ڊراما

واچوڙن ۾ لاٽ

ھن ڪتاب ۾ قمر شھباز جا ٽي وي لاءِ لکيل ٽي ڊراما ۽ ريڊيو لاءِ لکيل 6 ڊراما شامل آھن. قمر شھباز جي بنيادي شھرت تہ ڪھاڻيڪار ۽ شاعر واري آھي پر سندس ڊراما نويس وارو روپ پڻ الڳ ئي سڃاڻپ رکي ٿو. سندس لکيل ڊرامن ۾ حقيقت جو گمان وڌيڪ لڳندو آھي. سندس ڪردار حقيقي ۽ جيئرا جاڳندا لڳندا آھن. سندس ڊرامن جي مڪالما بازي ۽ ڊائلاگن ۾ آبشارن جھڙي رواني ۽ تجسس  ھوندو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 40
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • قمر شھباز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واچوڙن ۾ لاٽ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار  قمر شھباز جي ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لکيل چونڊ ڊرامن  جو مجموعو ”واچوڙن ۾ لاٽ“  اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جي سھيڙ، ترتيب ۽ چونڊ ڪرم الاھي چنا ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ قمر شھباز جا ٽي وي لاءِ لکيل ٽي ڊراما ۽ ريڊيو لاءِ لکيل 6 ڊراما شامل آھن. قمر شھباز جي بنيادي شھرت تہ ڪھاڻيڪار ۽ شاعر واري آھي پر سندس ڊراما نويس وارو روپ پڻ الڳ ئي سڃاڻپ رکي ٿو. سندس لکيل ڊرامن ۾ حقيقت جو گمان وڌيڪ لڳندو آھي. سندس ڪردار حقيقي ۽ جيئرا جاڳندا لڳندا آھن. سندس ڊرامن جي مڪالما بازي ۽ ڊائلاگن ۾ آبشارن جھڙي رواني ۽ تجسس  ھوندو آھي. 
ھي ڪتاب 1987ع  ۾ سنگم پبليڪيشن، ڪراچي  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي  ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي