اتر قطب جو وڏو شهر ’لانگ ييئر بائن‘
يورپ ۾ يا سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران صبح جو هاسٽل کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ موسم آهر گرم ڪپڙا پائي نڪربو هو ان ڪري ٽي ويءَ تي ٿڌ جو ٽيمپريچر ته ڏسبو هو پر هوا جي اسپيڊ پڻ. جيڪڏهن سيءَ سان گڏ تکي هوا به لڳندي هئي ته پوءِ ته مٿي تي ڪنٽوپ، ڳچيءَ ۾ ٿلهو مفلر ۽ هٿن تي دستانا چاڙهڻ به ضروري ٿي پوندا هئا. ڇو جو هوا وارو سيءُ جسم کي ڄڻ ته ڪپي ٿو ۽ جيترو توهان اتر ڏي ويندائو اوتريون وڌيڪ هوائون آهن. لانگ ييئر بائن جهڙي شهر ۾ ته هوا کي روڪڻ لاءِ نه ڊگهيون عمارتون آهن ۽ نه وڻ ٽڻ. ههڙي ٿڌ ۾ ڪٿان ٿا ٿي سگهن وڻ ٽڻ! اوسلو، هيلسنڪي يا اسٽاڪهوم جهڙن اتراهان شهرن ۾ جيڪي جيتوڻيڪ 60 ڊگرين تي آهن پر وري به سج جي روشني ۽ نارمل زمين هجڻ ڪري اونهاري ۾ ته ساوڪ ٿئي ٿي پوءِ ڀلي سيارو شروع ٿيڻ سان پن ڪومائجي ڇڻي پون ۽ هر وڻ ٺوڙهو لڳي، پکي پکڻ ڏکڻ ڏي اسپين، اٽلي يا آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ڏي هليو وڃي، پر آرڪٽڪ سرڪل واري ويڪرائي ڦاڪ (66 ڊگرين) کان مٿي ته اونهارو به ايڏو سخت ٿڌو آهي جهڙو فرانس، انگلينڊ، جرمني، پولينڊ جو سيارو. ٻي ڳالهه ته وڻن يا فصلن لاءِ اس به ته ضروري آهي. لانگ ييئر بائن جهڙي شهر ۾ جتي ٽي چار مهينا لڳاتار رات آهي اتي ڇا پوک ٿيندي. اونهاري ۾ جيتوڻيڪ ٽي چار مهينا لڳاتار سج رهي ٿو، يعني اڀري ٿو ته لهڻ جو نالو نٿو وٺي پر ان ۾ نه اها اس ٿي ٿئي ۽ نه گرمائش.
اهي پڙهندڙ جيڪي اتر قطب جي ملڪن ۾ نه ويا آهن انهن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته قطبن ۾ (اتر قطب توڙي ڏکڻ قطب ۾) سج اسان وانگر ائين چوٽ نٿو کڻي جيئن اسان وٽ ظهر نماز مهل يعني ٽاڪ منجهند جو اسان جي مٿان رهي ٿو ۽ ٽِڪڻ تپايو ڇڏيو. خاص ڪري خط استوائي ملڪن ۾ ته بلڪل اسان جي ٽِڪڻ جي مٿان هوندو آهي ۽ سج جا ڪرڻا سڌا پوڻ ڪري اس جي ايڏي ته تپش رهي ٿي جو اهڙن ملڪن ملائيشيا، يوگنڊا وغيره ۾ ته ماڻهو مٿي تي پٽڪو يا ٽوپي، يا وري ڌوپ ڇٽي رکي هلن ٿا پر اسان وٽ سنڌ، پنجاب، راجستان ۾ به مٿي تي بوڇڻ رکي هلن ٿا.
مٿي اتر ۾ سج ڪيئن اڀري ۽ لهي ٿو ۽ ان ۾ تپش ڇو نٿي رهي اهو ملائيشيا جا ماڻهو کڻي نه سمجهي سگهن پر اسان جا ماڻهو سمجهي سگهندا. ملائيشيا ۾ ٻارهوئي سج اسان جي اونهاري وانگر اوڀر کان اڀري چوٽ کڻي پوءِ اولهه طرف لهيو وڃي. پر توهان ڏسندا ئو ته اسان وٽ پاڪستان يا اتر انڊيا وغيره ۾ سياري جي ڏينهن ۾ سج اوڀر کان اڀري ضرور ٿو پر مٿان لنگهڻ بدران ٿورو هيٺڀرو ڏکڻ وارو پاسو وٺي اولهه ۾ لهي ٿو. اهو انڪري جو اسان جي ڌرتي ٿوري (23 ڊگريون کن) tilted يعني جُهڪيل آهي. سج جي پاسو ڏئي گذرڻ تي سج جا ڪرڻا پاسيرا پون ٿا جنهن ڪري انهن ۾ تپش هلڪي ٿئي ٿي.
هاڻ جي توهان مٿي ايندائو. خاص ڪري لانگ ييئر بائن جهڙي اترادي شهر ۾ ته اتي اونهاري وارا ٽي چار مهينا سج اوڀر کان اولهه ڏي ضرور وڃي ٿو پر مٿي چڙهي تپش ڪرڻ بدران افق (Horizon) وٽ ئي ڦرندو رهي ٿو. ان ڪري تپش نٿي ٿئي۽ اونهاري ۾ به سخت سيءُ رهي ٿو ۽ سياري ۾ ته ٽي چار مهينا لڳاتار اوندهه ٿئي ٿي سو اهڙو ته سيءُ پوي ٿو جو ڳالهه ئي نه پڇو. دنيا جي بيحد اتراهين شهر لانگ ييئر بائن ۾ رهندڙ ٻه هزار کن ماڻهن لاءِ اسپتال کڻي ناهي پر ٻارن لاءِ اسڪول ضرور آهي. ان کان علاوه ريسرچ لاءِ يونيورسٽي طرفان تعليمي ادارا پڻ آهن.
دنيا جي بلڪل اتر ۾ هن انسانن جي آبادي واري شهر لانگ ييئر بائن تي هي نالو هڪ آمريڪن تاجر جان منرو لانگ ييئر (John Munro Longyear) تان پيو جنهن کي خبر پئي ته هتان ڪوئلو ملي سگهي ٿو سو هن 1906ع ۾ ڪجهه مزورن جا جٿا وٺي “آرڪٽڪ ڪول ڪمپني” ٺاهي، ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي شروع ڪئي ۽ هن شهر جو نالو سندس ذات Longyear تان ’لانگ ييئر سٽي‘ يعني لانگ ييئر صاحب جو شهر پيو. شهر کي نارويجن ٻوليءَ ۾ بائن (Byen) سڏجي ٿو ان ڪري مڪاني ماڻهو هن شهر کي “لانگ ييئر بائن” سڏين ٿا جيئن اسان وٽ جيڪب يا جيمس جهڙن انگريزن جي ٻڌرايل شهرن کي جيڪب آباد ۽ جيمس آباد سڏيون ٿا.
هن شهر ۾ اڄڪلهه ڪوئلي جو ڪم ته نٿو هلي. ڪڏهن کان ڊيزل ۽ پيٽرول انجڻين جي ايجاد ڪري ڪوئلي جي اها اهميت نه رهي آهي. اڄ ڪلهه هن شهر جي وڏي ڪمائي ٽوئرزم مان آهي. دنيا جا سياح هن آڌي رات جي سج (Mid night sun) جي ڌرتيءَ جا نظارا پسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ جيتوڻيڪ هتي سخت سيءُ رهي ٿو ته به ڪيترائي امير هڪ دفعو اچڻ بعد واپس وڃڻ جو نالو نٿا وٺن. بس بيمار يا بيروزگار ٿيڻ تي هي شهر يڪدم ڇڏجي جو هتي نه اسپتالون آهن ۽ نه روزگار جا ذريعا ٻين لفظن ۾ امير ماڻهو ئي هتي رهي سگهن ٿا جن وٽ خرچڻ لاءِ پئسو جام هجي.