استاد حامي
ايازکي حاميءَ جهڙو دلچسپ ۽ زنده دل ماڻهو ملي ويو ٻئي دلچسپ گفتگو ۾ مصروف ٿي ويا. اسٽيج تي راڳ رنگ جي محفل ڄميل هئي. اياز جو موڊ به سڌري ويو ۽ مونکي به دلجاءِ ٿي. مان هال کان ٻاهر نڪري موٽر ۾ ويهي رهيس. اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ مشاعري جو آغاز ٿيو بشير الاجي ڪهڙي سٿ ۾ ويٺل هو . مخدوم طالب الموليٰ جي صدارت هيٺ مشاعرو شروع ٿيو. اياز صاحب ۽ حامي الاجي ڪهڙي چهچٽي ۾ مصروف هئا. آخر مشاعري ۾ منهنجي پڙهڻ جو وارو آيو مون ڪلام پڙهيو. حامي ۽ اياز به پڙهي واندا ٿيا. حامي کان موڪلائي هال مان نڪتاسون ان وقت در تي بشير بيٺو هو. ڏاڍو مصروف ٿي نظر آيو ڏاڍي آجيان ڪيائين. ترسڻ لاءِ ڏاڍا ايلاز ڪيائين اياز ڄڻ بيگر لاٿي هئي واپس ورڻ لاءِ نهايت مصر هو حاميءَ سان ياد گيري واري اها پهرين ملاقات هئي. حامي سراپا مزاح آهي. هن ۾ زندگي ۽ زنده دلي آهي. هو آئيءَ ويل ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي. هر ڪنهن سان همدردي ڪندو آهي هر ڪنهن جي مدد لاءِ تيار رهندو آهي. نه اڳ سوچيندو آهي نه پوءِ هو سوچڻ لاءِ پنهنجي دماغ تي بار نه وجهندو آهي. هو ڪاليج ۾ استاد حاميءَ جي لقب القاب سان مشهور آهي. هو ورهين جا ورهيه خيرپور ڪاليج ۾ رهيو آهي هن جو شاگردن سان وڏو قرب آهي جنهنڪري شاگرد به کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن. شاگردن جو هڪ وڏو ٽولو سندس فقيراڻي لڏي ۾ شامل آهي. هو هر ڪنهن جي صورت ۾ حسن ڪل جو ذرو ڳولهي لهندو آهي تنهنڪري هو همه از اوست جو قائل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ٻاهران هو صوفي باصفا لڳندو آهي اندر جي خبر خاوند کي. هو دنيا ۾ دين ۽ ناخدا ۾ خدا جو جلوو ڏسندو آهي، هو سهڻي شيءِ جو قدردان آهي. هن جو اسان جي سنگت سان قرب آهي. هو هر وقت اسان جي سڏ ۾ سڏ ڏيئي اچي سکر پهچندو هو ،کيس نه واءُ جهلي نه مينهن. ڇڙو کيس سڏ پهچي. ڪاليج جي ليڪچرارن ۾ نواز علي بلوچ ۽ محمد رمضان اعواڻ سندس شاگرد آهن، جي هر تقريب ۾ حامي صاحب جي شرڪت کي پنهنجي لاءِ باعث سعادت سمجهندا هئا. مان ان زماني ۾ اسلاميه ڪاليج ۾ پڙهائيندو هوس. واقعي حامي باغ بهار قسم جو ماڻهو آهي هن جي موجودگيءَ ڪري محفل ۾ سڳنڌ ۽ سرهاڻ جون هٻڪارن ٿي وينديون آهن.
لباس وغيره جي اعتبار کان حامي لاپرواهه قسم جو مولائي مڙس ڏسڻ ۾ ايندو آهي هو اڪثر رنگدار پهراڻ ۽ شلوار پهريندو آهي، پيرن ۾ پٺاڻي گهيتلو ۽ مٿي تي جناح قسم جي ساڍن چئن روپين واري سادي ٽوپي. انهيءَ نموني حاميءَ جي سموري ڪائنات ڪجهه اهڙي نظر ايندي آهي. کائڻ پيئڻ ۾ هو تڪلف نه ڪندو آهي. چوندا آهن ته هو وڏو مهمان نواز آهي، پر مونکي سندس مهمان بڻجڻ جو شرف حاصل ڪونه ٿيو آهي. هن ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي ڪانه آهي. هو هميشه کلندو ۽ چهڪندو نظر ايندو. هن جي سرشت ۾ بي انتها ظرافت آهي سندس ٻوٽيءَ ٻوٽيءَ ۾ ڀوڳ چرچو هوندو آهي. هن ڪڏهن به سنجيدگي کي اک کولي نه ڏٺو آهي. سنجيده مجلس ۾ به هو اڪثر غيرسنجيده نظر ايندو آهي. هڪ ڀيري اسلاميه ڪاليج ۾ مشاعرو منعقد ڪيو ويو هو. مشاعرو شروع ٿي ويو آءٌ گهڻي دير کان پوءِ پهتس ۽ اتفاق سان حاميءَ جي ڀرسان ويهڻ جي جاءِ مليم. ان وقت فيض بخشاپوري ڪلام پڙهي رهيو هو، محفل نهايت سنجيده هئي. حاميءَ جي داد ڏيڻ جو طريقو به انوکو آهي جنهن مان گهڻو ڪري طنز ۽ مزاح جي بوءِ ايندي آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته حامي هڪ مڃيل اديب ۽ برجستو شاعر آهي سٺي شعر جي تعريف به ڪري سگهندو آهي، پر گهڻو ڪري ان تعريف کي ظرافت جو رنگ ڏيندو آهي.
ان مشاعري ۾ حاميءَ جو موڊ ڪجهه اهڙو هو. هوڏانهن پڙهڻ وارو فيض بخشاپوري هو. حاميءَ جو داد سموريون ديواريون اورانگهي وڃي بيداد جي سرحدن تي پهتو. فيض گهڻو ئي برداشت ڪيو هو. مان فقط حاميءَ سان کلڻ جي حد تائين ٻانهن ٻيلي هوس. فيض شايد حاميءَ سان اٽڪڻ نه ٿي چاهيو ۽ مون تي ڪاوڙجي ويو. جيتوڻيڪ منهنجي ان محترم بزرگ سان ڏيٺ ويٺ بلڪل واجبي رهي آهي. سلام دعا کان وڌيڪ اسان جي ڪڏهن به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، پر هن پنهنجي عتاب کي بنا ڪنهن سڳ ۽ ثابتيءَ جي مون تي نازل ڪيو. آءٌ واقعي هڪ ٻڪو ٿي ويس مون به ڪجهه چوڻ مناسب نه سمجهيو ڇاڪاڻ جو اهي ٻيئي حضرات مهمان هئا ۽ اسان جي ادبي سوسائٽي جي سڏ تي آيل هئا. مان ڪنهن سان به گستاخ نه ٿيندو آهيان، پر فيض کي اهڙو سنجيده ۽ اهم نڪتو ڪير سمجهائي. سمجهه ۾ اچڻ جي ڳالهه به ڪانه هئي ۽ حاميءَ تي جيڪا ڪاوڙ هيس سان مون تي ڇنڊيائين. مان چپ چاپ ٿي مرڪندو رهيس ان کانسواءِ ٻيو رستو به ڪونه هو. پنهنجي بيگناهيءَ جي ڪهڙي صفائي پيش ڪريان مون سمجهيو ته حاميءَ جي قربت ۽ رفاقت ڪري سندس ساٿين کي اهڙي نموني ثمر ملندو آهي. مونکي ته وڏو انعام ملي چڪو هو. هڪ ڀيري ريڊيو پاڪستان تي به هڪ شاعر جي ڀريل محفل ۾ چڱي لاک لاٿائين.
حامي هر ڳالهه کي معمولي ۽ رواجي سمجهندو آهي. هن جو هڪ عجيب طريقو آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي پڳ لاهيندو آهي ته نهايت سيلقي سان ڪم ڪندو آهي. وڏي وات داد ڏيئي ۽ پوءِ کلندو آهي سندس کل اهڙي بي ڍنگي هوندي آهي جو انهيءَ کلڻ تي شاعر ۽ اديب جي پڳ پاڻ هرتو اچي ڌرتيءَ تي ڦهڪو ڪندي آهي. هو ڪنهن وقت ساڀيان کلندو آهي ۽ گهڻو ڪري هروڀرو کلندو آهي. هن وٽ خطاب ڪرڻ جا به ڪي الفاظ گهڙيل آهن هو اڪثر ”مٺڙا“ ۽ ”ظالم“ جا لفظ استعمال ڪري انهن مان لطف وٺندو آهي. ظالم جي لفظ اچارڻ ۾ به مٺڙو تاثر هوندو آهي. هو غزل جو شاعر آهي تنهنڪري لفظن جي استعمال جي مناسبت کان بخوبي واقف آهي. ظالم جي هٿان شرابا طهورا پي ڄڻ زهر جا ڍڪ ڀريندو آهي. سندس ”مٺڙي“ واري لفظ جو لاڳاپو هر ڪنهن سان هڪ جهڙو هوندو آهي. اهو ڪنهن هڪ لاءِ مخصوص لقب نه آهي.
شروعات ۾ پهريون ڀيرو هن ڪنهن ڪم سان مون ڏانهن خط لکيو. خطاب ڪيائين” مٺڙا سائين“ اهو خطاب پڙهي ڄڻ منهنجي هڏن مٿان ماس چڙهي ويو. خوشيءَ ۾ منهن تي رونق اچي ويئي ۽ ٿوري دير لاءِ پاڻ کي ان خطاب جي لاءِ مناسب سمجهڻ لڳس. ڇو جو مٺڙي لفظ ۾ رومانيت سان گڏ هڪ پر ڪيف موسيقيت سمايل آهي ان سان گڏ سائين لفظ جي آميزش ان ٻٽي خطاب ۾ دلڪش رنگيني ڀري ڇڏي هئي. مان سندس قربائتي خطاب تي بيحد خوش ٿيس. انهن ٻن لفظن سندس ڪم کي سرانجام ڪرڻ لاءِ منهنجي جسم ۾ ڦڙتي پيدا ڪري ڇڏي مون پاڻ ۾ هڪ وڏو اتساهه محسوس ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ حاميءَ جا ٻين همراهن ڏانهن لکيل خط منهنجي نظر کان گذريا. انهن لاءِ به ساڳيا تخاطبي الفاظ استعمال ڪيل هئا منهنجا وڻ وڄي ويا منهنجي لطف جو ڄڻ جنازو نڪري چڪو هو. سمجهيم ته حامي صاحب سڀني کي هڪ ئي لٺ سان هڪليندو آهي. منهنجو شوق ۽ جوش ڍرو ٿي ويو. ٻئي ڀيري سندس خط آيو ساڳيائي تخاطبي ڪلمات ڏٺم جن کي مون گول گهمري ۾ آڻي آڻيندڙ کي بنا پڙهڻ جي خط واپس ڪيم. حاشيءَ ۾ لکيم ته برائي ڪرم منهنجو نالو لکو ورنه اهو خطاب عام آهي جنهنڪري مغالطي جو انديشو آهي. اهو ڏينهن اهو شينهن وري حامي صاحب مون ڏانهن ڪو سڌو سنئون خط نه لکيو ٻين کي لکي مون کان ڪم وٺندو هو ۽ سلام ۽ نياز لکي پنهنجي ڀرم کي پرچائيندو هو.
هن جو خيرپور سان ڏاڍو پيار آهي. وطن سان هر ڪنهن کي محبت ٿيندي آهي، پر سندس محبت نهايت والهانه آهي ۽ تنهنڪري سندس ساڻيهه جي سڪ مثالي آهي. هڪ ڀيري سکر ۾ منهنجي آڏو ڊائريڪٽر تعليمات کيس ڪنهن ڪاليج ۾ پرنسپال ٿيڻ جي آڇ ڪئي. هو ان وقت سکر ۾ پروفيسر هو. هن صاف نابري واري مٿان سکر کان خيرپور بدلي ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين. هن جي لاءِ پرنسپال ٿيڻ ڪو اعزاز جو باعث نه آهي. هو گهر ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪري ٿو. هو ڪنهن اڊمبر جو متمني نه آهي، خيرپور سندس وطن آهي. هو هينئر گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ۾ پروفيسر آهي ۽ نهايت مطمئن آهي.
حاميءَ کي جيڪڏهن موٽر سائيڪل تي ويندي ڏسجي ته هو هڪ مسڪين صورت ڳوٺاڻو نظر ايندو. ائين ڪڏهن به تصور ۾ نه ايندو ته هو ڪو ڪلاس ون قسم جو ملازم آهي. هن سان ڳالهائبو ته به هو ڪجهه اهڙو ئي نظر ايندو. ننڍي سان وڏي سان وڏو، ڄڻ سادگيءَ جو هڪ ڀنڊار آهي. کلندو يا ڳالهائيندو ته ٻٽيهي ڏسڻ ۾ ايندي. ڏاڙهي ڪوڙيل هجي ڇا نه ڪوڙيل ڇا. هن جي لاءِ سڀ ڪجهه بي معنيٰ آهي. گهيتلي تي مٽيءَ جا تهه چڙهيل هجن تڏهن به هو بيپرواهه هو طبعا رلڻو ملڻو آهي ۽ ماڻهو سان جهٽ گستاخ ٿي ويندو آهي. هو بنيادي طور حسن پرست آهي. جنهنڪري غزل جو پختو ۽ پرگو شاعر آهي. هو روايت جو پابند آهي. اسان جي ٽهيءَ ۾ ٻه شاعر آهن. جن کي علم عروض تي ڪافي عبور رهيو آهي. رشيد لاشاري گذاري ويو ۽ حامي جيئرو جاڳندو اسان سامهون آهي الله کيس عمر خضري عطا ڪري محفل جي رونق هوندو آهي. لاشاري مرحوم گهڻو لکندو هو ۽ گهٽ ڳالهائيندو هو، حامي ان جي بالڪل ابتڙ آهي. حامي ضرورت جي پيش نظر نثر به لکندو آهي ۽ سهڻو لکندو آهي. منجهس تنقيدي شعور به ڀرپور آهي تنهنڪري سندس تحرير تي آسانيءَ سان گرفت ڪري نه سگهبي آهي.
حاميءَ جي مون سان محبت به آهي ۽ هو منهنجي عزت به ڪندو آهي. هو مون سان ڪڏهن گستاخ نه ٿيو آهي. هو منهنجي جاءِ تي رڳو ٻه ڀيرا آيو ۽ مونکي هن خدمت ڪرڻ کان محروم رکيو آهي. گهوڙيسوار جو قدم ڌرتيءَ تي کپي نه سگهندو آهي. هن جو گهوڙو سندس موٽر سائيڪل آهي. هڪ ڀيري آءٌ ڪنهن ڪم سان وٽس خيرپور هاستل ۾ پهتس. سندس ڪمري جي هر شيءِ بي ترتيب هئي جنهن مان سمجهيم ته سندس زندگيءَ بي معنيٰ آهي. ڇوڪرن جو ميڙ سندس ڪمري ۾ موجود هو ۽ استاد حامي پنهنجي ڳوٺ ويل هو. هو خاص تقريب يا گهڻي ٿڌ ۾ ڪاري شيرواني پهريندو آهي.
هو معتبر سان گڏ ڪجهه عجيب و غريب لڳندو آهي. مان ائين محسوس ڪندو آهيان ته هو انهيءَ ڪوٽ ۾ پاڻ کي قيدي سمجهندو آهي.
ماڻهو سندس چهرين ڳالهين ٻڌڻ جا شائق هوندا آهن. هو ڳالهين گهڙڻ ۾ به ماهر آهي ڪيترا سندس پاڇي کان ٽهندا آهن. هو مخالف کان ٻن کڙن ۾ هار مڃائيندو آهي. جيڪڏهن هو گوڏو ڀڃي ڪم ڪري ته هو ادب ۽ ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪري سگهي ٿو. پر هن زندگيءَ کي آني جاني سمجهيو آهي ۽ هو وقت ڪاٽڻ لاءِ مٺڙا ۽ ظالم جهڙا لفظ استعمال ڪري دل پرچائيندو آهي. (آڪٽوبر 1970ع)
(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)