سيد عطا حسين شاهه موسوي هڪ اديب ، معلم ۽ عالم
مهمان نوازي جي حق ادا ڪرڻ ۾ شاهه صاحب جن نهايت انتها پسند هئا، مجال جو ڪو انڪار ڪري سگهي. کائڻ لاءِ هر شئي پنهنجي هٿ سان وڌائيندا هئا ان جي قدر وقيمت جي وضاحت ڪندا هئا ۽ ان جا فضائل بيان ڪندا هئا. اهڙي چوڄ مان ڏيندا هئا جو انڪار جي ڪا گنجائش نه رهندي هئي، موڪلائڻ کانپوءِ اوطاق جي ٻاهرئين دروازي تائين اماڻڻ ايندا هئا.
هونءَ ته اسان جي واقفيت گهڻي وقت کان هئي، ليڪن ٻيون ڀيرو شاهه صاحب جن ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي حيثيت ۾ منهنجي آفيس ۾ آيا تڏهن مونکي کين ويجهڙائي کان جاچڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو. کين ميونسپل گرلس هاءِ اسڪول جو معائنو ڪرڻو هو. ڀانيان ٿو سال 54-1953ع جو زمانو هو، ڪجهه وقت ۾ اسڪول متعلق گفتگو هلي ان کانپوءِ گڏجي اسڪول ۾ آياسون، معائني جي وقت آءٌ به ساڻن گڏ رهيس، انسپيڪشن جي دوران شاهه صاحب هڪ دوست، همدرد ۽ رهبر ثابت ٿيو، آءٌ ۽ هيڊمسٽريس سندن ڪارڪردگيءَ ۽ حسن سلوڪ کان نهايت متاثر ٿياسون ۽ آءٌ دل ئي دل ۾سندن بلند اخلاقيءَ ۽ همدردانه رويي جو گرويده ٿي پيس. ان کانپوءِ جيتوڻيڪ اسان جي گفتگو فون تي ٿيندي رهي ليڪن منهنجي دل ۾ سندن عزت و احترام هر موقعي تي وڌندو رهيو، سندن گفتگو جي شگفتگي ۽ شائستگي دلپزير ۽ دل آويز پڻ هئي.
سال 57-1956ع ۾ مونکي ياد فرمايو ويو ۽ هڪ ميٽنگ ۾ منهنجي شرڪت ضروري سمجهي ويئي. پاڻ رٽائر ٿي چڪا هئا ۽ سائين عبدالحسين شاهه به پينشن تي آيو، هو، آءٌ به ان وقت سرڪاري نوڪري مان سبڪدوش ٿي سکر جي اسلاميه ڪاليج سان منسلڪ ٿي ويو هيس. مقرر وقت تي انهيءَ ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيس جنهن ۾ شاهه صاحبان کانسواءِ شهر جا ٻيا به معزيزين حاضر هئا. مختصر ڪارروائي کانپوءِ سکر ايڊيوڪيشن سوسائٽي جو بنياد رکيو ويو جنهن ۾ مونکي خزانچي منتخب ڪيو ويو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اورنٽيل ڪاليج جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻين ليڪچرارن سان گڏ شاهه صاحب جن پاڻ، سيد عبدالحسين شاهه صاحب جن پاڻ، ۽ مون اعزازي طور پاڙهڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ان کانپوءِ مونکي ڪاليج جو اعزازي وائس پرنسپل مقرر ڪيو ويو. سکر ۾ اسان جو ملاقاتيون نجي طور تعليمي مسائل جي سلسلي ۾ ٿينديون رهيون ۽ روهڙيءَ ۾ خالص ادبي ۽ علمي معاملات متعلق، ٻه سال کن ٿيا جو انهيءَ سوسائٽي جي سهاري هيٺ روهڙيءَ ۾ هڪ انٽرميڊئيٽ ڪاليج قائم ڪيو ويو، ليڪن اهي ٻئي خاموش طبع ۽ ڪم سوال بزرگ انهن ڪاليجن کي پنهنجي نجي ۽ خانگي وسائل سان هلائيندا رهيا ۽ ڪنهن جا به منت ڪش نه رهيا، سندن تعلقات سنڌ جي هر طبقي سان نهايت گهرا رهيا آهن، جنهن ڪري آءٌ کين مشورو ڏيندو رهيس ته ڪا ٻاهرئين مالي امداد حاصل ڪجي، جا ڪاليجن جي ڪارڪردگيءَ جي بهتريءَ ۾ معاون ۽ مدد گار بڻجي، ليڪن پاڻ هميشه کلي جواب ڏيندا هئا ته ”سائين! پاڻ کي هٿ ڊگهيڙڻ اچيئي ڪونه“ سندن بلند اخلاقيءَ جو ڪهڙو ذڪر ڪجي. منهنجي حيثيت عمر، علم، عهدي ۽ تجربي جي لحاظ کان کانئن گهڻو گهٽ هئي، ليڪن ڪڏهن به نالي سان نه سڏيائون ۽ هميشه اهڙي مٺڙي نموني ”سائين“ جو لفظ استعمال ڪندا هئا جنهن ادا ۽ انداز تان دنيا جون سڀ خوشيون قربان ڪري ڇڏجن، ان ”سائين“ جي لفظ ۾ ڪيترو نه خلوص، پيار، ميٺاج ۽ پنهنجائپ هوندي هئي، پوئين زماني ۾ ته فون تي خواه روبرو سوال ڪندا هئا ”سائين! ڪڏهن ٿي اوهان کي فرصت ملي. زور آور ويهو ته ڪو ڪم ڪريون.“ کين سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ تي ڪتاب مرتب ڪرڻ جو گهڻو خيال هو ۽ مونکي هميشه چوندا رهيا ته ترتيب جو ڪم شروع ڪجي ليڪن آءٌ هميشه وعدو فردا تي رکندو آيس ڄڻ مون کي يقين هو ته سائين اڃا گهڻو وقت زنده رهندو ۽ ڪنهن نه ڪنهن وقت صحبت باقيءَ جا فرائض سر انجام ڏنا ويندا، پر ”دنيا سرائي بوون وڃائي قرار نيست“ وارو معاملو ٿي پيو ۽ هڪ صحتمند عالم ڳالهائيندي ٻولهائيندي دنيا جي بي ثباتيءَ جو اقرار ڪري رمندو رهيو.
گذريل بورڊ جي امتحانن ۾ شاهه صاحب جن کي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ سپرنيٽنڊنٽ ۽ مونکي سپروائيزر مقرر ڪيو ويو، هفتو ڏهه ڏينهن ايتري قربت حاصل ٿي، جا زندگيءَ جو هڪ وڏو يادگار ٿي رهندي، سندن بلند ڪردار ۽ محبوب طبيعت مان زياده واقف ٿيس، امتحان جي ماتحت عملي سان سندن دوستانه ۽ همدردانه برتاءَ منهنجي دل ۾ سندس عظمت کي وڌيڪ بلند ڪيو. عام طور ڏٺو ويو آهي ته رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو پنهنجي نوڪريءَ جي ايامڪاريءَ جون ڪارڪردگيون نهايت شدومد سان بيان ڪري پنهنجي انا کي تسڪين ڏيندا آهن ۽ ڪنهن ڪارنامي کي دهرائڻ ۾ لطف حاصل ڪندا آهن، ليڪن جناب شاهه صاحب مرحوم ۾ اهڙي ڳالهه نظر نه آئي، هميشه علم و ادب جو ذڪر رهندو هو ڪڏهن قاني ۽ خاقاني ۽ ڪڏهن نظيري ۽ عرفي تي بحث ٿيندو رهيو ۽ کين فارسي جا ايترا اشعار ياد هئا، جن ۾ ڪن مقامي شاعرن جا به شعر هئا جن کي جيڪڏهن ڪٺن ڪجي ها ته هڪ سهڻو ۽ رنگين بياض بڻجي پوي ها.
سندن پنهنجي ننڍي ڀاءُ سائين سيد عبدالحسين شاهه سان ايتري ته والهانه محبت هئي جنهن کي محبت جي آخري حد چئجي ته غلط نه ٿيندو، ننڍي ڀاءُ جو نالو ايتري محبت ۽ عزت سان کڻندا هئا جنهن جو مثال شايد ڪو ملي. هو هڪ مخلص دوست، همدرد بزرگ ۽ مشفق ڀاءُ هو جنهن جي دل ۾ انسانيت ۽ خلوص جو هڪ اٿاهه سمنڊ موجزن هو، آءٌ سمجهان ٿو ته اسان جي ماضي قريب جي نيڪوڪار بزرگن جي سٿ جو آخرين چراغ هو جو وسامي ويو ۽ چوڌاري اونده ٿي ويئي، محبت و عشق ۽ حيا و حجاب جي چمن جو پويون گل هو جو ڪومائجي ڪري پيو ۽ باغ ويران ڏسڻ ۾ آيو.
وفات کان هفتو کن اڳ منهنجي جاءِ تي فون ڪيائون ليڪن آءٌ ڪاليج ويل هيس، گهر واپس ورڻ تي اطلاع مليو ۽ مون کين روهڙي فون ڪيو، چيائون ”سائين! وساري ڇڏيو اٿو نه اچو نه وڃو، ڪيترن ڏينهن کان ڪچهري ڪانه ٿي آهي دل گهڻو ٿي تانگهي، ادا به هينئر چاڪ آهي صبح جي پهر ٻاهر نڪرندو آهي آچر صبح تي اچو ته چڱو ”مون ساڻن آخري واعدو ڪيو جو پڻ اتفاقاً وفا ٿي نه سگهيو ۽ آءٌ انهيءَ آچر تي ڀٽ شاهه جي ميلي جي سيمينار ۾ شريڪ ٿيس ۽ دل ۾ خيال ڪيم ته ٻئي آچر تي سائينءَ جن وٽ ضرور ويندس سڄو ڏينهن اتي گذاريندس ماني به وٽن کائيندس ليڪن سڀ داڻي پاڻيءَ جي اختيار آهي ۽ پره جا پيئاڪ ان کان اڳئي وڏي سفر تي هليا ويا ۽.
”کڻي آيا جام، اڄ اسان جي نجهري،
صبح جا پيئاڪ، ويٺي ٿين شام،
ڏيئي ڪو پيغام، موٽي هليا ماڳ تي. ( ”راز“)
(ماهوار نئين زندگي، سيپٽمبر 1966ع تان ورتل)