شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

عبدالمجيد سنڌي

ڪنهن زماني ۾ مان اسلاميه ڪاليج سکر ۾ اسلامي تاريخ پڙهائيندو هوس. سنڌي شعبو به منهنجي حوالي هو جنهن جو سمورو نصابي ڪم مونکي ئي ڪرڻو پوندو هو. ڪاليج اختياري وارن ڪجهه انتظامه جو ڪم ڪار به منهنجي حوالي ڪري هڪ ڪمرو منهنجي لاءِ مخصوص ڪيو هو. منهنجي نوڪري اهڙي قسم جي ٽسوڪڙي هئي. سنڌي شاگرد مون ۾ وڏي آس ۽ اميد رکي مون وٽ ايندا هئا. مان به سندن ڪم پنهنجي وس آهر ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هوس. ڪاليج جي وڏي اسٽاف ۾ مان اڪيلو سنڌي هوس. هڪ ڏينهن هڪ شاگرد پڇيو ”سائين!سنڌيءَ جو استاد ڇو نه ٿا رکو“ مون جواب ڏنو ”ملي ته ضرور رکنداسون اسان کي سخت ضرورت آهي“ هن چيو ”منهنجو دوست آهي ته سرويئر پر سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ايم اي ادب سان به خاصي دلچسپي اٿس“ ”کيس وٺي آءٌ ته سندس حال ڏسجي“ مون کيس جواب ڏنو.
ٽئين چوٿين ڏينهن هن درخواست آڻي ڏني. مون ان جو انٽرويو ليٽر ڪڍايو مقرر تاريخ تي اميدوار اچي حاضر ٿيو. کيس پرنسپال جي آفيس ۾ آندم. مان اميدوار سان حالي حوالي ٿيس. هو مونکي نهايت سادو، نهٺو ۽ مهذب نظر آيو. ايس ڊي او جو حق ڇڏي هو استاد ٿيڻ لاءِ تيار هو. سندس اها سوچ مونکي ڏاڍو وڻي. پرنسپال کي چيم ته بلڪل ٺيڪ آهي. ان وقت آرڊر ٽائيپ ٿي ويو ۽ ميمڻ عبدالمجيد سرويئر مان ڦري پنجن ڪلاڪن جي اندر اسلاميه ڪاليج جو ليڪچرار بڻجي پيو. جيڪو ماڻهو برپٽ ۾ اڪيلي سر مزدورن کان کاٽي ڪرائي رهيو هو سو چوويهن ڪلاڪن جي اندر ڪاليج جي شاندر عمارت ۾ بجلي پکن هيٺان اعليٰ تعيلم يافته دوستن جي سٿ ۾ شامل ٿي ويو. اڍائي سو شاگردن جو استاد بڻجي پيو. الله جي شان جي ڪهڙي تعريف ڪجي. هو منهنجو حد کان وڌيڪ احترام ڪندو آهي آءٌ کيس پنهنجو دوست ۽ ساٿي سمجهندو آهيان تنهنڪري ڪنهن ڪنهن وقت سندس بيجا تڪلف تي خار کائيندو آهيان.
ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ڏنگا ڦڏا ڪپڙا پهريل ڏسو ۽ اهي ڪپڙا به گهڻو ڪري رنگين هجن يعني نيري پينٽ ۽ ڳاڙهي بشرٽ ۽ هو ڊگهيون ٻرانگهون کڻي پيرن کي کاٻي ۽ ساڄي پاسي نهايت بي نيازي سان اڇلائيندو هجي ۽ ائين سمجهي ته هو رستي يا فٽ پاٿ کي پنهنجين وکن سان ماپي ٿو. سندن منهن مٿي هجي وکن جي کڄڻ ۽ ڪرڻ کان لاپرواهه ڄڻ دماغ ۾ حساب ٿو ڪري. سندس چهري تي ڏاڙهيءَ ۽ مڇن جا وار بلڪل سنها هجن ۽ سندس ڏاڙهي نه ڪوڙيل سمجهجي ۽ نه وري اڻ ڪوڙيل ته پڪ سمجهو ته اهو ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شاهه ڪريم جي ڪلام جو مرتب ۽ اسلاميه ڪاليج جي سنڌي شعبي جو سربراهه آهي. پڙهڻ جو ڏاڍو شوق اٿس ۽ سندس سڀاءَ ۾ ويسر ڀولي جو عنصر آهي هن جو ڪجهه ڪجهه انداز فلاسافرن جهڙو آهي. هڪ ڀيري لاڙڪاڻي واري گاڏي بدلائڻ بجاءِ حبيب ڪوٽ ۾ جيڪب آباد واري گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺو. ڪتاب پڙهڻ ۾ ايترو مصروف رهيو جو اڃ لڳڻ تي واجهايائين ته جيڪب آباد اسٽيشن تي گاڏي بيٺي هئي ۽ هو اهڙي ڀل چوڪ اڪثر ڪري وجهندو آهي. مان ٻن وهائڻ تي ٽيڪ ڏيئي ليٽڻ کانسواءِ نه لکي سگهندو آهيان، پر عبدالمجيد پڙهڻ لاءِ غسلخانه کي به مطالعه جو ڪمرو بڻائي سگهندو آهي ۽ لکڻ لاءِ هڪ ٽنگ تي بيهي لکي سگهندو آهي. ريل ۾ لکڻ پڙهڻ ته هن کي سڀ کان آسان لڳندو آهي. دٻي جي مسافرن جي گوڙ گهمسان کان هو بي نياز هوندو آهي ننڊ ڪرڻ جو به مڙس آهي ويٺي ۽ بيٺي ته مون هن کي ننڊ ڪندي ڏٺو آهي ڪوشش ڪري ته شايد هلندي به ننڊ اچي وڃيس. مون کي سندس ٻن عادتن کان تڪليف ٿيندي آهي. هڪ سندس ڊگهيون ٻرانگهون ۽ ٻيو سندس انوکي قسم جي ڏاڙهي، جا نه قديم آهي ۽ نه وري کيس جديد سڏي سگهجي ٿو. 1954ع جو زمانو هو شيخ اياز کي ڏاڙهي رکڻ جو خبط جاڳيو. روزانو چوي ”ڏاڙهي رکون“ بحث ٿيندو رهيو ته قديم رکون يا جديد. هن جو زور جديد تي هو يعني ڳٽن جا پاسا هلڪا ۽ کاڏيءَ تي جهڳٽو. مولانا ابوالڪلام جي ڏاڙهيءَ وانگر منهنجو ضد هو ته قديم وضع جي رکجي جا ڳلن ۽ ڳٽن تي هڪ جهڙي وڌيل هجي جيئن مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي يا ڊاڪٽر جانسن ۽ رابرٿ ناٿ ٽئگور وانگر. آخر اها تجويز گهڻن ڏينهن جي بحث کان پوءِ ٿڏجي ويئي. درحقيقت ڏاڙهيءَ جا به اهي ٻه قسم مشهور ۽ رائج آهن. پر عبدالمجيد جي ڏاڙهيءَ جو قسم ئي نرالو آهي. هڪ ڀيري مان ٽي چار ڏينهن بيمار هوس انهن ڏينهن ۾ ڏاڙهي ڪوڙڻ جي همت ڪانه ٿي هئي چوٿين ڏينهن آئيني ۾ شڪل ڏٺم. عبدالمجيد جي ڏاڙهيءَ جي هوبهو، پنهنجي ڳلن تي وار ڏٺم مونکان کل نڪري ويئي. گهر واري بورچيخاني مان ڀڄندي آئي ته مان شايد بيماري ۾ وڦلان پيو. کيس حقيقت کان واقف ڪيم. عبدالمجيد جون ڊگهيون وکون منهنجي مصيبت جو ڪارڻ بڻبيون آهن. هڪ ته مان کانئس قدم لاٺيرو ۽ ٻيو هوريان هوريان هلڻ جو عادي. سندس ڏوهه به ڪونه آهي. هڪ ته هو قد ۾ ڊگهو ٻيو هو زندگي جا ست اٺ سال نوڪري جي زماني ۾ تڪڙو ڊوڙندو رهيو هو هن جي ملازمت اهڙي قسم جي هئي.
منهنجي به ساڻس بي تڪلفي ڪانه هئي جو کيس سمجهائي سگهان ته استاد سمجهي سوچي هلندو آهي ڏسي وائسي قدم کڻندو آهي. تڪليف سهندو رهيس آخر هو منهنجي چال سمجهي ويو جڏهن هڪ ڀيري مونکي سهڪندو ڏٺائين. گهڻي احتياط جي باوجود هن جي پراڻي رفتار جاڳي پوندي آهي ۽ مونکي کيس ياد ڏيارڻو پوندو آهي ته ”اسين استاد آهيون“.
عبدالمجيد ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو ۽ هو پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب بڻيو. کيس جاکوڙ ۽ تحقيق جي عادت آهي. ردي ڪاغذن جي ڍير مان به ڪو خزانو ڳولهي هٿ ڪندو آهي. انهي نموني هن ڪيترا ڪتاب حاصل ڪيا آهن. ادبي دنيا ۾ هن جو پهريون قدم جاکوڙ جو هو. فارسي پڙهيل آهي يا نه پر فارسي ڪتابن مان به ڪي مقولا ۽ روايتون پنهنجن مضمونن ۾ آڻيندو آهي. جڏهن هو علم جي چڱي ذخيري کان واقف ٿيو تڏهن هن ٻيو قدم کنيو. اهو قدم سندس تحريرن تي مشتمل آهي هن مضمون ۽ مقالا لکڻ شروع ڪيا جي پهريائين اخبارن ۾ شايع ڪرايائين ان کانپوءِ هو رسالن لاءِ لکڻ لڳو. ٽيون قدم ڪتابن شايع ڪرائڻ لاءِ مخصوص رهيو. ننڍا وڏا ست اٺ ڪتاب لکي چڪو آهي.
شيخ اياز جي مون سان ڪجهه غلط فهمي پيدا ٿي هئي. انهيءَ غلط فهمي اسان ٻنهي ۾ ڪشيدگيءَ جي صورت اختيار ڪئي. انهي زماني ۾ مجيد صاحب اياز جي ڪلام تي تنقيد ڪري اها تنقيد مهراڻ اخبار ۾ شايع ڪرائي منهنجي فرشتن کي به خبر ڪانه هئي ڀايان ٿو اهو سال 1963ع جو دور هو. انهيءَ تنقيد باهه تي تيل جو ڪم ڪيو جيئن ته عبدالمجيد کي مون سان منسوب ڪيو ويندو آهي تنهنڪري اهو سمورو ڏوهه مون تي مڙهيو ويو ۽ اياز صاحب مون کي ڪنهن به صورت ۾ معاف ڪرڻ جي حق ۾ نه هو. عبدالمجيد جي تنقيد ڪري اياز جي مخالفن ۾ سندس مقبوليت وڌي ويئي. تنقيد ۾ دماغ استعمال ڪرڻو پوندو آهي ۽ پنهنجي اوسي پاسي کي نظر ۾ رکبو آهي.
تنقيد جو فن نهايت ڏکيو آهي ۽ اياز جهڙي وڏي شاعر تي تنقيد ڪرڻ هڪ مشڪل مسئلو بڻجي پوي ٿو. مجيد صاحب کي مون صلاح ڏني ته هو تحقيقي سوالن لکڻ تائين پاڻ کي محدود ڪري. تحقيقي ڪم ۾ گهڻي عرق ريزي ڪرڻي پوي ٿي ۽ صحيح معنيٰ ۾ محقق بڻجڻ هڪ وڏو اعزاز آهي ۽ مون جهڙن آرام پسند ماڻهن لاءِ اهو ڏاڍو ڏکيو پورهيو آهي.
عبدالمجيد اسلاميه ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي ۾ نئين سر ساهه ڦوڪيو ڪاليج ۾ اها هڪ ئي سوسائٽي هئي جنهن ۾ زندگي موجود هئي اسان کي گويا ڪاليج جي طرفان کليل ليسن مليل هو. جڏهن چاهيون جتي چاهيون ادبي ميڙ ڪوٺايون. هر طبقي جي ماڻهوءَ کي ڪوٺ ملندي هئي مهمان ايندا هئا جن جي خاطر خواه تواضع ڪئي ويندي هئي. غير سنڌين ۾ به سنڌي زبان لاءِ ڪن رس پيدا ٿي پيو. هو سنڌي ٻوليءَ جو جانباز سپاهي آهي.
سنڌي شعبي جو دفتر گويا سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جو مرڪز هو. جڏهن چار يار ڪٺا ٿيا ادبي ڪچهري شروع ٿي ويئي. نواز علي بلوچ نوجوانن کي گڏ ڪندو هو ۽ منجهن سنڌي ادب لاءِ شوق پيدا ڪرڻ جي مهم هلائيندو هو. سنڌي ۾ ايم اي جي ڪلاسن کلڻ کانپوءِ سال ٻن جي عرصي ۾ ايم اي ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ان جو نتيجو اهو ٿيو جو شاگردياڻين ۾ نئين ادب سان دلچسپي جاڳي ۽ ٿوري وقت ۾ منجهن چڱو شعور پيدا ٿي پيو ۽ هو نئين ادب ۽ ادب جي قدرن تي ڳالهائڻ جي لائق بڻجي پيون. نواز عليءَ کي ڪنهن جو افسانو ته ڪنهن جو شعر ۽ عبدالمجيد کي ڪنهن جو مونو ۽ سنڌي ٻوليءَ متعلق ڪو تحقيقي مقالو ڏسڻو پيو. سنڌي زبان جي ترقي لاءِ انهن صورتن کان وڌيڪ ڪو فعال رستو ڪونه هو. نعرن مان ته ڪجهه نه ورڻو آهي. مان سدائين سندن حوصله افزائي ڪندو هوس.
عبدالمجيد حضور شرم ۽ هر دلعزيز آهي. پنهنجي يا پرائي سوالي سان هن جو هڪ جڙرو ورتاءُ رهندو آهي. هر مشڪل کي آسان ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشي بهندو آهي. هن شايد زندگيءَ ۾ ڪنهن کي به مايوس نه ڪيو هجي. هو منجهيل کي رستي تي لڳائيندو آهي پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي ٻئي جي ڪم سان لڳي ويندو آهي. اهو سندس وڏو ظرف آهي ۽ سندس خلوص جو جنون آهي. هو اهڙن معاملن ۾ بلڪل بي اصول لڳندو آهي جيڪو آيو سو اگهيو. سندس آسري تي اڳيون سڪي ويندو ۽ پويون کيس رات ئي را ت وٺي وڃي حيدرآباد پهچندو. قرض ڏيڻ جي عادت به اٿس اڪثر سندس مقروض قرض جي رقم وساري ڇڏيندا آهن ۽ هو کين ڏسي ٿڌو ساهه ڀري سڀني کي مهٽيندو آهي ۽ مان سمجهي ويندو آهيان.
هو نهايت جذباتي آهي، پر نيڪ ماڻهو آهي. ڪنهن زماني ۾ منهنجي هر ڳالهه تي سن کائي ويندو هو پر هينئر هو جذبات کي لڪائي نه سگهندو آهي ڇاڪاڻ جو هو هينئر هڪ مڃيل اديب آهي ۽ مان پنهنجي ڳالهه تي پڇتائيندو آهيان. ڪنهن سان به حسد نه رکندو آهي. دشمن کي به معاف ڪري ڇڏيندو آهي. هر موضوع تي لکڻ لاءِ تيار رهندو آهي. آءٌ اڪثر احساس ڪمتري ۾ مبتلا هوندو آهيان، پر هو احساس برتريءَ جي دٻاءَ هيٺ هر موضوع تي لکڻ جو پاڻ کي لائق سمجهندو آهي. گهڻو ڪري هر ڳالهه تي مشورو ڪندو آهي منهنجي صلاح نهايت انڪساري سا ٻڌندو آهي پر ڪندو ان جي ابتڙ آهي سندس اها ادا به مونکي پسند ايندي آهي.
هو سنڌي ٻوليءَ تي بهترين مقالو لکي سگهي ٿو پر هو شعر لکي نٿو سگهي هڪ ڀيري سنڌي سوسائٽي جي جلسي ۾ کانئس شعر پڙهڻ جي فرمائش ڪئي ويئي. هن ان تقريب ۽ گيت پڙهيو تعجب ته ٿيو، پر سڀني سان گڏجي مون به داد ڏنو. تقريب کانپوءِ جڏهن سنڌي شعبي جي آفيس ۾ آياسي سندس شاعريءَ تي مون ڏاڍا ٽهڪ ڏنا نواز علي ۽ هو پاڻ به مون سان انهن ٽهڪن ۾ شامل ٿي ويا. پاڻ کي به کيس تعجب هو ته هو ڏينهڪ ڪيئن شاعر بڻجي پيو. هن جي طبيعت سو في سيڪڙو غير شاعرانه آهي وڏا اديب گهڻو ڪري غير شاعر هوندا آهن هن جي بي داغ زندگي ۽ سندس دوستانه خلوص تي مونکي فخر آهي. (نومبر 1970ع )

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)