شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

رحيمداد خان مولائي شيدائي

آءٌ کيس ٻالجتيءَ کان سڃاڻندو آهيان. ۽ هو به مون کي ٻالڪپڻي جي عمر ۾ چڱيءَ طرح سڃاڻيندو هو ان کان پوءِ کانئس وسري ويس. هو فرصت وقت ۾ اڪثر ڏاڏي مرحوم سان ملڻ ايندو هو. هو ڏاڏي مرحوم جي پيارن شاگردن مان هڪڙو هوندو هو. کيس نوجوانيءَ ۾ ئي علم و ادب ۽ تاريخ سان دلچسپي هوندي هئي. هن جي بزرگن جي منهنجي وڏن سان نهايت ڳوڙها ۽ ويجها تعلقات هئا، تنهنڪري به هو منهنجي بزرگن جو احترام ڪندو هو.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هو وڏي بُجدار ٽوپي ۽ بند ڪالر واري ڪوٽ سان ملبوس هوندو هو. ان وقت هڪ تندرست، توانو ۽ مضبوط نوجوان هوندو هو. سندس چهري تي سرخي نظر ايندي هئي. سندس چپن مٿان مُڇن جي وارن جا ٻه ڇڳا، سندس حشمت ۽ جوانمراديءَ جي نشاندهي ڪندا هئا. سندس ڳالهيون عموماً پهاڙن، دريائن، ۽ بيابانن جي متعلق هونديون هيون. سندس گفتگوءَ جي دوران انيڪ جهنگلي جانورن ۽ درندن جو ذڪر اچي ويندو هو. منهنجو ننڍڙو دماغ کيس ڪو وڏو شڪاري يا سيلاني سمجهندو هو. سندس اکين ۾ ڳاڙهاڻ هوندي هئي، جا منهنجي شڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي هئي. ڏاڏي مرحوم جي احترام جي پيش نظر، سندس مُنهن تي گنڀيرتا هوندي هئي. مان کيس ڏسندو هوس.
هن جو نالو مير رحيمداد خان آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ ادبي دنيا ۾ ”مولائي شيدائي“ جي لقب سان مشهور ٿيو. هو شاهوڪار هو نه سيلاني، پر ريلوي گارڊ هو. ڏاڏو مرحوم گذاري ويو هو، جنهنڪري هن اسان جي اوطاق تي اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ رحيمداد خان مان بدلجي هو ’مولائي شيدائي‘ بڻجي ويو ۽ ريلوي گارڊ بجاءِ هڪ اخباري ڪالم- نگار جي حيثيت سان سڃاڻپ ۾ آيو. آءٌ انهيءَ وقت ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هوس. تنهن زماني ۾ پير علي محمد شاه راشديءَ سکر مان ”ستارهء سنڌ“ نالي هڪ روزاني اخبار شايع ڪرڻ شروع ڪئي. هن اخبار صوبي سنڌ جي صحافتي زندگيءَ ۾ هڪ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. اها اخبار ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ نامور اخبار بڻجي سڄي سنڌ تي ڇانئجي ويئي. هي پهريون ڀيرو هو جو راشدي صاحب جي قلم جو زور اخبار جي ذريعي محسوس ڪيو ويو. راشدي برادران جي اڻٿڪ محنتن ڪري اخبار جو معيار اوج تي پهتو.
رحيمداد هن اخبار جي شباب وقت منجهس ڪالم نگاريءَ سبب ”مولائي شيدائي“ بڻجي پيو خبر نه آهي ته اهو سندس لقب آهي يا تخلص. ڪجهه به هجي، ليڪن رحيمداد خان جي عرفيت ضرور آهي ۽ تنهنجي اها ئي دل جي قريب آهي. اها عنايت مٿس راشدي ڀائرن ڪئي هئي. هڪڙي ڀاءٌ کيس ’مولائي‘ سڏيو ته ٻئي ڀاءُ وري مٿس ’شيدائي‘ جو اضافو ڪيو ڀائنجي ائين ٿو ته سندس جسم جي مناسبت سان لقب به وزنائتو بڻايو ويو هو. ”مولائيءَ“ جي طبيعت ۾ ظرافت آهي. کيس ڪيترائي ٽوٽڪا ۽ ٽوڻا بر زبان ياد آهن. راشدي برادرن به سندس اهڙي بذله سنجيءَ کان ڏاڍا لطف اندوز ٿيندا هئا. مولائي بيباڪ آهي ۽ مناسب موقعي تي هر ڪنهن ماڻهوءَ سان چرچو ڪري وٺندو آهي.
مولائي شيدائيءَ مضمون نگاريءَ جي مشق پير حسام الدين راشديءَ جي سرپرستيءَ ۾ شروع ڪئي ۽ پير علي محمد راشديءَ کان صحافت جو فن سکيو. راشدي برادران جي مشوري سان مولائي شيدائيءَ تاريخ جي شعبن ۾ ڪيترائي ڪارناما سر انجام ڏنا. ”ستارء سنڌ“ جي بند ٿي وڃڻ کان پوءِ هن سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي تاريخي مضامين لکيا. سندس مضامين وادي سنڌ جي ۾ مقبول عام و خاص بڻيا ۽ رفته رفته مولائي صاحب هڪ تاريخ نويس جي حيثيت سان سنڌ جي ادبي اُفق تي اڀريو ۽ واديءَ مهراڻ جي علمي طبقي سان روشناس ٿيو.
مٿئين ذڪر ڪيل تعلقات جي بناء تي آءٌ سندس احترام ڪندو آهيان ۽ کيس پنهنجو بزرگ سمجهندو آهيان. آءٌ جڏهن سال 48- 1947ع ۾ هفتيوار ”الوحيد ڪراچيءَ جو ايڊيٽر هوس، تڏهن آءٌ سندس مضامين، مختلف ايڊيشن ۾ ڇاپي هڪ دلي مسرتّ محسوس ڪندو هوس. مون کي ويهه سال ساندهه ساڻس ملاقات جو موقعو ميسر نه ٿيو. نيٺ سال 1955ع ڌاري سکر ۾ ادبي سنگت جو آغاز ٿيو. سکر جا اديب قسم دوست هن انجمن ۾ شامل ٿيا. مولائي شيدائيءَ کي سندس بزرگيءَ سبب جماعت جو سربراهه چونڊيو ويو. پوءِ ته هن سلسلي جي ڪري ساڻس مسلسل ملاقاتون ٿينديون رهيون. هو اڪثر مونکي چوندو آهي ته ”اهو فيض تنهنجي گهر کان ئي مليو اٿم. اوهان جي ئي اوطاق تي وقت جي وڏن عالمن سان ملڻ جو اتفاق ٿيو، جنهن ڪري ٻالجتيءَ کان شعور پختو ٿيڻ لڳو.“
هڪ دفعي اسان کي شڪارپور ۾ ڪنهن ادبي محفل ۾ شامل ٿيڻو هو. سکر کان مولائي شيدائيءَ سان گڏجي، ٽيڪسيءَ ۾ روانا ٿياسون. سندس دلچسپ ۽ رنگين ڳالهين سبب ڪلاڪ جو سفر هڪ لحظي ۾ لنگھي ويو. پنجن دوستن مان هن ڪنهن کي به ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو. هو سمورو وقت اهڙي طرح ڪچهريءَ تي ڇانيل رهيو، جو اسان سڀ”ها،ها“ ڪندا، ڪنڌ لوڏيندا رهياسين. سندس شيرين گفتار کان لطف اندوز ٿيندا رهياسين. منتظمين تقريب ۾ آيل مهمانن لاءِ چاءِ پاڻي جو انتظام ڪيو هو. اسان کي سُڌ ڏيڻ لاءِ هنن گاڏيءَ جو وقت به اسان کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته گاڏي شڪارپور، کان ساڍي اٺين بجي رواني ٿيندي آهي. هن مان معلوم ٿيو ته مهمانن لاءِ رات جي مانيءَ جو انتظام ڪونه هو. اتفاق سان ان تقريب جي صدارت جو سهرو ”مولائي شيدائيءَ “ جي سِرَ تي رکيو ويو. مولائي صدارتي تقرير دوران پنهنجي نظريات جي اپٽار ڪئي. منتظمين کي اها ڳالهه شايد پسند نه آئي، پر مولائي ته پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ اسٽيج تان برابر ڳالهائيندو رهيو. ساڍا اٺ وڄي چڪا هئا. ٽيڪسي اسٽان تي آياسين. ڊرائيور سکر هلڻ کان نابري واري ويهي رهيو. منتظمين ته پنڊال ۾ ئي اسان کي الوداع چئي هليا ويا هئا، سو ٽانگي تي چڙهي اسٽيشن تي آياسين. پليٽفارم سنسان لڳو پيو هو. جاڏي تاڏي ’هُو‘ جي ڪيفيت لڳي پيئي هئي. هڪ به مسافر ٽلندو نظر ڪونه آيو، پر مولائيءَ جي چرچن ۽ گهٻن ۾ ڏکيو وقت ڪاٽيندا رهياسين. هو ڪلاڪ-سواءِ پنهنجي سرگذشت ۽ ملازمت جون هيٺانهون ۽ مٿانهيون بيان ڪندو رهيو. ڳالهيون اهڙيون سلوڻيون هجن جو اسان جا ٽهڪڙا لڳا پيا هئا ۽ مولائي پنهنجي موجن ۾ مگن. ساڍي ڏهين بجي تائين ڪنهن به گاڏي ءَ جو نالو نشان ڪونه هو. ڳالهيون ڪندي مولائي ٿڪجي پيو. کيس بک بيحال ڪري رهي هئي. مير ڪار وارن جو اهڙو حال ڏسي پليٽفارم تي هٿ پير هنياسين، پر اتي ڪي ڪين مليو. پوڻي يارهين بجي، عبدالمجيد ميمڻ ۽ نواز علي ’شوق‘ کي شهر ڏانهن اماڻيوسين. هو اڌ ڪلاڪ کن ۾ ڪنهن هوٽل تان بچيل ماني وٺي آيا. اسان گرهه گرهه کائي هانءَ جهل ڪري ورتي. اُن ماني مان گهڻو حصو شيدائيءَ کي پيش ڪيوسين.
آءٌ ڪڏهن ڪڏهن مولائي شيدائيءَ جي جاءِ تي ويندو آهيان ۽ سندس لئبرري ڏسندو آهيان، جتي علمي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جن مان ڪي ڪتاب ته ناياب آهن. وٽس تاريخي مواد جهجهو آهي. زماني سندس قدر ڪين ڄاتو. مولائي صاحب ۾ لکڻ جو وڏو جذبو ۽ جوهر موجود آهي. هو ڪيترا مفيد ڪتاب لکي سگهي ها، جن مان ايندڙ نسل مستفيض ٿئي ها. هي هڪ فقير بينوا وانگر ”گلشن عيدگاهه سکر“ جي لڳ ڀڳ مغرب ۾ هڪڙي ٽڪري جي هڪ ٽيلي تي پنهنجو آشيانو اڏيو ويٺو آهي. ڏس ته ڪتابن جي ورق گردانيءَ ۽ محبت جا گيت آلاپيندو رهندو آهي. شريڪ حيات جي معذوريءَ سبب ورهين جا ورهيه سندس تيمارداريءَ کان بعد، هينئر خود پاڻ انهيءَ دؤر ۾ گهڙي چڪو آهي. ٻڍاپي سبب قريباً معذور آهي. جوانيءَ جي دؤر وارا جذبات ۽ زنده دليءَ جون روايتون اڃا به هن پوڙهي جي سيني ۾ موجزن آهن. ڪسپمرسيءَ جي حالت ۾ به هو کلندو کِلائيندو رهندو آهي. هينئر لکڻ پڙهڻ کان تقريباً لاچار آهي. ساري ڄمار ڪتابن جي ورق گردانيءَ ۾ گذاريائين. ليڪن لاحاصل! اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمونن ۽ مقالن جا ڍير ڇپجندا رهيا، جن مان گهڻا ته زماني جي ستم ظريفيءَ کان صفحه هستيءَ تان مٽجي چڪا آهن. انهيءَ ذخيري کي ڪنهن به نه سهيڙيو ۽ نه سموهيو، ورنه سنڌي ادب ۾ اهي وڏو سرمايو هجن ها. هن ”جنتة السنڌ“ ۽ ”تمدن السنڌ“ جهڙيون ضخيم شاهڪار تصنيفون لکي اهل سنڌ تي عظيم احسان ڪري سندن ڪُلهار بار احسان سان جهڪائي ڇڏيا آهن. ازانسواءِ هن ”بلوچستان جي تاريخ“ (ڇپيل) ۽ ”سنڌ جي ٽالپورن جي تاريخ“ (اڻڇپيل) ۽ مخدوم نوح جي سوانح ”سفينة النوح“ (اڻڇپيل) لکي، علمي دنيا کان پڻ خراج تحسين حاصل ڪيو آهي.
دعا آهي ته الله ڪريم کيس صحت ڪامل عطا فرمائي ته اسان لاءِ ڪجهه وڌيڪ ڪري ۽ کانئس اسان اڃا ڪجهه وڌيڪ حاصل ڪريون.

(ٽي ماهي مهراڻ، 4/ 1971ع تان ورتل)