اياز قادري
اسان گهڻو ڪري هڪ ٻئي کان گهڻو پري رهيا آهيون. هو ڪراچوي يعني ڪراچيءَ جو باسي ۽ مان ساکرو يعني سکر جو رهواسي. اياز کي موڪل يا فرصت ملي ته ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي دادو رستي وڃي پنهنجي ڳوٺ لاڙڪاڻي پهچي. سکر واري لائين هن جي لاءِ ڄڻ پهاڙ، گاڏين جي مٽا سٽا، گاڏيءَ جي انتظار ۾ روهڙيءَ ۾ ويهي اوٻاسيون کائڻ واقعي ڏکيو عمل آهي. تنهنڪري اسان جي ملاقات واٽ ويندي به ڪانه ٿيندي آهي. دوريءَ جي باوجود اسان ٻنهي جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ سڪ ۽ پيار جا جذبا آهن. سندس افساني ۾ ڪردار نگاري جي تحرير مون کي اڄ سندس ڪردار لکڻ لاءِ آماده ڪيو آهي.
1955ع ۾ اياز قادريءَ جا ڪيترائي لکيل افسانا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيا. ڪي کانئس روبرو ٻڌم ۽ ڪي رسالن ۾پڙهيم. اياز قادري ان وقت جو افسانه نويس بڻجي سنڌين سان متعارف ٿيو هو. هي سندس خاڪو آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي ذاتي تاثرات ۽ تجربات جي بعض دلچسپ واقعن کي گڏ ڪري ڪردار کي نمايان ڪندو آهي. ڪردار جي فني ۽ ادبي معاملات تي سرسري نظر اڇلائي سندس شخصيت جي ڪڙين کي ملائڻو پوندو آهي.
1956ع ۾ اياز سان تعلقات مضبوط ٿيا. هو ان وقت سنڌي ادبي سنگت جو روح روان هو يعني جنرل سيڪريٽري. نون اديبن جي انجمن کي هن پنهنجي خلوص، نيڪ جذبي ۽ محنت سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي نوجوان ۽ جديد اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪرڻ سندس اهم ڪارنامو هو، جنهن سان رجعت پسندي جي ماڙين ۾ زلزلو اچي ويو. هو پاڻ افسانه نويس جي حيثيت سان مشهور ٿيو ورنه هو نظم جو به عمدو شاعر هو. هو مونکي اڪثر نور الدين سرڪيءَ جي ڪمري ۾ اديبن جي ميڙ ۾ ملندو هو. هڪ ڀيري هن پنهنجي جاءِ تي ادبي گڏجاڻي ڪوٺائي هئي، جتي گهڻو ڪري سڀ نوجوان اديب موجود هئا. مونکي ڪيترن نون ۽ پراڻن شاعرن سان ملڻ جو اتفاق پڻ اتي ٿيو. رشيد احمد لاشاري ۽ عبدالحليم جوش انهن ۾ قابل ذڪر هئا، جن سان ملي سچ پچ منهنجي دل کي خوشي ٿي. ان ڏينهن اياز قادري جي حسن اخلاق مون کي متاثر ڪيو. هو تنقيدي بحث ۾ به ڀرپور حصو وٺي رهيو هو. هو افسانه نگار ۽ شاعر هو، تنهنڪري نثر ۽ نظم تي بحث ڪرڻ جو کيس ڪلي اختيار هو البته زبان جي وقتي هٻڪ بحث جي سلسلي کي بعض اوقات منجهائي ٿي رکيو. سندس بلاغت ٿاٻڙجي ٿي پيئي پر سندس بحث وزنائتو ۽ صحتمند هو. محفل ختم ٿيڻ تي هو، سڀني اديبن کي ميڙي رام باغ جي ڪنڊ واري هوٽل تي وٺي آيو. ڇهن ڇهن جي ٽولن ۾ ورهائجي وياسي. ڀايان ٿو چار ٽولا کن ٿيا. هن دل کولي خاطر مدارت ڪئي. وڌيڪ کائڻ لاءِ منٿون ۽ ايلاز. سنڌي افسانه جي ڪردار نگاري ۾ برک ليکڪ اياز منهنجي لاءِ هڪ ڪردار بڻجي پيو جنهن جو سچو پچو عڪس سندس بي انتها خلوص ۾ ملي ٿو. اسان به کائڻ جي شين سان اصرار موجب انصاف ڪيوسي.
ترقي پسند دور هو جنهن ۾ هربي راهه روي کي جائز ڪرڻ جي ڪوشش هوندي هئي ڪي اديب ڊڪي ۾ پئجي ويا انتها پسندي جا عناصر منجهن ظاهر ٿيڻ لڳا. ادب برائي زندگي جي نئين معنيٰ ڪڍي ويئي. پر گهڻا اعتدال پسند هئا. افسانه نگاريءَ ۾ اياز جو قلم دلڪي هلندو رهيو سنڀالي سنڀالي قدم اڳتي وڌائي رهيو هو. هڪ شهسوار وانگر گهوڙي جي واڳ جهليندو رهيو ۽ حرام جو ڪڏهن سندس چال ۾ فرق پوي. اهو دور سچ پچ افساني جو وڏو دور هو. ملڪ جي ورهاڱي وقت مون، شيخ اياز، سوڀي، گوبند مالهي، رام پنجواڻي وغيره ڪهاڻيون لکيون هيون اهو سنڌي افساني جو اوائلي دور هو جنهن ۾ ترقي پسندانه جذبات جو وڏو دخل هو. اياز قادريءَ وارو دور سنڌي ادب جو اثرائتو زمانو هو. افساني جا وڏا وڏا فنڪار اڀريا جن جو فن سان چاه هو سندن دلين ۾ هڪ جذبو هو هر ڪنهن جو رنگ جدا ۽ بوءِ الڳ.
اياز قادري ڪپڙين لٽين مغرب زده لڳندو آهي، پر طبعاً فقير قسم ماڻهو آهي. سندس ڳالهائڻ ۾ ڦند نه ڦير. سڌو سنئون ماڻهو منهن تي ڦهڪائڻ وارو نه دوستي ۽ تعلقات جو خيال ۽ لحاظ نه مخالفت جو خوف ۽ خطرو. ان هوندي به هو هڪ ڀيري منهنجي بيباڪيءَ تي ڏاڍو ناراض ٿيو. مون نئين مختصر افساني تي تنقيد لکڻ شروع ڪئي هئي. انسان، انسان آهي. هو ڪنهن به وقت فرشتو ٿي نٿو سگهي. عيب ثواب هر ڪنهن ۾ هوندا آهن جنهن کانسواءِ انسان نامڪمل لڳندو آهي. جيئن ته فنڪار به ماڻهو آهي ان کان به غلطيون سرزد ٿي سگهن ٿيون. مون به غيرجانبدارانه طور اياز جي افسانن ۾ ڪن ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي، مضمون ڇپيو. جوان تپي لوه ٿي ويو. ڇوهه مان خط لکيائين چڱو ٿيو جو مان کانئس ٽن سو ميلن تي پري ويٺو هوس. سندس طنز ۽ ڪاوڙ جو حال خط مان معلوم ڪيم. اڪثر سوچيندو آهيان ته سنڌي اديبن ۾ تنقيد سهڻ جو مادو ڇو ڪين آهي. مون سنڌي ادب جا مختلف دور ڏٺا آهن ۽ هر دور ۾ مون ڪن وڏن اديبن کي به تنقيد تي وڦلندو ڏٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سنڌي ادب جو قدم نهايت آهستگي سان اڳتي وڌي ٿو. مون به اياز کي سختيءَ سان سندس چئلينج جو جواب ڏنو. ڪجهه مهينن کان پوءِ هو سکر ۾ سرڪيءَ جي شاديءَ تي ملي ويو ڏٺائين، نئين ڪنوار وانگر منهن کي موڙو ڏنائين، آخر پرچايو مانس ۽ پرچي ويو ڇاڪاڻ جو منهنجي بي هنري جا نوان نوان راز مٿس ظاهر ٿي پيا.
1954ع کان پوءِ جو زمانو سنڌي ادب ۾ افسانوي دور هو. ڪيترائي افسانه نگار اڀريا هر ڪنهن پنهنجو وارو وڄايو. مون ته ان زماني ۾ اديبن جي گوءِ جو منظر ڏٺو. هر ڪوئي ميدان ۾ اڳتي نڪرڻ جو خواهشمند هو. اها سچ پچ خوشي نصيبي جي ڳالهه هئي. ڊوڙ جي ميدان ۾ الاهي توهار کانپوءِ هر ڪو ڊوڙڻ لڳو. انهن مان گهڻا ٿڪجي اڌ فاصلي تي ويهي رهيا ڪي ٿاٻڙجي ڪري پيا باقي ٽي بيحد تيزي سان ڊڪڻ لڳا. سمجهيم اياز قادري قد جي حساب سان باقي ٻن کي شھ ڏيئي ڇڏيندو، پر هو سست ٿي پيو رباني بدن جو هلڪو ۽ ڦرت هو ڄڻ سندن بدن ۾ وڄ ڀريل هئي، کڏ کي آب حيات سمجهي ويهي رهيو. جمال ابڙو ميدان ۾ اڪيلو هو. سمجهائين ته جهٽ پلڪ ساهي پٽيان وڻ جي ڇانو ۾ ويهي رهيو ننڊ اچي ويس. هڪ ڪمزور ۽ نحيف بدن جيڪو گوءِ ۾ منڍ کان پوئتي هو سو هوريان هوريان منزل ڏي وڌڻ لڳو منجهس نه تکائي ۽ نه تڪڙ هئي منزل ته کيس به ڪانه ملي پر پنهنجي سست رفتاريءَ سان هلندو ٿو رهي اهو هو ع.ق.شيخ. سنڌي افساني جو رنگين ۽ خوبصورت ڏهاڪو لنگهي ويو جنهن ۾ خرافات گهٽ، لطفات ۽ چاشني وڌيڪ. افسوس همراهه ٿڪجي پيا شايد اهڙو سمو سنڌي ادب ۾ وري موٽي سگهي.
اياز ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي. عملي طرح سندس رفتار سست آهي. سنگت ۾ اختلافات پيدا ٿي پيا ۽ اياز قادري سنڌي ادبي سنگت کان الڳ ٿي ويو، ڪيترا سال هو پردي جي پٺيان لڪي ويو. سندس دماغ جي زرخيزي شايد 1960ع تائين اجڙي ويئي. هو معقول ۽ اعتدال پسند انسان آهي هو حد درجي خليق ۽ مهمان نواز دوست آهي. هن ۾ پسندگيءَ ۽ ناپسندگي لاءِ پنهنجا انوکا نظريا آهن. دعوت جو اصرار به هو نهايت خلوص سان ڪندو آهي. منهنجي زندگيءَ جو پڻ عجيب وهنوار آهي. مخلص دوستن جي دعوت قبول ڪرڻ ۾ عار نه سمجهندو آهيان. رسمي دعوت کان عذر معذور ڏيئي جان ڇڏائيندو آهيان.
هر معاشري ۾ استاد جو ڌنڌو معزز ۽ باوقار رهيو آهي. هر پر آشوب دور ۾ استاد جي عزت مٿڀرو رهي آهي. استاد هڪ شرعي حيلو ۽ رزق حلال جو وسيلو آهي عام طور خلق خدا جو به اهو ئي رايو آهي. اياز قادري اوچتو استادي ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي، پر مان کيس استاد سمجهڻ لڳس. هڪ ڀيرو سو آدمي استاد بڻجي پوي سدائين استاد سڏيو ۽ سمجهيو ويندو آهي. هو توڙي موٽرن ۾ چڙهندو هجي يا سهڻو ۽ مهانگو لباس زيب تن ڪندو هجي هو مصلحت جون ڳالهيون ڪري ته به هو استاد آهي. منهنجو هڪڙو ماستر وڪيل بڻجي پيو هن کي اها شڪايت ۽ ڪاوڙ آهي ته ماڻهو کيس اڃا سوڌو ماستر ڪري خطاب ڪندا آهن. اٺ سال منهنجو زيردست رهيو پر هو مون سان ملاقات ڪرڻ کان گهٻرائيندو آهي محض انهي ڪري متان شاگردن ۽ استادن کي ياد اچي وڃي ته هو به ڪنهن وقت ماستر هو ۽ سندس احساس برتريءَ تي چوٽ لڳي. انهيءَ نموني ته ماڻهو وڏو ماڻهو بڻيو آهي. اياز قادري وڪالت سان گڏ سياست جي چڪر ۾ به پئجي ويو. يڪ نه شد دو شد وارو معاملو بڻجي پيو. مون کي واقعي تعجب لڳو ته گوشه نشين فقير طبع ماڻهو ڪيئن ۽ ڇو ٿو وڏ ماڻهپي جا خواب لهي. ۽ ڀايان ٿو هن کي وڪالت جا نڪتا ۽ سياست جاگر شايد سمجهه ۾ نه آيا. ادو کٽي آيو خير سان جي حساب ڏيڍ سال کان پوءِ اياز کي وري ڪاليج ۾ ڇوڪرن کي پاڙهيندي ڏٺم. استاد ۽ اديب جي آنٽ تي هڪ ئي وقت وڪالت ۽ سياست ڪٿي ٿي چڙهي. ماڻهو وڪالت ۽ سياست ڪندا آهن پر هو ماستر نه هوندا آهن استاديءَ جو ڌنڌو انسان جا گوڏا چٽي ٿو ڇڏي.
اياز سکر ۾ خواه ڪراچي ۾ مون سان ڪيترا ڀيرا رهاڻيون ڪيون آهن. هو سنجيدو به گهڻو ئي آهي پر ڪنهن وقت هن ۾ چڙ جو پارو مٿڀرو نظر ايند آهي. هو جذبات جي وهڪري ۾ وهڻ لڳندو آهي. هن جي شخصيت ۾ پسندگيءَ ۽ ناپسندگيءَ جون ڪيفيتون هڪ جهڙيون هونديون آهن. هو پنهنجي مخالف جي خامين جو دفتر زوردار دليلن سان پيش ڪندو آهي. جن مان کيس ڪو رنج پهتو آهي هو انهن کي معاف ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه هوندو آهي ورنه هو اعتدال پسند اديب ۽ شاندار شاعر آهي. هڪ ڀيري مون سان به ڏاڍو ناراض هو، پر مذاڪرات جي هڪ ئي رائونڊ ۾ نيڪ دل انسان وانگر سمورو غصو وساري کير کنڊ ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ مون سان ملڻ به آيو.
هن سال به تازو ساڻس ڊگهيون ڪچهريون ڪيو. عبدالحليم جوش وٽ يا اياز قادريءَ جي جاءِ تي. وڏو پروگرام هو پر مان اوچتو بيمار ٿي پيس ۽ اسان جون ڪچهريون درهم برهم ٿي ويون. هن قحط الرجال واري دور ۾ ادبي ڪچهريون ۽ دلپسند دوستن جون گڏجاڻيون واقعي خوش نصيبن جي قسمت ۾ هونديون آهن ورنه گهڻو ڪري انسان دولت ۽ شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪڍ آهي. ڄڻ ته نفسا نفسي جو دور آهي. (سيپٽمبر 1971ع)
(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)