آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوڻيون جيءَ جھان جون

سرڪش سنڌيءَ جو نالو سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان اھم آھي. ھو شاعري سان گڏ قومپرست سياست سان پڻ واڳيل رھيو. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ اصولن تي سوديبازي نہ ڪئي، هو سنڌي روايتي سونھن، محبت، انسانيت ۽ جبر خلاف مزاحمت جو شاعر هو،  سندس زندگيءَ جو سفرنامو ”جوڻيون جيءَ جھان جون“ سندس پيار، محبت ۽ عشق جو اظھار آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 38
  • 14
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرڪش سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جوڻيون جيءَ جھان جون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر سرڪش سنڌيءَ جي آتم ڪٿا يا جيون سفر تي ٻڌل ڪتاب ”جوڻيون جيءَ جھان جون“  اوھان اڳيان پيش آھي.
سرڪش سنڌيءَ جو نالو سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان اھم آھي. ھو شاعري سان گڏ قومپرست سياست سان پڻ واڳيل رھيو. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ اصولن تي سوديبازي نہ ڪئي، هو سنڌي روايتي سونھن، محبت، انسانيت ۽ جبر خلاف مزاحمت جو شاعر هو،  سندس زندگيءَ جو سفرنامو ”جوڻيون جيءَ جھان جون“ سندس پيار، محبت ۽ عشق جو اظھار آھي. 
ھي ڪتاب  2007ع   ۾  زخمي پبليڪيشن، ڊکڻ  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي  صاحب خان سورھ ميراڻي  جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي