شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

مخدوم غلام حيدر صاحب صديقي

دنيا ۾ ڪي اهڙيون اهم شخصيتون هونديون آهن جن کي سالن پڄاڻان به وساري نه سگهبو آهي. اهو سندن خصوصيت ۽ عظمت جو دليل آهي.
مسلمانن جي جدوجهد کان پوءِ سنڌ بمبئيءَ کان الڳ ٿي، برصغير جي نقشي تي سنڌ هڪ جدا صوبي جي حيثيت سان اڀري هئي. سنڌين جي صوبائي حڪومت قائم ٿي. وزير سنڌي، ميمبر سنڌي ۽ اسيمبلي سنڌين جي، نه دل کي تسڪين نصيب ٿي. مان ان وقت ڪراچيءَ ۾ رهندو هوس. ڀانيان ٿو 1939ع جو زمانو هو. هڪ ڏينهن چاچا چيو ته شام جو مخدم صاحب ڏانهن هلنداسون. مخدوم صاحب سان ملڻ ۽ کيس ڏسڻ جو وڏو شوق هئو. ننڍي هوندي کين ٻه ٽي ڀيرا ڏسڻ جو اتفاق ٿيو هو، پر انهن ڏينهن ۾ تمام ننڍڙو هوس جنهنڪري رڳو هڪ جهڪي ۽ هلڪي يادگيري دماغ جي پردن تي رهجي ويئي هئي ۽ کين وري وري ڏسڻ جي خواهش دل ۾ پوشيده هئي. مخدوم صاحب جو نالو ٻڌي منهنجي بدن ۾ خوشيءَ جي لهر موجزن ٿي.
ننڍي هوندي کان اهڙي ماحول ۾ پرورش ٿي هئي جو عالمن ۽ بزرگن جي گفتگو مان لطف حاصل ڪندو هوس. دل کي سڪون ملندو هئم، جيتوڻيڪ چاچي جو ان ملاقات جو مقصد بنهه ٻيو هو. هونءَ به چاچا اڪثر و بيشتر شام جو مخدوم صاحب جن سان ملندو هو. اسيمبلي جي سيشن جي دوران سندن گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾ گذرندو هو. منهنجي ملازمت جو سوال چاچا جي مدعا هئي ۽ منهنجي تمنا ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ تائين محدود هئي. مان ملازمت جي گورک ڌنڌي کان بلڪل بي نياز. اسان ٻنهي جي مقاصد ۾هڪ وڏ تضاد هو . ماديت ۽ روحانيت جهڙو.
بهرحال، صدر ۾ ڪنهن بنگلي جي ويجهو پهتاسين. وڏي دروازي کان لنگهي بنگلي ۾ داخل ٿياسين. ڏاڪڻ تان چڙهي مٿي پهتاسين. ڪجهه ماڻهو ورانڊي ۾ موجود هئا جن چاچا مرحوم سان عليڪ سليڪ ڪئي. اسان ڪمري ۾ داخل ٿياسين. هيٺ گلمن تي ڪيترائي معزز ماڻهو باادب ويٺا هئا. ڏاکڻين پاسي کان کٽ پيل هئي جنهن تي هڪ سهڻو هنڌ وڇايل هو. ڏٺم ته هڪ بزرگ، جنهن کي مٿي تي پڳ، جسم تي اڇو چولو ۽ اڇي شلوار پيل هئي سو کٽ تي پلٿي ماري ويٺو هو: سندس ڇاپونئي ڏاڙهي، کليل رنگ، ڪشاده پيشاني منهن تي پروقار سنجيدگي ۽ سندس وضع قطع منهنجي دل تي هڪ ديرپا اثر ڇڏيو. اسان کي ڏسي هو ملڻ لاءِ کٽ تان لهي بيٺو ۽ چاچا مرحوم نهايت ادب سان جهڪي سندس هٿ چميو خنده پيشانيءَ سان چاچا جي آجيان ڪئي ويئي، مان کين وڏي حب ۽ خوشيءَ ۽ احترام سان ڏسي رهيو هوس مان به ٿورو اڳتي وڌي ان بزرگ جي پيرن جي طرف جهڪڻ لڳس. مون کي پاڻ ڪلهن کان جهلي مٿي ڪيائون ۽ چاچا تعارف طور کيس منهنجو اڌ نالو ٻڌايو جنهن سان مون کي ننڍي هوندي سڏيو ويندو هو. منهنجو نالو ٻڌي هو مون سان بيحد پيار سان مليو ۽ چاچا کي مخاطب ٿي چيائين ”ماشاءَ الله هينئر جوان ٿي پيو آهي“ ائين چوندي پاڻ هيٺ قالين جي مٿان ويٺا. مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريائون سچ پچ ان وقت منهنجي دل خوشيءَ مان ناچ ڪري رهي هئي. ڪيترو وقت خير عافيت هلي. فرمايائون اهو راڳ ٻڌاءِ جيڪو ننڍي هوندي ڳائيندو هئين. ”اجهي شال ايندا اڱڻ ٿي ٻهاريان“ مون کي اهو راڳ بنهه ياد ڪونه هو ۽ اهو به ياد نه ڪري سگهيس ته ننڍي هوندي ڪو خاص راڳ مون سان منسوب هو. پر اها سٽ مانوس هئي، جنهن ڪري ذهن ۾ ان وقت به موجود هئي ۽ هينئر به ياد اٿم. مون ادب سان عرض ڪيو ”مون کي ياد ڪونهي“ پان مون سان نهايت قرب سان ڳالهائي رهيا هئا ۽ مون کي ياد ڏياري رهيا هئا ڪنهن پراڻي زماني جون يادگيريون جڏهن پاڻ اسان جي اوطاق تي مهمان بڻجي، ڏاڏي مرحوم سان ورونهن ڪندا هئا ۽ مان سندن خدمت ڪندو هوس ننڍڙي ۽ معصومانه خدمت.
اهو بزرگ مخدوم غلام حيدر صاحب هو جنهن جو نسب ۽ سلسلو غوث الحق حضرت مخدوم نوح سان ملي ٿو. هالا جي درگاه ۽ مخدوم صاحبن جو ذڪر اڪثر و بيشتر اسان جي گهر ۾ هلندو هو ۽ ڏاڏا مرحوم هالن جا هر سال ٽي چار ڦيرا ڪندو هو. انهيءَ خاندان جون اسان تي ايتريون شفقتون ۽ عنايتون هيون، جن کي وساري نٿو سگهجي. اهي عنايتون تحفن جي طور سدائين سندن احسانن کي ياد ڪرائينديون هيون. وڏڙا اٿي ويا ۽ اهڙو ذڪر اذڪار پڻ گهٽجي ويو.
مخدوم صاحب هڪ عالم باعمل ۽ هڪ وڏو اديب هو. اردو زبان تي به کيس چڱو عبور حاصل هو. سندس خطن ۾ هڪ اردو زبان ۾ لکيل خط پڻ مون وٽ موجود آهي، جنهن مان تحرير جي سلاست ۽ سادگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
حضرت مخدوم چاچا سان مخاطب ٿيو. چاچا احوال ۾ منهنجي بيروزگاريءَ جي مسئلي کي شامل ڪيو. نهايت فراخدليءَ سان فرمايائون ”سڀاڻي ڪم ڪبو“. مخدوم صاحب سنڌ اسيمبليءَ جو بااثر ميمبر هو. مون کي چيائين ”اسيمبلي ڏسندين؟“ مون ها ڪئي ۽ سندن ملازمن مون کي ٻه پاسون ڏنيون. ”سڀاڻي مون سان نائين بجي اسپيڪر جي ڪمري ۾ ملجانءِ“. ٻئي ڏينهن آءٌ کين اسيمبلي ۾ مليس. ڏاڍو خوش ٿيا ۽ اسپيڪر جي ڪمري ۾ ويهاري حالي احوالي ٿيا.
ملازمت جو آرڊر مليو. مون نوڪري نه ڪئي ۽ انهيءَ شرمندگيءَ ڪري مان وري ساڻن ملڻ جي همت ڪري نه سگهيس. جيتوڻيڪ ٻئي سال ٻه ڀيرا ان بنگلي جي ويجهو ويس، پر بنگلي ۾ داخل نه ٿي سگهيس. احساس ندامت جو غلبو هو. اهائي ملاقات هئي جا منهنجي سن شعور جي پهرين ۽ پوئين ملاقات هئي، جنهن کي سموري عمر ياد ڪندو رهندس. سندن شفقت جي نظر کي ڪڏهن فراموش ڪري نه سگهندس.
جناب مخدوم صاحب ديو بند ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ تحصيل کان پوءِ سندن دستاربندي به اتي ئي ٿي هئي. خلوص، محبت، همدردي ۽ شفقت جهڙيون صفتون سندن رڳ رڳ ۾ سمايل هيون. وعدي جا پختا ۽ قول جا سچا، مون کي پنهنجو تجربو آهي. اکر چيائون ۽ فوراً عمل ڪيائون. اهڙا بزرگ ڪٿان ملندا. جن پنهنجي بلند ڪردار سان پنهنجي روايت موجب حقيقي ۽ بنيادي قدرن کي اجاگر ڪيو آهي. علم و تعليم سان سندن ڳوڙهي دلچسپي هئي ۽ ڪيترن ادارن جا معاون ۽ سرپرست هئا. هالا هاءِ اسڪول ۽ سروري اسلاميه ڪاليج سدائين سندن يادگار ٿي رهندا. اهڙن بزرگن دلين تي حڪومت ڪئي آهي جي هميشه زنده ۽ جاويد رهندا.

(ٽي ماهي مهراڻ، 1/ 1974ع تان ورتل)