شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

مولوي عبدالواحد سنڌي

ڪراچيءَ جي ڪنهن فٽ پاٿ تان هلندو يا ڪنهن بس اسٽينڊ وٽ بيٺل ڪو پريشان حال، قداور، ڪراڙو، پر صحتمند ماڻهو ڏسو ته ان جون ڪي ٻيون نشانيون به جاچيو. ڏسو ته ڪاري جناح ڪيپ مٿي ۾ کپيل اٿس، اکين تي عينڪ اٿس، منهن تي گهنج ۽ گهنجڙين ۾ بي سرو ساماني لڪل اٿس، اڇيون مڇون، پر سنهيون، ڏند وٿيرڪا، بدن تي شيرواني نما ڪوٽ جيڪو پراڻي زماني ۾ شرفا پهريندا هئا، ڄنگهن مٿان پائجامو، جنهن جو هڪ پاچو هيٺ مُري تائين ڪريل ۽ ٻيو پاچو مٿي چڙهيل ته سمجهي وڃو منهنجي خاڪي جي شخصيت آهي. اڃا پڪ نه پويوَ ته سڄو هٿ ڏسوس ڪارو ٿيلهو پراڻي ماڊل جو هٿ ۾ هجيس ۽ هٿ ٿيلهي سوڌو سيني تي ورايل هجيس، تڪڙيون وکون کڻندو هجي يا بس اسٽئنڊ تي اتامرو ۽ اٻهرو نظر اچي ته يقين ڄاڻو ته اهو مولوي عبدالواحد سنڌي سابق ايڊيٽر ”نئين زندگي“ آهي.
جيڪڏهن ”نئين زندگيءَ“ جو هڪ به رسالو ادبي دنيا ۾ موجود آهي ته سنڌي صاحب امر آهي. نئين زندگي جوان آهي ته هو ٻڍاپي باوجود شباب تي آهي. نئين زندگيءَ کي سنڌي صاحب کان جدا ڪري نه ٿو سگهجي. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ساڻس هڪ ملاقات ٿي آهي. مون حسرت ۽ ياس ۾ ٻڏل هڪ انسان ڏٺو. جڏهن هو نئين زندگيءَ جو ايڊيٽر هوندو هو، ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون. هو نهايت رلڻو ملڻو ۽ بيحد قربائتو انسان هو. اڳئين جُڳ جي بزرگن جون سڪون لاهيندو آهي. هن نئين زندگيءَ جو ٻج ڇٽيو، ان جي آبياريءَ ۾ هن محنت مزوريءَ ۽ پنهنجي رت پت سان ان کي سامائي وڏو وڻ بڻايو ۽ سنڌي ادب جي سڄڻن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن لاءِ ميوه دار وڻ ڇڏي پاڻ چپ چپات ۾ ڪنهن اونداهي ٻاٽ ۾ گم ٿي ويو. اهڙي مخلص ماڻهوءَ کي هوند نئين زندگيءَ جو تاحيات ليسن ملي ها، پر رٽائرمينٽ جو قانون اٽل آهي، جنهن ۾ ڦير ڦار شايد ممڪنات ۾ نه آهي.
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات نهايت ڊرامائي انداز ۾ ٿي. 1955ع جي ڳالهه آهي. ملازمت کان واندو ٿي مون وڃي ڪراچيءَ جا وڻ وسايا. مرحوم احسان بدوي پراڻو يار هو، هن منهنجي اعزاز ۾ ادبي ڪچهري ڪوٺائي. سلام ۽ ڪلام سان گڏ طعام جي به دعوت هئي. ان محفل ۾ گهڻو ڪري ڪراچيءَ جا نوان اديب ۽ شاعر ڪٺا ٿيا. ڪن سان منهنجو غائبانه تعارف هو، ڪي منهنجي لاءِ بنهه اجنبي هئا. نئين نسل جي افسانه نگارن ۽ شاعرن کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. سرڪي، رباني، رشيد ڀٽي، شيخ حفيظ مرحوم وغيره سان منهنجي اتي ئي ڏيٺ ٿي. سنڌي صاحب کي به اتي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. سندس ٿيلهو ڏسي مون سمجهيو ته ڪو دوائن جو ايجنٽ هوندو، پر سندس ڪمهلو داد ڏيڻ ڏسي خيال ڪيم ته ڪنهن ويمي ڪمپنيءَ جو نمائندو هوندو. ان زماني ۾ سندس ٿيلهو نئون هو ۽ بجليءَ جي روشنيءَ تي جرڪي رهيو هو. ماني کائڻ کان پوءِ هٿن ڌوئڻ جو واور آيو. هٿ ڌوئي جڏهن پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺس ته سنڌي صاحب منهنجي ويجهو اچي ويٺو. مان انشورنس وارن کان گهٻرائيندو آهيان ۽ غيرارادي طور موت کان ڊڄندو آهيان. ويمي وارا اتفاقي حادثاتي ۽ ڪمهلي موت جو ذڪر وڏي پاٻوه سان ڪندا آهن. اهڙو غير رومانوي موت نه جنهن ۾ دعا، خيرات ، صدقي ۽ دوا جي مهلت ملي اهڙو موت ڀلا موت جي توهين نه آهي ته ٻيو ڇا آهي.
سنڌي صاحب اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺو. ڄڻ منهنجي آڏو بيگاهه موت جو فرشتو اچي پهتو هو. هو نهايت نرم لهجي ۾ هوريان هوريان ڳالهائڻ لڳو. مان به ويمي وارن جي اهڙين گهنترين کان واقف هوس، تنهنڪري سچ پچ ڏڪي ويس. خير، خيرعافيت پڇڻ کان پوءِ هن ٿيلهو کولڻ شروع ڪيو، بدن ۾ ڏڪڻي وٺي ويم، ساهه ڇڏائجي ويو. ايڏي وڏي مجلس ۽ اجنبي ماحول ۾ انڪار ڪرڻ غير اخلاقي فعل هو. کن پلڪ ۾ سندس هٿن ۾ نئين زندگيءَ جو پرچو ڏسي هواس جائيتا ٿيا ۽ مولوي صاحب وڏيءَ سڪ ۽ عاجزي سان قلمي تعارف ڪرڻ جي درخواست ڪئي. سندس اهو انداز نهايت پسند آيم ۽ سمجهيم ته باذوق ماڻهو آهي. ويمي وارو بَد ذوق ۽ بي مغز انسان نه آهي. مون جهٽ پٽ ۾ ساڻس وعدو ڪيو. ان موقعي کان پوءِ هو منهنجو سنگتي ٿي ويو. منهنجي وعدي ڪري مون تان ٻلهار ٿي ويو. هو نيڪ دل انسان آهي.
هو مهلو ڪمهلو سکر ۾ منهنجي جاءِ تي پهچي زيارت کان مشرف فرمائيندو هو. جيئن ته هو بنيادي طور اديب نه هو تنهنڪري ساڻس نئين زندگيءَ جي مستقبل ۾ ان جي معيار کي اوچي ڪرڻ بنسبت ڳالهيون ٿينديون هيون. هن انسان ۾ پنهنجي مقصد سان بي پايان خلوص هو. نئين زندگيءَ جي ترقي هن جي روشن منزل هئي. سندس هر لفظ درد مندانه اپيل هئي. هن پنهنجي ٻيڙيءَ کي ڪنهن تجربيڪار ناکئي وانگر هر ڪُنَ ۽ هرواچوڙي کان بچائي، ڪناري تي صحيح سلامت پهچايو. هو قابل تعريف ۽ قابل احترام شخصيت جو مالڪ آهي.
جڏهن مان ڪراچيءَ پهچندو هوس ته هو اشراف اطلاع ملڻ تي يڪدم مون سان منهنجي جاءِ تي اچي ملندو هو. مان به اڪثر ربانيءَ سان ملڻ لاءِ نئين زندگيءَ جي آفيس ۾ ويندو هوس، جتي سنڌي صاحب سان ڪچهري ٿيندي هئي. هن کي نئين زندگيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو خبط ڪونه هو. هن جي سموري ڪائنات نئين زندگيءَ ۾ سمايل هئي. جيئن مون اڳ چيو آهي ته هو پاڻ اديب نه هو، پر هو اديبن جو سرپرست ضرور هو. هن نوان اديب پيدا ڪيا ۽ هر ڪنهن ننڍي وڏي اديب جي سنڌ سان واقفيت ڪرائي. هن نئين زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻايو ۽ کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو. هن سنڌين جي دل ۾ سنڌي زبان پڙهڻ جو اتساهه جاڳايو. هن پنهنجي آفيس ۾ صبح کان سانجهيءَ تائين پورهيو ڪيو. هن مئڪلوڊ روڊ تي پريس ۾ ويهي، راتين جا اوجاڳا ڪري، پروف جاچيا. نئين زندگي وقت سر ڇپجندي رهي، اها به سندس وڏي ڪاميابي هئي. هن فرض شناسيءَ جو هڪ فرض مقاله قائم ڪيو هن کي پنهنجي مقصد سان بيپناهه محبت هئي. سنڌي اديب جيڪڏهن اهڙي شخص کي وساري ڇڏين ته انهن جي حال تي افسوس ٿيندو.
هن ۾ هڪ عيب ضرور هو، هو ڪمزور طبع واقع هو. هو اديب نه هو تنهنڪري پنهنجي ڪا راءِ نه رکي سگهندو هو، ۽ ڪن اديبن جو سندس دل تي وڏو ڌاڪو ڄميل هو. انهن جي هر ڳالهه مڃڻ هو پنهنجي لاءِ سعادت جو باعث سمجهندو هو. مون ڪنهن زماني ۾ سنڌي غزل جي هڪ سئو ڏهه سالن جي تاريخ جو سلسلو شروع ڪيو هو، ۽ اهو مقالو ادبي بحث جي صورت ۾ اڳتي وڌيو ۽ مون ارادو ڪيو هو ته ان مقالي کي هن دور تائين پهچائي ڇڏيندس. اهو سلسلو ڊاڪٽر بلوچ، الانا صاحب، مرحوم لطف الله بدوي وغيره جهڙن اديبن کي پسند آيو هو، پر مولوي سنڌيءَ سلسلو بند ڪري منهنجي شوق کي بريڪ هڻي ڇڏيو. منهنجي شوق جو انداز به نرالو آهي، لکندس ته لکندو ئي رهندس، جي ڇڏيم ته ورهين جا ورهيه ڇڏي ڏيندس. سنڌي صاحب اهڙي نموني ادب ۾ به سياسي ڌانڌلي ڪري ڇڏيندو هو. مون لکڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي صاحب سان معمول مطابق ملندو رهيس. اسان جا خوشگوار تعلقات قائم رهيا. مون کي به مواد شايع ڪرائڻ جو ڪو شوق نه رهيو آهي، لکندو آهيان ته تفناً طبع لاءِ. اڪيلي سر لطف وٺڻ جو عادي آهيان، پر مون مولانا سنڌي سان ڪيترو وقت قلم-ڇوڙ بائڪاٽ ڪري ڇڏي، منهنجي هن سان ساڳي محبت هئي، هن جو زوردار ”زوراور“ وارو تخاطب نهايت پيارو لڳندو هئو، اهڙي ماڻهوءَ سان ڀلا ڪير شڪايت ڪري سگهندو.
سندس انڪساريءَ جي حالت انهيءَ حد تائين پهتل هئي، جو هو رسالي جو مواد پريس ۾ ڏيڻ کان اڳ ڪيترن اديبن سان صلاح مشورو ڪندو هو. ان مشوري موجب مواد کي ترتيب ڏيندو هو. پاڻ سدائين احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا هوندو هو. اها سندس گهٽتائي ڪانه هئي، پر مان ان کي سندس وڏماڻهپ سمجهندو آهيان. الله کيس سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جو اجر ڏيندو. هن مثبت خطوط تي سنڌي زبان جي خدمت ڪئي آهي جنهن ڪري مان سندس سدائين عزت ڪندو رهندس.

(ٽي ماهي مهراڻ، 3/ 1972ع تان ورتل)