سفرناما

لنڊن تنھنجا ڪيڏا روپ

ھي رڳو سفرنامو ناھي پر داستان پڻ آھي جنھن ۾ طارق عالم جي Sufferings جو ذڪر بہ آھي. 1987ع ۾ گردن جي پيوندڪاري لاءِ طارق عالم کي لنڊن وڃڻو پيو. اھو سفر 1989ع ۾ ۽ وري 1990ع ۾ پڻ ٿيو. ھي سفرنامو ان وقت جي ڏکڙن جو داستان ھجڻ سان گڏ لنڊن کي نرالي اک سان ڏسي لکيل آھي. ھي ڪو روايتي سفرنامو ناھي، ڇو تہ ھي سفرنامي ھجڻ سان گڏ ننڍپڻ جي واقعن، دوستن جي ڳالھين، يادگيرين، ساروڻين ۽ سنڀارن تي ٻڌل آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • طارق عالم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لنڊن تنھنجا ڪيڏا روپ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جو لکيل سفرنامو ”لنڊن تنھنجا ڪيڏا روپ“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھي رڳو سفرنامو ناھي پر داستان پڻ آھي جنھن ۾ طارق عالم جي Sufferings جو ذڪر بہ آھي. 1987ع ۾ گردن جي پيوندڪاري لاءِ طارق عالم کي لنڊن وڃڻو پيو. اھو سفر 1989ع ۾ ۽ وري 1990ع ۾ پڻ ٿيو. ھي سفرنامو ان وقت جي ڏکڙن جو داستان ھجڻ سان گڏ لنڊن کي نرالي اک سان ڏسي لکيل آھي. ھي ڪو روايتي سفرنامو ناھي، ڇو تہ ھي سفرنامي ھجڻ سان گڏ ننڍپڻ جي واقعن، دوستن جي ڳالھين، يادگيرين، ساروڻين ۽ سنڀارن تي ٻڌل آھي. 
ھي ڪتاب 1991ع  ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.