المسعودي- (هڪ نامور مسلمان مورخ)
هن آغاز جواني ۾ سيرسفر جو ارادو ڪيو هو ۽ ان وقت ئي پنهنجي سياحتي مهم تي نڪتو. هو خلافت عباسيه جي وقت ۾ ٿي گذريو آهي. عباسي دور جو عروج جيتوڻيڪ تمام گهٽجي ويو هو، پر علم و هنر ۾ اڃا مشهور ۽ معروف هو ۽ ماڻهن ۾ علم ۽ هنر جي حاصل ڪرڻ جي وڏي رغبت هئي. مسعودي جي زماني ۾ به علم و هنر جون قنديلون روشن هيون توڙي خليفه هارون ۽ مامون رشيد جي زماني کي چڱو عرصو گذري ويو هو. ان وقت ۾ به علم حاصل ڪرڻ لاءِ سير و سياحت کي ضروري ذريعو سمجهيو ويندو هو. مسعودي کان اڳ ۾ ڪيترن سياحن دنيا جي مختلف ملڪن جو سير ۽ سفر ڪيو هو جن مان ڪيترن وڏي شهرت حاصل ڪئي هئي ۽ هنن پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي سان مسلمانن کي روشناس ڪرايو هو. انهن مان ڪيترا واپار جي سلسلي ۾ روانا ٿيا هئا ڪي محض سير و تفريح جي خيال نڪتا هئا. تڏهن به هنن چڱو علمي ذخيرو پاڻ سان گڏ آندو هو. پر مسعودي انهن جي برعڪس علم جي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ سياحت لاءِ روانو ٿيو هو. کيس نه دولت ڪمائڻ جو شوق هو نه وري عجائبات ڏسڻ جي رغبت هئي. هو دنيا جي دور دراز ملڪن ڏانهن روانو ٿيو هو.
هن جو مزاج سائنسدان جهڙو هو ۽ سندس تاريخ داني تي به سندس سائنسداني جو مزاج اثر انداز هو. هو جاگرافي ۽ تاريخ کي هڪ ٻئي لاءِ لازم و ملزوم سمجهندو هو تنهنڪري سندس تاريخداني کي جاگرافي کان الڳ رکي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ جو ڪنهن ملڪ جي تاريخ لکڻ لاءِ جاگرافي جو اڀياس به تمام ضروري آهي. جاگرافي جي حالتن پٽاندر ملڪ جي تاريخ بگڙندي ۽ بڻجندي آهي تنهنڪري مسعودي جي لاءِ ملڪ جي جاگرافي جو مشاهدو تمام ضروري هو. هن پنهنجي زندگي جا پنجويهه سال مختلف ملڪن جي سير و سياحت ۾ گذاريا.
جيتوڻيڪ مسعودي کان اڳ ڪيترن مسلمانن سير و سياحت ڪئي آهي ۽ تاريخ جا ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، پر مسعودي جو طريقو انهن کان بلڪل مختلف آهي. هو انهن کان الڳ ٿلڳ رهي ٿو. مسعودي خاندانن ۽ بادشاهن کي واقعات سان اهڙي نموني ملايو آهي جو اهي پڻ تاريخ جو حصو بڻجي پيا آهن. هن واقعات جو تجزيو به پيش ڪيو آهي ۽ انهن جي مختلف پهلوئن کي ظاهر ڪيو آهي جن کي اڳيان تاريخ دان نظر انداز ڪندا رهيا. تنهنڪري ئي کيس ابن خلدون پنهنجو امام ۽ استاد تسليم ڪيو آهي ۽ سندس تاريخ لکڻ ۾ سندس انداز اختيار ڪيو آهي جنهن جي تاريخ کي مسلماني خواه ٻين قومن به هڪ مثالي تاريخ ڪوٺيو آهي.
مسعودي کي يورپ ۽ آمريڪا مورخ ”هيروڊوٽس“ ڪري سڏيندا آهن. هو واقعي اسلام جو هيرو ڊوٽس هو ۽ مسعودي کي جيڪڏهن اسلام جي تاريخ جو بابا آدم چئجي ته مبالغو نه ٿيندو.
هو قريباً ويهن سالن جو هو ته هن ملڪن جي سياحت شروع ڪئي. پهرئين سفر ۾ بصري پهتو، جتي هن هڪ وڏي سياح سان ملاقات ڪئي. ان جو نالو ابو زيد سيرافي هو. هو اتان ئي بحر زنج مان ٿيندو بحيره عرب کان هندو پاڪ جي برصغير ۾ پهتو. هن هتان جي ملڪ جي جاگرافي، ثقافت، تهذيب، مذاهب ۽ اخلاق جو چڱي طرح جائزو ورتو آهي. سندس سفر جا حالات مختلف ڪتابن ۾ موجود آهن. هن برصغير جي سفر ۾ مختلف جاين جو ذڪر ڪيو آهي. هو ڪڏهن ملتان ۾ موجود آهي ڪڏهن منصوره جو سير ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بمبئيءَ پهچي وڃي ٿو. هن پاڪ و هند جي سفر ۾ پورا ٻه سال گذاريا ۽ مٿين جاين تي گهڻو وقت رهيو. ملتان جو ذڪر ڪندي هن ملتان جا سوا لک کن ڳوٺ ٻڌايا آهن. ساڳيءَ طرح هن سنڌ جي لک ڳوٺن جو ذڪر ڪيو آهي ان وقت منصوره سنڌ جو دارالحڪومت هو. هن ملتان جي وڏي بت متعلق به لکيو آهي. اهو بت سورج ديوتا جو بت چيو ويندو هو. جنهن جي پرستش ۽ پوڄا لاءِ هندوستان جا ڪيترا هندو، راجا ۽ مها راجا مختلف شهرن مان ڪهي ملتان ايندا هئا ان وقت ملتان تي مسلمانن جي حڪومت هئي تنهنڪري هندو راجائون ملتان جي فتح لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا ۽ جڏهن انهن چڙهائي جو ارادو ڪيو ته مسلمان حاڪم کين بت ڀڃن جي ڌمڪي ڏيندا رهيا ۽ ڌمڪي جي خوف کان هنن جي ڪاهه جو ارادو ختم ٿي ويندو هو ۽ هو پنهنجو لشڪر وٺي پوئتي موٽندا هئا. محمد بن قاسم متعلق به ساڳئي بت جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن برهمڻن جي درخواست تي ان بت کي نه ڀڳو پر سندس ڳچي ۾ هڪ ڳئون جي هڏي لڙڪائڻ جو حڪم ڪيو.
منصوره عربن جي وقت ۾ آباد ٿيو هو ۽ سندن ئي زماني ۾ اهو شهر وڏو دارالحڪومت بڻيو هو هي شهر سنڌو ندي جي ڪناري تي آهي. علم ۽ دستڪاري جو مرڪز رهيو آهي. هتي هاٿي موجود هئا جن کي مسعودي زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو. هي شهر خوشحال ۽ ترقي يافته هو، هتي سنڌي مسلمانن کانسواءِ عرب ملڪ جا تاجر مختلف طبقن جا ٻيا ماڻهو به آباد هئا. هو سنڌ مان بمبئيءَ طرف روانو ٿيو جتي هن بمبئيءَ صوبي جي دور دراز علائقن کي گهمي ڏٺو. هن بمبئيءَ جي هڪڙي شهر ٿاڻي جو زڪر ڪيو آهي. پر ان کان وڌيڪ ذڪر هن چيمور جو ڪيو آهي جنهن ۾ ان وقت ڏهه هزار مسلمان رهندا هئا جن ۾ ڪي نو مسلم به موجود هئا. ان شهر ۾ سيراف، بغداد بصري جا مسلمان گهڻي تعداد ۾ موجود هئا، جن مان ڪيترا واپار جي سلسلي ۾ آيل هئا.
مسعودي کي سندن مسلمانن جي معاشري ۾ هڪ وڏو فرق معلوم ٿيو. مسلمانن پنهنجي الڳ حيثيت قائم ڪئي هئي هنن جي ثقافت ۽ تهذيب هندن کان بلڪل مختلف قسم جي هئي، سندن حيثيت برقرار رکي ويئي جن کي هندو راجا به تسليم ڪيو هو. مسلمانن جي نگراني ۽ معاملات کي طئي ڪرڻ لاءِ مسلمان عملدار مقرر ڪيا ويا هئا تنهنڪري ان وقت ئي هندو ۽ مسلمان جدا جدا قومون ٿي نظر آيون.
مسعودي کنڀائت جي علائقي ۾ چڱو وقت گذاريو خاص ڪري هن کنڀائت جي هڪ شهر چيمور ۾ گهڻو وقت گذاريو هو هن علائقي جي سرسبزي، خوشحالي ۽ شادابي ۾ دجله ۽ فرات جي رونق محسوس ڪري رهيو هو ۽ کنڀائت جي نار کي ڏسي کيس نيل جو درياء ياد اچي ويو هو. هو لکي ٿو ”خليج کنڀائت نيل جي درياء وانگر آهي. خليج جي ڪناري تي شهر آباد آهن. شهر ۽ خليج جي وچ ۾ باغات لڳل آهن. باغن ۾ گهڻو ڪري ناريل جا وڻ آهن. انهن باغن ۾ رنگ برنگي پرن وارا مور ناچ ڪندا آهن ۽ وڻن ٽارين تي ساوا طوطا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.“
مسعودي جنهن به جاءِ تي ويو ان جو تفصيلي بيان ڪيو اٿس. سندس مشاهدو ۽ مطالعو عميق ۽ گهرو آهي. پاڪ و هند جي ٻن سالن جي سفر کانپوءِ هن برصغير جي جاگرافي ۽ معاشرت جو چڱي طرح اڀياس حاصل ڪيو. ان کانپوءِ هن خراسان جي طرف رخ رکيو ۽ خراسان پهچي ويو جتان هن ايران، ڪرمان ۽ وسطي ايشيا جو سير ڪيو.
بلخ جي علائقي متعلق هن ٻڌايو آهي ته جڏهن بلخ وارن مڪه معظمه جي ڪعبت الله جي تعريف ٻڌي ۽ مسلمانن جي ڪعبي سان وڏي عقيدت ڏٺي. آهن. هنن جي دل ۾ به اهڙي ڪعبه تيار ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. ان خيال جي تڪميل لاءِ هنن هڪ وڏو عبادت خانو تيار ڪيو ۽ ان جو نالو نوبهار رکيو. اڪثر سياحن ان عبادتخاني جو ذڪر ڪيو آهي. ڪنهن هن کي آتشڪده سڏيو آهي ۽ ڪن هن کي بتخانو سمجهيو آهي ۽ چيو آهي ته عجم جا ماڻهو ان جي زيارت لاءِ ايندا آهن ۽ هن کي حج ڪري چوندا آهن. عبادتخاني جي مٿان هڪڙو گنبد آهي جنهن جي گولائي ۽ ڊگهائي هڪ سئو هٿ آهي. عبادت خاني جي چوڌاري پڄارين جا حجرا موجود آهن. جن جو تعداد 36 آهي. انهن پوڄارين جي سربراهه کي برمڪه ڪري چوندا آهن. برمڪه جي معنيٰ آهي مڪه وارا. برمڪي خاندان انهي برمڪه جي اولاد مان هئا. چين ۽ ڪابل جا بادشاهه به انهي بت خاني جي پرستش ڪندا آهن. المسعودي چيو آهي ته نوبهار جي عمارت پختي ۽ بلند آهي. انهي جي مٿان نيزن تي سرسبز جهنڊا جهوليندا رهندا آهن ۽ هر هڪ جهنڊو سئو هٿن جي برابر ٿيندو آهي. جهنڊن جو ريشمي ڪپڙو ايترو وڏو ۽ ويڪرو هوندو آهي جيڪو پري پري تائين ڦهلجي ويندو آهي.
مسعودي کي پنهنجي سفر تي وڏو ناز هوندو هو. هن سموري اسلامي دنيا ۽ مشرق جي سڀني ملڪن جي سياحت ڪئي هئي. هن هزارن ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي خيالن مان واقف ٿيو ڪيترن سان بحث مباحثه ڪيو ۽ تجربو حاصل ڪيو. مسعودي اٽڪل ٻه سئو ڪتاب لکيا آهن. اهي ڪتاب تاريخ، جاگرامي، نجوم، فلڪيات، موسميات، مذهب ۽ فلسفي جي باري ۾ آهن.
چوندا آهن مسعودي کي وڏو حافظو هوندو هو. هو پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي تڪڙو قلمبند ڪندو هو. هن جا گهڻا ڪتاب ضايع ٿي ويا، تنهن هوندي به ڪجهه ڪتاب موجود آهن جن مسعودي جي شخصيت کي اجاگر ڪيو آهي. هو پنهنجي سموري زندگي خانه بدوش وانگر گهمندو ۽ ڦرندو رهيو. هن پنهنجي لاءِ ڪٿي به گهر تعمير ڪونه ڪرايو ۽ هو چوندو هو ته منهنجو گهر اُٺ جي پٺي تي آهي ۽ منهنجي منزل بغداد آهي ۽ منهنجا دوست فسطاط ۾ موجود آهن.
(ماهوار نئين زندگي، جون 1982ع تان ورتل)