لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت

سنڌي لغت جو ھي ڪتاب بلڪل منفرد آھي، جنھن ۾ سنڌي زبان ۾ رائج ”ٻٽن لفظن“ کي يڪجا ڪري الف ب وار ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. سنڌي زبان ۾ ھيءُ انداز دنيا جي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ انوکو ۽ نرالو آھي. 

Title Cover of book سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر غلام قادر سومري جو سنڌي لغت تي لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ اوھان اڳيان پيش آھي. 
سنڌي لغت جو ھي ڪتاب بلڪل منفرد آھي، جنھن ۾ سنڌي زبان ۾ رائج ”ٻٽن لفظن“ کي يڪجا ڪري الف ب وار ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. سنڌي زبان ۾ ھيءُ انداز دنيا جي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ انوکو ۽ نرالو آھي. 
 ھي ڪتاب 1996ع  ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي