انتساب: ڀٽ شاهه جي آپا ممتاز لاڙڪ نالي
مون ڏٺو آهي ته اهو ملڪ ۽ قومون جيڪي پنهنجيون غلطيون ۽ ڪمزوريون قبول ڪن ٿيون اهي ئي تڪڙي ترقي ڪن ٿيون. ملائيشيا جهڙو ملڪ جنهن ۾ رهندڙ ملئي ماڻهن جون ڪيتريون ڪمزوريون، خاص ڪري سستيءَ جهڙيون اسان جي ماڻهن سان ڪافي مليون ٿي. ملائيشيا ۾ مون کي ڏهه سال کن پڙهائڻ جو موقعو مليو. مون سان گڏ ٻين ملڪن جي جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن به هئا. ماهانه ي ميٽنگ ۾ اڪيڊمڪ ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن بعد هر دفعي اسانجو ملئي باس ڪمانڊنٽ اسان ڌارين کان پنهنجن ماڻهن ۽ شاگردن جي ڪمزورين جو پڇندو هو. اسان مهمان ٿي ميزبانن جي ڪيئن گلا ڪريون يا اهڙي ڳالهه ڪريون جنهن جي ٻڌڻ سان هنن کي ڏک ٿئي. پر پوءِ مون ڏٺو ته هن پهرين ميٽنگ ۾ ئي اسان تي ايڏو زور ڀريو جو اسان مان ڪن چئي ڏنو ته توهان جا ملئي (مسلمان) کائڻ مهل چشڪا ٿا ڏين يا چانهه پيئڻ مهل سرڙ سرڙ جو آواز ڪن ٿا..... توهان جا ملئي وڏا توڙي شاگرد باقي ملائيشيا جي ٻن قومن: چيني ۽ انڊين جي مقابلي ۾ سست آهن.... ويندي اهو به ته ملئي پنهنجي پگهار يا پاڪيٽ منيءَ مان پورت ڪرڻ بدران هٿ ڦاڙ آهن ۽ پوءِ ٻين کان اوڌر وٺي موٽائڻ کان آڱوٺو ڪڍن ٿا.... يا توهانجا ملئي نه سٺي انگريزي ڳالهائين ٿا ۽ نه ان لاءِ محنت ڪن ٿا.... وغيره وغيره.
مون ڏٺو ته اسانجو ڪمانڊنٽ دل ۾ ڪرڻ بدران، سندن ڪمزوريون ٻڌائڻ وارن ڌارين جا دل سان ٿورا مڃيندو رهيو ۽ پوءِ ملائيشيا ۾ ڏه سال رهڻ تي خبر پئي ته اهو سلسلو هتي جي هر ان اداري ۾ عام آهي جتي ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڪم ڪن ٿا ۽ انهن کان هو پنهنجيون ڪمزوريون معلوم ڪري اُهي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اڄ آئون ملائيشيا کي ٿو ڏسان ته جپان ۽ يورپ جهڙو ملڪ ٿي ويو آهي ۽ انهن جا سست ۽ “بي افعالا” ملئي به ڇا مان ڇا ٿي ويا آهن. هو هر فيلڊ ۾ نالو پيدا ڪري رهيا آهن. ويندي ڳوٺن ۽ جهنگلن جون رهواسي ڇوڪريون به ميڊيڪل، انجنيئرنگ، آءِ ٽي، شپنگ ۽ فوج ۾ وڏين پوسٽن تي پهچي ويون آهن. ان سان گڏ فضيلت، اخلاق ۽ Etiquette ۾ به هو هاڻ جپاني ڇوڪرين جو مقابلو ڪرڻ لڳيون آهن.
بهرحال اسان وٽ ٻيون ڪمزوريون پنهنجي جاءِ تي، هن وقت آئون “خود ترسي” يعني Self- Pity لاءِ ضرور چوندس ته اهو مرض اسان وٽ گهڻن ۾ آهي ۽ خود ترسي اهڙي شيءِ آهي جيڪا انسان جي اندر کي ئي جهوريو رکي ۽ هن کي اڳتي وڌڻ بدران ڀوريو ڇڏي. ڪنهن سچ چيو آهي ته:
Self- Pity lie to you about who you are and steals from you who you can be.
مون کان منهنجا پڙهندڙ شاگرد پنهنجي تعليم يا نوڪري بابت اڪثر صلاح مشورو پڇندا رهن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترا اهو ئي چوندا آهن ته “سائين اسان B.A ڪئي آهي ڪا نوڪري نٿي ملي ان ڪري جو اسان غريب آهيون.... يا اسان جو ڪو مائٽ مٽ وزير، مشير يا ايم پي اي، ايم اين اي ڪونهي” اسان وٽ واقعي ميرٽ ناهي. حاڪم پنهنجن کي ورسائين ٿا پر سوال آهي ته اڄ به اعليٰ تعليم يافته نوجوان نوڪريون حاصل ڪريو وڃن - ويندي اهي اوڏ، ڀيل، مينگهواڙ جن جو ڪو مائٽ تپيدار ۽ داروغو به نه آهي. ٻي ڳالهه ته سرڪاري نوڪرين جي ته ٻين ملڪن ۾ به کوٽ آهي ۽ نوجوان تعليم علم ۽ ڄاڻ خاطر حاصل ڪن ٿا. هو روزگار لاءِ ڪو هنر ئي سکن ٿا. مون ڪيترن اهڙن انٽر ۽ بي اي پاس وارن کي جڏهن صلاح ڏني ته هو سانگهڙ، کپرو، ٽنڊو آدم يا شهدادپور جهڙن شهرن ۾ رهي ڪري، اتي ڇو نٿا ڪو ڪارمڪينڪ، ويلڊنگ، پلمبنگ، اليڪٽرڪ يا واڍڪو ڌنڌو سکن؟ ته هو ماڳهين دل ۾ ڪرڻ لڳا ته اسانجي خاندان ۾ اسان پهريان آهيون جن تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ توهان اسان کي واڍو، ويلڊر، مستري ٿيڻ جي صلاح ٿا ڏيو. سوال آهي ته ويندي سرڪاري آفيسري به مزوري آهي ۽ هڪ حق حلال جي روزي ڪمائڻ وارو واڍو، رازو هڪ رشوت خور ۽ صحيح ڊيوٽي نه ڪرڻ واري ڊاڪٽر ۽ ڪاموري کان بهتر آهي. پر ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي عجيب سوچ آهي!
ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن پڙهائڻ بعد منهنجي پوسٽنگ ڪراچيءَ ۾ ٿي ته اتي امتحانن جي ڏينهن ۾ مون وٽ هڪ شاگرد آيو ته “سائين مهرباني ڪري مون کي پاس ڪريو”.
“خير ۾؟” مون حيرت مان پڇيومانس.
“سائين آئون غريب آهيان”. هن وراڻيو.
مون هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيڪڏهن تنهنجي ڪلاس جا شاگرد لاهور گهمڻ وڃي رهيا آهن ۽ تون چئين ته تون غريب آهين ته توکي ڪجهه پئسا ڏيڻ کپن. هتي ته امير توڙي غريب شاگرد ساڳين ڪمرن ۾ رهن ٿا، ساڳي ماني کائين ٿا، ساڳيا ڪلاس اٽينڊ ڪن ٿا ۽ ساڳيو يونيفارم پائين ٿا. پوءِ تون ڇو نٿو ڌيان سان ليڪچر ٻڌين ۽ هاسٽل ۾ ڇو نٿو چڱي طرح پڙهين. بلڪه غريب هجڻ ڪري توکي ته وڌيڪ غيرت اچڻ کپي ۽ وڌيڪ محنت ڪرڻ کپي. بنا معلومات ۽ ڄاڻ جي ڪنهن کي به پاس ڪري جهاز هلائڻ لاءِ موڪلڻ معنيٰ جهاز ۽ جهاز تي ٻين سوار جهازرانن ۽ مسافرن کي ٻوڙڻ ٿيو.
بهرحال هي هڪ مثال ڏنو اٿم. اهڙا مثال توهان کي به ڪيترائي نظر ايندا. خاص ڪري اسان جا ماڻهو غربت جو روئڻ روئي همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندا. ڳالهه اها آهي ته جيڪي محنتي ۽ همت وارا آهن اهي ڏکين حالتن ۾ به چڙهي وڃيو پار پون. ان جا ڪيترائي مثال ملندا. ڪٿي پيرن، ميرن، وڏيرن جا پٽ سئو سکن هوندي به تعليم حاصل ڪرڻ بدران لوفر ٿي پيا هلندا. ڪٿي معمولي ماسترن، ڪلارڪن ۽ گهٽ پگهار وارن - جن جو حال “آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا” وارو هوندو، انهن جا ٻار محنت ڪري ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتا. منهنجا ناناڻا حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ رهيا ٿي. هو سڄي محلي ۾ امير ترين ماڻهو هئا پر افسوس جو انهن کي شايد تعليم جي اهميت جو احساس نه رهيو ۽ هنن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري نه سگهيا جيئن اڄڪلهه اسان جي ڪيترن پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن، ڀوتار جي ٻارن جو حال آهي ۽ اسان جي ناني جي ئي پاڙي ۾ رهندڙ چاچي يعقوب ميمڻ کي ڏسو جيڪو هڪ ماستر ماڻهو هو. وڏي عيال گهٽ پگهار وارو پر هن ڏکين حالتن هوندي به پنهنجي ٻارن سراج ميمڻ ۽ فهميده حسين کان مصباح الحق ۽ انيسا ميمڻ ۽ ٻين ٻارن کي نه رڳو اعليٰ تعليم ڏياري پر اخلاق جي زيور سان به نوازيو. اهڙي طرح ٽنڊوڄام جي چاچي اسماعيل ميمڻ پنهنجن سڀني ٻارن منان، غفران، سلام کان سبحان رخسانا ۽ ٻين کي اعليٰ تعليم يافته بڻايو. ساڳي پاڙي ۾ چاچي امداد صديقي جهڙو به مثالي ماڻهو هو جنهن پنهنجي ڏهن ئي ٻارن کي ادا مظهر صديقي ۽ ڊاڪٽر قمر کان آپا سلطانا صديقي ۽ جهانگير صديقي تائين اعليٰ تعليم يافته بنائي ڇڏيائين. اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن جا مثال آئون پنهنجي سفرنامن ۾ ڏيندو رهان ٿو جن ڏکين حالتن جي باوجود، خود ترسيءَ کان ڪم وٺڻ بدران همت، محنت، جذبي ۽ الله تي ڀروسو رکي پنهنجن ٻارن کي تعليم ذريعي اعليٰ عهدن تي پهچائي ڇڏيو. هنن ڪڏهن به پنهنجي غربت يا ٻين تڪليفن جو روئڻ نه رنو يا يتيم هجڻ جو احساس ڏياري همدردي حاصل نه ڪئي. هنن احساس خود ترسي Self- Pity کي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿي سمجهيو. ڊيل ڪارنگيءَ جي چوڻي آهي ته:
Self-Pity is our worst enemy and if we yield to it, we can never do anything good in the world.
غربت جو بهانو ڪندڙ ڪيترن مردن کي هميشه ٽنڊو آدم جي هڪ شخص سائين قبول ساند جو مثال ڏيندو آهيان ته توهان جون خراب حالتون هونديون پر تڏهن به قبول ساند جهڙيون ته نه هونديون .... ۽ عورتن کي ڀٽ شاهه جي آپا ممتاز لاڙڪ جو ڏيندو آهيان ته هن عورت جنهن همت جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي گهر کي هڪ منزل تي پهچائڻ لاءِ سڄي عمر جدوجهد ڪئي ان مان اتساهه (Inspiration) حاصل ڪرڻ کپي.
سائين قبول ساند ۽ انهن جي ٻارن جو احوال آئون ملائيشيا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن هڪ شخص روزگار خاطر ۽ پنهنجي خواهش جي پورائي لاءِ ته منهنجا ٻار پڙهيل ڳڙهيل ٿين سالن جا سال سخت پورهيو ڪيو. هو اڏيري لعل جي ڀرسان ڳوٺ هاشم سانڌ ۾ رهيو ٿي جتان ڪاٺيون ۽ انهن مان ڪوئلو ٺاهي ميلن جا ميل پنڌ ڪري ٽنڊو آدم ريلوي اسٽيشن وٽ جامع مسجد اڳيان وڪرو ڪيو ٿي. واپسي تي ٻه سير اٽو، کنڊ، چانهه جي پتي مٿي تي رکي رات جو اڍائي ميل پنڌ ڪري پنهنجي ڳوٺ هاشم ساند پنهنجي ٻچن وٽ پهتو ٿي. هن ٽيهارو سال اهو پورهيو ڪيو ۽ سندس چئن پٽن مان ٽي انجنيئر ۽ هڪ ڊينٽل سرجن ٿيو ۽ هن جي ٻارن به پيءُ وانگر محنتون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. منهنجي هن فئملي بابت ڄاڻ سڃاڻ تڏهن ٿي جڏهن ملائيشيا ۾ مون کي ٻڌايو ويو ته اسان جي ملڪ جي هڪ انجنيئر عبدالله سانڌ پي ايڇ ڊي ساڍن ٽن سالن جي رڪارڊ وقت ۾ مڪمل ڪئي آهي. ڪجهه سالن بعد سندس هڪ ٻئي ڀاءَ ڊاڪٽر عبدالستار سانڌ به انجنيئرنگ ۾ Ph.D. ملائيشيا مان اچي ڪئي. هو ٻئي ۽ ٽيون ڀاءُ انجنيئر خدا بخش سانڌ نواب شاهه جي انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهن ۽ عبدالوقار ڏندن جو ڊاڪٽر آهي. ڊاڪٽر عبدالستار سانڌ ليکڪ به آهي ۽ سندس ملائيشيا مان لکيل چوڻين (Quotations) جي انگريزي ڪتاب “With Deep Sense of Inspiration” تي مهاڳ لکڻ جو موقعو مون کي ڏنو ويو هو.
بهرحال هتي جيئن ته هي ڪتاب آئون آپا ممتاز لاڙڪ، جهڙي هڪ عظيم ۽ منهنجي پاڙي جي ڳوٺ ڀٽ شاهه جي رهواسڻ کي منسوب ڪري رهيو آهيان ان ڪري هتي هن جي زندگيءَ بابت ٻه چار سٽون لکندس، جيئن هن جي زندگي، هن جي جدوجهد، هن جي محنت ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ مان اڄ جون عورتون Motivation حاصل ڪري سگهن ۽ آپا ممتاز وانگر پنهنجي ڪٽنب ۽ اولاد جي بقا ۽ تربيت لاءِ هن جي مثال کي فالو ڪري سگهن .... هو پنهنجي اولاد کي نه فقط اعليٰ تعليم پر اخلاق جهڙي جوهر سان به مالامال ڪري سگهن. آپا ممتاز لاڙڪ پاڻ ته سڄي عمر ٻاهر نه نڪتي پر مون هن کان اڳ فقط ڪجهه انگريز عورتن بابت پڙهيو هو جن ان Magnitude جي ڏکين حالتن ۾ خود ترسي (Self- Pity) بدران محنت ۽ جدوجهد سان ڪاميابيءَ جي منزل حاصل ڪري ورتي. آپا ممتاز لاڙڪ وانگر هنن جو به اهوئي چوڻ هو ته:
Self- Pity is the enemy of progress.
يعني خود ترسي هميشه ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿي. انسان کي الله تي ڀروسو ڪرڻ کپي، هن کي الله جي رحمتن مان نااميد نه ٿيڻ کپي ۽ نه ئي دل شڪستو ٿيڻ کپي. اسلام اسان کي اهائي تلقين ڪري ٿو ته پاڻ کي بدنصيب يا نڀاڳو سمجهڻ بدران انهن ماڻهن کي ڏسڻ کپي جن کي اسانجهڙا به سک ۽ سهولتون نه آهن. ان ڪري آئون هتي آپا ممتاز لاڙڪ جهڙي عظيم عورت بابت لکي رهيو آهيان جيئن منهنجي سنڌ جون اهي عورتون جن کي سوين سک هجڻ جي باوجود هنن کي هر وقت شڪايت رهي ٿي ته هو ڏکيون آهن، هنن کي هيءَ به پريشاني آهي ته هوءَ به پريشاني.... ته اهڙين عورتن کي کپي ته هو آپا ممتاز جي ڪهاڻيءَ مان اتساهه حاصل ڪري پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جو پاڻ ۾ جذبو پيدا ڪن. هنن کي چوڌاري نظر ڦيرڻ تي نه فقط آپا ممتاز لاڙڪ پر ٻيون به اهڙيون انيڪ عورتون ملي وينديون جن مشڪلاتن سان جنگ جوٽي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ هو ٻين لاءِ مثالي عورتون بڻيون.
ائين ته مون کي پنهنجي مرحومه ڏاڏي به ياد ٿي اچي جنهن پنهنجي اڪيلي پٽ (يعني منهنجي والد) کي نپائڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ وسئون نه گهٽايو. هن جا ڏک به ڪي گهٽ ڏک نه هئا. هن جو مڙس يعني منهنجو ڏاڏو ننڍي عمر ۾ گذاري ويو جڏهن منهنجو پيءُ ٻئي درجي ۾ هو ۽ ان بعد سگهو ئي هن جو ننڍو پٽ (يعني منهنجو چاچو) گذاري ويو. هوءَ پڙهيل ڳڙهيل صفا نه هئي. ڳوٺ ۾ انگريزي پڙهڻ جو رجحان صفا نه هو بلڪه ان وقت جا مولوي اها ئي فتوا ڏيندا رهيا ته انگريزن جي جاري ڪيل تعليم حاصل ڪرڻ ڪفر آهي. اهڙين حالتن ۾ اسان جي ڏاڏِي جيڪڏهن منهنجي والد کي نه پڙهائي ها ته ان تي ڪا ميار نه اچي ها. غربت هئي ۽ ٻين به نٿي پڙهايو. پر مون کي منهنجي ڏاڏيءَ جي عزم ۽ همت تي حيرت ٿي ٿئي جو هن ٿوري گهڻي بچت ۽ ڀرت مان هن جي نيپاج ۽ پڙهائي جي خرچ جو بندوبست ڪيو ۽ هو هالا جي ٽن ڇوڪرن مان هڪ ٿيو جن سڀ کان اڳ مئٽرڪ ڪئي. مڙس ۽ هڪ پٽ جي وڇڙي وڃڻ جي باوجود هن باقي اڪيلي پٽ کي وڌيڪ تعليم لاءِ پوني (مهاراشٽرا) ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc. ڪرڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو جنهن تي گهڻو خرچ ٿيڻ تي منهنجي والد هڪ ويلو کائي به ماءُ جي خواهش يعني تعليم مڪمل ڪئي ۽ پوزيشن حاصل ڪئي. سوچيان ٿو ته منهنجي ڏاڏيءَ ۾ اهڙي همت ڪيئن آئي! هوءَ غربت ۽ ڪانڌ جي نه هجڻ جو روئڻ روئي ويهي رهي ها ۽ منهنجو والد به پڙهائي جي ڏکئي ڪم بدران ننڍپڻ گهٽين ۾ رلندي خوش ٿئي ها. پر اسان جي ڏاڏيءَ خود ترسي (Self- Pity) جهڙي شيءِ کي خراب سمجهيو هوندو ۽ هن جي نظرن ۾ آپا ممتاز لاڙڪ جهڙي ڪا عورت ضرور هوندي جنهن جا ڏک ۽ غم پاڻ کان وڌيڪ ڏسي هن پاڻ کي وري به خوش نصيب سمجهو هوندو ۽ الله جا شڪر ادا ڪيا هوندا. هونءَ به تڪليف ۽ ڏک ۾ انهن کي ڏسجي جيڪي اسان کان وڌيڪ تڪليف ۾ آهن، جيڪي اسان کان گهٽ Fortunate آهن. انهن ڏي هرگز نظر نه ڪجي جيڪي اسان کان بهتر آهن، امير آهن، عياشيءَ جي زندگي گذارين ٿا.
سامونڊي زندگيءَ جي شروع جي ڏينهن ۾ خليجِ بنگال، Bay of Biscay يا ڪيپ آف گڊ هوپ جهڙن خراب سمنڊن تان لنگهندي منهنجي حالت خراب ٿي ويندي هئي. مايوسي سان گڏ خود ترسي جو شڪار ٿي پيس ته آئون وڏي ظلم ۾ آهيان. هر وقت اهو چاهيندو هوس ته ٻيا مون سان همدردي ڪن پر منهنجا سينيئر صبح توڙي شام، جهاز هلائڻ جي ٽائيم تي مون کي دڙڪا ڏئي انجڻ روم ۾ وٺي هلندا هئا. ڊيوٽي بعد ڪمري ۾ اچي بستر تي ليٽي اهو سوچيندو هوس ته منهنجا ڪلاس ميٽ جيڪي هوائي جهازن جا پائليٽ يا فلائيٽ انجنيئر ٿيا اهي ڪراچي کان نيويارڪ 24 ڪلاڪن ۾ پهچيو وڃن، اسان ان سفر لاءِ مهينو مهينو سمنڊ تي پيا لوڙهيون. شل نه ڪو سمنڊ تي هوائي جهاز اڏامندو نظر اچي. آلي ڀولي شڪل ٺاهي ان ڏي ڏسندو هوس .... ڄڻ جهاز جو پائليٽ مون کي ڏسي رهيو هجي ۽ هو منهنجو غم محسوس ڪري مون کي جهاز جي ڊيڪ تان ڀڄائي ويندو ۽ مون کي هن بدنصيب زندگيءَ کان، بقول منهنجي بنگالي ڪلاس ميٽن جي “مڪتي” ملندي.
پر ڏٺم ته مون کي نه ڪنهن هن زندگي کان بچايو ۽ نه مون سان همدردي ڪئي. پوءِ اوچتو طوفاني راتين ۽ سمنڊ جي ڇتين ڇولين ۾ جڏهن جهاز جي هيٺ مٿي ٿيڻ تي ڄڻ آنڊا ٿي وات ۾ آيا، پنهنجي چوڌاري پنهنجي جهاز کان ننڍن جهازن ۽ ڪاٺ جي ٻيڙين کي سَٽون کائيندو ڏسي مون کي يڪدم خيال آيو ته آخر انهن ۾ سوار به ته انسان آهن. آئون ته وري به خوش نصيب آهيان جو هڪ وڏي ۽ ماڊرن جهاز تي آهيان، جنهن کي سمنڊ جون ڇوليون، طوفاني هوائون ائين نٿيون ڦٿڪائين جيئن ٻين ننڍن جهازن ۽ ڪاٺ جي ٻيڙين کي. مون ڏٺو ته ائين سوچڻ سان آئون بهتر ٿيندو رهيس ۽ مون رب جا شڪر ادا ڪيا ۽ پوءِ همت ڪرڻ سان ۽ تڪليف ۾ به خوش رهڻ ڪري ٻين کي به وڻڻ لڳس ۽ ٻن ٽن سالن اندر سمنڊ تي ٿيندڙ ان Sea Sickness تي به حاوي ٿي ويس ۽ حاوي به اهڙو جو ڪو نئون آيل جهازي سي سڪنيس جي شڪايت ڪندو هو ته دڙڪو ڏئي چوندو هوسانس ته:
“There is nothing like sea sickness.
بيڊ تي سمهڻ بدران، سڌو ٿي هلي جهاز هلاءِ.“
بهرحال هتي پاڻ آپا ممتاز لاڙڪ جي غمن ۽ ڏکن جي ڳالهه ڪنداسين ته اهي غم به غمن جهڙا هئا. ڪي ڇوڪريون هونديون آهن جن جو ننڍپڻ مائٽن وٽ سکيو ۽ بي فڪري وارو گذرندو آهي. شاديءَ بعد هنن لاءِ ڏکيون حالتون پيدا ٿي پونديون آهن. پر آپا ممتاز جي زندگيءَ جو تجزيو ٿو ڪجي ته هن سڄي زندگي محنت، پورهئي ۽ جدوجهد ۾ گذاريو. گهر جي معاشي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هن تيرهن چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ پرائمري اسڪول ۾ پڙهائڻ جو جاب شروع ڪيو ته هوءَ 1989ع ۾ وفات تائين، پورهيو ڪندي رهي.
آپا ممتاز لاڙڪ 1947ع ۾ شڪارپور جي تعلقي خانپور جي “ڳوٺ رستم” ۾ محمد جعفر لاڙڪ جي گهر ۾ ڄائي سندس والده زيبل بروهي به اتي جي ئي هئي. انهن ڏينهن ۾ جڏهن ڇوڪرن کي ئي تعليم ڏيارڻ جو رجحان نه هو - خاص ڪري ڳوٺن ۾، اتي آپا ممتاز کي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو ۽ جتي هن جي ٻين ڀينرن چار پنج درجا مس پڙهيا اتي ممتاز ست درجا پڙهي سنڌي فائنل جو امتحان ڏنو. هي امتحان انگريزن جي ڏينهن کان هلندو آيو ٿي. اسان جي ڏينهن ۾ اسان جي پرائمري اسڪول جا ماستر توڙي هيڊ ماستر “فائنل” پاس هوندا هئا. هي امتحان ڪو آسان نه هوندو هو. سنڌي گرامر، مضمون نويسي، شاعري ۽ گهڻو ڪجهه ٻيو پڙهڻو پوندو هو ۽ فائنل امتحان ڏيڻ وارا پڙهائيءَ ۾ ڏينهن رات ائين مشغول هوندا هئا جيئن اڄڪلهه CSS جي امتحان وارن کي ڏسو ٿا.
آپا ممتاز پاڻ ۾ ٽي ڀينرون ۽ ٽي ڀائر هئا. هن جنهن سال سنڌي فائنل جو امتحان ڏنو ته هن جو والد محمد جعفر لاڙڪ گذاري ويو ۽ گهر هلائڻ جو سڄو بار هن جي والده تي اچي ويو. گهر جو خرچ هلائڻ لاءِ آپا ممتاز نوڪريءَ جو سوچيو ۽ سال ڏيڍ بعد، فائنل پاس جي آڌار تي هن کي پنهنجي ”ڳوٺ رستم“ جي پرائمري اسڪول ۾ ماستري ملي وئي ۽ هن جي درس تدريس جو سفر شروع ٿيو. سترهن سالن جي ڄمار ۾ ممتاز جي 1964ع ۾ ڀٽ شاهه جي عبدالرحمان لاڙڪ صاحب سان شادي ٿي پر آپا پنهنجي ڳوٺ رستم ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏني، جيڪا هن جي مجبوري به هئي جو سڀني ڀائر ڀينرن ۾ هن ئي نوڪري ڪئي ٿي ۽ هن پنهنجي ماءُ جي گذر سفر ۾ مدد ڪرڻ چاهي ٿي. سندس مڙس عبدالرحمان به ان معاملي ۾ ڪافي Supportive هو. هو پوليس کاتي ۾ هو، بعد ۾ هن سرڪاري نوڪري ڇڏي ڀٽ شاهه ۾ هڪ سيڌي جو هٽ کوليو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو. تيسين ممتاز به ڀٽ شاهه اچ وڃ ڪرڻ بدران 1980ع ۾ هميشه لاءِ ڀٽ شاهه اچي رهي ۽ ڀٽ شاهه جي گرلس اسڪول ۾ بدلي ڪرائي. کيس ٻه ٻار: وڏو ذوالفقار 1968ع ۾ ۽ ٻيو نمبر جاويد 1974ع ۾ ڳوٺ رستم (خانپور) ۾ ئي ٿيا. ٽيون ٻار، يعني سڀ ۾ ننڍو نويد 1982ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ٿيو.
آپا ممتاز جو ننڍو پٽ نويد چئن سالن جو هو ته 1986ع ۾ سندس والد يعني آپا ممتاز جو گهر وارو عبدالرحمان لاڙڪ گذاري ويو ۽ هڪ دفعو وري آپا ممتاز تي اڪيلي سر پنهنجن ننڍن ٻارن جي پڙهائڻ ۽ پالڻ جي جوابداري آئي. پر شاباس هجي هن باهمت ۽ بهادر عورت کي جنهن نه فقط پنهنجن ٻارن جي تعليم تي نظر رکي پر هنن کي سٺي اخلاق سان به مالا مال ڪيو. آئون سندس ٻارن جي ٻين جي واتان تعريف ٻڌي بيحد خوش ٿيندو آهيان ۽ پنهنجن پراون کي آپا ممتاز جو مثال ڏيندو آهيان. هينئر به ڪراچي يونيورسٽي ۽ ڪراچي جي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر دوران شاگردن کي آپا ممتاز ۽ انهن جي ٻارن جو مثال ڏنو ته هو جيتوڻيڪ ڳوٺ جي عام اسڪولن مان پڙهيا پر هن جي والده جي مٿن مستقل نظر (Monitoring) هجڻ ڪري هنن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ هو اعليٰ عهدن تي آهن.
ذوالفقار لاڙڪ 1984ع ۾ ڀٽ شاهه مان مئٽرڪ ۽ هالا جي سروري اسلاميه ڪاليج مان 1986ع ۾ انٽر ڪئي. ان بعد هن سنڌ يونيورسٽي مان MBA ڪئي ۽ ڪجهه عرصو بئنڪنگ سروس ۾ رهيو. ان بعد CSS جو امتحان ڏئي هو پوليس کاتي ۾ آيو. اڄڪلهه هو ڪراچيءَ ۾ ڊي آءِ جي آهي. آپا ممتاز جي ٻئي نمبر پٽ جاويد لاڙڪ به ڀٽ شاهه مان (1989ع ۾) مئٽرڪ ۽ 1991ع ۾ هالا مان انٽر ڪئي ان بعد مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي. هن پنهنجي سبجيڪٽ ۾ Ph.D. انگلنڊ جي يونيورسٽي آف ليڊس مان ڪئي. هو شروع کان پنهنجي والده جي پيشي درس و تدريس سان وابسته آهي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر آهي. ائين ته ڏٺو وڃي ته آپا جي وڏي پٽ ذوالفقار لاڙڪ به CSS جو امتحان ڏئي پوليس ۾ اچڻ کان اڳ ڪجهه عرصو ڀٽ شاهه جي ڀر واري ڳوٺ بائوديرو ۾ پڙهايو.
مون کي جڏهن پروفيسر جاويد لاڙڪ جنهن سان اسان جي مائٽي به ٿئي، پهريون دفعو ٻڌايو ته سندس والد ڀٽ شاهه جو ضرور آهي پر هنن جي والده ڀٽ شاهه جي نه پر هڪ ڏورانهين ڳوٺ “رستم ڳوٺ” (تعلقو خانپور، ضلع شڪارپور) جي آهي ته مون کي حيرت ٿي هئي ۽ مون کلندي چرچي طور چيس ته انهن ڏينهن ۾ نه فيس بڪ هو ۽ نه انٽرنيٽ پوءِ تنهنجي والدين جي ڄاڻ سڃاڻ ڪيئن ٿي. ان تي هن ٻڌايو ته هنن جو هڪ ئي لاڙڪ فيملي سان تعلق آهي ۽ هو پاڻ ۾ ڪزن هئا.
پروفيسر جاويد جي شادي منهنجي هڪ ڪزن هالا جي وڪيل بشير احمد ابڙو جي ڌيءَ ائني (اصل نالو: نائره Naira) سان 1998ع ۾ ٿي. ائني M.Ed. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ڀٽ شاهه جي گرلس اسڪول ۾ پڙهائي ٿي. ايني (نائره) جو والد ۽ نانو کڻي وڪيل آهن پر سندس سَسُ (آپا ممتاز) وانگر هن جي والده (مسز اقبال ابڙو) به درس تدريس جو ڪم ڪيو ۽ ٻه سال اڳ هيڊ مسٽريس جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿي آهي. جاويد جن کين چار ٻار آهن: وڏو پٽ وصي حيدر جيڪو مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ اليڪٽرڪ انجينئرنگ ۾ B.E ڪري رهيو آهي. هن سال سندن ٻيو نمبر ٻار ڌيءَ اِنسيا (Insia) به مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي آهي. هوءَ ڪمپيوٽر سائنس ۾ B.E ڪرڻ چاهي ٿي. سندن ٽيون ۽ چوٿون ٻار: وردا ۽ انيقا اسڪول ليول ۾ آهن. نائره ٻڌائي ٿي ته هن جي جڏهن شادي ٿي ته هن جي سَسُ آپا ممتاز جي وفات ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ کيس ڏسي نه سگهي هئي، پر کيس حيرت آهي ته اڄ به اوسي پاسي جون ڪيتريون ئي عورتون آپا ممتاز جو پڇائي اچن ٿيون ۽ هو ٻڌائين ٿيون ته آپا هڪ لاجواب عورت هئي جنهن پاڻ ڏکين حالتن ۾ هوندي به هميشه هنن جي مدد ڪئي ٿي.
آپا ممتاز جو ننڍو پٽ نويد 1982ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ڄائو 1997ع ۾ هن ڀٽ شاهه مان مئٽرڪ ڪئي. هالا جي ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان B.Sc. اليڪٽرانڪس ۽ ماسٽرس ايڪانامڪس ۾ ڪئي. جنهن بعد هن ڪجهه عرصو هالا جي سروري اسلاميه ڪاليج ۾ ٽيچنگ سان گڏ PCS جي امتحان جي به تياري ڪئي. PCS ۾ پاس ٿيڻ بعد هن جي پهرين پوسٽنگ اسسٽنٽ ڪمشنر مانجهند ۾ ٿي، ان بعد ميهڙ ۾ ۽ پوءِ سعيدآباد ۾ - جتي منهنجي ساڻس پهريون دفعو ملاقات ٿي جو اسانجون زمينون “گل فارم” نالي اتي سعيدآباد تعلقي ۾ ٻاروچي باغ ۽ ونجهيريءَ وٽ آهن.
مون کي ان ڳالهه جي به خوشي آهي ته ٽنهي ڀائرن جون شريڪ حيات جيتوڻيڪ سنڌ جي ڳوٺن جون آهن جتي اڄ به گهڻي تعليم حاصل ڪرڻ جو نه رجحان آهي ۽ نه سهولت، پر ان هوندي به هو بيحد پڙهيل ڳڙهيل آهن. ذوالفقار جي گهرواري مسز شهلا جيڪا حيدرآباد جي ڀر واري ڳوٺ ڀينڍو شريف (راهوڪي) جي آهي، سنڌ يونيورسٽي مان اردو ۾ ماسٽر ڊگري ڪئي آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ پڙهائي ٿي. ذوالفقار عمر ۾ نويد کان 14 سال کن وڏو آهي ۽ ان جا ٻار به باقي ڀائرن جي ٻارن کان وڏا آهن ۽ ماشاالله وڏو پٽ شهريار آغا خان يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريءَ جي تعليم مڪمل ڪرڻ وارو آهي ۽ باقي ٻارَ ڪاليج ليول تي آهن.
آپا ممتاز لاڙڪ جهڙي سنڌ جي مثالي عورت، جنهن کي پنهنجو هي ڪتاب منسوب ڪري جتي خوشي ٿو محسوس ڪريان اتي اهو به ڏک اٿم ته هوءَ چاليهه ٻائيتاليهه سالن جي ننڍي عمر ۾ گذاري وئي. ڪاش اڄ هوءَ حيات هجي ها ۽ پنهنجي پٽن ۽ پوٽاڻ کي ڏسي ها ته هنن تعليم ۾ نالو روشن ڪري هن کي فالو ڪيو آهي ۽ هنن اڄ جيڪي ڪجهه Achieve ڪيو آهي سو سفارش تي نه پر پنهنجي نج قابليت ۽ محنت (Merit) تي. اڄ جي نوجوانن توڙي والدين کي به آپا ممتاز لاڙڪ جهڙي هڪ مخلص، محنتياڻي ۽ مثالي عورت جي عزم، جذبي ۽ هر شيءِ مخالف هجڻ جي باوجود، رب پاڪ تي ڀروسو رکي ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري هن عورت کي فالو ڪرڻ کپي. اڄ جي مائرن کي مرحومه آپا ممتاز وانگر پنهنجي اولاد کي نه فقط تعليم ڏيڻ کپي پر هنن کي ديندار ۽ بااخلاق به بڻائڻ کپي.
الطاف شيخ
ڪراچي؛ 22 جنوري 2020