ناديا جي ڪهاڻي
پاڻ ننڍي کنڊ جي ايشيائي مهانڊي واري ڇوڪري ناديا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ٻڌايو ته هوءَ ٽرومسو شهر جي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهي آهي. ٽرومسو شهر آرڪٽڪ سرڪل کان چڱو مٿي آهي، جتي اونهاري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا سج لڳاتار اڀريل رهي ٿو ۽ سياري ۾ ايترو عرصو غائب رهي ٿو ۽ لڳاتار اونداهه رهي ٿي. هي اهوئي شهر آهي جتي سنڌ جي هڪ ڳوٺ جي ڇوڪري صنم نور پيچوهو پڻ پڙهي وئي هئي.
ناديا منهن مهانڊن مان ايشيائي ضرور لڳي ٿي پر پاڪستاني هرگز نه جو هوءَ بنگالي ۽ تامل ڇوڪرين وانگر سنهي هئي، پر بنگالي ۽ تاملن وانگر هوءَ ڪارسري نه هئي. رنگ ۾ صاف شامي يا ايراني لڳي رهي هئي جيتوڻيڪ انهن وانگر صحتمند نه هئي ۽ انهن جي انگريزي به مُڏي سُڏي رهي ٿي. بهرحال هڪ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڇوڪريءَ لاءِ ناروي جهڙي دنيا جي اتراهين ملڪ جي اتراهين شهر ۾ رهڻ، جيڪو آرڪٽڪ سرڪل کان به مٿي آهي، وڏي همت جي ڳالهه آهي. اهوئي سبب آهي جو هن ڇوڪري بابت ڪجهه سٽون لکڻ ويٺو آهيان، جيئن منهنجي ملڪ جي شاگردن- خاص ڪري شاگردياڻين کي اتساهه ملي ۽ کين هن پاسي تعليم لاءِ اسڪالرشپ ملي ته همت کان ڪم وٺي نڪري پون.
منهنجي ناديا سان، اوسلو کان برگن هلندڙ ٽرين ۾ آخري وقت تي ملاقات ٿي. پر برگن تي لهڻ بعد بودو ڏي ويندڙ ٽرين جيسين برگن جي پليٽ فارم تي اچي، آئون کانئس خبر چار وٺندو رهيس. بلڪ هوءَ پنهنجي زندگيءَ جو احوال ٻڌائيندي رهي ته هوءَ ڪير آهي، هتي ڪيئن پهتي ۽ هڪ مسلمان ڇوڪِري هجڻ جي ناتي هوءَ ههڙن اترادي يورپي ملڪن ۾ ڪيئن ٿي محسوس ڪري، جتي اونهاري ۾ به سکر لاڙڪاڻي جي سياري وارين راتين جهڙو سيءُ آهي. ناديا ٻڌايو ته هوءَ بنگلاديش جي هڪ ڳوٺ کان هتي پڙهڻ لاءِ آئي آهي.
“مون جهڙي هڪ مڊل ڪلاس ۽ عام مسلمان بنگالي ڇوڪريءَ لاءِ آب هوا جي خيال کان، بلڪل مختلف ۽ ڏورانهين ڏيهه ناروي جي هڪ اتراهين شهر ٽرومسو (Tromso) جي يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ، ڪو سولو ڪم ته نه هو.” ناديا ٻڌايو.
ناديا صحيح ٿي چيو. هونءَ ئي بنگلاديش اهڙي هنڌ تي آهي جتي سيءُ گهٽ ٿو پوي ۽ چٽگانگ شهر، جنهن ضلعي جي ڳوٺ سان هن ڇوڪري ناديا جو واسطو آهي، اهو ته اڃا به ڏکڻ ۾ يعني خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري سيءُ نه برابر پوي ٿو. آئون تعليم دوران چٽگانگ ۾ رهيو آهيان جتي اسان کي سياري جو يونيفارم يعني ڊبل بريسٽ ڪارو ڪوٽ پائي پريڊ ڪرڻي پوندي هئي. منهنجي خيال ۾ مشڪل سان 15 ڏينهن ڪو مس سيارو ٿيندو هو ۽ اسان گرم ڪپڙا پائيندي پريشان ٿي ويندا هئاسين - ڇو جو چٽگانگ 22 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي. ان کان علاوه چوڌاري خليج بنگال وارو سمنڊ هجڻ ڪري سيءُ نالي ماتر پوي ٿو جيئن ڪراچيءَ ۾ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي کان گهٽ سيءُ پوي ٿو. وري به چٽگانگ جي مقابلي ۾ سکر لاڙڪاڻو گهڻو اتر ۾ آهن، جو اهي 28 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهن ۽ سندن چوڌاري سمنڊ به ناهي جيڪو سکر يا لاڙڪاڻي جهڙن شهرن کي سياري ۾ گرم رکي. سو اسان جي پاسي جي ماڻهن کي وري به سيءُ توڙي گرميءَ جو احساس آهي ۽ اسان يورپ جي ٿڌن ملڪن يا آفريڪا جي گرم ملڪن ۾ رهيو وڃون ۽ اتي پهچڻ کان اڳ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ انهن ملڪن جي سخت سرديءَ يا گرميءَ جي ڄاڻ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئون پنهنجن هم وطنين لاءِ به اهو چوندس ته هنن کي به يورپ جي هنن اتراهن ٿڌن ملڪن جي ٿڌ جو پورو پورو احساس ناهي. جيئن مون پنهنجي “اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا” ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مارچ جي مهيني ۾ جڏهن آئون ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن لاءِ نڪتس ته ڪراچيءَ ۾ چڱي خاصي گرمي هئي ۽ ڪوٽ پائڻ تي دل نٿي چاهيو پر مجبورن ڪوٽ کي پاتم جيئن اوور ڪوٽ کي ٻانهن تي رکي هوائي جهاز ۾ چڙهي سگهان، ڇو جو اهي ٻئي شيون بئگ ۾ وجهڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست ڪلو وزن ٿو وڌي. منهنجو سامان ڪجهه ڪتابن ڪري اڳهين وڌيل هو. ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي ڪوٽ مٿان اوور ڪوٽ ۽ مفلر چاڙهي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئر ڪرائي جيئن ئي ايئرپورٽ جي کليل دروازي ڏي وڌيس ته ٻاهر جي ٿڌي هوا جسم کي ڄڻ ته ڪَپي رکيو. ٻاهر نڪري جيسين ٽئڪسيءَ کي سڏ ڪريان دل چيو ته بئگ کولي ان ۾ پيل ٻه سئيٽر به ڪڍي پايان. اڃا ته اهو مارچ جو مهينو هو. مالمو (سئيڊن) ۾ رهڻ دوران پوءِ جڏهن سيارو شروع ٿيو جيڪو آگسٽ کان ئي شروع ٿيو وڃي ته ٻاهر نڪرڻ تي گرم ڪپڙن، دستانن ۽ مفلر سان منهن ويڙهيل هجڻ جي باوجود ڏند کڙڪندا رهيا ٿي. سرديءَ جو پد گهڻي ڀاڱي ڪاٽو پنج ڇهه ڊگريون رهيو ٿي. بلڪ ڪاٽو 15 به ٿيو ٿي - ان ايتري ڏڪڻي نٿي ڪئي پر جنهن ڏينهن هوا لڳي ٿي ان ڏينهن مقامي ماڻهو به ڏڪندا رهيا ٿي. سو ڏٺو وڃي ته ملائيشيا، انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي ماڻهن توڙي هن بنگلاديشي ڇوڪري ناديا لاءِ ههڙن ٿڌن ملڪن ۾ پهچڻ هر خيال کان هڪ نئون تجربو هو ۽ بقول هُن جي هُن لاءِ هيڏانهن اچڻ ۽ ههڙي ٿڌ ۽ لڳاتار اونداهي راتين ۾ رهڻ ڪو آسان ڪم نه هو.
ناروي جو شهر “ٽرومسو” آرڪٽڪ سرڪل کان مٿي اتر ۾ هجڻ ڪري هن شهر ۾ هر سال ٽن چئن مهينن جو لڳاتار هڪڙو ئي ڏينهن ۽ اهڙي طرح سياري ۾ رات ٿئي ٿي جيڪا پڻ هن بنگالي ڇوڪري ناديا لاءِ نرالي ڳالهه ٿي. اسان ٻارهن ڪلاڪ ڏينهن ٻارهن ڪلاڪ رات جا ننڍي هوندي کان عادي، اونهاري ۾، سئيڊن يا ناروي جهڙن ملڪن ۾ لڳاتار سج يا سياري ۾ لڳاتار اونداهه ڏسي شروع ۾ منجهيو پئون. هتي جي رواج ۽ ضرورت موجب اونهاري ۾ ڪمري جي درين تي ڀلي ٻه ٻه پڙدا چاڙهي اونداهه ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪريون تڏهن به احساس ٿئي ٿو يا دريءَ جي پڙدي کي هٿ لڳڻ سان آڌي رات جو به يعني رات جو ٻارهين بجي به سامهون سج کي ڏسي حيرت ۽ مونجهارو ٿئي ٿو. اهڙي طرح سياري ۾ ٽاڪ منجهند جو به ٽارچ کڻي هلڻو پوي ٿو جو سج جي غائب هجڻ ڪري اونداهه ڪانڀار آهي.
ناديا ٻڌايو ته سندس تعليم لاءِ هتي ناروي ۾ اچڻ جدوجهد، مونجهاري ۽ همٿ کي هڪ جاءِ تي ڪرڻ جي ڪهاڻي آهي. “ننڍپڻ ۾ منهنجو اهو خواب هو ته آئون پائلٽ ٿينديس ۽ هوائي جهاز اڏائينديس.”، ناديا ٻڌايو، “پر باوجود محنت ۽ پڙهائيءَ جي آئون پائلٽ ٿي نه سگهيس جو پائلٽ ٿيڻ لاءِ Flying Hours (مقرر ڪلاڪ جهاز هلائڻ جو سرٽيفڪيٽ) حاصل ڪرڻ لاءِ بنگلاديش ۾ وڏو پئسو ٿو کپي جو پرائيويٽ ڪمپنيون جن جا هوائي جهاز آهن انهن جو جهاز جي وڏي قيمت، Maintenance ۽ پيٽرول (آڪٽين) وغيره تي وڏو خرچ ٿو اچي، سو هو هوائي جهاز هلائڻ جي پرئڪٽس ڪرڻ وارن سيکڙاٽن کان في ڪلاڪ جي وڏي في/مسواڙ وٺن ٿا. منهنجو ڪو اهڙي پئسي واري خاندان سان تعلق نه هو جو آئون افورڊ ڪري سگهان. ان ڪري منهنجو پائلٽ ٿيڻ جو خواب چڪنا چور ٿيڻ تي مون ان کي درگذر ڪيو ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳيس.”
ناديا ٻڌايو ته سندس ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب به پورو نه ٿي سگهيو، جو هن جون انٽر ۾ ايتريون سٺيون مارڪون نه آيون جو هن کي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي سگهي. اچي اچي ٿورين مارڪن جو فرق ٿي پيو. “پنهنجي خرچ (Self-Financing) تي مون کي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي سگهي ٿي پر پئسي جي معاملي ۾ اسان غريب هئاسين ۽ غربت ڪري مون ڏٺو ته منهنجي نصيب ۾ ميڊيڪل سائنس نه پر سوشل سائنس- تاريخ، جاگرافي، پوليٽيڪل سائنس، سائڪالاجي، سوشالاجي، جهڙو ڪو سبجيڪٽ ئي ڪنهن پبلڪ يونيورسٽيءَ مان پڙهڻ آهي.”