شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

شاهه صاحب - شاهه محمد شاهه

ڪنهن زماني ۾ پراڻي سکر ۾ هڪ اي. وي اسڪول هوندو هو، جيڪو هينئر هاءِ اسڪول آهي ۽ مان ان جو هيڊ ماستر آهيان. مون انهيءَ اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري نئين سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي. منهنجي ننڍڙي اسڪول جا ڪيترا ساٿي مون سان گڏ نئين اسڪول ۾ داخل ٿيا هئا. تنهنڪري اتي ڪنهن به قسم جي اجنبيت محسوس نه ڪئي ويئي. ڇهين درجي جا ٽي سيڪشن هئا، تنهنڪر پراڻي سکر جي شاگردن جي ٽن ڪلاسن ۾ ورهاست ٿي ويئي. منهنجي سيڪشن ۾ ڀانت ڀانت جا شاگرد هئا. پارسي، سک، مسلمان ۽ هندو. مسلمانن ۽ هندن ۾ وري شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي درجه بندي، جن جا لباس طرح طرح جا هئا ڪنهن کي اڇي ٽوپي، ڪنهن کي پٽڪو، ڪنهن کي پاجامو ۽ ڪنهن کي شلوار. مونکي هڪ نو خيز مسلمان شاگرد چتائي ڏسندو هو جنهن جي چپن جي مٿان مڇن جي سانول هئي. سندس منهن گول، ويڪري پيشاني، وڏيون اکيون، متناسب نڪ، ڪڻڪائو کليل رنگ. هو شڪل شباهت ۾ وڻندڙ هو قريباً منهنجي ئي عمر جو هوندو. پندرهن سالن جو هو، پر مونکي ڏسي ڇو پيو، مان انهيءَ ويسوري ۾ هوس. کيس مٿي تي بوسڪي جو پٽڪو، بدن تي پاسي جي ڳچيءَ سان پهراڻ ۽ ڄنگهن تي ورن وڪڙن واري سٿڻ. مان بدن جو هلڪو هوس ڄڻ هڏائون پڃرو، هن جو جسم ڳورو ۽ ڀريل هو. قد ۾ به مونکان ٻه ٽي آڱريون سرس هو. هو مونکي ڏسندو هو ۽ غور سا منهنجي منهن کي جاچيندو هو. مان ڦڪو ڦڪو ٿي ويندو هوس. هو مونکي ڏسي ڄڻ ڪجهه سوچيندو هو. ڄڻ ڳالهائڻ لاءِ هو لفظ ڳوليندو هو. پر مان بنا سمجهڻ جي شڪجي منهن ٻئي پاسي ڏانهن ڦيرائيندو هوس ۽ مان کيس ڏسڻ جو گهٽ وجهه ڏيندو هوس. شڪر جو پنهنجي سنگت کي نه ٻڌايم نه ته وڏو ممڻ مچي پوي ها.
منڍ کان وٺي منهنجو نصيب ستل آهي. صبح جو دير سان جاڳڻ ڪري ڏاڏو مرحوم بدنصيب سڏيندو هو. کير پياڪ ٻارن وانگر جلدي سمهڻ ۽ جلدي اٿڻ اڃا تائين مونکي ڏانءِ نه آيو آهي. دير سان اٿڻ ڪري عموماً ٰ اسيمبلي گذرڻ وقت اسڪول پهچندو هوس. ان زماني ۾ اسيمبلي کي پرارٿنا سڏيندا هئا هندن جو زور هو. کين علم هو، عقل هو ۽ دولت هئي. تنهنڪري اسڪول جي سڀني شاگردن کي ”ڦر ڦر ڪندو قومي جهنڊو“ وارو ترانو ڳائڻو پوندو هو. ان کان پوءِ ائٽ ڇاپيل جهنڊي کي سلام ڪرڻو پوندو هو جيئن اسان هينئر پاڪستاني جهنڊي کي اسڪولن ۾ قومي تراني ڳائڻ کان پوءِ سلامي ڏيندا آهيون. مان اسڪول پهچندو ئي دير سان هوس تنهنڪري گهڻو ڪري پرارٿنا ۾ غير حاضر رهندو هوس. هڪ ڏينهن پرارٿنا گذري ويئي پيرڊ ۾ حاضري به ٿي ويئي تنهنڪري مونکي سزا طور ڪلاس کان ٻاهر دروازي تي بيهاري ويو. ٽئين پيرڊ ۾ هڪ رحمدل ماستر اچي ويو جنهن منهنجي معصومانه مجبوريءَ تي قياس ڪري مونکي ڪلاس ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني، ڪلاس روم شاگردن سان سٿيو پيو هو ۽ مان به تڙ تڪڙ ۾ اتفاق سان ان بوسڪيءَ جي پٽڪي واري شاگرد جي ڀرسان وڃي ويٺس. هو مونکي ڏسي رهيو هو ۽ مان ڪنڌ جهڪائي ڪتاب کي ڏسي رهيو هوس. مان ڄڻ ته اڱرن جي مٿان ويٺو هوس. رسيس جو گهنڊ لڳو منهنجي هانو تي ڇنڊو پيو. مان ڪتاب سنڀالي اٿڻ لڳس ته هن هٿ کان جهلي چيو ”منٽ ته ويهو توهان پراڻي سکر جا آهيو“ مان رکائي ۽ اڇل مان کيس جواب ڏنو ”هائو پوءِ ڇا“ هو منهنجي گهٻراهٽ کي سمجهي ويو تنهنڪري چوڻ لڳو ”گهٻرايو نه! ٻڌو ته سهي اوهان فلاڻي جي گهراڻي مان آهيو نه، مون اوهان کي ٻه ٽي ڀير اتي ڏٺو آهي.“ مان بينچ تي ويهي رهيس ۽ پڇيم ”توهان ڪير آهيو مون اوهان کي نه سڃاتو“ هن پنهنجي واقفيت ڪرائي ۽ مونکي به ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. هن جي بزرگن جي منهنجي وڏن سان ياراني هئي سندس چاچو بزرگوار عموماً ٰ اسان وٽ مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرو چڪر لڳائيندو هو. هو هڪ ٻه ڀيرو سڀني ننڍن کي به پاڻ سان وٺي آيو هو ۽ مونکي انهن جي خدمت جو موقعو مليو هو. پر ان زماني ۾ وڏن جي هيبت اهڙي هوندي هئي جو هر ڪو پنهنجي جاءِ تي ڄمي ويندو هو. مجال جو ٻار پاڻ ۾ ڪا روح رهاڻ ڪري سگهن يا سنگت وڌائن.
مون کي هن جي ڳالهه ياد اچي ويئي. پنهنجي رکائيءَ تي افسوس ٿيم. مون چيو ”معاف ڪجو مونکي غلط فهمي ٿي هئي.“ ان ڏينهن کان وٺي سيد شاهه محمد شاهه ۽ مان پاڻ ۾ يار بڻجي وياسي ۽ هڪ ئي بينچ تي ويهڻ لڳاسي جنهن تي اسان جو ماستر پمناڻي خار کائيندو هو ۽ اسان کي جدا ڪري ڇڏيندو هو. وجهه وٺي وري گڏ ٿيندا هئاسي. مئٽرڪ تائين ٻه سال اسان بلڪل هڪ ٻئي جي ويجهو رهياسي ۽ اسان جي دوستي مثالي بڻجي پيئي. اسڪول جي پوري ٿيڻ کانپوءِ آءٌ ساڻس گڏجي سندس بورڊنگ هائوس ۾ ويندو هوس. بيت بازيءَ جي مقابلي ۾ اسان ٻئي هڪ ٽيم بڻجي سموري ڪلاس کي هار مڃڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيندا هئاسي. شاهه کي قريباً ٰ پنج هزار شعر ياد هوندا هئا. هو ذهين هو ۽ سندس حافظو به نهايت تيز هوندو هو مون کي به شعر و شاعريءَ سان منڍ کان وٺي رغبت هئي ۽ مونکي ٻه اڍائي هزار اشمار برزبان هئا. مان ضرورت آهر في اللبديه تڪ بندي به ڪري ويندو هوس، تنهنڪري اسان جي مير مجلس يعني هيڊ ماستر کي به خبر نه پئجي سگهندي هئي ته ڪهڙو بيت من گهڙت آهي. اسان جو هيڊ ماستر نهايت قابل ماڻهو هو. هو فارسيءَ ۾ ايم اي هو جنهنڪري کيس حافظ ۽ سعدي جا هزارين بيت ياد هئا باقي هو اردو ۽ سنڌي شعرن سان واجبي واقفيت رکندو هو. ان زماني ۾ مونکي خواه شاهه صاحب کي شعر لکڻ جو شوق هو. اسان کي شاعري جي واجبي سڌ ٻڌ هئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ٻڌائي نويڪلو داد وٺي ۽ ڏيئي ان کان پوءِ ٻين شاگردن کي ٻڌائي پاڻ کي اسڪول جا مايه ناز شاعر سڏائيندا هئاسي جتي وڻ ناهين اتي ڪانڊيرو به درخت آهي. ان وقت اسان پنهنجا تخلص به وڏي بحث مباحثي کان پوءِ رکياسي. مان راز بڻجي پيس ۽ شاهه صاحب شاد سڏائڻ لڳو.
مان علي ڳڙهه هليو ويس. شاهه صاحب نوڪري هٿ ڪئي. علي ڳڙهه ڇهه مهينا رهي مان ڪراچي آيس ۽ اتي رهڻ لڳس. منهنجا ڪيترائي سال ڪراچيءَ ۾ گذريا پر سکر جو به ڦيرو ڪندو هوس. شاهه به موڪل وٺي سکر ۾ اچي مون سان ملندو هو ڊگهي ڪچهري رهندي هئي هر مناسب موقعي تي شاهه صاحب پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مختصر مشاعري جو انتظام ڪندو هو ۽ پسگردائي وارا شاعر شاهه جي اوطاق تي ڪٺا ٿيندا هئا. شاهه جي شاعري جو پنهنجي تر ۽ ماحول ۾ وڏو ڌاڪو هوندو هو. مان سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات شاهه جو مهمان هوندو هوس. پنهنجي فهم و ادراڪ ۽ عمر آهر ڪچهريون ٿينديون هيون.
شاهه ان وقت لائبريري ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن آهسته آهسته ڪيترا ڪتاب ڪٺا ڪيا. سندس اهو شوق ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. جنهن شاهه جي شعري ذوق کي ختم ڪري ڇڏيو هو. هو پڙهڻ لڳو سندس شعر جو شعور آخر کانئس جان ڇڏائي ويو. نثر لکندو هو سو به وقت ضرورت. مان ان وقت ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ۽ شاهه پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو لوڪل بورڊ جي اسڪول ۾ ماستر هوندو هو. سندس مضمونن جي زبان فارسي زده هوندي هئي مان به سندس سنگت جي اثر هيٺ نثري تحرير ۾ مشڪل پسند بڻجي پيس.
ڪاليج جي زماني ۾ منهنجي ٻولي ڪجهه اهڙي رهي. تعليم ختم ڪرڻ کانپوءِ 47ع مون الوحيد جي هفتيوار ايڊيشن جي ايڊيٽري جي وقت تحرير جو ڊول ڦيرائي ڇڏيو ۽ ڪوشش ڪري هالو چالو ٻولي لکڻ لڳس. شاهه صاحب جو سمورو وقت مطالعي ۾ گذرندو آهي يا پنهنجي زمين جي واڌاري ۾ صرف ٿيندو آهي. هن جي ذاتي لائبريري ۾ گهڻو ذخيرو موجود آهي تنهنڪري شاهه صاحب جي سموري ڄمار مطالعي ۾ گذري ويندي، هو لکڻ کان وڌيڪ پڙهڻ کي پسند ڪندو آهي. هو روايت پسند آهي تنهڪري کيس روايتي ادب سان گهاٽي دلچسپي آهي. هو ترقي پسند ادب جي حقيقتن کان به چڱيءَ پر واقف آهي ان جو مطالعو به ڪيو اٿس ان جي خوبين ۽ اوڻاين تي ڳالهائي به سگهندو آهي. اعتدال پسند آهي چڱي شيءِ کي چڱو ۽ لڱي چيز کي لڱي چوڻ ۾ڪا رعايت نه رکندو. اصولن تي مفاهمت ڪرڻ جو عادي نه آهي.
شاهه صاحب سان منهنجا تعلقات رڳو ذاتي ۽ نجي آهن جن ۾ ادب کي ڪو خاص دخل ڪونهي وقتي وقتي ڪنهن اديب جي شخصيت ۽ ان جي تحرير تي بحث ڪندا آهيون. هو منهنجو حال محرم آهي ۽ مان سندس رازدان آهيان. هن ۾ ماڻهپي جون سڀ خوبيون موجود آهن. هو يارن ۽ دوستن جو غمخوار آهي. منهنجي ڪاليج طالب علمي جي زماني ۾ سکر ايندو هو. منهنجا ٽي دوست هوندا هئا هڪ سپاهي، ٻيو بيلف، ٽيون سنڌي ماستر. شاهه، ماستر کي کپائڻ لاءِ صورتخطي جو سلسلو شروع ڪندو هو. سپاهي ۽ بيلف چڱا هوشيار هوندا هئا ويچارو ماستر ڪمزور هوندو هو غريب کي ”قسطنطينه“ جهڙن لفظن جي هجي ڪڏهن نه آئي.
صورتخطيءَ جي اکرن کي ياد ڪرڻ لاءِ شاهه ڪيترائي مٿا هنيا، پر کيس اهي اکر ياد ٿي نه سگهيا. وڏا ٽهڪڙا لڳندا هئا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهيءَ تفريح ۾ گذرندا هئا ۽ منهنجو ادبي ذوق خراب ٿيندو هو. مٿيان ٽيئي همراهه مون سان گڏ پڙهيا هئا تنهنڪري سکر ۾ مونکان پري به گذاري نه سگهندا هئا. اتفاق سان اياز به ڪنهن وقت اچي نڪرندو هو. هو به شاهه صاحب جي اهڙي صحت بخش سنگت ۾ انهن جي فيضان صحبت کان نهايت لطف اندوز ٿيندو هو. ايتري قربت هوندي به اسان پاڻ ۾ ڪڏهن به بي تڪلف نه رهيا آهيون. هڪ ٻئي جي سدائين عزت ڪندا آهيون. جيئن اسڪول ۾ لازم ملزوم هئاسي تيئن زندگيءَ جي دوڙ ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي آهيون. ڇٽيهن سالن جي سنگت ۾ هڪ گهڙيءَ لاءِ به دل ۾ مير نه آئي آهي. مون کيس زندگيءَ ۾ ڪڏهن به مايوس نه ڏٺو آهي هو هر مشڪلات کي مڙ سان مڙسي منهن ڏيڻ جي لائق آهي.
هن کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪتابن کي جمع ڪرڻ سان گڏ انهن تي وڏي نقاست سان ديده زيب ۽ جاذب چمڙي جا جلد ٻڌائي مٿن سونهري اکرن ۾ نالا لکائي پنهنجي لائبريري ۾ پيونديءَ وارن گلن جي قيمتي ڪٻاٽن ۾ سينگاري رکڻ جو بيحد شوق آهي. شاهه جي لائبريري ڏسڻ سان سندس جمالياتي حس جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سچ پچ ته ان ڪمري ۾ سڳنڌ سرهاڻ جون هٻڪارون محسوس ڪندو آهيان هن وٽ اڻويهين صدي ۽ موجوده صدي جي اوائلي دور جا ڪيترا ناياب ڪتاب ملي سگهندا. هن وٽ هر شعبي متعلق مفيد ۽ منتخب ڪتاب ملي سگهندا. سنڌي خواه اردو جا پراڻا رسالا به سندس لائبريري ۾ موجود آهن.
هو ادب براءِ ادب جو قائل آهي ليڪن صحتمند جديد ادب جو پڻ مداح آهي. اخلاقي قدر، هن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل آهي. هو سچو ۽ صفا ماڻهو آهي. حق ڳالهائڻ سندس وڏي خوبي آهي. هو هن وقت هيڊ ماستر آهي سندس ڪشش شايد مونکي سندس هم پيشه بڻايو. هو ڪجهه وقت سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو. (نومبر 1970ع)

(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)