شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب: سانگي ڪي ساريام (وڌايل ڇاپو)
ليکڪ: شيخ عبدالرزاق راز
ڇاپوپهريون: 1972ع
ڇپيندڙ : آفاق صديقي، سيڪريٽري لطيف يادگار ڪميٽي
ڇاپو ٻيو: 2023ع
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪمپوزر: اقبال ابڙو

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ارپنا

سانگي ڪي ساريام، روح رهاڻيون جن سين
راز


پنهنجي شريڪ حيات جي نالي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مشھور شاعر ۽ نقاد شيخ عبدالرزاق راز پاران عالمن ۽ اديبن تي لکيل خاڪن تي مشتمل ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آهيون.
سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ڊسمبر 1972ع ۾ آفاق صديقي، سيڪريٽري لطيف ڪاميٽي سکر پاران ڇپايو ويو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري پيش ڪري رھيا آھيون جنھن ۾ وڌيڪ خاڪا شامل ڪيا ويا آھن.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ليکڪ پاران

ڪن شخصيتن کي پڙهيو اٿم، ڪن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ، انهن سان ڪي قرب جون گهڙيون گهاريون اٿم، کين ڪردار بڻايو اٿم. ڪجهه حقيقتون بيان ڪيون اٿم. ڪوڙيون ۽ مٺيون ، ڪن افسانن جي پرده پوشي ڪئي اٿم. انتها پسنديءَ کي پاسي رکيو اٿم. ڪردار وارا ۽ بي ڪردار ماڻهو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ نظر ايندا آهن. هروڀرو ائين به نه آهي ته صاحب ڪردار سڄو سون هوندا آهن انهن ۾ به ڦيٽ هوندي آهي.
سنڌي ادب ۾ خاڪه نگاريءَ جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي. شايد ڀرپور شخصيتون نظر نه اچن، جي ائين ٿيو، پر رڳو سخضيتن جون ڪي جهلڪون ڏسڻ ۾ اچن ته مان پنهنجو ڪارج سڦلو سمجهندس. زنبيل ۾ ٻيا به خاڪا اٿم، ڪنهن ٻئي وقت پيش ڪندس.

شيخ راز
حبيب منزل
سکر پراڻو
24-12-1972

سانگي ڪي ساريام تي تاثر : مختيار احمد ملاح

خاڪا نويسي، سوانحي ادب جو هڪ اهم حصو آهي. جنهن ۾ ليکڪ ڪنهن هستيءَ، شخص، دوست، ادبي يا بزرگ، جنهن سان سندس سڌي ريت واسطو رهيو هجي، ان جي زندگي ۽ سندس خدمتن کي چٽيندو آهي. خاڪو گهڻين حقيقتن ۽ رنگن سان چٽيل نه عڪس هوندو آهي ۽ نه ئي وري ڪو فوٽو گراف، جنهن ۾ رواجي چيزون به اچي وينديون آهن. ادب ۾ جنهن کي خاڪا نويسي چئبو آهي، ان ۾ گهٽ ۾گهٽ لفظن سان ادبي نموني ڪنهن هستيءَ، شخص يا بزرگ کي چٽيو ويندو آهي. عام طور ڪن خاص شخصن تي خاڪا لکيا ويندا آهن. ليڪن خاڪا نويس عڪس ٺاهي زندگيءَ ۾حقيقتن جي سچائي ۽ غير شخصي رخ ضروري ڏيندو آهي، ان ۾ تصورکي بلڪل جڳهه ڪانهي. جيوني ڪنهن شخص جي سموري زندگي يا زندگيءَ جي گهڻي حصي کي پاڻ سمائي ٿي. جڏهن ته ڪنهن جو خاڪو، ليکڪ جي ڏات ۽ زندگي سان جوڙيل ڪنهن شخص جو مختصر چتر آهي. ان نموني جيون ڪهاڻي ۽ سوانح نگاريءَکان الڳ آهي. خاڪي چٽڻ ۾اختصار ۽ شدت (Intensity) استعمال ڪئي ويندي آهي. ٿورن لفظن ۾ به گهڻو ڪجهه چوڻ خاڪي جي چٽڻ جي خصوصيت هوندي آهي.
شيخ عبدالرازاق راز باڪمال شاعر ، بلند پايه نقاد ۽ منفرد افسانه نويس هو. هو ترقي پسند هجڻ جي باوجود اسلامي عقيدن، اصولن ۽ نظرين جو پابند رهيو. هو سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي بانين جهڙوڪ: گوبند مالهي، سوڀوگيانچنداڻي، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جي سٿ مان هو. سندس ڪوشش سان ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، پروفيسر ڊي. ڪي منشاراماڻي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، سڳن آهوجا ۽ ارجن شاد وغيره حصو ورتو. شيخ راز انهيءَ سرڪل جو مسلسل چار سال جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو.

شيخ راز جا شايع ٿيل ڪتاب:
• ڊاڪ بنگلو (ڪھاڻيون ١٩٥٤ع)
• سارنگ (شاعري ١٩٥٤ع)
• شرح يمن ڪلياڻ (1957ع)
• شرح ڪلام گرھوڙي (١٩٥٩ع)
• شرح ديوان گل (١٩٥٩ع)
• تاريخ سلطنت دھلي (تاريخ ١٩٦١ع)
• پيھي منجهه پاتال (شاعري ١٩٦١ع)
• تنقيد ۽ تجربو (١٩٦٦ع)
• نئون آدمي (١٩٦٦ع)
• سڄڻ سفر ھليا (شاعري: ١٩٦٧ع)
• فاتح سنڌ (تاريخي ڊرامو، 1955ع)
• مسافر (ناول)
• غزل (شاعري ١٩٧٢ع)
• مارو ڪي ديس ۾ (شاهه لطيف جي رسالي جي رومانوي داستانن بابت اردو ۾)
• سانگي ڪي ساريام (خاڪن جو مجموعو)
• سنڌي غزل جو تجربو (1991ع)
• ڌڙڪنين (اردو شاعري)
• سنڌي شاعريءَ جو اڀياس (اڻ ڇپيل)
• Sukkur – Past & Present

سندس ٽڙيل پکڙيل مضمونن جو تعداد به گهڻو آهي، اگر اهي سهيڙجن ته جيڪر ٻه ٽي ڪتاب ٿي پوندا. سندس تنقيدي شعور به تمام مٿاهون هو، ڇو ته هڪ ئي وقت تخليقي ۽ تنقيدي اديب هو.
شيخ راز تصنيف، تاليف ۽ شعر شاعريءَ کانسواءِ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪوشش سان 9،8،7 اپريل 1950ع تي انجمن فروغ ادب سکر جي زير اهتمام ’ڪل پاڪستان سنڌي اردو ادبي ڪانفرنس‘ منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي بلند پايه اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وقت بوقت سندس ڪوشش سان سکر ۾ ڪيترا ادبي اجتماع، ڪانفرنسون ۽ وڏي پئماني تي مشاعرا ٿيا. هو پاڪستان رائيٽرس گلڊ شاخ سکر جو اهم رڪن ٿي رهيو، جنهن طرفان ڪيترا سنڌي ۽ اردو ڪتاب ڇپيا. ان کان اڳ ۾ 1954ع ۾ پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان پنهنجو ذاتي ادبي اشاعتي ادارو ’حبيب پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين، جنهن طرفان ڪيترا سنڌي ڪتاب ڇپيا، جهڙوڪ: سندس پنهنجا ڪتاب ’ڊاڪ بنگلو‘(ڪهاڻيون)، ’سارنگ‘ ۽ ’فاتح سنڌ‘ ڪريم بخش خالد جو ’سنڌي صحافت‘، شيخ اياز جو ’پنهل کانپوءِ‘ (ڪهاڻيون)، بشير مورياڻيءَ جو ’اصنام خيالي‘(ڪهاڻيون)، مقبول صديقيءَ جو مرتب ڪيل افسانن جو مجموعو ’گل ۽ مکڙيون‘ وغيره. 1971ع ۾ سندس ئي ڪوشش سان ’شاهه لطيف يادگار ڪاميٽي‘ قائم ٿي، جنهن جي اهتمام هيٺ اعليٰ پئماني تي ’شاهه لطيف ڪانفرنس‘ منعقد ٿي ۽ ڪجھه ڪتاب به ڇپيا، جن ۾: شيخ راز جو ’سانگي ڪي ساريام‘ ۽ آفاق صديقيءَ جو اردو ڪتاب ’عڪس لطيف‘ شامل آهن.
شيخ عبدالرزاق ’راز‘ جا دوست ٿورا هئا، پر انهن سان بيحد محـبـت ڪندو هو، سکر ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کان سـواءِ شاهه محمد شاهه، ميان پير محمد پيرزادو، ميان عبدالغني، شيخ اياز، حـافـظ خيـر محمد اوحـدي، آفـاق صـديـقـي، ڊاڪــٽر نواز علي شوق، حسن ميان ۽ الحاج محمد احمد (اڳوڻو پرنسپال اسلاميه ڪاليج سکر) سندس گهرا دوست هئا. ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن سان سندس گهرا تعلقات هئا، جهڙوڪ: ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، غلام رباني آگرو، شيخ عبدالحليم ’جوش‘، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ آغا سليم وغيره.
سنڌي ادب ۾ موجوده دور ۾ ڪيترائي خاڪن جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، انهن ۾ سنڌ جي مشهور نقاد، محقق، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نويس شيخ عبدالرزاق راز جو لکيل ”سانگي ڪي ساريام“ وڏي اهميت رکي ٿو. هيءُ ڪتاب، آفاق صديقيءَ، سيڪريٽري لطيف يادگار ڪميٽيءَ پاران 1972ع ۾ شايع ڪيو هو. هن ڪتاب لاءِ شيخ عبدالرزاق راز پاڻ ئي لکيو هو ته “سنڌي ادب ۾ خاڪه نگاريءَ جي غالباً هيءَ پهرين ڪوشش آهي. ممڪن آهي ته ڀرپور شخصيتون نظر نه اچن. ۽ رڳو شخصيتن جون ڪي جهلڪيون ڏسڻ ۾ اچن. جي ائين ٿيو ته مان پنهنجو ڪارج سڦل سمجهندس.ذهن ۾ ٻيا به خاڪا اٿم، جي ٻئي ڪنهن وقت پيش ڪندس.”
پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ هندستان ۾ خاڪه نويسيءَ جو بنياد وجهي هڪ نئين روايت وڌي، پر سنڌ ۾ شيخ عبدالرزاق راز جي ڪتاب ” سانگي ڪي ساريام“ جي اشاعت سان هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. ان لحاظ سان شيخ راز هن فيلڊ ۾ ٽرينڊ سيٽر آهي. هي ڪتاب، جيڪو ٻيهر شايع ٿي رهيو آهي، اهو وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پهرين ڇاپي ۾ صرف ڏهه خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويهه خاڪا آهن ۽ جڏهن ته ٻه ٻيا خاڪا دراصل تحقيقي آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نه آهي. هن ڪتاب ۾ جڏهن ته ٻيا سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو.
هنن خاڪن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سندس زندگيءَ ۾ شيخ اياز ڪيتري اهميت رکندو هو. هو سڀني اختلافن جي باوجود شيخ اياز جو هر حڪم مڃيندڙ هو ۽ شيخ اياز به سندس وڏي عزت ڪندو هو ۽ مشڪل وقت ۾ سندس مالي مدد به ڪندو هو. سموري ڪتاب ۾ شيخ اياز جو ذڪر غالب آهي، جنهن مان سندن دوستيءَ جي به خبر پوي ٿي، سندن رسامن ۽ پرچڻ جي خبر ملي وڃي ٿي. شيخ اياز واري خاڪي ۾ پنهنجي ڪاليج واري زماني ۽ سنڌي سرڪل کان ڳالهه شروع ڪئي اٿس. ڪو وقت اھڙو رھيو، جنهن کي ناراضگيءَ وارا اٺ سال سڏيو اٿس. انهن ۾ محبت قائم رھي. ھاسٽل وارا ڏينهن ياد ڪندي لکي ٿو: ”اياز ھاسٽل ۾ ماني نه کائيندو ھو. جتي اڪثر گوشت جا شوقين ماني کائيندا ھئا. ھو گوشت کان پرھيز ڪندو ھو. تنهن ڪري لائيٽ ھائوس جي سامھون ھندو ھوٽل تي کيس ٻه ڀيرا وٺي وڃڻ به منهنجي فرضن ۾ شامل ھو. بيري کي ھڪل ڏيئي پڇندو ھو: ”اڙي! ڇا تيار آھي؟ بيرو يڪساھي چوندو ھو: دال وڙيون، سائي ڀاڄي، واڱڻ.... مان بيدليءَ سان ٻڌندو ھوس. جيئن اياز کي گوشت سان چڙ ھوندي ھئي، تيئن مان ڀاڄين کان بيزار ھوندو ھوس. ھـُو ماني کائيندي ڀاڄين جا انيڪ فائدا ٻڌائيندو ھو ۽ بيمار ٻڪريءَ ۽ مئل رڍ جي گوشت جي نقصانن جي نشاندھي ڪندو ھو. پر مون تي ڪو اثر ڪو نه ٿيندو ھو. چوندو ھو: ”تڏھن ته ڪـُند دماغ آھين.“
هيءُ ڪتاب، سنڌي خاڪه نويسيءَ جو هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ جن عالمن ۽ اديبن تي شاندار خاڪا شامل آهن، اهي پنهنجي پنهنجي دور ۾ هڪ ليجنڊ واري حيثيت رکندڙ هئا. شيخ عبدالرزاق راز جيئن ته بنيادي طور تي هڪ نقاد ۽ ڪهاڻيڪار هو، ان ڪري سندس خاڪه نويسيءَ ۾ افسانوي تخليقي انداز ۽ مزاح واري حس ۽ نقاد واري گهري نظر جا بجا موجود آهي. سندس مشاهدو انتهائي گهرو آهي، ڇو ته هو جنهن به عالم يا اديب جو خاڪو لکي ٿو، ان جي شخصيت کي ٻاهر کان اندر تائين پرکي ٿو. شيخ اياز جي لکيل ٻئي خاڪه شيخ اياز جي باري ۾ اهڙي معلومات فراهم ڪن ٿا، جيڪا شايد ٻين ڪتابن ۾ نه ملي. هو سندس کائڻ پيئڻ، پڙهائي جي طريقي، سندس مختلف شوقن، بيمار ٿيڻ جي حالت ۾ سندس ڪيفيت کي بهترين نموني چٽي ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻي واري خاڪي ۾ هڪ استاد ۽ شاگرد واري رشتي جو ذڪر ڪري ٿو. نارائڻ شيام واري خاڪي ۾ ادبي سرگرمين جو احوال ڏئي ٿو. آغا سليم جي شخيصت کيس متاثر ڪري ٿي. اياز قادري ۽ رام پنجواڻي سان سندس ٿيل ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو ذڪر آهي. هو ڊاڪٽر بلوچ ۽ گرامي صاحب جي ادبي خدمتن جو معتقد نظر اچي ٿو. مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مخدوم غلام حيدر صاحب خان جي خاڪن ۾ سنڌ جي سياست جي تاريخ بيان ڪري ٿو. هن ڪتاب جي مطالعي مان هڪ طرف شيخ راز جي ذاتي زندگيءَ جا به ڪيترائي عڪس ملن ٿا ته ان دور جي ادبي سرگرمين جي به خبر پوي ٿي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته شيخ راز ، ان دور جي سڀني علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ شامل هوندو هو. هي ڪتاب هڪ طرح ساڳئي حلقي جي اديبن ۽ سندن ادبي سرگرمين سان ڳنڍيل آهي. ٻين لفظن ۾ هيءُ ڪتاب ان دور جي ادبي لاڙن ۽ تنظيمن جي هڪ قسم جي تاريخ به آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي ادبي خصوصيتن کان سواءِ، شخصي ۽ تدريسي خوبين جي خبر پوي ٿي. اھڙيءَ طرح سنڌ جي محبوب شخصيت ۽ نهٺي نماڻي پروفيسر حاميءَ تي شيخ راز جو ھڪ شاگرد جي عقيدت جي اظھار سان گڏ سائين حاميءَ جي شخصيت جو پورو بيان ڪيو آھي. ھر ڪنهن کي مٺڙا سائين ۽ پيارا چئي مخاطب ڪرڻ ته حامي صاحب جو مذھب ھو. اھڙيءَ طرح ٻيا خاڪا به دلچسپ آھن. اهڙي طرح سندس سڀئي خاڪا ٻولي، پيشڪش جي لحاظ کان به شاندار آهن.
شيخ راز جو هيءُ ڪتاب اڄ کان پنجاهه سال اڳ شايع ٿيو هو، جنهن جو ايڊيشن ختم ٿئي ڪيترائي سال گذري چڪا هئا. مون کي شيخ راز جا هي خاڪا تمام گهڻا پسند آهن. ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته نه صرف ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آندو وڃي، پر سندس ٻين خاڪن کي ڪتاب کي شامل ڪيو وڃي. مون تمام وڏي جاکوڙ ڪري سندس ڪيترائي ٻيا به خاڪا تلاش ڪري ورتا، جن ۾ شيخ اياز تي ٻيو خاڪو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا غلام محمد گرامي،مولوي عبد الواحد سنڌي، محمد ابراهيم جويو، مخدوم غلام حيدر صديقي، رحيمداد مولائي شيدائي، سيد عطا حسين شاهه موسوي، ممتاز مهر، عبدالله عبد، رشيد احمد لاشاري، سردار علي شاهه ۽ سردار بهادر عبدالمجيد خان آف سکر شامل آهن. ممڪن آهي ته سندس اڃا ٻيا به ڪيترائي خاڪا رهجي ويا هجن، بهرحال، سنڌي خاڪه نويسيءَ ۾ هن ڪتاب جي هڪ الڳ حيثيت آهي. ڪيترن ئي پبلشرن کي گذارش ڪئي وئي ته هن وڌايل ڇاپي کي ٻيهر مارڪيٽ ۾ آڻجي، پر ڪتاب جي ٻيهر اشاعت، اسان جي دوست محمد سليمان وساڻ وٽ ئي ممڪن ٿي سگهي، جنھن سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ھن ڪتاب کي آنلائين ڊجيٽل انداز ۾ ڇپي تاريخ ۾ محفوظ ڪري ورتو، جنهن لاءِ مان دل جي گهراين سان سندس شڪرگذار آهيان.

شيخ عبدالرزاق ”راز“ جي سار: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

ورهاڱي کان ٿورو پوءِ سنڌي زبان جي بلند پايه شاعر ۽ اديب محترم شيخ عبدالرزاق ”راز“ جي سپرستيءَ ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سکر ۾ ”حبيب پبليڪيشن“ نالي هڪ ادارو قائم ٿيو هو، جنهن ۾ مقبول صديقي سندس رفيق ڪار هو. سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ۽ سنڌي ڪتابن پڙهڻ جي شوق واري جذبي وچان ان اداري جي ڪتابن جو خريدار ٿيو هوس. ان اداري محترم ”راز“ جي شعر جو مجموعو ”سارنگ“ ۽ افسانن جو مجموعو ”ڊاڪ بنگلو“ ڇپيو هو ۽ شيخ اياز جو ”پنهل کان پوءِ. ”راز“ جي افسانن ۽ آزاد نظم مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. ايتريقدر جو انهيءَ رنگ ۽ ڍنگ ۾ آزاد نظم ۽ افسانن لکڻ جي ڪوشش به ڪرڻ لڳو هوس. آزاد نظم ته پاڻ تائين محدود رکيم، پر ڪجهه افسانا ڇپجي ويا. اهڙيءَ طرح ”راز“ سان منهنجي غائبانه واقفيت ٿي، سندس فن جي ذريعي.
ان ڳالهه کي ڳچ عرصو گذري ويو. اداري جي ڪتابن جي اشاعت بند ٿي ويئي، پر راز صاحب جو نالو دل تي نقش رهيو، توڙي جو ورهين جا ورهيه کيس ڏٺو نه هوم. کيس پهريون ڀيرو 1957ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت سکر“ جي هڪ ادبي نشست ۾ ڏٺم؛ جنهن جي هو صدارت ڪري رهيو هو. ان نشست ۾ مون هڪ لوڪ ڪهاڻي پڙهي هئي، جنهن تي تبصرو ڪيو هئائين، ۽ لوڪ ڪهاڻيءَ جي فن تي به ڳالهايو هئائين. سندس تبصري ۽ فن تي ڪيل بحث مون کي متاثر ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سندس ناقدانه حيثيت کان به متعارف ٿيو هوس. ان زماني ۾ ساڻس ڪا ملاقات ڪانه ٿي سگهي البته ايترو معلوم ٿيو ته هو ان زماني ۾ سکر جي ميونسپالٽيءَ جو چيف آفيسر هو؛ ۽ ان وقت جيڪي ادبي جلسا، مشاعرا ۽ ادبي نشستون ٿينديون هيون، اهو سندس محنتن، ڪوششن ۽ تعاون جو نتيجو هوندو هو.
راز صاحب سان پهرين ملاقات ڊسمبر 1961ع ۾ شام جو حبيب منزل پراڻي سکر ۾ ٿي، جڏهن آءٌ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ سنڌيءَ جي ليڪچررشپ جو انٽرويو ڏيڻ ويو هوس. راز صاحب اصولن جي بنياد تي سکر جهڙي ميونسپالٽي جي چيف آفيسري ڇڏي چڪو هو، ۽ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر جو هيڊ ماستر ۽ اسلاميه ڪاليج سکر جو پروفيسر ٿيو هو. هو اسلاميه ڪاليج ۾ سنڌي ادب ۽ تاريخ اسلام پڙهائيندو هو، انهيءَ ڪري مون ساڻس ملڻ، ۽ ڪاليج جي نوڪريءَ متعلق مشورو وٺڻ ٿي گهريو. اها ملاقات منهنجي هڪ دوست محترم مير محمد هَڪڙي جي معرفت ٿي، جيڪو ان زماني ۾ اسلاميه ڪاليج جو طالب علم هو.
پهرينءَ ئي ملاقات مان ائين معلوم ٿيو، ڄڻ اسين ازل کان هڪٻئي کي سڃاڻون. نهايت خوش خلق ۽ خوش مزاج. ملاقات ۾ ڳالهين ڪندي راز صاحب پنهنجي زندگيءَ جا مختلف واقعا ٻڌايا، جن مان معلوم ٿيو ته ظاهري طرح هي نفاست، لطافت ۽ نزاڪت پسند انسان آهي، پر صحيح معنيٰ ۾ صوفي منش آهي، جنهن هر وقت اصولن تي تڪليفون سٺيون آهن ۽ ڪڏهن نه پڇتايو آهي، ڪنهن جي آڏو ڪنڌ جهڪائڻ قبول نه ڪيو آهي، پر خدا تي توڪل رکيو آهي، ۽ لالچ لوڀ کي ڪڏهن به ويجهو اچڻ نه ڏنو آهي. انهن ڳالهين مون تي ايترو اثر ڪيو، جو مون به ڏهن سالن واري پي . ڊبليو . ڊي. واري پڪي ۽ چڱي عهدي واري نوڪري ڇڏي، اسلاميه ڪاليج سکر ۾ سنڌي ليڪچراري قبول ڪئي. اها ”راز“ صاحب جي شخصيت هئي، جنهن مون کي ڪشش ڪئي.
ان کان پوءِ محترم ”راز“ سان ساٿي ٿي ڪاليج ۾ ڪم ڪيم. هو وڏو همدرد دوست هو. هو ته ڪجهه سنجيده ۽ گوشه نشين زندگي گذاريندڙ هو، پر يارن جو يار هو. ساڻس گڏجي ادبي محفلن ۽ جماعتن ۾ حصو ورتم، ۽ روزانو ساڻس ڪيترو ڪيترو وقت ويهي ڪچهريون ڪيم. هر مجلس ۾ لطف اندوز ٿيندو رهيس ۽ ڪڏهن به بوريت محسوس نه ڪيم، پاڻ جيئن پوءِ تيئن محبت ۽ سڪ سوائي ٿيندي رهي، راز صاحب رباني طبيعت جو مالڪ هو، ڪنهن جي ڪاڻ ته هن سکي نه هئي. ان جي باوجود منهنجون خاميون ۽ ڪوتاهيون نظرانداز ڪري، منهنجون نازبرداريون سهندو هو. اسان کي هڪٻئي لاءِ بيحد محبت ۽ عزت هوندي هئي.
شيخ عبدالرزاق ”راز“ مرحوم منهنجو اهو دوست هو. جنهن سان دل جو حال اوري، بار هلڪو ڪبو هو؛ جيڪو آٿت ڏيندو هو، ۽ جنهن جي متوڪلانه طبيعت مون ۾ اتساهه پيدا ڪندي هئي. هو مون سان ملي دلي طرح خوش ٿيندو هو، ۽ تاڪيد ڪندو هو ته ملڻ ۾ گهڻي وٿي نه وجهندو ڪر. مون کي احساس هوندو هو ته ”راز“ صاحب جا تمام ٿورا دل گهريا دوست آهن، جن سان ملڻ جي هو دلي تمنا رکندو هو ۽ جن سان ملي هو خوش ٿيندو هو. سندس انهن دوستن جي تمام مختصر فهرست ۾ هن ناچيز جو نالو به شامل هو. دل گهرندي هئي ته ساڻس وَرَ وَرَ ڪري ملجي، پر زماني جي گردش به انسان جو عجيب حال بنائي ڇڏيو آهي، هن کي حالتن بيوس بنائي ڇڏيو هو.
”راز“ صاحب عجيب طبيعت جو مالڪ هو. کيس گهڻن ماڻهن سان ملڻ، عام ڪچهريون ڪرڻ، ۽ هر ڪنهن سان بي تڪلفانه ملڻ ۽ گفتگو ڪرڻ نه وڻندو هو. هو تمام ٿورن ماڻهن سان دل جي خوشيءَ سان ملندو هو، خوش طبعي ڪندو هو، بي تڪلفانه گفتگو ڪندو هو، ادب ۽ فن جي مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي – وٺ ڪندو هو. هي ناچيز به انهن ٿورن ماڻهن ۾ شامل هو. هو مون کي دلي طرح ياد ڪندو هو، ۽ بي تڪلفانه گفتگو ڪندو هو.
راز صاحب مخلص ۽ باوقار دوست هو. جنهن سان ناتو رکيائين، ان سان توڙ نباهيائين. ڪن دوستن سان وقتي ويڇا ۽ وچاندر به ٿيس، پر هر حال ۾ نينهن جو ناتو ٽٽڻ نه ڏنائين. يعني شاهه ڪريم جي هن مصرع جي عملي صورت هو:
”سڄڻ ڏڄڻ نه ٿئي، توڙي رسي سئو وار.“
راز صاحب کي عام جام گهمڻ نه وڻندو هو. صرف ٻه – ٽي دوست هئس، جن جي گهر ڪڏهن ڪڏهن ويندو هو، ورنه گهر ۽ پاڻ. جيڪڏهن ڪجهه قدر وڌيڪ ڪنهن ڏانهن ويندو هو ته اهو هو، سکر پراڻي جو ”ميان پير محمد پيرزادو.“ ان سان دلي لڳاءُ هوس، ۽ ان جي اوطاق تي ڪڏهن ڪڏهن ويندو هو. محترم آفاق صديقي ۽ شيخ اياز سان به تمام گهڻي محبت هيس، شيخ اياز وٽ به گهڻو ويندو هو. هن ناچيز سان به قرب جو ڪاڍو هو. دل چاهيندي هيس ته مون وٽ به اچي، پر سفر کان دل گهٻرائيندي هيس. وس پُڄندي سفر اختيار نه ڪندو هو. پوئين زماني ۾ ته بيمار به رهندو هو، ۽ ڪمزور به ڏاڍو ٿي ويو هو. منهنجي دلي تمنا هوندي هئي، ته هڪ ڀيرو کيس ضرور پنهنجي گهر وٺي اچان. آخر هڪ ڀيرو چوڻ موٽائي نه سگهيو، ۽ باوجود ڪمزوري ۽ بيماريءَ جي گهر جي ڀاتين سان گڏجي، منهنجي گهر لاڙڪاڻي آيو. لاڙڪاڻي اڳي به هڪ – ٻه ڀيرو مون ڏانهن آيو هو. پوئين ڀيري 1981ع ۾ آيو. ڪهڙي خبر ته هو جلد ئي اسان کان هميشه وڇڙجي وڃڻ وارو آهي.
آخري عمر ۾ هو گهڻو بيمار رهيو. آءٌ وٽس ويندو رهندو هوس، پر ڪڏهن ڪڏهن وڏي وٿي به پئجي ويندي هئي، جنهن تي هو ڏاڍو ساريندو هو. گهڻي وقت کان پوءِ وٽس ويندو هوس، ته سبب پڇندو هو، ۽ ڏاڍيون ميارون ڏيندو هو. آخري عمر ۾ انهن جذبن جو اظهار لفظن ۾ ڪري نه سگهندو هو – اکين ۽ منهن جي رونق مان اهي تاثرات نمايان ٿيندا هئا، ۽ آءٌ ساڻس اکيون اکين ۾ ملائڻ جي سگهه ساري نه سگهندو هوس.
هي جهان به عجيب آهي. اچ – وڃ جو جهان، جنهن ۾ جيڪو آيو، سو ضرور وارو وڄائي هليو ويو. البت ڪي ڪي انسان اڻ مٽ نشان ڇڏي ويندا آهن، جيڪي ڪڏهن به مٽجي ۽ ميسارجي نه سگهندا آهن. راز صاحب به اهڙن عظيم انسانن مان هو. هن سنڌي ادب کي نثر توڙي نظم ۾ اهي شاهڪار ڏنا آهن، جو جيستائين سنڌي زبان ۽ ادب زندهه آهن، تيستائين هو زندهه رهندو. ان سان گڏ هن منهنجيءَ دل کي به موهيو هو، ان تي اهڙا نقش ڇڏيا، جيڪي دل جي ڦرهيءَ تي نقش رهندا. سندس پرخلوص برتاءُ، محبت ڀريون ڪچهريون ۽ ادبي گفتگو ڪڏهن به وسرڻ جي نه آهي. سندس وفات سبب نه فقط سنڌي ادب کي نقصان رسيو آهي، پر مون کي ذاتي طرح بي انتها صدمو رسيو آهي. سندس دوستي منهنجو عظيم سرمايو هو، جنهن کان آءٌ محروم ٿي ويس. اها شخصيت هلي ويئي، جنهن سان ويهي آءٌ روح رهاڻ ڪندو هوس، علمي ۽ ادبي خيالن جي ڏي – وٺ ڪندو هوس. اڳي سکر ويندو هوس، ته دل بهار بهار پئي ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ جو راز صاحب سان ملاقات جو موقعو ملندو هو. هينئر سکر ويندو آهيان، ته اٻاڻڪو ٿي ويندو آهيان، ڇاڪاڻ جو سکر مان اها هستي هلي ويئي، جنهن جي ڪري سکر منهنجي روح جي راحت جو باعث بڻجندو هو. اڳي سکر ويندو هوس ته مٺڙي هير لڳندي محسوس ڪندو هوس؛ هينئر ويندو آهيان، ته سکر کائڻ ايندو آهي. شخصيتن جي وجود سبب ماڳن ۽ مڪانن کي ڪيڏو نه شرف آهي.
سوانح
شيخ عبدالرزاق ولد منشي عبدالرئوف، تخلص ”راز“، جنوري 1919ع ۾ تولد ٿيو. سندس وڏن 1857ع ۾ جنگ آزادي جي زماني ۾ بکر مان لڏي اچي سکر پراڻي ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. راز هڪ علمي ۽ ادبي ماحول ۾ اک کولي، جنهن جو هن جي دل تي هڪ ديرپا اثر رهيو. سندس وڏا بکر ۾ مڪتب ۾ درس ڏيندا هئا. سندس پڙڏاڏو ملا عبيدالله بکر جي آخري مڪتب ۾ معلم هو. سندس ڏاڏو ماستر حبيب الله حبيب ماستر، هيڊ ماستر ۽ شهر جي اسڪولن جو هيڊ ماستر ٿي رهيو. هو شعر به چوندو هو ۽ ان وقت جي وڏن عالمن، بزرگن ۽ شاعرن جو صحبتي هو، جن مان سخي قبول محمد، مولانا همايوني، هزهائينس مير علي نواز ناز، مخدوم قاضي بصر الدين سيوهاڻي، ميان علي نواز علوي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مخدوم غلام حيدر هالا شريف ۽ مرحوم نور محمد قابلِ ذڪر آهن. هن 1937ع ۾ وفات ڪئي.
”راز“ مرحوم ابتدائي ۽ ثانوي تعليم سکر ۾ حاصل ڪئي. ڪجهه وقت عليڳڙهه ۽ پنجاب يونيورسٽي ۾ گذاري مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي مان 1945ع ۾ بي – اي پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ساڳي ڪاليج ۾ ايم.اي پرشن ۾ داخلا ورتائين، پر مڪمل ڪري نه سگهيو. سندس استاد ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر سدا رنگاڻي جهڙا اديب، عالم ۽ تعليمي ماهر هئا. نئين ادب جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ سندس ڪوشش سان ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي، پروفيسر ڊي – ڪي منشاراماڻي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، سڳن آهوجا ۽ ارجن شاد وغيره حصو ورتو. راز صاحب انهيءَ سرڪل جو مسلسل چار سال جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. سرڪل جي سرپرستي آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي کي حاصل هئي.
ڪاليج جي زندگيءَ کان پوءِ شيخ راز 1947ع ۾ الوحيد ڪراچي ۾ ملازمت حاصل ڪئي. سندس ڪوشش سان الوحيد جي هفتيوار علمي ۽ ادبي ايڊيشن جو اجراءَ ٿيو، جنهن جو هو پاڻ ئي انچارج ايڊيٽر رهيو. 1947ع جو ڪجهه عرصو هن پنجاب ۽ ڪشمير جي سيرو سياحت ۾ صرف ڪيو ۽ انساني خون جي هوليءَ جا مناظر هن پنهنجي اکين سان ڏٺا. آخر الوحيد جي نوڪري کي خيرباد چئي، هو سکر موٽي آيو ۽ 1948ع جي وچ ڌاري سکر ميونسپالٽي جو چيف آفيسر مقرر ٿيو. حڪومت سنڌ جي سياست جي بار بار تغير جي بدولت راز صاحب کي ٻه ڀيرا نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻو پيو. هو آخري بار حالتن جي مدنظر 1958ع ۾ ستن سالن جي ملازمت کانپوءِ مستعفي ٿيو. هن جيترو وقت به نوڪري ڪئي، باهمت، بااصول، ديانتدار ۽ شهر جو خدمتگار ٿي ملازمت ڪئي.
چيف آفيسري ڇڏڻ کان پوءِ هو اسلامي ڪاليج ۾ سنڌي ۽ اسلامي تاريخ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هو خود اسلاميه ڪاليج جي بانين مان هو. انهيءَ ڪري هن کي ٻي ملازمت کان اسلاميه ڪاليج جي خدمت ڪرڻ وڌيڪ بهتر نظر آيو، جلد ئي هن اسلامي تاريخ ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول سکر جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هو ڪافي وقت بيڪ وقت هيڊ ماستر ۽ اسلاميه ڪاليج سکر جو پروفيسر ٿي رهيو، جتي ڏهه سال راقم الحروف جو ساٿي رهيو. اسان گڏجي ادبي محفلون مچايونسين، ادبي معرڪا سر ڪياسين ۽ ادبي سلسلا هلاياسين. 1970ع ڌاري اسلاميه ڪاليج سکر جي پروفيسري ڇڏي، موسوي صاحبن جي اصرار تي ”عطا حسين شاهه موسوي ڪاليج روهڙي“ جو ڪجهه وقت پرنسپال ٿي رهيو. 1962ع ۾ ايم – اي سنڌي ۾ به ڪيائين. 1964ع ۾ وري بي – ٽي ڪيائين.
ٿورو وقت روهڙي جي ڪاليج ۾ پرنسپال ٿي رهڻ کانپوءِ اها ملازمت ڇڏي ڏنائين، ڇاڪاڻ جو ايترو ٻوجهه برداشت ڪري نه ٿي سگهيو. پويون وقت فقط ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رهيو، جتان 1979ع ۾ رٽائر ڪيائين. ان کان پوءِ بلڪل گوشه نشيني جي زندگي گذاريائين. پويون وقت ڏاڍو بيمار رهيو ۽ تمام ڪمزور ٿي ويو هو. 6 ڊسمبر 1983ع تي وفات ڪيائين. الله تعاليٰ جون مٿس ڪروڙين رحمتون هجن. پويان ڪابه اولاد نه ڇڏيائين.
سندس دوست ٿورا هئا، پر انهن سان بيحد محبت ڪندو هو. سکر ۾ راقم کان سواءِ سيد شاهه محمد شاهه، ميان پير محمد پيرزادو، ميان عبدالغني، شيخ اياز، حافظ خير محمد اوحدي، آفاق صديقي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، حسن ميان ۽ الحاج محمد احمد (سابق پرنسپال اسلاميه ڪاليج سکر) سندس گهرا دوست هئا. ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن سان سندس گهرا تعلقات هئا،جهڙوڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، غلام رباني آگرو، شيخ عبدالحليم جوش، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر اياز قادري، آغا سليم وغيره.
راز صاحب تصنيف و تاليف، ۽ شعر و شاعري کان سواءِ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪوشش سان 7، 8، 9، اپريل 1950ع تي انجمن فروغ ادب سکر جي زير اهتمام ڪل پاڪستان سنڌي، اردو ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي بلند پايه اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وقت بوقت سندس ڪوششن سان سکر ۾ ڪيترائي ادبي اجتماع، ڪانفرنسون ۽ وڏي پيماني تي مشاعرا ٿيا. هو رائٽرس گلڊ شاخ سکر جو اهم رڪن ٿي رهيو، جنهن جي طرفان ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ڪتاب ڇپيا. ان کان اڳ ۾ 1954ع ۾ پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان ذاتي ادبي اشاعتي ادارو ”حبيب پبليڪيشن“ قائم ڪيائين، جنهن جي طرفان ڪيترائي سنڌي ڪتاب ڇپيا. جهڙوڪ: سندس پنهنجا ڪتاب: ڊاڪ بنگلو، سارنگ ۽ فاتح سنڌ، محترم ڪريم بخش خالد جو سنڌي صحافت، شيخ اياز جو ”پنهل کان پوءِ“، بشير مورياڻيءَ جو ”اصنام خيالي“، مقبول صديقيءَ جو مرتب ڪيل افسانن جو مجموعو ”گل ۽ مکڙيون“ وغيره. 1971ع ۾ سندس ئي ڪوشش سان ”شاهه لطيف يادگار ڪميٽي“ قائم ٿي، ۽ جنهن جي زير اهتمام اعليٰ پيماني تي شاهه لطيف ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي، ۽ ڪجهه ڪتاب ڇپيا، جهڙوڪ: شيخ راز جو ”سانگي ڪي ساريام“، ۽ آفاق صديقي جو اردو ڪتاب ”عڪس لطيف“.
راز صاحب باڪمال شاعر، بلند پايه نقاد ۽ منفرد افسانه نويس هو. مون سندس فڪر ۽ فن جو مطالعو به ڪيو هو، ته سندس زندگيءَ جو اڀياس به تمام ويجهو ويهي ڪيو هوم. مون ڏٺو آهي ته سندس قول ۽ فعل ۾ ڪوبه تضاد نه هو. جهڙو اندر هو تهڙو ٻاهر، ڪو تصنع ڪونه. هن جيڪي پرکيو ۽ پروڙيو، ويچاريو ۽ ويڃايو، اهو نهايت ديانتداري ۽ حقيقت پسندانه نوع ۾ بيان ڪيو. هو هن ڳالهه جو هرگز قائل نه هو ته:
”جهڙي لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پٺ.“
هن ڪڏهن به زماني جو رخ ڏسي پنهنجا اصول ۽ اقدار قربان نه ڪيا. هو ڪڏهن به شهرت جي شوق ۾، پنهنجي نظرين جي خلاف وقت جي وهڪري ۾ نه وهيو، چاهي سندس ويجها يار منهن مٽي وڃن. هو هرحال ۾ پنهنجي پاڻ سان سچو رهيو. هو پڪو ۽ سچو مسلمان هو، انهيءَ ڪري هن ڪڏهن به ترقي پسند هجڻ جي باوجود اسلامي عقيدن، اصولن ۽ نظرين کي ڪنهن به وقت قربان ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. بلڪ بانيءَ اسلام، ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ ڏاڍي درد ۽ سوز مان نعتون لکيون اٿس. هو سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي بانين مان هو. گوبند مالهي، سوڀي گيانچنداڻي، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جن جي سٿ مان هو. هي پهريون شاعر آهي. جنهن سنڌي زبان ۾ آزاد نظم لکيو. 1946ع ۾ سندس پهريون نظم شيخ اياز جي سلسلي ”اڳتي قدم“ ۾ ڇپيو. ان جي باوجود هو خيال جي اظهار ۾ ڪنهن به مخصوص نظريي جو پابند نه هو.
حقيقت اها آهي ته راز صحيح معنيٰ ۾ ترقي پسند شاعر ۽ اديب هو. جدت ۽ انفراديت سندس فن جون خاص خوبيون آهن. هو روايت جو باغي نه هو، پر روايت کي هڪ جامد شيءَ به نه سمجهندو هو. سندس نظر ۾ روايت هڪ سلسلو آهي، جيڪو وقت جي ڌارا ۾ وهندو، ادب جا صحتمند قدر ۽ رجحان پاڻ ۾ سمائيندو ۽ سموهيندو اچي. انهيءَ ڪري هو روايت جو قدر ڪندي، پنهنجي فن ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪندو هو. هن صداقت ۽ زندگيءَ جي حقائق کي خلوص سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو حسن و عشق جو شاعر به هو، ته معاشي ۽ معاشرتي حالتن کي به نظرانداز نه ڪندو هو. منجهس ڪنهن قسم جو تصنع ۽ فريب نه هوندو هو. سندس جديد نظريات، موجوده انساني دنيا جا اقدار آهن، جن کي نهايت خوبيءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان نباهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. هن پنهنجي شاعريءَ جي خارجي گيت، بيت ۽ وائيءَ جو به سڀني صنفن ۾ سندس مخصوص رنگ آهي، جنهن ۾ جماليات جو عنصر غالب آهي، پر غزل سان هن جو قرب هوندو هو.
هن جي شاعريءَ جا به ويرا هوندا هئا. شعر چوڻ تي ايندو هو ته ويندو هو لکندو، تمام جلد هڪ چڱو چوکو مجموعو تيار ٿي ويندو هو ۽ ڇپجي به ويندو هو. پر جيڪڏهن شعر چوڻ هڪ واري ڇڏي ڏيندو هو، ته مهينن گذرڻ تي به شعر جي ويجهو ئي نه ويندو هو. پر مون ڏٺو ته اها حالت گهڻو وقت قائم نه رهي. ٿورو وقت مس گذريو، ته شعر جي جنون اچي پر سويا. اهڙيءَ طرح ڪجهه ڪجهه وقفي کان پوءِ سندس شعر جا مجموعا شايع ٿيندا رهيا. ”سارنگ“ کان پوءِ ”پيهي منجهه پاتال“، ”سڄڻ سفر هليا“، ”ڌڙڪنين“ (اردو) ۽ ”غزل“ جي نالي سان سندس مجموعا ڇپيا.
شاعر هجڻ سان گڏ راز صاحب سٺو نثر نويس به هو. هن افسانا به لکيا آهن، ته ناول به، ڊراما به لکيل اٿس، ته خاڪا به. ان کان سواءِ مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضامين، تنقيدي تحقيقي مقالا، سفرناما ۽ تاريخي ڪتاب لکيا اٿس.

(ٽي ماهي مهراڻ، جولاءِ- سيپٽمبر 1987ع تان ورتل)

مولانا عبيدالله سنڌي

هو سڄا سارا پنجويهه ورهيه وطن کان پري رهيو. هو اسلام جو پرانو ۽ ملت اسلاميه جي اتحاد جو زبردست حامي هو. هو جنهن تحريڪ جو نعرو بلند ڪري اٿيو هو ۽ جنهن مقصد لاءِ هن انيڪ قربانيون پيش ڪيون، ان کي ناڪام ٿيندو ڏسي هو دل برداشته ٿيو سندس دل تي هڪ اونهو گهاءُ رهجي ويو هو. هو ايشيا جو عظيم رهنما هو. سندس طبيعت قلندرانه ۽ هلت چلت فقيرانه هئي.
مولانا عبيدالله سنڌي جو نالو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نهايت احترام سان ورتو ويندو آهي. مون ننڍپڻ کان سندس نالو ٻڌو هو ۽ آغاز جواني تائين سندس ذڪر ٻڌندو رهيس. مولانا کي فرنگي حڪومت برصغير کان جلاوطن ڪيو هو تنهنڪري جوانيءَ جي وقت تائين نه کيس ڏسڻ جو ۽ نه وري کيس ٻڌڻ جو وجهه مليو. هو خلافت تحريڪ جو حامي هو ۽ پنهنجي نظريي ۾ شدت پسند هو.
سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي واڳ سنڌ جي عظيم ۽ معزز بزرگ مولانا تاج محمد امروٽي جي هٿ ۾ هئي. مولانا امروٽي هڪ عالم دين ۽ سنڌين جو روحاني رهبر ۽ پير طريقت هو. سندس تبليغ سنڌ جي مسلمانن ۾ جهاد جو جنون پيدا ڪيو ۽ ان ڪري ئي سنڌ جي مسلمانن فرنگي سامراج جي خلاف قدم کنيو ۽ هندستان مان مسلمانن هجرت ڪرڻ شروع ڪئي. ان تحريڪ ۾ سنڌ جو اهم ڪردار آهي.
مولانا سنڌي جيئن ته مولانا امروٽي جو خاص معتقد هو ۽ هو پنهنجي پيشوا جي هر حڪم جي تعميل ڪرڻ پنهنجي لاءِ باعث سعادت سمجهندو هو. ساڳئي نموني ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ جا وڏا ليڊر حضرت امروٽي کي انتهائي قدر و منزلت جي نگاه سان ڏسندا هئا. حضرت امروٽي جي فتويٰ موجب برٽش انڊيا انگريزي سامراج ڪري دارالحرب بڻجي چڪو هو جتي مسلمانن جي رهڻ جي ڪا گنجائش ڪانه هئي. حڪم ٿيو ته مسلمان انگريزي حڪومت ڇڏي پنهنجي پاڙيسري مسلم رياست افغانستان ۾ پناهه وٺن ۽ افغانين جي مدد سان پنهنجي فوج تيار ڪري پنهنجي وطن کي انگريزي تسلط کان آزاد ڪرائن. ان متعلق افغان حڪومت سان ڳالهيون طئه ٿي چڪيون هيون.
مولانا سنڌي پهريون شخص هو جنهن هجرت ڪئي ۽ ان کانپوءِ سنڌ جا هزارين مسلمان افغانستان روانا ٿيا، انگريز اهڙي صورت حال کان نهايت متاثر ٿيا. جنهن ڪري هنن حڪمت عملي کان ڪم وٺي افغان حڪومت جي آزادي کي تسليم ڪيو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو افغانن برصغير جي مهاجرن سان بي مروتي جو سلوڪ اختيار ڪيو. مسلمانن مهاجرن جي پهرين قافلي جو سالا رئيس جان محمد جوڻيجو هو هڪ اعليٰ تعليم يافته، مخلص ۽ جوشيلو مسلمان هو. افغانن سنڌين جي ڪا مدد ڪانه ڪئي جنهنڪري لاچار نهايت ڏتڙيل حالت ۾ وطن وريا ۽ سندن خواب جي تعبير ٿي نه سگهي. مولانا سنڌي ڪابل کان روس روانو ٿيو جتان هو ترڪي ويو ۽ آخر ۾ حجاز ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
مولانا سنڌي جي خلوص، صداقت ۽ اسلام جي بي لوث خدمت کان ڪير انڪار ڪري سگهندو. هن اسلام پسند ڪري پنهنجي اَبائي مذهب ترڪ ڪيو هو. هن اسلام جي خاطر پنهنجي مهربان ماءُ کي ڇڏي ڏنو ۽ آخر ۾ اسلام جي نالي ۾ هن وطن کي خيرباد ڪيو. اهي سڀ قربانيون هن اسلام جي خاطر ڪيون. هو غريب الوطني جي حالت ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۽ ٻئي کان ٽئين ملڪ ڦرندو رهيو هو مسلمانن جي اتحاد ۽ اسلام جي عروج جي تلاش ۾ رهيو.
بمبئي کان سنڌ جي آزادي کانپوءِ سنڌ جي نئين حڪومت مولانا تان پابندي هٽائي ۽ مولانا 1939ع ۾ مڪه مڪرمه کان ڪراچي جي بندر تي لٿو.
مون مولانا کي غالباً 1942ع ۾ سکر ۾ ڏٺو. نه فقط کيس ڏٺم پر ان عظيم انسان کي غور سان ٻڌڻ جو موقعو به مليم. مان ان وقت ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. منهنجو دوست سيد شاهه محمد شاهه مولانا سنڌي جو وڏو مداح هو ان سان گڏجي مولانا مرحوم سان ڊاڪٽر محمد عمر جي اوطاق ۾ ملاقات ٿي. مان سندس شخصيت کان بيحد متاثر ٿيس. مولانا جوڙي جي کهرن ڪپڙن ۾ ملبوس هو. سندس ڪشاده پيشانيءَ تي سنجيدگيءَ جا آثار هئا جن ۾ ڄڻ ڪنهن رنج و الم جا نشان ويڙهيل هئا. مٿي جا اڇا ننڍڙا وار بيحد پيارا ٿي لڳا. سندس ڊگهي ۽ اڇي ڏاڙهي سندس عظيم شخصيت جي شاهدي ڏيئي رهي هئي. وضع قطع ۾ بيحد سادگي نظر آئي سندس گفتگو مان اهو اندازو لڳايو ويو جيئن ڪو شڪسته خورده زندگي کان هار کائي موٽيو هجي تنهنڪري هو هر ڪنهن کان بيزار ٿي ڏسڻ ۾ آيو. هو افغانن کان مدد حاصل ڪري نه سگهيو سندس هجرت تحريڪ ناڪام ٿي چڪي هئي. هو دنيا جي مسلمانن کي به هڪ مرڪز تي ڪٺو ڪري نه سگهيو. ترڪي سلطنت جو نالي ماتر اسلامي تصور به سندس اکين آڏو اوجهل ٿي چڪو هو. هو هندوءَ کي هندو سمجهڻ لڳو هندو جو ڪنهن به وقت مسلمان سان شريڪ غم ٿي نه ٿي سگهيو. هن جي نظر ۾ مسلمان پاڻ سان دغا ڪري رهيو هو. مسلمان مذهب کان بيگانو ٿي چڪو هو. جيڪو اسلامي تمدن سمجهيو ٿي ويو ان جو اسلام سان ڪنهن قسم جو واسطو ڪونه هو. ملان دولت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ بدعت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار هو.
مولانا سنڌي مرحوم جون ڪجهه اهڙي نموني جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳس. هن جي گفتگو ۾ خار ۽ ڪاوڙ ڏسڻ ۾ آئي ڄڻ هڪ هارايل انسان جو دل ڏاريندڙ ڳالهيون هيون. مولانا سرمايا داري نظام تي گفتگو ڪري رهيو هو ۽ جاگيردار طبقي کي برصغير جي غلامي جو جوابدار بڻائي رهيو هو. مولانا انصاف ۽ مساوات جي باري ۾ ڪيترا حوالا پيش ڪيا. هو واقعي علم جو سمنڊ هو. مولانا معاشري جي هر طبقي کان ناراض هو. مولانا جي جوشيلي گفتگو نهايت پر اثر هئي جنهن ۾ غصي، رنج ۽ طنز جا گڏيل سڏيل تاثرات موجود هئا. انهي ملاقات کانپوءِ مولانا ستت ئي گذاري ويو.
مولانا سنڌي دنيا جي انقلابي محرڪات ۽ مختلف تغيرات کي اکين سان ڏٺو. هن افغانن جي بي مروتيءَ کي ڏٺو. هن روس جي انقلاب کي ڏٺو ۽ نئين نظام کي چڱيءَ طرح جاچيو ۽ پرکيو. ترڪي ۾ وڏو انقلاب آيو مولانا ان کي ڏٺو. ترڪي کان پوءِ حجاز مقدس پهتو جتي ابن مسعود جي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي جتي هڪ خلاص اسلامي حڪومت جو بنياد پئجي چڪو هو. حجاز ۾ مولانا سياست کي ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ مڪي مڪرمه ۾ درس تدريس جي شغل ۾ مصروف هيو.
مولانا جي عظيم شخصيت منهنجي ذهن جي پردن تي نقش ٿي چڪي آهي هڪ ملاقات به ذهن تي اهڙي نموني اثر انداز آهي جا شايد سموري زندگي ياد رهندي. هو سچ پچ هڪ وڏو انسان هو. هو اجتماعي طور دنيا جي سڀني مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺي ڪرڻ جو متمني هو ليڪن سندس اهو مقدس خواب پورو نه ٿي سگهيو جنهن سندس صحت تي وڏو اثر ڪيو. الله کيس مغفرت ڪري. اهڙا انسان دنيا ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن.

(جهان- نو، سنڌڙي پبليڪيشن سکر، سيپٽمبر، 1973ع تان ورتل)

هڪ اهڙو انسان-گربخشاڻي

1941ع ۾ ڪراچي ڪاليج ۾ داخلا ورتم، ان زماني ۾ سنڌ ۾ فقط ٽي ڪاليج هئا. هڪ شڪارپور ۾، ٻيو حيدرآباد ۽ ٽيون ڪراچيءَ ۾. ڪراچي ڪاليج انهن ٻنهي ڪاليجن مان جهونو ۽ وڏو ڪاليج هو، جنهن ۾ سائنس ۽ آرٽس شعبن تي مڪمل انتظام هو ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي نالي سان مشهور هو. انهن سڀني ڪاليجن جو بمبئي يونيورسٽي سان الحاق هو. ان زماني ۾ سنڌ جيتوڻيڪ هڪ علحده صوبو بڻايو ويو هو، ليڪن اڃا الڳ يونيورسٽي قائم ڪانه ٿي هئي. ڪاليج جا سمورا امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ جي پروگرام ۽ هدايتن موجب منعقد ڪندا هئا. امتحان جا پيپر ست سمنڊ پار ويندا هئا ۽ نتيجو سختيءَ سان ڪڍيو ويندو هو. مئٽرڪ جي امتحان جو ساڳيو حال هوندو هو.
مان ڪاليج ۾ بلڪل اجنبي ۽ نووارد هوس. منهنجي ڪلاس ۾ سکر جو ڪوبه شاگرد ڪونه هو. ڊگري ڪلاسن ۾ البت سکر جا پنج ست شاگرد هئا. پروفيسرن سان به ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئي. اسان جي فئڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر گربخشاڻي هو. هُو هڪ مشهور محقق ۽ معروف اديب هو جنهن ڪري مان سندس نالي کان اڳ ئي واقف هوس. چند ڏينهن کانپوءِ پنهنجي ڪلاس جي شاگردن سان ڏيٺ ويٺ ٿي جن مان گهڻي تعداد جو تعلق اندروني سنڌ سان هو. ڪلاس جو ڪم باقاعده شروع ٿيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي پهرئين ڏينهن انگريزيءَ جي پيرڊ وٺڻ لاءِ اسان جي ڪلاس ۾ آيو. ڪلاس ۾ سٺ کان مٿي شاگرد هئاسون. ڊاڪٽر صاحب تعارف ڪرائڻ کانسواءِ ئي ڪم شروع ڪري ڏنو، انگريزيءَ ۾ ڄڻ بحر بيڪران هو، سندس ليڪچر نهايت پر لطف نظر آيو ۽ پيرڊ جي سموري وقت ۾ سندس چهري تي سنجيدگي هئي، جنهنڪري ڪلاس ۾ پڻ نهايت خاموشي هئي. سندس تلفظ انگريزي نوع جو هو، جنهنڪري سندس ڪيترا لفظ اسان جي سمجهه کان ٻاهر هئا. سندس پهرئين ليڪچر ئي منهنجي دل تي هڪ اهڙو تاثر ڇڏيو جو سموري زندگيءَ تائين رهندو. هو انگلينڊ ۾ رهيو ۽ ڪيترن تاريخي مقامات کي هن اکين سان ڏٺو هو، جنهنڪري هو اهڙين جاين جو نقشو پنهنجي ليڪچر ذريعي اهڙي نموني چٽيندو هو ته اسان جي دلين تي نقش ٿي ويندو هو. هو هڪ وڏو معلم هو. هڪ دفعي سبق ۾ ويسٽ منسٽر ايبي جو ذڪر آيو، جنهن کي هن اهڙي دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو ڄڻ اها جڳهه اسان جي اکين جي آڏو هئي. ايبي هڪ قديم ديول آهي جنهن کي انگلينڊ جي حڪومت وڌائي خوبصورت بڻايو آهي. اتان جون عمارتون ۾ نهايت خوبصورت ڪاريگريءَ جو مظهر آهن.
اسان جي سنگت ۾ ڏهه ٻارهن شاگرد شامل هئا جي گهڻو ڪري جسم جا جانٺا ۽ قد ۾ قداور هئا. استادن سان به رفته رفته دعا سلام جي واٽ ٿي ويئي. اسان جي سنگت جي هر هڪ ۾ ڪا نه ڪا خوبي ضرور هئي، جنهن ڪري اسان جي پارٽيءَ کي مضبوط سمجهيو ويندو هو. ڪلاس جون پويون بئنچون اسان لاءِ مخصوص هونديون هيون. ڪلاس ۾ گڏ، لان ۾ ڪٺا، لابيءَ ۾ گڏ ۽ ايراني ريسٽورنٽ ۾ ڪٺا. اسان جي ڪلاس جي پويان گرلس ڪامن روم هو. انٽر تائين ڇوڪرين جا ڪلاس هوندا هئا. ڪامن روم جي دروازي وٽ اسٽول تي پٽيوالي وهندي هئي. هوءَ رنگ جي ڪاري، بدن جي ٿلهي، عمر جي ڪرڙوڍ، سفيد ساڙهي ۾ ملبوس، وات ۾ اڪثر پان جو ٻيڙو ڏيو ويٺي هوندي هئي. هوءَ هميشه چوڪس نگاهن سان چوڪيداريءَ جو فرض ادا ڪندي هئي. اسان آهسته آهسته سان عليڪ سليڪ رکي سين ۽ اسان کيس چوڄ مان ماسي چوندا هئاسون. هوءَ شرارت آميز نظرن سان اسان جي ماسي چوڻ تي مشڪندي هئي، ليڪن هئي نهايت سخت ۽ زبردست. ڇوڪرين تي به حڪم هلائيندي هئي. اسان رسيس ۾ پنهنجي ڪلاس جي ٻاهران لابيءَ ۾ قطار ڪري بيهندا هئاسون. ڇوڪريون مختلف ڪلاسن مان نڪري پنهنجي ڪامن روم ڏانهن وينديون هيون. اسان جو دوست چوهڙ ميرچنداڻي ڇوڪرين جي هر جٿي جي آجيان لاءِ ”اٽينشن“ جو نعرو هڻندو هو ۽ ان کانپوءِ سندس سائيٽ ليفٽ جي صدا تي اسان سڀ گڏجي ”رائيٽ ليفٽ“ دهرائيندا هئاسون، ماسي اسان جي ڪارڪردگيءَ مشڪوڪ ۽ شرارت آميز نظرن سان ڏسندي هئي. هوءَ ڪجهه به نه چوندي هئي. هوءَ جهانديده عورت هئي. اسان کي ڄاڻي واڻي پرکيندي هئي. اسان غلط فهميءَ ۾ مبتلا رهياسين جو روز کيس وارو پان کارائيندا هئاسون.
هڪ ڏينهن اسان ليفٽ رائيٽ جي دستوري ۾ مصروف هئاسون، ماسي اوچتو ئي اوچتو ڊاڪٽر صاحب کي وٺي اچي اسان جي مٿان ڪڙڪي. ٻيا ته سڀ ڇڙوڇڙ ڀڄي وياسون، چوهڙ ۽ شون ڦاسي پيا، جن کي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي آفيس ۾ وٺي ويو. گهڻي تنبيهه کانپوءِ کين زباني رسٽيڪشن جو آرڊر مليو. اسان ڪاليج جي سامهون اچي ريسٽورنٽ تي يارن جي فيصلي جي انتظار ۾ ويٺا هئاسون هو به کن پلڪ ۾ اتي اچي سهڙيا ۽ سموري روداد کان آگاه ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت اسان تي پوريءَ طرح اثر انداز هئي. عزت و محبت سان گڏ خوف ۽ خطري جا گڏيل سڏيل جذبات اسان جي دلين تي هئا. ريسٽورانٽ ۾ لائين آف ائڪشن سوچڻ ويٺاسون. ڪلاس ۾ ڪونه وياسون. آخر ۾ فيصلو ڪيوسون ته ٻئي ڏينهن صبح جو ڊاڪٽر صاحب کان معافي وٺنداسون. ٻئي ڏينهن صبح جو پروگرام موجب هوٽل ۾ گڏ ٿياسون. ڪنڌ هيٺ ڪري ڊاڪٽر صاحب جي آفيس جي ٻاهران پهتاسون. دلين ڌڙڪڻ شروع ڪيو. ڪاليج ۾ ڊاڪٽر صاحب جو وڏو ڏهڪاءُ هو. آفيس ڏانهن ماسيءَ کي ايندو ڏسي اسان کي ڦڦڙي وٺي ويئي، ليڪن ماسي مشڪندي هيڊ ڪلارڪ ڏانهن هلي ويئي. ڊاڪٽر صاحب جو چپراسي به ماسيءَ جي مان هو. اسان پوڙهي چپراسيءَ کي ميڙ منٿ ڪري ڊاڪٽر صاحب ڏانهن موڪليوسون. اسان کي اندر اچڻ جي اجازت ملي. ڊاڪٽر صاحب کي ڏسي اسان جا انگريزيءَ ۾ ٻه چار ياد ڪيل جملا به وسري ويا. چپ ڇوڏا هڻي ويا هئا. ڊاڪٽر صاحب منهن مٿي ڪري انگريزي ۾ پڇيو ”ڇا گهرجي؟“ سندس ڀاري آواز اسان جا ڏيل ڏڪائي ڇڏيا. هڪ دوست همت ڪري سنڌيءَ ۾ ماجرا بيان ڪئي. کيس ڏاڍي ڪاوڙ هئي. خبر نه آهي چپن ۾ ڇا ٿي ڀڻ ڀڻ ڪيائين. اسان ڪنڌ نوڙائي بيهي رهياسين. اسان جي سعادت تي شايد کيس قياس اچي ويو. انگريزيءَ ۾ چيائين ته آئنده ڪو لابيءَ ۾ نه بيهي.
اسان کي معافي ملي ويئي. نهايت خوشيءَ ۾ کيس سلام ڪري پنهنجي ڪلاس ۾ آياسون. لابيءَ ۾ اسان جي داخلا ممنوع قرار ڏني ويئي، رسيس ۾ بلڊنگ جي ٻاهران بيهڻ بي معنيٰ هو. مونکي سڀني سنگتين چيو ته ڪو گيت ٺاهه. رسيس ۾ ڪلاس جي اندر ڳائينداسون. قواليءَ جي ڌن تي هڪ غزل تيار ٿي ويو. اسان جا ٻه ٽي يار نهايت سريلا هئا، پرئڪٽس شروع ٿي وئي. ڇوڪرين جو لنگهه اسان جي ڪلاس وٽان هو. شعرن ۾ اڪثر پابندي جي خلاف احتجاج هو. درين ۽ دروازن کان ڇوڪريون ايندي ويندي اسان جي حالت زار کان واقف ٿيڻ لڳيون، سندن چهرن تي همدرديءَ جا آثار هئا، هو به ماسيءَ جي سلوڪ کان نالان هيون، ليڪن کانئس ڊڄنديون هيون. ٿلهي پٽيواليءَ کي شون ڪڏهن ڪڏهن پان پيش ڪندو هو. اسان سندس اهڙي برتاءُ تي ناراض هئاسون، ليڪن هو ”مصلحت“ جو لفظ چئي خاموش ٿي ويندو هو. ماسي اسان سان به کلي ڳالهائيندي هئي، ليڪن هئي اسان جي بدترين مخالف. اسان جي راڳ جي پرئڪٽس زورن تي هئي. ٿورن ڏينهن ۾ اسان چڱا چوکا قوال بنجي پياسون. رسيس ۾ اسان جو ڪلاس سنگيت وديالو ٿي پيو هو. تاڙين جو ڦهڪو لڳو پيو هوندو هو. ماسيءَ ڏٺو ته لابيءَ ۾ ايندي ڇوڪرين کي به اسان جي آواز تي بريڪ ٿي لڳي ويو ۽ هو دريءَ کان بيهي اسان جي ڪارڪردگي ڏسنديون هيون. ماسي هنن تي ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيندي هئي. هڪ ڏينهن ڊاڪٽر صاحب ڪلاس ۾ اچي پهتو. ڪلاس ڀريل هو، اسان ته ڀڄي جان ڇڏائي، چار پنج تماشبين شاگرد پڪڙجي پيا، جن پنهنجي بچاءُ خاطر اسان جي پارٽي جي ستن اٺن ڇوڪرن جا نالا ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌايا، اسان ته وڃي ايراني ريسٽورنٽ ۾ پناهه ورتي. ٻئي ڏينهن نوٽس بورڊ تي اسان جا نالا موجود هئا ۽ اسان کي رسٽيڪشن جو آرڊر هو، اسان جي پوري پارٽي ڪاليج ڇڏي هوٽل ۾ آئي، ليڪن ڊاڪٽر صاحب متعلق ڪنهن به ڪو ريمارڪ پاس نه ڪيو.
پنج ڇهه ڏينهن سوچڻ ۾ گذري ويا، ڪو حل نظر نٿي آيو. هڪ ڏينهن هوٽل ۾ ويٺا هئاسون ته ڊاڪٽر صاحب برنس روڊ جي فٽ پاٿ تان لنگهيو. اسان بنا ڪنهن پروگرام ٺاهڻ جي سندس پٺيان لڳي پياسون. ڊاڪٽر صاحب ڪجهه نه ڪجهه اسان کي سڃاڻڻ لڳو هو، جو اسان ڪلاس جي پوئين بئنچن تي نمائنده طور وهندا هئاسون. اسان جي غير موجودگيءَ ۾ بئنچون اجڙجي ويون هيون، ڊاڪٽر صاحب اسان کي ڏسي فٽ پاٿ تي بيهي رهيو، سندس چپن تي هلڪي مشڪ هئي، تڏهن به با رعب لهجي ۾ پڇيائين ”ڇا گهرجي؟“ اسان سڀني يڪ آواز ٿي چيو ”معافي“ اسان کان چڱي چال جو وعدو ورتائين ۽ ڪاليج ڏانهن هليو. اسان به رعب سان ڪلاس ۾ داخل ٿياسون. ڊاڪٽر صاحب پڻ اهو پهريون آرڊر منسوخ ڪيو ۽ اسان جي معافي جو پروانو نوٽس بورٽ تي لڳي ويو، اسان هن کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب جي آفيس سامهون لان ۾ ويهڻ شروع ۾ ڪيو، ليڪن زندگي بي مزي بڻجي پيئي. هن طرف ڪوئي ڪونه ايندو هو، اتفاق سان ڪا ڇوڪري ڊاڪٽر صاحب جي آفيس ڏانهن ڪنهن ڪم سان ايندي هئي. اسان جون اکيون اداس رهڻ لڳيون، ڪاليج بند ٿيڻ کانپوءِ فٽ پاٿ تي ترسي ڇوڪرين کي ڏسڻ اسان جي اصولي ڪتاب موجب قبيح فعل هو.
اسان جا گهڻا استاد اسان کي پسند ڪندا هئا. ڪم جا به برجستا هئاسون، هر ڪنهن تقريب ۾ اسان جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون هيون، آخر لاچار ٿي هڪ ٻيو پروگرام رٿيو سون. مون هڪ اردو ڊرامي جو ترجمو ڪيو. پروفيسر پنجواڻي جون همدرديون شامل حال هيون، مسودو ان کي ڏيکاريوسون، جنهن ڏاڍي تعريف ڪئي. اسان کيس عرض ڪيو ته ڪاليج جي طرفان اهو ڊرامو اسٽيج ڪجي، هن يڪدم حامي ڀري ۽ ڊاڪٽر صاحب کان اجازت جو پروانو حاصل ڪيائين. اسان جي ڄڻ الله پڄائي، شام جو ڪاليج جي ڪلاس ۾ گڏ ٿي ڊراما جي ريهرسل شروع ڪئي سون، مکيه پارٽ پاڻ ۾ ورهائي کنياسون. نوٽيس بورڊ تي نوٽيس لڳائي ڊراما جي جي مشهوري ڪئي سون، ڊرامي ۾ حصي وٺڻ لاءِ نوٽيس ذريعي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي آگاه ڪيوسون، پنج ست ڇوڪريون سليڪشن بورڊ جي آڏو پيش ٿيون، اسان چونڊ ڪري ڇوڪرين کي به شامل ڪيوسين، ڇوڪريون به پنهنجين سهيلين سان گڏجي ريهرسل لاءِ اينديون هيون، ان کانسواءِ ٻيون ڪيتريون ڇوڪريون پي.ٽي ختم ڪرڻ کان پوءِ اسان جي ريهرسل ڏسڻ اينديون هيون، اسان جو انهي نموني ڇوڪرين سان رابطو قائم ٿي ويو، ڏينهن جو ڪاليج جي وقت ۾ به هو اسان سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳيون، ماسيءَ لاءِ اهو هڪ معمو بڻجي پيو، ليڪن هوءَ به شيطان جي ناني هئي، آخر هڻي هنڌ ڪيائين، خبر تڏهن پيئي جو ڊاڪٽر صاحب جي حڪم سان ريهرسل بند ۽ ڊراما پروگرام ڪئنسل.
پهريون سال گذري ويو، ٻئي سان سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد رکيو ويو، ڊاڪٽر صاحب وٽ وفد جي صورت ۾ وياسون ڪاليج ۾ اردو سرڪل ۽ گجراتي سرڪل اڳي ئي موجود هيون، ڊاڪٽر صاحب اسان جي تجويز جو خيرمقدم ڪيو ۽ نهايت خوش ٿيو، اسان کي سندس سرپرستيءَ جو يقين ٿي ويو ۽ اهو اسان جي مجلس عامله جي ٺهراءُ موجب سرڪل جو صدر بڻيو. ۽ مونکي متفقه طور سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، هڪ شام سنڌي سرڪل طرفان ڊاڪٽر صاحب کي مهمان خصوصي بڻائي دعوت ڪئي ويئي. ڊاڪٽر صاحب مقرر وقت تي پهچي ويو. پروفيسر پنجواڻيءَ کيس سرڪل طرفان سپاسنامو پيش ڪيو. جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌيءَ ۾ تقرير ڪئي، اها سندس سنڌي زبان ۾ پهرين ۽ پوئين تقرير هئي. هونءَ هميشه ڊاڪٽر صاحب انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندو هو. انهيءَ سنڌي تقرير اسان جي دلين تي هڪ ديرپا اثر ڇڏيو. تصوف جا باريڪ نڪتا، عربي ۽ فارسيءَ جون چوڻيون ۽ بيت اهڙي خوش اسلوبيءَ سان بيان ڪيا جي دل تي هڪ نقش بڻجي پيا. شاگرد جي ذمه داريءَ کان به هن آگاهه ڪيو ۽ سرڪل جي ٺهڻ تي اسان کي مبارڪ پيش ڪئي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مصروفيت جو اظهار ڪندي سنڌي سرڪل ۾ پروفيسر پنجواڻيءَ کي پنهنجي طرفان صدر مقرر ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب بي. اي (آنرس) ۽ ايم اي جي شاگردن کي فارسي پاڙهيندو هو. مونکي وري ايم. اي ڪلاس ۾ سندس آڏو ويهڻ جو موقعو مليو. ان زماني ۾ ڊاڪٽر صاحب پرنسپل بٽاڻي جي رٽائر ڪرڻ تي پرنسپال مقرر ٿيو. ايم اي جو ڪلاس پنهنجي آفيس ۾ وٺندو هو. هو اسان کي مثنوي مولانا روم پڙهائيندو هو. سندس شعر پڙهڻ جو لب و لهجو ۽ اسلوب ۽ خالص ايراني هو. هو پنهنجي ڦرڻي ڪرسيءَ تي شعر ڏيندي ڄڻ وجد ۾ اچي ويندو هو. پڙهڻ ۾ ايترو مستغرق ٿي ويندو هو جو کيس دنيا ومافيها جي ڪا خبر نه هوندي هئي. سندس پر لطف لهجو اسان تي ڄڻ هڪ جادو جو ڪم ڪندو هو. ڪلاس ۾ 7 کن شاگرد مس هئاسون جن ۾ ڇوڪريون به هيون. ڊاڪٽر صاحب جي تشريح ۽ تبصري مان لطف اندوز ٿيندا رهياسون. اسان جو شعور به ڪافي مضبوط ٿي چڪو هو. اسان ڊاڪٽر صاحب جي علمي بصيرت ۽ ادبي مهارت جو بخوبي اندازو لڳائي سگهندا هئاسون. اسان اڃايلن وانگر هن جي پيرڊ ۾ ويندا هئاسن ۽ ترو تازه ٿي وٽانئس نڪرندا هئاسون. ڊاڪٽر صاحب جو پيرڊ 45 منٽن جي بجاءِ 70 ۽ 75 منٽن جو رهندو هو. نه کيس گهنٽي لڳڻ جي خبر نه پوندي هئي ته اسان ڪڏهن محسوس ڪيو. اسان جو شوق روز بروز تيز ٿيندو رهيو. تشنگي وڌندي رهي. قريباً ٻه سال گذرڻ تي اسان امتحان لاءِ تياري شروع ڪئي اوچتو ڊاڪٽر صاحب جي بيماريءَ جي خبر پيئي ۽ ٿورن ڏينهن کانپوءِ سندس بيوقت موت جو اطلاع اسان لاءِ هڪ دردناڪ واقعو ۽ الم ناڪ حادثو بڻجي پيو. مون سنڌي سرڪل جي ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ هڪ عظيم شخصيت کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. اها ئي سنڌي سرڪل جي آخري ميٽنگ هئي. ان کانپوءِ نه اسان رهياسين ۽ نه سنڌي سرڪل.
هو هڪ عظيم شخصيت جو مالڪ هو. جنهن علم ۽ ادب جي خدمت لاءِ پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي. هن جي لاءِ انسان انسان هو. هن ۾ ڪنهن قسم جو تعصب نه هو هن جي سيني اندر هڪ دردمند دل هئي. هن جي دل ۾ سڀني صوفياء ڪرام ۽ شعراء لاءِ وڏو احترام هو. جن جا نالا نهايت عزت سان وٺندو هو ۽ انهن جي عظمت جو قائل هو. مولانا رومي جو عاشق هو. شاهه عبداللطيف جو پروانو هو. انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف جي مقالي لکڻ ڪري هن لنڊن يونيورسٽي مان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. هو شاهه لطيف جو وڏو ۽ پهريون شارح هو. ”لواري جا لعل“ ۾ هن سنڌي بزرگن جي حالات ۽ سوانح کي قلمبند ڪيو آهي. سندس ناول نورجهان نالي نهايت مقبول رهيو آهي.
هو پنهنجي عادت ۽ اقوال جي اعتبار کان صوفي منش هو. هڪ اهڙو انسان جنهن انسانيت جو سبق ڏنو ۽ انسانيت جو مان مٿي ڪيو. جنهن مان ڪنهن به انسان کي دانسته يا نادانسته نقصان ڪونه پهتو. هر ڪو سندس عزت ڪندو رهيو ۽ آئنده به ڪندو رهندو.

(رهبر ڊائجيسٽ، 1973ع تان ورتل)

پروفيسر رام پنجواڻي

هو منهنجو استاد هو. هو شاگردن ۾ بيحد مقبول هو. استاد کان وڌيڪ هو منهنجو همدرد سڄڻ هو. هو منهنجي هر عرض کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار رهندو هو. منهنجي هر سوال کي ڪشاده دليءَ سان ورجائيندو هو. هن ڇهن سالن جي ڪاليجي دور ۾ منهنجي ڪڏهن به دلشڪني نه ڪئي. هو هڪ عوامي شخصيت جو مالڪ هو ۽ سماجي ۽ ثقافتي تحريڪن ۾ خصوصا ً وڏي دلچسپي وٺندو هو. هن جو ٿورو گهڻو لاڙو آزادي جي هلچل ڏانهن پڻ هو تنهنڪري ڪانگريس طرف جهڪيل هو. ولائتي ڪپڙو نه پائيندو هو. هو سدائين کاڌيءَ جي ڪپڙن ۾ ملبوس هوندو هو. عام طرح هو ڪاليج ۾ کاڌيءَ جي ڪوٽ ۽ پتلون ۾ ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن رواجي جوڙيءَ جي پاجامي ۽ ڪرتي ۾ ڏٺو ويندو هو. سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ هن جو ڪراچيءَ ۾ڪافي اثر رسوخ هو.
مون 1941ع ۾ فرسٽ ييئر ۾ داخلا ورتي هئي هو ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ سنڌي پڙهائيندو هو. پهرئين ڏينهن هن پنهنجي ڏيٺ ويٺ ڪرائي. ان کان پوءِ شاگردن نمبر وار پنهنجي واقفيت ڪرائي. هو بيحد دلچسپ ۽ زنده دل ٿي ڏٺو. ڪشادي پيشانيءَ تي وار پوئتي ورايل، اڇي رنگ جو گول منهن، وڏيون اکيون جن تي ڪاري فريم جو چشمو چڙهيل، سهڻو نڪ، گلابي چپ، کاڏي ڀريل، مطلب ته سڀين آرين پارين هو وڻندڙ صورت هو. قد ۽ بت ۾ پورو پنو ڳالهائڻ جو مٺڙو، ڳائڻ ۾ سريلو، شعر پڙهڻ ۾ سٻاجهڙو، اها سموري صورت حال مان پهرئين ڏينهن تي جاچي ورتي. پيرڊ گذرڻ کان پوءِ مون سمورن شاگردن کي سندس مداح ڏٺو. هڪ پيرڊ ۾ ئي هو شاگردن تي اڻ مٽجندڙ اثر ڇڏي هليو ويو. مان به سندس ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ لڳس. اهو هو پروفيسر رام پنجواڻي. جنهن ڪنهن زماني ۾ فلم ۾ به ڪم ڪيو هو. هو راڳداريءَ ڪري سنڌ ۾ مشهور شخصيت جو مالڪ هو. هو ائڪٽر مان ڦري استاد بڻيو هو تنهن ڪري فنون لطيفه جي مڙني مرحلن کان واقف هو. پهرئينءَ ملاقات ۾ ئي هو شاگردن جي دلين تي پنهنجي جاذب شخصيت جو ڌاڪو ڄمائي ويو. ٻن ڏينهن کانپوءِ هو وري پيرڊ وٺڻ آيو چيائين” جيڪي ڪجهه مون وٽ هو ان جي جهلڪ گذريل پيرڊ ۾ اوهان کي ڏيکاري اٿم هينئر ڏسندس ته اوهان ۾ ڪهڙي صلاحيت آهي. ان کان پوءِ نصابي ڪم شروع ڪبو“ سڀني يڪ زبان ٿي ” يس سر يس سر!“ چيو. هن مضمون لکڻ لاءِ هڪ موضوع تجويز ڪيو ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ناهين ويل ويهڻ جي“ ان کانپوءِ ٻه چار بيت پڙهيائين جن جي مناسبت موضوع سان هئي سڀني مضمون لکڻ شروع ڪيو ۽ پنجواڻي صاحب هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ڦيرا پائڻ لڳو. اسان سڀني تي امتحاني محويت طاري هئي. وقت پورو ٿيو سڀني کان پيپر ورتا ويا. پيرڊ ختم ٿي ويو هو جنهن ڪري پروفيسر صاحب جوابي پيپر پاڻ سان کڻي ڪلاس کان ٻاهر نڪري ويو. ٽئين ڏينهن تي ٽائيم ٽيبل موجب ڪلاس ۾ اچي پهتو. اسان کي به سندس پيرڊ جو بيچيني سان انتظار هو. منهنجو مضمون پهريون نمبر نڪتو. جيڪو هن ڪلاس ۾ پڙهي ٻڌايو. ڪلاس ۾ منهنجي اهميت وڌي ويئي ۽ اهو ئي سبب هو جو ڪاليج ۾ منهنجي دوستن جو حلقو وسيع هو . ان کانسواءِ پنجواڻي صاحب جي مون سا دلچسپي ڏسي هر ڪو منهنجي ويجهو اچڻ لڳو. اسان جون ثقافتي سرگرميون وڌڻ لڳيون. مون ڊرامو لکيو جنهن جي ريهرسل شروع ٿي. منهنجي ريس تي پنجواڻي صاحب به ”پکي ۽ پدمڻي“ ۽ ”مومل راڻو“ ڊراما لکيا. مومل راڻو فريئر هال ۾ اسٽيج ڪيو ويو جو نهايت ڪامياب ثابت ٿيو. مصنف جي بيحد حوصله افزائي ٿي. مڪالمن وغيره تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. مان اڪثر سندس جاءِ تي ويندو هوس هو وڏي قربداري سان خاطرداري ڪندو هو.
انٽر جو امتحان ڏنوسي، مان ويڪيشن ۾ سکر هوس. هڪ ڏينهن اوچتو مهنجو هڪ دوست اچي مون وٽ پهتو. کيس پنجواڻي صاحب ۾ ڪم هو. هو نواب شاهه کان آيل هو. يار به يارن جهڙو هو هينئر وڏو ماڻهو آهي تنهنڪري پنهنجو ملڻ نه ٿيندو آهي. سنگت ۾ ڪنڌ به ڪڍائي نه سگهيس ڪم به ڏکيرو ۽ پيچيدو هو. استاد سان اهڙي نموني حجت رکڻ ڏکي ته ڏاڍي لڳم پر ”همه ياران به دوزخ“ جي مصداق ساڻس گڏجي لاڙڪاڻي روانو ٿيس. منجهند جي وقت لاڙڪاڻي اسٽيشن تي پهتاسي. پڇا ڪندا پنجواڻي صاحب جو گهر ڳولهي لڌوسي. پنجواڻي پنهنجي اوطاق ۾ آرامي هو. گرمين جو زمانو هو. ڪانوَ جي اک ٿي نڪتي. ڪڙو کڙڪايوسي. استاد اکيون مهٽيندي اچي دروازو کوليو مون کي بيگاه وقت ڏسي تعجب ۾ پئجي ويو. وڏي قرب مان ڀاڪر پائي مليو. اسان کي وهاري پاڻ هڪدم اندر ويو. جهٽ پلڪ ۾ موٽي آيو. ور ور ڪري خوش خير عافيت ڪيائين. هو سچ پچ حيرت ۾ هو ته اسان تي ڪهڙي مصيبت پئي هئي جو ڪمهلي سمي لاڙڪاڻي پهتا هئاسون مون کيس پوري روداد ٻڌائي. کلي چيائين ”ڀلي آيا نچ آيا منهنجون اکيون ٿڌيون. پر خط لکي موڪلين ها ته ڌر تتيءَ کان بچي پوين ها“ وري چيائين ”اهڙا ڪم ته يار! تنهنجا روز پون. هونءَ ته ٻن سالن ۾ ڪڏهن به نه آئين“ اهو سندس ظرف هو مان سندس ٿورائتو ٿيندو رهيس. مون ساڻس موڪلائڻ جو سعيو ڪيو ”اوهان آرامي هئا اسان اچي اوهان جي آرام ۾ خال وڌو آهي“ جواب ڏنائين”اهڙي ملاقات تان سوين آرام گهوري ڦٽو ڪجن“ ان وقت ماني آئي. اسان رڪ اسٽيشن تي ماني ۽ ڪباب کاڌو هئوسي تنهنڪري ضرورت ڪانه هئي. پر پنجواڻي صاحب کان جان ڇڏائڻ سولو ڪم نه هو. ساڍي پنجين بجي تائين هن ڪيتريون چيزون گهرائي اسان جي تواضع ڪئي نه کائڻ به ڄڻ سندس وضعداريءَ تي هڪ داغ هو. مٺائي، ميوو، آئسڪريم، ڪلفي، مطلب ته هن ڏهن آڱرين تي ڏهه ڏيئا ٻاري ڇڏيا. ڇهين بجي تيار ٿي هو اسان کي لاڙڪاڻي جي بازار ۽ باغ گهمائڻ هليو. رات رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ٻڌائين پر مون هٿ ٻڌي کانئس موڪل ورتي. هو گڏجي اسٽيشن تي آيو ۽ اسان ريل تي سوار ٿي روانو ٿياسي.
هن سکر اچڻ جو وعدو ڪيو هو. هو هر وئڪيشن ۾ سکر ايندو رهيو. ملڪ جي ورهاڱي تائين سندس اهڙو دستور رهيو. سندس اچڻ ڪري منهنجي ننڍڙي اوطاق ۾ رنگ لڳي ويندا هئا. شڪارپور کان شيخ اياز، نواب شاهه کان دريا خان جلباڻي، سنتو لعل لاڙڪاڻي کان، شاهه محمد شاهه پني کان، سڳن سکر ۾ موجود هوندو هو. مطلب ته سڀ يار ڪٺا ٿيندا هئاسي. رام پنجواڻي سان ڊگهي رهاڻ رهندي هئي مان راڳيندڙ ۽ طبلچين کي هٿ ڪندو هوس. سکر جا ڪيترا اميچوئر پڻ ڪٺا ٿيندا هئا. سڄو ڏينهن راڳ ۽ شعر جي محفل رهندي هئي. اهو ساليانو ڏينهن اسان جو يادگار بڻجي پوندو هو. پنجواڻي صاحب جي لاءِ مٽڪو هٿ ڪيو ويندو هو. رام مٽڪي تي ڳائيندو هو. پنجين بجي مهل بادامين جي ٿاڌل جو دور هلندو هو سڄي ڏينهن جا ٿڪ ڀڄي پوندا هئا.
توڙي پنجواڻي صاحب برجستو شاعر نه هو، پر منجهس تڪ بندي جو شعور پختو هو. هو سنگيت جي فن کان واقف هو جنهنڪري سندس مزاج ۾ رواني موجود هئي. هو روحاني طور بيوس ڏانهن مائل هو. پاڻ کي بيوس جو معتقد ۽ شاگرد سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو.
جڏهن اسان بي اي ۾ سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد رکيو، هن کي نائب صدر چونڊيوسي ڊاڪٽر گربخشاڻي سرڪل جو نالي ماتر پريزيڊنٽ هو. مان سرڪل جو جنرل سيڪريٽري هوندو هوس اسان جو سٻنڌ پاڻ وڌيڪ پختو ٿي پيو. هو اسان جو ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي هو. ڊي جي سنڌ ڪاليج جي تاريخ ۾ سنڌي ادب جي اها پهرئين تحريڪ هئي. ورنه اردو سوسائٽي ۽ گجراتي سوسائٽي ڪيترن سالن کان موجود هيون.
مون سان سندس محبت جو اهو عالم هو جو جيڪڏهن ڪنهن سال مان کيس چيو ته نئين چونڊ ۾ آءٌ اميدوار نه ٿيندس ته مون سان ڪاوڙجي ويندو هو تنهنڪري چار سال سانده ادبي سرڪل جو جنرل سيڪريٽري رهيس دوستن جو به اعتماد هو. گهڻو ڪري سنڌي سرڪل جا هندو ميمبر هوندا هئا جن سان منهنجا نهايت خوشگوار تعلقات هوندا هئا ڪي ته بلڪل ويجهو هوندا هئا جن جي گهرن ۾ منهنجي پرتپاڪ آجيان ٿيندي هئي. منجهن ڪنهن قسم جو تعصب ڪونه هو، لطيف جي نگريءَ جا ماڻهو گهڻو ڪري سٻاجهڙا سڄڻ هوندا آهن.
پروفيسر پنجواڻي جديد ادب جو به دلداده هوندو هو هن کي اردو جي معروف شاعرن فيض، مجاز، جوش ۽ اختر شيراني جا ڪيترائي اشعار برزبان ياد هوندا هئا. هو پنهنجي گهڙي جي وڄت جي سهاري علامه اقبال، جوش ۽ فيض جا اشعار ڳائيندو هو. سماجي مصروفيتن سبب جيتوڻيڪ هن کي نئين ادب جي مطالعي جو گهٽ وقت ملندو هو تڏهن به هو ايترو ذهين هو جو نئين ادب جي لاڙن ۽ رجحانن تي موثر ۽ مدلل تقرير ڪري سگهندو هو. هو ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻي ۾ به ڪنهن وقت اچي ويندو هو. اسان هفته ۾ هر آچر تي سنڌي سرڪل طرفان ڪاليج جي هال ۾ شاهه جي ڪلام جي اڀياس جو ڪلاس شروع ڪيوسي. جنهن جي منڍ ۾ ولو، موهن يا رامواني نئين سر کي الاپيندا هئا ۽ شاهه جون وايون ڳائيندا هئا. اتي شاهه جا شائق گهڻي تعداد ۾ موجود هوندا هئا. رام پنجواڻي شاهه جا بيت سر سان پڙهي انهن جي سمجهاڻي ڏيندو هو. اها ٻن ڪلاڪن کن جي مجلس روح رهاڻ هوندي هئي. شيام، منشاراماڻي، ڊاڪٽر سدارنگاڻي وغيره ان ۾ شريڪ ٿيندا هئا، هن مجلس ۾ ڪاليج جي ڇوڪرين جو تعداد به چڱيرو هوندو هو. ٻئي چوٿين آچر تي اياز به اچي نڪرندو هو، هو اياز جا به انقلابي گيت سر سان ڳائيندو هو. اهي پر لطف ڏينهن لنگهي ويا ڄن زندگيءَ جي خوشگوار لمحن جو هڪ باب ختم ٿي ويو. بس هينئر ته يادگيرين جو حال اهڙو آهي جو ڪنهن گهڙيءَ به منهنجي جان نه ٿيون ڇڏين. (نومبر 1971ع)

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)

شيخ اياز

اڄ منهنجي ذهن ۾ ڪن مٺڙين گهڙين ۽ پر ڪيف يادگيرين جي ڄڃ ڌيري ڌيري هلڻ لڳي آهي. اندر ۾ خوشين جو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي.گذريل ٽيهن سالن جون انيڪ ڳالهيون اپڇرئيون بڻجي منهنجي آڏو ناچ ڪري رهيون آهن. آءٌ اڄ ماضيءَ ۾ گم ٿي ويو آهيان. حال ته سدائين حيات هوندو آهي، پر مان انهي جو پانڌيئڙو ماضي ڏانهن موٽان ٿو. ڄڻ حال کي دفن ڪري چڪو آهيان.خبر نه آهي ڪڏهن اهي ماضي جون ڪومل ديوداسيون اوجهل ٿي وينديون ۽ مان حال جي فال ۾ مست ٿي مستقبل تي سوچڻ جي لائق بڻيس.
اياز منهنجي لاءِ هڪ اهم شخصيت آهي، هونءَ به سندس شخصيت همه گير آهي پهريائين، سندس شاعري جو عاشق هوس ۽ ان کانپوءِ سندس شخصيت جو شائق بڻجي پيس. ان سان سڪ ۽ ساڃهه جا ويهه سال گذاريا اٿم. زندگيءَ جا اهي نهايت اهم مفيد ۽ مؤثر سال هئا. گيانچنداڻيءَ جي اڳڪٿي ياد ٿي اچيم هن سچ چيو هو اياز مون بنا اڻ پورو مان هن کانسواءِ نامڪمل واقعي اهي ڏينهن شينهن هئا. شايد مون گذريل اٺن سالن جي ناراضگيءَ ۾ کيس هزار وار وسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر سندس صورت هڪ ڀرپور انداز ۾ منهنجي تصور ۾ ايندي آهي. جيڪڏهن اسان مان ڪو هڪ ناراض هجي ها ته ڳالهه ٺهي پوي ها، پر جيڪڏهن ٻيئي ڪاوڙيل آهيون ته شايد ميل ملاقات ٻئي جهان ۾ ٿئي.
مان ڪراچي ڪاليج ۾ بي. اي جو طالب علم هوس. شاهه محمد شاهه خط لکي اطلاع ڏنو ته اياز ڪراچي ڪاليج ۾ داخلا ورتي آهي. شاهه ۽ مان کيس هڪ شاعر جي حيثيت ۾ سڃاڻيندا هئاسي. روبرو ملاقات جو موقعو ڪڏهن ڪونه مليو هو. مان اياز کي ڳولهڻ لڳس ڪاليج ۾ گهڻي ئي نوان شاگرد ٿي آيا ويا انهن جي ڪير ٿو ڳڻتي ڪري. اياز به ڪو هوندو پر مونکي اياز سان ملڻ جو شوق هو.نارائڻ شيام ملاقات ڪرائي. پهرين نظر ۾ هڪ ويران ۽ خشڪ چهرو ڏٺم جنهن جي نراڙ تي شاعريءَ جي ليڪ نظر نه آئي. ٻي نظر ۾ سڌي ۽ سڪل ڪاٺيءَ وانگر هڪ ڊگهو بدن ڏٺم، جنهن تي ڪو ماس چڙهيل ڪونه هو شوق جي نگاهه سان ڏٺم ته سندس چپن تي مرڪ هئي سمجهيم ته جاندار آهي.هٿ ملايائين ته هٿ جي نرميءَ ۾ تازگي ۽ شاعرانه نفاست محسوس ڪيم. وري ڏٺم ته هڪ ڊگهيرو ۽ سنهڙو جوان زين جي اڇي پتلون ۽ اڇي قميص ۾ مبارڪ علي عرف شيخ اياز نالي نوجوان شاعر منهنجي آڏو هو. سندس منهن ڊگهيرو ۽ رنگ ڪڻڪائو هو جنهن تي ماتا جا وٿئرا داغ سندس چهري کي بي ضابطو ڪري رهيا هئا تنهن هوندي به وڻڻ جهڙو هو.
هو هڪ خاموش طبع جوان هو،رلڻو ملڻو ڪونه هو. منهنجو حلقو وسيع هو. هر قسم جا دوست جن سان جدا جدا محفلون ڪندو هوس. اديب به هئا، عاشق به هئا، موسيقار به هئا، ڪي خوامخواه به هئا. اياز کي منهنجا غير سنجيده دوست هرگز پسند نه هئا. مان اياز جو دوست بڻجي پيس. مان روزانو شام جو اياز وٽ سنڌ مدرسي هاسٽل ۾ ويندو هوس.۽ اڪثر پنهنجي اڳين دوستن جي ٽولي مان غير حاضر رهڻ لڳس. تنهن ڪري هو اياز جا مخالف بڻجي پيا.۽ هنن مون کي چيڙائڻ جي خاطر اياز جو نالو”شڪارپوري ڀورل“ رکيو. اياز سان يارن جي رقابت جو احوال ڪيم جنهن پاڻ وارو لقب ڦيرائي منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ گهڻو ڪري مونکي انهي لقب سان سڏيندو هو.
مدرسي هاسٽل کان اسان بندر روڊ ڏيئي روزانو شام جو نيٽي جيٽي ايندا هئاسي. اياز شاعري ڪندو هو. ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر ۾ رڳو مان اڪيلو ٻڌڻ وارو هوس يا سندس تصورات جي ديوي، سمنڊ جو ڪنارو لهرين جي جهمر مٿان نيري آسمان تي تارن جو اک ٻوٽ اسان جي شاعرانه مجلس کي شاندار ۽ رونقدار بڻائيندي هئي. رات جو دير ڀرو دماغ ۾ نئون سرور ۽ مٺڙو نشو سمائي جيٽي کان هلي بولٽن مارڪيٽ ڏي وڌندا هئاسين. اها شاعري سندس دل جي شاعري هئي.منهنجي شاعري کي سندس شاعري کان روشني ملي.جيئن مان اياز جي شخصيت ۾ غرق ٿي ويس تيئن منهنجي شاعري سندس شاعريءَ ۾ گم ٿي ويئي. هن کي چانڊوڪي رات بيحد پسند آهي.هو چنڊ جو شيدائي آهي.گلن جو به کيس وڏو شوق آهي.گلن کي ائين ڏسندو آهي جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب کي ڏسي. ڪراچي هن جي لاءِ ان وقت هنگامه آرائيءَ جو ميدان هئي.ان کانپوءِ به سندس اهڙو تاثر رهيو آهي.ڪراچيءَ جي آبهوا کيس ڀانءِ نه پيئي هو بيمار ٿي پيو ۽ مان ڪاليج ڇڏي سندس خدمت ۾ لڳي ويس. سندس ڪاوڙ سهڻ جو پاڻ ۾ مادو پيدا ڪيم هو بيوس هو. ڊاڪٽر وقت سر نه اچي ته ڏوهه منهنجو سندس تپ نه لهي الزام مون تي.کيس موسم نه وڻي ته قصور منهنجو. ان ٽائيفائيڊ جي بيماري جي سترهن ڏينهن ۾ مون هن جا ڪيترائي رنگ ڏٺا. اتي سندس ڪوبه سماءُ لهڻ وارو ڪونه هو تنهنڪري مون ناز برداري جا ڪيترائي مرحلا کلي ۽ خوش ٿي پورا ڪيا.منهنجو موڊ به وقتي خراب ٿيندو هو. چوچ مان مون کي ڀورل سڏي پرچائيندو هو. منهنجي رڻ ۾ رات هئي، پر مان سندس نازڪ مزاجي کي بحال رکندو آيس. هو بيماريءَ کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. هو واقعي پيارو ماڻهو آهي ڪاوڙ ۾ وڌيڪ پيارو لڳندو آهي. اسان پنهنجي دوستي جا سمورا سال هڪ ٻئي کي ڪاوڙائڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسي.هن کي به منهنجي ڪاوڙ مان لطف ايندو آهي.
اياز هاسٽل ۾ ماني نه کائيندو هو. جتي عموماً گوشت جا شوقين ماني کائيندا هئا. هوگوشت کان پرهيز ڪندو هو. تنهنڪري لائيٽ هائوس جي سامهون هندوءَ واري هوٽل تي کيس ٻه ڀيرا وٺي وڃڻ به منهنجي فرض ۾ شامل هو. بيري کي هڪل ڏيئي پڇندو هو”اڙي ڇا تيار آهي؟“بيرو يڪساهي چوندو هو”دال وڙيون سائي ڀاڄي، واڱڻ،ٻٽالو، ڀينڊيون تريل،ڪريلا داسيل، چانور ڀڳل وغيره“ مان بي دلي سان مينو ٻڌندو هوس.جيئن هن کي گوشت سان چڙ هوندي هئي ساڳي نموني مان ڀاڄين کان بيزار هوندو هوس. هو ماني کائيندي ڀاڄين جي انيڪ فائدن تي تقرير ڪندو هو. بيمار ٻڪري ۽ مئل رڍ جي گوشت جي نقصانن جي نشاندهي ڪندو هو.پر مون تي ڪو اثر ڪونه ٿيندو هو. چوندو هئو تڏهن ته ڪند دماغ آهين. الله محفوظ رکي مون ساڻس انيڪ فائدن وارن ۽ وٽامن سان ڀرپور ڀاڃين کي ڪڏهن نه چکيو ۽ مون پنهنجي دنيا ۽ عاقبت کي خراب ڪرڻ نه ٿي چاهي.چوندو هو ڪنهن ڏينهن مغز پاوا، منڍي کائي مرندين قبر تي”شهيد گوشت“جي تختي لڳندءِ مان سندس نصيحت تي ڪن نه ڏيندو هوس ته ڪاوڙجي ويندو هو.بولٽن مارڪيٽ مان موسميون خريد ڪندا هئاسي. مان انهن جي کائڻ کان به انڪار ڪندو هوس چوندو هو”جنت ۾ بک مرندين“ منهنجي خاموشيءَ تي وري چوندو هو”جلد مرندين“ڪڏهين مولوي جلد يا اوچتو مرندو ڏٺو ٿي توڙي هن جي گوشت سان دلچسپي عشق جي حد تائين وڌيل آهي.”اڙي چريا اها ايمان جي برڪت اٿس.“ ائين چئي هو هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندو هو.
ايازکي هزار منٿون ڪري ادبي ڪچهرين ۾ وٺي ويندو هوس.مون تي وڏا ٿورا ڪري سنڌي سرڪل جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. دوستن جو قائل نه هو ۽ مونکي دوستن جو هڪ وڏو حلقو هوندو هو. بي اي فائينل ۾ اياز کي ميٺا رام هاسٽل ۾ جاءِ ملي. سندس ماني جو مسئلو حل ٿي ويو جتي ڪيترائي ويشنو موجود هوندا هئا. ميٺا رام هاسٽل جو ستون نمبر ڪمرو هونءَ به اديبن جو اڏو هو. اياز جي اچڻ کانپوءِ سندس ڪمري ۾ به ڪچهري ٿيندي هئي. اياز ۽ منهنجون نويڪليون ملاقاتون قريبن ختم ٿي ويون. هو ڏاڍو اورچ ۽ وڏو محنتي هو.بي اي جي امتحان جي تياري ڪرڻ ۾ مصروف رهيو. تنهنڪري نيٽيءَ تي سفر ڪرڻ جو موقعو هئن کان نڪري ويو.
سنڌي سرڪل جي سهاري هيٺ مون هڪ ڪتابچو شايع ڪيو. اياز جو مشهور نظم“او باغي راڄ دروهي ڀارت ۾ بلوي جا باني“ پهرين صفحي تي آندو هيم. اهو نظم ادبي حلقن ۽ ڪانگريسي سياسي پارٽين ۾ بيحد مقبول ٿيو هو.گويا اياز جي شهرت جو اهو پهريون پٿر هو. ترقي پسند مصنفين جي انجمن ۾ اياز جي شاعري مؤثر نموني اڳتي وڌڻ لڳي. اياز ان وقت ٽالسٽاءِ، گورڪي، نذرالاسلام، خليل جبران ۽ اردو جي شاعرن ۾ فيض، راشد، بيدي، منٽو ۽ عصمت جي تعريف ڪندو هو. سنڌي شاعرن ۾ فاني ۽ ڪاظم جو حامي هو. شاهه لطيف سان ته سندس روحاني عقيدت هئي. تنهنڪري سرڪل جي هفتيوار شاهه ڪلاس ۾ به گهڻو ڪري اچي نڪرندو هو.
اياز ۽ مون ۾ هڪٻئي جي ڪتابن لمائڻ جي عادت هوندي هئي. جيڪڏهن هو منهنجو هڪ ڪتاب ڦٻائيندو هو ته مان سندس ٻه ڪتاب کڻي ايندو هوس. ائين ڪرڻ سان ٻنهي کي ڏاڍو لطف ايندو هو، پر هڪ ٻئي کي ڏسي عجيب حرڪتون ڪري ڪتابن لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسي.ڪتابن جي اهڙي چوري جي حساب ۾ ٻيئي خوش فهمي ۾ مبتلا هوندا هئاسي. مان سمجهندو هوس ته مان نفعي ۾ هوس ۽ هو سمجهندو هو ته هو فائدي ۾ هو. اياز سوشلسٽ نظريي کي سنڌي شاعري ۾ اجاگر ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ نئين راهه هموار ڪئي. ان نظريي جي پرچار ۾ هن هڪ ڊگهو قدم وڌايو. هن پنهنجي نظمن سان استحصالي معاشري جي بدن تي هڪ چهبڪ وسايو. اياز ان وقت شاگرد هو. يتيم ٻار ٿي پليو هو ، ماءُ جي شفقت ۽ ننڍي ڀيڻ جي پيار هن کي محنت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. پڙهڻ سندس دلپسند مشغلو هو. سندس ماٺيڻي طبيعت ۾ هيجان پيدا ٿيو. جنهن ڪري سرمايه دار ٽولي سان هن جي نفرت ٿي ويئي جتي زر جو قدر هو ذهن کي ذليل ٿي سمجهيو ويو.
اياز هر نئين ڳالهه جو قائل ٿي پيو اگهاڙي ترقي پسند ادب جو مداح ۽ دلداده هو. هڪ ڀيري سنڌي سرڪل جي ادبي ڪچهريءَ ۾ هڪ اگهاڙو جنسي افسانو پيش ٿيو. لالچند امر ڏنومل صدارت ڪري رهيو هو. افساني ٻڌڻ مهل صدر ڪيترا ڀيرا پنهنجي عينڪ لاهي رومال سان صاف ٿي ڪئي هن وقت بوقت اکيون ٿي ڇنڀيون. هر ڪنهن انهيءَ افساني کي نندڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر اياز ان جي حقيقت پسندانه پهلو تي بحث ڪري باهه تي تيل جو ڪم ڪيو. هال ۾ هڪ هنگامو برپا ٿي ويو ، اياز ڪاوڙ ۾ مائيڪ ڇڏي ٻاهر نڪري ويو. جلسي ختم ٿيڻ تي مان اياز وٽ ويس جنهن مونکي منهنجي دوستن سميت ڏاڍا سخن ڪڍيا.ان ڏينهن جي ڪاوڙ مونکي اياز جي آڏو مسڪين صورت بڻائي ڇڏيو. ان کانپوءِ هو وري سنڌي سرڪل جي ميڙ ۾ نه آيو. گوبند مالهي ترقي پسند مصنفن جي طرفان سوڀي گيانچنداڻي جي مدد سان پرهه ڦٽي شايع ڪيو. اياز جي شهرت جو ٻيو پٿر پرهه ڦٽي سان گڏ مٿي اڀري آيو. اياز تي جيڪڏهن ڪنهن جي طرفان به ادبي تنقيد ٿيندي هئي ته هو مون تي ڇوهه ڇنڊيندو هو. مان سندس چڙ مان مزو وٺندو هوس. اياز تپي لوهه ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪدم برف ٿي ويندو آهي. اها اياز جي فطرت آهي ته هو دشمن کي به معاف ڪري ڇڏيندو آهي. انتقام وٺڻ سندس سڀاءُ جي خلاف آهي.
اياز کي خبر هئي ته مونکي سئنيما ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي.هڪ ڏينهن چيائين”ڀورل! اڪيلو ٿو پڪچر ڏسين، پر ڪڏهن ته ڏيکار.“وري شرارت ڪندي چيائين”يهودڻ سان ويندو آهين ڇا؟“منهنجي محلي ۾ هڪ خوبرو طرحدار يهودي ڇوڪري رهندي هئي، هڪ ڀيري اياز کيس مون سان ڳالهائيندي ڏٺو هو. بهرحال اياز کي سٺي پڪچر ڏيکارڻي هئي هڪ پڪچر مونکي ڏاڍي وڻي هئي سا ٻيو ڀيرو ڪراچيءَ ۾ لڳي هئي”چتر ليکا“ اياز کي نالو ڏاڍو رومانٽڪ لڳو. نيپئر روڊ جي هڪ پڪچر هائوس ۾ اها فلم شروع ٿي. اسان نيپئر روڊ ۾ داخل ٿياسون، جهونا مارڪيٽ وارو چونڪ لتاڙي اڳتي وڌياسين اياز مرڪي چوڻ لڳو”ڀورل! ڪاڏي ٿو هلين ڪو مجرو ڏيکاريندي ڇا؟“مون چيو ”چپ چپات ڪري اکيون هيٺ ڪيو منهنجي پٺيان لڳو آءُ“سئنيما گهر ۾ داخل ٿياسون. پڪچر واقعي ترقي پسندانه هئي اياز جي مزاج مطابق، پهريون سينريون ڏسي اياز ڏاڍو خوش ٿيو ، پر پوءِ اوچتو ماٺ ۾ اچي ڪرسيءَ تي پاسا اٿلائڻ لڳو. پڪچر ختم ٿي ٻاهر نڪتاسون. اياز ڪاوڙيل نظر آيو ،مون پڇيو ”پڪچر نه وڻيئي ڇا؟“خدا جو قسم! جو توسان ڪڏهن به پڪچر تي اچان کٽملن لاهه ڪڍي ڇڏيو.“ان کانپوءِ اياز ڪڏهن به مون سان ڪراچيءَ ۾ پڪچر ڪانه ڏٺي. ستن سالن کان پوءِ سکر ۾ وري گڏجي پڪچر ڏسندا رهياسي.
بي اي پاس ڪري ايل. ايل. بي ۾ داخل ٿياسي. اياز ميٺا رام هاسٽل کان لڏي جناح ڪورٽس ۾ رهڻ شروع ڪيو. جناح ڪورٽس جو ڏورانهون پنڌ هو تنهنڪري اياز سان ڪاليج ۾ ملاقات ٿيندي هئي. مان هڪ آچر تي شيام سان شيوا ڪنج ۾ ملاقات ڪري اياز ڏانهن هليو ويس. اياز جون قربائتيون ڳالهيون شروع ٿيون اڍائي ڪلاڪ گذري ويا.ڏيڍ ٿي ويو اياز ماني پنهنجي ڪمري ۾ گهرائي ان ڏينهن برياني جو وارو هو.کائڻ شروع ڪيوسي اياز جڏهن گوشت کائي رهيو هو ته مان کيس ڏسي مرڪي رهيو هوس. چوڻ لڳو”گوشت کائڻ جي به عمر ٿيندي آهي ڀورل“مون کلي چيو”هائو اڳئين سال تون صغير هئين “خار ته ڏاڍي آيس پر برياني لذيذ هئي، جنهن ڪري خار کي ماري ويو. سندس اصول ٽٽي پيو هو. ڇهن مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن دريا خان جلباڻيءَ جي سنگت ۾ کيس سگريٽ پيئندي ڏٺم سندس ٻئي اصول جو به ڏيوالو نڪري چڪو هو.مونکي چوندو هو سگريٽ نه پيءُ سلهه ٿينديءِ مري ويندين.هڪ ڏينهن مذهب تي بحث ڪندي مان ساڻس چڙي ويس. قطع تعلقات ٿي ويا. هفته ٻه گذري ويا هن پرچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر مان ڀڄي جان بچائيندو هوس. هڪ ڏينهن بي خيالي ۾ ڪاليج جي ڏاڪڻ تي لٿس ته مان اوچتو سندس ڀاڪر ۾ جڪڙجي ويس”ڪاڏي ڀڄندين ٻچا! شاعر ته سدائين ڪافر کي پوڄيندو آهي تون گاسليٽي شاعر آهين“سنجيدو ٿي وري چيائين ”ڀورل! اڄ کان وٺي پنهنجو صلح. مذهب تي بحث نه ڪبو. هل ته ايراني وٽ روز واٽر پياريانءِ“اسان لهي وياسي ۽ اياز ان کانپوءِ ڪڏهن به مذهب جي ڳالهه نه ڪئي. هن سدائين منهنجي جذبات جو احترام ڪيو. ساڳي سال ڪوئيٽه به گڏ هياسي اتفاق سان سوڀو، رام پنجواڻي ۽ نعيم صديقي وغيره به اتي هئا ٻه ٽي هفتا خوب ڪچهري ٿيندي رهي، جنهن جاءِ تي مان لٿل هوس اها جاءِ اسان جي گڏجاڻين جو مرڪز هئي.
ڪاليج جي تعليم کانپوءِ اياز سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. مان الوحيد پريس ۾ مئنيجر ٿيس.ان وقت به پاڻ ۾ ويڇو ڪونه هو ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي هوندا هئاسي. 1948ع جي شروعات ۾ مان سکر آيس ۽ سکر ميونسپلٽي جو چيف آفيسر ٿيس. اياز پڻ ملازمت ڇڏي ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي، پراڻي معاشقي کان سندس جان آجو ٿي هئي ۽ هن ڪراچيءَ جي سنگت ۾ غم غلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس شاعري به ختم ٿي چڪي هئي.گذر معاش جو گهاڻو انسان کي پيڙي ٿو ڇڏي، پر هو محنتي هو. منڍ کان وٺي هو مشڪل کي منهن ڏيندو رهيو پنهنجي همت ۽ حوصلي سان هن ڪنهن جو سهارو نه ورتو.
سال سوا کانپوءِ هڪ ڏينهن اوچتو اياز صاحب سوير اچي مون وٽ پهتو. هن پنهنجي شادي جي پروگرام کان مونکي آگاهه ڪيو. شادي ۾ شرڪت لاءِ وڏو اسرار ڪري وعدو ورتائين. هو ساڳئي ڏينهن انتظام ڪرڻ لاءِ شڪارپور روانو ٿيو. مان مقرر ڏينهن تي شام جو ٻن دوستن سان گڏ وڃي شڪارپور پهتس. اياز اڪيلي سر پٽ کوهه ۾لڳل هو. مونکي ڏسي ڪاوڙجي ويو ڄڻ ته مونکي سندس تقريب جو انتظام ڪرڻو هو. مان به لنوائي دوستن سان گڏ لکيدر گهمڻ ويس. سج لٿي کانپوءِ نڪاح واري جاءِ تي پهتس. اياز هيٺ گلم تي ملن جي وچ ۾ گلابي رئي ۽ گلن جي ڪنڍين ۾ چوکنڀو ٻڌو ويٺو هو. پهريون ڀيرو مونکي سندس مجبوري تي قياس آيو. نڪاح جي شاهدن کي پڪ پڪات ۾ ڪجهه دير لڳي ويئي. اياز پاسا اٿلائڻ لڳو. اونهاري جي موسم، شڪارپور جي هبس ۽ گلن جو ڍير ۽ ملڻ جي سوڙهه انهن مڙئي سورتن گڏجي اياز جي انا جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو. سکر ۾ هڪ ڀيري مون سان دعوت تي هليو هو. فرش تي گلمن مٿان ماني جو انتظام هو. مسلمانن جي روايت موجب مانيءَ ۾ ملن جي موجودگي برڪت جو باعث بڻبي آهي اياز سوٽ پائي هليو هو. مان ته سوٽ سان به هيٺ ويهڻ جو عادي آهيان، پر اياز صاحب جي لاءِ مسئلو بڻجي ويو. هوريان چيائين”ڀورل ماري رکئيه “سڳن وارو بوٽ لاهڻ به ڏکيو هو. مان هڪ ڪنڊ والاري ته جيئن هو آسانيءَ سان ويهي سگهي. بوٽ پيل ڄنگهون پٿاريائين ملان ٽائيپ ماڻهو اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويا. اياز بوٽ لاهڻ جو بهانو ڪري موٽر تي چڙهي روانو ٿيو. نڪاح ۾ ملن جو هجڻ ضروري هو، تنهنڪري غريب وٽ پيو کائي ڀڄڻ نه ٿي سگهيو. مبارڪ سلامت ٿي ويئي سندس چهري جا گل اوسي پاسي ڪيا ويا. ملان ماني جي لونجهه ۾ آسيرا پاسيرا ٿيڻ لڳا. مونکي وٿي ملي ڀرسان ويٺومانس.”چڱو ڦاٿو آهين پٽ“! ٻه چار سخن پٽي ڪڍيائين. چيومانس ”سهڻو ٿو لڳين يار!“چيائين بڪ بند ڪر منهنجو لاهه نڪري ويو آهي. توکي چرچو ٿو لڳي. اهو 1941ع جو زمانو هو گهوٽ شادي ڪرڻ کان پوءِ ڪنوار کي وٺي ڪراچيءَ روانو ٿيو.
1950ع ۾ اياز هڪ ڏينهن اوچتو بيگ بستري سميت صبح جو ساجهر اچي منهنجي جاءِ تي وارد ٿيو. هو ڪراچيءَ کي ست سلام چئي سکر پهتو هو. سکر ۾ پرئڪٽس ڪرڻ جي ارادي سان آيو هو.ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آفيس ۽ گهر هٿ ڪيائين. شڪارپور کان ٻار به وٺي آيو. ڪراچيءَ واري ڪمائي هوريان هوريان کائڻ لڳو. ۽ سکر جي پرئڪٽس تي انٽ پختي ڪرڻ لڳو. ننڍڙا ننڍڙا ڪيس کٽڻ شروع ڪيائين. ميونسپل جو قانوني مشير بڻيو. ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ٿيڻ لڳس. هڪ ڏينهن شام جو مون وٽ آيو. خوشيءَ مان ٻڌايائين ”ريلي سائيڪل ورتي اٿم“. مان به چڱي موڊ ۾ هوس چيو مانس ”گڏهه ڇونه ورتئه“ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. قينچي ڇاپ اورينج گهرائي پياري مانس ته ڪجهه ٿڌو ٿيو.
1952ع ڌاري هو سکر جي ناميارن وڪيلن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ان وقت سوڌو هو ڀاڙي جي ٽانگي کانسواءِ ريلي سائيڪل کان ڪم وٺندو هو. سائيڪل کي تين وال ڪرڻ جو کيس مشورو ڏنم ۽ نئين موٽر خريد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪيم. سائيڪل سان ته کيس عشق هو شايد ان سائيڪل جو لاش سندس ٽه ماڙ تي موجود هوندو. پر دل ٻڌي موٽر واري تجويز تي غور ڪرڻ لڳو. ڪيترا ڀيرا ان ان تجويز تي وڙهياسي ۽ ٺهياسي.بگڙڻ وقت اسان ٻه ٽي ڏينهن هڪ ٻئي جي شڪل نه ڏسندا هئاسي. ٽي مهينا موٽر جي تجويز زير بحث رهي ۽ ويهه ڀيرا ان تجويز تي هڪ ٻئي کان ڪاوڙجي وياسي. مونکي چئي ته ”تو منهنجو کيسو تاڙيو آهي.“مان چوانس ”تنهنجي کيسي ۾ رکيو ڇا آهي؟“آخر هڪ ڏينهن فون ڪيائين”تيار رهه رات ڪراچيءَ هلنداسي موٽر وٺڻ اٺين بجي تو وٽ ايندس رزر ويشن ڪرائي اٿم.“اهي ٻه ٽي جملا هڪ ساهي ۾ چئي فون بند ڪري ڇڏيائين.
شام جو جاءِ تي آيس تڙتڪڙ ۾ سامان ٺاهي ماني کاڌم. اياز صاحب اچي ويو. هو ڪاوڙيل هو تنهنڪري ٽانگي ۾ اسان جي ڪا گفتگو ڪانه هلي. اسٽيشن تي پهتاسون هو ناراض ۽ مان بيزار. رزرويشن جو ڪو نالو نشان ڪونه هو. جهٽ پلڪ ۾ هو ٽڪيٽ ونڊو تان انٽر ڪلاس جون ٻه گلابي ٽڪيٽون وٺي هٿ ۾ لوڏائيندو اچي منهنجي آڏو بيٺو. هانءُ ته سڙي ويو خاموشيءَ ۾ خيريت سمجهيم.مبادا ڪار خريد ڪرڻ جي اسڪيم ڊهي نه پوي. ٽرين پليٽ فارم تي پهتي.سوار ٿياسي اياز هڪ سيٽ تي بسترو کولڻ لڳو. هڪ پٺاڻ مسافر پڻ سيٽ تي قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو، پر اياز مڙسان مڙسي کي ڳاڙهيون اکيون ڏيکاريون منهنجي نائڪ جي مدد سان سيٽ تي قبضو ڪري ورتو. وڪالت کان پوءِ اياز جو بدن ورڻ لڳو هو ۽ هو ڳورو جوان بڻجي پيو هو. مان اياز جي سامهون واري بينچ جي ڪنڊ تي مظلوم بڻيو ويٺو رهيس. منهنجي نائڪ جي اچڪن مٿان سونهري ڪمر پٽو ۽ مٿي تي ڳاڙهو پٽڪو ڏسي پٺاڻ هيسجي ويو هو. اياز ٽاءِ کي ڍرو ڪري بوٽ جا سڳا کولي ٻن وهاڻن تي مٿو رکي. سگريٽ وات ۾ دٻائي ڪتاب جا ورق اٿلائي رهيو هو ۽ ٽرين هلڻ شروع ڪيو منهنجو نائڪ سلام ڪري واپس روانوٿي ويو. اياز ٽنگون پٿاري پوري برٿ تي ليٽيو پيو هو. پٺان کي پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي سمجهيم خير ڪونهي.اجهو ٿو پٺاڻ منڍي کان جهلي ريل کان ٻاهراڇلائيم.اياز ٽيڏي اک سان مون کي ڏسي مرڪي رهيو هو. مونکي ڪاوڙ ته ڏاڍي هئي پر ڇا ڪريان مجبور هوس. سگريٽ جو ٽوٽو دري کان اڇلائي پاسو ورائي سمهي پيو. روهڙي اسٽيشن تي اکيون ٽمڪائي مون ڏانهن نهاري رهيو هو. روهڙي کان ريل روانو ٿي.اياز ڪنڌ مٿي ڪري منڍي مون ڏانهن ڦيرائي چوڻ لڳو”ڀورل! سامان سنڀالجانءِ هوشيار رهجانءِ“هو ڪنڌ ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڏيئي سچ پچ سمهي پيو.مون ڏاڍا وٽ ٿي کاڌا .ويهڻ جي جاءِ تنگ پٺاڻ کان خطرو اياز جي پندرهن هزارن جي چوڪيداري. بئگ ۾ اکيون وجهيو ويٺو رهيس. خوف هيو جيڪڏهن جهٽ پلڪ اک لڳي ويئي ته پٺاڻ اياز جي بئگ کڻي رفوچڪر ٿي ويندو. پٺاڻ اتامرائي مان پڇيو”اي! خو ڪون هي“مون ٺهه پهه جواب ڏنو. ”ڇوٽا لاٽ صاحب“اياز جي سڄي رات آرام ۾ گذري ۽ منهنجي رات وڏي عذاب ۾ گذري. ڪراچي ڪئنٽ تي اکيون مهٽي مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. رڙ ڪري چيائين ”ڀورل! جيئرو ته آهين نه؟“مان ڪاوڙ مان منهن ڦيري پليٽ فارم ڏانهن نهاريو.”ڊبل ناشتو ٿو ڪرايانءِ ٻچا؟“مون جواب ڏنو ”ٻن پئي تنهنجو ناشتو رات آزار ۾ ڪاٽي اٿم.“ڪهڙي نئين ڳالهه ڪيئه اهڙيون راتيون ته شاعرن جو شان آهن“وڏو ٽهڪ ڏيئي اٿي ويٺو هٿ ڊگهيري چوڻ لڳو. وٺ ڪئپٽن جو سگريٽ. مون وري دري کان منهن ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ هو مزي سان ليٽي سگريٽ ڇڪڻ لڳو. وري سڏ ڪري ”هيڏي ته آءُ ڀرسان ويهه ٻيلي سڪ لڳي اٿم“مان چپ چاپ رهيس. سگريٽ جو دونهون مون ڏانهن اڇلائي چوڻ لڳو”اوجاڳي ڪري ڏاڍو سهڻو ٿو لڳين. اديءَ کي ڏاڍو ضرور وڻندين.“ان وقت منهنجي گهرواري ڪراچيءَ ۾ هئي ريل سٽي اسٽيشن تي پهتي.هن ڄڻ نئين سر سمهڻ شروع ڪيو. مان سامان لهرائي هيٺ پليٽ فارم تي آيس. منهنجي اشاري تي ڪوليءَ چيس”صاحب لهو“ صاحب پاسو ورائي ڪوليءَ کي ڏسي سگريٽ دکائڻ لڳو.گاڏو خالي ٿي ويو پر هو لهڻ جي موڊ ۾ ڪونه هو. خار ۾ چيومانس. ”لهه کڻي“ مان پهچڻ لاءِ تڪڙ ۾ هوس. هو منهنجي تڪڙ سمجهي رهيو هو ۽ سندس چپن تي شرارت موجود هئي.”لهين ٿو نه ته وڃانءِ ٿو.“سگريٽ پئين ته لهان نه.ته موٽانءِ ٿو سکر بئگ جي سنڀال ڪجانءِ.“ مون مجبورن سگريٽ ورتو جو هن چوڄ مان دکائي ڏنو.”پر تنهنجو ڪيڏو خيال ٿو رکان. “ٽاءِ ٺيڪ ڪري بوٽ جا سڳا ٻڌي.وارن کي هٿن سان ٺاهي گاڏيءَ تان لٿو چوڻ لڳو ”ڀورل! اڄڪلهه نخرا سکيو آهين. سڄو ڏينهن آرام ڪجانءِ ادي زور ٻور ڏيندءِ ته ٽاٽ ٿي ويندين“ ڪراچيءَ جي قيام ۾ ٽيهه ڀيرا ڪاوڙيو نيٺ ڪار خريد ڪري سکر پهتاسي.
١٩٥٢ع ۾ سنڌي سرڪل جو بنياد رکيوسي. اياز کي صدر بڻايو سي. مجلس عامله ستن ڄڻن تي مشتمل هو.ادبي مجلسون گهڻو ڪري منهنجي جاءِ تي ٿيڻ لڳيون. اياز به لکڻ شروع ڪيو.سنڌي خواهه اردو ۾ هن جون ڪوششون قابل تعريف هيون. سندس اردو ڪلام جو مجموعو به ان زماني ۾ ڇپيو فيصلو ٿيو ته وڏي پيماني تي ادبي اجتماع ڪوٺائجي. سنڌ ادبي ڪانفرنس جي پروگرام متعلق اياز جي آفيس ۾ ميٽنگ سڏائي ويئي.بحث جي دوران اياز جو موڊ بگڙي ويو. ميمبر پنهنجي ضد تي هئا. آخر اياز بيحد ڪاوڙ ۾ اسان جي ادبي مجلس ٽوڙي ڇڏيو. چار ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا. مان ۽ آفاق اياز وٽ رهجي وياسي. ٽن ڄڻن تي مشتمل انقلابي ڪاميٽي ٺاهي سي. اياز صاحب ان جو صدر بڻيو چندي ۽ فنڊ ڪٺي ڪرڻ جو ذمو مون تي هيو. ڪاغذي ڪاروائي آفاق جي حوالي هئي. اياز صاحب مونکي سؤ رپئي جو نوٽ ڏيئي حڪم ڪيو اڻٽيهه سو ڪٺا ڪجانءِ. تقريب جي تاريخ مقرر ڪري پاڻ وڪالت ڪندو رهيو. فنڪشن کان ٽي ڏينهن اڳ پروگرام جو جائزو وٺي. پٺي ٺپي پنهنجين نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيائين. وري خطبئه استقباليه تيار ڪرڻ لاءِ آفاق کي ٽپ ڏنائين. ڪراچي،حيدرآباد، اندرونِ سنڌ ۽ لاهور ۽ ملتان کان ڪيترائي اديب ڪانفرنس ۾ شامل ٿيا. هڪ ڏينهن جي لنچ جو ذمو اياز تي رکيم.ڄڻ کيس گهٽو ڏيئي ڪڍيم. صدر صاحب کي اخلاقي طور به مهماني ڪرڻي هئي. انتظام منهنجو،پئسا اياز جا. ماني به سندس شايان ٿي. اياز طبعا ڪنجوس آهي. ڪنهن وقت سندس سخاوت ابر ڪرم بڻجي ڌوئان ڌار نموني وسڪارو ڪندي آهي. ساٺيڪو کن مهمان هئا.پئسن وڃائڻ جي باوجود هو ڏاڍو خوش ٿيو.انتظام اي ون هو.
اهڙي نموني هر سال مشاعرو ڪندا رهياسي ۽ اياز جي شاعريءَ جو شوق موٽي آيو هو ۽ ١٩٥٥ع کان پوءِ اياز جي ٻئي دور جي شاعريءَ جو ڀرپور انداز ۾ آغاز ٿيو. ان زماني ۾ اياز تي شاعريءَ جو جنون غالب هو. مان بيروزگار هوس. غالباً ٰ هن سمجهيو هو ته منهنجو تنگ گذران هوندو تنهنڪري هو پهرئين تاريخ تي منهنجي منع جي باوجود منهنجي غير موجودگيءَ ۾ ٽي سو روپيه منهنجي گهر پهچائي ويندو هو. مون سندس اهڙي روش تي اعتراض ڪيو. چيائين متان ڪنهن وقت تڪليف محسوس ڪرين تو به اسان سان ڪي پير ڀريا آهن. ڀورل! ان وقت حقيقي اياز منهنجي سامهون هو. وڏي شاعر کان به هڪ وڏو انسان شعر ٻڌڻ لاءِ منٿون ڪندو هو. پر مان کيس محض چيڙائڻ لاءِ چوندو هوس.”اورينج پيارين ته ٻڌان“ٻه سخن ڳالهائي وڪالت جي ڪم کي لڳي ويندو هو. ڪلاڪ ٻن کانپوءِ واندو ٿيندو هو.اورينج گهرائڻ جو آرڊر ڏيئي شعر جي ڊائري کوليندو هو. ڪلاڪ سوا مجلس رهندي هئي. آفيس بند ڪرائي ٽاور ڏانهن هلندو هو ٻه چار رسالا ۽ هڪ اڌ ڪتاب خريد ڪندو هو. ۽ مان گرما گرم ڪباب وٺي لفافي ۾ پارسل ڪرائيندو هوس. چوندو هو ”مرين ٿو ڪباب لاءِ بيمار سانَ جي گوشت جا ڪباب. ڪراهت نٿي اچيئي.“ موٽر ۾ چڙهندا هئاسي ڪباب جي خوشبو موٽر ۾ پکڙجي ويندي هئي.آءٌ اڳين سيٽ تي وهندو هوس. هو پٺيان منهنجي ڪبابن جي صفائي ڪري ٻه ٽي بچيل ڪباب مون ڏانهن وڌائيندو هو”کائي ڇڏ اديءَ جي ته هوڙ به ڪوسي نه ٿيندي.“مان چوندو هيومانس. ”وڏو بي ايمان آهين“ .
ڪراچيءَ جي هڪ دوست جي معرفت هڪ اديب نما نوجوان مون وٽ پهتو. پهرين ملاقات هئي. مان پنهنجي حبيب پريس ۾ ويٺو هوس. وضع قطع ۾ سنجيدو ۽ خاموش طبع ٿي ڏٺو. هن منهنجي تواضع تي مصنوعي تڪلف ٿي اختيار ڪيو. ڪن ماڻهن جون صورتون دوکيباز هونديون آهن. هن جي نالي جي پٺيان تخلص به اٽڪيل هو. تنهنڪري مون کيس شاعر سمجهيو.گرين بئڪري تي چانهه وغيره پي مان کيس وڏي شوق مان اياز سان ملائڻ وٺي ويس. اياز به نالي جي پٺيان تخلص ٻڌي بيحد خوش ٿيو. هن جو ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيائين ۽ کيس وڏي محبت سان ڊرائنگ روم ۾ آندائين نوڪر کي کائڻ پيئڻ جي شين آڻڻ جو حڪم ڪيائين.کائڻ پيئڻ کانپوءِ اياز پنهنجو نئون ڪلام ٻڌائڻ لڳو. نئون همراهه ٿوري دير کانپوءِ اکيون پورڻ لڳو مان ڏڪي ويس ۽ گهڻو ڪري اياز جي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائيندو رهيس. اياز بي انتها نازڪ مزاج آهي ۽ هن جي غضبناڪ ٿيڻ ۾ به دير نه لڳندي آهي.ڪنهن مهل جو اياز نظر ڦيرائي پاسي واري صوفي ڏانهن نهاري ته مهمان ننڊاکڙي ۾ هو. فورن ٻاهر نڪري ويو. در کان سڏ ڪيائين مان سندس آفيس واري ڪمري ۾ ويس رڙ ڪري چيائين ”ڪڍ گڏهه کي ٻاهر، ڀيڻيان گڏهن کي گج پارائي ٿو وٺي اچين “مان ننڊ مان همراهه کي سجاڳ ڪري نهايت احتياط سان ٻئي دروازي مان ٽپائي ٻاهر وٺي آيس چيومانس ”اياز صاحب سان وڏو جج صاحب ڪو ڪيس ڊسڪس ڪرڻ آيو آهي.“
اياز بيماريءَ کان ڏاڍو ڊڄندو آهي هڪ ڀيري بيمار ٿي پيو. مون ڏانهن نياپو ڪيائين. مان آفيس مان اٿي سندس جاءِ تي پهتس جڏهن ورانڊي ۾ آيس ته نهايت رقت آميز لهجي ۾ سندس ”منهنجا الله“ جي دانهن ڪن پيئي ڪمري ۾ داخل ٿي سمهيو پيو هو. مون تڙ تڪڙ ۾ چيومانس ڏاڍي عاجزي سان سڏ ٿو ڪرين. جواب ڏنائين”تنهنجي مرضي ڇاهي ڪم پئي به ياد نه ڪيانس.“هڪ ڀيري ڊينسو هال جي ڀرسان بندر روڊ جي هڪ فٽ پاٿ کان ٻئي گڏجي ٻيءَ فوٽ پاٿ ڏانهن ٿي وياسي. وچ رستي تي هڪ وڏي شورليٽ گاڏي بريڪ لڳڻ ڪري آواز ڪري بيهجي ويئي. مون ڏٺو ته پوئين سيٽ تي هڪ نوجوان خوبصورت فارينر ڇوڪري پنهنجي گلابي چپن کي ڀيڪوڙي سيٽ تي وڏو لوڏو کائي اسان جي بوالهوسي کي تڪيندي رهي. منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. رستو ڪراس ڪري فٽ پاٿ تي آياسي. اياز چيو”ڀورل! شهيد ٿئين ها ته ڏاڍو چڱو توکي حورون ملن ها ۽ مان هن ڇوڪري سان روماني ڳالهيون ڪري شاعري ڪندو رهان ها.“وري چيائين ”هل ڀلا ايراني ريسٽورانٽ تي ڪجهه صدقو ڪڍ ملڪ الموت کي ڀڄائي ڇڏيئه.“
١٩٥٨ع ۾ اياز مون کي ڪوئٽه هلڻ لاءِ مجبور ڪيو. اياز کي ڪورٽ وئڪيشن هئي. مون موڪل ورتي صبح جو سوير سکر کان روانا ٿياسون.١١ بجي کن اياز صاحب مٿين برٿ تي سمهڻ کانپوءِ ڄڻ زالن جي پرگهور لهڻ، شيءِ شڪل وٺي ڏيڻ منهنجي ذمي ڇڏي ويو. ڪوئٽه جي گهر جي چوڌاري وڏو باغ هو. پڙهڻ کان واندو ٿي اياز لان ۾ زالن ۽ ٻارن سان ڪچهري ڪندو هو.مان عموماً ٰ ورانڊي ۾ سندن آمهون سامهون کٽ تي اهليو پيو هوندو هوس. مان به ورانڊي مان سندن ڳالهين ۾ شامل ٿيندو هوس. هڪ ڏينهن هو رازدارانه نموني منهنجي زال کي چوڻ لڳو”ادي مڙسهين سڌرندو ڪونه.هزار ٿا ملنس فاقا ڪڍندو ٿو وتي توتي به قياس نٿو اچيس. تون جي هائو ڪرين ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي پوندو. اياز جي گهرواري به کيس ٽيڪو ڏيئي رهي هئي. مان دانهن ڪري چيومانس ”وڏو بي ايمان آهين ۽ ٻاهريان ماڻهو ته خلاف ڪيا اٿيئي. هينئر گهر ۾ ٿو باهه لڳائين.“ڀورل هن حياتيءَ ۾ جنت اٿئي. وعدي واري جنت مليئي يا نه هيءَ جنت پنهنجي هٿ ۾ ۽ هوءَ جنت ڏکئي ماڻهوءَ جي هٿ. “جيتوڻيڪ اياز ۾ انيڪ خاميون موجود آهن. پر هو وضعدار ۽ هڪ درد مند دل جو مالڪ آهي. مون استعفا ڏني. هو بيحد ڪاوڙيو سندس بي چينيءَ جي ڪيفيت پڻ حد درجي تائين وڌيل هئي.مان سندس جاذب شخصيت کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهان.هو جيتوڻيڪ دور ٿي ويو آهي هڪ ٻئي جي صورت ڏسڻ جا به روادار نه آهيون. پر سندس جامع شخصيت منهنجي دماغ تي نقش ٿيل آهي. هو ١٩٦٥ع ۾ جيل ويو. سچ پچ مون هفتو راتين جو اکين تي گذاري. بيقراريءَ جي ڪيفيت سان گهرواريءَ جي عتاب ماري رکيو. اياز جي ڪل ٿڙي هئي يا منهنجي. زال زائفان اهي ڳالهيون ڪيئن ٿي سمجهي. اياز جي ڄڻ موت جو ماتم ٿي ڪيم. هو ايڏي سزا جي لائق نه هر گز نه هو. هو شاعر آهي شاعرن کان بوالعجبيون سرزد ٿينديون آهن. سندس طبيعت وڌي تضاد جو مرڪب آهي. جيئن مان اختلاف جو شڪار آهيان. اسان جي اها حالت هاڻوڪي نه آهي. ايامن جي پراڻي آهي تنهن هوندي به اسان زندگيءَ جا ويهه سال پاڻ ۾ ايڏو ويجهو رهيا آهيون جو اياز سان ايتري ويجهڙائي شايد ڪنهن کي نصيب ٿي هجي. سوڀي جي اڳڪٿي ياد اٿم. مان سچ پچ پاڻ کي نامڪمل سمجهان ٿو اياز کانسواءِ .پر هن جي متڪبرانه فطرت کيس مون کان جدا ڪيو آهي.هو نهايت حساس طبع آهي پڪ اٿم ته هو به پاڻ کي مون بنا اڻ پورو سمجهندو هوندو. اياز جڏهن ماده پرست ٿئي ٿو ته هو سو فيصدي ماديت جو مجسمو نظر ايندو آهي. ان سان هن جي هڪ نئين شخصيت نمودار ٿيندي آهي ورنه هو عموماً ٰ روح پرست ۽ روحانيت جو قائل آهي. هو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي اندر جي ماڻهوءَ کي مرڻ جي اجازت ڏيئي نٿو سگهي. فن سندس روح جي راڳڻي آهي جا ڪنهن مهل بي سري ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.
هو هن صدي جو سرواڻ شاعر آهي.هن سنڌي زبان کي لفظن جو وڏو ذخيرو ڏنو آهي. هن پنهنجي ڪلام۾ ترنم ۽ شعريت کي قائم رکيو آهي. اهي عظمت جا نشان آهن. هو سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيترين ئي صنفن جو موجد آهي جنهن کي سنڌي ادب جي تاريخ وساري نه سگهندي. ائين چئجي ته هو هن دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي. شاعريءَ سان سندس خلوص جنون جي حد تائين وڌيل آهي.جا وڏي شاعر جي خاص علامت ٿيندي آهي. ڪاش مان سندس ڪلام جو شارح بڻجي سگهان. سندس فنيءَ، رومانوي، ذاتي، سياسي ۽ ٻين پهلوئن کي مون ڇڏي ڏنو آهي. مهل سِر انهن تي به لکندس. (سيپٽمبر 1970)

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)

شيخ اياز سان ٻه گهڙيون

ڪجهه ڏينهن ٿيا، غالباً ڊسمبر جو ٻيو هفتو هو، سکر تي ڪوئيٽه جي برفاني ٿڌ جي لهر جو غلبو هو. شهر ۾ هڪ اڌ ڏينهن کان هر ڪو ماڻهو ويڙهيل سيڙهيل ٿي نظر آيو. صبح جو مان دستور موجب تياريءَ ۾ مصروف هوس ته فون جي گهنٽي وڳي، دل ۾ چيم ڪير ٿو اٿي. وڄي وڄي بند ٿي ويندي. ساڍن ستن جو وقت، ڄڻڪ ڪمري ۾ پارو ٿي ڪريو. پر گهنٽي لڳاتار وڄندي رهي، مجبوراً اٿيس. رسيور کنيم ته اياز صاحب جو آواز ٻڌم.”اڄ شڪار تي هلنداسين، منجهند جو تيار رهجانءِ“ فون بند ٿي ويو. چون چرا جي ڪا نه گنجائش هئي“. حڪم حاڪم مرگ مفاجات“ جي مصداق چپ رهڻ کانسواءِ ٻيو رستو به ڪونه هو. ”مان ۽ شڪار“ مان پاڻ کي حيرت مان ڏسي رهيو هوس. ڪابه مناسبت نظر ڪانه آئي. نوڪريءَ تان واپس اچڻ تي تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿيڻ لڳس. پينٽ، ڪوٽ، سوئيٽر ۽ مفلر مٿي تي ٽوپي به کپائي رکيم. ٿڌ جو زمانو هو، تنهنڪري ٿڌ جي هر حملي جي مقابلي لاءِ تيار رهڻو هو. پوڻين ٽين بجي ڌاري اياز صاحب پنهنجي ٽوئٽا ۾ اچي مون وٽ پهتو. کيس بدن تي هلڪي گيڙو رنگ جي شلوار ۽ ڪرتو پيل هو، ڪرتي جي مٿان سائي رنگ جو بند گلي جو سوئيٽر پيل هئس. پيرن ۾الا جي ڪهڙي جانور جي کل جو ٿلهي تري وارو گهيتلو. صحت جي اعتبار کان هو مون کان وڌيڪ تندرست ۽ جسماني لحاظ کان هو مون کان وڌيڪ ڳورو ۽ مضبوط آهي. سامهون بندوق رکيل هئي. چيو مانس ” ير! شاعر ۽ بندوق، ڪيڏو نه تضاد آهي“ جواب ڏنائين ”بندوق ڪير ٿو هلائي، آئوٽنگ ٿي ويندي. مشين وانگر ڪم ڪري ٿڪجي پيو آهيان.“ مون پڇيو ”ڪيڏانهن جو ارادو آهي؟ “ڪيترن ڏينهن کان ستار ٿي دعوت ڪئي، فرصت ڪانه ٿي مليم، شڪار کائڻ جو ته تون به شوقين آهين.“ ”پر مارڻ جو هر گز نه آهيان.“ ”تنهنجو حال به ڪجهه اهڙو ئي آهي.“
ستار چوهاڻ سندس جونيئر پارٽنر آهي. جڏهن مان روهڙي ڪاليج جو پرنسپل هوس ته هو اتي ليڪچرار هو. ٻيو ته هن جي وڏن سان به منهنجي چڱي ڏيٺ ويٺ آهي، جنهن ڪري دلجاءِ ٿيم ته اوپرن وٽ نٿا هلون. اياز چيو ”عابد کي به چيو اٿم، ان وٽ ٿا هلون.“
ستار پنهنجي اسڪوٽر تي اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. عابد نوجوان شاعر آهي. هو نهايت پيارو نوجوان آهي. بيحد خوش خلق ۽ سنجيدو، شعر جي ٻن ڪتابن جو مصنف آهي. عابد صاحب به اسان سان گڏ موٽر ۾ روانو ٿيو ۽ ستار پائلٽ جو فرض ادا ڪيو. ڏهاڪو کن ميل پڪي رستي تان مسافري ڪندي اچي ڪچي ڊاٻ ۾ پياسون. موٽر گس ۾ لٽجي ويئي. اياز کي پنهنجي موٽر تي قياس اچڻ لڳو. سڏ پنڌ مسافريءَ کان پوءِ ڳوٺ ۾ پهتاسون. اياز موٽر تان لهڻ جو حڪم صادر فرمايو. چار- پنج جوان بندوقن سان اسان جي استقبال لاءِ بيٺا هئا. انهن مان ڪجهه منهنجا ڏٺل وائٺل هئا. عبدالحق منهنجي ڪاليج جي دور ۾ شاگرد هو. مڙس ماڻهو آهي سو فيصدي سنڌي آهي.
موٽر تان لٿاسون. ميزبانن اسان جي آجيان ڪئي. اياز صاحب چيو ”ڪٿي آهي ڍنڍ“ ڪنهن چيو ”ٻن-اڍائن فرلانگن تي“ مون چيو ”اياز صاحب! مان هتي اوطاق تي ٿو آرام ڪريان، اوهان ڀلي شڪار ڪري اچو. “ ير! عجيب آهين. تو بنان ڪهڙو مزو، ٻن اڍائن فرلانگن لغور ڪري ڇڏيئه“ مون چيو ”خوف ٿو ٿئيم ته ٻه فرلانگ چار ميل نه بڻجي پون“. اياز کي پنهنجن ميزبانن جي ڪٿ تي اعتبار هو، پر مون کي يقين ڪونه آيو. لاچار سندس اصرار تي هلڻو پيو. ٿڌ جي لهر ۽ ڊاٻ جو پنڌ ويهن وکن تي بوٽ ۾ مٽيءَ جا ٻُڪ پئجي ويا ۽ ڪاري پينٽ جا پائچا ميرانجهڙا ٿي ويا. فالج جي ڪري کاٻي پير ۾ اڃا تائين طاقت ڪانه اٿم، تنهنڪري ٿڙندو ٿاٻرندو، ڪنجهندو ۽ ڪرڪندو اياز صاحب جي قافلي جي ڪڍ هليس. اياز جي ڊرائيور ڊينگل جي سهاري هلندو رهيس. اياز هرڻ وانگر ڇال ڏيندو قافلي جي وچ ۾ چهڪندو ٿي هليو. رڙ ڪري چيائين ”زنانو بوٽ پاتو اٿيئي، ڪيئن هلي سگهندين؟ ڏسين ٿو هي جابلو چمپل شيرو مريءَ جي سوغات!“ ڊاٻ جو پنڌ پورو ٿيو، بچاءَ بند تي چڙهياسون. مٽي ۽ ڊاٻ کان الله امان ڏني. ٽاپ تي ڪٿي ڪٿي ڪنڊا هئا ۽ ڪٿي کرڙ کٻ اهو پنڌ غنيمت هو. مان پنهنجي رفتار موجب ٿي هليس تنهنڪري قافلي کان گهڻو پوئتي رهجي ويس، پر ڊينگل منهنجو وفادار ساٿي هو. اڳتي نظر اڇلايم ته اياز صاحب قافلي جي وچ ۾ اوڪڙو ويٺو هو. جابلو چمپل جي وٿيءَ مان اياز جي پير ۾ ٻاٻرو ڪَنڊو چڀي ويو هو. مان به وڃي سندس ويجهو پهتس. چيو مانس ”اهو پهاڙي گهيتلو جبلن تي ٽپڻ ڏيڻ لاءِ آهي. سنڌ جي سر زمين جي نرمي جابلو کي ڪيئن ڀانءِ پوندي.“ جواب ڏنائين ”تنهنجي نظر لڳي اٿم.“ مون عرض ڪيو ”ٻن فرلانگن ته منهنجو لاهه ڪڍي ڇڏيو آهي، منزل اڃا به اکين کان گهڻو ڏور آهي.“ ان وقت اياز چمپل مان مٽي ٿي ڪڍي. ڀانئيان ٿو ٻه ميل کن ٽاپ تي پنڌ ڪيوسي. قافلو مون کان وري پري ٿي ويو هو. ٽاپ جو پنڌ پورو ٿيو هو. اياز صاحب جو قافلو هڪ لاهي لهڻ لڳو ٻن منٽن کان پوءِ هو اکين کان اوجهل ٿي ويا. اسان به وکن کي تيز ڪيوسين متان قافلو جهنگ ۾ اکين کان گسي وڃي ۽ اسان ڀٽڪندا رهون. اسان به جهٽ پلڪ کان پوءِ ٻيلي ۾ لٿاسون. بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌاسون ڪي همراهه اسان کان اڳ شڪار جو شغل ڪري رهيا هئا. جهنگ جو پنڌ سڀني پنڌن کان وڌيڪ ڏکيرو هو. اياز کي پنهنجي ڪچهري جي ورونهن ۾ شايد ڪا پروڙ ڪانه ٿي پيئي، پر سندس رفتار به ٿاٻڙجڻ لڳي هئي. مون ته گهڻيئي ٿيڙ ٿي کاڌا، دڙا دڪيون، کڏون ۽ کوٻا، ٻٻر ۽ ڪنڊا، اڌ ميل جي مسافريءَ کان پوءِ ڍنڍ جي ڪناري تي پهتاسون. ميزبان جهنگل ۾ منگل بڻايو هو. ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي گلم وڇايل هو، جنهن جي مٿان پنج-ڇهه ڪرسيون رکيل هيون. ميوي جي ٽوڪري، مٺائيءَ جو ٿالهه، ڪيڪ ۽ بسڪوٽ، ٻه چار همراهه سامان جي سنڀال لاءِ مامور هئا. پنج ڇهه حلال ڪيل ديسي پکي تڏي تي رکيل هئا ۽ همراهن جي بندوقن جا ٺڪاءَ به سڻاوا ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. اياز به پنهنجي ڊرائيور کي حڪم ڪيو جنهن پڻ بندوق سنڀالي ۽ ٻن ساٿين سان گڏجي شڪار جي جاءِ ڏانهن روانو ٿيو. سج لهڻ ۾ ڪو اڌ ڪلاڪ بچيو هو. اياز ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. همراهه ٿڪل ٿي نظر آيو پر سچي ڪانه ٿي ڪيائين، مان به آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيس. عابد صاحب منهنجي ڀر ۾ ٻيءَ ڪرسيءَ تي ويٺل هو.
اياز ڍنڍ جي پاڻيءَ کي ڏسي رهيو هو ۽ پرينءَ ڀر جي ننڍڙن وڻن کي هو ڍنڍ جو پاڻي ڏسي مست ٿي رهيو هو ۽ مان سيءَ جي لهر محسوس ڪندي سست بڻيو ويٺو هوس. البتو عابد چست ٿي نظر آيو. اياز قدرتي نظارن جي واکاڻ ڪري رهيو هو. سندر بن جي ڳالهه، سوات جو ذڪر، ڀارت جي مناظر جو اذڪار، سج ٻُڏي تري رهيو هو. آسمان جي ڪُنڊ تي روشنيءَ جو ڳاڙهو کينهو ٿي نظر آيو. پر سيءَ جي ڪري منهنجن ڪَنن ۾ سيٽيون وڄي رهيون هيون. عابد ۽ ستار غور سا اياز جي فنڪارانه گفتگو جو لطف وٺي رهيا هئا. مان چانهه جي تاڙ ۾ هوس پڇيائين ”ڇا ٿو سوچين؟“ جواب ڏنم، ”ڪَنن ۾ سيٽيون ٿيون وڄن سو ٿو سمجهان“ وڏو ٽهڪ ڏنائين ”تنهنجو علاج ساڻ اٿم. انيس تو لاءِ اجرڪ ۽ مفلر ڏنو ته چيو هئائين چاچا ڪمزور آهي، تنهنڪري هن جو خيال ڪجو“ مون چيو ”پٽ پيءَ کان وڌيڪ ذميدار ۽ سمجهو آهي وڏي غنيمت آهي، مون کلي اجرڪ بدن سان ويڙهيو ۽ مفلر مٿي سان ٻڌم. ڪنن جون سيٽيون ڍريون ٿيون. همراهن ڍنگرن مان باهه جو مچ ٻاريو. بدن جو سيئاٽو گهٽ ٿيو، ورنه اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڪلفي ٿي وڃان ها. اياز ڄڻ فطرت جو نقاش بڻجي پيو هو. ڍنڍ جي ٻيءَ ڪنڌيءَ تي آدم قد وڻن جا پاڇا واقعي ڍنڍ جي پاڻيءَ کي دلڪش بنائي رهيا هئا. مان به اياز جي فنڪاريءَ کان لطف اندوز ٿي رهيو هوس. ڪاري رات سان گڏ ٿڌ به وڌڻ لڳي هئي. عابد، ستار، هادي بخش ۽ عبدالحق، اياز جي عالمانه ۽ فلسفانه گفتگو کان محظوظ ٿي رهيا هئا. مان وري ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويس. پڇيائين ”شيخ صاحب ڪهڙي سوچ ۾ آهيو؟“ مون چيو ”ڪڏهن واپس وربو“. ”ڪراڙپ بد ذوق ڪري رکيو اٿيئي. ههڙا نظارا ڪٿي ملندءِ. سنڌ، برصغير جي سڀني علائقن کان وڌيڪ خوبصورت اٿيئي.“ ايتري ۾ چانهه تيار ٿي آئي. چانهه پيئڻ کان پوءِ سرت ۾ آيس. ٺهي ٺڪي ويٺس ۽ اياز جو موڊ به صاف ٿي ويو.
هو سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ماهيت ۽ وسعت جو ذڪر ڪري رهيو هو. سنڌي ٻولي سچ پچ وڏي ۽ وسيع ٻولي آهي. اها نه فقط مائيدار آهي پر جاندار به آهي. مون به ان بحث ۾ اڌ ڪلاڪ کن حصو ورتو. هادي بخش تفنن طبع لاءِ پنهنجي شاعريءَ جا ٻه چار بيت به دوران گفتگو ٻڌائي ڇڏيا. محسوس ڪيم ته ڀڙ ڀينگ ۽ اوندهه انڌوڪار ۾ آهيان. موسم واقعي دلفريب هئي ۽ اياز جي جاذب شخصيت سامهون هئي. عابد جي سلڇڻي صورت ڀرسان هئي، ستار جي مظلوم شڪل پوئتان هئي، پر مان پنهنجي بدن جي رت پت جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان. سڀني وٽ گرم رت هئي. اياز وٽ مصنوعي گرمي هئي، مان وٽ قدرتي ٿڌاڻ هئي، ڪوئيٽا جي سرديءَ جي لهر کيس ٿڌو ڪري ڇڏيو هو. منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز ڍنگهرن جي باهه جو ڀنڀٽ هو، نه اياز جي فنڪاري ۾ دلڪشي هئي نه اياز جي شاعري ۾ دلفريبي. اياز ڄڻ رات رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. سج لهڻ کي ڪلاڪ گذري ويو هو. پکي پکڻ، جيت جڻيو مطلب الله جي سموري مخلوق ٿانئيڪي هئي. رڳو شاعر اياز جو قافلو ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي سرديءَ جي لهر سان پيو لڙايون ڪري. ادب ۽ مروت کان ڪو سچي نه پيو ڪري ورنه سڀني جي اندر ۾ ڏڪ ڏڪ هئي.
مان هر ڏهين پندرهين منٽين کيس ياد ڏياري رهيو هوس ته منزل ڏور آهي ۽ مسافري اڻانگهي. سوائي ستين بجي مون تي ست ٿورا ڪري اٿيو. همراهن لالٽين روشن ڪيو. چوڌاري ڪاري اوندهه هئي. هٿ نه ڏسي هٿ کي. لالٽين اڳيان اياز پنهنجي قافلي سوڌو پوئتان. تبر جوڳن سندس هٿ ۾ ۽ ڦر ڌرتي تي. چئني پاسن کان بندوقن وارا. مون به بدن تي اجرڪ کي ٽي وڪڙ ڏنا. ڊينگل جي سهاري الله کي ياد ڪندو سندن پٺيان لڳو آيس. رات جو وڳڙو ۽ اوندهه هئي جنهن ڪري هو به هوريان هوريان هلي رهيا هئا. واٽ تي ستار جو چاچو حاجي سچل خان مهمانن جي ڳولا ۾ اچي ٻيلي ۾ پهتو هو. ٻيلي وارو اڻانگهو رستو پار ڪري ٽاپ تي چڙهياسي. هڪ بيل گاڏي سامان لاءِ بيٺل هئي. مان دل ۾ خيال ڪيو پنڌ کان ته بيل گاڏي ڀلي. مان اوڏانهن مڙيس ته حاجي چيو ٽيڪسي به آهي. مون حاجي جا لک احسان مڃيا. پٺئين سيٽ تي ڇهه ڄڻا ويٺاسون. اياز منهنجي ڀر ۾ دستور موجب پٿارجي ويٺو، ٻئي پاسي عابد هو ان کان پوءِ ٽي ٻيا. مون دانهن ڪري چيو ”مان ته سينڊوچ بڻجي ويو آهيان.“ اياز چيو”گرم ٿي ويندين. اسان جي رنگ ۾ ڀنگ وڌو هيئي“ موٽر آڻي اوطاق جي در تي پهچايو. مان پاڻ کي ٿانئيڪو سمجهي نهايت خوش ٿيس. اياز جي ڪلام ٻڌڻ جا شوقين موٽر جي آواز تي ٻاهر نڪري آيا. وڏي هال ۾ ويٺاسون. سمجهان پيو ته عابد به ٿڪجي پيو هو. خيالن جي ڏي وٺ شروع ٿي. ادب، شاعري ۽ زبان. عابد ڪابه دلچسپي ڪانه ٿي ڏيکاري. اياز جي شعر جا شائق روحاني غذا جي طلب ڪري رهيا هئا. اسان مانيءَ جي فڪر ۾ هئاسين. ماني ٺهه پهه وڌائي ويئي، ميزبانن وسان نه گهٽايو هو، اسان به کائڻ سان پورو انصاف ڪيو.
مون اياز کي سر سهڻي پڙهڻ جي فرمائش ڪئي. مون کي سچ پچ اهو سر ڏاڍو پسند آهي. اياز اسان جي روايتي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي فني طور وڌائڻ ۾ هڪ اهم ۽ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي. جيڪڏهن آءٌ اياز کي هن صديءَ جو ڪلاسيڪي سرواڻ چوان ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. اڄڪالهه هر ڪو شاعر انهيءَ هيئت تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي، پر ڪيترن کي انهن لوازمات جو علم ئي ڪونهي، جن بنيادن تي انهيءَ مخصوص ٽيڪنڪ جي عمارت کي اڏيو ويو. اياز جهڙي ذهين فنڪار کي به پندرهن سالن لاءِ لڳاتار محنت ڪرڻي پيئي آهي. اڄ سندس شاعري نج ڪلاسيڪي شاعريءَ جي عڪاسي ڪري رهي آهي. هينئر اياز جي شعر جو هر لفظ همه گير حيثيت رکي ٿو. هن جو هر مصرعو ڪنهن ماهيت جو حامل آهي. اياز جو شعر پڙهڻ لاءِ نه آهي پر سمجهڻ لاءِ آهي، جنهن ۾ پس منظر ۽ پيش منظر جون انيڪ جهلڪون نظر اينديون.
سامعين ڏانهن نظر ڦيرايم. هر ڪو شعر جي شعريت ۾ گم هو. سنڌي لفظ ۽ علامتون ڄڻ هر ڪنهن ٻڌندڙ جي ذهن تي ڪو نقش پيدا ڪري رهيون هيون سوچيان پيو ته پنهنجن لفظن ۽ علامتن ۾ ڪهڙو نه جادو ڀريل آهي. مقصد ۽ مدعا کي ڪو پهچي سگهي يا نه پهچي پر نج سنڌي لفظ ئي سنڌي ذهن کي مسحور ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.
ڪلام جي پڄاڻيءَ تي ميزبانن کان موڪلايوسين هنن ته سڄي رات ٽڪائڻ جو انتظام ڪيو هو، تنهنڪري کين اسان جي اٻهرائي پسند ڪانه آئي. مون پئي حيلا بهانا ٺاهيا. اياز چپ هو. هن جي شڪل صورت دل ۽ دماغ تي ڄڻ خاموشي ڇانيل هئي.
(ٽي ماهي مهراڻ، 4/ 1972ع تان ورتل)

سردار بهادر عبدالحميد خان آف سکر

سردار عبدالحميد خان جا وڏا پشنگ افغانستان کان سنڌ ۾ آيا هئا. افغان قوم جي ترين شاخ مان هئا سندس والد خانبهادر خداداد خان سال 1858ع ۾ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو. هو پهريائين سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ منشي بڻيو، جتي پنهنجي محنت ۽ ايمانداري سان وڌي مير منشي جي عهدي تي پهتو. کيس سندس ديانتداري ڪري خانبهادر ۽ سي-آءِ- اي جا لقب مليا ۽ نوڪري جي عرصي ختم ٿيڻ کان پوءِ کيس سندس بي بها خدمتن سببان سرڪار طرفان سکر تعلقي ۾ ٽي سو ايڪڙ زمين جاگير طور ملي. ”لب تاريخ سنڌ“، ”خيرپور نامه“ ۽ ”جيسلمير نامه“ خانبهادر مرحوم جا تاريخي ڪارناما آهن. مرحوم عبدالحميد خان، مرحوم خان بهادر خداداد خان جو ننڍو پٽ هو. ابتدائي تعليم سکر پراڻي واري تاريخي ”هشت گنبد“ واري اسڪول ۾ حاصل ڪري، ثانوي تعليم مشن اسڪول ڪراچي ۾ جاري ڪيائين. ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي مرحوم 1903ع ۾ انگلينڊ روانو ٿي ويو ۽ وڃي سينٽ پال اسڪول ۾ داخلا ورتائين. اسڪولي تعليم ختم ڪرڻ کانپوءِ هو ڊاؤننگ ڪاليج ۾ داخل ٿيو جنهن کان پوءِ مڊل ٽيمپل جو ميمبر بڻيو. سکر ۾ ڪن ضروري معاملات ڪري هو بئريسٽري جو امتحان مڪمل ڪري ڪين سگهيو ۽ کيس 1912ع ۾ سکر واپس اچڻو پيو، انهيءَ ڪري مرحوم عبدالحميد خان جي قانوني تعليم اڌوري رهجي ويئي، جنهن کي پنهنجي تمام زندگيءَ تائين مڪمل ڪري ڪين سگهيو. عبدالحميد خان ولايت جي رائل سوسائٽي آف آرٽ، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، جاگرافيڪل سوسائٽي ۽ پان اسلامڪ سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. هو 1906ع کان وٺي مسلم ليگ لنڊن جو ڪارڪن رهيو، جنهن ۾ کيس رائيٽ آنربيل امير علي، هزهائنس آغا خان، نواب سليم الله، ڊاڪٽر انصاري، ڊاڪٽر اقبال ۽ سر سيد جهڙن اعليٰ شخصيتن سان ڪم ڪرڻ جو وجهه مليو ۽ هو ڪجهه وقت دادا ڀائي نوروزجي، جي پارليامينٽ جو ميمبر ۽ اعزازي سيڪريٽري ٿي رهيو.
ولايت کان واپس اچڻ کان پوءِ مرحوم عبدالحميد خان پنهنجي شهر جي بهتري ۽ غريبن جي مدد ۽ خدمت جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو. هو ٿوري عرصي جي اندر سکر ميونسپالٽي، جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پنهنجي زندگي جا ٽيهه سال ميونسپالٽي جي مختلف عهدن تي نهايت ديانتداري ۽ محنت سان ڪم ڪيائين. هو صحيح معنيٰ ۾ عوام جو نمائندو هو ۽ عوام جي خدمت گويا کيس ورثي ۾ ملي هئي.
هن پنهنجي وائيس پريذيڊنٽي جي زماني ۾ ڪيترائي اهم ڪم سرانجام ڪيا ۽ هيلٿ ڪاميٽي جي عرصي ۾ ٽي اسپتالو کولايون. جن مان هڪ اسپتال 1921ع ۾ غريب آباد ڪوارٽر ۾ سندس خدمات جو اعتراف ڪندي ميونسپل سندس نالي پويان کولي، جا اڃا تائين قائم آهي ۽ عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. مرحوم خان جي ڪوشش سان هڪ ٻي اسپتال سکر پراڻي ۾ کولي ويئي جا وقت جي ڪليڪٽر مسٽر راٿفيلڊ جي نالي سان مشهور آهي. مرحوم خان جون خدمتون فقط شهر تائين محدود ڪين هيون. هو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ سکر تعلقي لوڪل بورڊ جو ڪيترائي سال پريزيڊنٽ ٿي رهيو. تعلقي ۽ ضلعي جي بهبوديءَ لاءِ هن جون ڪوششون قابل اعتراف آهن ۽ ضلعي جي هر ڪنهن ترقياتي منصوبي ۾ هن جو نمايان حصو رهيو آهي. ٽيهن سالن جي اڻ ٿڪ ڪوشش کانپوءِ مرحوم خان پبلڪ زندگيءَ کان علحدگي اختيار ڪئي.
ضلع ۽ شهر جي ذميوارين سان گڏ مرحوم خان آنرري ماجسٽريٽن جي بئنچ جو ٻارهن سال سانده چيئرمن ٿي رهيو. گذريل مهاڀاري لڙائيءَ ۾ مرحوم خان حڪومت برطانيه جي ڪافي خدمت سرانجام ڏني ۽ سولجر بورڊ جو مکيه رڪن ٿي رهيو. هو 1942 ع ۾ مرڪزي اسمبلي دهليءَ جو ميمبر بڻيو جنهن ۾ هو سنڌ جي مسلمانن جو واحد نمائندو هو.
هو سکر ضلع جي ريڊ ڪراس سوسائٽي ۽ بواءِ اسڪائوٽ ايسوسيئيشن جو باني هو. ان کان سواءِ ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جو معاون هو ۽ انهيءَ ڪري ئي 1932ع ۾ پراونشنل ڪو آپريٽو بئنڪ سکر جي کلڻ تي سندس پهريون چيئرمن چونڊيو ويو. مرحوم عبدالحميد خان ڪو آپريٽو انسٽيٽوٽ ڪراچيءَ جي ٻن ڊائريڪٽرن مان هڪڙو هو. سندس ٻيو ساٿي جمشيد نسروانجي مهتا جهڙو ماڻهو هو. اهو سکر جي نمائندي جي حيثيت ۾ ڪيترا سال سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو. هو هڪ طويل عرصو، هل ڪاميٽي جو ميمبر ٿي رهيو.
منزل گاهه جي معاملي ۾ مرحوم خان هڪ اهم حصو ورتو. شهر جا هندو خواه مسلمان هن جي گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ هن جي خدمات جي ڪري پورو شهر سندس مداح هوندو هو. هن جي فياضي ۽ مهمان نوازي سڄي سنڌ ۾ مشهور هئي. ماڻهن جا ڪم کيسي مان خرچ ڪري ڪندو هو ۽ ڪيترن مسڪينن جي ڳجهه ڳوهه ۾ مالي امداد ڪندو هو. سندس حضور شرمي ايتري قدر وڌيل هئي جو ڪنهن سائل کي انڪار ڪري ڪونه سگهندو هو. راقم الحروف جي گهراڻي سان سندس ديرينه دوستانه تعلقات هئڻ سبب، راقم الحروف سان نهايت شفقت ۽ محبت سان ملندو هو ۽ بارها پنهنجي زندگي جي تجربن جا مثال بيان ڪندو رهندو هو، جن ۾ هڪ وڏو سبق ۽ وڏي نصيحت هوندي هئي. هو هڪ درويش صفت انسان هو جنهن پنهنجي ملڪيت جو گهڻو حصو ماڻهن جي خدمت ۽ دوستن جي مهمان نوازي ۾ خرچ ڪيو. سکر شهر جي نزديڪي ماضيءَ جي پوين بزرگن ۽ قومي ڪارڪنن مان مرحوم خان پويون فرد هو، جنهن شهر ۽ سنڌ جي ماڻهن جي بي بها خدمت ڪئي. سياسي زندگيءَ کان علحدگي حاصل ڪرڻ کان پوءِ مرحوم خان سال جو گهڻو حصو ڪراچي، ڪوئيٽه ۽ حيدرآباد ۾ گذاريندو هو ۽ سکر ۾ سندس موجودگيءَ جي وقت ۾ سندس بنگلي تي دلچسپ ڪچهري لڳندي هئي. هي قومي اڳواڻ 11 ڊسمبر 1960ع ۾ پنهنجي بنگلي ”خدا داد هائوس“ ۾ رحلت ڪري ويو. سندس پوين مان خان عبدالوهاب خان نوجوان سکر جو هڪ قومي ڪارڪن ۽ سوشل ورڪر آهي.

(ماهوار نئين زندگي، سيپٽمبر 1962ع تان ورتل)

ڪليات سانگي پڙهڻ کان پوءِ- ڊاڪٽر بلوچ

زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي مختلف طبع ماڻهن سان ملڻ جو اتفاق ٿئي ٿو، جن مان ڪن شخصيتن کي ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪن ماڻهن کي وساري ڇڏجي ٿو. آءٌ ڪيترن ئي ماڻهن سان ملندو رهيو آهيان، جن مان ڪي فوت ٿي چڪا آهن، ۽ ڪي زندهه رهن ٿا. جن ۾ عالم ۽ فاضل، اديب ۽ شاعر، مفڪر ۽ معلم، مذهبي پيشوا ۽ سياسي رهنما، معمولي ۽ غير معمولي انسان شامل آهن. ليڪن ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءَ بهار جي.“
سنڌ ملڪ درويشن جو ديس، بزرگن جي بستي ۽ فقيرن جو فردوس آهي، جنهن ۾ وقتاً فوقتاً ڪيترائي فاضل ۽ دانشور پيدا ٿيا ۽ پيدا ٿيندا رهندا. انهن مان ڪن ظاهري فيض عطا ڪيو ۽ ڪن باطني بصيرت کي اجاگر ڪيو.
مون کي تازو جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽان ”ڪليات سانگي“ جو تحفو مليو. اهو ڊاڪٽر بلوچ، جنهن تي سنڌي ادب، سنڌي زبان ۽ سنڌ کي فخر حاصل آهي. مون پهرين فرصت ۾ ڊاڪٽر صاحب جو لکيل مقدمو نهايت غور سان پڙهيو، ۽ منهنجي دماغ ۾ تنهن مهل هڪ قدآور شخصيت جو ڀرپور ڪردار اڀري آيو، جو لوڪ ادب کان به گهڻو مٿي سوچي سگهي ٿو. لوڪ ادب جي جاکوڙ ۾، سنڌي زبان جي تحقيق ۾، ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت مستند آهي، پر مقدمي پڙهڻ کا پوءِ محسوس ڪيم ته کيس جديد رجحانن ۽ نون لاڙن جي به وڏي ڄاڻ آهي.
آءٌ ڊاڪٽر بلوچ کي گهڻي عرصي کان وٺي سڃاڻندو آهيان. پهرين ڄاڻ سڃاڻ غائبانه هئي، جا سندس تصنيفن ۽ تحريرن جي طفيل هئي. اهڙي سڃاڻپ طفيلي هئي، تنهنڪري ان تي ڪو ڌيان نه ڏنم. پر رسالي ”مهراڻ“ (1955) ۾ ڇپيل سندس هڪ مقالي بعنوان ”هندي شاعريءَ جو سنڌي شاعريءَ تي اثر“ منهنجي دل تي هڪ دير پا اثر ڇڏيو، جنهن مون کي مصنف جي صلاحيتن کي جاچڻ لاءِ مجبور ڪيو. اهو مقالو هڪ عالمانه ۽ محققانه ڪوشش هئي، جو سنڌي جديد ادب ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ سنگ ميل ڏسڻ ۾ آيو. اديب دوستن سان اڪثر و بيشتر ڊاڪٽر صاحب متعلق گفتگو ٿيندي رهي، ليڪن انهن مان ڪيترا ڊاڪٽر صاحب جي ادبي ڪوششن کان غير مطمئن هئا، ان ڪري مون ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. تنهن سمي ڊاڪٽر صاحب اسلاميه ڪاليج سکر جي معائنه ڪميٽي جو رڪن بڻجي اسان جي ڪاليج ۾ آيو. مون سندس صورت کي جاچي ڏٺو. مون کي هڪ نهايت خشڪ، مگر انتهائي سنجيده شڪل نظر آئي، تنهنڪري آءٌ همت نه ساري سگهيس جو ساڻس گفتگو ڪريان، اگرچه آءٌ سندس ڀر ۾ ويٺل هوس. اکين تي ڪاري فريم وارو چشمو، سنهي ڪٽ مُڇون، وار بنان سينڌ جي پوئتي ورايل، جسم تي کهرن ۽ ميرانجهڙن ڪپڙن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شخصيت منهنجي بالڪل قريب هئي. ڊاڪٽر صاحب اهڙي نموني ٽي دفعا سکر ۾ آيو. ليڪن منهنجي ساڻس صاحب سلامت واري ملاقات به ڪانه ٿي.
انهيءَ وچ ۾ هڪ ڀيرو، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻئي کي ڏٺوسون، ليڪن ويجهو ويهندي به هڪ ٻئي سان عليڪ سليڪ ڪانه ٿي. مون پهريون ڀيرو اتي ئي ڊاڪٽر صاحب جي عالمانه گفتگو ٻڌي هئي. تنهن ڏينهن جويو صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب پاڻ ۾مختلف موضوعن تي بحث ڪندا رهيا، ليڪن آءٌ خاموش تماشائي بڻيو ويٺو ٻڌندو رهيس. ڊاڪٽر صاحب جي شائسته، شسته ۽ سنجيده گفتگو مهنجي دل ۾ ۽ دماغ جي پردن تي اهڙو تاثر ڇڏيو، جو منهنجي اڳيان هڪ وڏي شخصيت اڀرڻ لڳي.
ڀانيان ٿو ته 1962ع ڌاري ڊاڪٽر بلوچ سکر آيو هو. هتي آءٌ پهريون ڀيرو ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ ويس. ڊاڪٽر صاحب نهايت گرم جوشيءَ سان منهنجي آجيان ڪئي. هن مختصر ملاقات ۾ ڪيترائي ادبي موضوعات زير بحث آيا. ان کان پوءِ منهنجي دماغ ۾ هڪ ڀرپور شخصيت مسلط ٿيڻ لڳي. آءٌ ڊاڪٽر صاحب جي ملاقات سان هڪ دلي مسرت محسوس ڪندو رهيس. هو سنڌي زبان جو عاشق، علم ۽ ادب جو پروانو آهي. تحقيق جو شغل خفت جي حد تائين هن جو قومي سرمايو بڻجي چڪو آهي. سنڌي زبان، سنڌي ادب، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي ثقافت جي متعلق سندس کوجنائون قابل قدر آهن، جي هميشه زنده و جاويد رهنديون. سندس محنت ۽ رياضت قابلِ رشڪ آهن، جن کيس امر بڻائي ڇڏيو آهي. لوڪ ادب جو ذخيرو سنڌي ادب ۾ هڪ گرانقدر اضافو آهي، جو سنڌ زبان سان گڏ هميشه زنده رهندو. شاهه عنات رضويءَ جي رسالي ۾ هن جن علمي ۽ ادبي باريڪين جي نشاندهي ڪئي آهي، تن سندس تنقيدي معيار کي سائنٽيفڪ تنقيد جي انتهائي بلنديءَ تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس عبارت ۾ سونهن ۽ سوڀيا، شگفتگي ۽ شيريني، رس ۽ رچاءُ، ذوق ۽ شائستگي، رنگ ۽ روغن سان گڏ ٻيون اهڙيون اديبانه حقيقتون سهيڙيل ۽ سموهيل آهن، جن تي هر هڪ سنڌي فرد بجا طور تي فخر ڪري سگهي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ورثي ۽ وکر کي ٻاهرين ملڪن جي دانشورن سان روشناس ڪرايو آهي. يورپ، ايشيا ۽ آمريڪا ۾ سندس تقريرن جو خاص اثر رهيو آهي، جنهن ڪري هن صاحب ڪيترا ڀيرا بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پنهنجي وطن جي نمائندگي ڪئي آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته اهڙو اعزاز تمام ٿورن پاڪستانين کي نصيب ٿيو آهي.
اسان جي ملاقات سال ۾ ٻه چار ڀيرا مس ٿيندي آهي، ليڪن هر ملاقات طويل هوندي آهي. مختلف موضوعن تي رهاڻيون ٿينديون آهن، ڪيترن اهم مسئلن تي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي وسيع تجربي ۽ علمي بصيرت جي پيش نظر، محققانه ۽ عالمانه نڪتا پيش ڪندو آهي. هو نه فقط قديم ادب جو پارکو آهي، پر جديد تقاضائن کان به چڱيءَ طرح واقف آهي. کيس اخلاقي قدرن ۽ قومي روايات جي پڻ چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي. هو سچ پچ ته سنڌي ادب جو روشن مينار آهي. هو وڏي خوبين جو مالڪ آهي. نهايت خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو انسان، مزاج شاهاڻو ۽ وضع قلندرانه. سندس طبيعت ۾ انتهائي سادگي آهي. ٻاهرين ڏيک ويک ۽ ٺَٺ ٺانگر کي پسند نه ڪندو آهي. عالمانه متانت ڪري سندس چهري تي هميشه سنجيدگي رهندي آهي، پر يارن جو يار آهي، جن سان سندس گفتگو نهايت بي تڪلفانه انداز ۾ هوندي آهي. سندس خاص دوستن جو حلقو محدود آهي. مادي آسائش ۽ آرام جو سندس طبيعت ۾ ڪو دخل ڪونه آهي. غريب سگهڙن ۽ مفلس موسيقارن جي ڪچهريءَ ۾ راتين جون راتيون گذاري ڇڏيندو آهي. تحقيق ۽ جستجو جي سلسلي ۾ ننڍڙن ڳوٺڙن ۽ وارياسن ميدانن ۾ ڦرندو نظر ايندو آهي. مانيءَ جي پرواه، نه پاڻيءَ جي گهرج. کهرا ۽ ٿلها ڪپڙا، پيرن ۾ پٺاڻڪو گهيتلو پائي ميلن جا ميل هلندو رهندو ۽ سفر جون صعوبتون نهايت خنده پيشانيءَ سان برداشت ڪندو رهندو. کيس ڪڏهن شهرت جي تمنا نڪي عظمت جي آرزو. هو پنهنجي رياضت ۾ مگن آهي. سچ پچ هو هڪ وڏو انسان آهي ۽ سنڌي ادب جو سچو عاشق! جيئن ڪنهن پنهونءَ جي تلاش ۾ ڪا سسئي جبل جهاڳي، لڪ لتاڙي، پرينءَ جا پار پئي پڇندي وتي.

(ٽي ماهي مهراڻ، 2/ 1971ع تان ورتل)

سيد عطا حسين شاهه موسوي هڪ اديب ، معلم ۽ عالم

اهي ڪچهريون ڪيئن وسري سگهنديون ۽ اهي يادگيريون ڪيئن فراموش ٿي سگهن ٿيون، جن محفلن ۾ علم و ادب جي ورکا ٿيندي هئي ۽ علم و فن جي گلڪاري ٿي ويندي هئي ۽ محفل تي رنگبو جي سڳنڌ نڇاور ٿيندي هئي، سنجيدگيءَ ۽ شائستگيءَ سان گڏ مسڪراهٽون نچنديون ۽ ڪڏنديون هيون، ڪلاسيڪي سنڌي شعراءَ جي ذڪر خير کانپوءِ اڪثر و بيشتر فارسي شعراءِ جي ڪلام تي تبصرو رهندو هو ۽ هر مجلس ۾ عموماً ٰ سائين ننڍو (عبدالحسين شاهه) به شريڪ محفل ٿيندو هو. سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت متعلق ۽ لفظن جي اشتقاق جي باري ۾ سائين عطا حسين شاهه وٽ هڪ وڏو خزانو موجود هو، جو سندس وفات کانپوءِ سندس سيني ۾ دفن ٿي ويو.
مهمان نوازي جي حق ادا ڪرڻ ۾ شاهه صاحب جن نهايت انتها پسند هئا، مجال جو ڪو انڪار ڪري سگهي. کائڻ لاءِ هر شئي پنهنجي هٿ سان وڌائيندا هئا ان جي قدر وقيمت جي وضاحت ڪندا هئا ۽ ان جا فضائل بيان ڪندا هئا. اهڙي چوڄ مان ڏيندا هئا جو انڪار جي ڪا گنجائش نه رهندي هئي، موڪلائڻ کانپوءِ اوطاق جي ٻاهرئين دروازي تائين اماڻڻ ايندا هئا.
هونءَ ته اسان جي واقفيت گهڻي وقت کان هئي، ليڪن ٻيون ڀيرو شاهه صاحب جن ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي حيثيت ۾ منهنجي آفيس ۾ آيا تڏهن مونکي کين ويجهڙائي کان جاچڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو. کين ميونسپل گرلس هاءِ اسڪول جو معائنو ڪرڻو هو. ڀانيان ٿو سال 54-1953ع جو زمانو هو، ڪجهه وقت ۾ اسڪول متعلق گفتگو هلي ان کانپوءِ گڏجي اسڪول ۾ آياسون، معائني جي وقت آءٌ به ساڻن گڏ رهيس، انسپيڪشن جي دوران شاهه صاحب هڪ دوست، همدرد ۽ رهبر ثابت ٿيو، آءٌ ۽ هيڊمسٽريس سندن ڪارڪردگيءَ ۽ حسن سلوڪ کان نهايت متاثر ٿياسون ۽ آءٌ دل ئي دل ۾سندن بلند اخلاقيءَ ۽ همدردانه رويي جو گرويده ٿي پيس. ان کانپوءِ جيتوڻيڪ اسان جي گفتگو فون تي ٿيندي رهي ليڪن منهنجي دل ۾ سندن عزت و احترام هر موقعي تي وڌندو رهيو، سندن گفتگو جي شگفتگي ۽ شائستگي دلپزير ۽ دل آويز پڻ هئي.
سال 57-1956ع ۾ مونکي ياد فرمايو ويو ۽ هڪ ميٽنگ ۾ منهنجي شرڪت ضروري سمجهي ويئي. پاڻ رٽائر ٿي چڪا هئا ۽ سائين عبدالحسين شاهه به پينشن تي آيو، هو، آءٌ به ان وقت سرڪاري نوڪري مان سبڪدوش ٿي سکر جي اسلاميه ڪاليج سان منسلڪ ٿي ويو هيس. مقرر وقت تي انهيءَ ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيس جنهن ۾ شاهه صاحبان کانسواءِ شهر جا ٻيا به معزيزين حاضر هئا. مختصر ڪارروائي کانپوءِ سکر ايڊيوڪيشن سوسائٽي جو بنياد رکيو ويو جنهن ۾ مونکي خزانچي منتخب ڪيو ويو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اورنٽيل ڪاليج جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻين ليڪچرارن سان گڏ شاهه صاحب جن پاڻ، سيد عبدالحسين شاهه صاحب جن پاڻ، ۽ مون اعزازي طور پاڙهڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ان کانپوءِ مونکي ڪاليج جو اعزازي وائس پرنسپل مقرر ڪيو ويو. سکر ۾ اسان جو ملاقاتيون نجي طور تعليمي مسائل جي سلسلي ۾ ٿينديون رهيون ۽ روهڙيءَ ۾ خالص ادبي ۽ علمي معاملات متعلق، ٻه سال کن ٿيا جو انهيءَ سوسائٽي جي سهاري هيٺ روهڙيءَ ۾ هڪ انٽرميڊئيٽ ڪاليج قائم ڪيو ويو، ليڪن اهي ٻئي خاموش طبع ۽ ڪم سوال بزرگ انهن ڪاليجن کي پنهنجي نجي ۽ خانگي وسائل سان هلائيندا رهيا ۽ ڪنهن جا به منت ڪش نه رهيا، سندن تعلقات سنڌ جي هر طبقي سان نهايت گهرا رهيا آهن، جنهن ڪري آءٌ کين مشورو ڏيندو رهيس ته ڪا ٻاهرئين مالي امداد حاصل ڪجي، جا ڪاليجن جي ڪارڪردگيءَ جي بهتريءَ ۾ معاون ۽ مدد گار بڻجي، ليڪن پاڻ هميشه کلي جواب ڏيندا هئا ته ”سائين! پاڻ کي هٿ ڊگهيڙڻ اچيئي ڪونه“ سندن بلند اخلاقيءَ جو ڪهڙو ذڪر ڪجي. منهنجي حيثيت عمر، علم، عهدي ۽ تجربي جي لحاظ کان کانئن گهڻو گهٽ هئي، ليڪن ڪڏهن به نالي سان نه سڏيائون ۽ هميشه اهڙي مٺڙي نموني ”سائين“ جو لفظ استعمال ڪندا هئا جنهن ادا ۽ انداز تان دنيا جون سڀ خوشيون قربان ڪري ڇڏجن، ان ”سائين“ جي لفظ ۾ ڪيترو نه خلوص، پيار، ميٺاج ۽ پنهنجائپ هوندي هئي، پوئين زماني ۾ ته فون تي خواه روبرو سوال ڪندا هئا ”سائين! ڪڏهن ٿي اوهان کي فرصت ملي. زور آور ويهو ته ڪو ڪم ڪريون.“ کين سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ تي ڪتاب مرتب ڪرڻ جو گهڻو خيال هو ۽ مونکي هميشه چوندا رهيا ته ترتيب جو ڪم شروع ڪجي ليڪن آءٌ هميشه وعدو فردا تي رکندو آيس ڄڻ مون کي يقين هو ته سائين اڃا گهڻو وقت زنده رهندو ۽ ڪنهن نه ڪنهن وقت صحبت باقيءَ جا فرائض سر انجام ڏنا ويندا، پر ”دنيا سرائي بوون وڃائي قرار نيست“ وارو معاملو ٿي پيو ۽ هڪ صحتمند عالم ڳالهائيندي ٻولهائيندي دنيا جي بي ثباتيءَ جو اقرار ڪري رمندو رهيو.
گذريل بورڊ جي امتحانن ۾ شاهه صاحب جن کي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ سپرنيٽنڊنٽ ۽ مونکي سپروائيزر مقرر ڪيو ويو، هفتو ڏهه ڏينهن ايتري قربت حاصل ٿي، جا زندگيءَ جو هڪ وڏو يادگار ٿي رهندي، سندن بلند ڪردار ۽ محبوب طبيعت مان زياده واقف ٿيس، امتحان جي ماتحت عملي سان سندن دوستانه ۽ همدردانه برتاءَ منهنجي دل ۾ سندس عظمت کي وڌيڪ بلند ڪيو. عام طور ڏٺو ويو آهي ته رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو پنهنجي نوڪريءَ جي ايامڪاريءَ جون ڪارڪردگيون نهايت شدومد سان بيان ڪري پنهنجي انا کي تسڪين ڏيندا آهن ۽ ڪنهن ڪارنامي کي دهرائڻ ۾ لطف حاصل ڪندا آهن، ليڪن جناب شاهه صاحب مرحوم ۾ اهڙي ڳالهه نظر نه آئي، هميشه علم و ادب جو ذڪر رهندو هو ڪڏهن قاني ۽ خاقاني ۽ ڪڏهن نظيري ۽ عرفي تي بحث ٿيندو رهيو ۽ کين فارسي جا ايترا اشعار ياد هئا، جن ۾ ڪن مقامي شاعرن جا به شعر هئا جن کي جيڪڏهن ڪٺن ڪجي ها ته هڪ سهڻو ۽ رنگين بياض بڻجي پوي ها.
سندن پنهنجي ننڍي ڀاءُ سائين سيد عبدالحسين شاهه سان ايتري ته والهانه محبت هئي جنهن کي محبت جي آخري حد چئجي ته غلط نه ٿيندو، ننڍي ڀاءُ جو نالو ايتري محبت ۽ عزت سان کڻندا هئا جنهن جو مثال شايد ڪو ملي. هو هڪ مخلص دوست، همدرد بزرگ ۽ مشفق ڀاءُ هو جنهن جي دل ۾ انسانيت ۽ خلوص جو هڪ اٿاهه سمنڊ موجزن هو، آءٌ سمجهان ٿو ته اسان جي ماضي قريب جي نيڪوڪار بزرگن جي سٿ جو آخرين چراغ هو جو وسامي ويو ۽ چوڌاري اونده ٿي ويئي، محبت و عشق ۽ حيا و حجاب جي چمن جو پويون گل هو جو ڪومائجي ڪري پيو ۽ باغ ويران ڏسڻ ۾ آيو.
وفات کان هفتو کن اڳ منهنجي جاءِ تي فون ڪيائون ليڪن آءٌ ڪاليج ويل هيس، گهر واپس ورڻ تي اطلاع مليو ۽ مون کين روهڙي فون ڪيو، چيائون ”سائين! وساري ڇڏيو اٿو نه اچو نه وڃو، ڪيترن ڏينهن کان ڪچهري ڪانه ٿي آهي دل گهڻو ٿي تانگهي، ادا به هينئر چاڪ آهي صبح جي پهر ٻاهر نڪرندو آهي آچر صبح تي اچو ته چڱو ”مون ساڻن آخري واعدو ڪيو جو پڻ اتفاقاً وفا ٿي نه سگهيو ۽ آءٌ انهيءَ آچر تي ڀٽ شاهه جي ميلي جي سيمينار ۾ شريڪ ٿيس ۽ دل ۾ خيال ڪيم ته ٻئي آچر تي سائينءَ جن وٽ ضرور ويندس سڄو ڏينهن اتي گذاريندس ماني به وٽن کائيندس ليڪن سڀ داڻي پاڻيءَ جي اختيار آهي ۽ پره جا پيئاڪ ان کان اڳئي وڏي سفر تي هليا ويا ۽.
”کڻي آيا جام، اڄ اسان جي نجهري،
صبح جا پيئاڪ، ويٺي ٿين شام،
ڏيئي ڪو پيغام، موٽي هليا ماڳ تي. ( ”راز“)

(ماهوار نئين زندگي، سيپٽمبر 1966ع تان ورتل)

رحيمداد خان مولائي شيدائي

آءٌ کيس ٻالجتيءَ کان سڃاڻندو آهيان. ۽ هو به مون کي ٻالڪپڻي جي عمر ۾ چڱيءَ طرح سڃاڻيندو هو ان کان پوءِ کانئس وسري ويس. هو فرصت وقت ۾ اڪثر ڏاڏي مرحوم سان ملڻ ايندو هو. هو ڏاڏي مرحوم جي پيارن شاگردن مان هڪڙو هوندو هو. کيس نوجوانيءَ ۾ ئي علم و ادب ۽ تاريخ سان دلچسپي هوندي هئي. هن جي بزرگن جي منهنجي وڏن سان نهايت ڳوڙها ۽ ويجها تعلقات هئا، تنهنڪري به هو منهنجي بزرگن جو احترام ڪندو هو.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هو وڏي بُجدار ٽوپي ۽ بند ڪالر واري ڪوٽ سان ملبوس هوندو هو. ان وقت هڪ تندرست، توانو ۽ مضبوط نوجوان هوندو هو. سندس چهري تي سرخي نظر ايندي هئي. سندس چپن مٿان مُڇن جي وارن جا ٻه ڇڳا، سندس حشمت ۽ جوانمراديءَ جي نشاندهي ڪندا هئا. سندس ڳالهيون عموماً پهاڙن، دريائن، ۽ بيابانن جي متعلق هونديون هيون. سندس گفتگوءَ جي دوران انيڪ جهنگلي جانورن ۽ درندن جو ذڪر اچي ويندو هو. منهنجو ننڍڙو دماغ کيس ڪو وڏو شڪاري يا سيلاني سمجهندو هو. سندس اکين ۾ ڳاڙهاڻ هوندي هئي، جا منهنجي شڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي هئي. ڏاڏي مرحوم جي احترام جي پيش نظر، سندس مُنهن تي گنڀيرتا هوندي هئي. مان کيس ڏسندو هوس.
هن جو نالو مير رحيمداد خان آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ ادبي دنيا ۾ ”مولائي شيدائي“ جي لقب سان مشهور ٿيو. هو شاهوڪار هو نه سيلاني، پر ريلوي گارڊ هو. ڏاڏو مرحوم گذاري ويو هو، جنهنڪري هن اسان جي اوطاق تي اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ رحيمداد خان مان بدلجي هو ’مولائي شيدائي‘ بڻجي ويو ۽ ريلوي گارڊ بجاءِ هڪ اخباري ڪالم- نگار جي حيثيت سان سڃاڻپ ۾ آيو. آءٌ انهيءَ وقت ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هوس. تنهن زماني ۾ پير علي محمد شاه راشديءَ سکر مان ”ستارهء سنڌ“ نالي هڪ روزاني اخبار شايع ڪرڻ شروع ڪئي. هن اخبار صوبي سنڌ جي صحافتي زندگيءَ ۾ هڪ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. اها اخبار ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ نامور اخبار بڻجي سڄي سنڌ تي ڇانئجي ويئي. هي پهريون ڀيرو هو جو راشدي صاحب جي قلم جو زور اخبار جي ذريعي محسوس ڪيو ويو. راشدي برادران جي اڻٿڪ محنتن ڪري اخبار جو معيار اوج تي پهتو.
رحيمداد هن اخبار جي شباب وقت منجهس ڪالم نگاريءَ سبب ”مولائي شيدائي“ بڻجي پيو خبر نه آهي ته اهو سندس لقب آهي يا تخلص. ڪجهه به هجي، ليڪن رحيمداد خان جي عرفيت ضرور آهي ۽ تنهنجي اها ئي دل جي قريب آهي. اها عنايت مٿس راشدي ڀائرن ڪئي هئي. هڪڙي ڀاءٌ کيس ’مولائي‘ سڏيو ته ٻئي ڀاءُ وري مٿس ’شيدائي‘ جو اضافو ڪيو ڀائنجي ائين ٿو ته سندس جسم جي مناسبت سان لقب به وزنائتو بڻايو ويو هو. ”مولائيءَ“ جي طبيعت ۾ ظرافت آهي. کيس ڪيترائي ٽوٽڪا ۽ ٽوڻا بر زبان ياد آهن. راشدي برادرن به سندس اهڙي بذله سنجيءَ کان ڏاڍا لطف اندوز ٿيندا هئا. مولائي بيباڪ آهي ۽ مناسب موقعي تي هر ڪنهن ماڻهوءَ سان چرچو ڪري وٺندو آهي.
مولائي شيدائيءَ مضمون نگاريءَ جي مشق پير حسام الدين راشديءَ جي سرپرستيءَ ۾ شروع ڪئي ۽ پير علي محمد راشديءَ کان صحافت جو فن سکيو. راشدي برادران جي مشوري سان مولائي شيدائيءَ تاريخ جي شعبن ۾ ڪيترائي ڪارناما سر انجام ڏنا. ”ستارء سنڌ“ جي بند ٿي وڃڻ کان پوءِ هن سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي تاريخي مضامين لکيا. سندس مضامين وادي سنڌ جي ۾ مقبول عام و خاص بڻيا ۽ رفته رفته مولائي صاحب هڪ تاريخ نويس جي حيثيت سان سنڌ جي ادبي اُفق تي اڀريو ۽ واديءَ مهراڻ جي علمي طبقي سان روشناس ٿيو.
مٿئين ذڪر ڪيل تعلقات جي بناء تي آءٌ سندس احترام ڪندو آهيان ۽ کيس پنهنجو بزرگ سمجهندو آهيان. آءٌ جڏهن سال 48- 1947ع ۾ هفتيوار ”الوحيد ڪراچيءَ جو ايڊيٽر هوس، تڏهن آءٌ سندس مضامين، مختلف ايڊيشن ۾ ڇاپي هڪ دلي مسرتّ محسوس ڪندو هوس. مون کي ويهه سال ساندهه ساڻس ملاقات جو موقعو ميسر نه ٿيو. نيٺ سال 1955ع ڌاري سکر ۾ ادبي سنگت جو آغاز ٿيو. سکر جا اديب قسم دوست هن انجمن ۾ شامل ٿيا. مولائي شيدائيءَ کي سندس بزرگيءَ سبب جماعت جو سربراهه چونڊيو ويو. پوءِ ته هن سلسلي جي ڪري ساڻس مسلسل ملاقاتون ٿينديون رهيون. هو اڪثر مونکي چوندو آهي ته ”اهو فيض تنهنجي گهر کان ئي مليو اٿم. اوهان جي ئي اوطاق تي وقت جي وڏن عالمن سان ملڻ جو اتفاق ٿيو، جنهن ڪري ٻالجتيءَ کان شعور پختو ٿيڻ لڳو.“
هڪ دفعي اسان کي شڪارپور ۾ ڪنهن ادبي محفل ۾ شامل ٿيڻو هو. سکر کان مولائي شيدائيءَ سان گڏجي، ٽيڪسيءَ ۾ روانا ٿياسون. سندس دلچسپ ۽ رنگين ڳالهين سبب ڪلاڪ جو سفر هڪ لحظي ۾ لنگھي ويو. پنجن دوستن مان هن ڪنهن کي به ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو. هو سمورو وقت اهڙي طرح ڪچهريءَ تي ڇانيل رهيو، جو اسان سڀ”ها،ها“ ڪندا، ڪنڌ لوڏيندا رهياسين. سندس شيرين گفتار کان لطف اندوز ٿيندا رهياسين. منتظمين تقريب ۾ آيل مهمانن لاءِ چاءِ پاڻي جو انتظام ڪيو هو. اسان کي سُڌ ڏيڻ لاءِ هنن گاڏيءَ جو وقت به اسان کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته گاڏي شڪارپور، کان ساڍي اٺين بجي رواني ٿيندي آهي. هن مان معلوم ٿيو ته مهمانن لاءِ رات جي مانيءَ جو انتظام ڪونه هو. اتفاق سان ان تقريب جي صدارت جو سهرو ”مولائي شيدائيءَ “ جي سِرَ تي رکيو ويو. مولائي صدارتي تقرير دوران پنهنجي نظريات جي اپٽار ڪئي. منتظمين کي اها ڳالهه شايد پسند نه آئي، پر مولائي ته پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ اسٽيج تان برابر ڳالهائيندو رهيو. ساڍا اٺ وڄي چڪا هئا. ٽيڪسي اسٽان تي آياسين. ڊرائيور سکر هلڻ کان نابري واري ويهي رهيو. منتظمين ته پنڊال ۾ ئي اسان کي الوداع چئي هليا ويا هئا، سو ٽانگي تي چڙهي اسٽيشن تي آياسين. پليٽفارم سنسان لڳو پيو هو. جاڏي تاڏي ’هُو‘ جي ڪيفيت لڳي پيئي هئي. هڪ به مسافر ٽلندو نظر ڪونه آيو، پر مولائيءَ جي چرچن ۽ گهٻن ۾ ڏکيو وقت ڪاٽيندا رهياسين. هو ڪلاڪ-سواءِ پنهنجي سرگذشت ۽ ملازمت جون هيٺانهون ۽ مٿانهيون بيان ڪندو رهيو. ڳالهيون اهڙيون سلوڻيون هجن جو اسان جا ٽهڪڙا لڳا پيا هئا ۽ مولائي پنهنجي موجن ۾ مگن. ساڍي ڏهين بجي تائين ڪنهن به گاڏي ءَ جو نالو نشان ڪونه هو. ڳالهيون ڪندي مولائي ٿڪجي پيو. کيس بک بيحال ڪري رهي هئي. مير ڪار وارن جو اهڙو حال ڏسي پليٽفارم تي هٿ پير هنياسين، پر اتي ڪي ڪين مليو. پوڻي يارهين بجي، عبدالمجيد ميمڻ ۽ نواز علي ’شوق‘ کي شهر ڏانهن اماڻيوسين. هو اڌ ڪلاڪ کن ۾ ڪنهن هوٽل تان بچيل ماني وٺي آيا. اسان گرهه گرهه کائي هانءَ جهل ڪري ورتي. اُن ماني مان گهڻو حصو شيدائيءَ کي پيش ڪيوسين.
آءٌ ڪڏهن ڪڏهن مولائي شيدائيءَ جي جاءِ تي ويندو آهيان ۽ سندس لئبرري ڏسندو آهيان، جتي علمي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جن مان ڪي ڪتاب ته ناياب آهن. وٽس تاريخي مواد جهجهو آهي. زماني سندس قدر ڪين ڄاتو. مولائي صاحب ۾ لکڻ جو وڏو جذبو ۽ جوهر موجود آهي. هو ڪيترا مفيد ڪتاب لکي سگهي ها، جن مان ايندڙ نسل مستفيض ٿئي ها. هي هڪ فقير بينوا وانگر ”گلشن عيدگاهه سکر“ جي لڳ ڀڳ مغرب ۾ هڪڙي ٽڪري جي هڪ ٽيلي تي پنهنجو آشيانو اڏيو ويٺو آهي. ڏس ته ڪتابن جي ورق گردانيءَ ۽ محبت جا گيت آلاپيندو رهندو آهي. شريڪ حيات جي معذوريءَ سبب ورهين جا ورهيه سندس تيمارداريءَ کان بعد، هينئر خود پاڻ انهيءَ دؤر ۾ گهڙي چڪو آهي. ٻڍاپي سبب قريباً معذور آهي. جوانيءَ جي دؤر وارا جذبات ۽ زنده دليءَ جون روايتون اڃا به هن پوڙهي جي سيني ۾ موجزن آهن. ڪسپمرسيءَ جي حالت ۾ به هو کلندو کِلائيندو رهندو آهي. هينئر لکڻ پڙهڻ کان تقريباً لاچار آهي. ساري ڄمار ڪتابن جي ورق گردانيءَ ۾ گذاريائين. ليڪن لاحاصل! اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمونن ۽ مقالن جا ڍير ڇپجندا رهيا، جن مان گهڻا ته زماني جي ستم ظريفيءَ کان صفحه هستيءَ تان مٽجي چڪا آهن. انهيءَ ذخيري کي ڪنهن به نه سهيڙيو ۽ نه سموهيو، ورنه سنڌي ادب ۾ اهي وڏو سرمايو هجن ها. هن ”جنتة السنڌ“ ۽ ”تمدن السنڌ“ جهڙيون ضخيم شاهڪار تصنيفون لکي اهل سنڌ تي عظيم احسان ڪري سندن ڪُلهار بار احسان سان جهڪائي ڇڏيا آهن. ازانسواءِ هن ”بلوچستان جي تاريخ“ (ڇپيل) ۽ ”سنڌ جي ٽالپورن جي تاريخ“ (اڻڇپيل) ۽ مخدوم نوح جي سوانح ”سفينة النوح“ (اڻڇپيل) لکي، علمي دنيا کان پڻ خراج تحسين حاصل ڪيو آهي.
دعا آهي ته الله ڪريم کيس صحت ڪامل عطا فرمائي ته اسان لاءِ ڪجهه وڌيڪ ڪري ۽ کانئس اسان اڃا ڪجهه وڌيڪ حاصل ڪريون.

(ٽي ماهي مهراڻ، 4/ 1971ع تان ورتل)

هڪ تاثر مولانا گرامي تي

مرحوم مولانا گرامي سان منهنجي پهرين ملاقات، 1960يا 1961 ڌاري، حيدرآباد جي جامعه عربيه ڪاليج ۾ ٿي هئي. گرامي صاحب جي نالي کان اڳ ۾ واقف هيس. لکڻ پڙهڻ وارن ماڻهن جي، هڪ برادري ٿيندي آهي ۽ غائبانه ملاقاتيون ٿينديون آهن. عزيزم محبوب علي چنا سان ڪاليج ۾ ملڻ لاءِ ويو هيس. محبوب ته رازداريءَ جا راز سليا، پر گرامي صاحب پنهنجي تعارف سان گڏ، علمي ۽ ادبي ڪچهريءَ جو آغاز ڪيو. گرامي صاحب سان ان وقت هڪ مولوي نما بزرگ به ساڻ هو، هو خاموشيءَ سان اسان جي ڪچهريءَ مان مزو وٺي رهيو هو. هونئن ته گرامي صاحب جون تحريرون پڙهندو هيس، جن مان سندس تحرير جي شوخيءَ، شگفتگيءَ ۽ بلند آهنگيءَ مان لطف وٺندو هوس، سچ پچ گرامي صاحب سنڌي نثري تحرير جو هڪ روشن مينار هو. سندس هڪ تحرير مون کي بالڪل ياد آهي، جا آزاد نظم تي هڪ سخت تنقيد هئي. ان وقت گرامي صاحب، هالا مان ڪو رسالو شايع ڪندو هو، جنهن ۾ هن آزاد نظم جي هيئت ۽ مواد تي وڏي جُلهه ڪئي هئي. مون کي اهو مضمون، 1956ع ۾ محترم محمد ابراهيم جويي ڪراچيءَ ۾ ڏيکاريو هو، جو ان وقت سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هوندو هو ۽ سندن آفيس ڪراچيءَ ۾ هوندي هئي. گرامي صاحب پاڻ هڪ بر جستو شاعر هوندو هو ۽ مان ان زماني ۾ آزاد نظم لکندو هيس ۽ سنڌ جي ڪن ٻين شاعرن به ان صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي هئي.
عربيه ڪاليج واري ملاقات کان پوءِ، مرحوم سان منهنجي صاحب سلامت واري ڏيٺ ويٺ شروع ٿي ۽ خط و ڪتابت جي ذريعي، گرامي صاحب سان ڪجهه زيادهه ڏيٺ ۽ مان سماهي مهراڻ ۾ ڪجهه نه لکندو هيس. انهيءَ زماني ۾، مان اڪثر حيدرآباد ايندو ويندو هيس، جيڪڏهن مولانا صاحب ڪٿي ملي وڃي، ته وڏي قرب مان پنهنجي گهر وٺي هلڻ جو اصرار ڪندو هو ۽ مان وعده فردا ڪري، گرامي صاحب کان موڪلائيندو هيس.
سنه 1964ع ۾، گرامي صاحب سماهي مهراڻ ۾ هڪ مقالو شايع ڪيو. مون ان مقالي تي سخت تنقيد ڪئي، جنهنڪري منهنجا گهڻو ڪري، سڀ گهاٽا دوست ناراض ٿي ويا. جي اڄ تائين منهنجي متعلق هڪ عجيب و غريب راءِ رکندا آهن. ٻه سال تنقيد ٿيندي رهي. ان کان پوءِ ٻئي سال گرامي صاحب ريڊيو پاڪستان تي مليو. سندس اهائي محبت محسوس ڪيم، جا تنقيد کان اڳ جي هوندي هئي. سندس ساڳيائي قرب ۽ ساڳيائي ٿورا هئا. مان تعجب ۾ هيس ۽ سوچيم، ته هي شخص ڪيترو نه عظيم آهي يا عجيب و غريب. تنهن کان پوءِ مان گرامي صاحب سان حيدرآباد ۾ وقتاً فوقتاً ملندو رهيس، سندس ساڳيو ئي سلوڪ هوندو هو، مان پريشان ۽ ڪنهن وقت پاڻ کي شرمندو محسوس ڪندو هيس. ڪڏهن به زبان مان تنقيد جي باري ۾ هڪ حرف نه چيائين، باقي ٻيا دوست خواهه مخواهه ناراض ۽ بيزار. ادبي تنقيد ٿيندي رهندي آهي ۽ هر ڪنهن کي اهڙو حق حاصل آهي. جيڪڏهن سڀ سچو سون هجي، ته ڪسوٽيءَ جو معيار ڪري پوندو ۽ ادب جو تحرڪ ختم ٿي ويندو. الله کيس جنت نصيب ڪري.
گرامي صاحب هڪ اديب، هڪ عالم، هڪ خطيب ۽ هڪ شاعر هوندو هو. هو هڪ محنتي ماڻهو هو، تنهنڪري گذرمعاش جي تلاش ۾، هن ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا. اها سندس ديانتداري هئي۔ هڪ سپاهيءَ وانگر هن وڏي جانفشانيءَ سان محنت ڪئي، ۽ سماهي مهراڻ کي زندهه جاويد بڻائي ڇڏيو، جنهنڪري هر انسان سندس مداح آهي. مون کي اها خبر ڪانه هئي، ته گرامي صاحب اسان کان اوچتو موڪلائي ويندو، نه ته ساڻس هڪ وڏي ملاقات ڪريان ها ۽ سندس شخصيت ۽ خيالات تي هڪ وڏو تاثر پيش ڪري سگهان ها. بهرحال سندس شعر متعلق هڪ ننڍو تاثر پيش ڪريان ٿو.
گرامي صاحب جا ڪجهه اشعار پڙهيا ۽ ٻڌا اٿم ۽ اندازو لڳايو اٿم، ته گرامي صاحب ۾ فلسفيانه نظريات سان گڏ، تصوف جي چاشني ۽ بلند آهنگيءَ جون گڏيل سڏيل تصويرون موجود آهن. هن جا مضمون گهڻو ڪري خشڪ نظر ايندا، پر انهن ۾ شعريت موجود هوندي آهي ۽ جنهن مان سندس بلند پايه شاعر هجڻ جو تاثر ملي ٿو. هو گهڻو لکي سگهندو هو ۽ گهڻو پڙهي سگهندو هو. هن وٽ سهڻن لفظن جو هڪ وڏو ڀنڊارموجود هو. انهن لفظن ۾، شان و شوڪت سان گڏ، هڪ طمطراق به موجود هو. لفظن ۾ ڪيترين صدين جو پس منظر هوندو هو. جيڪڏهن سندس شعر ۾ فقط لفظ هجن، معنيٰ ۽ مواد بالڪل نه به هجي، تڏهن به سندس لفظ معنيٰ ۽ شاعريءَ جو مقصد حاصل ڪري سگهندا. ڪجهه لفظ اهڙا ٿيندا آهن‏، جي مڪمل تصوير جي نشاندهي ڪندا آهن. گرامي صاحب کي علم عروض تي وڏو عبور حاصل هو ۽ سندس هر هڪ شعر، سندس فن جي بلند آهنگيءَ جو مرقع آهي. مون ڪيترن شاعرن کي پڙهيو آهي. ڪن جو وڏي عقيدي سان مطالع ڪيو آهي ۽ ڪن ۾ فقط لفاظي هوندي آهي؛ پر گرامي صاحب جا الفاظ به هڪ وڏي معنيٰ جو معيار رکندا آهن، ڪن وٽ وري عروض جي ڪمزوري آهي، گرامي صاحب وٽ بي پناهه برجستگي ۽ پختگي موجود هئي. سندس شاعريءَ ۾ زندگي آهي ۽ زندگيءَ سان گڏ، وٽس زندگيءَ جي دلفريبي به آهي. اڄ اها زندگي خاموش آهي ۽ دلفريبي به ان زندگيءَ سان گڏ موڪلائي ويئي. غزل گو شاعرن جي باري ۾ گهڻيون ئي خيال آرايون آهن، ڪن غزل جي شاعريءَ کي روايتي شاعري سڏيو آهي ۽ ڪن رسمي. جنهن ۾ عشق شاعرن جو پيدائشي حق آهي، تنهن ڪري بسا اوقات، غزل جا شاعر پنهنجي عشق جي شدت کان روئندا پٽيندا آهن. گرامي صاحب به غزل جو شاعر آهي، پر اهڙي ڳالهه منجهس ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. گرامي غزل جي صنف کي، غزل جي روايت کان گهڻو ڪري پاسي رکيو آهي‏. مون گرامي صاحب جا ڪيترا غزل پڙهيا آهن، جن ۾ شگفتگي، خوش اسلوبي ۽ پاڪيزگي موجود آهي. هو عشق مجاز جو گهايل نه هو، پر عشق جي اسرار رموز کان چڱيءَ طرح واقف هو. هو صوفي به ڪو نه هو، پر تصوف جي باريڪين کان باخبر هو. تنهنڪري منجهس عشق سان گڏ تصوف جو رنگ به نظر ايندو آهي.
آهي ڪعبي ۽ ڪليسا ڏي يڪي راهه گذر،
تو ۾ اي اهل نظر، خام ٿيو انداز نظر.
خمير خاڪ فنا آشنا جو ڇا انداز،
نظرسان آهه بڻي ڪيميائي خاڪ اثر.

ساقيءَ ماهوش، کڻ ڪا نوري نظر، ڪو اٿي جام ڀر
عالم رنگ وبو، چار سو، ڪو يڪو، ٿيو فريب نظر.

خدا جو شڪر، غم اين و آن جو آهيان امين،
نه آهه پنهنجي مقدر ۾ سيم و زر نه سهي.
¬¬¬¬¬
لفظن جي بلند آهنگيءَ سان گڏ شعرن جي پاڪيزگي ڏانهن نظر ڪجي. ڪعبي ۽ ڪليسا جي ماهيت جو خيال ڪجي. اهل ِ نظر جو انداز نظر غلط ثابت ٿيو. محبوب جيڪڏهن دلفريب نظرون مٿي ڪري ڪو جام ڀري پياري، ته سڄو عالم نظر فريب بڻجي پوي. مون لفظن جي باري ۾ مٿي ذڪر ڪيو آهي. مٿين شعرن مان لفظن جي شان و شوڪت ظاهر آهي. گرامي صاحب هڪ ڪهنه مشق شاعر هو، جنهن کي لفظن استعمال ڪرڻ جو هڪ ڍنگ هو، هڪ نئون ڏانءُ کڻي چئجي، ته منجهس ڏات هئي. گرامي صاحب انهن لفظن ۽ اصطلاحن کان احتراز ڪيو آهي، جيڪي غزل جي شاعريءَ جي روايت ليکيا ويندا آهن، جيئن ظالم، رقيب، صياد وغيره وغيره، جيڪڏهن اهڙا لفظ اچن، ته به سندن معنيٰ نئين دور جي عڪاسي ڪندي.
تصوف ۽ اخلاق جو پاڻ ۾ وڏو سٻنڌ آهي. غزل جي شاعريءَ ۾، محبوب جي شڪايت جا دفتر، هجر و فراق جون ڳالهيون، گريه وزاري جون ڪيفيتون نظر اينديون. مٿيان ٻه چار شعر گرامي صاحب جي غزلن جا آهن، جن مان ترقي پسنديءَ جي بوءِ ايندي، انسانيت جو سبق ملندو، تصوف جي ڪيفيت معلوم ٿيندي، جن ۾ هڪ سهڻي اخلاق جا مظاهر ڏسڻ ۾ ايندا. شاعريءَ سان گڏ شاعر جي ذاتي زندگيءَ جو مطالعو ڪرڻو ٿو پوي. جيتوڻيڪ گرامي صاحب سان ڪا لمبي ملاقات ڪانه ٿي آهي، پر سرسري جائزي کان پوءِ يقين اٿم، ته گرامي صاحب هڪ نيڪدل انسان هو ۽ هر ڪنهن سان نيڪيءَ سان پيش ايندو هو. اسان جي اڪثر ملاقات، ريڊيو پاڪستان اسٽيشن تي ٿيندي هئي. هو مون کي گهر وٺي هلڻ لاءِ آماده ڪندو هو، مان کيس سکر اچڻ لاءِ منٿون ڪندو هيس.
سندس اشعار کي، سندس سادي ۽ صفا زندگيءَ سان پرکي ڏسجي، ته سندس شخصيت جو مقام متعين ڪري سگهجي ٿو. گرامي صاحب نه رڳو غزل جو شاعر هو، پر هو بهترين نظم به لکندو هو ۽ آزاد نظم، جنهن جي خلاف گرامي صاحب تنقيد لکي هئي، پر پوئين وقت ۾ آزاد نظم سندس طبيعت جو خاصو بڻجي پيو هو.
گرامي صاحب جي نظم مان ڪجهه اقتباسات پيش آهن، جن جي پڙهڻ سان، گرامي صاحب جي بلند شخصيت ظاهر ٿئي ٿي. هو هڪ ديني عالم هو، جنهن ديني علوم جي تحصيل ڪئي هئي. هو زندگيءَ جي هر مسئلي کان واقف هو. هن جي انسانذات سان محبت هئي، انسان ڪهڙي به مذهب جو هجي، گرامي لاءِ انسان انسان هو. جيڪڏهن هو انسانيت جا حق ادا ڪري ته منجهانئس نسل ۽ مذهب جي تفريق مٽجي وڃي ٿي.
ڪنهن جي تحرير ۾ عيسيٰ ۽ محمد جو پيام،
ڪنهن جي تقرير ۾ گوتم ۽ ڪنيئي جوگيان.
ڪنهن حقائق تان هٽايا سوين رنگين غلاف،
ڪنهن دقائق جي جهان ۾ سٺا ڪيئي خار خلاف.
آهي حيات بخش هئي لمحئه حيات،
آهي زبان، مڪان کان مٿي منبع حيات،

هن مان سندس انفراديت ظاهر آهي. گرامي صاحب سهڻو ۽ پختو آزاد نظم لکڻ شروع ڪيو ۽ ٻين کي به مشورو ڏيندو هو. مون کي جڏهن ملندو هو، تڏهن پڇندو هو، ”راز صاحب آزاد شاعري بند ڪري ڇڏيوَ ڇا؟“ مان جواب ڏيندو هوسانس، ”توهان جو لکڻ شروع ڪيو آهي.“ مون ڏانهن وفات کان اڳ جيڪو خط لکيو هئائين، ان ۾ قائداعظم تي آزاد نظم لکڻ جي فرمائش هئي. گرامي صاحب آزاد نظم تي وڏي محنت ڪئي هئي. آزاد نظم جي رموز کان واقف ٿي هن آزاد نظم لکيو. مواد ۽ هيئت جي اعتبار کان سندس آزاد نظم بهترين آهي. آزاد نظم ترقي پسند تحريڪ جي هڪ وڏي علامت آهي.
وڌوا جي جهوليءَ جيان بي ثمر، نه جنهن کي آ ڪٺمال، بولو نه نٿ.
نه سندور سان سينڌ ان جي ڀريل، اڪيلو ٻٻر، پر سڪل ۽ سڙيل.
اڪيلي مٿس چٻ جا چراڙٽ، چي! ڪڏهن ٿو اچي بس انڌيرن جو راڄ،
انڌيرن جو راڄ!
هندي ۽ سنڌي لفظن جو ڪهڙو نه سهڻو ۽ دلپسند امتزاج آهي. گرامي صاحب جي لفظن تي پوري گرفت رهي آهي.
آءُ ڇا؟ هستيءِ بيڪران.
عالم ِ رنگ وبو جي مڪان ۾ مڪين و مقيد پيو تڙپان ٻران.
ابروئي جهان، منهنجو هر آشيان.
پيچ در پيچ ٿيو آهي منهنجو وجود.
گرامي صاحب هڪ بهترين خطيب هو. مون کي سندس تقريرن ٻڌڻ جو موقعو مليو آهي. گرامي صاحب وٽ لفظن جا انبوهه موجود هوندا هئا ۽ لفظ سندس مرضيءَ مطابق ڪم ڪندا رهيا. الله کيس مغفرت ڪري. عجب آزاد مرد هو.
سڀڪو ماڻهو آ محض ماڻهو ’راز‘‏، آدمي پر ملي ٿو مشڪل سان!

(ٽي ماهي مهراڻ، 4/ 1976ع تان ورتل)

مخدوم غلام حيدر صاحب صديقي

دنيا ۾ ڪي اهڙيون اهم شخصيتون هونديون آهن جن کي سالن پڄاڻان به وساري نه سگهبو آهي. اهو سندن خصوصيت ۽ عظمت جو دليل آهي.
مسلمانن جي جدوجهد کان پوءِ سنڌ بمبئيءَ کان الڳ ٿي، برصغير جي نقشي تي سنڌ هڪ جدا صوبي جي حيثيت سان اڀري هئي. سنڌين جي صوبائي حڪومت قائم ٿي. وزير سنڌي، ميمبر سنڌي ۽ اسيمبلي سنڌين جي، نه دل کي تسڪين نصيب ٿي. مان ان وقت ڪراچيءَ ۾ رهندو هوس. ڀانيان ٿو 1939ع جو زمانو هو. هڪ ڏينهن چاچا چيو ته شام جو مخدم صاحب ڏانهن هلنداسون. مخدوم صاحب سان ملڻ ۽ کيس ڏسڻ جو وڏو شوق هئو. ننڍي هوندي کين ٻه ٽي ڀيرا ڏسڻ جو اتفاق ٿيو هو، پر انهن ڏينهن ۾ تمام ننڍڙو هوس جنهنڪري رڳو هڪ جهڪي ۽ هلڪي يادگيري دماغ جي پردن تي رهجي ويئي هئي ۽ کين وري وري ڏسڻ جي خواهش دل ۾ پوشيده هئي. مخدوم صاحب جو نالو ٻڌي منهنجي بدن ۾ خوشيءَ جي لهر موجزن ٿي.
ننڍي هوندي کان اهڙي ماحول ۾ پرورش ٿي هئي جو عالمن ۽ بزرگن جي گفتگو مان لطف حاصل ڪندو هوس. دل کي سڪون ملندو هئم، جيتوڻيڪ چاچي جو ان ملاقات جو مقصد بنهه ٻيو هو. هونءَ به چاچا اڪثر و بيشتر شام جو مخدوم صاحب جن سان ملندو هو. اسيمبلي جي سيشن جي دوران سندن گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾ گذرندو هو. منهنجي ملازمت جو سوال چاچا جي مدعا هئي ۽ منهنجي تمنا ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ تائين محدود هئي. مان ملازمت جي گورک ڌنڌي کان بلڪل بي نياز. اسان ٻنهي جي مقاصد ۾هڪ وڏ تضاد هو . ماديت ۽ روحانيت جهڙو.
بهرحال، صدر ۾ ڪنهن بنگلي جي ويجهو پهتاسين. وڏي دروازي کان لنگهي بنگلي ۾ داخل ٿياسين. ڏاڪڻ تان چڙهي مٿي پهتاسين. ڪجهه ماڻهو ورانڊي ۾ موجود هئا جن چاچا مرحوم سان عليڪ سليڪ ڪئي. اسان ڪمري ۾ داخل ٿياسين. هيٺ گلمن تي ڪيترائي معزز ماڻهو باادب ويٺا هئا. ڏاکڻين پاسي کان کٽ پيل هئي جنهن تي هڪ سهڻو هنڌ وڇايل هو. ڏٺم ته هڪ بزرگ، جنهن کي مٿي تي پڳ، جسم تي اڇو چولو ۽ اڇي شلوار پيل هئي سو کٽ تي پلٿي ماري ويٺو هو: سندس ڇاپونئي ڏاڙهي، کليل رنگ، ڪشاده پيشاني منهن تي پروقار سنجيدگي ۽ سندس وضع قطع منهنجي دل تي هڪ ديرپا اثر ڇڏيو. اسان کي ڏسي هو ملڻ لاءِ کٽ تان لهي بيٺو ۽ چاچا مرحوم نهايت ادب سان جهڪي سندس هٿ چميو خنده پيشانيءَ سان چاچا جي آجيان ڪئي ويئي، مان کين وڏي حب ۽ خوشيءَ ۽ احترام سان ڏسي رهيو هوس مان به ٿورو اڳتي وڌي ان بزرگ جي پيرن جي طرف جهڪڻ لڳس. مون کي پاڻ ڪلهن کان جهلي مٿي ڪيائون ۽ چاچا تعارف طور کيس منهنجو اڌ نالو ٻڌايو جنهن سان مون کي ننڍي هوندي سڏيو ويندو هو. منهنجو نالو ٻڌي هو مون سان بيحد پيار سان مليو ۽ چاچا کي مخاطب ٿي چيائين ”ماشاءَ الله هينئر جوان ٿي پيو آهي“ ائين چوندي پاڻ هيٺ قالين جي مٿان ويٺا. مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريائون سچ پچ ان وقت منهنجي دل خوشيءَ مان ناچ ڪري رهي هئي. ڪيترو وقت خير عافيت هلي. فرمايائون اهو راڳ ٻڌاءِ جيڪو ننڍي هوندي ڳائيندو هئين. ”اجهي شال ايندا اڱڻ ٿي ٻهاريان“ مون کي اهو راڳ بنهه ياد ڪونه هو ۽ اهو به ياد نه ڪري سگهيس ته ننڍي هوندي ڪو خاص راڳ مون سان منسوب هو. پر اها سٽ مانوس هئي، جنهن ڪري ذهن ۾ ان وقت به موجود هئي ۽ هينئر به ياد اٿم. مون ادب سان عرض ڪيو ”مون کي ياد ڪونهي“ پان مون سان نهايت قرب سان ڳالهائي رهيا هئا ۽ مون کي ياد ڏياري رهيا هئا ڪنهن پراڻي زماني جون يادگيريون جڏهن پاڻ اسان جي اوطاق تي مهمان بڻجي، ڏاڏي مرحوم سان ورونهن ڪندا هئا ۽ مان سندن خدمت ڪندو هوس ننڍڙي ۽ معصومانه خدمت.
اهو بزرگ مخدوم غلام حيدر صاحب هو جنهن جو نسب ۽ سلسلو غوث الحق حضرت مخدوم نوح سان ملي ٿو. هالا جي درگاه ۽ مخدوم صاحبن جو ذڪر اڪثر و بيشتر اسان جي گهر ۾ هلندو هو ۽ ڏاڏا مرحوم هالن جا هر سال ٽي چار ڦيرا ڪندو هو. انهيءَ خاندان جون اسان تي ايتريون شفقتون ۽ عنايتون هيون، جن کي وساري نٿو سگهجي. اهي عنايتون تحفن جي طور سدائين سندن احسانن کي ياد ڪرائينديون هيون. وڏڙا اٿي ويا ۽ اهڙو ذڪر اذڪار پڻ گهٽجي ويو.
مخدوم صاحب هڪ عالم باعمل ۽ هڪ وڏو اديب هو. اردو زبان تي به کيس چڱو عبور حاصل هو. سندس خطن ۾ هڪ اردو زبان ۾ لکيل خط پڻ مون وٽ موجود آهي، جنهن مان تحرير جي سلاست ۽ سادگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
حضرت مخدوم چاچا سان مخاطب ٿيو. چاچا احوال ۾ منهنجي بيروزگاريءَ جي مسئلي کي شامل ڪيو. نهايت فراخدليءَ سان فرمايائون ”سڀاڻي ڪم ڪبو“. مخدوم صاحب سنڌ اسيمبليءَ جو بااثر ميمبر هو. مون کي چيائين ”اسيمبلي ڏسندين؟“ مون ها ڪئي ۽ سندن ملازمن مون کي ٻه پاسون ڏنيون. ”سڀاڻي مون سان نائين بجي اسپيڪر جي ڪمري ۾ ملجانءِ“. ٻئي ڏينهن آءٌ کين اسيمبلي ۾ مليس. ڏاڍو خوش ٿيا ۽ اسپيڪر جي ڪمري ۾ ويهاري حالي احوالي ٿيا.
ملازمت جو آرڊر مليو. مون نوڪري نه ڪئي ۽ انهيءَ شرمندگيءَ ڪري مان وري ساڻن ملڻ جي همت ڪري نه سگهيس. جيتوڻيڪ ٻئي سال ٻه ڀيرا ان بنگلي جي ويجهو ويس، پر بنگلي ۾ داخل نه ٿي سگهيس. احساس ندامت جو غلبو هو. اهائي ملاقات هئي جا منهنجي سن شعور جي پهرين ۽ پوئين ملاقات هئي، جنهن کي سموري عمر ياد ڪندو رهندس. سندن شفقت جي نظر کي ڪڏهن فراموش ڪري نه سگهندس.
جناب مخدوم صاحب ديو بند ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ تحصيل کان پوءِ سندن دستاربندي به اتي ئي ٿي هئي. خلوص، محبت، همدردي ۽ شفقت جهڙيون صفتون سندن رڳ رڳ ۾ سمايل هيون. وعدي جا پختا ۽ قول جا سچا، مون کي پنهنجو تجربو آهي. اکر چيائون ۽ فوراً عمل ڪيائون. اهڙا بزرگ ڪٿان ملندا. جن پنهنجي بلند ڪردار سان پنهنجي روايت موجب حقيقي ۽ بنيادي قدرن کي اجاگر ڪيو آهي. علم و تعليم سان سندن ڳوڙهي دلچسپي هئي ۽ ڪيترن ادارن جا معاون ۽ سرپرست هئا. هالا هاءِ اسڪول ۽ سروري اسلاميه ڪاليج سدائين سندن يادگار ٿي رهندا. اهڙن بزرگن دلين تي حڪومت ڪئي آهي جي هميشه زنده ۽ جاويد رهندا.

(ٽي ماهي مهراڻ، 1/ 1974ع تان ورتل)

”مٽيءَ لَڌو مان“- هڪ شاهڪار- عبدالله عبد

عبدالله ”عبد“ جي زندگيءَ جي گونا گونن تي مشتمل ”مٽيءَ لڌو مان“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هڪ مخلص دوست وٽان سوکڙيءَ طور مليو اٿم. انهيءَ دوست جو هن ڪتاب سان دلي لڳاءُ ۽ ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل شخصيت سان هڪ ڳوڙهو رشتو آهي. هڪ اهو رشتو جنهن کي خوني رشتو سڏيو ويندو آهي. هڪ اهو مقدس ۽ پاڪيزه ناتو جنهن جي مٽ دنيا ۾ ٻيو ڪو به ناتو ڪونهي. پيءُ ۽ پٽ جو تعلق هن دنيا ۾ اهو اهم تعلق ڪيترو نه عظيم ۽ قديم آهي. دنيا ۾ ڪوبه دور جنهن جي عظمت کان ڪڏهن به منڪر نه رهيو آهي. منهنجي عزيز دوست عبدالحليم اهو تحفو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي هٿن سان ڏنو. جنهن تحفي جو تقدس ڪيڏو پاڪيزه آهي. پٽن پنهنجي والد بزرگ جو حق ادا ڪيو آهي. حق نه پر هڪ وڏو فرض ادا ڪيو آهي. جنهن ڪري اهڙي اولاد قابل سد آفرين آهي. جنهن پنهنجي بزرگ کي زنده رکيو. تنهنڪري ان مٽيءَ سچ پچ مان لڌو آهي ۽ ان مٽيءَ جي آڏو ڪيترا ئي سلام ڪن ٿا.
اهو افسوس اٿم جو حليم جي قرابت ۽ قريبي رفاقت هوندي مون کي ”عبد“ صاحب سان ملاقات جو موقعو ڪين مليو آهي. گهڻن سالن جي ڳالهه آهي آءٌ ٻن چئن ڏينهن لاءِ ڪراچي ويو هوس. آءٌ حليم جي ڳولها ۾ سندس پراڻي گهر نئين آباد پهچي ويس. رات جو وڳڙو هو، گهر جي پڇا ڪندي ڪنهن واٽهڙوءَ ٻڌايو ته حليم راولپنڊي آهي. سندس ملازمت اتي آهي. پورو ياد نه آهي مطلب ته اهڙي قسم جي گفتگو ٿي. ان ماڻهوءَ هلڻ ۽ ويهڻ جي صلاح به ڪئي آجيان به ڪئي، پر مون اها سنڌين جي روايت سمجهي ان تي توجهه نه ڏنو. پر مون کي خبر ڪانه هئي ته ڳالهائڻ وارو بزرگ عبد صاحب پاڻ هو. مون به کيس پڙهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. اونده به هڪ رڪاوٽ هئي. ٻي ڀيري قصداً مان سندس آفيس ۾ ويس ته جناب عبدالله ”عبد“ کي ڏسي وٺان. اها به ڪيترن سالن جي ڳالهه آهي. ان وقت جوش صاحب ڪراچيءَ ۾ هو، پر مون کي سندس آفيس جي خبر ڪانه هئي. ڏٺم ته هڪ سادو سٻاجهو بزرگ ماڻهن جي وچ ۾ آهي. تعليمي آفيسر وٽ، گهڻو ڪري ماستر ايندا آهن ٻيو ڪير ايندو. مون به وارو وٺي ڄاڻ ڪرائي. هو اٿي بيٺو. ڀاڪر پائي مليو. مون عبدالحليم جو ڏس پتو وٺي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مرحوم ويهڻ لاءِ اصرار ڪيو. مون ٻئي ڀيري اچڻ جو واعدو ڪري اجازت ورتي. پر زندگيءَ ۾ اهو ٻيو ڀيرو وري نصيب نه ٿيو جو آفيس جو ماحول اهڙو سنجيدو هوندو آهي، جتي هر ڪو چڱو مڙس بوريت محسوس ڪندو آهي. مان پنهنجي بدقسمتي سمجهان ٿو جو مون ڪڏهن به مرحوم سان ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي، حالانڪه مان هر ڀيري جوش سان ملندو رهيو آهيان. يارن جا وڏا سدائين جيئرا رهندا آهن. مان ٻئي ڀيري ملندس جي چڪر ۾ ڦاسي ويس. هينئر محسوس ڪريان ٿو ته مون فرض ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي.
ادبي طور سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ ۾ مرحوم جو وڏو دخل رهيو آهي. سندس نظم ”سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪراءِ“ جيتوڻيڪ هڪ سياسي نظم آهي، پر منجهس شاعر جي وطن سان محبت جو هڪ عظيم جذبو موجود آهي. سندس هڪ مصرع ”مادر سنڌ جا ستل فرزند“ مان هڪ وڏي تجربيڪار ۽ مخلص انسان جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ملي ٿي. جنهن پاڻ سموري عمر محنت ڪئي هئي. هو سنڌ جي ماڻهن کي ستل ڏسي نٿو سگهي. مادر سنڌ جي لفظن ۾ ڪيتري اتساهه، چاهه ۽ نيڪ رجحان جو جذبو ملي ٿو. انهيءَ ڪري ته سنڌ جي ڌار ٿيڻ ۽ صوبائي درجي ماڻڻ ۾ سندس خوشحاليءَ جو راز پوشيده هو ۽ سنڌين جي سست طبعيءَ جو به کيس وڏو فڪر هو. جيڪا قوم سستي ڏانهن مائل هوندي ان کان ڪهڙي ڪارنامي جي توقع رکي سگهجي ٿي. جيڪو ماڻهو رضا تي راضي ٿيڻ جي سهڻن لفظن ۾ ڦاٿل هوندو ۽ هر ڳالهه ۾ خوش هوندو. جيڪو اگهور ننڊ ۾ غلطان هوندو، انهيءَ ۾ ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي.
انسان جو ڌرتيءَ سان هڪ وڏو رشتو آهي. حب الوطني ايمان جي نشاني آهي. اهي سڀ ڳالهيون درست آهن، پر انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عمل جي ضرورت آهي. رڳو نعرن مان ڪجهه به نه ورڻو آهي تنهنڪري ”اٿ زماني جي تيزگامي ڏس“ چئي شاعر زماني جي تيز رفتاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. زمانو ڪنهن جي لاءِ ترسي نٿو سگهي. سنڌي طبعاً ۽ فطرتاً سست روي ڏانهن مائل آهي. تنهنڪري زماني جي رفتار سان کيس اڳتي وڌڻو آهي. اهو مختصر مضمون ان وقت جي تقاضائن موجب هڪ وڏي سياسي ۽ قومي حيثيت رکي ٿو.
جناب خير محمد اوحدي صاحب هڪ وڏو عالم صاحب طرز اديب ۽ شاعر آهي. افسوس جو مون کي سندس صحافتي زندگيءَ جو تجربو ڪونهي. هو هڪ وڏو مخلص ۽ خود دار ماڻهو آهي. ان سان گڏ هڪ وضعدار با اصول ماڻهو او حدي صاحب پنهنجي مضمون ۾ سچ پچ هڪ وڏي شخصيت جون خوبيون بيان ڪري عبد صاحب جي عملي زندگيءَ تي روشني وڌي آهي. مون کي يقين آهي ته سندس مضمون ۾ ڪٿي به هن مبالغي کان ڪم نه ورتو آهي. ۽ مون کي اهو به يقين آهي ته عبد صاحب، اوحدي صاحب جي مضمون جي صحيح تصوير آهي. جنهن ڪري مان ان وڏي انسان کي نهايت عقيدتمندي سان سلام ڪريان ٿو ۽ فخر ڪريان ٿو ته هن ڌرتيءَ ڪيترا نه لائق فائق فرزند پيدا ڪيا آهن. سچ پچ ته هي املهه ماڻڪ آهن. اسان جي بدنصيبي آهي جو اسان اهڙن مهراڻ جي موتين جي قدرداني نه ڪئي آهي. هن کان اڳ به ڪيترائي ماڻڪ مٽيءَ ۾ گم ٿي ويا، جن جو ڪجهه عرصي کان پوءَ نالي وٺڻ وارو به ڪونه هوندو. مرحوم عبد صاحب جي فرزندن کي جس آهي جن هن قحط الرجالي جي دور ۾ پنهنجي مختصر ڪمائي مان هن ڪتاب جي طباعت جو اهتمام ڪيو آهي. ورنه ڪي دوست اهڙا به آهن جن پنهنجي بزرگوارن جا مسودا هيٺ مٿي ڪري ڇڏيا. يا ڪن وٽ ڪٻٽ جي خاني ۾ اُڏوهي جي خوراڪ ٿي رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهي ماڻهو سکيا ستابا آهن، پر دل جي ڳالهه آهي محبت، خلوص ۽ سعادتمندي جي. اهو منهنجو تجربو آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو تصنع نه آهي.
مولوي سيتائي صاحب هڪ ٻيو بزرگ آهي جنهن سان گڏ ”الوحيد“ ۾ مون 1947ع ۾ ڪم ڪيو آهي، پر افسوس جو گذريل چويهن سالن ۾ ساڻس ملاقات جو موقعو به نه مليو اٿم. هو هڪ وڏو صحافي، عالم ۽ بزرگ آهي. جن بزرگن صحافت جي لڄ رکي ۽ سندس مان مٿي ڪيو، مولوي صاحب انهن منجهان هڪ آهي. مون سندس تاثرات دل ۾ سانڍيا آهن. هن صاحب به دوستيءَ جو حق ادا ڪري ادب جي هڪ محسن جي اعليٰ شخصيت کي پيش ڪيو آهي جنهن کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي.
اياز قادري جي چوڻ موجب هو سچ پچ وڏو ماڻهو هو. دولت مند نه هو، سرمايه دار نه هو، پر وڏو ماڻهو ضرور هو. وڏو چئبو به ان کي جيڪو ڪردار ۽ گفتار جو غازي هجي، جنهن جي گفتگوءَ ۾ تصنع نه هجي، جنهن جي عمل ۾ خلوص هجي. جنهن جي شخصيت ۾ ڪنهن مبالغي جي گنجائش نه هجي. جنهن ۾ خلوص ۽ محبت جو بحر بي پايان ڏٺو وڃي. جيڪو پنهنجي ذات کان وڌيڪ، ڪنهن ٻئي جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجي. مان ”مٽيءَ لڌو مان“ جي شخصيت ۾ مٿيون سڀ خوبيون واضح طور تي ڏسي رهيو آهيان. وڏو ماڻهو به ادبي معنيٰ ۾ ڪجهه ائين هوندو آهي. هو دولت مند نه سرمائيدار، پر وڏو ماڻهو هو. وڏي ماڻهوءَ جي لفظ ۾ ڪيترائي جزا شامل ٿي وڃن ٿا. هڪ وڏو عالم، هڪ خوددار اديب، هڪ مخلص شاعر، هڪ نيڪ انسان، مخلص دوست، هڪ همدرد مخالف. اهي ئي وصفون وڏائيءَ جون ٿينديون.
جنهن شخص کي نه ڪنهن طاقت سان زير ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ڪنهن دولت سان خريد ڪري سگهجي ٿو. اهو انسان آمر آهي. اهو انسان زنده آهي ۽ جاودانه زندگيءَ جو مالڪ آهي.
محترم حليم جوش صاحب جا تاثرات دل ۾ هڪ رقت پيدا ڪري رهيا آهن. هڪ پيءُ، هڪ استاد ۽ دوست جي عنوان سان جوش هڪ پٽ، هڪ شاگرد ۽ هڪ دوست جي حيثيت ۾ مختلف ڪردارن ۾ پيش ٿيو آهي. سعادت منديءَ جي ذريعي پٽ، پيءُ جو وڏو احترام ڪيو آهي. خلوص جي واسطي سان هن پنهنجي استاد ۽ رهنما جي تعريف ڪئي آهي. هن هڪ دوست جي حيثيت سان بي پناهه محبت ۽ پيار جو ذڪر ڪيو آهي. اهي مختلف علامتون سندس مضمون جو ماحصل آهن. مرحوم جي دلڪش شخصيت کي، جوش نهايت باوقار انداز ۾ پيش ڪيو آهي. مرحوم ڪاظم صاحب جو حوالو ڏيندي، ان زماني جي رواداري، خلوص دلي ۽ وضعداري جو ڪيڏو اهم نڪتو بيان ڪيو آهي. ”هڪڙي بيت تان پنهنجو ديوان قربان ڪرڻ“ وارو مثال ڪيڏي نه وسعت نظري ۽ فراخدليءَ جي ترجماني ڪري ٿو. اهي قدر پراڻا هئا. اڄ ته نفسا نفسي جو عالم آهي.
هر ڪو شاعر ڄڻ عظيم آهي. هڪ ٻئي سان زور آزمائي ۾ پورو آهي. نون قدرن ۾ اهڙن خيالن جي گنجائش ڪانه آهي. حليم صاحب جا هي لفظ ڪيترو نه دل ڀچائيندڙ آهن: ”جنهن اسان کي زمين تان کڻي ڪلهن تي ويهاريو، تنهن کي اسان پنهنجي ڪلهن تان لاهي زمين اندر پوري آياسين. “
هن ڪتاب ۾ ٻين دوستن جا زرين خيالات پڻ درج آهن، جن جو ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ مرحوم ”عبد“ صاحب سان تعلق رهيو آهي. الله تعاليٰ مرحوم کي مغفرت ڪري هو سچ پچ وڏي شخصيت جو مالڪ هو.


(ماهوار نئين زندگي، جنوري، فيبروري ، 1975ع تان ورتل)

مولوي عبدالواحد سنڌي

ڪراچيءَ جي ڪنهن فٽ پاٿ تان هلندو يا ڪنهن بس اسٽينڊ وٽ بيٺل ڪو پريشان حال، قداور، ڪراڙو، پر صحتمند ماڻهو ڏسو ته ان جون ڪي ٻيون نشانيون به جاچيو. ڏسو ته ڪاري جناح ڪيپ مٿي ۾ کپيل اٿس، اکين تي عينڪ اٿس، منهن تي گهنج ۽ گهنجڙين ۾ بي سرو ساماني لڪل اٿس، اڇيون مڇون، پر سنهيون، ڏند وٿيرڪا، بدن تي شيرواني نما ڪوٽ جيڪو پراڻي زماني ۾ شرفا پهريندا هئا، ڄنگهن مٿان پائجامو، جنهن جو هڪ پاچو هيٺ مُري تائين ڪريل ۽ ٻيو پاچو مٿي چڙهيل ته سمجهي وڃو منهنجي خاڪي جي شخصيت آهي. اڃا پڪ نه پويوَ ته سڄو هٿ ڏسوس ڪارو ٿيلهو پراڻي ماڊل جو هٿ ۾ هجيس ۽ هٿ ٿيلهي سوڌو سيني تي ورايل هجيس، تڪڙيون وکون کڻندو هجي يا بس اسٽئنڊ تي اتامرو ۽ اٻهرو نظر اچي ته يقين ڄاڻو ته اهو مولوي عبدالواحد سنڌي سابق ايڊيٽر ”نئين زندگي“ آهي.
جيڪڏهن ”نئين زندگيءَ“ جو هڪ به رسالو ادبي دنيا ۾ موجود آهي ته سنڌي صاحب امر آهي. نئين زندگي جوان آهي ته هو ٻڍاپي باوجود شباب تي آهي. نئين زندگيءَ کي سنڌي صاحب کان جدا ڪري نه ٿو سگهجي. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ساڻس هڪ ملاقات ٿي آهي. مون حسرت ۽ ياس ۾ ٻڏل هڪ انسان ڏٺو. جڏهن هو نئين زندگيءَ جو ايڊيٽر هوندو هو، ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون. هو نهايت رلڻو ملڻو ۽ بيحد قربائتو انسان هو. اڳئين جُڳ جي بزرگن جون سڪون لاهيندو آهي. هن نئين زندگيءَ جو ٻج ڇٽيو، ان جي آبياريءَ ۾ هن محنت مزوريءَ ۽ پنهنجي رت پت سان ان کي سامائي وڏو وڻ بڻايو ۽ سنڌي ادب جي سڄڻن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن لاءِ ميوه دار وڻ ڇڏي پاڻ چپ چپات ۾ ڪنهن اونداهي ٻاٽ ۾ گم ٿي ويو. اهڙي مخلص ماڻهوءَ کي هوند نئين زندگيءَ جو تاحيات ليسن ملي ها، پر رٽائرمينٽ جو قانون اٽل آهي، جنهن ۾ ڦير ڦار شايد ممڪنات ۾ نه آهي.
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات نهايت ڊرامائي انداز ۾ ٿي. 1955ع جي ڳالهه آهي. ملازمت کان واندو ٿي مون وڃي ڪراچيءَ جا وڻ وسايا. مرحوم احسان بدوي پراڻو يار هو، هن منهنجي اعزاز ۾ ادبي ڪچهري ڪوٺائي. سلام ۽ ڪلام سان گڏ طعام جي به دعوت هئي. ان محفل ۾ گهڻو ڪري ڪراچيءَ جا نوان اديب ۽ شاعر ڪٺا ٿيا. ڪن سان منهنجو غائبانه تعارف هو، ڪي منهنجي لاءِ بنهه اجنبي هئا. نئين نسل جي افسانه نگارن ۽ شاعرن کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. سرڪي، رباني، رشيد ڀٽي، شيخ حفيظ مرحوم وغيره سان منهنجي اتي ئي ڏيٺ ٿي. سنڌي صاحب کي به اتي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. سندس ٿيلهو ڏسي مون سمجهيو ته ڪو دوائن جو ايجنٽ هوندو، پر سندس ڪمهلو داد ڏيڻ ڏسي خيال ڪيم ته ڪنهن ويمي ڪمپنيءَ جو نمائندو هوندو. ان زماني ۾ سندس ٿيلهو نئون هو ۽ بجليءَ جي روشنيءَ تي جرڪي رهيو هو. ماني کائڻ کان پوءِ هٿن ڌوئڻ جو واور آيو. هٿ ڌوئي جڏهن پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺس ته سنڌي صاحب منهنجي ويجهو اچي ويٺو. مان انشورنس وارن کان گهٻرائيندو آهيان ۽ غيرارادي طور موت کان ڊڄندو آهيان. ويمي وارا اتفاقي حادثاتي ۽ ڪمهلي موت جو ذڪر وڏي پاٻوه سان ڪندا آهن. اهڙو غير رومانوي موت نه جنهن ۾ دعا، خيرات ، صدقي ۽ دوا جي مهلت ملي اهڙو موت ڀلا موت جي توهين نه آهي ته ٻيو ڇا آهي.
سنڌي صاحب اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺو. ڄڻ منهنجي آڏو بيگاهه موت جو فرشتو اچي پهتو هو. هو نهايت نرم لهجي ۾ هوريان هوريان ڳالهائڻ لڳو. مان به ويمي وارن جي اهڙين گهنترين کان واقف هوس، تنهنڪري سچ پچ ڏڪي ويس. خير، خيرعافيت پڇڻ کان پوءِ هن ٿيلهو کولڻ شروع ڪيو، بدن ۾ ڏڪڻي وٺي ويم، ساهه ڇڏائجي ويو. ايڏي وڏي مجلس ۽ اجنبي ماحول ۾ انڪار ڪرڻ غير اخلاقي فعل هو. کن پلڪ ۾ سندس هٿن ۾ نئين زندگيءَ جو پرچو ڏسي هواس جائيتا ٿيا ۽ مولوي صاحب وڏيءَ سڪ ۽ عاجزي سان قلمي تعارف ڪرڻ جي درخواست ڪئي. سندس اهو انداز نهايت پسند آيم ۽ سمجهيم ته باذوق ماڻهو آهي. ويمي وارو بَد ذوق ۽ بي مغز انسان نه آهي. مون جهٽ پٽ ۾ ساڻس وعدو ڪيو. ان موقعي کان پوءِ هو منهنجو سنگتي ٿي ويو. منهنجي وعدي ڪري مون تان ٻلهار ٿي ويو. هو نيڪ دل انسان آهي.
هو مهلو ڪمهلو سکر ۾ منهنجي جاءِ تي پهچي زيارت کان مشرف فرمائيندو هو. جيئن ته هو بنيادي طور اديب نه هو تنهنڪري ساڻس نئين زندگيءَ جي مستقبل ۾ ان جي معيار کي اوچي ڪرڻ بنسبت ڳالهيون ٿينديون هيون. هن انسان ۾ پنهنجي مقصد سان بي پايان خلوص هو. نئين زندگيءَ جي ترقي هن جي روشن منزل هئي. سندس هر لفظ درد مندانه اپيل هئي. هن پنهنجي ٻيڙيءَ کي ڪنهن تجربيڪار ناکئي وانگر هر ڪُنَ ۽ هرواچوڙي کان بچائي، ڪناري تي صحيح سلامت پهچايو. هو قابل تعريف ۽ قابل احترام شخصيت جو مالڪ آهي.
جڏهن مان ڪراچيءَ پهچندو هوس ته هو اشراف اطلاع ملڻ تي يڪدم مون سان منهنجي جاءِ تي اچي ملندو هو. مان به اڪثر ربانيءَ سان ملڻ لاءِ نئين زندگيءَ جي آفيس ۾ ويندو هوس، جتي سنڌي صاحب سان ڪچهري ٿيندي هئي. هن کي نئين زندگيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو خبط ڪونه هو. هن جي سموري ڪائنات نئين زندگيءَ ۾ سمايل هئي. جيئن مون اڳ چيو آهي ته هو پاڻ اديب نه هو، پر هو اديبن جو سرپرست ضرور هو. هن نوان اديب پيدا ڪيا ۽ هر ڪنهن ننڍي وڏي اديب جي سنڌ سان واقفيت ڪرائي. هن نئين زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻايو ۽ کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو. هن سنڌين جي دل ۾ سنڌي زبان پڙهڻ جو اتساهه جاڳايو. هن پنهنجي آفيس ۾ صبح کان سانجهيءَ تائين پورهيو ڪيو. هن مئڪلوڊ روڊ تي پريس ۾ ويهي، راتين جا اوجاڳا ڪري، پروف جاچيا. نئين زندگي وقت سر ڇپجندي رهي، اها به سندس وڏي ڪاميابي هئي. هن فرض شناسيءَ جو هڪ فرض مقاله قائم ڪيو هن کي پنهنجي مقصد سان بيپناهه محبت هئي. سنڌي اديب جيڪڏهن اهڙي شخص کي وساري ڇڏين ته انهن جي حال تي افسوس ٿيندو.
هن ۾ هڪ عيب ضرور هو، هو ڪمزور طبع واقع هو. هو اديب نه هو تنهنڪري پنهنجي ڪا راءِ نه رکي سگهندو هو، ۽ ڪن اديبن جو سندس دل تي وڏو ڌاڪو ڄميل هو. انهن جي هر ڳالهه مڃڻ هو پنهنجي لاءِ سعادت جو باعث سمجهندو هو. مون ڪنهن زماني ۾ سنڌي غزل جي هڪ سئو ڏهه سالن جي تاريخ جو سلسلو شروع ڪيو هو، ۽ اهو مقالو ادبي بحث جي صورت ۾ اڳتي وڌيو ۽ مون ارادو ڪيو هو ته ان مقالي کي هن دور تائين پهچائي ڇڏيندس. اهو سلسلو ڊاڪٽر بلوچ، الانا صاحب، مرحوم لطف الله بدوي وغيره جهڙن اديبن کي پسند آيو هو، پر مولوي سنڌيءَ سلسلو بند ڪري منهنجي شوق کي بريڪ هڻي ڇڏيو. منهنجي شوق جو انداز به نرالو آهي، لکندس ته لکندو ئي رهندس، جي ڇڏيم ته ورهين جا ورهيه ڇڏي ڏيندس. سنڌي صاحب اهڙي نموني ادب ۾ به سياسي ڌانڌلي ڪري ڇڏيندو هو. مون لکڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي صاحب سان معمول مطابق ملندو رهيس. اسان جا خوشگوار تعلقات قائم رهيا. مون کي به مواد شايع ڪرائڻ جو ڪو شوق نه رهيو آهي، لکندو آهيان ته تفناً طبع لاءِ. اڪيلي سر لطف وٺڻ جو عادي آهيان، پر مون مولانا سنڌي سان ڪيترو وقت قلم-ڇوڙ بائڪاٽ ڪري ڇڏي، منهنجي هن سان ساڳي محبت هئي، هن جو زوردار ”زوراور“ وارو تخاطب نهايت پيارو لڳندو هئو، اهڙي ماڻهوءَ سان ڀلا ڪير شڪايت ڪري سگهندو.
سندس انڪساريءَ جي حالت انهيءَ حد تائين پهتل هئي، جو هو رسالي جو مواد پريس ۾ ڏيڻ کان اڳ ڪيترن اديبن سان صلاح مشورو ڪندو هو. ان مشوري موجب مواد کي ترتيب ڏيندو هو. پاڻ سدائين احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا هوندو هو. اها سندس گهٽتائي ڪانه هئي، پر مان ان کي سندس وڏماڻهپ سمجهندو آهيان. الله کيس سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جو اجر ڏيندو. هن مثبت خطوط تي سنڌي زبان جي خدمت ڪئي آهي جنهن ڪري مان سندس سدائين عزت ڪندو رهندس.

(ٽي ماهي مهراڻ، 3/ 1972ع تان ورتل)

استاد حامي

اهو ياد نٿو اچيم ته حامي صاحب سان ڪڏهن ڪيئن ۽ ڪٿي ڄاڻ سڃاڻ ٿي هئي. سمجهان ٿو ته اسان جي ملاقات پراڻي آهي. پهريون ڀيرو جيڪو چٽيءَ طرح ياد ٿو پويم ته مون ساڻس شڪارپور ڪاليج جي مشاعري ۾ ملاقات ڪئي هئي. ان تقريب ۾ حاميءَ مونکي چڱيءَ طرح سڃاتو هو ۽ وڏي پاٻوهه مان دوستن وانگر ڀاڪر پائي مليو هو. غالباً اهو زمانو 1959ع جو هو. بشير مورياڻي ان وقت شڪارپور ڪاليج ۾ ليڪچرار هو. هن جي مون سان سڪ هئي ۽ هن مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بيحد اصرار ڪيو هو. اياز صاحب کي به دعوت هئي، پر سندس دل ان مشاعري ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪانه هئي. اياز هلڻ جي موڊ ۾ بنهه ڪونه هو مونکي سندس موٽر ڪار تي هلڻ جي لالچ هئي ٻي صورت ۾ منهنجو شڪارپور وڃڻ محال هو. مون کيس گهڻيون ميڙون منٿون ڪيون. بشير جا واسطا ڏنامانس، پر بعض وقتن تي هن جي بنهه کي به نَوَ ڪوٽ هوندا آهن، پر مون کيس نون ڪوٽن واري ننهن تي پهچڻ ڪونه ڏنو ۽ مون انهيءَ ڳالهه کي گهڙي کن وساري ڇڏيو اسان جي ٻين موضوعن تي گفتگو ٿيندي رهي. ان زماني ۾ اياز وڏي چاهه مان هڪ نئون سوٽ ٺهرايو هو جو کيس هڪ ڏينهن اڳ تيار ٿي مليو هو. نئين سوٽ جي افتتاح لاءِ مشاعري کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي جاءِ مناسب هئي ۽ ان کان وڌڪ ٻيو ڪهڙو بهتر موقعو هو. ان شام جو هونءَ به هو واندو هو. مون کيس نئون سوٽ ياد ڏياريو هن کي به ياد اچي ويو سو اندر وڃي سوٽ پائي اچي منهنجي آڏو بيٺو. مون سوٽ جي دل کولي ساراهه ڪئي. آخر ريهي ريبي کيس شڪارپور هلڻ لاءِ تيار ڪيم. ناسي شورليٽ ۾ شڪارپور ڪاليج پهچي وياسي. مٺڙيون ٿڌيون هيون. ڪاليج جو اڪائونٽنٽ واقفڪار ماڻهو هو جيڪو آفيس ۾ تغاريءَ ۾ ڪوئلا ٻاري ڪمري کي گرم ڪري رهيو هو. اسان هال ۾ وڃڻ جي بجاءِ هن سان وڃي ويٺاسي. گهڙي کن کان پوءِ مشاعري جي هال ۾ پهتاسي جتي ڪلها گس لڳي پئي هئي. هال ماڻهن سان سٿيو پيو هو. هال جي ٽن حصن ۾ ڪرسيون پٿاريل هيون جن تي ماڻهو ويٺل هئا پٺيون حصو خالي هو. اياز جو موڊ بگڙجڻ لڳو. ڪرسين جي پٺيان ڪنڊ ۾ استاد حامي بيٺو هو. هن سڏ ڪري اياز صاحب سان کيڪر ڪئي. اياز جي دل وڏي ٿي ويئي. حامي به اسان وانگر مهمان شاعر هو. هو اسان سان وڏي چاهه سان مليو. هو مون سان به وڏو ڀاڪر پائي مليو ڄڻ ته سالن کان واقف هو، پر مونکي ياد نه آيو ته آءٌ ڪڏهن ساڻس مليو آهيان.
ايازکي حاميءَ جهڙو دلچسپ ۽ زنده دل ماڻهو ملي ويو ٻئي دلچسپ گفتگو ۾ مصروف ٿي ويا. اسٽيج تي راڳ رنگ جي محفل ڄميل هئي. اياز جو موڊ به سڌري ويو ۽ مونکي به دلجاءِ ٿي. مان هال کان ٻاهر نڪري موٽر ۾ ويهي رهيس. اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ مشاعري جو آغاز ٿيو بشير الاجي ڪهڙي سٿ ۾ ويٺل هو . مخدوم طالب الموليٰ جي صدارت هيٺ مشاعرو شروع ٿيو. اياز صاحب ۽ حامي الاجي ڪهڙي چهچٽي ۾ مصروف هئا. آخر مشاعري ۾ منهنجي پڙهڻ جو وارو آيو مون ڪلام پڙهيو. حامي ۽ اياز به پڙهي واندا ٿيا. حامي کان موڪلائي هال مان نڪتاسون ان وقت در تي بشير بيٺو هو. ڏاڍو مصروف ٿي نظر آيو ڏاڍي آجيان ڪيائين. ترسڻ لاءِ ڏاڍا ايلاز ڪيائين اياز ڄڻ بيگر لاٿي هئي واپس ورڻ لاءِ نهايت مصر هو حاميءَ سان ياد گيري واري اها پهرين ملاقات هئي. حامي سراپا مزاح آهي. هن ۾ زندگي ۽ زنده دلي آهي. هو آئيءَ ويل ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي. هر ڪنهن سان همدردي ڪندو آهي هر ڪنهن جي مدد لاءِ تيار رهندو آهي. نه اڳ سوچيندو آهي نه پوءِ هو سوچڻ لاءِ پنهنجي دماغ تي بار نه وجهندو آهي. هو ڪاليج ۾ استاد حاميءَ جي لقب القاب سان مشهور آهي. هو ورهين جا ورهيه خيرپور ڪاليج ۾ رهيو آهي هن جو شاگردن سان وڏو قرب آهي جنهنڪري شاگرد به کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن. شاگردن جو هڪ وڏو ٽولو سندس فقيراڻي لڏي ۾ شامل آهي. هو هر ڪنهن جي صورت ۾ حسن ڪل جو ذرو ڳولهي لهندو آهي تنهنڪري هو همه از اوست جو قائل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ٻاهران هو صوفي باصفا لڳندو آهي اندر جي خبر خاوند کي. هو دنيا ۾ دين ۽ ناخدا ۾ خدا جو جلوو ڏسندو آهي، هو سهڻي شيءِ جو قدردان آهي. هن جو اسان جي سنگت سان قرب آهي. هو هر وقت اسان جي سڏ ۾ سڏ ڏيئي اچي سکر پهچندو هو ،کيس نه واءُ جهلي نه مينهن. ڇڙو کيس سڏ پهچي. ڪاليج جي ليڪچرارن ۾ نواز علي بلوچ ۽ محمد رمضان اعواڻ سندس شاگرد آهن، جي هر تقريب ۾ حامي صاحب جي شرڪت کي پنهنجي لاءِ باعث سعادت سمجهندا هئا. مان ان زماني ۾ اسلاميه ڪاليج ۾ پڙهائيندو هوس. واقعي حامي باغ بهار قسم جو ماڻهو آهي هن جي موجودگيءَ ڪري محفل ۾ سڳنڌ ۽ سرهاڻ جون هٻڪارن ٿي وينديون آهن.
لباس وغيره جي اعتبار کان حامي لاپرواهه قسم جو مولائي مڙس ڏسڻ ۾ ايندو آهي هو اڪثر رنگدار پهراڻ ۽ شلوار پهريندو آهي، پيرن ۾ پٺاڻي گهيتلو ۽ مٿي تي جناح قسم جي ساڍن چئن روپين واري سادي ٽوپي. انهيءَ نموني حاميءَ جي سموري ڪائنات ڪجهه اهڙي نظر ايندي آهي. کائڻ پيئڻ ۾ هو تڪلف نه ڪندو آهي. چوندا آهن ته هو وڏو مهمان نواز آهي، پر مونکي سندس مهمان بڻجڻ جو شرف حاصل ڪونه ٿيو آهي. هن ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي ڪانه آهي. هو هميشه کلندو ۽ چهڪندو نظر ايندو. هن جي سرشت ۾ بي انتها ظرافت آهي سندس ٻوٽيءَ ٻوٽيءَ ۾ ڀوڳ چرچو هوندو آهي. هن ڪڏهن به سنجيدگي کي اک کولي نه ڏٺو آهي. سنجيده مجلس ۾ به هو اڪثر غيرسنجيده نظر ايندو آهي. هڪ ڀيري اسلاميه ڪاليج ۾ مشاعرو منعقد ڪيو ويو هو. مشاعرو شروع ٿي ويو آءٌ گهڻي دير کان پوءِ پهتس ۽ اتفاق سان حاميءَ جي ڀرسان ويهڻ جي جاءِ مليم. ان وقت فيض بخشاپوري ڪلام پڙهي رهيو هو، محفل نهايت سنجيده هئي. حاميءَ جي داد ڏيڻ جو طريقو به انوکو آهي جنهن مان گهڻو ڪري طنز ۽ مزاح جي بوءِ ايندي آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته حامي هڪ مڃيل اديب ۽ برجستو شاعر آهي سٺي شعر جي تعريف به ڪري سگهندو آهي، پر گهڻو ڪري ان تعريف کي ظرافت جو رنگ ڏيندو آهي.
ان مشاعري ۾ حاميءَ جو موڊ ڪجهه اهڙو هو. هوڏانهن پڙهڻ وارو فيض بخشاپوري هو. حاميءَ جو داد سموريون ديواريون اورانگهي وڃي بيداد جي سرحدن تي پهتو. فيض گهڻو ئي برداشت ڪيو هو. مان فقط حاميءَ سان کلڻ جي حد تائين ٻانهن ٻيلي هوس. فيض شايد حاميءَ سان اٽڪڻ نه ٿي چاهيو ۽ مون تي ڪاوڙجي ويو. جيتوڻيڪ منهنجي ان محترم بزرگ سان ڏيٺ ويٺ بلڪل واجبي رهي آهي. سلام دعا کان وڌيڪ اسان جي ڪڏهن به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، پر هن پنهنجي عتاب کي بنا ڪنهن سڳ ۽ ثابتيءَ جي مون تي نازل ڪيو. آءٌ واقعي هڪ ٻڪو ٿي ويس مون به ڪجهه چوڻ مناسب نه سمجهيو ڇاڪاڻ جو اهي ٻيئي حضرات مهمان هئا ۽ اسان جي ادبي سوسائٽي جي سڏ تي آيل هئا. مان ڪنهن سان به گستاخ نه ٿيندو آهيان، پر فيض کي اهڙو سنجيده ۽ اهم نڪتو ڪير سمجهائي. سمجهه ۾ اچڻ جي ڳالهه به ڪانه هئي ۽ حاميءَ تي جيڪا ڪاوڙ هيس سان مون تي ڇنڊيائين. مان چپ چاپ ٿي مرڪندو رهيس ان کانسواءِ ٻيو رستو به ڪونه هو. پنهنجي بيگناهيءَ جي ڪهڙي صفائي پيش ڪريان مون سمجهيو ته حاميءَ جي قربت ۽ رفاقت ڪري سندس ساٿين کي اهڙي نموني ثمر ملندو آهي. مونکي ته وڏو انعام ملي چڪو هو. هڪ ڀيري ريڊيو پاڪستان تي به هڪ شاعر جي ڀريل محفل ۾ چڱي لاک لاٿائين.
حامي هر ڳالهه کي معمولي ۽ رواجي سمجهندو آهي. هن جو هڪ عجيب طريقو آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي پڳ لاهيندو آهي ته نهايت سيلقي سان ڪم ڪندو آهي. وڏي وات داد ڏيئي ۽ پوءِ کلندو آهي سندس کل اهڙي بي ڍنگي هوندي آهي جو انهيءَ کلڻ تي شاعر ۽ اديب جي پڳ پاڻ هرتو اچي ڌرتيءَ تي ڦهڪو ڪندي آهي. هو ڪنهن وقت ساڀيان کلندو آهي ۽ گهڻو ڪري هروڀرو کلندو آهي. هن وٽ خطاب ڪرڻ جا به ڪي الفاظ گهڙيل آهن هو اڪثر ”مٺڙا“ ۽ ”ظالم“ جا لفظ استعمال ڪري انهن مان لطف وٺندو آهي. ظالم جي لفظ اچارڻ ۾ به مٺڙو تاثر هوندو آهي. هو غزل جو شاعر آهي تنهنڪري لفظن جي استعمال جي مناسبت کان بخوبي واقف آهي. ظالم جي هٿان شرابا طهورا پي ڄڻ زهر جا ڍڪ ڀريندو آهي. سندس ”مٺڙي“ واري لفظ جو لاڳاپو هر ڪنهن سان هڪ جهڙو هوندو آهي. اهو ڪنهن هڪ لاءِ مخصوص لقب نه آهي.
شروعات ۾ پهريون ڀيرو هن ڪنهن ڪم سان مون ڏانهن خط لکيو. خطاب ڪيائين” مٺڙا سائين“ اهو خطاب پڙهي ڄڻ منهنجي هڏن مٿان ماس چڙهي ويو. خوشيءَ ۾ منهن تي رونق اچي ويئي ۽ ٿوري دير لاءِ پاڻ کي ان خطاب جي لاءِ مناسب سمجهڻ لڳس. ڇو جو مٺڙي لفظ ۾ رومانيت سان گڏ هڪ پر ڪيف موسيقيت سمايل آهي ان سان گڏ سائين لفظ جي آميزش ان ٻٽي خطاب ۾ دلڪش رنگيني ڀري ڇڏي هئي. مان سندس قربائتي خطاب تي بيحد خوش ٿيس. انهن ٻن لفظن سندس ڪم کي سرانجام ڪرڻ لاءِ منهنجي جسم ۾ ڦڙتي پيدا ڪري ڇڏي مون پاڻ ۾ هڪ وڏو اتساهه محسوس ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ حاميءَ جا ٻين همراهن ڏانهن لکيل خط منهنجي نظر کان گذريا. انهن لاءِ به ساڳيا تخاطبي الفاظ استعمال ڪيل هئا منهنجا وڻ وڄي ويا منهنجي لطف جو ڄڻ جنازو نڪري چڪو هو. سمجهيم ته حامي صاحب سڀني کي هڪ ئي لٺ سان هڪليندو آهي. منهنجو شوق ۽ جوش ڍرو ٿي ويو. ٻئي ڀيري سندس خط آيو ساڳيائي تخاطبي ڪلمات ڏٺم جن کي مون گول گهمري ۾ آڻي آڻيندڙ کي بنا پڙهڻ جي خط واپس ڪيم. حاشيءَ ۾ لکيم ته برائي ڪرم منهنجو نالو لکو ورنه اهو خطاب عام آهي جنهنڪري مغالطي جو انديشو آهي. اهو ڏينهن اهو شينهن وري حامي صاحب مون ڏانهن ڪو سڌو سنئون خط نه لکيو ٻين کي لکي مون کان ڪم وٺندو هو ۽ سلام ۽ نياز لکي پنهنجي ڀرم کي پرچائيندو هو.
هن جو خيرپور سان ڏاڍو پيار آهي. وطن سان هر ڪنهن کي محبت ٿيندي آهي، پر سندس محبت نهايت والهانه آهي ۽ تنهنڪري سندس ساڻيهه جي سڪ مثالي آهي. هڪ ڀيري سکر ۾ منهنجي آڏو ڊائريڪٽر تعليمات کيس ڪنهن ڪاليج ۾ پرنسپال ٿيڻ جي آڇ ڪئي. هو ان وقت سکر ۾ پروفيسر هو. هن صاف نابري واري مٿان سکر کان خيرپور بدلي ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين. هن جي لاءِ پرنسپال ٿيڻ ڪو اعزاز جو باعث نه آهي. هو گهر ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪري ٿو. هو ڪنهن اڊمبر جو متمني نه آهي، خيرپور سندس وطن آهي. هو هينئر گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ۾ پروفيسر آهي ۽ نهايت مطمئن آهي.
حاميءَ کي جيڪڏهن موٽر سائيڪل تي ويندي ڏسجي ته هو هڪ مسڪين صورت ڳوٺاڻو نظر ايندو. ائين ڪڏهن به تصور ۾ نه ايندو ته هو ڪو ڪلاس ون قسم جو ملازم آهي. هن سان ڳالهائبو ته به هو ڪجهه اهڙو ئي نظر ايندو. ننڍي سان وڏي سان وڏو، ڄڻ سادگيءَ جو هڪ ڀنڊار آهي. کلندو يا ڳالهائيندو ته ٻٽيهي ڏسڻ ۾ ايندي. ڏاڙهي ڪوڙيل هجي ڇا نه ڪوڙيل ڇا. هن جي لاءِ سڀ ڪجهه بي معنيٰ آهي. گهيتلي تي مٽيءَ جا تهه چڙهيل هجن تڏهن به هو بيپرواهه هو طبعا رلڻو ملڻو آهي ۽ ماڻهو سان جهٽ گستاخ ٿي ويندو آهي. هو بنيادي طور حسن پرست آهي. جنهنڪري غزل جو پختو ۽ پرگو شاعر آهي. هو روايت جو پابند آهي. اسان جي ٽهيءَ ۾ ٻه شاعر آهن. جن کي علم عروض تي ڪافي عبور رهيو آهي. رشيد لاشاري گذاري ويو ۽ حامي جيئرو جاڳندو اسان سامهون آهي الله کيس عمر خضري عطا ڪري محفل جي رونق هوندو آهي. لاشاري مرحوم گهڻو لکندو هو ۽ گهٽ ڳالهائيندو هو، حامي ان جي بالڪل ابتڙ آهي. حامي ضرورت جي پيش نظر نثر به لکندو آهي ۽ سهڻو لکندو آهي. منجهس تنقيدي شعور به ڀرپور آهي تنهنڪري سندس تحرير تي آسانيءَ سان گرفت ڪري نه سگهبي آهي.
حاميءَ جي مون سان محبت به آهي ۽ هو منهنجي عزت به ڪندو آهي. هو مون سان ڪڏهن گستاخ نه ٿيو آهي. هو منهنجي جاءِ تي رڳو ٻه ڀيرا آيو ۽ مونکي هن خدمت ڪرڻ کان محروم رکيو آهي. گهوڙيسوار جو قدم ڌرتيءَ تي کپي نه سگهندو آهي. هن جو گهوڙو سندس موٽر سائيڪل آهي. هڪ ڀيري آءٌ ڪنهن ڪم سان وٽس خيرپور هاستل ۾ پهتس. سندس ڪمري جي هر شيءِ بي ترتيب هئي جنهن مان سمجهيم ته سندس زندگيءَ بي معنيٰ آهي. ڇوڪرن جو ميڙ سندس ڪمري ۾ موجود هو ۽ استاد حامي پنهنجي ڳوٺ ويل هو. هو خاص تقريب يا گهڻي ٿڌ ۾ ڪاري شيرواني پهريندو آهي.
هو معتبر سان گڏ ڪجهه عجيب و غريب لڳندو آهي. مان ائين محسوس ڪندو آهيان ته هو انهيءَ ڪوٽ ۾ پاڻ کي قيدي سمجهندو آهي.
ماڻهو سندس چهرين ڳالهين ٻڌڻ جا شائق هوندا آهن. هو ڳالهين گهڙڻ ۾ به ماهر آهي ڪيترا سندس پاڇي کان ٽهندا آهن. هو مخالف کان ٻن کڙن ۾ هار مڃائيندو آهي. جيڪڏهن هو گوڏو ڀڃي ڪم ڪري ته هو ادب ۽ ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪري سگهي ٿو. پر هن زندگيءَ کي آني جاني سمجهيو آهي ۽ هو وقت ڪاٽڻ لاءِ مٺڙا ۽ ظالم جهڙا لفظ استعمال ڪري دل پرچائيندو آهي. (آڪٽوبر 1970ع)

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)

شاهه صاحب - شاهه محمد شاهه

ڪنهن زماني ۾ پراڻي سکر ۾ هڪ اي. وي اسڪول هوندو هو، جيڪو هينئر هاءِ اسڪول آهي ۽ مان ان جو هيڊ ماستر آهيان. مون انهيءَ اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري نئين سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي. منهنجي ننڍڙي اسڪول جا ڪيترا ساٿي مون سان گڏ نئين اسڪول ۾ داخل ٿيا هئا. تنهنڪري اتي ڪنهن به قسم جي اجنبيت محسوس نه ڪئي ويئي. ڇهين درجي جا ٽي سيڪشن هئا، تنهنڪر پراڻي سکر جي شاگردن جي ٽن ڪلاسن ۾ ورهاست ٿي ويئي. منهنجي سيڪشن ۾ ڀانت ڀانت جا شاگرد هئا. پارسي، سک، مسلمان ۽ هندو. مسلمانن ۽ هندن ۾ وري شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي درجه بندي، جن جا لباس طرح طرح جا هئا ڪنهن کي اڇي ٽوپي، ڪنهن کي پٽڪو، ڪنهن کي پاجامو ۽ ڪنهن کي شلوار. مونکي هڪ نو خيز مسلمان شاگرد چتائي ڏسندو هو جنهن جي چپن جي مٿان مڇن جي سانول هئي. سندس منهن گول، ويڪري پيشاني، وڏيون اکيون، متناسب نڪ، ڪڻڪائو کليل رنگ. هو شڪل شباهت ۾ وڻندڙ هو قريباً منهنجي ئي عمر جو هوندو. پندرهن سالن جو هو، پر مونکي ڏسي ڇو پيو، مان انهيءَ ويسوري ۾ هوس. کيس مٿي تي بوسڪي جو پٽڪو، بدن تي پاسي جي ڳچيءَ سان پهراڻ ۽ ڄنگهن تي ورن وڪڙن واري سٿڻ. مان بدن جو هلڪو هوس ڄڻ هڏائون پڃرو، هن جو جسم ڳورو ۽ ڀريل هو. قد ۾ به مونکان ٻه ٽي آڱريون سرس هو. هو مونکي ڏسندو هو ۽ غور سا منهنجي منهن کي جاچيندو هو. مان ڦڪو ڦڪو ٿي ويندو هوس. هو مونکي ڏسي ڄڻ ڪجهه سوچيندو هو. ڄڻ ڳالهائڻ لاءِ هو لفظ ڳوليندو هو. پر مان بنا سمجهڻ جي شڪجي منهن ٻئي پاسي ڏانهن ڦيرائيندو هوس ۽ مان کيس ڏسڻ جو گهٽ وجهه ڏيندو هوس. شڪر جو پنهنجي سنگت کي نه ٻڌايم نه ته وڏو ممڻ مچي پوي ها.
منڍ کان وٺي منهنجو نصيب ستل آهي. صبح جو دير سان جاڳڻ ڪري ڏاڏو مرحوم بدنصيب سڏيندو هو. کير پياڪ ٻارن وانگر جلدي سمهڻ ۽ جلدي اٿڻ اڃا تائين مونکي ڏانءِ نه آيو آهي. دير سان اٿڻ ڪري عموماً ٰ اسيمبلي گذرڻ وقت اسڪول پهچندو هوس. ان زماني ۾ اسيمبلي کي پرارٿنا سڏيندا هئا هندن جو زور هو. کين علم هو، عقل هو ۽ دولت هئي. تنهنڪري اسڪول جي سڀني شاگردن کي ”ڦر ڦر ڪندو قومي جهنڊو“ وارو ترانو ڳائڻو پوندو هو. ان کان پوءِ ائٽ ڇاپيل جهنڊي کي سلام ڪرڻو پوندو هو جيئن اسان هينئر پاڪستاني جهنڊي کي اسڪولن ۾ قومي تراني ڳائڻ کان پوءِ سلامي ڏيندا آهيون. مان اسڪول پهچندو ئي دير سان هوس تنهنڪري گهڻو ڪري پرارٿنا ۾ غير حاضر رهندو هوس. هڪ ڏينهن پرارٿنا گذري ويئي پيرڊ ۾ حاضري به ٿي ويئي تنهنڪري مونکي سزا طور ڪلاس کان ٻاهر دروازي تي بيهاري ويو. ٽئين پيرڊ ۾ هڪ رحمدل ماستر اچي ويو جنهن منهنجي معصومانه مجبوريءَ تي قياس ڪري مونکي ڪلاس ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني، ڪلاس روم شاگردن سان سٿيو پيو هو ۽ مان به تڙ تڪڙ ۾ اتفاق سان ان بوسڪيءَ جي پٽڪي واري شاگرد جي ڀرسان وڃي ويٺس. هو مونکي ڏسي رهيو هو ۽ مان ڪنڌ جهڪائي ڪتاب کي ڏسي رهيو هوس. مان ڄڻ ته اڱرن جي مٿان ويٺو هوس. رسيس جو گهنڊ لڳو منهنجي هانو تي ڇنڊو پيو. مان ڪتاب سنڀالي اٿڻ لڳس ته هن هٿ کان جهلي چيو ”منٽ ته ويهو توهان پراڻي سکر جا آهيو“ مان رکائي ۽ اڇل مان کيس جواب ڏنو ”هائو پوءِ ڇا“ هو منهنجي گهٻراهٽ کي سمجهي ويو تنهنڪري چوڻ لڳو ”گهٻرايو نه! ٻڌو ته سهي اوهان فلاڻي جي گهراڻي مان آهيو نه، مون اوهان کي ٻه ٽي ڀير اتي ڏٺو آهي.“ مان بينچ تي ويهي رهيس ۽ پڇيم ”توهان ڪير آهيو مون اوهان کي نه سڃاتو“ هن پنهنجي واقفيت ڪرائي ۽ مونکي به ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. هن جي بزرگن جي منهنجي وڏن سان ياراني هئي سندس چاچو بزرگوار عموماً ٰ اسان وٽ مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرو چڪر لڳائيندو هو. هو هڪ ٻه ڀيرو سڀني ننڍن کي به پاڻ سان وٺي آيو هو ۽ مونکي انهن جي خدمت جو موقعو مليو هو. پر ان زماني ۾ وڏن جي هيبت اهڙي هوندي هئي جو هر ڪو پنهنجي جاءِ تي ڄمي ويندو هو. مجال جو ٻار پاڻ ۾ ڪا روح رهاڻ ڪري سگهن يا سنگت وڌائن.
مون کي هن جي ڳالهه ياد اچي ويئي. پنهنجي رکائيءَ تي افسوس ٿيم. مون چيو ”معاف ڪجو مونکي غلط فهمي ٿي هئي.“ ان ڏينهن کان وٺي سيد شاهه محمد شاهه ۽ مان پاڻ ۾ يار بڻجي وياسي ۽ هڪ ئي بينچ تي ويهڻ لڳاسي جنهن تي اسان جو ماستر پمناڻي خار کائيندو هو ۽ اسان کي جدا ڪري ڇڏيندو هو. وجهه وٺي وري گڏ ٿيندا هئاسي. مئٽرڪ تائين ٻه سال اسان بلڪل هڪ ٻئي جي ويجهو رهياسي ۽ اسان جي دوستي مثالي بڻجي پيئي. اسڪول جي پوري ٿيڻ کانپوءِ آءٌ ساڻس گڏجي سندس بورڊنگ هائوس ۾ ويندو هوس. بيت بازيءَ جي مقابلي ۾ اسان ٻئي هڪ ٽيم بڻجي سموري ڪلاس کي هار مڃڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيندا هئاسي. شاهه کي قريباً ٰ پنج هزار شعر ياد هوندا هئا. هو ذهين هو ۽ سندس حافظو به نهايت تيز هوندو هو مون کي به شعر و شاعريءَ سان منڍ کان وٺي رغبت هئي ۽ مونکي ٻه اڍائي هزار اشمار برزبان هئا. مان ضرورت آهر في اللبديه تڪ بندي به ڪري ويندو هوس، تنهنڪري اسان جي مير مجلس يعني هيڊ ماستر کي به خبر نه پئجي سگهندي هئي ته ڪهڙو بيت من گهڙت آهي. اسان جو هيڊ ماستر نهايت قابل ماڻهو هو. هو فارسيءَ ۾ ايم اي هو جنهنڪري کيس حافظ ۽ سعدي جا هزارين بيت ياد هئا باقي هو اردو ۽ سنڌي شعرن سان واجبي واقفيت رکندو هو. ان زماني ۾ مونکي خواه شاهه صاحب کي شعر لکڻ جو شوق هو. اسان کي شاعري جي واجبي سڌ ٻڌ هئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ٻڌائي نويڪلو داد وٺي ۽ ڏيئي ان کان پوءِ ٻين شاگردن کي ٻڌائي پاڻ کي اسڪول جا مايه ناز شاعر سڏائيندا هئاسي جتي وڻ ناهين اتي ڪانڊيرو به درخت آهي. ان وقت اسان پنهنجا تخلص به وڏي بحث مباحثي کان پوءِ رکياسي. مان راز بڻجي پيس ۽ شاهه صاحب شاد سڏائڻ لڳو.
مان علي ڳڙهه هليو ويس. شاهه صاحب نوڪري هٿ ڪئي. علي ڳڙهه ڇهه مهينا رهي مان ڪراچي آيس ۽ اتي رهڻ لڳس. منهنجا ڪيترائي سال ڪراچيءَ ۾ گذريا پر سکر جو به ڦيرو ڪندو هوس. شاهه به موڪل وٺي سکر ۾ اچي مون سان ملندو هو ڊگهي ڪچهري رهندي هئي هر مناسب موقعي تي شاهه صاحب پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مختصر مشاعري جو انتظام ڪندو هو ۽ پسگردائي وارا شاعر شاهه جي اوطاق تي ڪٺا ٿيندا هئا. شاهه جي شاعري جو پنهنجي تر ۽ ماحول ۾ وڏو ڌاڪو هوندو هو. مان سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات شاهه جو مهمان هوندو هوس. پنهنجي فهم و ادراڪ ۽ عمر آهر ڪچهريون ٿينديون هيون.
شاهه ان وقت لائبريري ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن آهسته آهسته ڪيترا ڪتاب ڪٺا ڪيا. سندس اهو شوق ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. جنهن شاهه جي شعري ذوق کي ختم ڪري ڇڏيو هو. هو پڙهڻ لڳو سندس شعر جو شعور آخر کانئس جان ڇڏائي ويو. نثر لکندو هو سو به وقت ضرورت. مان ان وقت ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ۽ شاهه پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو لوڪل بورڊ جي اسڪول ۾ ماستر هوندو هو. سندس مضمونن جي زبان فارسي زده هوندي هئي مان به سندس سنگت جي اثر هيٺ نثري تحرير ۾ مشڪل پسند بڻجي پيس.
ڪاليج جي زماني ۾ منهنجي ٻولي ڪجهه اهڙي رهي. تعليم ختم ڪرڻ کانپوءِ 47ع مون الوحيد جي هفتيوار ايڊيشن جي ايڊيٽري جي وقت تحرير جو ڊول ڦيرائي ڇڏيو ۽ ڪوشش ڪري هالو چالو ٻولي لکڻ لڳس. شاهه صاحب جو سمورو وقت مطالعي ۾ گذرندو آهي يا پنهنجي زمين جي واڌاري ۾ صرف ٿيندو آهي. هن جي ذاتي لائبريري ۾ گهڻو ذخيرو موجود آهي تنهنڪري شاهه صاحب جي سموري ڄمار مطالعي ۾ گذري ويندي، هو لکڻ کان وڌيڪ پڙهڻ کي پسند ڪندو آهي. هو روايت پسند آهي تنهڪري کيس روايتي ادب سان گهاٽي دلچسپي آهي. هو ترقي پسند ادب جي حقيقتن کان به چڱيءَ پر واقف آهي ان جو مطالعو به ڪيو اٿس ان جي خوبين ۽ اوڻاين تي ڳالهائي به سگهندو آهي. اعتدال پسند آهي چڱي شيءِ کي چڱو ۽ لڱي چيز کي لڱي چوڻ ۾ڪا رعايت نه رکندو. اصولن تي مفاهمت ڪرڻ جو عادي نه آهي.
شاهه صاحب سان منهنجا تعلقات رڳو ذاتي ۽ نجي آهن جن ۾ ادب کي ڪو خاص دخل ڪونهي وقتي وقتي ڪنهن اديب جي شخصيت ۽ ان جي تحرير تي بحث ڪندا آهيون. هو منهنجو حال محرم آهي ۽ مان سندس رازدان آهيان. هن ۾ ماڻهپي جون سڀ خوبيون موجود آهن. هو يارن ۽ دوستن جو غمخوار آهي. منهنجي ڪاليج طالب علمي جي زماني ۾ سکر ايندو هو. منهنجا ٽي دوست هوندا هئا هڪ سپاهي، ٻيو بيلف، ٽيون سنڌي ماستر. شاهه، ماستر کي کپائڻ لاءِ صورتخطي جو سلسلو شروع ڪندو هو. سپاهي ۽ بيلف چڱا هوشيار هوندا هئا ويچارو ماستر ڪمزور هوندو هو غريب کي ”قسطنطينه“ جهڙن لفظن جي هجي ڪڏهن نه آئي.
صورتخطيءَ جي اکرن کي ياد ڪرڻ لاءِ شاهه ڪيترائي مٿا هنيا، پر کيس اهي اکر ياد ٿي نه سگهيا. وڏا ٽهڪڙا لڳندا هئا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهيءَ تفريح ۾ گذرندا هئا ۽ منهنجو ادبي ذوق خراب ٿيندو هو. مٿيان ٽيئي همراهه مون سان گڏ پڙهيا هئا تنهنڪري سکر ۾ مونکان پري به گذاري نه سگهندا هئا. اتفاق سان اياز به ڪنهن وقت اچي نڪرندو هو. هو به شاهه صاحب جي اهڙي صحت بخش سنگت ۾ انهن جي فيضان صحبت کان نهايت لطف اندوز ٿيندو هو. ايتري قربت هوندي به اسان پاڻ ۾ ڪڏهن به بي تڪلف نه رهيا آهيون. هڪ ٻئي جي سدائين عزت ڪندا آهيون. جيئن اسڪول ۾ لازم ملزوم هئاسي تيئن زندگيءَ جي دوڙ ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي آهيون. ڇٽيهن سالن جي سنگت ۾ هڪ گهڙيءَ لاءِ به دل ۾ مير نه آئي آهي. مون کيس زندگيءَ ۾ ڪڏهن به مايوس نه ڏٺو آهي هو هر مشڪلات کي مڙ سان مڙسي منهن ڏيڻ جي لائق آهي.
هن کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪتابن کي جمع ڪرڻ سان گڏ انهن تي وڏي نقاست سان ديده زيب ۽ جاذب چمڙي جا جلد ٻڌائي مٿن سونهري اکرن ۾ نالا لکائي پنهنجي لائبريري ۾ پيونديءَ وارن گلن جي قيمتي ڪٻاٽن ۾ سينگاري رکڻ جو بيحد شوق آهي. شاهه جي لائبريري ڏسڻ سان سندس جمالياتي حس جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سچ پچ ته ان ڪمري ۾ سڳنڌ سرهاڻ جون هٻڪارون محسوس ڪندو آهيان هن وٽ اڻويهين صدي ۽ موجوده صدي جي اوائلي دور جا ڪيترا ناياب ڪتاب ملي سگهندا. هن وٽ هر شعبي متعلق مفيد ۽ منتخب ڪتاب ملي سگهندا. سنڌي خواه اردو جا پراڻا رسالا به سندس لائبريري ۾ موجود آهن.
هو ادب براءِ ادب جو قائل آهي ليڪن صحتمند جديد ادب جو پڻ مداح آهي. اخلاقي قدر، هن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل آهي. هو سچو ۽ صفا ماڻهو آهي. حق ڳالهائڻ سندس وڏي خوبي آهي. هو هن وقت هيڊ ماستر آهي سندس ڪشش شايد مونکي سندس هم پيشه بڻايو. هو ڪجهه وقت سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو. (نومبر 1970ع)

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)

محمد ابراهيم جويو صاحب

زندگيءَ جا سڄا سارا ڏهه سال ڪراچيءَ ۾ گذاريم. ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ جا نوخيزيءَ ۽ نوجوانيءَ جا پرسڪون ۽ روح پرور سال نهايت تيزيءَ سان لنگهي ويا، جي وري نه موٽندا. وقت جي واڳ ڪير ٿو موڙي سگهي؟ جنهن جو فرض اڳتي وڌڻ آهي، پوئتي ورڻ سندس قسمت ۾ لکيل ئي ڪونه آهي. منهنجي تعليم به ڪراچيءَ ۾ ٿي. ذهني تربيت به اتي حاصل ڪيم وڏي ڳالهه ڳالهه ته شادي به اتي ڪيم. مطلب ته سان بيحد گهاٽو تعلق ۽ نهايت ڳوڙهو ناتو رهيو اٿم. مادي طور به ان ڏانهن جهڪيل آهيان ۽ روحاني طرح به ڏانهنس مائل آهيان. جڏهن مرضي پويم ڪراچي وڃي پهچان. پر هن زماني ۾ ڪراچيءَ جا ڀير ئي بدلجي چڪا آهن. نه اهي دوست جن سان واندڪائيءَ جي ورونهن ڪئي هيم، نه اهي يار جن سان ڪاليج جا ڇهه سال گڏ گذاريا هئم، نه وري سڄڻ ساٿي ۽ مهربان جن سان ذهني تربيت جا ڏهاڙا گهاريا هئم. سڀ ٽِڙي پکڙي ويا، جن جا محراب بدلجي ويا ۽ ڀير ڦِري ويا. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جي هر پاسي اجنبيت جي آدم بو لڳي پيئي آهي، پر تنهن هوندي به ڪراچيءَ سان دلي ۽ ذهني لڳاءُ آهي ۽ سال ۾ ٻه-چار ڀيرا ڪراچيءَ جو ڦيرو لڳندو آهي، زندگيءَ جو ڄڻ اهو معمول بڻجي چڪو آهي.
وطن جي آزاديءَ کان هڪ سال پوءِ ڪراچيءَ جا وڻ ڇڏي سکر ۾ سدائين لاءِ سڪونت اختيار ڪيم. سکر هونءَ به منهنجو وطن آهي. زمين زرڙي، مٽ مائٽ، دوست احباب، گهر گهاٽ سڀ سکر ۾ ئي آهن.
شيخ اياز ڄڻ ٻنڌڻن جو يار اٿم. 1952ع ۾ ساڻس گڏجي ڪراچي روانو ٿيس. اياز کي نئين ڪار وٺڻي هئي ۽ مون کي ڪراچيءَ وڃڻ جو بهانو گهربو هو. اياز کي سمجهُو يا بااعتماد صلاحڪار سنگتيءَ جي گهرج هئي. ڀاڙو اياز جي مٿان هو. کائڻ پيئڻ، رهڻ سهڻ جو ذمو مون تي هو، جو منهنجا ساهرا اتي هئا. انهيءَ حساب سان منهنجو ٽڪو به خرچ نه ٿيو.
اياز صاحب پنهنجي دل گهرئي دوست سان ملائڻ وٺي هليو. رات جو وڳڙو هو. برنس روڊ جي پويان هڪ جاءِ هئي. ڪَڙو کڙڪايوسين، هڪ سنهڙو ۽ پوري پُني قد جو جوان گهٻرايل منهن سان ٻاهر نڪري آيو. هن جا مٿي جا وار ڇڊا هئا. سندس اکين تي عينڪ چڙهيل هئي. سندس منهن جي رنگت ڪڻڪائي کان وڌيڪ سڌريل هئي. نرڙ ڪشادو، چپ سنها، ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل، نڪ ڊگهيرو. سندس هڏين تي بنا ماس جي کل جو تَهه چڙهيل هو. ڏسڻ سان سندس منهن پڙهڻ شروع ڪيم. سندس منهن تي سنجيدگيءَ سان گڏ دورانديشيءَ جا آثار ڏسڻ ۾ ٿي آيا. هو مون کي ڄڻ ڪو فلسفي نظر آيو. فلاسفر کي اڳ ڪڏهن ڏسڻ جو وجهه ڪونه مليو هيم، پر ان جي شبيهه ڪجهه اهڙي ئي نموني پنهنجي تصور ۾ قائم ڪئي هئم.
اياز چيو ”ابراهيم جويو.“ پاڻ چيائين ”محمد ابراهيم.“ مون چيو ؟ماشاءَ الله، ٻن نبين جي نالن جو امتزاج. نالو نهايت برڪت ڀريو آهي. اياز مشڪڻ لڳو. محمد ابراهيم جويو اکين جي آڏو هو، جنهن جو نالو مان اياز کان ڪيترن سالن کان ٻڌندو رهيو هوس. سندس ذڪر خير سان گڏ اياز سندس ساراهه جا ڍُڪ ڀريندو هو. کيس ڏسڻ سان ذهن ۾ سندس شباهت جي وسريل يادگيري آيم، پر سمجهيم ته کيس ڪنهن خواب ۾ ڏٺو هئم.
هو حيرت مان اياز کي ڏسندو رهيو، جيئن گم سم ٿي ڪنهن محبوب کي ڏسبو آهي. ڏٺم ته اهو گم سم ماڻهو ڳالهائڻ لڳو ۽ اسان کي گهر ۾ اندر وٺي هليو. سندس گفتگو نهايت مٺڙي لڳيم، ڄڻ سندس نِڙيءَ ۾ ماکيءَ جي لار چنبڙيل هئي. سندس سڀاءُ نهايت سٻاجهڙو نظر آيم. جيڪڏهن شاعر هجي ها ته پڪ پنهنجي مٺڙي مکڙي مان گلن جي ورکا ڪري ها. چڱو ٿيو جو هو شاعر نه ٿيو ورنه اياز کي شاعريءَ جي ميدان ۾ مات ڪري هو پنهنجا بي حساب پوئلڳ پيدا ڪري ها. شاهه جي ڪلام تي جويي صاحب بحث ڇيڙيو. مان سرڪاري ملازم هوس. شاهه جي ڪلام کي ڇڏي سال گذري ويا هئا. ڀايان ٿو ته اياز جو به ساڳيوئي حال هو. اياز ان مختصر ملاقات مان استفادو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اياز کان ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري“ وارو بيت ٻڌم، جو ان رات جي گڏيل تاثرات جي زير اثر نظر آيو.
جويي صاحب سان ٻي ملاقات اياز جي ڪار ۾ ٿي. ساڻس حيدرآباد تائين گڏ سفر ڪيم. اياز وقتي طور نهايت گنڀير ٿي ويندو آهي. اياز ڪار جي فرنٽ سيٽ والاري هئي، مان سمجهي ويس ته هو ان ڏينهن دل سان ڳالهين ڪرڻ جي موڊ ۾ هو. جويي جهڙو پراسرار ماڻهو ڏسي مون اياز کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو، تنهنڪري جويي سان خيالن جي ڏي وٺ لاءِ هڪ نادر موقعو هٿ ڪيم. مان چئن ڪلاڪن جي ڊگهي ملاقات ۾ سندس مريد ته ٿي نه سگهيس، پر پنهنجي دل ۾ هڪ خاص ڇڪ محسوس ڪيم.
هن مون سان دل کولي ڳالهايو. نئون ادب، نئين شاعري، روايتي ادب، معاشي ڪشمڪش، نظرياتي اختلاف ۽ طبقاتي انقلاب وغيره وغيره جهڙا موضوع زير بحث رهيا. منهنجي لاءِ اهي نيون ڳالهيون ڪونه هيون، پر ملازمت جي ڪري انهن ڳالهين کان ذرا پرڀرو رهجي ويو هوس، ورنه اها تحريڪ ۽ رجحان تقسيم کان اڳ اسان جي سامهون هن سرزمين تي وارد ٿيا هئا ۽ اسان فراخدليءَ سان انهن جي آجيان ڪئي هئي. جويو صاحب اُن زماني ۾ الاجي ڪٿي هو. گهٽ ۾ گهٽ ان ٻيڙيءَ جي ملاحن ۾ شامل ڪونه هو، جنهن جي اسان 1944ع ۾ ڪراچيءَ ۾ نمائش ڪئي هئي.
جويي ۾ هڪ مقناطيسي اثر ڏسڻ ۾ آيو. مون تاريخ ۾ ڪيترين مقناطيسي شخصيتن جو مطالعو ڪيو آهي، جي پنهنجي حساب سان تاريخ ساز بڻيا آهن. جويو به اهڙو ئي جادوگر ٿي لڳو، غالباً منجهس نظربنديءَ جي قوت آهي. جيڪڏهن هو شاعر هجي ها ته مان ضرور سندس چڳ وڍيو مريد ٿي پوان ها.
حيدرآباد پهتاسون، اياز به هڪ وڏو ڇرڪ ڀريو. مون ائين سمجهيو ته هو مراقبي ۾ ڪنهن نور جي جهلڪ ڏسي ڏڪي ويو هو. جويي صاحب موڪلايو، اچڻ وڃڻ جا وعده وعيد ڪري هو پنهنجي واهيري ڏانهن وريو ۽ اسان پنهنجي منزل ڏانهن وڌياسين.
انهن مختصر ملاقاتين کان پوءِ 1955ع ۾ اسان جون سلسليوار ملاقاتيون شروع ٿيون. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس هئي. سرڪاري ملازمت کان آجو ٿيو هوس، تنهن ڪري اڪثر ڪراچيءَ ۾ گذاريندو هوس. لڳاتار ملاقاتن سبب جويي کي وڌيڪ ويجهي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. مان گهڻو ڪري شام جو سندس آفيس ۾ ويندو هوس. هن جو مطالعو نهايت وسيع آهي. هن گهڻو ڪري هر ترقي پسند ٻوليءَ جي وڏن اديبن جون تصنيفون پڙهيون آهن. ڏسڻ ۾ ائين ايندو آهي ته هو اديب گهٽ ۽ طالب علم وڌيڪ آهي.
هن جي شاعريءَ جي فن سان واجبي دلچسپي آهي، تنهن ڪري هو شاعريءَ جي فني لوازمات کان گهٽ واقف آهي. پر هو شعر تي هڪ سنجيده ۽ صحتمند تنقيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. فڪر جي اعتبار کان هو شعر تي گهڻو ڪجهه چئي سگهي ٿو. سندس فڪر جي اپٽار ۾ گهڻو ڪري مقصد ۽ نظريي جو دخل هوندو آهي. مان ذاتي طور شاعريءَ ۾ انتها پسنديءَ جي خلاف آهيان. مان شعري نظريات ۾ مفاهمت جو قائل آهيان. جيڪڏهن 1947ع کان 1952ع تائين نئين شاعريءَ تي جمود طاري نه ٿئي ها ته ان دؤر جي شاعري سنڌي ادب جي هڪ اهم، دلپسند ۽ موثر روايت بڻجي پوي ها، جا اڄوڪي شاعريءَ تي ضرور اثر انداز ٿئي ها.
ڪراچيءَ وارو فرصت جو زمانو غنيمت هو. اڪثر شام جو وقت جويي جي ڪچهريءَ ۾ گذرندو هو. سنڌي ادب جي مختلف مرحلن ۽ انيڪ موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ٻيا به نوجوان اديب قسم جا دوست وٽس پهچي ويندا هئا، جن جو روزانه وٽس اچڻ معمول هوندو هو. جويي صاحب جي علم ۽ معلومات جو مٿن ڌاڪو هوندو هو. اهي ڄڻ سندن عقيدتمندن جي لڙهيءَ ۾ پوتل هئا. ان زماني ۾ سراج سندس اسسٽنٽ هو. وضعدار نوجوان ۽ نهايت بااخلاق. هو پنهنجي ڪم ۾ لڳل هوندو هو. دفتر کان فارغ ٿي ڪاليج ويندو هو، ليڪن پنهنجي فرائض کان بخوبي واقف هو ۽ ماتحتيءَ جو حق بخوبي سرانجام ڏيندو هو، جنهن ڪري اسان جي مشغوليءَ ۾ گهٽ شريڪ ٿيندو هو.
سج لٿي مهل اسان ٽولو ٺاهي اسيمبلي بلڊنگ کان نڪرندا هئاسين. رستي تي بحث مباحثو هلندو هو ۽ ڪنهن هوٽل تي چانهه جي چسڪي دوران خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. جويي صاحب جي علمي ڪچهري اڪثر معلوماتي محفل بڻجي پوندي هئي. گهڻو ڪري سڀ سندس پوئلڳ هئا، ۽ هو ها ۾ ها ملائيندا هئا ۽ هن جي هر فيصلي جي تائيد ڪندا هئا. هن جي بحث جي هر پهلوءَ ۾ وڏي مقصديت پوشيده هئي. نظريو رکڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي. هو ترقي پسند ادب جو دلداده نظر ايندو هو. مون کي هو ان وقت سوشلسٽ قسم جو ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندو هو. هينئر خبر نه آهي ته نئشنلسٽ آهي يا سوشلسٽ يا ڪجهه ٻيو.
تنهن زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت، ترقي پسند مصنفين جي انجمن جي جاءِ نشين بڻجي اڀري هئي. نوجوان طبقو ان ۾ شامل هو. جويو صاحب انهي طبقي جو سرواڻ هو. سنگت جو سيڪريٽري جنرل اياز قادري هو، جنهن جي سنجيده ۽ نيڪ طبع مختلف طبعيتن جي نوجوان اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪيو هو. مان اڪثر ان سنگت جي هفتيوار ڪچهرين ۾ شامل ٿيندو هوس، ٻڌندو هوس ۽ تنقيد ڪندو هوس. خوشگوار ماحول ۾ بحث مباحثو ٿيندو هو. نيڪ نيتيءَ سان تنقيد ڪئي ويندي هئي. تنقيد ۾ جويو، سوڀو، مرحوم احسان بدوي، سرڪي ۽ رباني ڀرپور حصو وٺندا هئا.
جويو هڪ وڏو محنتي ۽ اورچ ماڻهو آهي. هو هڪ فرض شناس استاد آهي. سنڌي ادبي بورد جي آفيس ۾ هن پنهنجو رت ولوڙيو. جيڪڏهن جويو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري نه هجي ها ته سنڌ کي شايد سماهي ”مهراڻ“ نه ملي سگهي ها. مهراڻ کي معياري پرچي بنائڻ ۾ جويي جي ڪوششن جو سندس بدترين مخالفن کي به اعتراف ڪرڻو پوي ٿو. هن سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي خدمت ڪئي آهي. هن ننڍي کي وڏو ۽ وڏي کي تمام وڏو، گمنام کي نامور بڻائي سنڌين سان روشناس ڪرايو آهي. هو پنهنجي هم مشرب اديبن کي نوازڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر پنهنجي مخالف کي ڪنهن به حالت ۾ بخشڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.
1963ع کان پوءِ سنڌي ادب ۾ اختلاف راءِ جي ڪري هو مون سان ناراض ٿي پيو. جويي جي هم خيال حلقي مون کي ٿالهيءَ ڀاڄيءَ تان لاهي ڇڏيو. جويو صاحب ڏاڍو ناراض هو، هو جذباتي ٿي ويندو هو.
ڪيترن سالن کان پوءِ هو مون وٽ آيو. منهنجي ڏوهن جي فهرست پاڻ سان کنيو آيو. مون صفائي پيش ڪئي، پر منهنجا سڀ دليل رد ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ مان ساڻس حيدرآباد ۾ مليس، ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيائين. مان اڌ ڪلاڪ نهايت خاموشيءَ سان سندس ڪاوڙ کي دل سان هنڊائيندو رهيس، هو ٿڪجي پيو. مان به جواب ڪهڙو ڏيان، هتي ته رڳو ناڪارئي ناڪار هئي. سندس جذبات جي شدت کان لطف اندوز ضرور ٿيس. مونکي ڇڏڻ لاءِ آفيس جي دروازي کان ٻاهر آيو، ڀاڪر پائي موڪلايائين. مون مُرڪي سندس منهن ۾ ڏٺو، دل ۾ گرمي محسوس ڪانه ڪيم، شايد ڀاڪر کان پوءِ به سندس دل ۾ مير رهجي ويو. منهنجي دل به صفا نه هئي. ٽن سالن کن کان پوءِ هو سي. ٽي. امتحان جي سلسلي ۾ منهنجي اسڪول ۾ آيو. مون سندس رسمي طور آجيان ڪئي. منهنجي دل ان وقت بالڪل صاف هئي، پر ڀانيم ته سندس دل ۾ ميرائيءَ جو ڪو کرنڊ باقي رهيل هو.
بعد ۾ مان ساڻس هڪ پارٽيءَ ۾ مليس. هو نهايت خوش اخلاقيءَ سان مليو. سندس سلوڪ نهايت قربائتو نظر آيم، سمجهيم ته شايد هن حقيقت کي سمجهي ورتو آهي. سندس دل تان شڪايت جو سمورو دفتر ميسار جي چڪو هو. هو اڪثر مون سان ملندو آهي. گڏ ويهندا آهيون. هو ساڳيو ئي 1952ع وارو جويو آهي، جنهن ۾ مقناطيسي اثر نئين طرح ظاهر ٿيو آهي. سندس مخالف اڪثر چوندا آهن ته هو مِٺي ڇُري آهي ۽ مان چوندو آهيان ته هو مٺڙو ماڻهو آهي. وڌيڪ خبر خاوند کي، الله پنهنجي حڪمت پاڻ ٿو ڄاڻي.

(ٽي ماهي مهراڻ، 1/ 1975ع تان ورتل)

آغا سليم

شايد 1954ع جو زمانو هو. بشير مورياڻي، هڪ صحتمند، مضبوط ۽ سهڻي نوجوان سان گڏ اچي منهنجي اوطاق تي پهتو. اجنبي نوجوان قد و قامت جو گهڻو ڊگهو، پر جسم ۾ ڀريل هو جنهنڪري ڊولائتو ٿي لڳو جيتوڻيڪ هو عمر جي لحاظ کان قد ۾ وڌيڪ لمبو ٿي نظر آيو. خدانخواسته جسم تي ڳر ۽ ماس نه هجيس ها ته هو حقي جي گوءِ وانگر ترل لڳي ها سکر پراڻي جا ڇوڪرا ۽ نوجوان کيس عجيب الخلقت سمجهي منهنجي اوطاق جو گهيراءُ ڪري ڇڏين ها. هو سچ پچ مناسب بدن جو مالڪ هو. سندس رنگ سرخي مائل اڇو هو. جيتوڻيڪ سندس اکيون هن جي موڪري منهن جي ڀيٽ ۾ ننڍيون ۽ سنهيون ٿي لڳيون تڏهن به سندس چهري جي تازگيءَ ۽ شگفتگي انهيءَ عيب کي لڪائي ڇڏيو هو. هن جو شمار سدا سهڻن ۾ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن هٿ ڏيئي مليو ته سندس گلابي چپن تي هڪ وڻندڙ مرڪ هئي ۽ جڏهن بشير تعارف طور آغا سليم چيو ته مون وري ڏانهن نهاريو هن جي مرڪ کل ۾ بدلجي ويئي بالڪل بي تڪلفانه کل. جنهنڪري سندس ڳلن جو ماس مٿي چڙهي ويو ۽ انهيءَ چرپر ڪري سندس اکيون ٻوٽجڻ جي پوئينءَ ڊگري تي وڃي پهتيون.
مان ڏڪي ويس. سندس ڳلن جي ڳاڙهاڻ به سندس هرهڪ ڳٽي جي وچ ۾ ڳاڙهو رت جو داغ بڻجي پيئي. سچ پچ ته مونکي اها کلندڙ صورت بنهه ڪانه وڻي ۽ چاهيم ته هي جوان کلڻ جي بدران رڳو مرڪندو رهي ته گهڻين سهڻين ۽ زليخائن جا هانوَ هٿن کان ڇڏائجي ويندا. هو سچ پچ وڻڻ جهڙي چيز هو. نئين جواني ۽ نئون رت تنهنڪري سندس سڀاءُ ۾ الهڙپائي محسوس ڪيم. هو شاگرد هو زماني جي گردش جي هوا کان بلڪل محفوظ ۽ بي نياز هو. هن جا بزرگ ڪابل قنڌار کان گهوڙن تي چڙهي سنڌ ۾ آيا هئا. جابلو ماڻهو هئا شڪارپور ۾ گهر ٺاهي ويهي رهيا. سنڌ جو پاڻي پي سنڌي بڻجي ويا. آغا کي سنڌي ڪوٺائڻ تي فخر آهي. ريڊيو پاڪستان واري آغا خالد سان منهنجي پهرئين ملاقات اهڙي ئي ڊرامائي تاثر سان ٿي. انهيءَ زماني ۾ منهنجن افسانن جو مجموعو ”َڊاڪ بنگلو“ ۽ اياز جو ”پنهل کانپوءِ“ شايع ٿيا هئا. آغا سليم انهن افسانن جي فني نڪتن تي خيال آرائي ڪرڻ لڳو. سندس ڳالهائڻ مان محسوس ڪيم ته نوجوان کي ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ جي چڱي سڌ ٻڌ آهي. ٻن اڍائن ڪلاڪن جي تفريحي ۽ ادبي ڪچهري کانپوءَ هو موڪلائي شڪارپور موٽي ويا ۽ مان آغا سليم جي تبصري تي سوچيندي انهيءَ نتيجي تي پهتس ته اهو نوجوان ادبي دنيا ۾ هڪ موثر ڪم جي لائق بڻبو زنده دل ۽ خوش طبع هجڻ ڪري سندس هر ڳالهه ۾ ظرافت ۽ ذهانت ٿي بکي. ان کانپوءِ آغا سليم سان ڇهين ٻارهين مهيني ملاقات جو اتفاق ٿيندو هو سو به سرسري. شايد هو ريهبليٽيشن مختيار ڪار هو، واٽ ويندي ساڻس ملاقات ٿي. آغا جا مون سان ڪي ذاتي تعلقات ڪونه هئا تنهنڪري مون اهڙين واٽ ويندڙ ملاقاتين کي خير خيريت تائين ٿي نباهيو البته جيڪڏهن هو بشير مورياڻي سان گڏ هوندو هو ته هو به بيڌڙڪ پنهنجو حق سمجهي هليو ايندو هو ۽ مان سندس فراخدليءَ سان آجيان ڪندو هوس. جن سان سنگت هوندي اٿم انهن کي واٽ ويندي پڪڙي وٺندو آهيان.
”سدورو ٻار پينگهي ۾ پڌرو“ جي مثال مون آغا سليم ۾ ادبي صلاحيت ان وقت محسوس ڪئي جڏهن هن مون سان پهرين ملاقات ڪئي هئي. غالباً هو ان وقت فرسٽ ييئر جو طالب علم هو. هو مونکي جڏهن به مليو سندس چپن تي ساڳي مرڪ ۽ سندس کلڻ ۾ نئين تازي زندگي هوندي هئي سندس صاف سٿري ۽ ڌرتل پوتل مسڪراهٽ سچ پچ دل کي وڻندي هئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ملازمت وقت ساڻس سال ۾ ٽي چار ڀيرا ملاقات جو اتفاق ٿيندو هو. مان گهڻو ڪري الياس عشقي وٽ ويهندو هوس ۽ جڏهن آغا کي خبر پوندي هئي ته هو وڏي چاهه مان اچي اسان جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندو هو. مان ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو پاڪستان ۾ پهچڻ کان پوءِ رسمي طور سڌو آغا جي آفيس ۾ ويندو هوس ۽ ساڻس گڏجي عشقي صاحب وٽ ايندا هئاسي. عشقي وٽ جيڪڏهن محبت جا مڻ هئا ته آغا وٽ به سڪ جا سير هئا تنهنڪري انهن ٻنهي سان گڏ رهاڻيون ڪندي حيدرآباد ۾ ٻن چئن ڪلاڪن جو قيام مزي سان گذري ويندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان منهنجي لاءِ ڪشش جو باعث بڻيو هو. ريڊيو تي ٻيا به شفيق ساٿي هئا، پر انهن سان ذاتي تعلقات ڪونه هئا جنهنڪري انهن سان ڇڙي عليڪ سليڪ ٿيندي هئي اهي به قربائتا جوان هئا. پر ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ اچي بوءِ بهارجي. مان ته بوءِ جو متلاشي آهيان. هن وقت آغا سليم هڪ مشهور ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻيون فڪري ۽ فني اعتبار کان اڪثر وڻندڙ ۽ معياري هونديون آهن. هو سال ڏيڍ اڳ ڪراچيءَ جي ريڊيو اسٽيشن تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز هو. مان دستور موجب وئڪيشن ۾ ڪراچيءَ ويل هوس. ان زماني ۾ آغا سان سندس آفيس ۾ اڪثر ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون. هڪ ٻه ڀيرو هو مون سان به ملڻ آيو جتي مان کيس پنهنجا نوان غزل ٻڌايا. سڀاويڪ هن جي شعر سان گهٽ دلچسپي آهي. مون کيس ننڍي بحر وارا اچي غزل ٻڌايا جن ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيل هئا. هن جي دلچسپي ڪجهه وڌڻ لڳي جنهنڪري انهن مجلسن جو رنگ وڌڻ لڳو. هو هڪ مڪالمه نگار آهي هو فلمي ڪهاڻين جي مڪالمن کي تيار ڪندو آهي. آغا ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن. منجهس اخلاق سان گڏ خلوص به آهي. مون سان سکر اچڻ جو وعدو ڪري به هو ڪڏهن سکر نه آيو آهي جيتوڻيڪ هن جو شڪارپور اچڻ وڃڻ اڪثر ٿئي ٿو بهانن ٺاهڻ جو استاد آهي. هن ۾ فڪر جو شعور پختو آهي هو ادب جي بنيادي قدرن کان به واقف آهي تنهنڪري هو جدت ۽ روايت جي امتزاج جو حامي آهي. ڪڏهن مان ائين محسوس ڪندو آهيان ته هو ٿاٻڙجي پيو آهي پر وري گهڙي کن کان پوءِ ڏسندو آهيان ته هو پاڻ سنڀالي وٺندو آهي. چوندا آهن ته آغا ڊراما به لکيا آهن جن کي اسٽيج ڪرايو ويو اخبارن ۾ تبصرا پڻ شايع ٿيا ليڪن مون نه ڏٺا جنهن ڪري سندس ڊرامن تي مان ڪجهه چئي نٿو سگهان.
ٻه سال کن ٿيندا آغا سهڻي رسالي ۾ هڪ ناول جو سلسلو شروع ڪيو. پهرئين قسط شايع ٿي موضوع جي اعتبار کان اهو هڪ تاريخي ناول آهي. باوجود بعض ڪمزورين جي ناول جي پهرئين قسط مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. ناول لاءِ شايد سنڌ جي ڌرتي وارياسي رهي آهي. هتي سالن ۾ ناول لکيو ويندو آهي تنهنڪري سنڌي ادب ۾ ناول نويسن جي اڻاٺ آهي. آغا جي ناول جي قسط کان متاثر تي مون باقاعدي ناول لکڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ جي مختلف ڪڙين کي سلسليوار جوڙڻ جي ڪوشش ڪيم. ان ناول کي پوري ڪرڻ ۾ مونکي ڇهن مهينن جو عرصو لڳي ويو. حالتن اجازت ڏني ته ان کي پهرئينءَ فرصت ۾ ڇپائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ خواهش اٿم ته اهو آغا جي نالي منسوب ڪريان.
آغا سليم سان ڪيتري عرصي کان ملاقات نه ٿي آهي. پويون ڀيرو مان کيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي مليو هوس. مون ساڻس ان ملاقات ۾ پنهنجي ناول جي مسودي جو ذڪر ڪيو هو. ۽ کيس ٻڌايو هيم ته سندس ناول نويسي جي شوق منهنجي شوق کي جرڪايو هو. هو ڏاڍو کليو ۽ کلڻ مهل سندس ٻنهي واڇن جي ڪنڊن مٿان گهنج پئجي ويا سندس اکيون پورجي ويئون. نوجواني وارا اهي ڳاڙها داغ سندس ڳلن تي نه ڏٺم ۽ منهن تي گهنجڙيون. هو پنهنجي عمر کان وڏو ڏسڻ ۾ آيو. سمجهيم ته دنيا جي نشيب و فراز سندس چهري جي لالائي ۽ سندس ڳلن جي سرخيءَ کي چوسي ڇڏيو آهي. (مئي 1971ع)


(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)

نارائڻ شيام

هو منهنجو دوست هو. ڏاڍو گهاٽو سنگتي. ڪاليج جي بي اي ۽ ايم اي ڪلاسن ۾ اسان گهڻو ڪري هڪ ئي بئنچ تي ويهندا هئاسي. ايم اي ۽ ايل ايل بيءَ ۾ گڏ هئاسي. هو اسان جي سنڌي ادبي سرڪل جو سرگرم رڪن هوندو هو. مان جنرل سيڪريٽري هوندو هوس. هو وڏو اديب ۽ پختو نقاد ۽ برجستو شاعر هو. مان سندس ادبي صلاحيتن کان بخوبي واقف هوس. نارائڻ شيام هڪ سانتيڪي سڀاءَ جو شاعر هو. هو ظاهري ۽ باطني طور نهايت سادو هو. لباس جي سادگيءَ سان گڏ سندس سڀاءَ جي به انوکي قسم جي سادگي مونکي ڏاڍي پسند هئي. هو بيحد صاف گو ۽ سچو ماڻهو هو. رنگ ۾ مونکا وڌيڪ سانورو. شايد انڪري هن پنهنجو تخلص شيام تجويز ڪيو هو قد جو درميانو، بدن جو پورو پنو عام ماڻهن جهڙو ماڻهو لڳندو هو. نڪ چپ وڻندڙ نرڙ ڪشادو جنهن جي مٿان ٽڪڻ تي وار اڻلڀ جنهن ڪري نرڙ ۽ ٽڪڻ ٻيئي هڪ ٻئي ۾ گڏجي سڏجي هڪ چيز بڻجي پيا هئا ٽڪڻ کان مٿي جي پاسن ۽ پٺ تي سنها ۽ ڇڊا وار جن تي ڦڻي ڦيرائيندو هو ۽ مان کلندو هوس. منهن تي سنجيدگيءَ هوندي به سندس چپن تي هڪ مزيدار مرڪ هوندي هئي جنهنڪري هن کي ڏسي ڪاليج جون اڪثر ڇوڪريون شرمائي وينديون هيون. کاڌيءَ جي ڪپڙن جو ڊولائتو لباس سندس بدن تي ٺهندو هو. هو ڪانگريسي لڳندو هو حقيقت ۾ هو سياست ۽ عصبيت کان بلڪل گهڻو پري هو. هو ٻاهران ۽ اندران هڪ جهڙو هوندو هو جنهنڪري هڪ ساڌو سنت لڳندو هو. سندس پيءُ مختيار ڪار هوندو هو. تپيدارن جا پٽ به ٽيڪ سان گهمندا هئا، پر شيام ۾ ڪا وڏائي ڪانه هئي. سادگيءَ ۽ شرافت جي ڪري هو مونکي وڏو ماڻهو نظر ايندو هو. اسان ايم اي فارسيءَ جا شاگرد هئاسي هو اڪثر منهنجي رهنمائي ڪندو هو. هن بي اي آنرس ڪئي هئي.
ميٺارام هاسٽل جو ستون نمبر ڪمرو منهنجي ذهني سڪون جو مرڪز هو، جتي شيام سان ڪيترن ئي موضوعن تي بحث ڪندو هيم. شاعريءَ کي پرکڻ جو منجهس ڀرپور شعور هو. هو نه فقط سنڌي شاعريءَ تي پر فارسيءَ ۽ اردو شاعريِءَ تي به سير حاصل بحث ڪري سگهندو هو. سنڌي سرڪل جي گڏجاڻين ۾ سندس راءِ کي وزن هوندو هو. نئين ادب ۽ جديد ادبي تقاضائن تي خيالن جي ڏي وٺ ۾ شيام جي راءِ کي آخري سمجهيو ويندو هو. اردو ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو شباب هو جنهنجي ڦهلاءَ لاءِ اردو ادبي رسالن نهايت موثر ڪم ڪيو هو. ان وقت جو هر رسالو هر نئون ڪتاب شيام وٽ موجود هوندو هو.
هڪ سال کان پوءِ اياز کي به ميٺارام هاسٽل ۾ ڪمرو مليو. اياز جي ميٺارام هاسٽل ۾ اچڻ ڪري منهنجا ٻه قريبي گهاٽا دوست هڪ ئي جاءِ تي موجود ٿي ويا تنهنڪري منهنجي ڏينهن جو گهڻو حصو انهن ٻنهي جي ڪمرن ۾ گذرندو هو. گويا روحاني غذا ملندي هيم. اياز پنهنجي ڪمري مان نڪرڻ کان لنوائيندو هو. ڪنهن ڪنهن وقت مان شيام کي وٺي اياز وٽ ويندو هوس. شيام ۽ اياز جي پاڻ ۾ بي تڪلفي ڪانه هئي جنهن ڪري اياز سڀاويڪ سنجيدو رهندو هو. مان ڪو موضوع ڇيڙي ٻنهي کي ڪنهن بحث ۾ وچڙائيندو هوس ۽ سندن ادبي بحث بنا ڪنهن تلخيءَ جي اڪثر پر لطف ۽ معلوماتي رهندو هو.
وئڪيشن جي موڪلن ۾ شيام سان خط و ڪتابت رهندي هئي. هو نواب شاهه رهندو هو 1945ع ۾ گوبند مالهي ۽ سوڀي گيانچنداڻي جي سربراهيءَ هيٺ انجمن ترقي پسند مصنفين جو ڪراچيءَ ۾ بنياد رکيو ويو. سڀني نوجوان اديبن ان ۾ شرڪت ڪئي هر جمعي جي شام چئين بجين بندر روڊ جي انجمن آفيس ۾ ادبي گڏجاڻي ٿيندي هئي. گهڻو ڪري هر نوجوان اديب ان ڪچهري ۾ شريڪ ٿيندو هو، اها گويا نئين تحريڪ هئي. ان زماني ۾ اياز جناح ڪورٽس ۾ شيام شيوا ڪنج ۾ رهندو هو. اسان سڀ ان ادبي مجلس ۾ مقرر وقت تي پهچي ويندا هئاسي. هر هڪ نوجوان ۾ نئين ادب جي واڌاري لاءِ اتساهه چريائيءَ جي حد تائين پهتل هو. سچ پچ ته انهيءَ انجمن سنڌيءَ جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪيو جن ۾ رام، لعل، شاد، سڳن آهوجا گوبند مالهي، لڇمڻ راجپال وغيره جا نالا وساري نٿا سگهجن. شاعرن ۾ ارجن شاد، سڳن آهوجا ۽ سنتو لعل جا نالا ان انجمن جي يادگيري ۾ هميشه قائم رهندا، ان زماني ۾ نثري ادب ۾ افساني جو زور هو ۽ شاعري ۾ گيت ۽ نظم جي وڏي شهرت هئي. رام جي تنقيد افساني تي رهندي هئي جنهن ۾ گوبند، سوڀو وغيره حصو وٺندا هئا. شيام شاعريءَ تي ڀرپور ۽ صحتمند تنقيد ڪندو هو جنهن ۾ اياز ۽ منهنجو به حصو هوندو هو. شيام جي تنقيد به نرالي هوندي هئي. هڪ مختصر جملو ۽ ان کان پوءِ وڏو سواليه نشان، جنهن سان گڏ هڪ هلڪو ٽهڪ. چڀندڙ تنقيدي جملو گهڻو ڪري مجلس جي ٽهڪن ۾ ٻڏي ويندو هو. تنهن هوندي به اهو ڇڀيندڙ جملو ڪيترو وقت دل ۾ هرکندو هو. آءٌ گهڻو ڪري شيام جي جملي جي وضاحت ڪري مجلس کي سنجيدو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس اياز جو شعر به اڪثر شيام جي جملي جو شڪار ٿيندو هو. ڪنهن وقت شيام سندس شعر تي رڳو تفريحاً ريمارڪ ڏيندو هو. ان وقت اياز جو چهرو نهايت گنڀير رهندو هو. جيئن ته شيام جو ٻوليءَ ۽ شاعري جي فن تي وڏو عبور هو تنهنڪري هر ڪو سندس تنقيد کان گهٻرائيندو هو. اياز ۽ شيام جيئن ته منهنجا دوست هوندا هئا تنهن ڪري عموماً منهنجو شعر تنقيد کان بچي ويندو هو. ٻيا شاعر سيکڙاٽ هئا انهن ۾ نه فن جي پروڙڻ جو ڪو هوش ۽ نه وري تنقيد جو شعور. ٺيٺ ترقي پسند قسم جا اديب فقط نعره بازي کان خوش رهندا هئا. سپڪ سنڌيءَ ۾ شيام جي شاعري ساراه جوڳي هئي اياز جي مقفي شاعري ۽ منهنجي آزاد شاعريءَ جو دور هو. انهن مڙني صنفن ۾ سوشلسٽ نظريات جو عنصر شامل هو.
شيام کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ ٺيٺ ويشنو هو جنهنڪري مون کي هن سان گڏجي ماني کائڻ جو اتفاق نه ٿيو جيڪڏهن ڪنهن ڀيري ميس ۾ ساڻس گڏ ويس. ته گوشت کائو دوست پنهنجي ٽيبل ڏانهن وٺي ويندا هيم. شهري هندن جي اڪثريت گوشت کائيندي هئي. شيام کي ڪچن ٽماٽن کائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. فروٽ جي بدران هو ٽماٽا کائيندو هو. رستي تان هلندي جيڪڏهن شيام جي نظر ٽماٽن تي پيئي ته هو سنگت ڇڏي ٽماٽن واري ڏانهن قدم وڌائيندو. تڪڙو تڪڙو جيئن گهوڙو ٿان ڏي ورندو آهي ۽ هو اتي ئي کائڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو ڪوٽ بشرٽ ته ڇا پر پينٽ جا کيسا به ٽماٽن سان ڀري رستي تان هلندي کائيندو رهندو هو. ٽماٽا هن جي وڏي ڪمزوري هئا. جيئن اياز جي ڪمزوري موسمي هئي پر مان انهن ٻنهي نعمتن کان محروم هوس.
شيام ساڌو قسم جو ماڻهو هو. هر ڪنهن سان نيڪي ڪرڻ پنهنجي ڌرم جو پالن سمجهندو هو. اهنسا جو حامي هو. مسلمان صوفي بزرگن جو عاشق هو. هو گهڻو ڪري مسلمان درويشن جو ذڪر نهايت ادب ۽ احترام سان ڪندو هو، جن عوام کي نفس مارڻ جي تلقين ڪئي هئي. خدا جي توحيد تي کيس پختو يقين هو. مذهب ۾ تعصب جي سخت خلاف هوندو هو. وحدت الاديان جو قائل هو سندس والد سکر جو مختيارڪار هو. شيام منهنجي دعوت ڪئي هئي، پر ڀاڄين سان گڏ گوشت جي ڊش به تيار ڪرايائين ڀاڄيون به ڏاڍيون مزيدار هيون سندس پيءُ سان پڻ ملاقات ٿي هو به هڪ نهٺو ۽ سنت ماڻهو ٿي ڏٺو.
شيام جو ڪلام ٻڌڻ جي لائق هوندو هو ڄڻ ته هڪ درياهه هو جنهن جو وهڪرو نهايت هلڪڙو مٺڙو ۽ دل لڀائيندڙ محسوس ٿيندو هو. لفظن کي چونڊڻ ۽ کين مناسب موقعي تي استعمال ڪرڻ شيام جي ئي ورثي ۾ آيل هو. فارسي لفظن کي رائج هندي لفظن سان بيهارڻ سندس وڏي فنڪاري هوندي هئي. هو ڄڻ شعر ۾ موتي پوئيندو هو. هو هليو ويو، سالن کان سندس خبر نه ملي اٿم شروع ۾ خط لکندو هو هينئر الاجي ڪڙي حال ۾ هوندو. اهڙي سڀاءُ جو ماڻهو هتان ڇو لڏي ويو مان اڪثر سوچيندو آهيان هو پنهنجي وس نه هو. هن سان هڪ ولر هو وڏا ۽ ننڍا. ڪنهن کي سمجهائي ۽ ڪنهن کي مڃائي. قومن جو فرق هو يا مذهب جو فاصلو.
ملڪ جي ورهاڱي جو اعلان ٿي ويو. ايم اي جا فائينل امتحان اڃا ڪين ٿيا هئا. شيام نواب شاهه ويل هو. سنڌ جي هندن ۾لڏ پلاڻ شروع ٿي چڪي هئي. سکر جا هندو دوست پنهنجن ڪٽنبن قبيلن سميت ڪراچيءَ پهچڻ لڳا ڪيترا دوست مون وٽ آيا موڪلائي ڏاڍو رنا وڃڻ وارا هليا ويا. هڪ ڏينهن شيام به منهن جي جاءِ تي اچي پهتو. ڏاڍو غمگين ٿي ڏٺو. سمورو حال ڪيائين سندس گهر ڀاتي ڪنهن مندر ۾ لٿيل هئا. هو ٻئي ڏينهن سامونڊي جهاز رستي روانو ٿيڻ وارا هئا ڪنهن ڏورانهينءَ بي نشان منزل ڏانهن ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ شيام موڪلايو ڀاڪر پائي بيٺاسي سندس اکيون ڀرجي آيون. ٻه ڳوڙها سندس سانورن ڳلن تي ڏٺم منهنجي دل ”دڪ“ جو آواز ڪري ڄڻ بيهجي ويئي ڀاڪر مان هٿ ڇڏائجي ويا ۽ مون اکيون ٻوٽي ڇڏيوون هو تڪڙو هليو ويو. (مئي 1971ع)

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)

اياز قادري

هن پنهنجي افساني ۾ فرضي ڪردار نگاري جو سلسلو شروع ڪيو ۽ ما اڄ سندس سچي پچي ڪردار کي پيش ڪريان ٿو. افسانو، افسانو آهي ۽ حقيقت حقيقت. منهنجي ڪردار نگاريءَ ۾ ڪردار جي مجموعي سنجيده ۽ دلچسپ واقعن سان ان جي جيئري جاڳندي شخصيت کي اجاگر ڪرڻو آهي. ادبي صلاحيتن کان قطع نظر ڪردار جي مختلف ڪيفيتن کي تبصري کانسواءِ پيش ڪجي ٿو. هو هڪ وضعدار انسان آهي جنهن سان منهنجي واقفيت ويهه سال اڳ ٿي هئي. قد جو قداور، جسم ۾ پورو پنو منهن گولائي کان ڪجهه هٽيل، ڪڻڪائو رنگ، نڪ ڊگهو، اکيون وڏيون ۽ ڳاڙهيون. هو اياز قادريءَ جي نالي سان مشهور هو. سندس نالو به اياز ۽ تخلص به اياز. ڪنهن جاکوڙ ڪرڻ جي ضرورت ڪانه.
اسان گهڻو ڪري هڪ ٻئي کان گهڻو پري رهيا آهيون. هو ڪراچوي يعني ڪراچيءَ جو باسي ۽ مان ساکرو يعني سکر جو رهواسي. اياز کي موڪل يا فرصت ملي ته ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي دادو رستي وڃي پنهنجي ڳوٺ لاڙڪاڻي پهچي. سکر واري لائين هن جي لاءِ ڄڻ پهاڙ، گاڏين جي مٽا سٽا، گاڏيءَ جي انتظار ۾ روهڙيءَ ۾ ويهي اوٻاسيون کائڻ واقعي ڏکيو عمل آهي. تنهنڪري اسان جي ملاقات واٽ ويندي به ڪانه ٿيندي آهي. دوريءَ جي باوجود اسان ٻنهي جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ سڪ ۽ پيار جا جذبا آهن. سندس افساني ۾ ڪردار نگاري جي تحرير مون کي اڄ سندس ڪردار لکڻ لاءِ آماده ڪيو آهي.
1955ع ۾ اياز قادريءَ جا ڪيترائي لکيل افسانا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيا. ڪي کانئس روبرو ٻڌم ۽ ڪي رسالن ۾پڙهيم. اياز قادري ان وقت جو افسانه نويس بڻجي سنڌين سان متعارف ٿيو هو. هي سندس خاڪو آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي ذاتي تاثرات ۽ تجربات جي بعض دلچسپ واقعن کي گڏ ڪري ڪردار کي نمايان ڪندو آهي. ڪردار جي فني ۽ ادبي معاملات تي سرسري نظر اڇلائي سندس شخصيت جي ڪڙين کي ملائڻو پوندو آهي.
1956ع ۾ اياز سان تعلقات مضبوط ٿيا. هو ان وقت سنڌي ادبي سنگت جو روح روان هو يعني جنرل سيڪريٽري. نون اديبن جي انجمن کي هن پنهنجي خلوص، نيڪ جذبي ۽ محنت سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي نوجوان ۽ جديد اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪرڻ سندس اهم ڪارنامو هو، جنهن سان رجعت پسندي جي ماڙين ۾ زلزلو اچي ويو. هو پاڻ افسانه نويس جي حيثيت سان مشهور ٿيو ورنه هو نظم جو به عمدو شاعر هو. هو مونکي اڪثر نور الدين سرڪيءَ جي ڪمري ۾ اديبن جي ميڙ ۾ ملندو هو. هڪ ڀيري هن پنهنجي جاءِ تي ادبي گڏجاڻي ڪوٺائي هئي، جتي گهڻو ڪري سڀ نوجوان اديب موجود هئا. مونکي ڪيترن نون ۽ پراڻن شاعرن سان ملڻ جو اتفاق پڻ اتي ٿيو. رشيد احمد لاشاري ۽ عبدالحليم جوش انهن ۾ قابل ذڪر هئا، جن سان ملي سچ پچ منهنجي دل کي خوشي ٿي. ان ڏينهن اياز قادري جي حسن اخلاق مون کي متاثر ڪيو. هو تنقيدي بحث ۾ به ڀرپور حصو وٺي رهيو هو. هو افسانه نگار ۽ شاعر هو، تنهنڪري نثر ۽ نظم تي بحث ڪرڻ جو کيس ڪلي اختيار هو البته زبان جي وقتي هٻڪ بحث جي سلسلي کي بعض اوقات منجهائي ٿي رکيو. سندس بلاغت ٿاٻڙجي ٿي پيئي پر سندس بحث وزنائتو ۽ صحتمند هو. محفل ختم ٿيڻ تي هو، سڀني اديبن کي ميڙي رام باغ جي ڪنڊ واري هوٽل تي وٺي آيو. ڇهن ڇهن جي ٽولن ۾ ورهائجي وياسي. ڀايان ٿو چار ٽولا کن ٿيا. هن دل کولي خاطر مدارت ڪئي. وڌيڪ کائڻ لاءِ منٿون ۽ ايلاز. سنڌي افسانه جي ڪردار نگاري ۾ برک ليکڪ اياز منهنجي لاءِ هڪ ڪردار بڻجي پيو جنهن جو سچو پچو عڪس سندس بي انتها خلوص ۾ ملي ٿو. اسان به کائڻ جي شين سان اصرار موجب انصاف ڪيوسي.
ترقي پسند دور هو جنهن ۾ هربي راهه روي کي جائز ڪرڻ جي ڪوشش هوندي هئي ڪي اديب ڊڪي ۾ پئجي ويا انتها پسندي جا عناصر منجهن ظاهر ٿيڻ لڳا. ادب برائي زندگي جي نئين معنيٰ ڪڍي ويئي. پر گهڻا اعتدال پسند هئا. افسانه نگاريءَ ۾ اياز جو قلم دلڪي هلندو رهيو سنڀالي سنڀالي قدم اڳتي وڌائي رهيو هو. هڪ شهسوار وانگر گهوڙي جي واڳ جهليندو رهيو ۽ حرام جو ڪڏهن سندس چال ۾ فرق پوي. اهو دور سچ پچ افساني جو وڏو دور هو. ملڪ جي ورهاڱي وقت مون، شيخ اياز، سوڀي، گوبند مالهي، رام پنجواڻي وغيره ڪهاڻيون لکيون هيون اهو سنڌي افساني جو اوائلي دور هو جنهن ۾ ترقي پسندانه جذبات جو وڏو دخل هو. اياز قادريءَ وارو دور سنڌي ادب جو اثرائتو زمانو هو. افساني جا وڏا وڏا فنڪار اڀريا جن جو فن سان چاه هو سندن دلين ۾ هڪ جذبو هو هر ڪنهن جو رنگ جدا ۽ بوءِ الڳ.
اياز قادري ڪپڙين لٽين مغرب زده لڳندو آهي، پر طبعاً فقير قسم ماڻهو آهي. سندس ڳالهائڻ ۾ ڦند نه ڦير. سڌو سنئون ماڻهو منهن تي ڦهڪائڻ وارو نه دوستي ۽ تعلقات جو خيال ۽ لحاظ نه مخالفت جو خوف ۽ خطرو. ان هوندي به هو هڪ ڀيري منهنجي بيباڪيءَ تي ڏاڍو ناراض ٿيو. مون نئين مختصر افساني تي تنقيد لکڻ شروع ڪئي هئي. انسان، انسان آهي. هو ڪنهن به وقت فرشتو ٿي نٿو سگهي. عيب ثواب هر ڪنهن ۾ هوندا آهن جنهن کانسواءِ انسان نامڪمل لڳندو آهي. جيئن ته فنڪار به ماڻهو آهي ان کان به غلطيون سرزد ٿي سگهن ٿيون. مون به غيرجانبدارانه طور اياز جي افسانن ۾ ڪن ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي، مضمون ڇپيو. جوان تپي لوه ٿي ويو. ڇوهه مان خط لکيائين چڱو ٿيو جو مان کانئس ٽن سو ميلن تي پري ويٺو هوس. سندس طنز ۽ ڪاوڙ جو حال خط مان معلوم ڪيم. اڪثر سوچيندو آهيان ته سنڌي اديبن ۾ تنقيد سهڻ جو مادو ڇو ڪين آهي. مون سنڌي ادب جا مختلف دور ڏٺا آهن ۽ هر دور ۾ مون ڪن وڏن اديبن کي به تنقيد تي وڦلندو ڏٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سنڌي ادب جو قدم نهايت آهستگي سان اڳتي وڌي ٿو. مون به اياز کي سختيءَ سان سندس چئلينج جو جواب ڏنو. ڪجهه مهينن کان پوءِ هو سکر ۾ سرڪيءَ جي شاديءَ تي ملي ويو ڏٺائين، نئين ڪنوار وانگر منهن کي موڙو ڏنائين، آخر پرچايو مانس ۽ پرچي ويو ڇاڪاڻ جو منهنجي بي هنري جا نوان نوان راز مٿس ظاهر ٿي پيا.
1954ع کان پوءِ جو زمانو سنڌي ادب ۾ افسانوي دور هو. ڪيترائي افسانه نگار اڀريا هر ڪنهن پنهنجو وارو وڄايو. مون ته ان زماني ۾ اديبن جي گوءِ جو منظر ڏٺو. هر ڪوئي ميدان ۾ اڳتي نڪرڻ جو خواهشمند هو. اها سچ پچ خوشي نصيبي جي ڳالهه هئي. ڊوڙ جي ميدان ۾ الاهي توهار کانپوءِ هر ڪو ڊوڙڻ لڳو. انهن مان گهڻا ٿڪجي اڌ فاصلي تي ويهي رهيا ڪي ٿاٻڙجي ڪري پيا باقي ٽي بيحد تيزي سان ڊڪڻ لڳا. سمجهيم اياز قادري قد جي حساب سان باقي ٻن کي شھ ڏيئي ڇڏيندو، پر هو سست ٿي پيو رباني بدن جو هلڪو ۽ ڦرت هو ڄڻ سندن بدن ۾ وڄ ڀريل هئي، کڏ کي آب حيات سمجهي ويهي رهيو. جمال ابڙو ميدان ۾ اڪيلو هو. سمجهائين ته جهٽ پلڪ ساهي پٽيان وڻ جي ڇانو ۾ ويهي رهيو ننڊ اچي ويس. هڪ ڪمزور ۽ نحيف بدن جيڪو گوءِ ۾ منڍ کان پوئتي هو سو هوريان هوريان منزل ڏي وڌڻ لڳو منجهس نه تکائي ۽ نه تڪڙ هئي منزل ته کيس به ڪانه ملي پر پنهنجي سست رفتاريءَ سان هلندو ٿو رهي اهو هو ع.ق.شيخ. سنڌي افساني جو رنگين ۽ خوبصورت ڏهاڪو لنگهي ويو جنهن ۾ خرافات گهٽ، لطفات ۽ چاشني وڌيڪ. افسوس همراهه ٿڪجي پيا شايد اهڙو سمو سنڌي ادب ۾ وري موٽي سگهي.
اياز ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي. عملي طرح سندس رفتار سست آهي. سنگت ۾ اختلافات پيدا ٿي پيا ۽ اياز قادري سنڌي ادبي سنگت کان الڳ ٿي ويو، ڪيترا سال هو پردي جي پٺيان لڪي ويو. سندس دماغ جي زرخيزي شايد 1960ع تائين اجڙي ويئي. هو معقول ۽ اعتدال پسند انسان آهي هو حد درجي خليق ۽ مهمان نواز دوست آهي. هن ۾ پسندگيءَ ۽ ناپسندگي لاءِ پنهنجا انوکا نظريا آهن. دعوت جو اصرار به هو نهايت خلوص سان ڪندو آهي. منهنجي زندگيءَ جو پڻ عجيب وهنوار آهي. مخلص دوستن جي دعوت قبول ڪرڻ ۾ عار نه سمجهندو آهيان. رسمي دعوت کان عذر معذور ڏيئي جان ڇڏائيندو آهيان.
هر معاشري ۾ استاد جو ڌنڌو معزز ۽ باوقار رهيو آهي. هر پر آشوب دور ۾ استاد جي عزت مٿڀرو رهي آهي. استاد هڪ شرعي حيلو ۽ رزق حلال جو وسيلو آهي عام طور خلق خدا جو به اهو ئي رايو آهي. اياز قادري اوچتو استادي ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي، پر مان کيس استاد سمجهڻ لڳس. هڪ ڀيرو سو آدمي استاد بڻجي پوي سدائين استاد سڏيو ۽ سمجهيو ويندو آهي. هو توڙي موٽرن ۾ چڙهندو هجي يا سهڻو ۽ مهانگو لباس زيب تن ڪندو هجي هو مصلحت جون ڳالهيون ڪري ته به هو استاد آهي. منهنجو هڪڙو ماستر وڪيل بڻجي پيو هن کي اها شڪايت ۽ ڪاوڙ آهي ته ماڻهو کيس اڃا سوڌو ماستر ڪري خطاب ڪندا آهن. اٺ سال منهنجو زيردست رهيو پر هو مون سان ملاقات ڪرڻ کان گهٻرائيندو آهي محض انهي ڪري متان شاگردن ۽ استادن کي ياد اچي وڃي ته هو به ڪنهن وقت ماستر هو ۽ سندس احساس برتريءَ تي چوٽ لڳي. انهيءَ نموني ته ماڻهو وڏو ماڻهو بڻيو آهي. اياز قادري وڪالت سان گڏ سياست جي چڪر ۾ به پئجي ويو. يڪ نه شد دو شد وارو معاملو بڻجي پيو. مون کي واقعي تعجب لڳو ته گوشه نشين فقير طبع ماڻهو ڪيئن ۽ ڇو ٿو وڏ ماڻهپي جا خواب لهي. ۽ ڀايان ٿو هن کي وڪالت جا نڪتا ۽ سياست جاگر شايد سمجهه ۾ نه آيا. ادو کٽي آيو خير سان جي حساب ڏيڍ سال کان پوءِ اياز کي وري ڪاليج ۾ ڇوڪرن کي پاڙهيندي ڏٺم. استاد ۽ اديب جي آنٽ تي هڪ ئي وقت وڪالت ۽ سياست ڪٿي ٿي چڙهي. ماڻهو وڪالت ۽ سياست ڪندا آهن پر هو ماستر نه هوندا آهن استاديءَ جو ڌنڌو انسان جا گوڏا چٽي ٿو ڇڏي.
اياز سکر ۾ خواه ڪراچي ۾ مون سان ڪيترا ڀيرا رهاڻيون ڪيون آهن. هو سنجيدو به گهڻو ئي آهي پر ڪنهن وقت هن ۾ چڙ جو پارو مٿڀرو نظر ايند آهي. هو جذبات جي وهڪري ۾ وهڻ لڳندو آهي. هن جي شخصيت ۾ پسندگيءَ ۽ ناپسندگيءَ جون ڪيفيتون هڪ جهڙيون هونديون آهن. هو پنهنجي مخالف جي خامين جو دفتر زوردار دليلن سان پيش ڪندو آهي. جن مان کيس ڪو رنج پهتو آهي هو انهن کي معاف ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه هوندو آهي ورنه هو اعتدال پسند اديب ۽ شاندار شاعر آهي. هڪ ڀيري مون سان به ڏاڍو ناراض هو، پر مذاڪرات جي هڪ ئي رائونڊ ۾ نيڪ دل انسان وانگر سمورو غصو وساري کير کنڊ ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ مون سان ملڻ به آيو.
هن سال به تازو ساڻس ڊگهيون ڪچهريون ڪيو. عبدالحليم جوش وٽ يا اياز قادريءَ جي جاءِ تي. وڏو پروگرام هو پر مان اوچتو بيمار ٿي پيس ۽ اسان جون ڪچهريون درهم برهم ٿي ويون. هن قحط الرجال واري دور ۾ ادبي ڪچهريون ۽ دلپسند دوستن جون گڏجاڻيون واقعي خوش نصيبن جي قسمت ۾ هونديون آهن ورنه گهڻو ڪري انسان دولت ۽ شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪڍ آهي. ڄڻ ته نفسا نفسي جو دور آهي. (سيپٽمبر 1971ع)

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)

غلام رباني

منهنجي نوڪري به عجيب هئي واءُ مينهن وانگر ايندي هئي ۽ ڌونئادار طوفان وانگر هلي ويندي هئي 1956ع وارو زمانو به واندڪائي جو دور هو نوڪريءَ تان لٿل هوس مان واندڪائي جي ورونهن لاءِ ڪراچي ويل هوس. احسان بدوي مرحوم جي دعوت تي ڪيترن نوجوان اديبن سان ملاقات ٿيم ان کان پوءِ نور الدين سرڪي جي سڏ تي ڪجهه نون مهانڊن کي ڏسڻ جو وجهه مليو. گهڻو ڪري سڀئي نوجوان کلمکه ۽ بااخلاق هئا، پر انهن جوانن مان هڪڙو سڪ ۾ سڀني کان سرس ٿي لڳو. ٻئي ڀيري سرڪيءَ جي دعوت جو سهرو ان جي سر تي هو. هو بت ۾ ڳريل منهن جو سڪل پر رنگ جو اڇو هو مجموعي طور هڏين جو پڃرو ٿي لڳو، سمجهيم ٿي ته سکر جي ڏکڻ واري طوفاني هوا تي جيڪر لغڙ وانگر اڏامي وڃي. منهن ۾ ڪا خاص جاذبيت ڪانه هيس، پر اڻ وڻندڙ به ڪونه هو کڻي چئجي ته سندس شڪل صورت مناسب هئي ۽ مونکي وڻيو ٿي، ڳلن جون هڏيون اڀريل هيس اڇي کل جي تهه ۾ اچي اهي هڏيون نوڪدار ٿي نظر آيون. ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل هيس. سندس بدن تي ماس جو ڪو دڪو به نظر ڪين آيو. غالبن فرشتن چيڪي مٽيءَ جي بچت ڪئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت شايد مٽيءَ جي اڻاٺ هجي. ڳالهائڻ جو ڏاڍو مٺڙو، چٻي چٿي ڳالهائڻ وارو، اخلاق جي اعتبار کان نهايت قربائتو ڏسڻ ۾ آيو. اکين تي عينڪ هيس جنهن ڪري سندس اکين جي دلڪشيءَ جي خبر نه پئجي سگهي. انهن خوبين ڪري هو پنهنجي سنگت ۾ بيحد مقبول هو هن ۾ بحث ڪرڻ جي قوت سان گڏ هڪ انوکو ڍنگ به هو سندس ڳالهين ۾ جوش ۽ ولولو هوندو هو جنهنڪري هو منڍان ئي وڏي اديب جي ڏک ڏيندو هو. انهيءَ دعوت ۾ هو کٿو پورو نه هو. خاطر تواضع ڪرڻ ۾ نهايت اوچو نظر آيو مڙني خوبين ڪري هو پسند اچڻ جهڙو جوان هو جنهن ڪري مون کي به وڻڻ لڳو. اهو هو غلام رباني اڳوڻو مشهور ڪهاڻيڪار ۽ حال سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري.
هڪ ڀيري هن منهنجي مان ۾ ماني ڪئي. چڱو چوکو اهتمام ڪيائين. ٻيا به اديب دوست ڪٺا ڪيا هئائين. ڍوُ ڪري ماني کاڌي سي ۽ دل کولي بحث ڪيوسي. انهن مڙني خوبين مونکي هن نوجوان ڏانهن مائل ڪيو هو. مون منجهس خلوص جو جذبو ڏٺو هو هو به ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ عالباً بي اي جو شاگرد هو. هو افسانا لکندو هو. مون سندس ڪيترائي افسانا ٻڌا جي فني ۽ فڪري اعتبار کان معياري نظر آيا. اهڙي قسم جي لڳاتار ملاقاتين ۽ ادبي ڪچهرين اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو. ادبي مجلس کان سواءِ اسان ٻنهي جون نجي ڪچهريون ٿينديون هيون هو مون وٽ ايندو هو ۽ مان هن وٽ ويندو هوس ڪڏهن گانڌي گارڊن ۾ ڪڏهن فريئر هال تي گهمندا هئاسي. هو سو سيڪڙو ڪهاڻيڪار هو منجهس طنز، ظرافت ۽ مزاح جون گونا گون ڪيفيتون موجود هيون. مون اندازو لڳايو ته اڳتي هلي هو سنڌي افساني جو سرواڻ بڻبو. پر ڏٺو ويو ته سندس شوق جو اهو وقتي جذبو هو سو ٿوري وقت ۾ ڍرو ٿي ويو اها جوت اجهامي ويئي. هن جي گفتگو بيحد دلچسپ هوندي هئي. سندس افساني جو موضوع گهڻو ڪري عوامي هوندو هو هن جا طبعزاد افسانا مقامي ماحول جي عڪاسي ڪرڻ لڳا ان ڪري مان سندس ادبي ڪوشش جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهندو هوس جنهن ۾ شخصي تعلقات جو به ڪنهن حد تائين دخل هو. جڏهن هن جي مالي حالت سڌري ته هن افسانو لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ ٻين فروعي معاملن ۾ وچڙجي ويو شايد انڪري اسان جي دوستيءَ ۾ هڪ وڏو گهاءُ پئجي ويو دوستي وڃي رسمي ملاقات جي حد تي پهتي.
هن نئين زندگي جي اداري ۾ ملازمت اختيار ڪئي هئي ڪراچي وڃڻ کانپوءِ ساڻس ملاقات ڪرڻ منهنجو دوستاڻو فرض ٿي چڪو هو. هو به سکر اچي نڪرندو هو جتي پڻ روح جي ورونهن ٿيندي هئي ڏينهن اڌ سکر رهندو هو. سندس افسانن جي مجموعي ”آب حيات“ جي ترتيب پڻ سکر ۾ ٿي هئي. تنوير عباسي به اتي هو جنهن جي مشوري مطابق ان مجموعي جي ترتيب منهنجي اوطاق ۾ مڪمل ٿي هئي. سندس مجموعو سندس هٿ اکر انگريزي صحيح ۽ تاريخ ۽ ”ڪائينڊ رگارڊس“ واري نوٽ سان پهتو. خوشيءَ جي انتها نه رهي مونکي ڄڻ جنتي ميوو مليو هو.
رباني طالب علميءَ جي زماني ۾ گهڻو لکيو ۽ عمدو لکيو. ڀايان ٿو سندس ادبي صلاحيتون سندس ملازمت جي ڪري زنگجڻ لڳيون. سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت هن کي گل ڦل جو رسالو ڏنو هو ٻارن سان وندر ڪرڻ ۽ مهراڻ رسالي جي اشاعت ۾ ابراهيم جويي جو ٻانهن ٻيلي بڻجي پيو. اهو پڻ چڱو ڪم هو، پر سندس ڀرپور ادبي شعور تي رنگ لڳڻ شروع ٿيو. شايد سندس ذوق پوڙهو ٿي ويو. ۽ رباني هوريان هوريان ادبي دنيا مان اوجهل ٿي ويو. مهراڻ رسالو سنڌين جو ادبي دستاويز آهي جنهن کي سينگارڻ ۽ سموهڻ ۾ جويي جون خدمتون قابل تعريف آهن. رباني مشغلن ۾ مصروف ٿي ويو. هو ڪچهري جو مور آهي، پر سندس سچي پچي منزل کان هٽي وڃڻ، سنڌي ادب جي بدقسمتي آهي آئنده جو درخشان ستارو پڇڙ تارو ٿي پيو.
منهنجي سنگتين جي هڪ وڏي فهرست ۾ رباني اهو پهريون ساٿي هو جنهن وڏي چاه ۽ شوق مان مون سان گڏجي هر وقت سبز چانهه ٿي پيتي ۽ هن سچ پچ ان جي خوشبوءِ ۽ ذائقي مان حقيقي لطف حاصل ڪيو مان منڍ کان وٺي سائي چانهه جو عادي آهيان. جڏهن مان ڪراچي ۾ وٽس ويندو هوس ته هو پهريان ئي اها خوشخري ٻڌائيندو هو ته ان وقت ڪٿي ۽ ڪهڙي هوٽل تي دلپسند سبز چانهه پي سگهبي اها هڪ وڏي ڳالهه هئي جو هو منهنجيءَ پسنديده چيز لاءِ جاکوڙ ڪندو رهي. سندس اهو انداز ڪيترو نه پيارو هو. ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪنهن به دوست سبز چانهه جي معاملي ۾ مون ۾ اهڙي دلچسپي ڪڏهن ڪانه ورتي آهي. سبز چانهه پيئڻ جي عادت ته ربانيءَ ۾ به ڪانه هئي، پر آءٌ سندس ذوق جي تعريف ڪرڻ کان به رهي نٿو سگهان جو هن کي سچ پچ سبز چانهه جي ڪوالٽيءَ کي پرکڻ جي تميز هئي. هن مونکي صدر جي چيني ريسٽوران ۾ بهترين سبز چانهه پياري هڪ ڀيري مسجد خضرا جي ڀر واري ريسٽوران ۾ سبز چانهه پياريائين جا پڻ سچ پچ ڏاڍي ذائقيدار هئي.
1960ع کانپوءِ هو شيخ اياز جي ويجهو آيو. هو سکر ايندو هو ته گهڻو وقت اياز سان گذاريندو هو هو مونکي فقط فون تي اطلاع ڏيندو هو ۽ باوجود وعدي جي هو ڪنهن وقت به مون وٽ نه آيو ان جي برعڪس جيڪڏهن مان حيدرآباد ويندو هوس ته ساڻس ضرور ملندو هوس ۽ هو منهنجي چڱي چوکي خاطر داري ڪندو هو. وقتي مانيءَ جي دعوت به ڪندو هو. 1963ع کان پوءِ هن مون سان سکر ۾ فون تي به ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو انهيءَ لڏي مون سان بائڪاٽ ڪئي هئي مون به وري ڪڏهن هن جي صورت ڪانه ڏٺي. مان سال ۾ ٻه چار ڀيرا حيدرآباد ويندو هوس ۽ هو به سال ۾ پنج ست دفعا سکر ايندو رهيو، پر اسان هڪ ٻئي کي بنهه وساري ڇڏيوسي. هو ڄڻ ڪنهن تکي وهڪري ۾ وهي ويو ۽ مون کيس دل تان لاهي ڇڏيو. ڪن گهڙين جي قربت ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ هر کندي اٿم اڄ به ان هرک جي اثر هيٺ هي تاثر لکي رهيو آهيان.
غالبا ً 1969ع ۾ ريڊيو پاڪستان جي پروگرام جي سلسلي ۾ حيدرآباد ويل هوس. دستور موجب منهنجي بيٺڪ الياس عشقي جي آفيس ۾ رهندي هئي مان اتي ويٺو هوس ٻيا به ٻه چار دوست ويٺل هئا اتي هڪ ڊولائتي شڪل صورت وارو جوان اچي پهتو جنهن کي اکين تي ڪارو چشمو چڙهيل هو. ڪپڙين لٽين وڏو آفيسر ٿي ڏٺو. منهن ڀريل ۽ گول هيس. رنگ اڇو ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل. هو وڏي مخرج سان الياس صاحب جي کاٻي پاسي آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيو. سڀني اٿي بيهي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو تنهنڪري منهنجو اندازو وڌيڪ پختو ٿيو ته ضرور ڪوئي جنگ عملدار آهي. مان الياس صاحب جي سڄي پاسي کان ننڍي ڪرسيءَ تي ويٺو رهيس. هن ڳالهائڻ شروع ڪيو مون ان لهجي ۽ آواز تي ڪن کڙا ڪيا وري هو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ٽهڪ جو آواز به ڪجهه واقف ٿي لڳو جيئن ته عشقي صاحب وچ ۾ هو تنهنڪري سندس پوري شبيهه جو اندازو لڳائي نه سگهيس پر ذهن تي زور ڏيڻ ضرور لڳس. ايتري ۾عشقي صاحب کي شايد ياد اچي ويو هن کي ڪجهه بئڪ گرائونڊ جي خبر هئي ٻيو ته منهنجي عشقي سان ڏيٺ ويٺ تنوير عباسي ۽ ربانيءَ جي معرفت ٿي هئي. عشقيءَ فورن ان نووارد کي چيو راز صاحب سان نه ملين ڇا. هن جي شفقت جي نظر ڪارن شيشن ما نڪري مون تي پيئي. مرڪندڙ چهري سان ڪرسيءَ تان ٿورو چريو ۽ هٿ ڊگهو ڪيائين. مان ڪرسيءَ تان اٿي هٿ وڌايو تڏهن وڃي منهنجي هٿ هن جي هٿ سا ميل کاڌو. عشقي صاحب چيو رباني صاحب بورڊ جو سيڪريٽري اٿيئي. اڄ زبان جي متعلق ڪنهن ميٽنگ ۾ هوائي جهاز رستي پنڊيءَ وڃي رهيو آهي. مون مرڪي چيو ”ماشاءَ الله“ ان کانپوءِ ٻوليءَ جي متعلق ٻه چار علمي نڪتا ٻڌائي رباني صاحب تڙ تڪڙ ۾ موڪلائڻ لڳو مون به اٿي کانئس موڪلائي ڪري کيس رخصت ڪيو واقعي سندس پرنسلٽي اڀري آئي هئي. ڪنهن وقت جو هڏين جو پڃرو ڀرپور شخصيت جو مالڪ نظر آيو. (نومبر 1971ع)

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)

عبدالحليم جوش

هن جي حسن اخلاق ۽ جذبئه احترام جي ڪيتري تعريف ڪجي. هن سان منهنجي گهاٽي ويجهڙائي به ڪانه آهي، تنهن هوندي به هن جي لاءِ منهنجي دل ۾ هڪ مٺڙو احساس آهي. هو مون کان عمر ۾ به گهڻو ننڍو آهي. مان هن جي باغ بهار طبيعت کان بيحد متاثر آهيان ڇاڪاڻ جو ڪنهن به وقت منجهس ڪنهن قسم جو تصنع ۽ بناوٽ جو عنصر نه ڏٺو اٿم. هو بالڪل صاف گو نظر ايندو آهي، پر ڪنهن جي دل به نه ڏکائيندو آهي. هر ڪنهن سان سندس سلوڪ نهايت قربائتو هوندو آهي. جهڙي سندس صورت اڇي اجري آهي تهڙي سندس دل صفا آهي. منهنجي لاءِ هو سو سيڪڙو مسلمان آهي. جيتوڻيڪ هو مصروف ماڻهو آهي سندس ملازمت ئي اهڙي قسم جي آهي تنهن هوندي به هو ڪجهه وقت ڪڍي ڪچهري لاءِ تيار هوندو آهي.
ڪاش! کيس ڪجهه فرصت هجي ته ساڻس دلپسند رهاڻيون ٿي سگهن. هن جي زندگي مشين وانگر آهي جنهن ۾ نه صبح ٿيندي آهي نه رات. بهرحال اسان جون چند اهڙيون ملاقاتيون ٿينديون آهن جو طويل رهاڻيون بڻجي پونديون آهن، پر اهڙا موقعا قسمت سان ملندا آهن. مان هر سال مهينو ڏيڍ ڪراچيءَ م گذاريندو آهيان جيڪڏهن چاليهن ڏينهن ۾ چار ملاقاتيون ٿين ته ان کي خوش نصيبي سڏي نٿو سگهجي.
1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ڪچهري اياز قادري جي جاءِ تي منعقد ٿي. ڪراچي جا سڀ اديب ۽ شاعر دوست اتي ڪٺا ٿيا هئا. واري وٽيءَ سان سڀني پنهنجون ادبي تخليقون پيش ڪيون. هڪ نوجوان غزل پڙهيو جنهن ۾ زندگي سان گڏ شگفتي جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي. مان غزل جي ختم ٿيڻ کان پوءِ غزل گو کي ڏسڻ لڳس. سنهڙو نوجوان جنهن جو منهن گول ۽ ويڪرو هو. رنگ ڪڻڪائو، سنهڙا گلابي چپ، غلافي اکيون، نرڙ ڪشادو، وار وڏا ۽ گهنڊيدار، پاسي تي سينڌ، نڪ ۽ نقشو مناسب، کاڏيءَ ۾ اڻ لکو چگهه مطلب ته سندس مهانڊو وڻندڙ هو ۽ ان وڻندڙ چهري کان وڌيڪ سندس غزل دلڪش هو. مون کيس وڏي توجه سان ڏسڻ شروع ڪيو، ان موقعي کان اڳ مون ڪڏهن به سندس نالو نه ٻڌ هو. هو مون سان مليو. ڏاڍي ادب ۽ احترام سان. جيئن پراڻي زماني ۾ ننڍا وڏن سان ملندا هئا. هو البته شرميلو ۽ حيادار ٿي نظر آيو. نه چرب زباني ۽ نه زبان درازي. اهو هو شيخ عبدالحليم جوش، جنهن سان پهرين ملاقات ان نموني ٿي. ان کانپوءِ به ڪچهرين ۾ ملندو رهيو. هن جو شرميلو سڀاءُ ڏاڍو پسند آيم. ان کان پوءِ چئن سالن تائين هن جي شڪل ڏسڻ جو اتفاق نه ٿيو. ڪنهن زماني ۾ خيرپور ۾ ادبي ڪانفرنس سڏائي ويئي هئي. مان شيخ اياز سان گڏجي اتي پهتس، اياز ڪنهن به تقريب ۾ هلڻ وقت گيرائپ ڪندو آهي ۽ وقت سر نه پهچي سگهندو آهي. ڪيترائي سنڌي عالم ۽ اديب اتي موجود هئا ڪانفرنس ختم ٿي ويئي هئي. تنهن هوندي به منتظمين اسان جي خاطر خواه آجيان ڪئي. اسان کي رڳو منجهند جي ماني کائڻ جو وجهه هٿ لڳو. مانيءَ تي ڪيترن عالمن ۽ اديبن سان مختصر رهاڻ ٿي. اياز صاحب کي سکر موٽڻ جي تڪڙ هئي تنهن ڪري هو رات جي مشاعري ۾ شرڪت ڪرڻ جو وعدو ڪري اٿي کڙو ٿيو. هن کي مشاعري جي صدارت ڪرڻي هئي تنهنڪري مون سمجهيو ته سندس اهو وعدو پڪو ٿيو ۽ هو ضرور وقت سر پهچندو. موٽر ۾ چڙهي روڊ تان لنگهياسي ته حليم جوش کي مون ڪجهه اديب نما دوستن سا گڏ ڏٺو دل سٽ ڏني. اياز کي ٻڌايم، پر هن جي نان اسٽاپ موٽر کي ڪنهن جي مجال جو روڪي سگهي. مون کي جوش سان ملڻ جو ڪيتري وقت کان اشتياق هو. هن به اسان کي موٽر ۾ ڏٺو هو. پاڻ تي افسوس ڪيم ۽ اياز تي ڪاوڙ. هونءَ به اياز کي منهنجي پسند ڪانه وڻندي آهي پر سندس پسند کي هرڀرو پسند ڪرڻو پوندو اٿم.
رات جو سکر مان ماني کائي نڪتاسي. مون هلڻ کان نابري واري ٿي، پر اياز جي ڪاوڙ ۽ دڙڪي کان هيسجي هلڻ لاءِ راضي ٿيس. هن جو دڙڪو عموماً ٰ خدا جو قسم! مان به نه ويندس“ هوندو آهي. مان گهڻو ڪري سندس دلشڪني برداشت نه ڪري سگهندو آهيان. جيئن ته مان مشاعرن ۾ شعر نه پڙهندو آهيان تنهنڪري خيرپور پهچڻ تي اياز مونکي موٽر ۾ ڇڏي پاڻ پنڊال ڏانهن روانو ٿيو، ماڻهن جا حشام هئا. اردوءَ جا به ڪيترا مشهور معروف شاعر اسٽيج تي ويٺل هئا. مان پاسو ڏيئي هڪ اتاهين جاءِ تي وڃي بيهي رهيس جتان اسٽيج جي سموري ڪارروائي ڏسي رهيو هوس. اياز صاحب گول وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو مزي سان سگريٽ پي رهيو هو ڀر ۾ ڪيترائي اردو ۽ سنڌي شاعر ويٺل هيس. مشاعرو شروع ٿيو. عبدالحليم جوش جو وارو آيو. هن پنهنجو غزل پڙهيو ڏاڍو وڻيو پر ماڻهن جي هجوم ۾ کيس هٿ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ماڻهن جي گوڙ ۾ منهنجي من کي مونجهه لڳندي آهي تنهنڪري مان ماڻهن جي ميڙ کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. بشير مورياڻي به ترنم سان پنهنجو غزل پڙهيو. پنڊال ۾ واه واه ٿي ويئي.
ڪيترن سالن کانپوءِ عبدالحليم جوش سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿي. سکر ۾ جشن مهراڻ جي سلسلي ۾ اها ڪوشش ڪيم ته جوش مشاعري ۾ شرڪت ڪري پر هو ڪنهن به موقعي تي سکر نه آيو. شايد سندس سرڪاري مصروفيت کيس اهڙي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. هڪ ڀيري مون ميمڻ عبدالمجيد کي ڪراچيءَ روانو ڪيو ته هو ڪراچي ۾ جوش جي معرفت شاعرن کي سکر جي مشاعري ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏئي. واعدو ته جوش به ڪيو هو، پر هو نه آيو. ڪيترن سالن کان پوءِ ساڻس اياز قادري جي معرفت منهنجي ملاقات ٿي. نهايت خوشگوار ماحول ۾ اها گڏجاڻي ٿي، اتفاق سان هو به ان ڏينهن واندو هو. اهڙي نموني ان سال ٻه چار گڏجاڻيون ٿيون. ان کانپوءِ هر سال ملاقات جو ٽائيم فون ذريعي مقرر ڪري وٽس ويندو هوس. هڪ ٻه ڀيرو اياز قادري سان به ٽگهٽ ٿي ويندو هو. ٽنهي جي گڏجاڻي هڪ ننڍڙي ادبي محفل بڻجي پوندي هئي ۽ وقت اسان جي مجلس تي هرگز اثر انداز نه ٿيندو هو. اياز قادري به ڪيترن کان سڪ ۾ سرس آهي. هو پاڻ وٽ به اهڙي ادبي مجلس مقرر ڪندو هو جنهن ۾ رڳو اسان ٽيئي هوندا هئاسي. پنج ڇهه ڪلاڪ کائڻ پيئڻ، بحث مباحثي ۽ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ لنگهي ويندا هئا. اياز قادري ۽ حليم جوش جي پرورش شاعرانه ماحول ۾ ٿي آهي ۽ منهنجو نيپاج پڻ اديبانه ۽ عالمانه فضا ۾ ٿيو آهي تنهنڪري اسان جي محفل ۾ ڪنهن به غير اديبانه گفتگو جو عمل دخل نه هوندو آهي.
جوش بي شعوريءَ جي عمر کان وٺي شعر چوڻ شروع ڪيو آهي. هو شاعر ابن شاعر آهي. هن جي والد جي ادبي ڪچهرين ننڍپڻ کان وٺي سندس ذهني صلاحيتن کي تيز ڪيو. هن جو نالو حليم آهي هو سچ پچ طبعاً حليم آهي. نالي جي اصليت کي لڪائڻ لاءِ شايد هن جوش جي تخلص جو پوش ڍڪيو آهي. مون سندس سوين اشعار ٻڌا آهن جن ۾ هو مون کي حليم نظر آيو آهي ۽ جوش کي ڳولڻ جي باوجود منجهس جوش لهي نه سگهيو آهيان.
ڪراچيءَ ويندو آهيان ته چئن دوستن سان ملڻ جي تمنا هوندي اٿم. اياز قادري، عبدالحليم جوش، بشير مورياڻي ۽ آغا سليم. جيڪڏهن انهن چئن سان مليس ته سمجهندو آهيان ڪراچيءَ جو سفر سڦلو ٿيو. هن سال فقط عبدالحليم جوش ۽ اياز قادري مليا. ٻه ٽي گڏجاڻيون نهايت ڀرپور ٿيون. ان کانپوءِ مان ڪراچيءَ ۾ بيمار ٿي پيس. فالج ۾ مبتلا آهيان هلڻ چلڻ کان مجبور، تنهنڪري جوش فون تي خبر چار پڇي وٺندو هو. ٻن هفتن کان پوءِ ڪجهه گهمڻ ڦرڻ جي لائق بڻيو آهيان. هن کي اطلاع ڪيم هو ڪالهه مون وٽ آيو هو. مون بيماري ۾ ڏهه ٻارهن غزل لکيا هئا کيس ٻڌايم ڏاڍو خوش ٿيو. هڪ پنهنجو غزل به ٻڌايائين گويا روحاني غذا حاصل ڪئي سي. بيماري کان چار ڏينهن اڳ اياز قادري جي جاءِ تي منجهند جي ماني تي ڀرپور ۽ طويل ڪچهري ٿي هئي جا پڻ يادگار رهندي. بيماري جي حالت ۾ هي لکي رهيو آهيان.
هن جي مزاج جي نفاست سندس غزل جي نزاڪت مان ظاهر ٿيندي آهي. هو اسسٽنٽ ڊارئريڪٽر انفرميشن آهي. هو ڏسڻ ۾ شاعر هرگز نه لڳندو آهي، منجهس عام شاعرن جهڙي ڪا به علامت موجود نه هوندي آهي. نه چال ۾ فرق نه لباس ۾ شڪل صورت ۾ به ڪا ارڏائي ڪانه. هينئر ته هو سگريٽ به نه پيئندو آهي. حليمي جي اعتبار کان هو هڪ شريف ۽ باوقار ماڻهو نظر ايندو آهي. ٻاهرين خوبصورتي هن جي اندروني حسن جي غمازي ڪندي آهي. هو هڪ نقاد به آهي. ان هوندي به هو هر معاملي ۾ نهايت محتاط رهندو آهي. مون کيس ڪنهن جي به گلا ڪندي نه ٻڌو آهي جيڪڏهن بعض اوقات ڪنهن جي شڪايت جو داستان کلندو آهي ته هو اڪثر نٽائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ڪڏهن به ڌر نه بڻجي پوندو آهي. اهو سندس وڏو ظرف آهي تنهن ڪري سندس اهڙو سڀاءُ مونکي وڌيڪ پسند آهي هن جي محبوب شخصيت سندس باوقار سيرت ۽ جميل صورت جو امتزاج آهي. (آگسٽ 1971ع )

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)

رشيد احمد لاشاري

برصغير هندو پاڪ جي آزاديءَ کان پوءِ سنڌ ۾ شعر و سخن جون محفلون، ڪجهه سالن جي لاءِ خاموش ٿي ويون ۽ ادبي دنيا نئين ماحول ۽ نئين ڪشمڪش جي جائزي وٺڻ ۾ مصروف ٿي ويئي. قريباً هڪ سو سالن جي جدوجهد کان پوءِ ڄڻ آزادي نصيب ٿي هئي ۽ آزاد مملڪت جو شاعر، هڪ نئين فضا ۾ ساهه کڻڻ لڳو هو.
انهيءَ دور ۾ جن به نظم گو شاعرن جا نالا ادبي دنيا ۾ افق تي نمودار ٿيا، تن ۾ رشيد لاشاري جون ڪاوشون قابل تحسين آهن. اسان جي خيال موجب هن پنهنجي زندگي حصول علم و ادب جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
سنڌي شاعريءَ جي موجوده زماني تي جيڪڏهن نظر ڪجي ٿي ته انهيءَ شاعريءَ متعلق ڪيترائي مبهم ۽ منتشر خيال ذهن ۾ اچيو وڃن. شاعريءَ کي اسان جي ڪيترن دوستن ڪنهن شعبده بازيءَ جو حصو سمجهيو آهي. فن جو مطالعو ڪرڻ ته شايد ڪيترن جي دست رس کان ٻاهر هجي، پر فن تي نظر اڇلائڻ به هنن ڪو گناهه سمجهيو آهي. تنهنڪري شاعريءَ جي فن سان بسا اوقات هٿ چراند ڪئي ويئي آهي. ليڪن رشيد لاشاريءَ جيڪڏهن شاعريءَ کي پنهنجي جذبات جي اظهار جو ذريعو سمجهيو ته ان سان گڏ فن جي باريڪين کي ڪنهن به وقت نظر انداز نه ڪيو آهي. انهيءَ ڪري رشيد هڪ پخته مشق شاعر بڻجي پيو آهي.
گذر معاش جي تگ و دو ۾ رشيد ڪيترن ئي مشڪل مرحلن کي منهن ڏنو. معاش سان گڏ زندگي جي رسه ڪشيءَ ۾ هن مردانه وار مقابلو ڪيو. مفلوڪ حاليءَ سان گڏ بيماريءَ منجهس هڪ ياس انگيز ڪيفيت پيدا ڪئي، جنهن سندس دل جي اونهي داغ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.
عليل ۽ بي سهارا شاعر، توڪل جو ترهو ٻڌي، ظاهري مصائب سان زور آزمائي ڪندو رهيو. اهڙي قسم جا نقش ۽ جهلڪيون رشيد جي شاعريءَ ۾ جاءِ بجاءِ موجود آهن. جيئن دنيا جي سرد مهريءَ تي، دل مان هڪ آهه نڪري چيخ جي صورت اختيار ڪري.
رشيد، شاعريءَ جي هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ڪري سنڌي شاعريءَ کي سندس طفيل هڪ وڏو ذخيرو حاصل ٿيو آهي. جيتوڻيڪ بعض اوقات سندس بسيار گوئي دل تي هڪ وڏو بار بڻجيو پوي ٿي. پر سندس محنت و مشقت جي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هو ڪنهن وقت قنوطيت جي اوڙاهه ۾ ڦاسي پوي ٿو ۽ ڪنهن وقت روشن منزل جي طرف گامزن رهي ٿو.
شاعريءَ ۾ سندس قصيده خواني، پراڻي فارسي درٻاري شاعريءَ جو عڪس پيدا ڪري ٿي. سندس بيتن ۾ جامعيت آهي. جنهن سان ڪنهن ڀرپور احساس جي نشاندهي ٿي سگهي ٿي. سندس ڪافين ۾ رس ۽ رچاءُ آهي. غنائي شاعريءَ ۾ رشيد گهڻي قدر سنجيده واقع ٿيو آهي ۽ مٿس روايت جو گهڻو اثر ڏسجي ٿو، تنهن هوندي به هو ماضيءَ ۾ گم ٿي نٿو وڃي.
اردو ۽ فارسيءَ جي غزل گو شاعرن جا فرسوده تصورات ۽ بي روح خيالات سنڌي زبان جو ويس ڍڪي اسان جي سامهون اچن ٿا، جن ۾ حقيقت پسنديءَ جو فقدان آهي، تاهم رشيد پنهنجي سعي و ڪوشش سان غزليات جي وڏي حصي ۾ جديد نظريات کي پيش نظر رکيو آهي. جنهن ڪري سندس غزلن ۾ رنگيني ۽ روانيءَ سان گڏ بيساختگي پيدا ٿي آهي. سندس دل جي آواز ڪيترين دلين کي مسحور بڻايو آهي. منجهس دلڪشي جو ڀرپور تصور نظر اچي ٿو.
رشيد، نظم جي صنف ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. زندگي جي ”نشيب و فراز“ جون مختلف تصويرون سندس نظم ۾ روان دوان نظر اچن ٿيون ۽ هو پنهنجي نظم ۾ زنده ۽ باشعور شخصيت جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هن معاشري جو چڱيءَ طرح معائنو ڪيو آهي، ۽ معاشري جي هر ناسور جي علاج جو متلاشي آهي، ليڪن کيس ڪو علاج نظر نٿو اچي ۽ ناسور پنهنجي جاءِ تي قائم آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ رشيد ڪيترن جديد مسائل کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي، جن ۾ حب الوطني جو تصور ايترو ڪار فرما آهي جو سندس سموري شاعري ٿي ڇانئجي ويو آهي. ”وطن جو غازي“، ”سنڌ جا سورهيه“ ۽ ”نئون عهد“ اهڙا مثال آهن، جن کي ٻين ٻولين جي شاعريءَ جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.
هن کي پنهنجي وطن جي هر چيز درياهه، جبل، بيابان ۽ برسات وغيره سان والهانه محبت آهي. نظم جي مرڪزي خيال جي ارتقا لاءِ رشيد ۾ نظام جي تسلسل قائم رکڻ جو برجستو شعور آهي. انهيءَ ڪري هن جي شاعري فني ۽ فڪري لحاظ کان سڀني نظم گو شاعرن کان مختلف نظر اچي ٿي. ڪنهن نقطه نظر کي پيش ڪرڻ جو هن ۾ اعليٰ سليقو آهي. ”عيد آئي“ ۽ ”مفلس اديب“ معاشرتي نظام تي هڪ ڀرپور چوٽ آهي. جن ۾ سماج جي ڪمزورين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
جيتوڻيڪ رشيد ۾ رومانيت گهٽ نظر اچي ٿي، پر منجهس روماني شاعري ڪرڻ جو هڪ انداز موجود آهي. رشيد ڪيترائي غزل لکيا آهن، جن ۾ جمالياتي جهلڪيون جاءِ بجاءِ نظر اچن ٿيون. جيئن ته رشيد ۾ فني شعور بدرجه اتم آهي. تنهن ڪري هو هر فن موليٰ بڻجي پيو آهي. هن سنڌي جي هر صنف شاعري جديد خواه قديم تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ فن تي جيترو رشيد کي عبور حاصل آهي، ايترو شايد ڪنهن ٻئي کي نه هجي. ورنه هن قحط الرجال جي زماني ۾ گهڻو ڪري هر ڪنهن وٽ فني شعور جو فقدان آهي. رشيد رجعت پسندي ۽ ترقي پسنديءَ جو جهڳڙو ئي مٽائي ڇڏيو آهي. انهن ٻنهي رجحانن جي وچ مان مصنوعي ديوار ڪڍي ٻنهي کي اهڙي نموني ملائي ڇڏيو اهي، جو روحانيت جو نظريو ماديت جي قريب اچي ويو آهي. جنهن سان تهذيب ۽ اخلاق کي اهميت حاصل ٿئي ٿي. اقتصادي ۽ سياسي بي چيني جو حل نظر اچي ٿو. زندگيءَ کان فراريت جي بدران زندگي سان مقابلي ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿئي ٿو ۽ جمالياتي ذوق کي تسڪين ملي ٿي.
رشيد کي سماج جي ناسورن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي، ليڪن هو پروپئگنڊا جو قائل نه آهي، ۽ سماجي انتشار ڦهلائڻ جي خلاف آهي. هن جو خدا هڪ رسول صه هڪ ۽ قرآن هڪ ۽ جو ڪجهه انهن جي بدولت حاصل ڪيو آهي ان تي سختي سان عمل ڪيو اٿس ۽ هي مجموعه ڪلام ان جي شهادت لاءِ هڪ وڏي دستاويزي سند آهي.
رشيد پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي هڪ واضح تصوير پيش ڪئي آهي ۽ ماحول جي چٽساليءَ تي وڏي محنت ڪئي آهي. هن سنڌ جي شخصيتن کي سهڻي ۽ صحيح نموني پيش ڪري، سندن نظرين جي وضاحت ڪندي، ثابت ڪيو آهي ته هن هاري ناري، مزدور، مفلوج ۽ مفلس سان همدردي ڪري انسان دوستي جو ثبوت پيش ڪيو آهي.
رشيد، شديد بحراني ڪيفيت جي باوجود پنهنجي شخصيت جو ڀرپور نموني اظهار ڪيو آهي. هو ڪڏهن به شڪست قبول نٿو ڪري. سندس نظم دل ۾ اهڙو اثر پيدا ڪري ٿو، جو ديرپا آهي ۽ قاري شاعر سان هم رڪاب بڻجي، سندس هم سفر ٿيو پوي. منجهس ”خارجيت“ کان سواءِ ”داخليت“ جو عنصر به ڪافي حد تائين موجود رهي ٿو، جا سندس صداقت پسندي جو دليل آهي.
هو هر ڪنهن ننڍي ڳالهه کي، پنهنجي فنڪاري ۽ تجربي جي ذريعي بلند مقام تي پهچائي ٿو. هن ۾ قومي شعور موجود آهي. سندس دل تي اسلاف جي ڪارڪردگين جو هڪ واضح نقش چٽيل آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي صحيح رستي تان ڪڏهن به گمراهه نٿو ٿئي ۽ پنهنجي مطمع نظر کي پيش ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي حيل و حجت نٿو ڪري.
سندس شاعريءَ جي مجموعي مطالعي کان پوءِ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪڏهن ”غم دوران“، ”غم جانان“ جي مٿان غالب آهي ۽ ڪڏهن وري ”غم جانان“، ”غم دوران“ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.
رشيد جو هي مجموعو سنڌي ادب جو هڪ وڏو سرمايو ثابت ٿيندو ۽ اميد ته شاعر جي نيڪ ڪوششن جو هر سنڌي اعتراف ڪندو رهندو.

(رشيد احمد لاشاريءَ جي ڪتاب لڙڪ ۽ مرڪ تان ورتل)

عبدالمجيد سنڌي

ڪنهن زماني ۾ مان اسلاميه ڪاليج سکر ۾ اسلامي تاريخ پڙهائيندو هوس. سنڌي شعبو به منهنجي حوالي هو جنهن جو سمورو نصابي ڪم مونکي ئي ڪرڻو پوندو هو. ڪاليج اختياري وارن ڪجهه انتظامه جو ڪم ڪار به منهنجي حوالي ڪري هڪ ڪمرو منهنجي لاءِ مخصوص ڪيو هو. منهنجي نوڪري اهڙي قسم جي ٽسوڪڙي هئي. سنڌي شاگرد مون ۾ وڏي آس ۽ اميد رکي مون وٽ ايندا هئا. مان به سندن ڪم پنهنجي وس آهر ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هوس. ڪاليج جي وڏي اسٽاف ۾ مان اڪيلو سنڌي هوس. هڪ ڏينهن هڪ شاگرد پڇيو ”سائين!سنڌيءَ جو استاد ڇو نه ٿا رکو“ مون جواب ڏنو ”ملي ته ضرور رکنداسون اسان کي سخت ضرورت آهي“ هن چيو ”منهنجو دوست آهي ته سرويئر پر سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ايم اي ادب سان به خاصي دلچسپي اٿس“ ”کيس وٺي آءٌ ته سندس حال ڏسجي“ مون کيس جواب ڏنو.
ٽئين چوٿين ڏينهن هن درخواست آڻي ڏني. مون ان جو انٽرويو ليٽر ڪڍايو مقرر تاريخ تي اميدوار اچي حاضر ٿيو. کيس پرنسپال جي آفيس ۾ آندم. مان اميدوار سان حالي حوالي ٿيس. هو مونکي نهايت سادو، نهٺو ۽ مهذب نظر آيو. ايس ڊي او جو حق ڇڏي هو استاد ٿيڻ لاءِ تيار هو. سندس اها سوچ مونکي ڏاڍو وڻي. پرنسپال کي چيم ته بلڪل ٺيڪ آهي. ان وقت آرڊر ٽائيپ ٿي ويو ۽ ميمڻ عبدالمجيد سرويئر مان ڦري پنجن ڪلاڪن جي اندر اسلاميه ڪاليج جو ليڪچرار بڻجي پيو. جيڪو ماڻهو برپٽ ۾ اڪيلي سر مزدورن کان کاٽي ڪرائي رهيو هو سو چوويهن ڪلاڪن جي اندر ڪاليج جي شاندر عمارت ۾ بجلي پکن هيٺان اعليٰ تعيلم يافته دوستن جي سٿ ۾ شامل ٿي ويو. اڍائي سو شاگردن جو استاد بڻجي پيو. الله جي شان جي ڪهڙي تعريف ڪجي. هو منهنجو حد کان وڌيڪ احترام ڪندو آهي آءٌ کيس پنهنجو دوست ۽ ساٿي سمجهندو آهيان تنهنڪري ڪنهن ڪنهن وقت سندس بيجا تڪلف تي خار کائيندو آهيان.
ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ڏنگا ڦڏا ڪپڙا پهريل ڏسو ۽ اهي ڪپڙا به گهڻو ڪري رنگين هجن يعني نيري پينٽ ۽ ڳاڙهي بشرٽ ۽ هو ڊگهيون ٻرانگهون کڻي پيرن کي کاٻي ۽ ساڄي پاسي نهايت بي نيازي سان اڇلائيندو هجي ۽ ائين سمجهي ته هو رستي يا فٽ پاٿ کي پنهنجين وکن سان ماپي ٿو. سندن منهن مٿي هجي وکن جي کڄڻ ۽ ڪرڻ کان لاپرواهه ڄڻ دماغ ۾ حساب ٿو ڪري. سندس چهري تي ڏاڙهيءَ ۽ مڇن جا وار بلڪل سنها هجن ۽ سندس ڏاڙهي نه ڪوڙيل سمجهجي ۽ نه وري اڻ ڪوڙيل ته پڪ سمجهو ته اهو ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شاهه ڪريم جي ڪلام جو مرتب ۽ اسلاميه ڪاليج جي سنڌي شعبي جو سربراهه آهي. پڙهڻ جو ڏاڍو شوق اٿس ۽ سندس سڀاءَ ۾ ويسر ڀولي جو عنصر آهي هن جو ڪجهه ڪجهه انداز فلاسافرن جهڙو آهي. هڪ ڀيري لاڙڪاڻي واري گاڏي بدلائڻ بجاءِ حبيب ڪوٽ ۾ جيڪب آباد واري گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺو. ڪتاب پڙهڻ ۾ ايترو مصروف رهيو جو اڃ لڳڻ تي واجهايائين ته جيڪب آباد اسٽيشن تي گاڏي بيٺي هئي ۽ هو اهڙي ڀل چوڪ اڪثر ڪري وجهندو آهي. مان ٻن وهائڻ تي ٽيڪ ڏيئي ليٽڻ کانسواءِ نه لکي سگهندو آهيان، پر عبدالمجيد پڙهڻ لاءِ غسلخانه کي به مطالعه جو ڪمرو بڻائي سگهندو آهي ۽ لکڻ لاءِ هڪ ٽنگ تي بيهي لکي سگهندو آهي. ريل ۾ لکڻ پڙهڻ ته هن کي سڀ کان آسان لڳندو آهي. دٻي جي مسافرن جي گوڙ گهمسان کان هو بي نياز هوندو آهي ننڊ ڪرڻ جو به مڙس آهي ويٺي ۽ بيٺي ته مون هن کي ننڊ ڪندي ڏٺو آهي ڪوشش ڪري ته شايد هلندي به ننڊ اچي وڃيس. مون کي سندس ٻن عادتن کان تڪليف ٿيندي آهي. هڪ سندس ڊگهيون ٻرانگهون ۽ ٻيو سندس انوکي قسم جي ڏاڙهي، جا نه قديم آهي ۽ نه وري کيس جديد سڏي سگهجي ٿو. 1954ع جو زمانو هو شيخ اياز کي ڏاڙهي رکڻ جو خبط جاڳيو. روزانو چوي ”ڏاڙهي رکون“ بحث ٿيندو رهيو ته قديم رکون يا جديد. هن جو زور جديد تي هو يعني ڳٽن جا پاسا هلڪا ۽ کاڏيءَ تي جهڳٽو. مولانا ابوالڪلام جي ڏاڙهيءَ وانگر منهنجو ضد هو ته قديم وضع جي رکجي جا ڳلن ۽ ڳٽن تي هڪ جهڙي وڌيل هجي جيئن مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي يا ڊاڪٽر جانسن ۽ رابرٿ ناٿ ٽئگور وانگر. آخر اها تجويز گهڻن ڏينهن جي بحث کان پوءِ ٿڏجي ويئي. درحقيقت ڏاڙهيءَ جا به اهي ٻه قسم مشهور ۽ رائج آهن. پر عبدالمجيد جي ڏاڙهيءَ جو قسم ئي نرالو آهي. هڪ ڀيري مان ٽي چار ڏينهن بيمار هوس انهن ڏينهن ۾ ڏاڙهي ڪوڙڻ جي همت ڪانه ٿي هئي چوٿين ڏينهن آئيني ۾ شڪل ڏٺم. عبدالمجيد جي ڏاڙهيءَ جي هوبهو، پنهنجي ڳلن تي وار ڏٺم مونکان کل نڪري ويئي. گهر واري بورچيخاني مان ڀڄندي آئي ته مان شايد بيماري ۾ وڦلان پيو. کيس حقيقت کان واقف ڪيم. عبدالمجيد جون ڊگهيون وکون منهنجي مصيبت جو ڪارڻ بڻبيون آهن. هڪ ته مان کانئس قدم لاٺيرو ۽ ٻيو هوريان هوريان هلڻ جو عادي. سندس ڏوهه به ڪونه آهي. هڪ ته هو قد ۾ ڊگهو ٻيو هو زندگي جا ست اٺ سال نوڪري جي زماني ۾ تڪڙو ڊوڙندو رهيو هو هن جي ملازمت اهڙي قسم جي هئي.
منهنجي به ساڻس بي تڪلفي ڪانه هئي جو کيس سمجهائي سگهان ته استاد سمجهي سوچي هلندو آهي ڏسي وائسي قدم کڻندو آهي. تڪليف سهندو رهيس آخر هو منهنجي چال سمجهي ويو جڏهن هڪ ڀيري مونکي سهڪندو ڏٺائين. گهڻي احتياط جي باوجود هن جي پراڻي رفتار جاڳي پوندي آهي ۽ مونکي کيس ياد ڏيارڻو پوندو آهي ته ”اسين استاد آهيون“.
عبدالمجيد ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو ۽ هو پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب بڻيو. کيس جاکوڙ ۽ تحقيق جي عادت آهي. ردي ڪاغذن جي ڍير مان به ڪو خزانو ڳولهي هٿ ڪندو آهي. انهي نموني هن ڪيترا ڪتاب حاصل ڪيا آهن. ادبي دنيا ۾ هن جو پهريون قدم جاکوڙ جو هو. فارسي پڙهيل آهي يا نه پر فارسي ڪتابن مان به ڪي مقولا ۽ روايتون پنهنجن مضمونن ۾ آڻيندو آهي. جڏهن هو علم جي چڱي ذخيري کان واقف ٿيو تڏهن هن ٻيو قدم کنيو. اهو قدم سندس تحريرن تي مشتمل آهي هن مضمون ۽ مقالا لکڻ شروع ڪيا جي پهريائين اخبارن ۾ شايع ڪرايائين ان کانپوءِ هو رسالن لاءِ لکڻ لڳو. ٽيون قدم ڪتابن شايع ڪرائڻ لاءِ مخصوص رهيو. ننڍا وڏا ست اٺ ڪتاب لکي چڪو آهي.
شيخ اياز جي مون سان ڪجهه غلط فهمي پيدا ٿي هئي. انهيءَ غلط فهمي اسان ٻنهي ۾ ڪشيدگيءَ جي صورت اختيار ڪئي. انهي زماني ۾ مجيد صاحب اياز جي ڪلام تي تنقيد ڪري اها تنقيد مهراڻ اخبار ۾ شايع ڪرائي منهنجي فرشتن کي به خبر ڪانه هئي ڀايان ٿو اهو سال 1963ع جو دور هو. انهيءَ تنقيد باهه تي تيل جو ڪم ڪيو جيئن ته عبدالمجيد کي مون سان منسوب ڪيو ويندو آهي تنهنڪري اهو سمورو ڏوهه مون تي مڙهيو ويو ۽ اياز صاحب مون کي ڪنهن به صورت ۾ معاف ڪرڻ جي حق ۾ نه هو. عبدالمجيد جي تنقيد ڪري اياز جي مخالفن ۾ سندس مقبوليت وڌي ويئي. تنقيد ۾ دماغ استعمال ڪرڻو پوندو آهي ۽ پنهنجي اوسي پاسي کي نظر ۾ رکبو آهي.
تنقيد جو فن نهايت ڏکيو آهي ۽ اياز جهڙي وڏي شاعر تي تنقيد ڪرڻ هڪ مشڪل مسئلو بڻجي پوي ٿو. مجيد صاحب کي مون صلاح ڏني ته هو تحقيقي سوالن لکڻ تائين پاڻ کي محدود ڪري. تحقيقي ڪم ۾ گهڻي عرق ريزي ڪرڻي پوي ٿي ۽ صحيح معنيٰ ۾ محقق بڻجڻ هڪ وڏو اعزاز آهي ۽ مون جهڙن آرام پسند ماڻهن لاءِ اهو ڏاڍو ڏکيو پورهيو آهي.
عبدالمجيد اسلاميه ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي ۾ نئين سر ساهه ڦوڪيو ڪاليج ۾ اها هڪ ئي سوسائٽي هئي جنهن ۾ زندگي موجود هئي اسان کي گويا ڪاليج جي طرفان کليل ليسن مليل هو. جڏهن چاهيون جتي چاهيون ادبي ميڙ ڪوٺايون. هر طبقي جي ماڻهوءَ کي ڪوٺ ملندي هئي مهمان ايندا هئا جن جي خاطر خواه تواضع ڪئي ويندي هئي. غير سنڌين ۾ به سنڌي زبان لاءِ ڪن رس پيدا ٿي پيو. هو سنڌي ٻوليءَ جو جانباز سپاهي آهي.
سنڌي شعبي جو دفتر گويا سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جو مرڪز هو. جڏهن چار يار ڪٺا ٿيا ادبي ڪچهري شروع ٿي ويئي. نواز علي بلوچ نوجوانن کي گڏ ڪندو هو ۽ منجهن سنڌي ادب لاءِ شوق پيدا ڪرڻ جي مهم هلائيندو هو. سنڌي ۾ ايم اي جي ڪلاسن کلڻ کانپوءِ سال ٻن جي عرصي ۾ ايم اي ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ان جو نتيجو اهو ٿيو جو شاگردياڻين ۾ نئين ادب سان دلچسپي جاڳي ۽ ٿوري وقت ۾ منجهن چڱو شعور پيدا ٿي پيو ۽ هو نئين ادب ۽ ادب جي قدرن تي ڳالهائڻ جي لائق بڻجي پيون. نواز عليءَ کي ڪنهن جو افسانو ته ڪنهن جو شعر ۽ عبدالمجيد کي ڪنهن جو مونو ۽ سنڌي ٻوليءَ متعلق ڪو تحقيقي مقالو ڏسڻو پيو. سنڌي زبان جي ترقي لاءِ انهن صورتن کان وڌيڪ ڪو فعال رستو ڪونه هو. نعرن مان ته ڪجهه نه ورڻو آهي. مان سدائين سندن حوصله افزائي ڪندو هوس.
عبدالمجيد حضور شرم ۽ هر دلعزيز آهي. پنهنجي يا پرائي سوالي سان هن جو هڪ جڙرو ورتاءُ رهندو آهي. هر مشڪل کي آسان ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشي بهندو آهي. هن شايد زندگيءَ ۾ ڪنهن کي به مايوس نه ڪيو هجي. هو منجهيل کي رستي تي لڳائيندو آهي پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي ٻئي جي ڪم سان لڳي ويندو آهي. اهو سندس وڏو ظرف آهي ۽ سندس خلوص جو جنون آهي. هو اهڙن معاملن ۾ بلڪل بي اصول لڳندو آهي جيڪو آيو سو اگهيو. سندس آسري تي اڳيون سڪي ويندو ۽ پويون کيس رات ئي را ت وٺي وڃي حيدرآباد پهچندو. قرض ڏيڻ جي عادت به اٿس اڪثر سندس مقروض قرض جي رقم وساري ڇڏيندا آهن ۽ هو کين ڏسي ٿڌو ساهه ڀري سڀني کي مهٽيندو آهي ۽ مان سمجهي ويندو آهيان.
هو نهايت جذباتي آهي، پر نيڪ ماڻهو آهي. ڪنهن زماني ۾ منهنجي هر ڳالهه تي سن کائي ويندو هو پر هينئر هو جذبات کي لڪائي نه سگهندو آهي ڇاڪاڻ جو هو هينئر هڪ مڃيل اديب آهي ۽ مان پنهنجي ڳالهه تي پڇتائيندو آهيان. ڪنهن سان به حسد نه رکندو آهي. دشمن کي به معاف ڪري ڇڏيندو آهي. هر موضوع تي لکڻ لاءِ تيار رهندو آهي. آءٌ اڪثر احساس ڪمتري ۾ مبتلا هوندو آهيان، پر هو احساس برتريءَ جي دٻاءَ هيٺ هر موضوع تي لکڻ جو پاڻ کي لائق سمجهندو آهي. گهڻو ڪري هر ڳالهه تي مشورو ڪندو آهي منهنجي صلاح نهايت انڪساري سا ٻڌندو آهي پر ڪندو ان جي ابتڙ آهي سندس اها ادا به مونکي پسند ايندي آهي.
هو سنڌي ٻوليءَ تي بهترين مقالو لکي سگهي ٿو پر هو شعر لکي نٿو سگهي هڪ ڀيري سنڌي سوسائٽي جي جلسي ۾ کانئس شعر پڙهڻ جي فرمائش ڪئي ويئي. هن ان تقريب ۽ گيت پڙهيو تعجب ته ٿيو، پر سڀني سان گڏجي مون به داد ڏنو. تقريب کانپوءِ جڏهن سنڌي شعبي جي آفيس ۾ آياسي سندس شاعريءَ تي مون ڏاڍا ٽهڪ ڏنا نواز علي ۽ هو پاڻ به مون سان انهن ٽهڪن ۾ شامل ٿي ويا. پاڻ کي به کيس تعجب هو ته هو ڏينهڪ ڪيئن شاعر بڻجي پيو. هن جي طبيعت سو في سيڪڙو غير شاعرانه آهي وڏا اديب گهڻو ڪري غير شاعر هوندا آهن هن جي بي داغ زندگي ۽ سندس دوستانه خلوص تي مونکي فخر آهي. (نومبر 1970ع )

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)

سنڌ جو بيباڪ صحافي سردار علي شاهه

جڏهن سيد سردار علي شاهه جي موت جو ٻڌم ته سڪتي ۾ اچي ويس. هو هڪ اديب بي دل هو. ادب جي گلزار ۾ گل ڇڻندا ٿا رهن، اڳيان هلندا ٿا رهن ۽ پويان جايون والاريندا ٿا رهن. اهو دنيا جو پراڻو قصو آهي ۽ تاقيامت اهو سلسلو هلندو رهندو. ڪائنات جو هڪ مقدر آهي، ائين ٿيندو. مشيت الاهي آهي، انسان کي صبر ۽ شڪر ڪرڻو آهي، مون به صبر اختيار ڪيو. انسان ان باري تعاليٰ جي آڏو مجبور آهي، سوال ڪرڻ جي ڪنهن ۾ همت ڪانه آهي ڪيئن؟ ڪهڙو؟ ننڍو يا وڏو؟ غني صاحب ته سن رسيده بزرگ هو جنهن پنهنجو وارو وڄايو هو، پر سردار علي شاهه ننڍي عمر جو ماڻهو هو ڀلا 53 سال به ڪا عمر چئجي. ڪالهه مئٽرڪ پاس ڪيائين، ڪالهه صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. 1947ع جو سال سردار علي شاهه جي لاءِ صحافت جي شروعات لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي، مان انهن ڏينهن ۾ الوحيد جو مينيجر هوندو هوس. 47-48 اپريل تائين سردار علي شاهه جو الوحيد سان ڪو رابطو ڪونه رهيو ورنه ان وقت جي سڀني سب ايڊيٽرن کي مان سڃاڻيندوآهيان جن سان منهنجا شخصي تعلقات هئا. مشتاق احمد، عبدالرحمان، محمد هاشم ميمڻ، عبدالرحيم شيخ ۽ علي احمد بروهي منهنجي وقت ۾ اهي سڀ سب ايڊيٽر هوندا هئا. سردار علي شاهه جهڙي اهم ۽ دلپذير شخصيت کي وساري ڇڏڻ بلڪل ناممڪن هو ۽ ساڻس تعلقات جيڪر ان وقت کان استوار ٿي وڃن ها، پر سائين سردار علي شاهه، انهي وقت الوحيد جي عملي سان وابسته ڪين هو، تن ڏينهن مان مان ايم اي جو امتحان ڇڏي اچي ملازمت اختيار ڪئي هئي.
سيد سردار علي شاهه سان ملاقات به عجيب نموني ۾ ٿي. اسلاميه ڪاليج سکر جي ميدان ۾ هڪ جلسو ٿيڻ وارو هو، جنهن جي صدارت سيد درٻار علي شاهه اڳوڻي ڪمشنر خيرپور ڊويزن کي ڪرڻي هئي، مان پهرين قطار ۾ صوفي تي ويٺو هوس، ايتري ۾ هڪ با همشمت شخص جنهن کي وڏيون مڇون ۽ وڏيون اکيون، پيشاني ويڪري هيس، شلوار ۽ چولي ۾ ملبوس هو، ڄڻ ڪو زميندار ٿي لڳو، ڪنهن ليڪچرار سان گڏجي منهنجي طرف آيو. شاهه صاحب مڇن تي هٿ گهمائيندي، مون کي هٿ ڏيئي صوفي تي ويهي رهيو. شايد ليڪچرار انهي غلط فهمي ۾ هو ته اسان ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جا واقف آهيون، پر اهڙي ڳالهه ڪانه هئي ۽ شاهه صاحب سڄو وقت مڇن تي هٿ گهمائيندو رهيو ۽ مان به ٽيڏي اک سان ڏسندو رهيس، پنڊال سڄو ڀريل هو، شاهه صاحب به چپ چاپ ويٺو رهيو. ڪمشنر صاحب به اچي ويو ۽ صدارت جي ڪرسي تي ڪمشنر صاحب کي وهاريو ويو، پوءِ پرنسپال صاحب خطبهءِ استقباليه پڙهيو. خطبي جي ختم ٿيڻ تي هن شاهه صاحب جو نالو کنيو، مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهيس، منهنجي ڀر مان اٿي شاه صاحب ڊائس ڏانهن ويو ۽ مون کي اطمينان حاصل ٿيو. شاهه صاحب حضور نبي ڪريم جي زندگيءَ جا ڪيترا جامع ۽ دلپذير واقعا ٻڌايا ۽ پوءِ پنڊال ۾ پرنسپل صاحب شاهه صاحب سان تعارف ڪرايو. شاهه صاحب سان اهڙي نموني ملاقات جو اعزاز نصيب ٿيو. هو بيباڪ صحافي هو، تن ڏينهن ۾ هو اخبار مهراڻ شايع ڪندو هو ۽ هر دور ۾ هر جابر قوت جو مقابلو ڪندو رهيو ۽ پوءِ مرحوم ۽ منهنجا ناتا وسيع ٿيندا ويا. هو سچ پچ هڪ عظيم انسان ۽ بهترين دوست ۽ برجستو اديب هو. هو هڪ سهڻو ۽ خوشنوا شاعر هوندو هو. سندس پڙهڻ جو انداز به نرالو هوندو هو. هر ڪنهن ميدان ۾ هو ڪلمهءِ حق پڙهندو رهيو ۽ هر جابر طاقت سان لڙندو رهيو، پوءِ کڻي ڪيتريون به صعوتون ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون، هو قلم جو باوقار پاسبان هو، صحافت جو بي پرواهه ۽ عظيم سپاهي هو. هو ادب جو مرد مجاهد هو، جنهن ڪڏهن به ڪنهن جبر ۽ ظلم جي اڳيان پنهنجو گردن نه جهڪايو، حق جي پرستش ڪندو رهيو جنهن کان هميشه ڊڄندو رهيو. مولانا گرامي ڪنهن وقت مقالو مشرقي شاعري جا قدر ۽ رجحان سماهي مهراڻ ۾ شايع ڪيو هو ۽ ڪن ادبي ڪاوشن کي اجاگر ڪرڻو هو، ان تي مون 50 قسطن جو مقالو لکيو هو، جيڪو هن وڏي شوق ۽ خوشي سان شايع ڪيو ۽ ڊاڪٽر خليل به مقالي تي تاثرات پيش ڪيا، اهو سندس عظمت ۽ حوصلي جي ترجماني ڪري ٿو. هو مرد مجاهد هو. اهو وقت اهڙو هو جنهن وقت هر ڪوئي ڊڄندو هو. وڏي مخالفت ٿي، ليڪن سيد سردار علي شاهه حق جو ڪلمو ڀريندو رهيو، هڪ دفعي پريس کي چئن سالن لاءِ بند ڪيو ويو هو، جيل ۾ ويو مگر هو کلندو رهيو. مان اڪثر سندس پريس تي حيدرآباد ۾ ويندو هيس. سبز چانهه جو انتظار ڪندو هو. مان اڪثر سبز چانهه پيئندو آهيان، شاهه صاحب منهنجي عادتن کان بخوبي واقف هوندو هو. مون سان مرحوم جي دلي محبت هوندي هئي ۽ صبح جو سوير حيدرآباد منهنجي رهائش واري هوٽل تي اچي پهچندو هو، اها سندس شفقت ۽ عنايت هوندي هئي. مون کي نهايت خوش مزاج لڳندو هو ۽ اڪثر مون سان چرچا به ڪندو هو. اهڙي خوش مزاج ۽ نڪته دان انسان کي ڪنهن جي نظر لڳي ويئي ۽ هو اسان کان رسي هلي ويو، منهن مٽائي ويو، الله کيس مغفرت ڪري هو آزاد مرد هو. صوبي سنڌ جو هڪ نيڪ ماڻهو مري ويو ۽ عاليشان شخصيت جو موت ٿي ويو.

(ماهوار پيغام، فيبروري 2019ع تان ورتل)

ٽيون ممتاز، ممتاز مهر آهي

ڪراچي جي گونا گون شهر ۾ ڪيترائي ممتاز نالي ماڻهو هوندا، پر مان ٽن ڄڻن کان واقف آهيان، هر هڪ پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ممتاز آهي، واقعي اهي ٽيئي شخصيتون ممتاز آهن. منهنجي واقفيت به ڪراچيءَ ۾ ڪا گهڻي نه آهي، تنهنڪري ٽن ڄڻن تي اڪتفا ڪريان ٿو. هو منهنجا ننڍڙا دوست آهن. ننڍڙي عمر ۽ تجربه جي لحاظ کان ننڍڙا آهن نه ته هر ماڻهو عظيم آهي.
پهريون ممتاز مرزا آهي، جيڪو ٽيليويزن جو مقبول ۽ معروف اسڪرپٽ ايڊيٽر آهي. سندس هر پيشڪش دلڪش ۽ جاذب نظر ايندي آهي. تنهن ڏينهن هن منهنجا به پروگرام رڪارڊ ڪيا.
ممتاز مرزا سان منهنجي واقفيت بلڪل پراڻي آهي، هو ڪنهن وقت ڊاڪٽر بلوچ سان ادبي ڪم ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب وڏي علم جو مالڪ آهي تنهنڪري جيڪڏهن حيدرآباد ويندو هوس ته ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ پنهنجي لاءِ سعادت سمجهندو هوس ۽ ڊاڪٽر صاحب به محبت سان ڏسندو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي دفتر ۾ سندس خدمت ۾ ويندو هوس ته ممتاز مرزا پنهنجي ننڍڙي آفيس مان نڪري منهنجي ملڻ لاءِ ايندو هو ۽ وڏي پيار ۽ محبت سان ملندو هو. ڊاڪٽر صاحب تعليمي انسٽيٽيوٽ جو سربراهه هوندو هو، پوءِ مان وڃي ڊاڪٽر صاحب سان ملندو هوس. هو ڊاڪٽر صاحب سان ڳچ وقت گڏ رهي گهڻين خوبين ۽ خصوصيتن جو مالڪ بڻجي پيو آهي خوش اخلاقي جو عنصر منجهس ڀرپور آهي. ساڻس ملاقات هر دوري وقت ٿيندي رهي، ڀٽ شاهه جي ادبي ڪانفرنس ۽ هر ميلي ۾ حاضر هوندو هو ۽ اتي به پنهنجي وسان نه گهٽائيندو هو. ان کانپوءِ هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آيو. مان به اڪثر الياس عشقي صاحب سان ملندو آهيان ساڻنس منهنجي محبت آهي. ان جي سنگت ۾ رهي ممتاز مرزا، الياس وانگر قربائتو ماڻهو بڻجي پيو. هن منهنجا ڪيترا مقالا نشر ڪيا ۽ هڪ ڀيري منهنجي رڪارڊنگ لاءِ سکر به آيو هو. انهن ٻنهي اديب ۽ عالمن سان منهنجي والهانه عقيدت آهي ۽ سندن سنگت ۾ جيڪي به ماڻهو آهن انهن سان محبت آهي، انهن ٻنهي جي سنگت ۾ مرزا هڪ جامع شخصيت بڻجي پيو. ٽيليويزن تي خبر نه آهي، کين ڪهڙي سنگت ملي آهي، کيس ڪهڙا دوست مليا آهن، تنهنڪري ٽيليويزن بابت منهنجا تاثرات زيرو پائنٽ تي آهن. ممتاز زنده دل انسان آهي ٽهڪ ڏيئي کلندو آهي ۽ هميشه مشڪندو رهندو آهي. ٻيا به ممتاز ماٺيڻو مشڪندا آهن، سڀني جو تعلق اتفاق سان علم ۽ ادب سان آهي.
ٻيو دوست آهي ممتاز اعواڻ، هو ريڊيو اسٽيشن ڪراچي ۾ پروڊيوسر آهي. نهايت شريف ۽ ذهين ماڻهو آهي. شڪارپور جو آهي. سکر ۽ شڪارپور جي پاڻ ۾ قربت آهي، تنهنڪري مونکي عزيز آهي. خبر نه آهي سندس ادب سان دلچسپي آهي يا ڪانه، پر علمي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالا سندس نظر مان گذرندا آهن ۽ پهرين اپروول به پاڻ ئي ڏيندو آهي. هڪ ڀيري مان ساڻس ملڻ لاءِ سندس جاءِ تي ويس ويچاري وڏي تعظيم ڪئي ۽ مهمان نوازي جا سڀ حق بجا آندا. ڀايان ٿو اها سندس روايتي مسلماني آهي. سندس ڀاءُ ڊاڪٽر اعواڻ ڪنهن وقت منهنجو دوست هوندو هو، هو 1946ع ۾ ڪوئيٽه آيو هو. شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي ۽ رام پنجواڻي جن سان گڏ رهندو هو. مان به پنهنجي پٺاڻ دوست جي وڏي مڪان ۾ رهندو هوس. انهن ڏينهن ۾ اسان سڀ اسٽوڊنٽ هئاسين. هي سڀيئي گڏجي مون وٽ ايندا هئا ۽ گهڻو ڪري روزانه مون سان ڪچهري ڪندا هئا. ڪچهري سان گڏ لڊو ۽ تاش به کيڏندا هئاسي تنهن زماني ۾ ڀايان ٿو ممتاز ننڍڙو ٻار هوندو هو. مون ممتاز کي اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي. ها البته 10-12 سال اڳي ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد ۾ ڪم ڪندو هو ۽ مان کيس اتي ڏٺو هو. ان کانپوءِ جلد ئي هو ڪراچي اسٽيشن تي تبديل ٿي آيو.
چئن پنجن سالن جي ڳالهه آهي نواز علي شوق اصرار ڪيو ته ريڊيو تي ڪا تقرير نشر ڪيو، آخر گهڻي رد ڪد کانپوءِ اسٽيشن تي آيس.ممتاز ويٺو هو جنهن مونکي سڃاتو ۽ قرب ۾ ڀاڪر پاتائين. کيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي ڳالهه ياد آئي جنهن کي دهرايائين. هونءَ آغا سليم به ڪنهن زماني ۾ ريڊيو اسٽيشن ڪراچي تي هوندو هو، جنهن سان پنهنجي دوستي نهايت قديم آهي. مان اڪثر ساڻس ملڻ اسٽيشن تي ويندو هيس. کل چرچي ۽ علمي ادبي ڳالهين ۾ وقت گذري ويندو هو، پر هن ڪڏهن اهڙي پيشڪش ڪانه ڪئي. ممتاز مونکي سلوڪ ۾ بهتر نظر آيو. هن منهنجي تقرير نشر ڪرائي تنهنڪري گهڻو ڪري هڪ ڀيرو سندس اسٽيشن تي ويندو آهيان، جنهن جو محرڪ نواز علي شوق هوندو آهي. هو نهايت مصروف ماڻهو آهي، ڪنهن وقت پنهنجي خيالن ۾ غرق هوندو آهي، تنهنڪري مان کيس فلاسافر سمجهندو آهيان. ساڻس گستاخي جو رستو به ڪونه آهي تنهنڪري همت نه ٿيندي آهي ته پڇي سگهان. اهو منهنجو تاثر آهي غلط به ٿي سگهي ٿو.
ٽيون ممتاز، ممتاز مهر آهي. منهنجي تاثر جو عنوان آهي، هو هڪ پراسرار شخصيت جو مالڪ آهي هو هڪ همه گير ۽ دلچسپ شخص به آهي. هو هڪ اديب آهي ۽ ادب جو پارکو آهي، تنهنڪري هو تنقيد به ڪندو آهي ۽ تبصرو به لکندو آهي، ڀايان ٿو منجهس ادبي شوق ۽ شعور برجستو آهي.
هڪڙي ننڍڙي قداور جوان جنهن جو رنگ ملاحت آميز هجي نه ڪارو هجي نه اڇو هجي، صرف مشڪندو هجي. جسم تي پينٽ ۽ قميص يا شرٽ هجيس ته سمجهيو اهو ماڻهو ممتاز مهر آهي. گهٽ ڳالهائڻ وارو جوان سوال پڇڻ ۾ ڀڙڄڻ کيس مهارت حاصل هجي. نهايت ڏکيا سوال پڇندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي به مجهائي وجهندو آهي ۽ مان خوبي ۽ خوش اسلوبي سان کانئس لنوائي ويندو آهيان، جنهن مان سندس تسلي ته نه ٿيندي آهي پر حضور شرمي ۾ هو غريب به هائو ڪندو آهي.
هونءَ ته ممتاز مهر 1963ع ۾ سکر جي اسلاميه ڪاليج ۾ بي اي ۾ پڙهندو هو. جيئن ته سنڌي شعبي سان منهنجو تعلق سڌو سنئون ڪونه هو، تنهنڪري هو عبدالمجيد ميمڻ صاحب وارن سان وڌيڪ گهائل مائل هوندو هو ۽ کيس مان نه سڃاڻيندو هوس. تن ڏينهن ۾ سندس مراسم شيخ اياز سان عقيدتمندانه هوندا هئا. مان ۽ منهنجي دوستن جا شيخ اياز صاحب سان مراسم ڪشيده ڪار هوندا هئا. اياز جا سنگتي مون منجهان بيزار هوندا هئا.
ان وقت اياز جي شاعري اسان جي تنقيد جو حدف هوندو هئي. ممتاز مهر بي اي پاس ڪري ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ ايم اي فلسفه ۾ پاس ڪري سکر ۾موٽي آيو. ممتاز سکر جو باشندو آهي. سندس والد مرحوم محمد سليمان مهر ڪنهن وقت ۾ سکر ۾ ائنٽي ڪرپشن پوليس جو انسپيڪٽر هوندو هو نهايت برجستو، وضعدار، هوشيار ۽ ديانتدار آفيسر هو. ڪنهن به وڏي آفيسر جي پرواه نه ڪندو هو، مان به انهن ڏينهن سکر ميونسپالٽي ۾ چيف آفيسر هوندو هوس ۽ هو منهنجي ڪارگذاري کان بخوبي واقف هوندو هو ۽ منهنجي عزت ڪندو هو ۽ بابي سان به سندس ياراڻي هوندي هئي.
مون ڳالهه پئي ممتاز مهر جي ڪئي. ممتاز مهر يونيورسٽي کان موٽڻ بعد اياز صاحب جو خاص خليفو بڻجي پيو. نالو ته ممتاز جو مجيد صاحب ۽ نواز علي شوق کان ٻڌو هيم، پر کيس ڏسڻ ۾ سڃان جو اتفاق نه ٿيو هو. انهن ڏينهن ۾ اياز صاحب جي ڌوم ڌام هئي، ڪڏهن کيس شاهه ثاني سڏيو ويندو هو ڪڏهن عظيم شاعر.
ممتاز جا تعلقات ڊاڪٽر مجيد ميمڻ سان ساڳئي نموني هلندا رهيا. هڪڙي ڏينهن ساڻس ملاقات سنڌي شعبي ۾ ٿي. فلسفي ماڻهو آهي مشڪي ۽ ڪنڌ لوڏيندي واقف ٿيو. ممتاز فطرتاً گهٽ ڳالهائيندو آهي تنهنڪري کيس ڳالهائڻ جي نوبت گهٽ پيدا ٿيندي آهي.
ٻئي ٽئين ڏينهن تي هو مجيد صاحب سان گڏ مون وٽ هليو آيو بس پنهنجي عادت موجب ڪنڌ لوڏيندو رهيو ۽ مشڪندو رهيو هو، مجيد صاحب ۽ نواز علي علم ۽ ادب جي محفلن جو روح روان هوندو هو. ادبي محفلون سندن سرڪردگي ۾ منعقد ٿينديون رهيون، ڪڏهن ڊاڪٽر مصطفيٰ خان ته ڪڏهن پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ايندو رهيو. ممتاز مهر به اهڙين اديبي محفلن ۾ رضاڪارانه طور ڪم ڪندو رهيو.
1968ع ۾ مان ڪجهه اختلافن سبب ڪاليج جي ملازمت ڇڏي ڏني، پر مان ادبي ڪچهري کي قائم رکڻ لاءِ پنهنجي جاءِ تي ادبي محفلن جو انتظام رکيو. موڪل جي ڏينهن هر ڪو نوجوان اديب منهنجي گهر جي محفل ۾ شريڪ ٿيو. منهنجي نظرين وارا سڀ جوان ڪٺا ٿيندا هئا. ممتاز مهر، مجيد صاحب سان ايندو رهيو. اسان جي دوستن ۾ اردو دان طبقي جو حلقو نهايت وسيع هوندو هو، تنهنڪري اردو ۾ افسانا ۽ نظم به پڙهيا ويندا هئا ۽ هو ڪڏهن ڪڏهن تنقيد به ڪندو هو. سندس تنقيد جو شعور به نهايت پختو آهي، هو افساني يا نظم ٻڌڻ وقت پراسرار نموني ڪنڌ ڌوڻيندو آهي ۽ مشڪندو به آهي ۽ نهايت پيارو لڳندو آهي.
ممتاز مهر کي شايد سکر ۾ ملازمت ملي نه سگهي، هو انهي جستجو ۾ ڪراچي آيو. سندس سوالن جوابن جو سلسلو ساڳيو آهي، ڄڻ انٽرويو پيو وٺي.

(ممتاز مهر صاحب کان حاصل ڪيل مضمون)

المسعودي- (هڪ نامور مسلمان مورخ)

مسعودي حضور سرور ڪائنات جي مشهور صحابي ۽ معروف محدث حضرت عبدالله بن مسودي جي اولاد مان هو. هو سال 892هه ۾ بغداد ۾ ڄائو هو ۽ هن پنهنجي ننڍپڻ جو سمورو زمانو بغداد ۾ گذاريو، جتي هن تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي. المسعودي پنهنجو سمورو زمانو اوندهه ۾ گذاريو کيس پنهنجي زماني ۾ ڪا شهرت نصيب ڪانه ٿي ۽ ڪنهن کي سندس ڪا خبر پئجي ڪانه سگهي، چوڏهين صدي هجري ۾ سندس ڪي تصنيف ڪيل ڪتاب دستياب ٿيا جن مان سندس سفرن جو احوال ملي ٿو يعني هن پنهنجي وفات کانپوءِ بيش بها علمي ورثو يادگار طور ڇڏيو آهي جيڪو هينئر اسان جي لاءِ مشعل راه بڻيو آهي.
هن آغاز جواني ۾ سيرسفر جو ارادو ڪيو هو ۽ ان وقت ئي پنهنجي سياحتي مهم تي نڪتو. هو خلافت عباسيه جي وقت ۾ ٿي گذريو آهي. عباسي دور جو عروج جيتوڻيڪ تمام گهٽجي ويو هو، پر علم و هنر ۾ اڃا مشهور ۽ معروف هو ۽ ماڻهن ۾ علم ۽ هنر جي حاصل ڪرڻ جي وڏي رغبت هئي. مسعودي جي زماني ۾ به علم و هنر جون قنديلون روشن هيون توڙي خليفه هارون ۽ مامون رشيد جي زماني کي چڱو عرصو گذري ويو هو. ان وقت ۾ به علم حاصل ڪرڻ لاءِ سير و سياحت کي ضروري ذريعو سمجهيو ويندو هو. مسعودي کان اڳ ۾ ڪيترن سياحن دنيا جي مختلف ملڪن جو سير ۽ سفر ڪيو هو جن مان ڪيترن وڏي شهرت حاصل ڪئي هئي ۽ هنن پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي سان مسلمانن کي روشناس ڪرايو هو. انهن مان ڪيترا واپار جي سلسلي ۾ روانا ٿيا هئا ڪي محض سير و تفريح جي خيال نڪتا هئا. تڏهن به هنن چڱو علمي ذخيرو پاڻ سان گڏ آندو هو. پر مسعودي انهن جي برعڪس علم جي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ سياحت لاءِ روانو ٿيو هو. کيس نه دولت ڪمائڻ جو شوق هو نه وري عجائبات ڏسڻ جي رغبت هئي. هو دنيا جي دور دراز ملڪن ڏانهن روانو ٿيو هو.
هن جو مزاج سائنسدان جهڙو هو ۽ سندس تاريخ داني تي به سندس سائنسداني جو مزاج اثر انداز هو. هو جاگرافي ۽ تاريخ کي هڪ ٻئي لاءِ لازم و ملزوم سمجهندو هو تنهنڪري سندس تاريخداني کي جاگرافي کان الڳ رکي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ جو ڪنهن ملڪ جي تاريخ لکڻ لاءِ جاگرافي جو اڀياس به تمام ضروري آهي. جاگرافي جي حالتن پٽاندر ملڪ جي تاريخ بگڙندي ۽ بڻجندي آهي تنهنڪري مسعودي جي لاءِ ملڪ جي جاگرافي جو مشاهدو تمام ضروري هو. هن پنهنجي زندگي جا پنجويهه سال مختلف ملڪن جي سير و سياحت ۾ گذاريا.
جيتوڻيڪ مسعودي کان اڳ ڪيترن مسلمانن سير و سياحت ڪئي آهي ۽ تاريخ جا ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، پر مسعودي جو طريقو انهن کان بلڪل مختلف آهي. هو انهن کان الڳ ٿلڳ رهي ٿو. مسعودي خاندانن ۽ بادشاهن کي واقعات سان اهڙي نموني ملايو آهي جو اهي پڻ تاريخ جو حصو بڻجي پيا آهن. هن واقعات جو تجزيو به پيش ڪيو آهي ۽ انهن جي مختلف پهلوئن کي ظاهر ڪيو آهي جن کي اڳيان تاريخ دان نظر انداز ڪندا رهيا. تنهنڪري ئي کيس ابن خلدون پنهنجو امام ۽ استاد تسليم ڪيو آهي ۽ سندس تاريخ لکڻ ۾ سندس انداز اختيار ڪيو آهي جنهن جي تاريخ کي مسلماني خواه ٻين قومن به هڪ مثالي تاريخ ڪوٺيو آهي.
مسعودي کي يورپ ۽ آمريڪا مورخ ”هيروڊوٽس“ ڪري سڏيندا آهن. هو واقعي اسلام جو هيرو ڊوٽس هو ۽ مسعودي کي جيڪڏهن اسلام جي تاريخ جو بابا آدم چئجي ته مبالغو نه ٿيندو.
هو قريباً ويهن سالن جو هو ته هن ملڪن جي سياحت شروع ڪئي. پهرئين سفر ۾ بصري پهتو، جتي هن هڪ وڏي سياح سان ملاقات ڪئي. ان جو نالو ابو زيد سيرافي هو. هو اتان ئي بحر زنج مان ٿيندو بحيره عرب کان هندو پاڪ جي برصغير ۾ پهتو. هن هتان جي ملڪ جي جاگرافي، ثقافت، تهذيب، مذاهب ۽ اخلاق جو چڱي طرح جائزو ورتو آهي. سندس سفر جا حالات مختلف ڪتابن ۾ موجود آهن. هن برصغير جي سفر ۾ مختلف جاين جو ذڪر ڪيو آهي. هو ڪڏهن ملتان ۾ موجود آهي ڪڏهن منصوره جو سير ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بمبئيءَ پهچي وڃي ٿو. هن پاڪ و هند جي سفر ۾ پورا ٻه سال گذاريا ۽ مٿين جاين تي گهڻو وقت رهيو. ملتان جو ذڪر ڪندي هن ملتان جا سوا لک کن ڳوٺ ٻڌايا آهن. ساڳيءَ طرح هن سنڌ جي لک ڳوٺن جو ذڪر ڪيو آهي ان وقت منصوره سنڌ جو دارالحڪومت هو. هن ملتان جي وڏي بت متعلق به لکيو آهي. اهو بت سورج ديوتا جو بت چيو ويندو هو. جنهن جي پرستش ۽ پوڄا لاءِ هندوستان جا ڪيترا هندو، راجا ۽ مها راجا مختلف شهرن مان ڪهي ملتان ايندا هئا ان وقت ملتان تي مسلمانن جي حڪومت هئي تنهنڪري هندو راجائون ملتان جي فتح لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا ۽ جڏهن انهن چڙهائي جو ارادو ڪيو ته مسلمان حاڪم کين بت ڀڃن جي ڌمڪي ڏيندا رهيا ۽ ڌمڪي جي خوف کان هنن جي ڪاهه جو ارادو ختم ٿي ويندو هو ۽ هو پنهنجو لشڪر وٺي پوئتي موٽندا هئا. محمد بن قاسم متعلق به ساڳئي بت جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن برهمڻن جي درخواست تي ان بت کي نه ڀڳو پر سندس ڳچي ۾ هڪ ڳئون جي هڏي لڙڪائڻ جو حڪم ڪيو.
منصوره عربن جي وقت ۾ آباد ٿيو هو ۽ سندن ئي زماني ۾ اهو شهر وڏو دارالحڪومت بڻيو هو هي شهر سنڌو ندي جي ڪناري تي آهي. علم ۽ دستڪاري جو مرڪز رهيو آهي. هتي هاٿي موجود هئا جن کي مسعودي زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو. هي شهر خوشحال ۽ ترقي يافته هو، هتي سنڌي مسلمانن کانسواءِ عرب ملڪ جا تاجر مختلف طبقن جا ٻيا ماڻهو به آباد هئا. هو سنڌ مان بمبئيءَ طرف روانو ٿيو جتي هن بمبئيءَ صوبي جي دور دراز علائقن کي گهمي ڏٺو. هن بمبئيءَ جي هڪڙي شهر ٿاڻي جو زڪر ڪيو آهي. پر ان کان وڌيڪ ذڪر هن چيمور جو ڪيو آهي جنهن ۾ ان وقت ڏهه هزار مسلمان رهندا هئا جن ۾ ڪي نو مسلم به موجود هئا. ان شهر ۾ سيراف، بغداد بصري جا مسلمان گهڻي تعداد ۾ موجود هئا، جن مان ڪيترا واپار جي سلسلي ۾ آيل هئا.
مسعودي کي سندن مسلمانن جي معاشري ۾ هڪ وڏو فرق معلوم ٿيو. مسلمانن پنهنجي الڳ حيثيت قائم ڪئي هئي هنن جي ثقافت ۽ تهذيب هندن کان بلڪل مختلف قسم جي هئي، سندن حيثيت برقرار رکي ويئي جن کي هندو راجا به تسليم ڪيو هو. مسلمانن جي نگراني ۽ معاملات کي طئي ڪرڻ لاءِ مسلمان عملدار مقرر ڪيا ويا هئا تنهنڪري ان وقت ئي هندو ۽ مسلمان جدا جدا قومون ٿي نظر آيون.
مسعودي کنڀائت جي علائقي ۾ چڱو وقت گذاريو خاص ڪري هن کنڀائت جي هڪ شهر چيمور ۾ گهڻو وقت گذاريو هو هن علائقي جي سرسبزي، خوشحالي ۽ شادابي ۾ دجله ۽ فرات جي رونق محسوس ڪري رهيو هو ۽ کنڀائت جي نار کي ڏسي کيس نيل جو درياء ياد اچي ويو هو. هو لکي ٿو ”خليج کنڀائت نيل جي درياء وانگر آهي. خليج جي ڪناري تي شهر آباد آهن. شهر ۽ خليج جي وچ ۾ باغات لڳل آهن. باغن ۾ گهڻو ڪري ناريل جا وڻ آهن. انهن باغن ۾ رنگ برنگي پرن وارا مور ناچ ڪندا آهن ۽ وڻن ٽارين تي ساوا طوطا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.“
مسعودي جنهن به جاءِ تي ويو ان جو تفصيلي بيان ڪيو اٿس. سندس مشاهدو ۽ مطالعو عميق ۽ گهرو آهي. پاڪ و هند جي ٻن سالن جي سفر کانپوءِ هن برصغير جي جاگرافي ۽ معاشرت جو چڱي طرح اڀياس حاصل ڪيو. ان کانپوءِ هن خراسان جي طرف رخ رکيو ۽ خراسان پهچي ويو جتان هن ايران، ڪرمان ۽ وسطي ايشيا جو سير ڪيو.
بلخ جي علائقي متعلق هن ٻڌايو آهي ته جڏهن بلخ وارن مڪه معظمه جي ڪعبت الله جي تعريف ٻڌي ۽ مسلمانن جي ڪعبي سان وڏي عقيدت ڏٺي. آهن. هنن جي دل ۾ به اهڙي ڪعبه تيار ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. ان خيال جي تڪميل لاءِ هنن هڪ وڏو عبادت خانو تيار ڪيو ۽ ان جو نالو نوبهار رکيو. اڪثر سياحن ان عبادتخاني جو ذڪر ڪيو آهي. ڪنهن هن کي آتشڪده سڏيو آهي ۽ ڪن هن کي بتخانو سمجهيو آهي ۽ چيو آهي ته عجم جا ماڻهو ان جي زيارت لاءِ ايندا آهن ۽ هن کي حج ڪري چوندا آهن. عبادتخاني جي مٿان هڪڙو گنبد آهي جنهن جي گولائي ۽ ڊگهائي هڪ سئو هٿ آهي. عبادت خاني جي چوڌاري پڄارين جا حجرا موجود آهن. جن جو تعداد 36 آهي. انهن پوڄارين جي سربراهه کي برمڪه ڪري چوندا آهن. برمڪه جي معنيٰ آهي مڪه وارا. برمڪي خاندان انهي برمڪه جي اولاد مان هئا. چين ۽ ڪابل جا بادشاهه به انهي بت خاني جي پرستش ڪندا آهن. المسعودي چيو آهي ته نوبهار جي عمارت پختي ۽ بلند آهي. انهي جي مٿان نيزن تي سرسبز جهنڊا جهوليندا رهندا آهن ۽ هر هڪ جهنڊو سئو هٿن جي برابر ٿيندو آهي. جهنڊن جو ريشمي ڪپڙو ايترو وڏو ۽ ويڪرو هوندو آهي جيڪو پري پري تائين ڦهلجي ويندو آهي.
مسعودي کي پنهنجي سفر تي وڏو ناز هوندو هو. هن سموري اسلامي دنيا ۽ مشرق جي سڀني ملڪن جي سياحت ڪئي هئي. هن هزارن ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي خيالن مان واقف ٿيو ڪيترن سان بحث مباحثه ڪيو ۽ تجربو حاصل ڪيو. مسعودي اٽڪل ٻه سئو ڪتاب لکيا آهن. اهي ڪتاب تاريخ، جاگرامي، نجوم، فلڪيات، موسميات، مذهب ۽ فلسفي جي باري ۾ آهن.
چوندا آهن مسعودي کي وڏو حافظو هوندو هو. هو پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي تڪڙو قلمبند ڪندو هو. هن جا گهڻا ڪتاب ضايع ٿي ويا، تنهن هوندي به ڪجهه ڪتاب موجود آهن جن مسعودي جي شخصيت کي اجاگر ڪيو آهي. هو پنهنجي سموري زندگي خانه بدوش وانگر گهمندو ۽ ڦرندو رهيو. هن پنهنجي لاءِ ڪٿي به گهر تعمير ڪونه ڪرايو ۽ هو چوندو هو ته منهنجو گهر اُٺ جي پٺي تي آهي ۽ منهنجي منزل بغداد آهي ۽ منهنجا دوست فسطاط ۾ موجود آهن.

(ماهوار نئين زندگي، جون 1982ع تان ورتل)

سر سيد احمد خان

داستان پاڪستان جي سلسلي ۾ سر سيد احمد خان جو ذڪر اهم ۽ ضروري آهي. هن پنهنجي سڄي زندگي هندو مسلم اتحاد ۽ يڪجهتي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، پر سندس پوئين زماني ۾ هندن جي مسلسل معتصبانه روش کيس پنهنجي پاليسي بدلائڻ لاءِ مجبور ڪيو، جڏهن ڪانگريس هندو مسلم ايڪتا جو نعرو هنيو ان وقت هن مرد مجاهد انهي نظريي جو انڪار ڪيو. قول ۽ فعل ۾ فرق ٿيندو آهي چوڻ لاءِ ته قومي اتحاد هو، پر سندس عملي صورت ان جي برعڪس هئي. هن انگريزي حڪومت سان به مسلمانن جي جدا قوم جي باري ۾ گفت و شنيد ڪئي ۽ انگريز پاڻ سندس نئين نظريي تي حيران ۽ پريشان هئا ۽ مسلمانن جي حقن جي حمايت ۾ هو هڪ مهم هلائي رهيو هو.
انگريزن مسلمانن کي هميشه شڪ جي نگاه سان ڏٺو هو ۽ سندن نظر عنايت هندن تي رهي. هندو ذاتي، ثقافتي ۽ مذهبي طور مسلمانن جي هر عقيدي ۽ هر رسم جي خلاف هئا. جنهن ڪري انگريزن جي عنايت جا مستحق هئا ۽ هو باوقار شهري بڻجي رهڻ لڳا ۽ مسلمانن کي ته شهريت جا حقوق به حاصل ڪين هئا. رفته رفته مسلمانن ۾ به گروهه بندي شروع ٿي وئي هئي هڪڙا انگريز جي نالي کان بيزار هئا ۽ ٻيا ڪجهه سنجيده راءِ رکندا هئا جي انگريز جي ماتحت رهي حڪومت ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. انگريزي حڪومت جي وقت مسلمان هر ڪنهن رعايت کان محروم هئا.
انگريزن جي امداد سان بنارس ۾ هندن جي تعليم ۽ تهذيب لاءِ يونيورسٽي قائم ڪئي ويئي جنهن جو نالو هندو يونيورسٽي رکيو ويو ۽ اها 1826ع ۾ قائم ٿي جنهن ۾ فقط هندو تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، هندو پر جوش نموني انگريزي تعليم جي فروغ ۾ وڏو ڪم ڪري رهيا هئا ۽ پنهنجي معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ لڳا.
سر سيد احمد خان 1857ع جو طوفان ڏٺو هو ۽ هن مسلمانن جي خون ۽ غارت کي چڱي طرح محسوس ڪيو هو ان کان پوءِ هن مسلمانن جي تباهي ۽ بربادي جي درد ناڪ صورت کي اکين سان ڏٺو هو. مسلمانن تي مايوسي، خوف ۽ هراس طاري ٿي ويو هو.
هو هڪ مخلص ۽ ايماندار شخص هو جنهن کي پنهنجي قوم جي ڏک ۽ رنج پوڙهو ڪري وڌو هو هن سوچيو ۽ غور ۽ فڪر ڪيو ته مسلمانن جي معاشري جو شيراز و منتشر ٿي ويو آهي ڪيئن ان کي يڪجا ڪيو وڃي. ان جو علاج فقط اهو آهي ته مسلمانن ۾ تعليم کي عام ڪجي ۽ تعليم جو جديد نصاب تيار ڪيو وڃي ۽ ساري مصيبت ۽ پسماندگي تعليم جي فقدان جي ڪري آهي جهالت هر برائي جو بنياد آهي. پر مسلمانن کي مغربي تعليم کان وڏي نفرت هئي انگريز جي تهذيب، عادتن ۽ رسمن سان مسلمانن جي سخت مخالفت هئي جن سندس هر ڳالهه کي ۽ هر چيز کي نجس ٿي سمجهيو. هنن تعليمي درسگاهن جي کولڻ کي به انگريز جي هڪ چال سمجهيو هو ته جيئن مسلمانن مان مذهب جي بوءِ زائل ٿي وڃي.
جڏهن سيد صاحب منزل جي طرف قدم وڌايو ته کيس مسلمانن جي طرفان ملحد ۽ ڪرستان جا لقب نصيب ٿيا، پر سيد پنهنجي منزل ڏانهن تيزي ۽ تيز رفتاري سان وڌي رهيو هو. هن هڪ درسگاهه قائم ڪيو ۽ درسگاهه کي وڌائڻ لاءِ اڳتي قدم کنيو. هن انگريزن جي دل مان مسلمانن جي طرفان بدظني ۽ بي اعتمادي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي هو انگريز جي تعاون جو خواستگار هو. هن انگريزن کان پنهنجو حق ٿي تسليم ڪرايو ۽ تعليم ۽ تهذيبي معاملن ۾ جائز مدد جو متمني هو، هو انگريز ۽ مسلمان جي وچ ۾ مفاهمت پيدا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ لڳي ويو ماڻهن انهيءَ ڪوشش جو غلط تاثر ورتو.
هندن جي اڪثريت ۾ عموماً ٰ تعليم يافته طبقي ۾ اهو رجحان هو ته مسلمان حڪومت ۽ مسلمانن جا سڀ خط و خال هندوستان مان مٽجي وڃن. تنهن ڪري هنن اردو ٻولي جي سخت مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ان جي بجاءِ هندي ٻولي کي رائج ڪيو.
سيد صاحب 1862ع ۾ سائنٽفڪ سوسائٽي جو بنياد رکيو جنهن جو مقصد انگريزي ڪتابن مان اردو ترجمو ڪرائڻ هو. هن سمجهيو ته انهن ڪتابن جي مطالع کان پوءِ ماڻهن ۾ شعور پيدا ٿيندو ۽ آهسته آهسته منجهن علم ۽ فراست جي روشني ڦهلجي ويندي. اهو ڪم وڏي محنت ۽ تندهي سان ڪيو ويو. ڪيترائي انگريزي ڪتاب اردو ۾ ترجمو ٿي شايع ٿي ويا جن جي پڙهڻ سان ماڻهن جي ذهن ۾ نئين روشني جي لهر پيدا ٿي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ جاري ڪئي ويئي جنهن ۾ عملي، سياسي ۽ معاشرتي مضمون شايع ٿيندا رهيا جن پڻ تعليم جي مقصد کي وڌائڻ ۾ مدد ڪئي. سندس خيال موجب جيستائين جديد تعليم مسلمانن ۾ عام نه ٿيندي تيسين مسلمان اونده ۾ رهندا. ان تي ڪيترن مٿس عجيب و غريب قسم جا حملا ڪيا. 1867ع ۾ هندن اردو جي خلاف ملڪ گير مهم شروع ڪئي جنهن هن کي هندن کان بدظن ڪري ڇڏيو ۽ سيد صاحب جدا قوم جو نظريو قائم ڪيو ٻن قومي نظرين جو بنياد پيو ۽ سيد صاحب ان بنياد جو پهريون پٿر رکيو.
هو تعليم جي جائزي وٺڻ لاءِ 1869ع ۾ انگلينڊ روانو ٿيو ۽ اٽڪل ڏيڍ سال جي قيام کان پوءِ هندوستان واپس آيو ۽ پنهنجي موٽڻ تي هن ”تهذيب الاخلاق“ نالي رسالو شايع ڪيو رسالي ۾ مذهب، اخلاق ۽ معاشرت وغيره تي اعليٰ پيمانه تي مضمونن کي پڙهڻ کان پوءِ سيد صاحب جي هڪ ڀرپور ۽ ڪامياب زندگي جا اهڃاڻ ملن ٿا. 1875ع ۾ سيد صاحب مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود ۽ تعليم و تربيت لاءِ محمدن اينگلو اورنٽيئل ڪاليج کوليو جيڪو پوءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه جي نالي سان مشهور ٿيو. اهو ڪاليج نه فقط مسلمانن جي تعليم لاءِ درسگاهه هو پر انهن جي لاءِ هڪ وڏي تربيت گاهه جو ڪم ڪندو رهيو. ڪتابي ۽ تدريسي علم کان سواءِ اهو ادارو سيرت، تهذيب ۽ اخلاق جو درس ڏيندو رهيو. اهو ادارو مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ مسلمانن جو سياسي، تهذيبي ۽ معاشرتي مرڪز بڻجي پيو.

(ماهوار پيغام، 1982ع تان ورتل)