سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ وڪيل رشيد آخوند جي ڪھاڻين جو مجموعو ”سڄڻ سڪ ۽ سور“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
رشيد آخوند سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنس فڪشن جي باني ڪھاڻيڪارن مان آھي. رشيد آخوند ابتدا کان وٺي ترقي پسند خيالن جو رهيو. وڪالت کان اڳ ۽ وڪالت کانپوءِ رشيد آخوند 18 کن افسانا لکيا، جن کي سنڌي افسانوي تاريخ ۾ تمام وڏي اهميت ملي. سندس اهم افسانن ۾ ’ڪارو هَسو‘، ’اُکراڻ‘، ’ڍونگ‘، ’ڌرتيءَ جا ٻارڙا‘، ’ساڀيا يا سپنو‘، ’موٽندڙ ڇولي‘ ۽ ’ستارن جا سيلاني‘ وغيره اچي وڃن ٿا.
ھي ڪتاب 1975ع ۾ رابيل پبليڪيشنس، ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي