تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سرد جنگ جا پنجاھ سال

سويت يونين جي پوين پنجاھ سالن جي عالمي سياست ۾ آندري گروميڪو جو ڪافي عمل دخل رھيو. ھن پنھنجي يادگيرين ۾ ان عرصي جي سڀني لاھن ۽ چاڙھن جو عيني شاھد بڻجي اپٽار ڪئي آھي. ڪتاب ۾ ان وقت جي عالمي حالتن ۽ عالمي ليڊرن متعلق چٽا پٽا أحوال ۽ تاثرات موجود آھن. ھن اسٽالن جي دور کان وٺي، خروشيف، برزليف ۽ گورباچوف تائين ھڪ ڪامياب سفارتڪار ۽ وزير خارجہ جي حيثيت ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ ملڪ جي خدمت ڪئي.

Title Cover of book سرد جنگ جا پنجاھ سال

سنڌسلامت پاران


سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي مشھور اديب، نقاد، مترجم ۽ سماجي معاشي تجزيي نگار رئوف نظاماڻيءَ پاران عالمي سياستدان ۽ سفارتڪار آندري گروميڪو جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب جو سنڌي  ترجمو”سرد جنگ جا پنجاھ سال“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
سويت يونين جي پوين پنجاھ سالن جي عالمي سياست ۾ آندري گروميڪو جو ڪافي عمل دخل رھيو. ھن پنھنجي يادگيرين ۾ ان عرصي جي سڀني لاھن ۽ چاڙھن جو عيني شاھد بڻجي اپٽار ڪئي آھي. ڪتاب ۾ ان وقت جي عالمي حالتن ۽ عالمي ليڊرن متعلق چٽا پٽا أحوال ۽ تاثرات موجود آھن. ھن اسٽالن جي دور کان وٺي، خروشيف، برزليف ۽ گورباچوف تائين ھڪ ڪامياب سفارتڪار ۽ وزير خارجہ جي حيثيت ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ ملڪ جي خدمت ڪئي.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.