قرآن ۽ حجاب بابت رابن جا ويچار
رابن، ان سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته “اهو ڏاڍو مشڪل آهي ته ڪا هڪ يا ڪجهه آيتون چونڊي سگهجن. سچ ته اهو آهي ته مونکي ته اها به خبر ناهي ته توهان ائين ڪري سگهو ٿا. قرآن رب پاڪ جو ڪلام آهي. اهو بيحد پاڪ ۽ عظيم آهي. پر ڪي آيتون جيڪي منهنجي دل تي هميشه ترنديون رهن ٿيون، هن ريت آهن:
پوءِ هي ماڻهو قرآن مجيد کي سمجهڻ لاءِ عقل نٿا هلائين؟ يا (هيئن آهي ڇا ته) سندن دلين (۽ دماغن) تي ڪلف لڳي ويا آهن؟ (محمد ص 24:47)
جنهن به ماڻهوءَ سواءِ ان حالت جي جڏهن قصاص وٺڻو هجي يا ملڪ ۾ ڦرمار ۽ خونريزي ڪرڻ وارن کي سزا ڏيڻي هجي، ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي قتل ڪري وڌو تنهن ڄڻ ته سڀني انسانن جو خون ڪيو، ۽ جنهن به ٻئي ڪنهن جي حياتي بچائي تنهن ڄڻ ته سڀني ماڻهن کي حياتي ڏني (المائده: 5-32)
اي انسانو! مون اوهان کي هڪ ئي مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ توهان ۾ ذاتيون ۽ قبيلا ٺاهيا آهن سو رڳو هن لاءِ ته توهان هڪ ٻئي کي سڃاڻو. اوهان ۾ وڌيڪ عزت وارو الله جي نظر ۾ اهو آهي جيڪو تقوى ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي. بيشڪ الله تعالى سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀ ڪا خبر رکندڙ آهي (الحجرات 49-13)
“حجاب بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟ حجاب اوڍڻ سان توهان جي ذاتي زندگيءَ تي ڪو اثر ٿيو آهي؟”
رابن: “حجاب بابت مون وٽ ڪا خاطر خواهه ڄاڻ نه آهي. مون حجاب جو استعمال دير سان شروع ڪيو ۽ اڄ به آئون خاطريءَ سان مطمئن نه آهيان ته حجاب جو تعلق مذهب سان آهي. پر آئون ڏسان پئي ته ماڻهو ان کي مذهبي ضرورت سمجهن ٿا. اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ بعد، وڏي عرصي کان پوءِ مون حجاب جو استعمال شروع ڪيو. ان ڪري جو ڪجهه ته آئون مطمئن نه پئي ٿيس ته اهو ڪو ضروري آهي. اهو ان ڪري به نٿي استعمال ڪيم جو امان کي نٿي وڻيو. پر هاڻ جڏهن آئون والدين کان ڌار، پنهنجي زندگي گذاريان ٿي ته آئون گذريل سال کان حجاب جو لڳاتار استعمال ڪندي رهان ٿي.
“مون کي ان ڳالهه جي خوشي ٿئي ٿي ته حجاب اوڍڻ تي ماڻهو مونکي مسلمان سمجهن ٿا. آئون جي حجاب نه پهريان ته ڪو سوچي به نٿو سگهي ته هيءَ سونهري وارن ۽ نيرين اکين واري ڇوڪري مسلمان ٿي سگهي ٿي. مونکي پنهنجي مذهب تي فخر آهي ان ڪري آئون اهو ئي چاهينديس ته ماڻهن کي ڀلي خبر پوي ته آئون مسلمان آهيان. ڪڏهن ڪڏهن مون کي پريشاني به ٿئي ٿي، جڏهن مونکي منهنجا ماڻهو عجيب نظرن سان گهورين ٿا، ته مون هڪ ڌارئين مذهب کي ڇو قبول ڪيو، پر گهڻي ڀاڱي آئون پُرسڪون ۽ خوشي محسوس ڪريان ٿي ته مون اسلام جهڙو عالمي مذهب قبول ڪيو آهي، جنهن ۾ مونکي منهنجي هر سوال هر مونجهاري جو جواب ملي ٿو.
“جيستائين اسلام ۾ مردن ۽ عورتن جو هڪ ٻئي سان گهرائيءَ جو سوال آهي، آئون اهوئي چونديس ته مسلمان مرد توڙي عورت لاءِ ضروري آهي ته نه هو پاڻ کي ۽ نه ٻئي کي Sexual Object (جنسي ڪشش) جو سبب بڻائين. سنها، اڌ گابرا ۽ جسم سان چهٽيل ڪپڙا پائي مخالف جنس کي غلط راهه اختيار ڪرڻ جي دعوت نه ڏجي، منهنجي خيال ۾ حجاب جو هڪ مقصد اهو به آهي ته عورت پڙدي ۾ رهي. عورت کي Sexual Object بنائڻ بدران هن سان عزت سان پيش اچجي.”
“توهان کي اسلام جي ڪهڙي ڳالهه گهڻو متاثر ڪيو.”
رابن: “اسلام دراصل اهو مذهب آهي جنهن ۾ مون کي هر سوال جو جواب ملي ٿو. اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ مون کي اهو فرق لڳو ته اسلام اهو ٻڌائڻ کان علاوه ته ڪهڙي ڳالهه صحيح ۽ سٺي آهي اسلام ان کي ڪرڻ جو طريقو به ٻڌائي ٿو ته ان کي ڪيئن Implement ڪيو وڃي، جيئن ان ماڻهو ۽ سوسائٽيءَ لاءِ بهتر ثابت ٿئي. مثال جي ڳالهه هر مذهب اهوئي چوي ٿو ته چوري نه ڪريو. اسلام طريقو به ٻڌائي ٿو ته اها ڪيئن بند ڪري سگهو ٿا. مثال طور اسلام ۾ زڪوات جو سسٽم آهي. جيڪڏهن ملڪ جو هر ماڻهو ان تي عمل ڪري ته غربت آٽوميٽيڪلي ختم ٿي سگهي ٿي. ملڪ ۾ ڪوبه بک وگهي نه مرندو. ان بعد رب پاڪ سوره مائده جي 38هين آيت ۾ فرمائي ٿو ته: “۽ جيڪي چور هجن، مرد خواهه عورتون، تن جا هٿ وڍي ڇڏيو. اها هنن جي ڪيتي جي سزا آهي ۽ الله جي طرف کان عبرت جي نشاني آهي (جنهن کي ڏسي ٻيا چوري نه ڪندا) الله تعالى (سڀني تي) غالب ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.”
اسان وٽ مغرب ۾ جڏهن ٻڌن ٿا ته اسلام چوريءَ جي سزا هٿ ڪپڻ لاءِ چوي ٿو ته هنن کان رڙ نڪريو وڃي ته Chopping hand for robbery! هو سمجهن ٿا ته سعودي عرب ۾ هر ماڻهو ڪپيل هٿ سان پيو هلي. هرگز نه. سزا جي ڊپ کان هر ماڻهو ڏوهه ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو. سو آئون اهو چونديس ته Islam besides speaking good things shows you the way to achieve the state of goodness اهڙي طرح عورتن جي ڇيڙڇاڙ ۽ Rape جو مسئلو آهي. هر مذهب ان کي غلط ٿو سمجهي. اسلام حجاب ۽ پوشاڪ جا شرط ٿو رکي... عورت کي اهڙا ڪپڙا نه پائڻ کپن جن مان آرپار نظر اچي، جيڪي ٽائيٽ هجن يعني جسم تي چنبڙيل هجن، جن مان اوگهڙ ظاهر ٿئي يا اهي ڪپڙا جيڪي مخالف جنس ۾ ڪشش پيدا ڪن. ۽ عورت کي molest ڪرڻ جي اسلام ۾ سزا موت آهي، جنهن تي اسان جا ماڻهو حيرت ٿا کائين. پر توهان نتيجا ڏسو. آمريڪا يا اسان وٽ يورپ ۾ سخت سزا ناهي ته روزانو Rape جا ڪيترا ڪيس ٿين ٿا.
“مسلمان ٿيڻ بعد حلال کاڌي جو سئيڊن ۾ ڪو بندوبست ڌيان ۾ آهي؟”
رابن: “اڄ ڪلهه سئيڊن توڙي ناروي ۾ جتي ڪٿي مسلمان نظر اچن ٿا. ايشيا ۽ آفريڪا کان ته جيڪي لڏي آيا آهن انهن جا ته ڪيترائي حلال شين جا ننڍا ننڍا دڪان آهن. هنن ۾ ڪاسائي به آهن جيڪي حلال طريقي سان ٻڪري، رڍ يا ڍڳي ذبح ڪن ٿا. ان کان علاوه هر وڏي ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ هڪ ننڍڙو سيڪشن حلال کاڌي جو به آهي جتي تازو حلال ڪيل گوشت به آهي ته فروزن گوشت به آهي جيڪو ”حلال“ لفظ جي ٺپي سان موراڪو، ترڪي ۽ مصر جهڙن مسلمان ملڪن کان اچي ٿو. هتي سئيڊن ۾ ته هڪ تمام وڏو سلاٽر هائوس (مذبح خانو) به آهي جيڪو اسلامي طريقي سان جانور حلال ڪري ٿو ۽ انهن جو گوشت هن جي برانڊ نالي “Muslim Halal Kott” سان سڄي سئيڊن ۾ وڪامي ٿو. (سئيڊش ٻوليءَ ۾ Kott جي معنى ئي آهي “گوشت”)