رشيد احمد لاشاري
انهيءَ دور ۾ جن به نظم گو شاعرن جا نالا ادبي دنيا ۾ افق تي نمودار ٿيا، تن ۾ رشيد لاشاري جون ڪاوشون قابل تحسين آهن. اسان جي خيال موجب هن پنهنجي زندگي حصول علم و ادب جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
سنڌي شاعريءَ جي موجوده زماني تي جيڪڏهن نظر ڪجي ٿي ته انهيءَ شاعريءَ متعلق ڪيترائي مبهم ۽ منتشر خيال ذهن ۾ اچيو وڃن. شاعريءَ کي اسان جي ڪيترن دوستن ڪنهن شعبده بازيءَ جو حصو سمجهيو آهي. فن جو مطالعو ڪرڻ ته شايد ڪيترن جي دست رس کان ٻاهر هجي، پر فن تي نظر اڇلائڻ به هنن ڪو گناهه سمجهيو آهي. تنهنڪري شاعريءَ جي فن سان بسا اوقات هٿ چراند ڪئي ويئي آهي. ليڪن رشيد لاشاريءَ جيڪڏهن شاعريءَ کي پنهنجي جذبات جي اظهار جو ذريعو سمجهيو ته ان سان گڏ فن جي باريڪين کي ڪنهن به وقت نظر انداز نه ڪيو آهي. انهيءَ ڪري رشيد هڪ پخته مشق شاعر بڻجي پيو آهي.
گذر معاش جي تگ و دو ۾ رشيد ڪيترن ئي مشڪل مرحلن کي منهن ڏنو. معاش سان گڏ زندگي جي رسه ڪشيءَ ۾ هن مردانه وار مقابلو ڪيو. مفلوڪ حاليءَ سان گڏ بيماريءَ منجهس هڪ ياس انگيز ڪيفيت پيدا ڪئي، جنهن سندس دل جي اونهي داغ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.
عليل ۽ بي سهارا شاعر، توڪل جو ترهو ٻڌي، ظاهري مصائب سان زور آزمائي ڪندو رهيو. اهڙي قسم جا نقش ۽ جهلڪيون رشيد جي شاعريءَ ۾ جاءِ بجاءِ موجود آهن. جيئن دنيا جي سرد مهريءَ تي، دل مان هڪ آهه نڪري چيخ جي صورت اختيار ڪري.
رشيد، شاعريءَ جي هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ڪري سنڌي شاعريءَ کي سندس طفيل هڪ وڏو ذخيرو حاصل ٿيو آهي. جيتوڻيڪ بعض اوقات سندس بسيار گوئي دل تي هڪ وڏو بار بڻجيو پوي ٿي. پر سندس محنت و مشقت جي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هو ڪنهن وقت قنوطيت جي اوڙاهه ۾ ڦاسي پوي ٿو ۽ ڪنهن وقت روشن منزل جي طرف گامزن رهي ٿو.
شاعريءَ ۾ سندس قصيده خواني، پراڻي فارسي درٻاري شاعريءَ جو عڪس پيدا ڪري ٿي. سندس بيتن ۾ جامعيت آهي. جنهن سان ڪنهن ڀرپور احساس جي نشاندهي ٿي سگهي ٿي. سندس ڪافين ۾ رس ۽ رچاءُ آهي. غنائي شاعريءَ ۾ رشيد گهڻي قدر سنجيده واقع ٿيو آهي ۽ مٿس روايت جو گهڻو اثر ڏسجي ٿو، تنهن هوندي به هو ماضيءَ ۾ گم ٿي نٿو وڃي.
اردو ۽ فارسيءَ جي غزل گو شاعرن جا فرسوده تصورات ۽ بي روح خيالات سنڌي زبان جو ويس ڍڪي اسان جي سامهون اچن ٿا، جن ۾ حقيقت پسنديءَ جو فقدان آهي، تاهم رشيد پنهنجي سعي و ڪوشش سان غزليات جي وڏي حصي ۾ جديد نظريات کي پيش نظر رکيو آهي. جنهن ڪري سندس غزلن ۾ رنگيني ۽ روانيءَ سان گڏ بيساختگي پيدا ٿي آهي. سندس دل جي آواز ڪيترين دلين کي مسحور بڻايو آهي. منجهس دلڪشي جو ڀرپور تصور نظر اچي ٿو.
رشيد، نظم جي صنف ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. زندگي جي ”نشيب و فراز“ جون مختلف تصويرون سندس نظم ۾ روان دوان نظر اچن ٿيون ۽ هو پنهنجي نظم ۾ زنده ۽ باشعور شخصيت جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هن معاشري جو چڱيءَ طرح معائنو ڪيو آهي، ۽ معاشري جي هر ناسور جي علاج جو متلاشي آهي، ليڪن کيس ڪو علاج نظر نٿو اچي ۽ ناسور پنهنجي جاءِ تي قائم آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ رشيد ڪيترن جديد مسائل کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي، جن ۾ حب الوطني جو تصور ايترو ڪار فرما آهي جو سندس سموري شاعري ٿي ڇانئجي ويو آهي. ”وطن جو غازي“، ”سنڌ جا سورهيه“ ۽ ”نئون عهد“ اهڙا مثال آهن، جن کي ٻين ٻولين جي شاعريءَ جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.
هن کي پنهنجي وطن جي هر چيز درياهه، جبل، بيابان ۽ برسات وغيره سان والهانه محبت آهي. نظم جي مرڪزي خيال جي ارتقا لاءِ رشيد ۾ نظام جي تسلسل قائم رکڻ جو برجستو شعور آهي. انهيءَ ڪري هن جي شاعري فني ۽ فڪري لحاظ کان سڀني نظم گو شاعرن کان مختلف نظر اچي ٿي. ڪنهن نقطه نظر کي پيش ڪرڻ جو هن ۾ اعليٰ سليقو آهي. ”عيد آئي“ ۽ ”مفلس اديب“ معاشرتي نظام تي هڪ ڀرپور چوٽ آهي. جن ۾ سماج جي ڪمزورين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
جيتوڻيڪ رشيد ۾ رومانيت گهٽ نظر اچي ٿي، پر منجهس روماني شاعري ڪرڻ جو هڪ انداز موجود آهي. رشيد ڪيترائي غزل لکيا آهن، جن ۾ جمالياتي جهلڪيون جاءِ بجاءِ نظر اچن ٿيون. جيئن ته رشيد ۾ فني شعور بدرجه اتم آهي. تنهن ڪري هو هر فن موليٰ بڻجي پيو آهي. هن سنڌي جي هر صنف شاعري جديد خواه قديم تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ فن تي جيترو رشيد کي عبور حاصل آهي، ايترو شايد ڪنهن ٻئي کي نه هجي. ورنه هن قحط الرجال جي زماني ۾ گهڻو ڪري هر ڪنهن وٽ فني شعور جو فقدان آهي. رشيد رجعت پسندي ۽ ترقي پسنديءَ جو جهڳڙو ئي مٽائي ڇڏيو آهي. انهن ٻنهي رجحانن جي وچ مان مصنوعي ديوار ڪڍي ٻنهي کي اهڙي نموني ملائي ڇڏيو اهي، جو روحانيت جو نظريو ماديت جي قريب اچي ويو آهي. جنهن سان تهذيب ۽ اخلاق کي اهميت حاصل ٿئي ٿي. اقتصادي ۽ سياسي بي چيني جو حل نظر اچي ٿو. زندگيءَ کان فراريت جي بدران زندگي سان مقابلي ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿئي ٿو ۽ جمالياتي ذوق کي تسڪين ملي ٿي.
رشيد کي سماج جي ناسورن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي، ليڪن هو پروپئگنڊا جو قائل نه آهي، ۽ سماجي انتشار ڦهلائڻ جي خلاف آهي. هن جو خدا هڪ رسول صه هڪ ۽ قرآن هڪ ۽ جو ڪجهه انهن جي بدولت حاصل ڪيو آهي ان تي سختي سان عمل ڪيو اٿس ۽ هي مجموعه ڪلام ان جي شهادت لاءِ هڪ وڏي دستاويزي سند آهي.
رشيد پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي هڪ واضح تصوير پيش ڪئي آهي ۽ ماحول جي چٽساليءَ تي وڏي محنت ڪئي آهي. هن سنڌ جي شخصيتن کي سهڻي ۽ صحيح نموني پيش ڪري، سندن نظرين جي وضاحت ڪندي، ثابت ڪيو آهي ته هن هاري ناري، مزدور، مفلوج ۽ مفلس سان همدردي ڪري انسان دوستي جو ثبوت پيش ڪيو آهي.
رشيد، شديد بحراني ڪيفيت جي باوجود پنهنجي شخصيت جو ڀرپور نموني اظهار ڪيو آهي. هو ڪڏهن به شڪست قبول نٿو ڪري. سندس نظم دل ۾ اهڙو اثر پيدا ڪري ٿو، جو ديرپا آهي ۽ قاري شاعر سان هم رڪاب بڻجي، سندس هم سفر ٿيو پوي. منجهس ”خارجيت“ کان سواءِ ”داخليت“ جو عنصر به ڪافي حد تائين موجود رهي ٿو، جا سندس صداقت پسندي جو دليل آهي.
هو هر ڪنهن ننڍي ڳالهه کي، پنهنجي فنڪاري ۽ تجربي جي ذريعي بلند مقام تي پهچائي ٿو. هن ۾ قومي شعور موجود آهي. سندس دل تي اسلاف جي ڪارڪردگين جو هڪ واضح نقش چٽيل آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي صحيح رستي تان ڪڏهن به گمراهه نٿو ٿئي ۽ پنهنجي مطمع نظر کي پيش ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي حيل و حجت نٿو ڪري.
سندس شاعريءَ جي مجموعي مطالعي کان پوءِ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪڏهن ”غم دوران“، ”غم جانان“ جي مٿان غالب آهي ۽ ڪڏهن وري ”غم جانان“، ”غم دوران“ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.
رشيد جو هي مجموعو سنڌي ادب جو هڪ وڏو سرمايو ثابت ٿيندو ۽ اميد ته شاعر جي نيڪ ڪوششن جو هر سنڌي اعتراف ڪندو رهندو.
(رشيد احمد لاشاريءَ جي ڪتاب لڙڪ ۽ مرڪ تان ورتل)