سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس.
شخصيتون ۽ خاڪا
سانگي ڪي ساريام
- 0/5.0
- 4
- 0
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مشھور شاعر ۽ نقاد شيخ عبدالرزاق راز پاران عالمن ۽ اديبن تي لکيل خاڪن تي مشتمل ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آهيون.سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ڊسمبر 1972ع ۾ آفاق صديقي، سيڪريٽري لطيف ڪاميٽي سکر پاران ڇپايو ويو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري پيش ڪري رھيا آھيون جنھن ۾ وڌيڪ خاڪا شامل ڪيا ويا آھن.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف شيخ عبد الرزاق راز
- ڇپيو ويو 1972
- ڇپائيندڙ آفاق صديقي، سيڪريٽري لطيف يادگار ڪميٽي
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 02/May/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 0 ڀيرا