ڪھاڻيون

من تنھا منزل دور

ھي ڪتاب برک ڪھاڻيڪارن جي انھن شاھڪار ڪھاڻين تي مشتمل آھي جيڪي ڪافي وقت کان سنگم سيريز ڪتابي سلسلي جي مختلف اشاعتن ۾ ڇپيا ۽ انھن کي مڃتا ملي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام رباني آگرو، امر جليل، گل محمد چنا، خير النساء جعفري، شوت شورو، حليم بروھي، مدد علي سنڌي ۽ ڪلا پرڪاش سميت 19 ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون شامل آھن. 

Title Cover of book من تنھا منزل دور

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ٻوليءَ جي مشھور ڪھاڻيڪارن جي چونڊ ڪھاڻين تي ٻڌل ڪتاب ”من تنھا منزل دور“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون جنھن جي چونڊ ۽ ترتيب ڪرم الاھي چنا ڪئي آھي. 
ھي ڪتاب برک ڪھاڻيڪارن جي انھن شاھڪار ڪھاڻين تي مشتمل آھي جيڪي ڪافي وقت کان سنگم سيريز ڪتابي سلسلي جي مختلف اشاعتن ۾ ڇپيا ۽ انھن کي مڃتا ملي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام رباني آگرو، امر جليل، گل محمد چنا، خير النساء جعفري، شوت شورو، حليم بروھي، مدد علي سنڌي ۽ ڪلا پرڪاش سميت 19 ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون شامل آھن. 
ھي ڪتاب 1984ع ۾ سنگم پبليڪيشن ڪراچي  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي ٿورن سان  اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي