نارائڻ شيام
ميٺارام هاسٽل جو ستون نمبر ڪمرو منهنجي ذهني سڪون جو مرڪز هو، جتي شيام سان ڪيترن ئي موضوعن تي بحث ڪندو هيم. شاعريءَ کي پرکڻ جو منجهس ڀرپور شعور هو. هو نه فقط سنڌي شاعريءَ تي پر فارسيءَ ۽ اردو شاعريِءَ تي به سير حاصل بحث ڪري سگهندو هو. سنڌي سرڪل جي گڏجاڻين ۾ سندس راءِ کي وزن هوندو هو. نئين ادب ۽ جديد ادبي تقاضائن تي خيالن جي ڏي وٺ ۾ شيام جي راءِ کي آخري سمجهيو ويندو هو. اردو ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو شباب هو جنهنجي ڦهلاءَ لاءِ اردو ادبي رسالن نهايت موثر ڪم ڪيو هو. ان وقت جو هر رسالو هر نئون ڪتاب شيام وٽ موجود هوندو هو.
هڪ سال کان پوءِ اياز کي به ميٺارام هاسٽل ۾ ڪمرو مليو. اياز جي ميٺارام هاسٽل ۾ اچڻ ڪري منهنجا ٻه قريبي گهاٽا دوست هڪ ئي جاءِ تي موجود ٿي ويا تنهنڪري منهنجي ڏينهن جو گهڻو حصو انهن ٻنهي جي ڪمرن ۾ گذرندو هو. گويا روحاني غذا ملندي هيم. اياز پنهنجي ڪمري مان نڪرڻ کان لنوائيندو هو. ڪنهن ڪنهن وقت مان شيام کي وٺي اياز وٽ ويندو هوس. شيام ۽ اياز جي پاڻ ۾ بي تڪلفي ڪانه هئي جنهن ڪري اياز سڀاويڪ سنجيدو رهندو هو. مان ڪو موضوع ڇيڙي ٻنهي کي ڪنهن بحث ۾ وچڙائيندو هوس ۽ سندن ادبي بحث بنا ڪنهن تلخيءَ جي اڪثر پر لطف ۽ معلوماتي رهندو هو.
وئڪيشن جي موڪلن ۾ شيام سان خط و ڪتابت رهندي هئي. هو نواب شاهه رهندو هو 1945ع ۾ گوبند مالهي ۽ سوڀي گيانچنداڻي جي سربراهيءَ هيٺ انجمن ترقي پسند مصنفين جو ڪراچيءَ ۾ بنياد رکيو ويو. سڀني نوجوان اديبن ان ۾ شرڪت ڪئي هر جمعي جي شام چئين بجين بندر روڊ جي انجمن آفيس ۾ ادبي گڏجاڻي ٿيندي هئي. گهڻو ڪري هر نوجوان اديب ان ڪچهري ۾ شريڪ ٿيندو هو، اها گويا نئين تحريڪ هئي. ان زماني ۾ اياز جناح ڪورٽس ۾ شيام شيوا ڪنج ۾ رهندو هو. اسان سڀ ان ادبي مجلس ۾ مقرر وقت تي پهچي ويندا هئاسي. هر هڪ نوجوان ۾ نئين ادب جي واڌاري لاءِ اتساهه چريائيءَ جي حد تائين پهتل هو. سچ پچ ته انهيءَ انجمن سنڌيءَ جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪيو جن ۾ رام، لعل، شاد، سڳن آهوجا گوبند مالهي، لڇمڻ راجپال وغيره جا نالا وساري نٿا سگهجن. شاعرن ۾ ارجن شاد، سڳن آهوجا ۽ سنتو لعل جا نالا ان انجمن جي يادگيري ۾ هميشه قائم رهندا، ان زماني ۾ نثري ادب ۾ افساني جو زور هو ۽ شاعري ۾ گيت ۽ نظم جي وڏي شهرت هئي. رام جي تنقيد افساني تي رهندي هئي جنهن ۾ گوبند، سوڀو وغيره حصو وٺندا هئا. شيام شاعريءَ تي ڀرپور ۽ صحتمند تنقيد ڪندو هو جنهن ۾ اياز ۽ منهنجو به حصو هوندو هو. شيام جي تنقيد به نرالي هوندي هئي. هڪ مختصر جملو ۽ ان کان پوءِ وڏو سواليه نشان، جنهن سان گڏ هڪ هلڪو ٽهڪ. چڀندڙ تنقيدي جملو گهڻو ڪري مجلس جي ٽهڪن ۾ ٻڏي ويندو هو. تنهن هوندي به اهو ڇڀيندڙ جملو ڪيترو وقت دل ۾ هرکندو هو. آءٌ گهڻو ڪري شيام جي جملي جي وضاحت ڪري مجلس کي سنجيدو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس اياز جو شعر به اڪثر شيام جي جملي جو شڪار ٿيندو هو. ڪنهن وقت شيام سندس شعر تي رڳو تفريحاً ريمارڪ ڏيندو هو. ان وقت اياز جو چهرو نهايت گنڀير رهندو هو. جيئن ته شيام جو ٻوليءَ ۽ شاعري جي فن تي وڏو عبور هو تنهنڪري هر ڪو سندس تنقيد کان گهٻرائيندو هو. اياز ۽ شيام جيئن ته منهنجا دوست هوندا هئا تنهن ڪري عموماً منهنجو شعر تنقيد کان بچي ويندو هو. ٻيا شاعر سيکڙاٽ هئا انهن ۾ نه فن جي پروڙڻ جو ڪو هوش ۽ نه وري تنقيد جو شعور. ٺيٺ ترقي پسند قسم جا اديب فقط نعره بازي کان خوش رهندا هئا. سپڪ سنڌيءَ ۾ شيام جي شاعري ساراه جوڳي هئي اياز جي مقفي شاعري ۽ منهنجي آزاد شاعريءَ جو دور هو. انهن مڙني صنفن ۾ سوشلسٽ نظريات جو عنصر شامل هو.
شيام کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ ٺيٺ ويشنو هو جنهنڪري مون کي هن سان گڏجي ماني کائڻ جو اتفاق نه ٿيو جيڪڏهن ڪنهن ڀيري ميس ۾ ساڻس گڏ ويس. ته گوشت کائو دوست پنهنجي ٽيبل ڏانهن وٺي ويندا هيم. شهري هندن جي اڪثريت گوشت کائيندي هئي. شيام کي ڪچن ٽماٽن کائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. فروٽ جي بدران هو ٽماٽا کائيندو هو. رستي تان هلندي جيڪڏهن شيام جي نظر ٽماٽن تي پيئي ته هو سنگت ڇڏي ٽماٽن واري ڏانهن قدم وڌائيندو. تڪڙو تڪڙو جيئن گهوڙو ٿان ڏي ورندو آهي ۽ هو اتي ئي کائڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو ڪوٽ بشرٽ ته ڇا پر پينٽ جا کيسا به ٽماٽن سان ڀري رستي تان هلندي کائيندو رهندو هو. ٽماٽا هن جي وڏي ڪمزوري هئا. جيئن اياز جي ڪمزوري موسمي هئي پر مان انهن ٻنهي نعمتن کان محروم هوس.
شيام ساڌو قسم جو ماڻهو هو. هر ڪنهن سان نيڪي ڪرڻ پنهنجي ڌرم جو پالن سمجهندو هو. اهنسا جو حامي هو. مسلمان صوفي بزرگن جو عاشق هو. هو گهڻو ڪري مسلمان درويشن جو ذڪر نهايت ادب ۽ احترام سان ڪندو هو، جن عوام کي نفس مارڻ جي تلقين ڪئي هئي. خدا جي توحيد تي کيس پختو يقين هو. مذهب ۾ تعصب جي سخت خلاف هوندو هو. وحدت الاديان جو قائل هو سندس والد سکر جو مختيارڪار هو. شيام منهنجي دعوت ڪئي هئي، پر ڀاڄين سان گڏ گوشت جي ڊش به تيار ڪرايائين ڀاڄيون به ڏاڍيون مزيدار هيون سندس پيءُ سان پڻ ملاقات ٿي هو به هڪ نهٺو ۽ سنت ماڻهو ٿي ڏٺو.
شيام جو ڪلام ٻڌڻ جي لائق هوندو هو ڄڻ ته هڪ درياهه هو جنهن جو وهڪرو نهايت هلڪڙو مٺڙو ۽ دل لڀائيندڙ محسوس ٿيندو هو. لفظن کي چونڊڻ ۽ کين مناسب موقعي تي استعمال ڪرڻ شيام جي ئي ورثي ۾ آيل هو. فارسي لفظن کي رائج هندي لفظن سان بيهارڻ سندس وڏي فنڪاري هوندي هئي. هو ڄڻ شعر ۾ موتي پوئيندو هو. هو هليو ويو، سالن کان سندس خبر نه ملي اٿم شروع ۾ خط لکندو هو هينئر الاجي ڪڙي حال ۾ هوندو. اهڙي سڀاءُ جو ماڻهو هتان ڇو لڏي ويو مان اڪثر سوچيندو آهيان هو پنهنجي وس نه هو. هن سان هڪ ولر هو وڏا ۽ ننڍا. ڪنهن کي سمجهائي ۽ ڪنهن کي مڃائي. قومن جو فرق هو يا مذهب جو فاصلو.
ملڪ جي ورهاڱي جو اعلان ٿي ويو. ايم اي جا فائينل امتحان اڃا ڪين ٿيا هئا. شيام نواب شاهه ويل هو. سنڌ جي هندن ۾لڏ پلاڻ شروع ٿي چڪي هئي. سکر جا هندو دوست پنهنجن ڪٽنبن قبيلن سميت ڪراچيءَ پهچڻ لڳا ڪيترا دوست مون وٽ آيا موڪلائي ڏاڍو رنا وڃڻ وارا هليا ويا. هڪ ڏينهن شيام به منهن جي جاءِ تي اچي پهتو. ڏاڍو غمگين ٿي ڏٺو. سمورو حال ڪيائين سندس گهر ڀاتي ڪنهن مندر ۾ لٿيل هئا. هو ٻئي ڏينهن سامونڊي جهاز رستي روانو ٿيڻ وارا هئا ڪنهن ڏورانهينءَ بي نشان منزل ڏانهن ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ شيام موڪلايو ڀاڪر پائي بيٺاسي سندس اکيون ڀرجي آيون. ٻه ڳوڙها سندس سانورن ڳلن تي ڏٺم منهنجي دل ”دڪ“ جو آواز ڪري ڄڻ بيهجي ويئي ڀاڪر مان هٿ ڇڏائجي ويا ۽ مون اکيون ٻوٽي ڇڏيوون هو تڪڙو هليو ويو. (مئي 1971ع)
(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)