هڪ تاثر مولانا گرامي تي
عربيه ڪاليج واري ملاقات کان پوءِ، مرحوم سان منهنجي صاحب سلامت واري ڏيٺ ويٺ شروع ٿي ۽ خط و ڪتابت جي ذريعي، گرامي صاحب سان ڪجهه زيادهه ڏيٺ ۽ مان سماهي مهراڻ ۾ ڪجهه نه لکندو هيس. انهيءَ زماني ۾، مان اڪثر حيدرآباد ايندو ويندو هيس، جيڪڏهن مولانا صاحب ڪٿي ملي وڃي، ته وڏي قرب مان پنهنجي گهر وٺي هلڻ جو اصرار ڪندو هو ۽ مان وعده فردا ڪري، گرامي صاحب کان موڪلائيندو هيس.
سنه 1964ع ۾، گرامي صاحب سماهي مهراڻ ۾ هڪ مقالو شايع ڪيو. مون ان مقالي تي سخت تنقيد ڪئي، جنهنڪري منهنجا گهڻو ڪري، سڀ گهاٽا دوست ناراض ٿي ويا. جي اڄ تائين منهنجي متعلق هڪ عجيب و غريب راءِ رکندا آهن. ٻه سال تنقيد ٿيندي رهي. ان کان پوءِ ٻئي سال گرامي صاحب ريڊيو پاڪستان تي مليو. سندس اهائي محبت محسوس ڪيم، جا تنقيد کان اڳ جي هوندي هئي. سندس ساڳيائي قرب ۽ ساڳيائي ٿورا هئا. مان تعجب ۾ هيس ۽ سوچيم، ته هي شخص ڪيترو نه عظيم آهي يا عجيب و غريب. تنهن کان پوءِ مان گرامي صاحب سان حيدرآباد ۾ وقتاً فوقتاً ملندو رهيس، سندس ساڳيو ئي سلوڪ هوندو هو، مان پريشان ۽ ڪنهن وقت پاڻ کي شرمندو محسوس ڪندو هيس. ڪڏهن به زبان مان تنقيد جي باري ۾ هڪ حرف نه چيائين، باقي ٻيا دوست خواهه مخواهه ناراض ۽ بيزار. ادبي تنقيد ٿيندي رهندي آهي ۽ هر ڪنهن کي اهڙو حق حاصل آهي. جيڪڏهن سڀ سچو سون هجي، ته ڪسوٽيءَ جو معيار ڪري پوندو ۽ ادب جو تحرڪ ختم ٿي ويندو. الله کيس جنت نصيب ڪري.
گرامي صاحب هڪ اديب، هڪ عالم، هڪ خطيب ۽ هڪ شاعر هوندو هو. هو هڪ محنتي ماڻهو هو، تنهنڪري گذرمعاش جي تلاش ۾، هن ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا. اها سندس ديانتداري هئي۔ هڪ سپاهيءَ وانگر هن وڏي جانفشانيءَ سان محنت ڪئي، ۽ سماهي مهراڻ کي زندهه جاويد بڻائي ڇڏيو، جنهنڪري هر انسان سندس مداح آهي. مون کي اها خبر ڪانه هئي، ته گرامي صاحب اسان کان اوچتو موڪلائي ويندو، نه ته ساڻس هڪ وڏي ملاقات ڪريان ها ۽ سندس شخصيت ۽ خيالات تي هڪ وڏو تاثر پيش ڪري سگهان ها. بهرحال سندس شعر متعلق هڪ ننڍو تاثر پيش ڪريان ٿو.
گرامي صاحب جا ڪجهه اشعار پڙهيا ۽ ٻڌا اٿم ۽ اندازو لڳايو اٿم، ته گرامي صاحب ۾ فلسفيانه نظريات سان گڏ، تصوف جي چاشني ۽ بلند آهنگيءَ جون گڏيل سڏيل تصويرون موجود آهن. هن جا مضمون گهڻو ڪري خشڪ نظر ايندا، پر انهن ۾ شعريت موجود هوندي آهي ۽ جنهن مان سندس بلند پايه شاعر هجڻ جو تاثر ملي ٿو. هو گهڻو لکي سگهندو هو ۽ گهڻو پڙهي سگهندو هو. هن وٽ سهڻن لفظن جو هڪ وڏو ڀنڊارموجود هو. انهن لفظن ۾، شان و شوڪت سان گڏ، هڪ طمطراق به موجود هو. لفظن ۾ ڪيترين صدين جو پس منظر هوندو هو. جيڪڏهن سندس شعر ۾ فقط لفظ هجن، معنيٰ ۽ مواد بالڪل نه به هجي، تڏهن به سندس لفظ معنيٰ ۽ شاعريءَ جو مقصد حاصل ڪري سگهندا. ڪجهه لفظ اهڙا ٿيندا آهن، جي مڪمل تصوير جي نشاندهي ڪندا آهن. گرامي صاحب کي علم عروض تي وڏو عبور حاصل هو ۽ سندس هر هڪ شعر، سندس فن جي بلند آهنگيءَ جو مرقع آهي. مون ڪيترن شاعرن کي پڙهيو آهي. ڪن جو وڏي عقيدي سان مطالع ڪيو آهي ۽ ڪن ۾ فقط لفاظي هوندي آهي؛ پر گرامي صاحب جا الفاظ به هڪ وڏي معنيٰ جو معيار رکندا آهن، ڪن وٽ وري عروض جي ڪمزوري آهي، گرامي صاحب وٽ بي پناهه برجستگي ۽ پختگي موجود هئي. سندس شاعريءَ ۾ زندگي آهي ۽ زندگيءَ سان گڏ، وٽس زندگيءَ جي دلفريبي به آهي. اڄ اها زندگي خاموش آهي ۽ دلفريبي به ان زندگيءَ سان گڏ موڪلائي ويئي. غزل گو شاعرن جي باري ۾ گهڻيون ئي خيال آرايون آهن، ڪن غزل جي شاعريءَ کي روايتي شاعري سڏيو آهي ۽ ڪن رسمي. جنهن ۾ عشق شاعرن جو پيدائشي حق آهي، تنهن ڪري بسا اوقات، غزل جا شاعر پنهنجي عشق جي شدت کان روئندا پٽيندا آهن. گرامي صاحب به غزل جو شاعر آهي، پر اهڙي ڳالهه منجهس ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. گرامي غزل جي صنف کي، غزل جي روايت کان گهڻو ڪري پاسي رکيو آهي. مون گرامي صاحب جا ڪيترا غزل پڙهيا آهن، جن ۾ شگفتگي، خوش اسلوبي ۽ پاڪيزگي موجود آهي. هو عشق مجاز جو گهايل نه هو، پر عشق جي اسرار رموز کان چڱيءَ طرح واقف هو. هو صوفي به ڪو نه هو، پر تصوف جي باريڪين کان باخبر هو. تنهنڪري منجهس عشق سان گڏ تصوف جو رنگ به نظر ايندو آهي.
آهي ڪعبي ۽ ڪليسا ڏي يڪي راهه گذر،
تو ۾ اي اهل نظر، خام ٿيو انداز نظر.
خمير خاڪ فنا آشنا جو ڇا انداز،
نظرسان آهه بڻي ڪيميائي خاڪ اثر.
ساقيءَ ماهوش، کڻ ڪا نوري نظر، ڪو اٿي جام ڀر
عالم رنگ وبو، چار سو، ڪو يڪو، ٿيو فريب نظر.
خدا جو شڪر، غم اين و آن جو آهيان امين،
نه آهه پنهنجي مقدر ۾ سيم و زر نه سهي.
¬¬¬¬¬
لفظن جي بلند آهنگيءَ سان گڏ شعرن جي پاڪيزگي ڏانهن نظر ڪجي. ڪعبي ۽ ڪليسا جي ماهيت جو خيال ڪجي. اهل ِ نظر جو انداز نظر غلط ثابت ٿيو. محبوب جيڪڏهن دلفريب نظرون مٿي ڪري ڪو جام ڀري پياري، ته سڄو عالم نظر فريب بڻجي پوي. مون لفظن جي باري ۾ مٿي ذڪر ڪيو آهي. مٿين شعرن مان لفظن جي شان و شوڪت ظاهر آهي. گرامي صاحب هڪ ڪهنه مشق شاعر هو، جنهن کي لفظن استعمال ڪرڻ جو هڪ ڍنگ هو، هڪ نئون ڏانءُ کڻي چئجي، ته منجهس ڏات هئي. گرامي صاحب انهن لفظن ۽ اصطلاحن کان احتراز ڪيو آهي، جيڪي غزل جي شاعريءَ جي روايت ليکيا ويندا آهن، جيئن ظالم، رقيب، صياد وغيره وغيره، جيڪڏهن اهڙا لفظ اچن، ته به سندن معنيٰ نئين دور جي عڪاسي ڪندي.
تصوف ۽ اخلاق جو پاڻ ۾ وڏو سٻنڌ آهي. غزل جي شاعريءَ ۾، محبوب جي شڪايت جا دفتر، هجر و فراق جون ڳالهيون، گريه وزاري جون ڪيفيتون نظر اينديون. مٿيان ٻه چار شعر گرامي صاحب جي غزلن جا آهن، جن مان ترقي پسنديءَ جي بوءِ ايندي، انسانيت جو سبق ملندو، تصوف جي ڪيفيت معلوم ٿيندي، جن ۾ هڪ سهڻي اخلاق جا مظاهر ڏسڻ ۾ ايندا. شاعريءَ سان گڏ شاعر جي ذاتي زندگيءَ جو مطالعو ڪرڻو ٿو پوي. جيتوڻيڪ گرامي صاحب سان ڪا لمبي ملاقات ڪانه ٿي آهي، پر سرسري جائزي کان پوءِ يقين اٿم، ته گرامي صاحب هڪ نيڪدل انسان هو ۽ هر ڪنهن سان نيڪيءَ سان پيش ايندو هو. اسان جي اڪثر ملاقات، ريڊيو پاڪستان اسٽيشن تي ٿيندي هئي. هو مون کي گهر وٺي هلڻ لاءِ آماده ڪندو هو، مان کيس سکر اچڻ لاءِ منٿون ڪندو هيس.
سندس اشعار کي، سندس سادي ۽ صفا زندگيءَ سان پرکي ڏسجي، ته سندس شخصيت جو مقام متعين ڪري سگهجي ٿو. گرامي صاحب نه رڳو غزل جو شاعر هو، پر هو بهترين نظم به لکندو هو ۽ آزاد نظم، جنهن جي خلاف گرامي صاحب تنقيد لکي هئي، پر پوئين وقت ۾ آزاد نظم سندس طبيعت جو خاصو بڻجي پيو هو.
گرامي صاحب جي نظم مان ڪجهه اقتباسات پيش آهن، جن جي پڙهڻ سان، گرامي صاحب جي بلند شخصيت ظاهر ٿئي ٿي. هو هڪ ديني عالم هو، جنهن ديني علوم جي تحصيل ڪئي هئي. هو زندگيءَ جي هر مسئلي کان واقف هو. هن جي انسانذات سان محبت هئي، انسان ڪهڙي به مذهب جو هجي، گرامي لاءِ انسان انسان هو. جيڪڏهن هو انسانيت جا حق ادا ڪري ته منجهانئس نسل ۽ مذهب جي تفريق مٽجي وڃي ٿي.
ڪنهن جي تحرير ۾ عيسيٰ ۽ محمد جو پيام،
ڪنهن جي تقرير ۾ گوتم ۽ ڪنيئي جوگيان.
ڪنهن حقائق تان هٽايا سوين رنگين غلاف،
ڪنهن دقائق جي جهان ۾ سٺا ڪيئي خار خلاف.
آهي حيات بخش هئي لمحئه حيات،
آهي زبان، مڪان کان مٿي منبع حيات،
هن مان سندس انفراديت ظاهر آهي. گرامي صاحب سهڻو ۽ پختو آزاد نظم لکڻ شروع ڪيو ۽ ٻين کي به مشورو ڏيندو هو. مون کي جڏهن ملندو هو، تڏهن پڇندو هو، ”راز صاحب آزاد شاعري بند ڪري ڇڏيوَ ڇا؟“ مان جواب ڏيندو هوسانس، ”توهان جو لکڻ شروع ڪيو آهي.“ مون ڏانهن وفات کان اڳ جيڪو خط لکيو هئائين، ان ۾ قائداعظم تي آزاد نظم لکڻ جي فرمائش هئي. گرامي صاحب آزاد نظم تي وڏي محنت ڪئي هئي. آزاد نظم جي رموز کان واقف ٿي هن آزاد نظم لکيو. مواد ۽ هيئت جي اعتبار کان سندس آزاد نظم بهترين آهي. آزاد نظم ترقي پسند تحريڪ جي هڪ وڏي علامت آهي.
وڌوا جي جهوليءَ جيان بي ثمر، نه جنهن کي آ ڪٺمال، بولو نه نٿ.
نه سندور سان سينڌ ان جي ڀريل، اڪيلو ٻٻر، پر سڪل ۽ سڙيل.
اڪيلي مٿس چٻ جا چراڙٽ، چي! ڪڏهن ٿو اچي بس انڌيرن جو راڄ،
انڌيرن جو راڄ!
هندي ۽ سنڌي لفظن جو ڪهڙو نه سهڻو ۽ دلپسند امتزاج آهي. گرامي صاحب جي لفظن تي پوري گرفت رهي آهي.
آءُ ڇا؟ هستيءِ بيڪران.
عالم ِ رنگ وبو جي مڪان ۾ مڪين و مقيد پيو تڙپان ٻران.
ابروئي جهان، منهنجو هر آشيان.
پيچ در پيچ ٿيو آهي منهنجو وجود.
گرامي صاحب هڪ بهترين خطيب هو. مون کي سندس تقريرن ٻڌڻ جو موقعو مليو آهي. گرامي صاحب وٽ لفظن جا انبوهه موجود هوندا هئا ۽ لفظ سندس مرضيءَ مطابق ڪم ڪندا رهيا. الله کيس مغفرت ڪري. عجب آزاد مرد هو.
سڀڪو ماڻهو آ محض ماڻهو ’راز‘، آدمي پر ملي ٿو مشڪل سان!
(ٽي ماهي مهراڻ، 4/ 1976ع تان ورتل)