سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر سرڪش سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”پيار ۽ آزادي“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سرڪش سنڌيءَ جي شاعريءَ جو اهم پھلو مزاحمتي ادب آهي، جنھن کيس سنڌ توڙي هند جي سنڌي ماڻھن جي دلين ۾ وڏي عزت ۽ مڃتا ڏني. سرڪش سنڌي هڪ شفيق استاد، ترقي پسند شاعر ۽ قومي ڪارڪن پڻ هو، سرڪش سنڌ جو اهو مزاحمتي شاعر آهي، جنھن جي هر سٽ ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف آواز بلند ٿيل آهي. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ اصولن تي سوديبازي نہ ڪئي، هو سنڌي روايتي سونھن، محبت، انسانيت ۽ جبر خلاف مزاحمت جو شاعر هو، هن سنڌ جي حالتن کي ڏسندي نہ صرف ان دردن درمانن جي اظھار لاءِ شاعريءَ کي پنھنجي اظھار جو ذريعو بڻايو، پر عملي سياسي جدوجھد ۾ بہ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو.
ھي ڪتاب 1993ع ۾ چانڊڪا پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻي جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي