”مٽيءَ لَڌو مان“- هڪ شاهڪار- عبدالله عبد
اهو افسوس اٿم جو حليم جي قرابت ۽ قريبي رفاقت هوندي مون کي ”عبد“ صاحب سان ملاقات جو موقعو ڪين مليو آهي. گهڻن سالن جي ڳالهه آهي آءٌ ٻن چئن ڏينهن لاءِ ڪراچي ويو هوس. آءٌ حليم جي ڳولها ۾ سندس پراڻي گهر نئين آباد پهچي ويس. رات جو وڳڙو هو، گهر جي پڇا ڪندي ڪنهن واٽهڙوءَ ٻڌايو ته حليم راولپنڊي آهي. سندس ملازمت اتي آهي. پورو ياد نه آهي مطلب ته اهڙي قسم جي گفتگو ٿي. ان ماڻهوءَ هلڻ ۽ ويهڻ جي صلاح به ڪئي آجيان به ڪئي، پر مون اها سنڌين جي روايت سمجهي ان تي توجهه نه ڏنو. پر مون کي خبر ڪانه هئي ته ڳالهائڻ وارو بزرگ عبد صاحب پاڻ هو. مون به کيس پڙهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. اونده به هڪ رڪاوٽ هئي. ٻي ڀيري قصداً مان سندس آفيس ۾ ويس ته جناب عبدالله ”عبد“ کي ڏسي وٺان. اها به ڪيترن سالن جي ڳالهه آهي. ان وقت جوش صاحب ڪراچيءَ ۾ هو، پر مون کي سندس آفيس جي خبر ڪانه هئي. ڏٺم ته هڪ سادو سٻاجهو بزرگ ماڻهن جي وچ ۾ آهي. تعليمي آفيسر وٽ، گهڻو ڪري ماستر ايندا آهن ٻيو ڪير ايندو. مون به وارو وٺي ڄاڻ ڪرائي. هو اٿي بيٺو. ڀاڪر پائي مليو. مون عبدالحليم جو ڏس پتو وٺي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مرحوم ويهڻ لاءِ اصرار ڪيو. مون ٻئي ڀيري اچڻ جو واعدو ڪري اجازت ورتي. پر زندگيءَ ۾ اهو ٻيو ڀيرو وري نصيب نه ٿيو جو آفيس جو ماحول اهڙو سنجيدو هوندو آهي، جتي هر ڪو چڱو مڙس بوريت محسوس ڪندو آهي. مان پنهنجي بدقسمتي سمجهان ٿو جو مون ڪڏهن به مرحوم سان ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي، حالانڪه مان هر ڀيري جوش سان ملندو رهيو آهيان. يارن جا وڏا سدائين جيئرا رهندا آهن. مان ٻئي ڀيري ملندس جي چڪر ۾ ڦاسي ويس. هينئر محسوس ڪريان ٿو ته مون فرض ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي.
ادبي طور سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ ۾ مرحوم جو وڏو دخل رهيو آهي. سندس نظم ”سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪراءِ“ جيتوڻيڪ هڪ سياسي نظم آهي، پر منجهس شاعر جي وطن سان محبت جو هڪ عظيم جذبو موجود آهي. سندس هڪ مصرع ”مادر سنڌ جا ستل فرزند“ مان هڪ وڏي تجربيڪار ۽ مخلص انسان جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ملي ٿي. جنهن پاڻ سموري عمر محنت ڪئي هئي. هو سنڌ جي ماڻهن کي ستل ڏسي نٿو سگهي. مادر سنڌ جي لفظن ۾ ڪيتري اتساهه، چاهه ۽ نيڪ رجحان جو جذبو ملي ٿو. انهيءَ ڪري ته سنڌ جي ڌار ٿيڻ ۽ صوبائي درجي ماڻڻ ۾ سندس خوشحاليءَ جو راز پوشيده هو ۽ سنڌين جي سست طبعيءَ جو به کيس وڏو فڪر هو. جيڪا قوم سستي ڏانهن مائل هوندي ان کان ڪهڙي ڪارنامي جي توقع رکي سگهجي ٿي. جيڪو ماڻهو رضا تي راضي ٿيڻ جي سهڻن لفظن ۾ ڦاٿل هوندو ۽ هر ڳالهه ۾ خوش هوندو. جيڪو اگهور ننڊ ۾ غلطان هوندو، انهيءَ ۾ ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي.
انسان جو ڌرتيءَ سان هڪ وڏو رشتو آهي. حب الوطني ايمان جي نشاني آهي. اهي سڀ ڳالهيون درست آهن، پر انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عمل جي ضرورت آهي. رڳو نعرن مان ڪجهه به نه ورڻو آهي تنهنڪري ”اٿ زماني جي تيزگامي ڏس“ چئي شاعر زماني جي تيز رفتاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. زمانو ڪنهن جي لاءِ ترسي نٿو سگهي. سنڌي طبعاً ۽ فطرتاً سست روي ڏانهن مائل آهي. تنهنڪري زماني جي رفتار سان کيس اڳتي وڌڻو آهي. اهو مختصر مضمون ان وقت جي تقاضائن موجب هڪ وڏي سياسي ۽ قومي حيثيت رکي ٿو.
جناب خير محمد اوحدي صاحب هڪ وڏو عالم صاحب طرز اديب ۽ شاعر آهي. افسوس جو مون کي سندس صحافتي زندگيءَ جو تجربو ڪونهي. هو هڪ وڏو مخلص ۽ خود دار ماڻهو آهي. ان سان گڏ هڪ وضعدار با اصول ماڻهو او حدي صاحب پنهنجي مضمون ۾ سچ پچ هڪ وڏي شخصيت جون خوبيون بيان ڪري عبد صاحب جي عملي زندگيءَ تي روشني وڌي آهي. مون کي يقين آهي ته سندس مضمون ۾ ڪٿي به هن مبالغي کان ڪم نه ورتو آهي. ۽ مون کي اهو به يقين آهي ته عبد صاحب، اوحدي صاحب جي مضمون جي صحيح تصوير آهي. جنهن ڪري مان ان وڏي انسان کي نهايت عقيدتمندي سان سلام ڪريان ٿو ۽ فخر ڪريان ٿو ته هن ڌرتيءَ ڪيترا نه لائق فائق فرزند پيدا ڪيا آهن. سچ پچ ته هي املهه ماڻڪ آهن. اسان جي بدنصيبي آهي جو اسان اهڙن مهراڻ جي موتين جي قدرداني نه ڪئي آهي. هن کان اڳ به ڪيترائي ماڻڪ مٽيءَ ۾ گم ٿي ويا، جن جو ڪجهه عرصي کان پوءَ نالي وٺڻ وارو به ڪونه هوندو. مرحوم عبد صاحب جي فرزندن کي جس آهي جن هن قحط الرجالي جي دور ۾ پنهنجي مختصر ڪمائي مان هن ڪتاب جي طباعت جو اهتمام ڪيو آهي. ورنه ڪي دوست اهڙا به آهن جن پنهنجي بزرگوارن جا مسودا هيٺ مٿي ڪري ڇڏيا. يا ڪن وٽ ڪٻٽ جي خاني ۾ اُڏوهي جي خوراڪ ٿي رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهي ماڻهو سکيا ستابا آهن، پر دل جي ڳالهه آهي محبت، خلوص ۽ سعادتمندي جي. اهو منهنجو تجربو آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو تصنع نه آهي.
مولوي سيتائي صاحب هڪ ٻيو بزرگ آهي جنهن سان گڏ ”الوحيد“ ۾ مون 1947ع ۾ ڪم ڪيو آهي، پر افسوس جو گذريل چويهن سالن ۾ ساڻس ملاقات جو موقعو به نه مليو اٿم. هو هڪ وڏو صحافي، عالم ۽ بزرگ آهي. جن بزرگن صحافت جي لڄ رکي ۽ سندس مان مٿي ڪيو، مولوي صاحب انهن منجهان هڪ آهي. مون سندس تاثرات دل ۾ سانڍيا آهن. هن صاحب به دوستيءَ جو حق ادا ڪري ادب جي هڪ محسن جي اعليٰ شخصيت کي پيش ڪيو آهي جنهن کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي.
اياز قادري جي چوڻ موجب هو سچ پچ وڏو ماڻهو هو. دولت مند نه هو، سرمايه دار نه هو، پر وڏو ماڻهو ضرور هو. وڏو چئبو به ان کي جيڪو ڪردار ۽ گفتار جو غازي هجي، جنهن جي گفتگوءَ ۾ تصنع نه هجي، جنهن جي عمل ۾ خلوص هجي. جنهن جي شخصيت ۾ ڪنهن مبالغي جي گنجائش نه هجي. جنهن ۾ خلوص ۽ محبت جو بحر بي پايان ڏٺو وڃي. جيڪو پنهنجي ذات کان وڌيڪ، ڪنهن ٻئي جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجي. مان ”مٽيءَ لڌو مان“ جي شخصيت ۾ مٿيون سڀ خوبيون واضح طور تي ڏسي رهيو آهيان. وڏو ماڻهو به ادبي معنيٰ ۾ ڪجهه ائين هوندو آهي. هو دولت مند نه سرمائيدار، پر وڏو ماڻهو هو. وڏي ماڻهوءَ جي لفظ ۾ ڪيترائي جزا شامل ٿي وڃن ٿا. هڪ وڏو عالم، هڪ خوددار اديب، هڪ مخلص شاعر، هڪ نيڪ انسان، مخلص دوست، هڪ همدرد مخالف. اهي ئي وصفون وڏائيءَ جون ٿينديون.
جنهن شخص کي نه ڪنهن طاقت سان زير ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ڪنهن دولت سان خريد ڪري سگهجي ٿو. اهو انسان آمر آهي. اهو انسان زنده آهي ۽ جاودانه زندگيءَ جو مالڪ آهي.
محترم حليم جوش صاحب جا تاثرات دل ۾ هڪ رقت پيدا ڪري رهيا آهن. هڪ پيءُ، هڪ استاد ۽ دوست جي عنوان سان جوش هڪ پٽ، هڪ شاگرد ۽ هڪ دوست جي حيثيت ۾ مختلف ڪردارن ۾ پيش ٿيو آهي. سعادت منديءَ جي ذريعي پٽ، پيءُ جو وڏو احترام ڪيو آهي. خلوص جي واسطي سان هن پنهنجي استاد ۽ رهنما جي تعريف ڪئي آهي. هن هڪ دوست جي حيثيت سان بي پناهه محبت ۽ پيار جو ذڪر ڪيو آهي. اهي مختلف علامتون سندس مضمون جو ماحصل آهن. مرحوم جي دلڪش شخصيت کي، جوش نهايت باوقار انداز ۾ پيش ڪيو آهي. مرحوم ڪاظم صاحب جو حوالو ڏيندي، ان زماني جي رواداري، خلوص دلي ۽ وضعداري جو ڪيڏو اهم نڪتو بيان ڪيو آهي. ”هڪڙي بيت تان پنهنجو ديوان قربان ڪرڻ“ وارو مثال ڪيڏي نه وسعت نظري ۽ فراخدليءَ جي ترجماني ڪري ٿو. اهي قدر پراڻا هئا. اڄ ته نفسا نفسي جو عالم آهي.
هر ڪو شاعر ڄڻ عظيم آهي. هڪ ٻئي سان زور آزمائي ۾ پورو آهي. نون قدرن ۾ اهڙن خيالن جي گنجائش ڪانه آهي. حليم صاحب جا هي لفظ ڪيترو نه دل ڀچائيندڙ آهن: ”جنهن اسان کي زمين تان کڻي ڪلهن تي ويهاريو، تنهن کي اسان پنهنجي ڪلهن تان لاهي زمين اندر پوري آياسين. “
هن ڪتاب ۾ ٻين دوستن جا زرين خيالات پڻ درج آهن، جن جو ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ مرحوم ”عبد“ صاحب سان تعلق رهيو آهي. الله تعاليٰ مرحوم کي مغفرت ڪري هو سچ پچ وڏي شخصيت جو مالڪ هو.
(ماهوار نئين زندگي، جنوري، فيبروري ، 1975ع تان ورتل)