سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران محمد پناھ ڦرڙو جو ڀارت جو لکيل سفرنامو ”ڀارت ياترا“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھي سفرنامو 1991ع ۾ شاھ سچل سامي انٽرنيشنل سيمينار دھليءَ ۾ شريڪ ٿيڻ بعد لکيل آھي. ليکڪ مختصر پر جامع ۽ سچائي سان ھي سفرنامو لکيو آھي. ھن سفرنامي ۾ ھر ڳالھ کي کولي بيان ڪري لکيو ويو آھي. سفر جي واقعن، تقريبن، رھائش کان مختلف شخصيتن سان ميلاپ جو حال أحوال سھڻي نموني ۽ سولي انداز سان ڪيل آھي. سفرنامي جي اھا خوبي آھي تہ پڙھندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي ھلي ٿو.
ھي ڪتاب 2001ع ۾ الڪبير اڪيڊمي، ڪوٽڙي ڪبير پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.