ڀاڪر“ 570 کن صفحن جو سندس پهريون ڪتاب ته بيحد مشهور ٿيو هو.
ان کان اڳ، مون کي ان ڳالهه جي به حيرت ٿي ته هي سفرنامو رڳو يورپ جي ڏاکڻن ملڪن (فرانس، اٽلي، اسپين) جو ناهي جيڏانهن هر ڪو ڀڳو بيٺو آهي پر هي اسڪينڊينيوين ملڪن يعني يورپ جي اتراهن ملڪن (قطبي ملڪن) جو آهي. اسان ناروي، سئيڊن جهڙن ملڪن کي قطبي ملڪ ان ڪري ٿا چئون جو انهن جا اتراهان ڇيڙا (جيئن اسان جو چترال، گلگت، اسڪردو اسان جي ملڪ جي اتر ۾ آهن) تيئن هي ملڪَ اتر قطب کان سڏ پنڌ تي آهن. ”آرڪٽڪ سرڪل“ کان مٿي هجڻ ڪري اتي ڪجهه مهينن لاءِ لڳاتار ڏينهن ۽ ڪجهه مهينن لاءِ لڳاتار رات رهي ٿي.
هر مسافر جو ڪنهن ملڪ ڏي روانو ٿيڻ جو پنهنجو مقصد هوندو آهي. اسان جو ٽنڊو محمد خان جو يار مير مشتاق علي ٽالپر سوڊان ۽ تنزانيا جهڙن آفريڪي ملڪن ڏي وڏن جانورن جي شڪار لاءِ پيو ويندو آهي، پير جهنڊي ڳوٺ جو عبيد راشدي ٻارن سان ملڻ لاءِ دنيا جي ٻي ڪنڊ شڪاگو ۽ لاس اينجلس کان وڃي نڪرندو آهي، ڪي شاپنگ لاءِ سنگاپور ۽ دبئيءَ کان وڃي نڪرندا آهن. ڪي قدرتي نظارا ۽ دنيا جي ترقي ڏسڻ لاءِ ملائيشيا ۽ جپان هليا ويندا آهن. ڪي شراب ۽ شباب لاءِ مساج پارلرن کان مشهور ملڪ ٿائلينڊ پهچي ويندا آهن. ڪي تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ ايران ۽ انڊيا روانا ٿيندا آهن. پر اسانجي هن اديب پير حمادالله جو هن سفر مان مقصد بيحد نرالو ۽ تعجب خيز آهي. هُن ههڙي ڏکي سفر جون صعوبتون ۽ خرچ فقط ان شوق لاءِ ڪيا ته هو ان منزل تائين پهچي جتي دنيا دنگ ٿي ڪري. جتي دنيا جو آخري ڳوٺ ۽ ماڻهو ڇيڻو نظر اچي ٿو. ان لاءِ هن ناروي ملڪ جو ميگرويا (Megeroya) ٻيٽ انتخاب ڪيو جيڪو ٻيٽ ناروي جي بلڪل اتر ۾ ۽ آهن ۽ ان ٻيٽ جي به بلڪل اتر ۾ آخري ڳوٺ اسڪارس ويگ (Skarsvag) آهي. ان بعد ڪو ڳوٺ ناهي. بس 14 ڪلوميٽر اڳتي، جبل جي چوٽي (Plateau) تي هڪ هال ٺهيل آهي جتي هڪ ننڍڙي ڪيفي آهي، پوسٽ آفيس آهي، يادگار سوکڙيون (Souvenir) خريد ڪرڻ جو هڪ دڪان، ميوزيم ۽ وڊيو شاپ آهي. سياح هتي پهچي سامهون ”بئرنٽس سمنڊ“ جو نظارو ڪن ٿا ۽ آڌيءَ رات جو سڄ کي ڏسن ٿا. هيءَ جاءِ نارٿ ڪيپ سڏجي ٿي جتي اسان جو ليکڪ حمادالله پهتو. هڪ عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ لاءِ هتي لکندو هلان ته ناروي ۽ سئيڊن جي اتر ۾ هي بئرنٽس سمنڊ آهي. اهو آرڪٽڪ وڏي سمنڊ (Arctic Ocean) جو هڪ ننڍڙو حصو آهي جيئن اسان جي ملڪ پاڪستان جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آهي جيڪو هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جو هڪ ننڍڙو حصو آهي. بئرنٽس سمنڊ وانگر عربي سمنڊ به ننڍڙو ننڍڙو پر ايڏو وڏو آهي جو پسني گوادر کان ممبئي سريلنڪا تائين هلي ٿو ۽ هندي وڏي سمنڊ جو ڇوليون هڪ طرف آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري کي ڇُهن ٿيون ته ٻئي طرف بنگلاديش، برما (ميانمار) ۽ انڊونيشيا تائين پهچن ٿيون. آرڪٽڪ وڏو سمنڊ (اوشن) دنيا جي وڏن سمنڊن مان هڪ آهي جيڪو دنيا جي مٿاهين (اتر قطب واري) حصي ۾ ڦهليل آهي ۽ سندس وڏو حصو سڄو سال ڄميل رهي ٿو.
نارٿ ڪيپ جو اتر وارو بئرنٽس سمنڊ کاٻي پاسي (يعني اولهه ۾) نارويجن سمنڊ سان ملي ٿو جيڪو وري اتر ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ (Ocean) جو هڪ حصو آهي. اسان جڏهن به جهاز کي هاڪاري ناروي وٺي ايندا آهيون ته ڪراچيءَ مان نڪري پهرين آفريڪا جي هيٺين حصي ڪيپ آف گڊ هوپ“ ڏي رخ ڪندا آهيون جنهن تائين (يعني ڪراچيءَ کان ڪيپ ٽائون/ ڪيپ آف گڊ هوپ تائين) هندي وڏو سمنڊ آهي. ان بعد ”ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ“ جو ڏاکڻو حصو شروع ٿئي ٿو جيڪو وٺي اسان اتر طرف ويندا آهيون. خط استوا (Equator) جي خيالي ليڪ تائين پهچي ان بعد مٿي اتر ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي اڳتي هلندا وڃون ٿا تان جو اتر ائٽلائنٽڪ اوشن جي اتراهين حصي ”نارويجن سمنڊ“ ۾ پهچون ٿا جنهن ۾ اسٽئونجر، برگن، اليسنڊ، بودو ٽرنڍهام جهڙا ناروي جا بندرگاهه آهن. اسان ڪراچيءَ مان اڪثر ڪڻڪ ۽ چانور ۽ ڍورن جي کاڌي جو سامان گوار، گاهه کڻي ٽرنڍهام جهڙن بندرگاهن ۾ ويندا هئاسين جو ناروي پاسي تمام گهڻي ٿڌ هجڻ ڪري پوک بنهه نه برابر ٿئي ٿي.
سئينڊن ۾تعليم دوران فيلڊ ورڪ جي سلسلي ۾ اسان کي پاڻي واري جهاز ۾ نارويجن سمنڊ مان وٺي بئرنٽس سمنڊ ۾ وٺي ايندا هئا جيڪو نارٿ ڪيپ جي چوٽيءَ تان اتر طرف نظر اچي ٿو. نارٿ ڪيپ (North Cape) دراصل انگريزي نالو آهي. مقامي ٻولي (نارويجن) ۾ ان کي Nordkapp سڏين ٿا. پير حمادالله کي شاباس هجي جو نارٿ ڪيپ پهچڻ جي شوق ۾ هن هيڏو اڻانگو سفر ڪيو ۽ يورپ جا مختلف ملڪ لتاڙي پنهنجي منزل تي پهتو. سو به اڪيلي سر! ٻيو ڪو مڃي يا نه مڃي پر اسانجا اهي ماڻهو جييڪي سئيڊن يا ناروي جي اتراهن شهرن ۾ رهيا آهن انهن کي احساس هوندو ته حمادالله وڏي دل گردي جو ماڻهو آهي جنهن هي سفر ڪيو آهي. هي اهي ملڪ آهن جن ۾ سياحن کي سخت سيءَ کان علاوه ٻوليءَ جو به مسئلو ٿئي. ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سُئيڊن ۾ سندن ئي ٻولي هلي ٿي. انهن ٽنهي ملڪن جون ٻوليون: نارويجئن، ڊئنش ۽ سئيڊش جيتوڻيڪ الڳ الڳ ٻوليون آهن پر اهي سنڌي ۽ سرائيڪي يا پنجابي ۽ سرائيڪي وانگر ايترو ملن ٿيون جو ڪو ناروي جو همراهه نارويجين ۾ ڳالهائي ٿو ته سندس ڊئنمارڪ ۽ سُئيڊن جا دوست سمجهيو وڃن ۽ هو جواب پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏين ٿا. سو اهڙي حالت ۾ انهن ملڪن جا ماڻهو اسان وانگر انگريزي ڳالهائڻ جي پرئڪٽس ڇو ڪن؟ انهن ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويندڙ اسانجي شاگردن کي کڻي تڪليف نٿي ٿئي جو اهي انهن يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا جتي انگريزيءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو پر اسان جي سياح کي وڏي تڪليف ٿئي ٿي. حمادالله جي سفرنامي ۾ به ڏسندائون ته هن کي ڪنهن کاڌي پيتي جي شيءِ معلوم ڪرڻ لاءِ يا هوٽل جو ڏَسُ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪيڏي دقت ٿي آهي. اڃان به ٻه ٽي ساٿي آهن ته کل خوشيءَ ۾ وقت گذريو وڃي ۽ هڪ ٻئي جو ڏڍُ ٿئي ٿو. اڪيلو ماڻهو اهڙي پرديس ۾ پريشان ٿيو وڃي ۽ سوچي ٿو ته پئسو ۽ وقت وڃائي هتي ڇو آيس. پر حمادالله پختو پهه ڪيو ته هن کي ضرور ان منزل تي پهچڻو آهي – جتي دنيا ختم ٿئي ٿي.
سفر جو مزو تڏهن آهي جڏهن موسم خوشگوار هجي. اسان جيئن جيئن دنيا جي گولي جي وچئين ليڪ خط استوا (Equator) کان مٿي يعني اتر ڏي وڃون ٿا تيئن تيئن ٿڌ وڌندي رهي ٿي ۽ هڪ اهڙو هنڌ اچي ٿو جيڪو ويڪرائي ڦاڪ ”آرڪٽڪ سرڪل“ سڏجي ٿو جنهن کي ٽپڻ بعد الله امان! سيءُ هڪ طرف ته ڊگها ڏينهن رات ٻئي طرف اونهاري ۾ ٿڌ جو پَدُ منفي (ڪاٽو) رهي ٿو. اونهاري ۾ سج ٽي ٽي مهينا لڳاتار اُڀريل رهي ٿو پر اهو چوٽ چڙهڻ بدران افق وٽ ئي ڦرندو رهي ٿو. ڪڪرن، برف بارين ۽ تيز لڳندڙ هوائن ڪري اونهاري ۾ به ٿڌ کان انسان جو جسم ڄڻ ته ڪَپجي ٿو. سُئيڊن توڙي ناروي جي شهرن جا بس اسٽاپ جيتوڻيڪ ٽن طرفان کان ڍڪيل ٿين ٿا پر ان هوندي به قانون مطابق بس کي ڏهن منٽن اندر اچڻو پوي ٿو جو اهڙي ٿڌ ۾ ڏهن منٽن کان وڌيڪ بنا هيٽر جي بس اسٽاپ تي انتظار ڪرڻ عذاب ٿيو پوي. يعني اهو حال مالمو (جتان مون تعليم حاصل ڪئي)، هيلسنڪي، اوسلو ۽ اسٽاڪهوم جهڙن شهرن جو آهي جيڪي ويڪرائي ڦاڪ 60 کن ڊگرين تي آهن اتي نارٿ ڪيپ جي ڀروارن شهرن هوننگس ويگ، هئمرفيسٽ، اسڪارس ويگ جيڪي اتر قطب جي بلڪل ويجهو آهن اتي ٿڌ جي ڇا حالت هوندي! نارٿ ڪيپ تان موٽي پير حماد رات هوننگس وئگ جي هوٽل ۾ ٿو اچي گذاري هي ننڍڙو ڳوٺ جنهن جي آدمشمار 60 ماڻهو مس آهن نارٿ ڪيپ کان 33 ڪلوميٽر آهي پر سياحن لاءِ ايئر پورٽ آهي جتان روز شام جو اوسلو ڏي اڏام وڃي ٿي جنهن ذريعي ٻئي ڏينهن حماد کي اوسلو موٽڻو هو. ايئرپورٽ جيتوڻيڪ پنجن منٽن جي پنڌ تي آهي پر جيئن ڊپ ٿيندو آهي ته متان اڏام نه نڪري وڃي حماد اڌ ڪلاڪ اڳ ٽئڪسي گهرائي. هوٽل جي رسيپشنسٽ ڇوڪريءَ کيس سمجهايو ته ايڏو جلدي نه وڃ. حماد جڏهن ايئرپورٽ تي پهتو ته ايئرپورٽ ۾ اندر داخل ٿيڻ جو دروازو اڃان نه کليو هو ۽ حماد جيڪي ويهه منٽ کن کلئي آسمان هيٺان گذاريا ان جو هن جيڪو احوال لکيو آهي اهو بلڪل صحيح آهي ته سخت سيءُ ۽ ٿڌي هوا جي سيسراٽ ۽ سامونڊي پکين جي ڪيڪن کان علاوه ڪنهن بني بشر جو آواز نه پئي آيو. هتي اهو لکندو هلان ته هن پاسي هڪ ته سمنڊن ۾ مڇي جام هجڻ ڪري سامونڊي پکي (قسمين قسمين Sea gull) جام ٿين ٿا. ان کان علاوه زميني پکي به جام نظر اچن ٿا. لکن جي حساب سان اهي ننڍين ننڍين ٽڪرين (پهاڙين) کي چهٽيا پيا هوندا جن جي سوراخن ۾ سندن ماديون آنن تي ويٺل ٿين. ان قسم جو احوال آئون پنهنجي اسڪئنڊينيوين ملڪن جي ڪنهن سفرنامي، شايد ”جت برف پوي ٿي جام“ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان.
سو يارو! هن پاسي جي ملڪن جي ٿڌ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! بس ائين سمجهو ته ناروي يا سئيڊن جي ڪنهن ڇوڪريءَ کي جون يا جولاءِ جي مهيني ۾ جيڪب آباد يا گهوٽڪيءَ موڪلجي. سفر جو خرچ ڏيڻ تي به هوءَ شايد نه وڃي ۽ هتي پير حماد پنهنجي خرچ تي هيءَ مهم سرانجام ڏني.
ليکڪ جي همت کي ان ڳالهه جو به داد ڏيان ٿو جو هن هي سڄو پروگرام نه رڳو اڳواٽ (گهر کان نڪرڻ کان اڳ) پختو ڪيو پر انهن جاين (شهرن، ڳوٺن) جا نالا به ياد رکيا. خاص ڪري ناروي پاسي جي شهرن جا نالا، انهن جي ٻوليءَ وانگر اچارڻ ۽ ياد رکڻ ڏاڍا ڏکيا آهن جيئن ته: Megeroya ٻيٽ جنهن تي Nordkapp (نارٿ ڪيپ) دنيا جو ڇيڙو آهي. ڀر وارو هڪ ٻيو ڇيڙو Knivskjelladden (جتي ماڻهو يا گهر ناهن) رات رهڻ لاءِ ڀر وارو ڳوٺ Skarsvag (جيڪو نارٿ ڪيپ کان 14 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي) يا Honningsvag جيڪو نارٿ ڪيپ کان 33 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ اوسلوا ايندي رستي تي Hammerfest شهر ۾ هوائي جهاز ترسي ٿو جيڪو نارٿ ڪيپ کان 205 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. اچارڻ ڪو سولو ڪم ناهي پر مسافر لاءِ مجبورن ياد رکڻ ضروري ٿيو پون. مقامي ماڻهن لاءِ ته اهڙا ڏکيا نالا کير ڀت آهن. جيئن اسان لاءِ پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جا .... پر تصور ڪريو يورپ جي ماڻهن لاءِ ڍينگاڻو بوزدار، کسياڻي موري ڪڙيو گهنور، ميرواهه گورچاڻي، يا گاجي کهاوڙ اچارڻ ۽ ياد رکڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي.
بهرحال اسانجي ليکڪ پير حماد شاهه هڪ ڏکيو سفر طئي ڪري اسان لاءِ ان جو دلچسپ احوال مهيا ڪيو آهي. پير حماد جي هن سفر کي ڏکيو ان ڪري ٿو چوان جو ان جا سبب آهن. پڙهندڙ شايد اهو به چون ته ان کان به گهڻا ۽ وڏا سفر آفريڪا جي گرم ملڪن کان يورپ جي ٿڌن ملڪن تائين مون به ته ڪيا آهن. پر سچ پڇو ته انهن ۾ تڪليف، مونجهارو ۽ پريشاني نه هوندي هئي جيڪا حماد الله جي هن سفر ۾ آهي. مون وانگر جيڪي سفر ڪن ٿا ان ۾ رهائش جو فڪر نٿو رهي. جهاز ساڻ آهي جنهن تي رهائش ۽ کاڌي پيتي جي سهوليت آهي. اڪيلائي ناهي. ڪنهن بندرگاهه ۾ گم ٿي وڃڻ تي اسان کان وڌيڪ جهازران ڪمپنيءَ کي فڪر ٿئي ٿو جو جيسين سڀ ماڻهو نه پهچن جهاز بندرگاهه کان ٻاهر نڪري نٿو سگهي. بيماري يا حادثي جي صورت ۾ ڪمپنيءَ طرفان انشورنس هجڻ ڪري ڇهه مهينا به اسپتال ۾ داخل رهي سگهجي ٿو ۽ خرچ پکو جهاز وارن جي مٿي تي هجي ٿو. اسپين جي ٻيٽ لاس پاماس ۾ مونکي نمونيا ٿي پيئي ته جهازران ڪمپنيءَ طرفان مون کي اتي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ مون پاران ٻئي انجنيئر جو بندوبست ڪري جهاز تي رکي، جهاز کي اڳتي روانو ڪيو ويو. هفتي ٻن بعد جڏهن صحيح ٿيس ته ان ٻيٽ تي موجود اسانجي آفيس وارن، هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڏئي انگلينڊ جي بندرگاهه ڊنڊيءَ موڪليو جتي ايئرپورٽ تان ان بندرگاهه جي آفيس واري مون کي ايئرپرٽ تان پنهنجي جهاز تي پهچايو. پر هڪ سياح کي هر شيءِ جو خيال پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. ماني ٽڪيءَ کان وٺي رهائش ڳولڻ ۽ ان جي خرچ جو بندوبست ڪرڻ. هو هر وقت ان خوف ۾ رهي ٿو ته خدا نه خواسته بيمار ٿي پوي يا هن جو ڪو پير به مڙي پوي ته هو پرديس ۾ ڇا ڪندو؟ وري به جنهن سفر ۾ ٽي چار ڄڻا گڏ آهن ته انهن جي دل بهادر رهي ٿي، هن سفر ۾ پير حماد الله آخر تائين اڪيلو آهي. اوسلو، اسٽاڪهوم يا ٻين هڪ ٻن شهرن ۾ سندس واقفڪار دوست عبدالله مورائي ۽ قادر بخش جتوئي جهڙا آهن جيڪي فون تي هن کي ٿوري گهڻي گائيڊ ڪن ٿا پر سندن اها مدد فقط اخلاقي آهي. يورپ جهڙي پرديس ۾ اها به غنيمت ئي سمجهڻ کپي ۽ حمادالله حاضر دماغ لڳي ٿو جو يڪدم انهن جي ڳالهه سمجهيو وڃي ۽ ڪجهه عقل جي ڊوڙ ڪري صحيح هنڌ تي پهچيو وڃي. پڙهندڙ ليکڪ جي انهن دوستن بابت ضرور وڌيڪ ڄاڻ رکڻ چاهيندا هوندا. منهنجو انهن ملڪن سان واسطو هجڻ ڪري جن هم وطنين کان واقف آهيان انهن مان اهي ٻه دلچسپ شخصيتون به آهن جن مان هڪ عبدالله سومرو مورائي جي لکڻين کان ڪيترائي واقف هوندا جو هو گذريل ٻن سالن کان عبرت اخبار ۾ پرديس جو دلچسپ احوال لکندو اچي.
عبدالله سومرو (قلمي نالو عبدالله مورائي) موري شهر جي هڪ واپاري محمد عثمان سومري صاحب جو فرزند گذريل ڏهاڪو کن سالن کان سئيڊن ۾ رهي ٿو. پاڻ پهرين مئي 1978ع تي مورو ۾ جنم ورتو ۽ اتان ئي مئٽرڪ ۽ 1995ع ۾ انٽر ڪئي. ان بعد ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ 2000ع ۾ B.E ائگريڪلچر انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد نوشهروفيروز ۽ موري جهڙن شهرن ۾ 2008 تائين واٽر مئنيجمينٽ ۾ ڪم ڪيو. ان بعد اسڪالر شپ ملڻ تي سئيڊن هليو آيو ۽ اسٽاڪهوم جي رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مان ”واٽر سسٽم ٽيڪنالاجي“ ۾ 2013 ۾ ME ڪئي. عبدالله ٻين به مختلف سبجيڪٽن ۾ مختلف تعليم حاصل ڪئي جيئن ته اسٽاڪهوم يونيورسٽي مان Management، يونان مان Water Management in Time and Space، اسڪاٽلينڊ جي ڊنڊي يونيورسٽي مان Water Law وغيره وغيره. هاڻ هو سئيڊن جي گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم ۾ رهي ٿو ۽ اتي ئي نوڪري ڪري ٿو. اسان جي ليکڪ پير حمادالله جو ساڻس سڄي سفر ۾ رابطو رهيو ۽ عبدالله سومرو ۽ سندس سنڌي ۽ سئيڊش دوست حماد جي ڪافي رهنمائي ڪندا رهيا.
هن سفر ۾ پير حمادالله جي جنهن ٻئي دوست گهڻي مدد ۽ رهنمائي ڪئي آهي- زباني ئي صحيح، اهو اسٽاڪهوم سئڊن ۾ ٽيهارو کن سالن کان رهندڙ قادر بخش جتوئي آهي. پاڻ پهرين فيبروري 1953ع تي لاڙڪاڻي کان 9 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ”مٺو جتوئيءَ“ ۾ محمد پريل جتوئي صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو.
ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڦاهيءَ بعد جنرل ضياءَ جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ ڪافي بي چيني رهي ۽ سنڌ جا شاگرد، سياستدان ۽ ٻيا احتجاج ڪندا رهيا جن کي خاموش ڪرڻ لاءِ هنن کي جيلن ۾ وڌو ويو. قادر بخش سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ ماسٽرس ڪري رهيو هو ته هن کي به 1978ع ۾ حيدرآباد ۽ ان بعد سکر جيل ۾ رکيو ويو. 1981ع ۾ جيڪو الذوالفقار ناليتنظيم طرفان جنهن PIA هوائي جهاز جي هاءِ جئڪنگ جو قصو ٿيو هو ۽ جنهن جي بدلي ۾ ڪجهه قيدي جيلن مان آزاد ڪري افغانستان موڪليا ويا هئا انهن ۾ قادر بخش به هڪ هو.
قادر بخش جتوئيءَ ٻڌايو ته هنن کي پاڪستان کان پهرين شام پهچايو ويو هو، جتان پوءِ هو افغانستان اچي رهيا. افغانستان جو حالتون صحيح نه هجڻ ڪري هو اڍائي سالن بعد 1983ع ۾ بلغاريا هليو آيو. جتي جي صوفيا يونيورسٽيءَ ۾ اسڪالر ملڻ تي هن MA ۽ Ph.D ڪئي. ڏٺو وڃي ته بلغاريا کڻي يورپ جو ملڪ آهي پر اتي جون حالتون ڪي خوشحال نه آهن. جتي پنهنجن لاءِ ئي ڪو پورو پنو آهي اتي ٻين ملڪن کان پناهه وٺڻ لاءِ آيل ڇا حاصل ڪري سگهن ٿا. ايتري قدر جو تعليم جي آخري سال ۾ بلغاريا وارن قادربخش جي اسڪالر به بند ڪري ڇڏي. موقعو ملڻ تي هو سئيڊن هليو آيو. هيءَ سال 1990ع جي آخري مهينن جي ڳالهه آهي. قادر بخش کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏيڻ کان اڳ سئيڊن جي حڪومت هن کي سئيڊن جي اتراهين شهر ڪيرونا ۾ 3 مهينا کن رکيو جتي جي ٿڌ ۽ اڪيلائي وڏن وڏن پهلوانن کي به توبهه ڪرايو ڇڏي ۽ ٻئي ملڪ جي شهريت (پاسپورٽ) حاصل ڪرڻ جو شوق اڏاميو وڃي. پر قادر بخش لاءِ پنهنجي ملڪ موٽڻ ۾ به خطرو هو جو هن ٻڌو ته سندس ساٿي جيڪي پرديس کان تنگ ٿي وطن موٽيا ته هنن کي مختلف طريقن سان سختيون ڏنيون ويون. بهرحال 3 مهينا ڪرونا ۾ رهڻ بعد هن کي سئينڊن جو پاسپورٽ ڏنو ويو جنهن بعد هو سال کن سنڊس وال (Sunds vall) شهر ۾ رهيو ان بعد هن کي اسٽاڪهوم ۾ نوڪري ملي وئي. اڄڪلهه هو 64 سالن جو آهي ۽ سئيڊن ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري ٿو. پاڻ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ جيلن، پرديس ۽ دربدر جي زندگي گذاري اٿس ان ڪري هن کي هر ڏکويل ۽ پريشان انسان جو احساس ٿئي ٿو ۽ ٻئي جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو. نه ته ڏٺو وڃي ته ولايت ۾ هرڪو اهڙو مشغول آهي جو هن کي پنهنجا به ياد نٿا اچن سو جتوئي ۽ سومري جهڙا نيڪ انسان پرديس ۾ رحمت جا فرشتا ئي سمجهيا وڃن ٿا. هنن جي رهنمائي ۽ پير حمادالله جي پنهنجي همٿ، شوق ۽ جذبي کيس دنيا جي آخري ڇيڙي واري ڳوٺ تائين پهچايو. منهنجي خيال ۾ جتي انوشڪا پهرين سنڌي ڇوڪري آهي جيڪا اتر قطب ۾ پهتي اتي پير حمادالله پهريون سنڌي آهي جيڪو هن اتراهين ڳوٺ نارٿ ڪيپ (اسڪارس ويگ) پهتو.
انوشڪا (Anoushka) اسانجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪلاس ميٽ مرحوم محمد رفيع ڪاڇيلو جي ڌيءَ آهي. رفيع ڪوٽ غلام محمد جي ڪاڇييلو فروٽ فارم کان مشهور رهيو آهي ۽ انبن جو شهنشاهه (King of Manges) مڃيو وڃي ٿو. سندس جرمن زال مان ٻه ٻار ٿيا انوشڪا ۽ فيصل. پُٽ فيصل اباڻي ڌنڌي - انبن جي پوک سان وابسته آهي، انوشڪا لنڊن ۾ وڪيل آهي پر سندس مشهوري اتر قطب جي آخري ڇيڙي تي 24 سالن جي ننڍي عمر ۾ پهچڻ ڪري آهي. پاڻ پهرين پاڪستاني عورت آهي جيڪا منفي 22 ڊگرين ٿڌ ۾ برف سان ڍڪيل ميدانن تان هلي. هُن 50 ميلن جو هي سفر 8 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو. هن کي 55 ڪلو وزني سامان جي ريڙهي (Sledge) به ڇڪڻي پئي ٿي. هن هي ڪارنامو 24 اپريل 2004 تي سرانجام ڏنو. هن ٻڌايو ته هوءَ روزانو 12 ڪلاڪ ٿڌي برف تان ٿڌي هوا ۾ هلندي هئي. اتر قطب ۾ پهچڻ تي هن پاڻ سان آندل پاڪستاني جهنڊو کوڙيو. انوشڪا ٻڌايو ته هِن مهم جوئيءَ کي شروع ڪرڻ کان اڳ هُن ڪيترا ئي مهينا هن سفر جي پرئڪٽس ڪئي جنهن ۾ هن کي روزانو ميلن جا ميل هلڻو پيو ٿي.
مٿي سائين قادر بخش جي ڪهاڻيءَ ۾ سئيڊن جي شهر ڪرونا (Kriuna) جو ذڪر ڪيو اٿم جتي هن کي پهرين رکيو ويو هو. سئيڊن جي اتر ۾ هجڻ ڪري اتي ظالم قسم جي ٿڌ ٿئي ٿي جنهن بابت اسان جي ايشيا يا آفريڪا جا ماڻهو سوچي به نٿا سگهن. سئيڊن جي اتر واري صوبي لئپلئنڊ (Lapland) جي هن شهر جي آدم شماري 18000 ماڻهو آهن. اسان سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺندا هئاسين ته سياري ۾ سيءَ ۽ ٿڌين هوائن جي شڪايت ڪندا هئاسين ته اونهاري ڊگهن روزن جي ڇو جو اونهاري ۾ اتي ڏينهن سورهن سترهن ڪلاڪن جو ٿيندو هو. اسان جون ڳالهيون ٻڌي اسان جا هم وطن جيڪي سئينڊن جي اتراهن شهرن ۾ رهيا ٿي اهي اسان کي دلداري ڏيندا هئا ۽ چونڊ هئا ته ”توهان خوش نصيب آهيو. توهان ڪڏهن ڪِرونَا يا لُوولِيو (Lulea) شهرن جي رهاڪن جو به سوچيو جن کي 22 ڪلاڪن جو روزو رکڻو پوي ٿو جتي ٿڌ جو پَڌُ اونهاري ۾ به منفي رهي ٿو؟“
لُووُليو (Luvleo) شهر سمنڊ جي ڪناري تي، ڪِرونا شهر کان ڪجهه (ٻه ڊگريون کن) هيٺ 66 ڊگرين ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ۽ ڪِرونا 68 ڊگرين تي. دنيا جي گولي تي هڪ ڊگري معنيٰ 60 منٽ ۽ هڪ منٽ معنيٰ هڪ ناٽيڪل ميل جيڪو اسان جي زميني ميل کان ٿورو وڏو ٿئي ٿو. ٿلهي ليکي سمجهو ته هڪ هڪ ناٽيڪل ميل معنيٰ ڏيڍ ڪلوميٽر. سو سمجهو ته لووليو کان ڪِرونا ڏيڍ سئوڪلوميٽر مٿي اتر ۾ آهي. اسٽاڪهوم 60 کن ڊگرين تي آهي ۽ اسان وارو مالمو Malmo شهر 56 ڊگرين تي آهي ۽ جڏهن اسان جو ئي هيڻو حال ٿي رهيو ته انهن سان ڇا ويڌن هوندي جيڪي ڪِرونا ۽ لووليو ۾ رهيا ٿي. خاص ڪري اسانجي سنڌ ملڪ جا ماڻهو جيڪي لوڊشيڊنگ ڪري اونهاري جي ٽاڪ منجهند ۾ به بنا پکي جي گذارو ڪن ٿا. منهنجي خيال ۾ هينئر به نوشهروفيروز جو هڪ نوجوان پروفيسر رياض حسين ڀنڀرو لووليو ۾ پنج سال رهي اتي جي لووليا يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجيءَ مان ڊاڪٽوريٽ ڪري موٽيو آهي ۽ ان کان ڪجهه سال اڳ نواب شاهه جي قائد عوام يونيورسٽيءَ جو هڪ ٻيو پروفيسر ڊاڪٽر آچر زرداري پنج ڇهه سال اتي رهي ان ساڳي يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي هئي.
پروفيسر آچر زرداري سنڌ جي مشهور سرندو نواز شخصيت علي شير زرداريءَ جو فرزند آهي. پروفيسر صاحب جا وڏا روزگار خاطر جيتوڻيڪ پنهنجو اباڻو ڌنڌو کيتي ٻاري ڪندا هئا پر هو سرندو وڄائڻ جا به ماهر هئا. پروفيسر صاحب جو ڏاڏو پير بخش زرداري به سرندو وڄائڻ کان مشهور آهي. جيئن سندن ڀرواري ڳوٺ جو مٺو خان زرداري مٽ/ دلو وڄائڻ جو ماهر هو يعني گهڙا نواز هو. چون ٿا ته گهڙا نواز/ مٽڪا نواز خميسو خان جمالي به هن جو شاگرد هو. سندس فرزند ڊاڪٽر انور زرداري جيڪو لنڊن ۾ آرٿو پيڊڪ سرجن آهي اهو به ننڍپڻ کان دلو وڄائڻ جو ماهر آهي. مون کيس تڏهن به ٻڌو هو جڏهن لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻ LUMS) ۾ هو ٿرڊييئر ۾ هو ۽ النفيس (يا شايد السينا) نالي هاسٽل ۾ رهيو ٿي. ويجهڙائيءَ ۾ سندس مٽڪي وڄائڻ جي وڊيو ڏاڍي وائرل ٿي هئي.... هو ڪمپليٽ سوٽ ۾ پٽ تي ويهي دلو وڄائي رهيو هو.
اسان واري پروفيسر آچر زرداري صاحب قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ گلڻ زرداريءَ ۾ 17 جنوري 1978ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ گلڻ زرداريءَ مان وٺڻ بعد نائين ڪلاس تائين بچل پور ۾ پڙهيو ۽ پوءِ مئٽرڪ ۽ انٽر نواب شاهه مان ڪئي ۽ 1997ع ۾ قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. 2002ع ۾ سِول انجنيئرنگ ۾ BE ڪرڻ بعد هن ٽي سال کن حيدرآباد جي تعميراتي ڪمپنين ۾ نوڪري ڪئي ان بعد پوڻا ٻه سال کن سترهين گريڊ ۾ ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪيو جنهن چونڊ ۾ هن ٽاپ ڪيو هو. هونءَ به پڙهائي جي معاملي ۾ آچر زرداري هميشه نمايان پوزيشن کڻندو رهيو آهي. ان بعد واپڊا ۾ جونيئر انجنيئر (سول) لاءِ چونڊن بعد هن ائگريڪلچر کاتي مان 6-2005ع ۾ استعيفا ڏني. ٻه ٽي سال هيءَ نئين نوڪري ڪيائين ته 2008ع ۾ قائدِ عوامي يونيورسٽيءَ طرفان کيس اعليٰ تعليم لاءِ سئيڊن جي هن يونيورسٽي Lulea University of Technology. موڪليو ويو. هو 2008 کان جون 2013 تائين هن يونيورسٽيءَ ۾ رهيو. سندس پي ايڇ ڊي جو سبجيڪٽ Geo Technical انجنيئرنگ هو. سئيڊن ۾ ساڻس گڏ فئملي به رهي ٿي. سندس زال ۽ ٻار اڄ به سٺي سئيڊش ٻولي ڳالهائين ٿا. تعليم بعد ڊاڪٽر آچر پنهنجي يونيورسٽي قائد عوام Join ڪئي جتي اڄڪلهه هو اسسٽنٽ پروفيسر آهي.
هونءَ اسانجو ليکڪ پير حمادالله سئيڊن جي مٿئين شهر ڪِرونا تائين وڃي ها ته سندس اهو سفر به حيرت جوڳو لڳي آهي پر ڳالهه اها آهي ته ڪرونا سئينڊن جو ڇيڙي وارو شهر ضرور آهي پر اتر قطب کي ويجهو ناروي جو ڳوٺ اسڪارس وئگ (Skars vag) ئي آهي جنهن کان اتر قطب وارو نقطو 2100 ڪلوميٽر آهي جتي اسان جي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ محمد رفيع ڪاڇيلو جي ڌيءَ انوشڪا پهچي پاڪستان جو جهنڊو لڳائي رڪارڊ قائم ڪيو. دنيا جي نقشي ۾ توهان ڏسندائون ته فنلئنڊ، سئيڊن ۽ ناروي دنيا جا اتراهان ملڪ آهن پر ناروي جو مٿيون حصو سئيڊن ۽ فنلئنڊ کان به مٿي هليو ٿو وڃي. ناروي جي ان اتراهين مٿاهين حصي جو آخر ۾ مئگرويا (Mageroya) ٻيٽ آهي جنهن جي اتر ۾ هي آخري شهر اسڪارس وئگ آهي جتان سڏ پنڌ تي اهو هال آهي جيڪو ”نارٿ ڪيپ“ ٿو سڏجي. اتي دنيا جو گولو به ٺهيل آهي جنهن جو حمادالله پنهنجي سفرنامي ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهو هنڌ اٽڪل 71 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) آهي. ان کان اڳيان سمنڊ شروع ٿئي ٿو جيڪو دنيا جي مٿاهين حصي کي وڪوڙي ٿو. اهو آرڪٽڪ سمنڊ سڏجي ٿو. ڪئناڊا جي اتر ۾ هليو وڃبو ته به ان آرڪٽڪ سمنڊ کان وڃي نڪربو. روس جي اتر ۾ هليو وڃبو ته به ان سمنڊ ۾ وڃي نڪربو جنهن جو وڏو حصو ته فريز (برف) ٿيل آهي ۽ ان برف جا وڏا حصا (Icebergs) باقي برف کان ڇڄي ڌار ٿي ڏکڻ ڏي گرم پاڻيءَ جا رخ ڪن ٿا. هڪ اهڙي ئي ترندڙ ڇپ (Iceberg) دنيا جي ان وقت جي طاقتور ۽ ماڊرن جهاز ٽائٽانڪ جي پاسي کي رهڙو ڏئي تباه ڪري ڇڏيو.
هتي اهو به لکندو هلان ته ناروي جي ان اتراهين ۽ آخري ڇيڙي واري ٻيٽ تي پهرين ته فيريءَ (پاڻيءَ جي مسافر جهاز) ذريعي پهچبو هو پر پوءِ 1999ع ۾ ناروي جي مين لئنڊ ۽ مئگرو يا ٻيٽ جي وچ ۾ سمنڊ (Magerosundet Strait) هيٺان سرنگهه (Tunnal) ٺهڻ تي هن ٻيٽ تي باءِ روڊ پهچي سگهجي ٿو. هيءَ زيرِ سمنڊ سرنگهه سمنڊ جي تري کان 212 ميٽر هيٺ ٺاهي وئي آهي جنهن جي ڊيگهه 7 ڪلوميٽر آهي. هيءَ سرنگهه پنهنجي وقت ۾ دنيا جي ڊگهي ۽ اونهي سرنگهه هئي. ان بعد جپان جي سرنگهه (Seikan Tunnal) ۽ هاڻ سئٽزرلئنڊ جي سرنگهه (Gotthard Base Tunnael) سڀ ۾ وڏي اٽڪل 15 ڪلوميٽر آهي.
بهرحال آهي هن سفر ۾ پير حمادالله اسان کي نه فقط دنيا جا اتراهان (قطبي) ملڪ ۽ انهن جا شهر گهمايا آهن پر يورپ جا ٻيا ملڪ ۽ شهر به گهمايا آهن، مثال طور لنڊن، برائيٽن، آڪسفورڊ (انگلينڊ)، بون، ڪولون ووپرتال، ڊسلڊورف (جرمني)، ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ)، مالمو، اسٽاڪهوم (سئيڊن)، ريگا (لئٽويا)، ٽالن (ايسٽونيا) هيلسنڪي (فنلئنڊ)، اوسلو ۽ آئيس لئنڊ جو به سير ڪرايو آهي. هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي (۽ پڪ اٿم ته لکندڙ جي ان خصوصيت ڪري هن جا سفرناما وڌيڪ پسند ڪيا وڃن ٿا) ته مولانا صاحب، يعني پير حمادالله جيڪي ڪجهه لکيو آهي اهو حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺي لکيو آهي. جتي هن کي گورن (انگريزن ۽ يورپين) جي ڪا ڳالهه موچاري لڳي آهي ته هنن جي تعريف به ڪئي آهي نه ته اسان جي گهڻن مسلمانن کي گورن جي هر ڳالهه ۾ وِڏون نظر اينديون آهن. هو اسانجي ملڪ جي خراب معاشي حالتن کان ڪريل اخلاق جو الزام به گهمائي ڦيرائي گورن (يعني مغرب) تي هڻندا آهن ۽ هنن کي يورپ جي هر ڳالهه ۾ Negativity نظر ايندي آهي. پر حمادالله هر سٺي ڳالهه کي سٺو ئي مڃيو آهي ۽ ان کي داد ڏيڻ ۾ ڪنجوسي نه ڪئي آهي جيئن انگريزي چوڻي آهي Give devil its due يعني شيطان جي به سٺي ڪم جي واکاڻ ڪجي. ان ڳالهه جا مثال توهان کي هن سفرنامي ۾ ڪيترائي ملندا. اسٽاڪهوم جي هڪ هوٽل ۾ اسان جو ليکڪ ماني کائي رهيو هو ته هوٽل جي ويٽريس کي احساس ٿيو ته ڇت واري هڪ دريءَ جو شيشو رڙهي وڃڻ ڪري اتان ٿڌي هوا اچي رهي آهي. هن يڪدم ڪرسيءَ تي چڙهي اها دري بند ڪئي. يورپي عورت جي ان عمل تي پير حماد لکي ٿو ته ”يورپ جي ماڻهن کي ڪا اهڙي تعليم ڏين ٿا جو دنيا ۾ پنهنجي آسپاس موجود هر شيءِ جو خيال رکن ٿا پوءِ ڀلي اهو انسان هجي، جانور، وڻ ٽڻ هجي، سمنڊ، درياءَ يا آثارِ قديمه جي ڪا جاءِ هجي – هو هر شيءِ جو خيال رکن ٿا.
آئيسلئنڊ جي هڪ هوٽل ۾ هن جڏهن ويٽر کان پڇيو ته مسلمان جي حيثيت ۾ هو ڪهڙيون ڪهڙيون شيون کائي سگهي ٿو ته ويٽر يڪدم ڪچن ۾ ويو ۽ بورچيءَ کي وٺي آيو جنهن اچي هن کي ٻڌايو ته فلاڻين فلاڻين شين ۾ چرٻي يا جلوٽن آهي ۽ فلاڻيون شيون هڪ مسلمان کائي سگهي ٿو. هن سفرنامي جو ليکڪ لکي ٿو ته... ”دل ۾ چيم ته بلي بلي! مسلمان ته هي آهن. اسان ڪٿي! ايڏي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ويٽر کي خبر نه هئي ته ڪچن مان بورچيءَ کي وٺي آيو. ٻئي طرف اسان جي ملڪ ۾ ڇا پيو ٿئي، تنهن جي اسان وٽ هاڻ هر ماڻهوءَ کي خبر آهي.
ناروي ويندڙ لاءِ منهنجي خواهش هوندي آهي ته هتان ويندڙ جيڪر شائسته عالماڻي سان به ملي ان جو احوال لکي. هن ڳوٺاڻي غريب ڇوڪريءَ جي ڌارئين ذات ۾ شادي ٿيڻ تي سنڌ ۾ وڏو وڳوڙ متو هو ۽ سندس ۽ سندس مڙس جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو هو. هيءَ خبر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪ ۾ عام ٿي وئي هئي ته هڪ نوجوان جوڙي کي پيار جو پرڻو ڪرڻ تان قتل ڪيو پيو وڃي. ڪيترن ئي ملڪن هن جوڙي کي پاڻ وٽ رهڻ جي اجازت ڏني. سنڌ جي گرم ڌرتيءَ جي هيءَ نياڻي اڄ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان ناروي جي برفاني ۽ ٿڌي ملڪ ۾ سڪون جي زندگي گذاري رهي آهي. ان کي به ڏهه سالن کان مٿي ٿي ويا آهن. مون ان بابت پنهنجي سفرنامي ”ڏيهه پرڏيهه جو سفر“ ۾ پڻ لکيو آهي.
پير حمادالله پنهنجي سفرنامي ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي نياڻي صنم نور جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا اعليٰ تعليم لاءِ ناروي مان رهي وئي آهي. صنم نور شڪارپور (همايون شريف) جي مرحوم نور احمد پيچوهو صاحب جي ڌيءَ آهي. هن 2001 ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشن (IR) ۾ ٿرڊ پوزيشن حاصل ڪئي. ان بعد ڇهه سال کن ”پاڪستان انسٽيٽيوٽ انٽرنيشنل افيئرس“ ۾ ريسرچ آفيسر ٿي رهي. بعد ۾ اسلام آباد ۾ آمريڪن سفارتخاني ۾ 2009ع کان 2014 تائين پوليٽيڪل اسپيشلسٽ ٿي رهي.
2014 ۾ صنم نور پيچوهو کي Human Rights Policy & Practice ۾ ماسٽر ڪرڻ لاءِ اراسمس مندس (Erasmus Mundas) اسڪالر شپ ملي. هي ٻن سالن جو ڊگري ڪورس هو جنهن مان پهريون سيمسٽر آگسٽ 2014 کان ڊسمبر تائين صنم کي سئيڊن جي گوٿنبرگ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻو پيو. ٻيو ڇهن مهينن جو سيمسٽر لنڊن جي Roehamppontion يونيورسٽيءَ مان، ٽي سيمسٽر لاءِ هن کي هتي ناروي اچڻو پيو ۽ ٽرومسو شهر جي آرڪٽڪ يونيورسٽي آف ناروي مان تعليم حاصل ڪرڻي پئي ۽ چوٿون سيمسٽر وري لنڊن جي يونيورسٽي مان جنوري 2016ع کان جون 2016ع تائين ڪرڻو پيو. سندس گرئجوئيشن اسپين جي بلبائو (Bilbao) يونيورسٽي ۾ ٿي هئي.
ناروي جو ٽرومسو (Tromso) شهر ڪافي اتر ۾ آهي اسانجو ليکڪ پير حمادالله دنيا جي آخري ڇيڙي نارٿ ڪيپ کي هٿ لاهڻ بعد ڀر واري شهر هوننگس وئگ تائين ته ٽئڪسيءَ ۾ آيو ان بعد اتان هوائي جهاز ذريعي هيمرفسٽ مان ٿيندو ٽرومسو پهتو ۽ ٻي اڏام ۾ اوسلو پهچي اتان پوءِ ريڪياويڪ (آئسلينڊ) آيو. ناروي جو شهر ٽرومسو کڻي نارٿ ڪيپ وانگر دنيا جي ڇيڙي تي ناهي ته به ڪافي اتر ۾ 69.5 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي يعني آرڪٽڪ سرڪل کان به 300 ڪلوميٽر مٿي آهي يعني هتي سال جو ڪجهه عرصو سياري ۾ لڳاتار رات ۽ اونهاري ۾ لڳاتار ڏينهن رهي ٿو. صنم پيچوهو آگسٽ کان ڊسمبر تائين ٽرومسو ۾ هئي جتي 21 نومبر کان 21 جنوري تائين ٻه مهينا سج بنهه نظر نه ايندو آهي. لڳاتار رات رهي ٿي. ان کان اڳ وارا مهينا سج نڪري ٿو پر تمام ٿوري وقت لاءِ يعني صنم کي اهو هڪ عجيب تجربو حاصل ٿيو هوندو ته هن سڄو سيمسٽر اهڙن مهينن ۾ ٽرومسو ۾ گذاريو جن جون راتيون ته اونداهيون هيون پر ڏينهن به. هر شيءِ واچ جي ڪانٽن کي ڏسي ڪئي وئي ٿي. ان جي ابتڙ وارو تجربو پير حماد کي ٿيو هوندو جو اونهاري ۾ وڃڻ ڪري لڳاتار ڏينهن رهيو ٿي آڌي رات جو (يعني 12 بجي) به اٿڻ تي سج نظر آيو ٿي. ان ڪري هن ڌرتيءَ کي Land of Midnight Sun به سڏجي ٿو.
مون کي پڪ آهي ته پير حمادالله جو هي سفرنامو پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ پاڻ ٻيا به گهڻيئي لکندو.