پروفيسر رام پنجواڻي
مون 1941ع ۾ فرسٽ ييئر ۾ داخلا ورتي هئي هو ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ سنڌي پڙهائيندو هو. پهرئين ڏينهن هن پنهنجي ڏيٺ ويٺ ڪرائي. ان کان پوءِ شاگردن نمبر وار پنهنجي واقفيت ڪرائي. هو بيحد دلچسپ ۽ زنده دل ٿي ڏٺو. ڪشادي پيشانيءَ تي وار پوئتي ورايل، اڇي رنگ جو گول منهن، وڏيون اکيون جن تي ڪاري فريم جو چشمو چڙهيل، سهڻو نڪ، گلابي چپ، کاڏي ڀريل، مطلب ته سڀين آرين پارين هو وڻندڙ صورت هو. قد ۽ بت ۾ پورو پنو ڳالهائڻ جو مٺڙو، ڳائڻ ۾ سريلو، شعر پڙهڻ ۾ سٻاجهڙو، اها سموري صورت حال مان پهرئين ڏينهن تي جاچي ورتي. پيرڊ گذرڻ کان پوءِ مون سمورن شاگردن کي سندس مداح ڏٺو. هڪ پيرڊ ۾ ئي هو شاگردن تي اڻ مٽجندڙ اثر ڇڏي هليو ويو. مان به سندس ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ لڳس. اهو هو پروفيسر رام پنجواڻي. جنهن ڪنهن زماني ۾ فلم ۾ به ڪم ڪيو هو. هو راڳداريءَ ڪري سنڌ ۾ مشهور شخصيت جو مالڪ هو. هو ائڪٽر مان ڦري استاد بڻيو هو تنهن ڪري فنون لطيفه جي مڙني مرحلن کان واقف هو. پهرئينءَ ملاقات ۾ ئي هو شاگردن جي دلين تي پنهنجي جاذب شخصيت جو ڌاڪو ڄمائي ويو. ٻن ڏينهن کانپوءِ هو وري پيرڊ وٺڻ آيو چيائين” جيڪي ڪجهه مون وٽ هو ان جي جهلڪ گذريل پيرڊ ۾ اوهان کي ڏيکاري اٿم هينئر ڏسندس ته اوهان ۾ ڪهڙي صلاحيت آهي. ان کان پوءِ نصابي ڪم شروع ڪبو“ سڀني يڪ زبان ٿي ” يس سر يس سر!“ چيو. هن مضمون لکڻ لاءِ هڪ موضوع تجويز ڪيو ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ناهين ويل ويهڻ جي“ ان کانپوءِ ٻه چار بيت پڙهيائين جن جي مناسبت موضوع سان هئي سڀني مضمون لکڻ شروع ڪيو ۽ پنجواڻي صاحب هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ڦيرا پائڻ لڳو. اسان سڀني تي امتحاني محويت طاري هئي. وقت پورو ٿيو سڀني کان پيپر ورتا ويا. پيرڊ ختم ٿي ويو هو جنهن ڪري پروفيسر صاحب جوابي پيپر پاڻ سان کڻي ڪلاس کان ٻاهر نڪري ويو. ٽئين ڏينهن تي ٽائيم ٽيبل موجب ڪلاس ۾ اچي پهتو. اسان کي به سندس پيرڊ جو بيچيني سان انتظار هو. منهنجو مضمون پهريون نمبر نڪتو. جيڪو هن ڪلاس ۾ پڙهي ٻڌايو. ڪلاس ۾ منهنجي اهميت وڌي ويئي ۽ اهو ئي سبب هو جو ڪاليج ۾ منهنجي دوستن جو حلقو وسيع هو . ان کانسواءِ پنجواڻي صاحب جي مون سا دلچسپي ڏسي هر ڪو منهنجي ويجهو اچڻ لڳو. اسان جون ثقافتي سرگرميون وڌڻ لڳيون. مون ڊرامو لکيو جنهن جي ريهرسل شروع ٿي. منهنجي ريس تي پنجواڻي صاحب به ”پکي ۽ پدمڻي“ ۽ ”مومل راڻو“ ڊراما لکيا. مومل راڻو فريئر هال ۾ اسٽيج ڪيو ويو جو نهايت ڪامياب ثابت ٿيو. مصنف جي بيحد حوصله افزائي ٿي. مڪالمن وغيره تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. مان اڪثر سندس جاءِ تي ويندو هوس هو وڏي قربداري سان خاطرداري ڪندو هو.
انٽر جو امتحان ڏنوسي، مان ويڪيشن ۾ سکر هوس. هڪ ڏينهن اوچتو مهنجو هڪ دوست اچي مون وٽ پهتو. کيس پنجواڻي صاحب ۾ ڪم هو. هو نواب شاهه کان آيل هو. يار به يارن جهڙو هو هينئر وڏو ماڻهو آهي تنهنڪري پنهنجو ملڻ نه ٿيندو آهي. سنگت ۾ ڪنڌ به ڪڍائي نه سگهيس ڪم به ڏکيرو ۽ پيچيدو هو. استاد سان اهڙي نموني حجت رکڻ ڏکي ته ڏاڍي لڳم پر ”همه ياران به دوزخ“ جي مصداق ساڻس گڏجي لاڙڪاڻي روانو ٿيس. منجهند جي وقت لاڙڪاڻي اسٽيشن تي پهتاسي. پڇا ڪندا پنجواڻي صاحب جو گهر ڳولهي لڌوسي. پنجواڻي پنهنجي اوطاق ۾ آرامي هو. گرمين جو زمانو هو. ڪانوَ جي اک ٿي نڪتي. ڪڙو کڙڪايوسي. استاد اکيون مهٽيندي اچي دروازو کوليو مون کي بيگاه وقت ڏسي تعجب ۾ پئجي ويو. وڏي قرب مان ڀاڪر پائي مليو. اسان کي وهاري پاڻ هڪدم اندر ويو. جهٽ پلڪ ۾ موٽي آيو. ور ور ڪري خوش خير عافيت ڪيائين. هو سچ پچ حيرت ۾ هو ته اسان تي ڪهڙي مصيبت پئي هئي جو ڪمهلي سمي لاڙڪاڻي پهتا هئاسون مون کيس پوري روداد ٻڌائي. کلي چيائين ”ڀلي آيا نچ آيا منهنجون اکيون ٿڌيون. پر خط لکي موڪلين ها ته ڌر تتيءَ کان بچي پوين ها“ وري چيائين ”اهڙا ڪم ته يار! تنهنجا روز پون. هونءَ ته ٻن سالن ۾ ڪڏهن به نه آئين“ اهو سندس ظرف هو مان سندس ٿورائتو ٿيندو رهيس. مون ساڻس موڪلائڻ جو سعيو ڪيو ”اوهان آرامي هئا اسان اچي اوهان جي آرام ۾ خال وڌو آهي“ جواب ڏنائين”اهڙي ملاقات تان سوين آرام گهوري ڦٽو ڪجن“ ان وقت ماني آئي. اسان رڪ اسٽيشن تي ماني ۽ ڪباب کاڌو هئوسي تنهنڪري ضرورت ڪانه هئي. پر پنجواڻي صاحب کان جان ڇڏائڻ سولو ڪم نه هو. ساڍي پنجين بجي تائين هن ڪيتريون چيزون گهرائي اسان جي تواضع ڪئي نه کائڻ به ڄڻ سندس وضعداريءَ تي هڪ داغ هو. مٺائي، ميوو، آئسڪريم، ڪلفي، مطلب ته هن ڏهن آڱرين تي ڏهه ڏيئا ٻاري ڇڏيا. ڇهين بجي تيار ٿي هو اسان کي لاڙڪاڻي جي بازار ۽ باغ گهمائڻ هليو. رات رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ٻڌائين پر مون هٿ ٻڌي کانئس موڪل ورتي. هو گڏجي اسٽيشن تي آيو ۽ اسان ريل تي سوار ٿي روانو ٿياسي.
هن سکر اچڻ جو وعدو ڪيو هو. هو هر وئڪيشن ۾ سکر ايندو رهيو. ملڪ جي ورهاڱي تائين سندس اهڙو دستور رهيو. سندس اچڻ ڪري منهنجي ننڍڙي اوطاق ۾ رنگ لڳي ويندا هئا. شڪارپور کان شيخ اياز، نواب شاهه کان دريا خان جلباڻي، سنتو لعل لاڙڪاڻي کان، شاهه محمد شاهه پني کان، سڳن سکر ۾ موجود هوندو هو. مطلب ته سڀ يار ڪٺا ٿيندا هئاسي. رام پنجواڻي سان ڊگهي رهاڻ رهندي هئي مان راڳيندڙ ۽ طبلچين کي هٿ ڪندو هوس. سکر جا ڪيترا اميچوئر پڻ ڪٺا ٿيندا هئا. سڄو ڏينهن راڳ ۽ شعر جي محفل رهندي هئي. اهو ساليانو ڏينهن اسان جو يادگار بڻجي پوندو هو. پنجواڻي صاحب جي لاءِ مٽڪو هٿ ڪيو ويندو هو. رام مٽڪي تي ڳائيندو هو. پنجين بجي مهل بادامين جي ٿاڌل جو دور هلندو هو سڄي ڏينهن جا ٿڪ ڀڄي پوندا هئا.
توڙي پنجواڻي صاحب برجستو شاعر نه هو، پر منجهس تڪ بندي جو شعور پختو هو. هو سنگيت جي فن کان واقف هو جنهنڪري سندس مزاج ۾ رواني موجود هئي. هو روحاني طور بيوس ڏانهن مائل هو. پاڻ کي بيوس جو معتقد ۽ شاگرد سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو.
جڏهن اسان بي اي ۾ سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد رکيو، هن کي نائب صدر چونڊيوسي ڊاڪٽر گربخشاڻي سرڪل جو نالي ماتر پريزيڊنٽ هو. مان سرڪل جو جنرل سيڪريٽري هوندو هوس اسان جو سٻنڌ پاڻ وڌيڪ پختو ٿي پيو. هو اسان جو ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي هو. ڊي جي سنڌ ڪاليج جي تاريخ ۾ سنڌي ادب جي اها پهرئين تحريڪ هئي. ورنه اردو سوسائٽي ۽ گجراتي سوسائٽي ڪيترن سالن کان موجود هيون.
مون سان سندس محبت جو اهو عالم هو جو جيڪڏهن ڪنهن سال مان کيس چيو ته نئين چونڊ ۾ آءٌ اميدوار نه ٿيندس ته مون سان ڪاوڙجي ويندو هو تنهنڪري چار سال سانده ادبي سرڪل جو جنرل سيڪريٽري رهيس دوستن جو به اعتماد هو. گهڻو ڪري سنڌي سرڪل جا هندو ميمبر هوندا هئا جن سان منهنجا نهايت خوشگوار تعلقات هوندا هئا ڪي ته بلڪل ويجهو هوندا هئا جن جي گهرن ۾ منهنجي پرتپاڪ آجيان ٿيندي هئي. منجهن ڪنهن قسم جو تعصب ڪونه هو، لطيف جي نگريءَ جا ماڻهو گهڻو ڪري سٻاجهڙا سڄڻ هوندا آهن.
پروفيسر پنجواڻي جديد ادب جو به دلداده هوندو هو هن کي اردو جي معروف شاعرن فيض، مجاز، جوش ۽ اختر شيراني جا ڪيترائي اشعار برزبان ياد هوندا هئا. هو پنهنجي گهڙي جي وڄت جي سهاري علامه اقبال، جوش ۽ فيض جا اشعار ڳائيندو هو. سماجي مصروفيتن سبب جيتوڻيڪ هن کي نئين ادب جي مطالعي جو گهٽ وقت ملندو هو تڏهن به هو ايترو ذهين هو جو نئين ادب جي لاڙن ۽ رجحانن تي موثر ۽ مدلل تقرير ڪري سگهندو هو. هو ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻي ۾ به ڪنهن وقت اچي ويندو هو. اسان هفته ۾ هر آچر تي سنڌي سرڪل طرفان ڪاليج جي هال ۾ شاهه جي ڪلام جي اڀياس جو ڪلاس شروع ڪيوسي. جنهن جي منڍ ۾ ولو، موهن يا رامواني نئين سر کي الاپيندا هئا ۽ شاهه جون وايون ڳائيندا هئا. اتي شاهه جا شائق گهڻي تعداد ۾ موجود هوندا هئا. رام پنجواڻي شاهه جا بيت سر سان پڙهي انهن جي سمجهاڻي ڏيندو هو. اها ٻن ڪلاڪن کن جي مجلس روح رهاڻ هوندي هئي. شيام، منشاراماڻي، ڊاڪٽر سدارنگاڻي وغيره ان ۾ شريڪ ٿيندا هئا، هن مجلس ۾ ڪاليج جي ڇوڪرين جو تعداد به چڱيرو هوندو هو. ٻئي چوٿين آچر تي اياز به اچي نڪرندو هو، هو اياز جا به انقلابي گيت سر سان ڳائيندو هو. اهي پر لطف ڏينهن لنگهي ويا ڄن زندگيءَ جي خوشگوار لمحن جو هڪ باب ختم ٿي ويو. بس هينئر ته يادگيرين جو حال اهڙو آهي جو ڪنهن گهڙيءَ به منهنجي جان نه ٿيون ڇڏين. (نومبر 1971ع)
(”سانگي ڪي ساريام“ جي پهرين ڇاپي ۾ آيل)