شخصيتون ۽ خاڪا

سانگي ڪي ساريام

سنڌ ۾ خاڪا نويسي جي ڪتابن جي شروعات ڪندڙ شيخ  عبدالرزاق راز ھيو. سندس ڪتاب ”سانگي ڪي ساريام“ جو ھي ٻيو، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو آهي. پھرين ڇاپي ۾ صرف ڏھ خاڪا شامل هئا، پر هن ٻئي ڇاپي ۾ پنجويھ خاڪا ۽ ٻہ تحقيقي مضمون شامل آهن، جن سان شيخ راز جو سڌي ريت واسطو نہ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي خاڪا، راز صاحب جي ويجهن دوستن تي لکيل آهن، جن کي هن ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سندن سٺين خوبين  ۽ خامين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ انھن کي پنھنجي انداز سان چِٽيو اٿس. 

Title Cover of book سانگي ڪي ساريام

مولانا عبيدالله سنڌي

هو سڄا سارا پنجويهه ورهيه وطن کان پري رهيو. هو اسلام جو پرانو ۽ ملت اسلاميه جي اتحاد جو زبردست حامي هو. هو جنهن تحريڪ جو نعرو بلند ڪري اٿيو هو ۽ جنهن مقصد لاءِ هن انيڪ قربانيون پيش ڪيون، ان کي ناڪام ٿيندو ڏسي هو دل برداشته ٿيو سندس دل تي هڪ اونهو گهاءُ رهجي ويو هو. هو ايشيا جو عظيم رهنما هو. سندس طبيعت قلندرانه ۽ هلت چلت فقيرانه هئي.
مولانا عبيدالله سنڌي جو نالو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نهايت احترام سان ورتو ويندو آهي. مون ننڍپڻ کان سندس نالو ٻڌو هو ۽ آغاز جواني تائين سندس ذڪر ٻڌندو رهيس. مولانا کي فرنگي حڪومت برصغير کان جلاوطن ڪيو هو تنهنڪري جوانيءَ جي وقت تائين نه کيس ڏسڻ جو ۽ نه وري کيس ٻڌڻ جو وجهه مليو. هو خلافت تحريڪ جو حامي هو ۽ پنهنجي نظريي ۾ شدت پسند هو.
سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي واڳ سنڌ جي عظيم ۽ معزز بزرگ مولانا تاج محمد امروٽي جي هٿ ۾ هئي. مولانا امروٽي هڪ عالم دين ۽ سنڌين جو روحاني رهبر ۽ پير طريقت هو. سندس تبليغ سنڌ جي مسلمانن ۾ جهاد جو جنون پيدا ڪيو ۽ ان ڪري ئي سنڌ جي مسلمانن فرنگي سامراج جي خلاف قدم کنيو ۽ هندستان مان مسلمانن هجرت ڪرڻ شروع ڪئي. ان تحريڪ ۾ سنڌ جو اهم ڪردار آهي.
مولانا سنڌي جيئن ته مولانا امروٽي جو خاص معتقد هو ۽ هو پنهنجي پيشوا جي هر حڪم جي تعميل ڪرڻ پنهنجي لاءِ باعث سعادت سمجهندو هو. ساڳئي نموني ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ جا وڏا ليڊر حضرت امروٽي کي انتهائي قدر و منزلت جي نگاه سان ڏسندا هئا. حضرت امروٽي جي فتويٰ موجب برٽش انڊيا انگريزي سامراج ڪري دارالحرب بڻجي چڪو هو جتي مسلمانن جي رهڻ جي ڪا گنجائش ڪانه هئي. حڪم ٿيو ته مسلمان انگريزي حڪومت ڇڏي پنهنجي پاڙيسري مسلم رياست افغانستان ۾ پناهه وٺن ۽ افغانين جي مدد سان پنهنجي فوج تيار ڪري پنهنجي وطن کي انگريزي تسلط کان آزاد ڪرائن. ان متعلق افغان حڪومت سان ڳالهيون طئه ٿي چڪيون هيون.
مولانا سنڌي پهريون شخص هو جنهن هجرت ڪئي ۽ ان کانپوءِ سنڌ جا هزارين مسلمان افغانستان روانا ٿيا، انگريز اهڙي صورت حال کان نهايت متاثر ٿيا. جنهن ڪري هنن حڪمت عملي کان ڪم وٺي افغان حڪومت جي آزادي کي تسليم ڪيو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو افغانن برصغير جي مهاجرن سان بي مروتي جو سلوڪ اختيار ڪيو. مسلمانن مهاجرن جي پهرين قافلي جو سالا رئيس جان محمد جوڻيجو هو هڪ اعليٰ تعليم يافته، مخلص ۽ جوشيلو مسلمان هو. افغانن سنڌين جي ڪا مدد ڪانه ڪئي جنهنڪري لاچار نهايت ڏتڙيل حالت ۾ وطن وريا ۽ سندن خواب جي تعبير ٿي نه سگهي. مولانا سنڌي ڪابل کان روس روانو ٿيو جتان هو ترڪي ويو ۽ آخر ۾ حجاز ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
مولانا سنڌي جي خلوص، صداقت ۽ اسلام جي بي لوث خدمت کان ڪير انڪار ڪري سگهندو. هن اسلام پسند ڪري پنهنجي اَبائي مذهب ترڪ ڪيو هو. هن اسلام جي خاطر پنهنجي مهربان ماءُ کي ڇڏي ڏنو ۽ آخر ۾ اسلام جي نالي ۾ هن وطن کي خيرباد ڪيو. اهي سڀ قربانيون هن اسلام جي خاطر ڪيون. هو غريب الوطني جي حالت ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۽ ٻئي کان ٽئين ملڪ ڦرندو رهيو هو مسلمانن جي اتحاد ۽ اسلام جي عروج جي تلاش ۾ رهيو.
بمبئي کان سنڌ جي آزادي کانپوءِ سنڌ جي نئين حڪومت مولانا تان پابندي هٽائي ۽ مولانا 1939ع ۾ مڪه مڪرمه کان ڪراچي جي بندر تي لٿو.
مون مولانا کي غالباً 1942ع ۾ سکر ۾ ڏٺو. نه فقط کيس ڏٺم پر ان عظيم انسان کي غور سان ٻڌڻ جو موقعو به مليم. مان ان وقت ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. منهنجو دوست سيد شاهه محمد شاهه مولانا سنڌي جو وڏو مداح هو ان سان گڏجي مولانا مرحوم سان ڊاڪٽر محمد عمر جي اوطاق ۾ ملاقات ٿي. مان سندس شخصيت کان بيحد متاثر ٿيس. مولانا جوڙي جي کهرن ڪپڙن ۾ ملبوس هو. سندس ڪشاده پيشانيءَ تي سنجيدگيءَ جا آثار هئا جن ۾ ڄڻ ڪنهن رنج و الم جا نشان ويڙهيل هئا. مٿي جا اڇا ننڍڙا وار بيحد پيارا ٿي لڳا. سندس ڊگهي ۽ اڇي ڏاڙهي سندس عظيم شخصيت جي شاهدي ڏيئي رهي هئي. وضع قطع ۾ بيحد سادگي نظر آئي سندس گفتگو مان اهو اندازو لڳايو ويو جيئن ڪو شڪسته خورده زندگي کان هار کائي موٽيو هجي تنهنڪري هو هر ڪنهن کان بيزار ٿي ڏسڻ ۾ آيو. هو افغانن کان مدد حاصل ڪري نه سگهيو سندس هجرت تحريڪ ناڪام ٿي چڪي هئي. هو دنيا جي مسلمانن کي به هڪ مرڪز تي ڪٺو ڪري نه سگهيو. ترڪي سلطنت جو نالي ماتر اسلامي تصور به سندس اکين آڏو اوجهل ٿي چڪو هو. هو هندوءَ کي هندو سمجهڻ لڳو هندو جو ڪنهن به وقت مسلمان سان شريڪ غم ٿي نه ٿي سگهيو. هن جي نظر ۾ مسلمان پاڻ سان دغا ڪري رهيو هو. مسلمان مذهب کان بيگانو ٿي چڪو هو. جيڪو اسلامي تمدن سمجهيو ٿي ويو ان جو اسلام سان ڪنهن قسم جو واسطو ڪونه هو. ملان دولت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ بدعت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار هو.
مولانا سنڌي مرحوم جون ڪجهه اهڙي نموني جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳس. هن جي گفتگو ۾ خار ۽ ڪاوڙ ڏسڻ ۾ آئي ڄڻ هڪ هارايل انسان جو دل ڏاريندڙ ڳالهيون هيون. مولانا سرمايا داري نظام تي گفتگو ڪري رهيو هو ۽ جاگيردار طبقي کي برصغير جي غلامي جو جوابدار بڻائي رهيو هو. مولانا انصاف ۽ مساوات جي باري ۾ ڪيترا حوالا پيش ڪيا. هو واقعي علم جو سمنڊ هو. مولانا معاشري جي هر طبقي کان ناراض هو. مولانا جي جوشيلي گفتگو نهايت پر اثر هئي جنهن ۾ غصي، رنج ۽ طنز جا گڏيل سڏيل تاثرات موجود هئا. انهي ملاقات کانپوءِ مولانا ستت ئي گذاري ويو.
مولانا سنڌي دنيا جي انقلابي محرڪات ۽ مختلف تغيرات کي اکين سان ڏٺو. هن افغانن جي بي مروتيءَ کي ڏٺو. هن روس جي انقلاب کي ڏٺو ۽ نئين نظام کي چڱيءَ طرح جاچيو ۽ پرکيو. ترڪي ۾ وڏو انقلاب آيو مولانا ان کي ڏٺو. ترڪي کان پوءِ حجاز مقدس پهتو جتي ابن مسعود جي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي جتي هڪ خلاص اسلامي حڪومت جو بنياد پئجي چڪو هو. حجاز ۾ مولانا سياست کي ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ مڪي مڪرمه ۾ درس تدريس جي شغل ۾ مصروف هيو.
مولانا جي عظيم شخصيت منهنجي ذهن جي پردن تي نقش ٿي چڪي آهي هڪ ملاقات به ذهن تي اهڙي نموني اثر انداز آهي جا شايد سموري زندگي ياد رهندي. هو سچ پچ هڪ وڏو انسان هو. هو اجتماعي طور دنيا جي سڀني مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺي ڪرڻ جو متمني هو ليڪن سندس اهو مقدس خواب پورو نه ٿي سگهيو جنهن سندس صحت تي وڏو اثر ڪيو. الله کيس مغفرت ڪري. اهڙا انسان دنيا ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن.

(جهان- نو، سنڌڙي پبليڪيشن سکر، سيپٽمبر، 1973ع تان ورتل)