ڪھاڻيون

ايڏو سور سھي

نجم عباسيءَ جي ڪھاڻين ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل حالتن جي اُپٽار فطري رنگن سان ڪئي وئي آھي، جنھن جي ڪري هن جا لکيل افسانا هر ماڻھوءَ کي پنھنجي طرف مائل ڪري وٺن ٿا. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ زندگيءَ جي هر پاسي کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ جاءِ ڏني آھي. طبقاتي نظام جي خلاف جدوجھد هن جو مک عنصر آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ڏکويل ۽ جيءَ جهريل ماڻھن جو درد ۽ سورن جو اظھار نمايان ملي ٿو. ھن مجموعي ۾ ڪُل 23 ڪھاڻيون شامل آھن، جن مان گهڻيون سياست ۽ سنڌيت جي موضوع تي لکيل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نجم عباسي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايڏو سور سھي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، افسانہ نگار، ناول نگار ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”ايڏو سور سھي“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
نجم عباسيءَ جي ڪھاڻين ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل حالتن جي اُپٽار فطري رنگن سان ڪئي وئي آھي، جنھن جي ڪري هن جا لکيل افسانا هر ماڻھوءَ کي پنھنجي طرف مائل ڪري وٺن ٿا. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ زندگيءَ جي هر پاسي کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ جاءِ ڏني آھي. طبقاتي نظام جي خلاف جدوجھد هن جو مک عنصر آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ڏکويل ۽ جيءَ جهريل ماڻھن جو درد ۽ سورن جو اظھار نمايان ملي ٿو. ھن مجموعي ۾ ڪُل 23 ڪھاڻيون شامل آھن، جن مان گهڻيون سياست ۽ سنڌيت جي موضوع تي لکيل آھن. 
ھي ڪتاب 1978ع  ۾ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.