ٽيون ممتاز، ممتاز مهر آهي
پهريون ممتاز مرزا آهي، جيڪو ٽيليويزن جو مقبول ۽ معروف اسڪرپٽ ايڊيٽر آهي. سندس هر پيشڪش دلڪش ۽ جاذب نظر ايندي آهي. تنهن ڏينهن هن منهنجا به پروگرام رڪارڊ ڪيا.
ممتاز مرزا سان منهنجي واقفيت بلڪل پراڻي آهي، هو ڪنهن وقت ڊاڪٽر بلوچ سان ادبي ڪم ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب وڏي علم جو مالڪ آهي تنهنڪري جيڪڏهن حيدرآباد ويندو هوس ته ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ پنهنجي لاءِ سعادت سمجهندو هوس ۽ ڊاڪٽر صاحب به محبت سان ڏسندو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي دفتر ۾ سندس خدمت ۾ ويندو هوس ته ممتاز مرزا پنهنجي ننڍڙي آفيس مان نڪري منهنجي ملڻ لاءِ ايندو هو ۽ وڏي پيار ۽ محبت سان ملندو هو. ڊاڪٽر صاحب تعليمي انسٽيٽيوٽ جو سربراهه هوندو هو، پوءِ مان وڃي ڊاڪٽر صاحب سان ملندو هوس. هو ڊاڪٽر صاحب سان ڳچ وقت گڏ رهي گهڻين خوبين ۽ خصوصيتن جو مالڪ بڻجي پيو آهي خوش اخلاقي جو عنصر منجهس ڀرپور آهي. ساڻس ملاقات هر دوري وقت ٿيندي رهي، ڀٽ شاهه جي ادبي ڪانفرنس ۽ هر ميلي ۾ حاضر هوندو هو ۽ اتي به پنهنجي وسان نه گهٽائيندو هو. ان کانپوءِ هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آيو. مان به اڪثر الياس عشقي صاحب سان ملندو آهيان ساڻنس منهنجي محبت آهي. ان جي سنگت ۾ رهي ممتاز مرزا، الياس وانگر قربائتو ماڻهو بڻجي پيو. هن منهنجا ڪيترا مقالا نشر ڪيا ۽ هڪ ڀيري منهنجي رڪارڊنگ لاءِ سکر به آيو هو. انهن ٻنهي اديب ۽ عالمن سان منهنجي والهانه عقيدت آهي ۽ سندن سنگت ۾ جيڪي به ماڻهو آهن انهن سان محبت آهي، انهن ٻنهي جي سنگت ۾ مرزا هڪ جامع شخصيت بڻجي پيو. ٽيليويزن تي خبر نه آهي، کين ڪهڙي سنگت ملي آهي، کيس ڪهڙا دوست مليا آهن، تنهنڪري ٽيليويزن بابت منهنجا تاثرات زيرو پائنٽ تي آهن. ممتاز زنده دل انسان آهي ٽهڪ ڏيئي کلندو آهي ۽ هميشه مشڪندو رهندو آهي. ٻيا به ممتاز ماٺيڻو مشڪندا آهن، سڀني جو تعلق اتفاق سان علم ۽ ادب سان آهي.
ٻيو دوست آهي ممتاز اعواڻ، هو ريڊيو اسٽيشن ڪراچي ۾ پروڊيوسر آهي. نهايت شريف ۽ ذهين ماڻهو آهي. شڪارپور جو آهي. سکر ۽ شڪارپور جي پاڻ ۾ قربت آهي، تنهنڪري مونکي عزيز آهي. خبر نه آهي سندس ادب سان دلچسپي آهي يا ڪانه، پر علمي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالا سندس نظر مان گذرندا آهن ۽ پهرين اپروول به پاڻ ئي ڏيندو آهي. هڪ ڀيري مان ساڻس ملڻ لاءِ سندس جاءِ تي ويس ويچاري وڏي تعظيم ڪئي ۽ مهمان نوازي جا سڀ حق بجا آندا. ڀايان ٿو اها سندس روايتي مسلماني آهي. سندس ڀاءُ ڊاڪٽر اعواڻ ڪنهن وقت منهنجو دوست هوندو هو، هو 1946ع ۾ ڪوئيٽه آيو هو. شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي ۽ رام پنجواڻي جن سان گڏ رهندو هو. مان به پنهنجي پٺاڻ دوست جي وڏي مڪان ۾ رهندو هوس. انهن ڏينهن ۾ اسان سڀ اسٽوڊنٽ هئاسين. هي سڀيئي گڏجي مون وٽ ايندا هئا ۽ گهڻو ڪري روزانه مون سان ڪچهري ڪندا هئا. ڪچهري سان گڏ لڊو ۽ تاش به کيڏندا هئاسي تنهن زماني ۾ ڀايان ٿو ممتاز ننڍڙو ٻار هوندو هو. مون ممتاز کي اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي. ها البته 10-12 سال اڳي ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد ۾ ڪم ڪندو هو ۽ مان کيس اتي ڏٺو هو. ان کانپوءِ جلد ئي هو ڪراچي اسٽيشن تي تبديل ٿي آيو.
چئن پنجن سالن جي ڳالهه آهي نواز علي شوق اصرار ڪيو ته ريڊيو تي ڪا تقرير نشر ڪيو، آخر گهڻي رد ڪد کانپوءِ اسٽيشن تي آيس.ممتاز ويٺو هو جنهن مونکي سڃاتو ۽ قرب ۾ ڀاڪر پاتائين. کيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي ڳالهه ياد آئي جنهن کي دهرايائين. هونءَ آغا سليم به ڪنهن زماني ۾ ريڊيو اسٽيشن ڪراچي تي هوندو هو، جنهن سان پنهنجي دوستي نهايت قديم آهي. مان اڪثر ساڻس ملڻ اسٽيشن تي ويندو هيس. کل چرچي ۽ علمي ادبي ڳالهين ۾ وقت گذري ويندو هو، پر هن ڪڏهن اهڙي پيشڪش ڪانه ڪئي. ممتاز مونکي سلوڪ ۾ بهتر نظر آيو. هن منهنجي تقرير نشر ڪرائي تنهنڪري گهڻو ڪري هڪ ڀيرو سندس اسٽيشن تي ويندو آهيان، جنهن جو محرڪ نواز علي شوق هوندو آهي. هو نهايت مصروف ماڻهو آهي، ڪنهن وقت پنهنجي خيالن ۾ غرق هوندو آهي، تنهنڪري مان کيس فلاسافر سمجهندو آهيان. ساڻس گستاخي جو رستو به ڪونه آهي تنهنڪري همت نه ٿيندي آهي ته پڇي سگهان. اهو منهنجو تاثر آهي غلط به ٿي سگهي ٿو.
ٽيون ممتاز، ممتاز مهر آهي. منهنجي تاثر جو عنوان آهي، هو هڪ پراسرار شخصيت جو مالڪ آهي هو هڪ همه گير ۽ دلچسپ شخص به آهي. هو هڪ اديب آهي ۽ ادب جو پارکو آهي، تنهنڪري هو تنقيد به ڪندو آهي ۽ تبصرو به لکندو آهي، ڀايان ٿو منجهس ادبي شوق ۽ شعور برجستو آهي.
هڪڙي ننڍڙي قداور جوان جنهن جو رنگ ملاحت آميز هجي نه ڪارو هجي نه اڇو هجي، صرف مشڪندو هجي. جسم تي پينٽ ۽ قميص يا شرٽ هجيس ته سمجهيو اهو ماڻهو ممتاز مهر آهي. گهٽ ڳالهائڻ وارو جوان سوال پڇڻ ۾ ڀڙڄڻ کيس مهارت حاصل هجي. نهايت ڏکيا سوال پڇندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي به مجهائي وجهندو آهي ۽ مان خوبي ۽ خوش اسلوبي سان کانئس لنوائي ويندو آهيان، جنهن مان سندس تسلي ته نه ٿيندي آهي پر حضور شرمي ۾ هو غريب به هائو ڪندو آهي.
هونءَ ته ممتاز مهر 1963ع ۾ سکر جي اسلاميه ڪاليج ۾ بي اي ۾ پڙهندو هو. جيئن ته سنڌي شعبي سان منهنجو تعلق سڌو سنئون ڪونه هو، تنهنڪري هو عبدالمجيد ميمڻ صاحب وارن سان وڌيڪ گهائل مائل هوندو هو ۽ کيس مان نه سڃاڻيندو هوس. تن ڏينهن ۾ سندس مراسم شيخ اياز سان عقيدتمندانه هوندا هئا. مان ۽ منهنجي دوستن جا شيخ اياز صاحب سان مراسم ڪشيده ڪار هوندا هئا. اياز جا سنگتي مون منجهان بيزار هوندا هئا.
ان وقت اياز جي شاعري اسان جي تنقيد جو حدف هوندو هئي. ممتاز مهر بي اي پاس ڪري ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ ايم اي فلسفه ۾ پاس ڪري سکر ۾موٽي آيو. ممتاز سکر جو باشندو آهي. سندس والد مرحوم محمد سليمان مهر ڪنهن وقت ۾ سکر ۾ ائنٽي ڪرپشن پوليس جو انسپيڪٽر هوندو هو نهايت برجستو، وضعدار، هوشيار ۽ ديانتدار آفيسر هو. ڪنهن به وڏي آفيسر جي پرواه نه ڪندو هو، مان به انهن ڏينهن سکر ميونسپالٽي ۾ چيف آفيسر هوندو هوس ۽ هو منهنجي ڪارگذاري کان بخوبي واقف هوندو هو ۽ منهنجي عزت ڪندو هو ۽ بابي سان به سندس ياراڻي هوندي هئي.
مون ڳالهه پئي ممتاز مهر جي ڪئي. ممتاز مهر يونيورسٽي کان موٽڻ بعد اياز صاحب جو خاص خليفو بڻجي پيو. نالو ته ممتاز جو مجيد صاحب ۽ نواز علي شوق کان ٻڌو هيم، پر کيس ڏسڻ ۾ سڃان جو اتفاق نه ٿيو هو. انهن ڏينهن ۾ اياز صاحب جي ڌوم ڌام هئي، ڪڏهن کيس شاهه ثاني سڏيو ويندو هو ڪڏهن عظيم شاعر.
ممتاز جا تعلقات ڊاڪٽر مجيد ميمڻ سان ساڳئي نموني هلندا رهيا. هڪڙي ڏينهن ساڻس ملاقات سنڌي شعبي ۾ ٿي. فلسفي ماڻهو آهي مشڪي ۽ ڪنڌ لوڏيندي واقف ٿيو. ممتاز فطرتاً گهٽ ڳالهائيندو آهي تنهنڪري کيس ڳالهائڻ جي نوبت گهٽ پيدا ٿيندي آهي.
ٻئي ٽئين ڏينهن تي هو مجيد صاحب سان گڏ مون وٽ هليو آيو بس پنهنجي عادت موجب ڪنڌ لوڏيندو رهيو ۽ مشڪندو رهيو هو، مجيد صاحب ۽ نواز علي علم ۽ ادب جي محفلن جو روح روان هوندو هو. ادبي محفلون سندن سرڪردگي ۾ منعقد ٿينديون رهيون، ڪڏهن ڊاڪٽر مصطفيٰ خان ته ڪڏهن پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ايندو رهيو. ممتاز مهر به اهڙين اديبي محفلن ۾ رضاڪارانه طور ڪم ڪندو رهيو.
1968ع ۾ مان ڪجهه اختلافن سبب ڪاليج جي ملازمت ڇڏي ڏني، پر مان ادبي ڪچهري کي قائم رکڻ لاءِ پنهنجي جاءِ تي ادبي محفلن جو انتظام رکيو. موڪل جي ڏينهن هر ڪو نوجوان اديب منهنجي گهر جي محفل ۾ شريڪ ٿيو. منهنجي نظرين وارا سڀ جوان ڪٺا ٿيندا هئا. ممتاز مهر، مجيد صاحب سان ايندو رهيو. اسان جي دوستن ۾ اردو دان طبقي جو حلقو نهايت وسيع هوندو هو، تنهنڪري اردو ۾ افسانا ۽ نظم به پڙهيا ويندا هئا ۽ هو ڪڏهن ڪڏهن تنقيد به ڪندو هو. سندس تنقيد جو شعور به نهايت پختو آهي، هو افساني يا نظم ٻڌڻ وقت پراسرار نموني ڪنڌ ڌوڻيندو آهي ۽ مشڪندو به آهي ۽ نهايت پيارو لڳندو آهي.
ممتاز مهر کي شايد سکر ۾ ملازمت ملي نه سگهي، هو انهي جستجو ۾ ڪراچي آيو. سندس سوالن جوابن جو سلسلو ساڳيو آهي، ڄڻ انٽرويو پيو وٺي.
(ممتاز مهر صاحب کان حاصل ڪيل مضمون)