غلام رباني
هڪ ڀيري هن منهنجي مان ۾ ماني ڪئي. چڱو چوکو اهتمام ڪيائين. ٻيا به اديب دوست ڪٺا ڪيا هئائين. ڍوُ ڪري ماني کاڌي سي ۽ دل کولي بحث ڪيوسي. انهن مڙني خوبين مونکي هن نوجوان ڏانهن مائل ڪيو هو. مون منجهس خلوص جو جذبو ڏٺو هو هو به ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ عالباً بي اي جو شاگرد هو. هو افسانا لکندو هو. مون سندس ڪيترائي افسانا ٻڌا جي فني ۽ فڪري اعتبار کان معياري نظر آيا. اهڙي قسم جي لڳاتار ملاقاتين ۽ ادبي ڪچهرين اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو. ادبي مجلس کان سواءِ اسان ٻنهي جون نجي ڪچهريون ٿينديون هيون هو مون وٽ ايندو هو ۽ مان هن وٽ ويندو هوس ڪڏهن گانڌي گارڊن ۾ ڪڏهن فريئر هال تي گهمندا هئاسي. هو سو سيڪڙو ڪهاڻيڪار هو منجهس طنز، ظرافت ۽ مزاح جون گونا گون ڪيفيتون موجود هيون. مون اندازو لڳايو ته اڳتي هلي هو سنڌي افساني جو سرواڻ بڻبو. پر ڏٺو ويو ته سندس شوق جو اهو وقتي جذبو هو سو ٿوري وقت ۾ ڍرو ٿي ويو اها جوت اجهامي ويئي. هن جي گفتگو بيحد دلچسپ هوندي هئي. سندس افساني جو موضوع گهڻو ڪري عوامي هوندو هو هن جا طبعزاد افسانا مقامي ماحول جي عڪاسي ڪرڻ لڳا ان ڪري مان سندس ادبي ڪوشش جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهندو هوس جنهن ۾ شخصي تعلقات جو به ڪنهن حد تائين دخل هو. جڏهن هن جي مالي حالت سڌري ته هن افسانو لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ ٻين فروعي معاملن ۾ وچڙجي ويو شايد انڪري اسان جي دوستيءَ ۾ هڪ وڏو گهاءُ پئجي ويو دوستي وڃي رسمي ملاقات جي حد تي پهتي.
هن نئين زندگي جي اداري ۾ ملازمت اختيار ڪئي هئي ڪراچي وڃڻ کانپوءِ ساڻس ملاقات ڪرڻ منهنجو دوستاڻو فرض ٿي چڪو هو. هو به سکر اچي نڪرندو هو جتي پڻ روح جي ورونهن ٿيندي هئي ڏينهن اڌ سکر رهندو هو. سندس افسانن جي مجموعي ”آب حيات“ جي ترتيب پڻ سکر ۾ ٿي هئي. تنوير عباسي به اتي هو جنهن جي مشوري مطابق ان مجموعي جي ترتيب منهنجي اوطاق ۾ مڪمل ٿي هئي. سندس مجموعو سندس هٿ اکر انگريزي صحيح ۽ تاريخ ۽ ”ڪائينڊ رگارڊس“ واري نوٽ سان پهتو. خوشيءَ جي انتها نه رهي مونکي ڄڻ جنتي ميوو مليو هو.
رباني طالب علميءَ جي زماني ۾ گهڻو لکيو ۽ عمدو لکيو. ڀايان ٿو سندس ادبي صلاحيتون سندس ملازمت جي ڪري زنگجڻ لڳيون. سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت هن کي گل ڦل جو رسالو ڏنو هو ٻارن سان وندر ڪرڻ ۽ مهراڻ رسالي جي اشاعت ۾ ابراهيم جويي جو ٻانهن ٻيلي بڻجي پيو. اهو پڻ چڱو ڪم هو، پر سندس ڀرپور ادبي شعور تي رنگ لڳڻ شروع ٿيو. شايد سندس ذوق پوڙهو ٿي ويو. ۽ رباني هوريان هوريان ادبي دنيا مان اوجهل ٿي ويو. مهراڻ رسالو سنڌين جو ادبي دستاويز آهي جنهن کي سينگارڻ ۽ سموهڻ ۾ جويي جون خدمتون قابل تعريف آهن. رباني مشغلن ۾ مصروف ٿي ويو. هو ڪچهري جو مور آهي، پر سندس سچي پچي منزل کان هٽي وڃڻ، سنڌي ادب جي بدقسمتي آهي آئنده جو درخشان ستارو پڇڙ تارو ٿي پيو.
منهنجي سنگتين جي هڪ وڏي فهرست ۾ رباني اهو پهريون ساٿي هو جنهن وڏي چاه ۽ شوق مان مون سان گڏجي هر وقت سبز چانهه ٿي پيتي ۽ هن سچ پچ ان جي خوشبوءِ ۽ ذائقي مان حقيقي لطف حاصل ڪيو مان منڍ کان وٺي سائي چانهه جو عادي آهيان. جڏهن مان ڪراچي ۾ وٽس ويندو هوس ته هو پهريان ئي اها خوشخري ٻڌائيندو هو ته ان وقت ڪٿي ۽ ڪهڙي هوٽل تي دلپسند سبز چانهه پي سگهبي اها هڪ وڏي ڳالهه هئي جو هو منهنجيءَ پسنديده چيز لاءِ جاکوڙ ڪندو رهي. سندس اهو انداز ڪيترو نه پيارو هو. ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪنهن به دوست سبز چانهه جي معاملي ۾ مون ۾ اهڙي دلچسپي ڪڏهن ڪانه ورتي آهي. سبز چانهه پيئڻ جي عادت ته ربانيءَ ۾ به ڪانه هئي، پر آءٌ سندس ذوق جي تعريف ڪرڻ کان به رهي نٿو سگهان جو هن کي سچ پچ سبز چانهه جي ڪوالٽيءَ کي پرکڻ جي تميز هئي. هن مونکي صدر جي چيني ريسٽوران ۾ بهترين سبز چانهه پياري هڪ ڀيري مسجد خضرا جي ڀر واري ريسٽوران ۾ سبز چانهه پياريائين جا پڻ سچ پچ ڏاڍي ذائقيدار هئي.
1960ع کانپوءِ هو شيخ اياز جي ويجهو آيو. هو سکر ايندو هو ته گهڻو وقت اياز سان گذاريندو هو هو مونکي فقط فون تي اطلاع ڏيندو هو ۽ باوجود وعدي جي هو ڪنهن وقت به مون وٽ نه آيو ان جي برعڪس جيڪڏهن مان حيدرآباد ويندو هوس ته ساڻس ضرور ملندو هوس ۽ هو منهنجي چڱي چوکي خاطر داري ڪندو هو. وقتي مانيءَ جي دعوت به ڪندو هو. 1963ع کان پوءِ هن مون سان سکر ۾ فون تي به ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو انهيءَ لڏي مون سان بائڪاٽ ڪئي هئي مون به وري ڪڏهن هن جي صورت ڪانه ڏٺي. مان سال ۾ ٻه چار ڀيرا حيدرآباد ويندو هوس ۽ هو به سال ۾ پنج ست دفعا سکر ايندو رهيو، پر اسان هڪ ٻئي کي بنهه وساري ڇڏيوسي. هو ڄڻ ڪنهن تکي وهڪري ۾ وهي ويو ۽ مون کيس دل تان لاهي ڇڏيو. ڪن گهڙين جي قربت ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ هر کندي اٿم اڄ به ان هرک جي اثر هيٺ هي تاثر لکي رهيو آهيان.
غالبا ً 1969ع ۾ ريڊيو پاڪستان جي پروگرام جي سلسلي ۾ حيدرآباد ويل هوس. دستور موجب منهنجي بيٺڪ الياس عشقي جي آفيس ۾ رهندي هئي مان اتي ويٺو هوس ٻيا به ٻه چار دوست ويٺل هئا اتي هڪ ڊولائتي شڪل صورت وارو جوان اچي پهتو جنهن کي اکين تي ڪارو چشمو چڙهيل هو. ڪپڙين لٽين وڏو آفيسر ٿي ڏٺو. منهن ڀريل ۽ گول هيس. رنگ اڇو ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل. هو وڏي مخرج سان الياس صاحب جي کاٻي پاسي آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيو. سڀني اٿي بيهي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو تنهنڪري منهنجو اندازو وڌيڪ پختو ٿيو ته ضرور ڪوئي جنگ عملدار آهي. مان الياس صاحب جي سڄي پاسي کان ننڍي ڪرسيءَ تي ويٺو رهيس. هن ڳالهائڻ شروع ڪيو مون ان لهجي ۽ آواز تي ڪن کڙا ڪيا وري هو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ٽهڪ جو آواز به ڪجهه واقف ٿي لڳو جيئن ته عشقي صاحب وچ ۾ هو تنهنڪري سندس پوري شبيهه جو اندازو لڳائي نه سگهيس پر ذهن تي زور ڏيڻ ضرور لڳس. ايتري ۾عشقي صاحب کي شايد ياد اچي ويو هن کي ڪجهه بئڪ گرائونڊ جي خبر هئي ٻيو ته منهنجي عشقي سان ڏيٺ ويٺ تنوير عباسي ۽ ربانيءَ جي معرفت ٿي هئي. عشقيءَ فورن ان نووارد کي چيو راز صاحب سان نه ملين ڇا. هن جي شفقت جي نظر ڪارن شيشن ما نڪري مون تي پيئي. مرڪندڙ چهري سان ڪرسيءَ تان ٿورو چريو ۽ هٿ ڊگهو ڪيائين. مان ڪرسيءَ تان اٿي هٿ وڌايو تڏهن وڃي منهنجي هٿ هن جي هٿ سا ميل کاڌو. عشقي صاحب چيو رباني صاحب بورڊ جو سيڪريٽري اٿيئي. اڄ زبان جي متعلق ڪنهن ميٽنگ ۾ هوائي جهاز رستي پنڊيءَ وڃي رهيو آهي. مون مرڪي چيو ”ماشاءَ الله“ ان کانپوءِ ٻوليءَ جي متعلق ٻه چار علمي نڪتا ٻڌائي رباني صاحب تڙ تڪڙ ۾ موڪلائڻ لڳو مون به اٿي کانئس موڪلائي ڪري کيس رخصت ڪيو واقعي سندس پرنسلٽي اڀري آئي هئي. ڪنهن وقت جو هڏين جو پڃرو ڀرپور شخصيت جو مالڪ نظر آيو. (نومبر 1971ع)
(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)